شيخ عبدالحليم ’جوش‘
=
جو اسيرِ زلفِ پيچان ٿي ويو،
زلف وانگر ئي پريشان ٿي ويو.
دل جو ارمان تنهنجو پيڪان ٿي ويو،
تنهنجو پيڪان ڄڻ رگِ جان ٿي ويو.
منهنجي آکيري ۾ ٿي وئي روشني،
برق جو مون تي هي احسان ٿي ويو.
ميڪدي بابت نه چئه ڪجهه، واعظا،
جو هتي آيو سو انسان ٿي ويو.
پختگيءَ سان ڪفر تي قائم رهِي،
دم ڏنو جنهن، اهلِ ايمان ٿي ويو.
’جوش‘، جنهن جي عمر گذري ڪفر ۾،
آخري ساعت مسلمان ٿي ويو.
’تنوير‘ عباسي
=
ناسي اکڙين وارا ماڻهو، سنهڙن چپڙن وارا ماڻهو،
منهنجي حياتي، منهنجو جياپو، منهنجي خوشي، تو پارا ماڻهو!
جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها، هيءَ حياتي ڪيئن گذري ها،
جي نه ملن ها هن دنيا ۾ تو پارا ڪي پيارا ماڻهو!
ماڻهو ماڻهن جهڙا، پرڪي ڪنهن لئه ڪهڙا، ڪنهن لئه ڪهڙا،
گلڙن جهڙا، يا چنڊ جهڙا، سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو.
تنهنجن ٽهڪن جي ٽڙندڙ گلڙن جا هار ڳچيءَ پائيندا،
جي هارائي ايندا تو وٽ، دنيا کان دکيارا ماڻهو.
مخدوم امين ’فهيم‘
=
تعلق آهي اهڙو ئي نظر جو ناز وارن سان،
ٿئي ٿو ربط جهڙيءَ طرح لهرن جو ڪنارن سان.
ڪڏهن هيئن ڪونه ٿيو آهي جو گل دامن ۾ اٽڪي پَئي،
مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.
شبِ فرقت ۾ هي رُئندا رهيا، هُو تڙپندا رهيا،
ڪئي رشڪِ قمر ڪهڙي نه تارن ۽ ستارن سان.
نه گل ۾ بُو نه رنگيني، جي هوناهي ته ڪجهه ناهي،
طبيعت ڪئن لڳي آخر بهارن سان، نظارن سان.
عجب جهڙو ٿئي ٿو رشته تقدير دنيا ۾،
تعلق ٿئي خزان سان ٿو، محبت ٿئي بهارن سان.
گذاري رات ساري عاشقن بيگانگيءَ ۾ ئي،
نه ساقي آيو محفل ۾، نه اُڀريو چنڊ تارن سان.
گلِ خوشرنگ آخر پنهنجي فطرت تي ئي خوش ٿيندو،
اهو سوچي مان پنهنجو گهر سجايان ويٺو خارن سان.
ڪنڊن جي قرب تان صدقي، خزان ۾ پڻ جهليئون دامن،
اهي ئي وقتِ مشڪل ٿا نباهن درد وارن سان.
’فهيم‘، آهي محبّت جو اثر ميدانِ الفت ۾،
زمين جي خاڪ هوندي، گڏ رهون ٿا ماهپارن سان.
شبير ’هاتف‘
=
ساقي پيو ڏي ويههَ جون وٽيون ڀري ڀري،
ڪو آهه، جو پيو ٿو پِيئي ۽ ٺري ٺري.
مستن ڏي ڇو نهارين ٿو ڪرڙيون اکيون ڪري،
الله ڪري ته تون به اچين عشق جي اَري!
ويچارڙن جو هاڻ مڙئي بخت ٿو وري،
پاڻؤن پيارا آيا پکين پيرڙا ڀري.
ساٿي، سٻاجهڙن کي ٻڌائي وڃي سگهو،
ڪو تو کي ساري ساري اجهو هاڻ ٿو مري.
ساقي سندءِ نگاهِ مي گون کي ڇا ٿيو؟
ديوانو عقل جون ٿو اڃا ڳالهيون ڪري!
سهڻا، متان لڳي نه وڃئي ڊيل جي نظر،
منهنجا صباخرام، خدارا، هري هري!
اي چنڊ، تنهنجو يارَ جو ڪهڙو مقابلو،
اهڙي ڪا ڳالهه ڪر جو مڙئي ڪجهه وري سري.
