علم اللسان جي لحاظ کان
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو فڪر ۽ فن جي
لحاظ کان به مٿانهون درجو والاري ٿو، ته ٻوليءَ جي
نقطهء نگاهه کان به سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو ڀنڊار
آهي، ۽ سنڌي زبان جي سونهن ۽ سينگار آهي. مون شاهه
صاحب جي رسالي جو علم اللسان جي لحاظ کان مطالعو
ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ٻوليءَ جي علم جا به ڪيترائي
ڀاڱا ۽ پهلو آهي. هن صحبت ۾ فقط هڪ پهلو جي ڪجھ
قدر اپٽار ڪندس. جيڪڏهن زندگي رهي ۽ الله تعاليٰ
توفيق ڏني، ته ٻيا ڀاڱا به نکيڙي نروار ڪندو
رهندس.
سنڌي زبان جي هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته اڳياڙيون ۽
پڇاڙيون ڳنڍڻ سان نوان لفظ ٺاهيا ويندا آهن، مثلآ
’اَ‘ اڳياڙي ڳنڍڻ سان اروٽ، املھ ۽ اکٽ وغيره لفظ
ٺهن ٿا؛ ’ڪو‘ پڇاڙي ڳنڍڻ سان ڪنڀارڪو، لوهارڪو،
سونارڪو، جوڳنيڪو وغيره لفظ جڙن ٿا. هتي لفظ
اڳياڙيون ڳنڍڻ سان جيڪي لفظن جڙن ٿا، انهن جو
اڀياس شاهه جي رسالي جي حوالي سان پيش ڪريان ٿو.
سنڌي زبان جو دستور آهي ته بنيادي لفظ جي اڳيان
’اَ“ آڻڻ سان جيڪو لفظ جڙندو، اهو ’ن‘ جي معنيٰ
ڏيندو. شاهه صاحب جر رسالي ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ ملن
ٿا. انهن جو ڪجھ تفصيل پيش ڪجي ٿو.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
1-
”اڃا تون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَري“
(سر ڪوهياري، داستان 6، بيت 9)
اَ=نه+
واٽ، جنهن کي واٽ هٿ آيل نه هجي، يعني گمراهه.
هن سٽ ۾ شاهه صاحب ”اتور“ لفظ ڪتب آندو آهي:
2- ”آرياڻي اَتور، ڏٺم جت اکين سين“
(حسيني، داستان 3، بيت 7)
اَ=نه+
تور، جنهن سان برابري ٿي نه سگهي، بي مثل.
3- سڪ تنهنجي سپرين! اندر ۾ اَجهَل
(سر سهڻي، داستان 9، بيت 17)
اَجهَل=اَ=نه+
جهل- اڻ جهل، نه جهلڻ يا روڪڻ جهڙو.
آءُ آ سونهين، او سُنهان، پرين سدا پَرَ ڀون
اَسونهين=اَ=نه+
سونهين- اڻ سونهين، غير واقف.
هي لفظ ٻين بيتن ۾ به آيو آهي. سر يمن ڪلياڻ جي هڪ
بيت ۾ هن طرح آيو آهي:
”جي هو اوڳڻ ڪنئي، اَسونهين! ته تون ڳڻان ئي ڳنُ.“
5- ”ساجن ريءَ سرتيون، آتڻ ادورو“
هن مصرع ۾ ”اَدورو“ لفظ آيو آهي. مرزا قليچ بيگ جي
رسالي ۾ اهو لفظ ائين آيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽
شاهاڻي جي رسالن ۾ ”اَڌُرو“ لفظ آهي، پر ”اَڌُرو“
لفظ ٺهي نٿو، ڇاڪاڻ جو بيت جي قافيه وارا ٻيا لفظ
آهن: ”ڏورو“ ۽ ”نسورو“. انهيءَ ڪري ”اَڌورو“ قافيه
جي لحاظ کان صحيح نه ٿيندو، ”اَڌورو“ ئي صحيح نظر
اچي ٿو. هن لفظ جي سٽا ۽ معنيٰ به ائين آهي، جيئن
”ندورو“ جي: اَ=+
دورو- يعني نڀاڳو، ندورو. مرزا قليچ بيگ پنهنجي
ڪتاب ”سنڌي لغات قديمي“ ۾ ان جي معنيٰ اهائي ڏني
آهي، (ص 15).