خالي ڪو موٽندو آهي داتا جي در مٿان،
نادان! ڪانه ٿي ٺهي گهر گهر ذري ذري.
’هاتف‘ الائي ڪئن ٿو گذاري شبِ فراق،
سهڻن سوا اسان کي ته ساعت نٿي سري.
’تاج‘ بلوچ
=
جيڪڏهن ڪجهه ڪڇان، ته سودائي،
جي ڪريان ماٺ، ٻيڻي رسوائي
ڪک چُرڻ تي به دل ڏڪيو ٿي وڃي،
ڇا غضبناڪ آهه تنهائي!
حسن در در ٿو عشق کي ڳولي،
ظلم ٿي عشق جي مهانگائي!
دل جا ويرانا ٿي ويا آباد،
جنهن گهڙي گلرخن جي ياد آئي.
غمزده دل کي جيئن سڪون ملي،
ڳائڻا، ڳاءِ ’شاهه‘ جي وائي!
مون کان عهدِ وفا وٺين ڇو ٿو،
’تاج‘ تو جهڙو ناهه هرجائي.
سليم ڳاڙهوي
=
بادل، بوندون، بجليون، مينهن!
منهنجو نينهن، نرالو نينهن!
زلف پريشان، ان جي نگاهه،
ٻيلي اندر چيتو، شينهن!
سهڻي سهڻي ان جي صورت،
نرمل نرمل منهنجو نينهن.
برهه جي بازر،سر جو سودو،
راهه انهيءَ ۾ رڙهندا رينهن.
فرقت جو هي آهي فيض،
رنج ۾ رات، ڏکن ۾ ڏينهن.
درد جا داڻا سرس، ’سليم‘،
جنڊَ جدائيءَ جي ۾ پينهن.
محمد خان ’غني‘
=
جن ڪئي جيئري جدائي، تن جو خير،
بي سبب ڪئي، بيوفائي، تن جو خير.
عشق جي واديءَ ۾ جن آندو ڇڪي،
منهنجي همت آزمائي، تن جو خير.
بختِ خفته کي لڳائي ٺوڪرون،
اوج تي قسمت رسائي، تن جو خير.
هيئن ڪري بيگانگيءَ کي اختيار،
آشنائي جن وڃائي، تن جو خير.
صبر ساڃهه جي کڻي ويا، عقل و هوش،
جن ڪيو مون کي توائي، تن جو خير.
عشقِ صادق کان ٿئي مجبور حسن-
هيءَ حقيقت جن ٻڌائي، تن جو خير.
جن قدومِ حسن ۾ ڪيو تاج نذر،
جي ’غني‘ ڪن ٿا گدائي، تن جو خير.
نياز علي شاهه ’محسن‘
=
جيڪا دل درد آشنا ناهي،
همنشين! سا ته چيز ڪا ناهي.
تنهنجي دنيا ۾ هونئن ته سڀڪجهه آهه،
پر نه آهي، ته هڪ وفا ناهي.
حسرت و ياس ۽ غم و اونداهه،
منهنجي دنيا ۾ ڏس ته ڇا ناهي!
ڪو چوي مست، ڪو چوي چريو،
ڀل چون، مون کي ڪا گلا ناهي.
ها، سليقو هجي گذارڻ جو،
زندگي تلخ، او مٺا! ناهي.
اي خيالِ حبيب، زنده باد،
تنهنجي موجودگي به ڇا ناهي!
تون چوين ٿو ته خير، تنهنجي دل،
تنهنجو ’محسن‘ ته بيوفا ناهي.
حافظ محمد احسن
=
رخِ انور تان لهندو جي نقاب آهسته آهسته،
بدلجي ويندو رنگِ آفتاب آهسته آهسته.
جڏهن رشڪِ قمر رخ تي وڌا زلفِ سيه واري،
ڇپي ڪڪرن ۾ ويو ڄڻ ماهتاب آهسته آهسته.
پَري رُو هاڻ منهنجي ڀر ۾ گاهي گاهي ويهي ٿو،
ٿي ويندو نيٺ دلبر بيحجاب آهسته آهسته.
وڃي مٽبي ٿي ڏينهون ڏينهن حالت ان جي الفت ۾،
وڃي وڌندو ٿو دل جو اضطراب آهسته آهسته.
نه ٿا نازان تون پنهنجي حسنِ روزافزون تي، اي سهڻا،
لنگهي ويندا هي ايامِ شباب آهسته آهسته.
سندم سينو بنيو آتشڪدو ان بت جي الفت ۾،
وڃي جلندي ٿي دل مثلِ ڪباب آهسته آهسته.
اگر مشقِ سخن جاري رهي اهڙِيءَ طرح، ’احسن‘،
سندم اشعار ٿيندا لاجواب آهسته آهسته.
’محبوب‘ سروري
=
مِٺن جون هي ملاتون، وري مشڪل سان هٿ اينديون،
هي پهرئين پيار جون راتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
عجيبن اڄ محبت جا وسايا مينهن بي موسم،
اِهي بوندون ۽ برساتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
سڏي بيساخته سڪ مان، اچي جيڪي سڄڻ سهڻي،
ڳرهاٽيون پيار جون پاتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
نگاهِ غير کان گوشو ڪري، جيڪي ٿي اٽڪل سان،
پرينءَپاتيون لڪي جهاتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
اڪيلائيءَ ۾ اڄ ويهي ڪيونسين قرب جون ڳالهيون،
سي لالڻ جون مٺيون لاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
حسينو! عاشقن جو قدر ڪريو، جو اوهان کي هي،
ڀِنل اکيون، ڇنل ڇاتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
صد افسوس، اي رقيبو، واٽ تي ئي هاڻ وڇڙو ٿا،
اوهان جون قرب ۾ ڪاتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
اي واعظ، ڇڏ کڻي، هي تنهنجو خطبو پو به پيو ٻڌبو،
مگر هي برهه جون باتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
هليو ’محبوب‘ وڃبو، الاّ الاّ، اوچتو ڪنهن دم،
نيون جن دوستيون لاتيون،وري مشڪل سان هٿ اينديون.
بشير مورياڻي
=
چمن چمن کي ڏٺو آ اداس اداس اسان،
نظر نظر کي ڏني آ حسين آس اسان.
متان هي پنهنجي محبت جو خاتمو نه هجي،
ٿيا نه آهيون گهڻي وقت کان اداس اسان.
اسان جي دم سان ئي آباد آهي شهرِ الم،
رهيا نه آهيون مسرّت جي آسپاس اسان.
نه تنهنجو غم، نه غمِ زندگي، نه فڪرِ جهان،
تڏهن به آهيون، خبر ناهي، ڇو اداس اسان.
ٿي پوري رات، ۽ خالي رهيو اسان جو جام،
ڪري سگهياسين نه ساقيءَ کي التماس اسان.
ڪڏهن ڪڏهن ته اوهان کان سوا قرار مليو،
ڪڏهن ٿياسين اوهان وٽ به محوِياس اسان.
خبر اٿئون ته اسان کان هو بيخبر آهي،
’بشير‘، ٿي نه سگهيا آهيون پر نراس اسان.
رشيد ’ارشد‘
=
تو سان جنهن غم جو رابطو ٿيندو،
معتبر غم فقط اهو ٿيندو.
بخت جا، دوستن جا، دنيا جا،
ڪر نه شڪوا، عبث گِلو ٿيندو.
صبر ڪر، اي گزيده شبِ غم!
سوجهرو ٿيندو، سوجهرو ٿيندو!
آشيانو جلي وڃي، ليڪن
حال ڇا گلستان جو ٿيندو؟
جلوه حسن آهي گام بگام،
حشر برپا اڃا به ڪو ٿيندو!
راهِ عشق و طلب ۾، اي ’ارشد‘،
تنهنجو همراهه ڪونه ڪو ٿيندو.
عبدالعزيز’بيدل‘
=
مون کي راحت کپي، قرار کپي،
دل کي آٿت، اي غمگسار کپي.
جيئن ته انسان ٿي گذاري سگهان،
مون کي ايڏو ته اختيار کپي!
نه کپي مون کي عشرتِ ڪونين،
پنهنجو ماحول خوشگوار کپي.
توکي هر شي تي اقتدار سهي،
مون کي خود تي ته اختيار کپي!
مان ڪٿي، ۽ ٿيو تنهنجو قرب ڪٿي،
نه نه، مون کي نه تنهنجو پيار کپي.
مان سڪون جي تلاش ۾ آهيان،
مون کي راحت کپي، قرار کپي.
شاعري راند ناهي ٻارن جي،
ان لئه جذبو کپي، ڄمار کپي.