6- مون کي مون پرين آميا آهين.
(حسيني، داستان 6، بيت 10)
اَميا=آ=نه+
ميا (مَئڻ مان)- اڻ ميا، بي انداز، بيشمار.
7- اَهکي جا اٺن کي، سامين پوءِ نه ماڪ
(حسيني، داستان 6، بيت 14)
اَهکي=ڏکي.
هن لفظ کي ”اوکو“ يا ”اوکي“ به اچاريو ويو آهي. هن
جو ضد آهي ”سوکو“ يا ”سولو“.
8. ڪيچ پهچبو ڪيئن، اهڙن اَٻاجهن سين
(حسيني، داستان 11، بيت 2)
اَٻاجهن=اَ=نه+
ٻاجهه- جن کي ٻاجھ نه هجي، بي درد، بي رحم.
9. اوڻت جا اَچار، ڪانڌ ڪنهين سين نه ڪري.
(ليلا چنيسر- داستان 1، بيت 9)
اوڻت=ا=نه+
وڻت (وڻن مان)- نه وڻڻ، اڻ بڻت، ناسازي.
10. اوڳڻ، عيب، مَٺائيون، ڍولا ڍڪ سڀني
(ليلا چنيسر- داستان 1، وائي)
اوڳڻ=اَ=نه+
عيب، برائي.
11. اچيو اچيو اڳلي، چئي ليلا کي لوڪ
(ليلا چنيسر- داستان 2، بيت 1)
اڳلي=اَ=نه+
ڳلي پائڻ جهڙي- جنهن کي ڳلي نه ڀانئجي؛ گندي،
ميري، ڀرسان نه بيهڻ جهڙي. هي لفظ ”اگلي“ به ڪري
اچاريو آهي.
12. آهين گهڻو اڄاڻ، مڇڻ پوري نه پئين
(ليلا چنيسر، داستان 2، بيت 16)
اڄاڻ=نه+
ڄاڻ=
بي سمجھ.
13. اصل اَواين جا، عيب ڍڪين تون اُت
(ليلا چنيسر- داستان 3، بيت 7)
اَواين=ا=نه+
وائي=
گفتگو، آواز، اهي جن کي ڳالهائڻ جي فضيلت نه هجي؛
نادان، بي عقل، بي سمجھ. هي لفظ سر يمن ڪلياڻ، سر
سسئي آبري، سر ديسي ۽ سر مومل راڻو ۾ آيو آهي.
14. اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم
(ڪلياڻ- داستان 1، بيت 5)
اوتڙ=
هتي ’اَ‘ جي بدران ’او‘ آيو آهي، پر معنيٰ ساڳي
آهي، يعني ”نه“. ”تڙ“ يعني اها جاءِ، جتان درياء
يا واهه پار ڪجي. معنيٰ ٿيندي: ابتو تڙ، ڏکيو
لنگهه يا تڙ، اوجهڙ.
15. اندر ايءَ اهنج، سانڍج سکائون ڪري
(ڪلياڻ- داستان 1، بيت 5)
اهنج=
ڏک، درد، سور.
16. اَگها اِنَ اهڃاڻ، پسو! سور سِجهائيا.
(يمن ڪلياڻ- داستان 2، بيت 3)
اگهو=
بيمار، ڏک وارو.
17. اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين
(يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 13)
اروٽ=اَ=نه+
روٽ=
پڪل ماني- ڪچي ماني، اڌ ڪچي، اڌ پڪي ماني.
18. بازي بازندن کي آهي اويسار
(يمن ڪلياڻ- داستان 5، بيت 1)
اَويسار=
اَ+ ويسار=
جيڪو وسري وڃي- نه وسرندڙ.
19. ڪوهه نه پوڄيو پوڄئين، اٺئي پهر الک
(يمن ڪلياڻ- داستان 5، بيت 34)
الک=ا=نه+
لک (لِکجڻَ مان)- اڻ لکو، جنهن جي لکا يا سُڌ نه
پوي، بي انتها بيچون- يعني ڌڻي تعاليٰ. هن لفظ ٻين
سرن ۾ آيو آهي، جهڙوڪ: سر رپ ۽ سر ڪارايل.