غلام جلي کوکر، ’سوز‘
=
ٿئي جي آرزو پوري ته بهتر آ،
ڪري ڪا هو نظر نُوري ته بهتر آ.
وڃڻ ڌوپي سمورا داغ دل جا هي،
ٿئي جي دور رنجوري ته بهتر آ.
غمن کان گر ملي فرصت ذرا مون کي،
هجي جيڪر نه مجبوري ته بهتر آ.
ڏسي بس هڪ نظر مون کي صنم منهنجو،
ملي پو سيج يا سوري ته بهتر آ.
وڇوڙو ٿو وڍي دل کي ڪري ٽڪرا،
ختم جيڪر ٿئي دوري ته بهتر آ.
ڪريان ٿو آزيون ۽ التجائون مان،
هجي ڪائي نه معذوري ته بهتر آ.
جلائي جان منهنجي انتظاري ٿي،
ڏئي هو ڪائي منظوري ته بهتر آ.
’امداد‘ حسيني
=
دل تي ڪيڏا به زماني کان کڻي ظلم ٿين،
ڇا مجال آهه جو اکين ۾ ڪڏهن لڙڪ اچن!
دوستن کي به اگر پنهنجا ستم ياد هجن،
زندگيءَ تائين ڪڏهن ڪنڌ مٿي ڪونه کڻن.
هو سڀن ساڻ پيا خوب کليو ڳالهيون ڪن،
ڪاش، مون ڏي به نهارين، خبر چار پڇن!
رنج و آزارِ محبت جون دوائون نه ڪجن،
بخيبر، اهڙا خزانا ٿا نصيبن سان ملن.
هو ڏسو، ڪيئن نه اچڻ ساڻ ئي موٽي ٿا وڃن،
هي ڏسو، ڪيئن نه پيا ٻانهون ٻڌن، پيرين پون!
هر طرف حسن ئي حسن آهه، ۽ تنها نظرون،
دلِ بيتاب، چئه، ڪنهن کي ڏسي ڪنهن کي ڏسن؟
هڪ عجب طرح جي تڪليف ٿئي ٿي محسوس،
شل غريبن جي نگاهن سان نگاهون نه ملن!
نيٺ ڪنهن ڏينهن اچي پير اسان جا چمندا،
جيڪي منزل جا پتا پار پڇائيندا وتن.
دوستن کان ٻي ڀلا ڪهڙي توقع رکجي؟
صرف جنهن وقت ملن، صرف محبت سان ملن!
آءٌ مڃيان ٿو، کڻي منهنجو غزل ڪجهه ڪونهي،
ڇو ٻڌڻ وارا اڃا تائين پيا داد ڏين؟
دلِ برباد ۾ ڪنهن روي درخشان جو خيال،
ڄڻ ته صحرا ۾ پيا نُور جا قنديل ٻرن.
جرم آهي هتي اخلاص وفا جون ڳالهيون،
بند ’امداد‘ زبان رک، متان ماڻهو نه ٻڌن.
علي بخش ’رضا‘
=
اوهان جي حسن پئي آهي لڄايو ماهه تابان کي،
ڪريان صد بار صدقي تنهن مٿان خورشيد رخشان کي.
اوهان جي نرگسِ شهلا ڪيا ڪيئي ستم جادو،
ڪري ويا صيد آهُو کي، ڪيائون سُڃ بيابان کي.
جهليئه جي دام زلفن ۾ وجهي واسينگ جيئن ور ور،
برهمڻ ڀي ڇني، جي هو ڏسي زنار پيچان کي.
لب و دندان، جن بيقدر ڪيا ياقوت ۽ گوهر،
انهن جي ڪنهن طرح تشبيهه ڏيان هيري ۽ مرجان کي.
کلڻ، کائڻ، سمهڻ، وسري ويو يڪبارگي مون کي،
بنا ديدار دلبر جي ڪريان ڇا عيد رمضان کي.
ڪڏهن قربان قدم تان مان ڪندس سر ساهه، اي جاني،
ٽلڻ جنهن جي لڄايو آهه، ڏس، ڪبڪِ خرامان کي.
اسان جي جذبهء دل کي ڏسي محبوب فرمايو،
هزارين آفرين، تحسڀن، ’رضا‘ جهڙي سخندان کي.
’سوز‘ ٽکڙائي
=
ڪيم جيئن سيرِ گلشن، گلعذارن جو خيال آيو،
ڏٺم جيئن داغ دل وارا، بهارن جو خيال آيو.
وهيو ٿي چشمِ گريان سان جڏهين هي نير جو دريا،
ڏسي اشڪن سندو ساگر، ڪنارن جو خيال آيو.
نه هڪڙي آهه تنهنجي ماهرو حسرت، مگر ڪيئي،
بوقتِ نسزع عاشق کي هزارن جو خيال آيو.
هزارن کي نگاهن ساڻ تڙپائي ڇڏين ٿو، پر،
ڪڏهن، بيدرد، توکي درد وارن جو خيال آيو؟
نگاهون عرش تي جن جون غرورِ حسن کان آهن،
نه ڀلجي آهه تن کي خاڪسارن جو خيال آيو.
ڇٽي ويا هئا پراڻا زخم دل جا، پر ٿيا تازا،
انهن کي آهه شايد ناز وارن جو خيال آيو.
جنون صحر انورديءَ جو جڏهن مون کي ٿيو پيدا،
اتي مون کي وطن جي شاخسارن جو خيال آيو.
قسم تنهنجو، ڏٺم واسينگ کي جئن وَرَ وِڌائين ٿي،
اتي، اي يار، ڪارن تنهنجي وارن جو خيال آيو.
سڙي ٿي’سوز‘جي دل سوز ۽ سڪ ۾، سڄڻ سائين،
ڏٺم جيئن حال پنهنجو، سوز وارن جو خيال آيو.
غلام محمد ’گرامي‘
=
حريفِ آتشِ جان ٿي نه چشمِ تر، نه سهي،
دل و جگر ته رهيا گرم تر، ٻَهَر نه سهي.
خدا جو شڪر، غمِ ابن و آنۡ جو آهيان امين،
نه آهي پنهنجي مقدر ۾ سيم و زر، نه سهي.
نفس نفس، غمِ دوران جو، آهه حسنِ حيات،
نه آهه دامنِ گلچين ۾ برگ و بر، نه سهي.
قدم قدم تي هي دارو رسن، ٿيا ڪنهن کان؟
اوهان کان!خوب!اوهان کي مگر خبر نه سهي!
نظر نظر ۾ طلسماتِ فن جا نظارا،
جهانۡ پناهه! اوهان جي کڻي نظر نه سهي.
مسافر آهيون، نه منزل نه راهه ۽ نه سڪون،
اڃا وڌون پيا، ٿيو خضر همسفر نه سهي.
اي برق رو! ذرا ڏسجان هي آشيان برباد،
سندءِ به حصو ٿيو ڪجهه ڪجهه، تمام تر نه سهي.
زبانۡ سان مڃ ته قصور آه، ڪجهه تغافل آه،
چوي ٿو ڪير، تلافي تون ڪر، نه ڪر، نه سهي.
اسان ته ديرو حرم کان مٿي ڪيا سجدا،
ڪنهين جو در نه سهي، ۽ ڪو سنگ در نه سهي.
خموشي، نطق و بيان جي ڪئيسون مترادف،
اوهين ٻڌو ٿا، کڻي ان جو ڪو اثر نه سهي،
قريب آهيون، تصور ۾ ٿا رهون زنده،
اچون وڃون ٿا، بظاهر ڪو نامه بر نه سهي.
مشامِ جانۡ ته خيالات کي ٿي اخذ ڪري،
ڀري تون پيرَ، اسان کان نه ڪر گذر نه سهي.
مقدرات جا قائل رهون ٿا، ڇا به هجي،
جهانِ عشق ۾ پنهنجو ڪو چاره گر نه سهي.
وفا شناس رهون ٿا ۽ مطمئن آهيون،
ٿي بوالهوس نه قدم تي رکيوسون سَر، نه سهي.
وفا جو دم پيا ڀرينداسون، جيسين آهيون حيات،
ٻڌي، ٻڌي نه ٻڌي، آهَ، پُرۡ اثر نه سهي.
سخن شناس، سڪوت آشنا .ئي ٿيندو آه،
ادا شناس اڳيان ناهيون نوحه گر، نه سهي.
دل و نظر کان وساري سگهيو نه تنهنجي ياد،
نه ڪامرانۡ ٿو رهي، يارَ، حيله گر، نه سهي.
’گرامي‘، ڪو ته اشارات کي به سمجهي ٿو،
سخن شناس ڪو آهي، سڄو شَهر نه سهي. |