20. محب منجهين مَن ماھ، مون اَڄاڻنديءَ اُڄهيو.
(يمن ڪلياڻ- داستان 5، بيت 35)
اڄاڻندي=ا=+
ڄاڻ=
سمجھ- اڻ ڄاڻ، بي سمجھ، اٻوجھ.
اصل اَسارين جا، ستي ويڙا سيڻ.
(يمن ڪلياڻ، داستان 6، وائي 2)
اَسارين=اَ=نه+
سار=سنڀال-
ويسرين، غافل عورتن.
22. گهوڙيءَ هيٺ اَٻنگ، ڪاهيون پاکرئين هڻي.
(يمن ڪلياڻ- داستان 6، بيت 1)
اَيَنگُ=
بي پرواهه- آ=
نه+ ونگ.
’اَ‘ جو ضد ’سُ‘ آهي. جيڪڏهن بنيادي لفظ ۾ ’اَ‘ جي
بدران ’سُ‘ ايندو ته سٺي يا چڱي معنيٰ نڪرندي.
”واٽ“ جي اڳيان ’اَ‘ ايندي ته ’نه‘ معنيٰ نڪرندي،
پر جيڪڏهن ’س‘ ايندي، ته سٺي معنيٰ نڪرندي. يعني
”سُواٽ“ معنيٰ: سڻائي واٽ. اهي ٻئي لفظ يعني ضد،
شاهه صاحب هڪ ئي بيت ۾ هن طرح آندا آهن.
اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسَري؛
سونهين ٿي سُواٽ؛ ته منجھان دل دڳ لهين.
.اهکو“ يا اوکو معنيٰ ڏکيو. ان جو ضد لفظ آهن
”سهيو“ ۽ ”سکيو“. اِهي ٻئي لفظ شاهه صاحب هن طرح
آندا آهن:
سُهيو سکيو ڄندڙو، وڌءُ ڄيري ۾ ڄاڻي.
(سر حسيني- داستان 12، بيت 42)
اٻاجهن معنيٰ: بي رحم، ته ”سَٻاجها“ معنيٰ: رحم
وارو، ٻاجھ ڀريو. شاهه صاحب اهو لفظ به مختلف جاين
تي اندو آهي. هڪ هنڌ هن طرح آيو آهي.
تون ڪر پاڻ وڙان، موٽ سٻاجها سپرين.
(حسيني، داستان 11، بيت 16)
”اڄاڻ“ معنيٰ: بي سمجھ، ته سڄاڻ معنيٰ: ساڃاهه
واري. شاھ صاحب اهو لفظ هن طرح آندو آهي:
ڏاهي هيس ڏيهه ۾ سرتين منجھ سڄاڻ.
(ليلا چنيسر- داستان 2، بيت 5)
”سڄاڻ“ ۽ ”اڄاڻ“ ٻئي لفظ هڪ بيت ۾ هن طرح آيا آهن.
ليلا جم لکائيين، سو ڀي، ساڻ سڄاڻ،
آهيين گهڻو اڄاڻ، مڇڻ پوري نه پئين.
”اوتڙ“ معنيٰ: ڏکيوتڙ، ته ”ستڙ“ معنيٰ: سڻائو
لنگهه. شاهه صاحب اهي ٻئي هڪ ئي مصرع ۾ هن طرح
آندا آهن:
اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم.
”اوڳڻ“ معنيٰ: مدائي، ته وري ”سَڳُڻ“ معنيٰ: سٺي
يا گڻن واري، خصلتن واري.
شاهه صاحب اهو لفظ هن طرح آندو آهي:
جان جان رمز پروڙيم روءِ، ته سِرُ وٽ سرڪي سڳڻي.
(ڪلياڻ- داستان 2، بيت 20)
اَگهو معنيٰ: بيمار، ته سگهو معنيٰ: چڱو ڀلو،
صحتمند شاهه صاحب هو لفظ هن طرح آندو آهي.
”جي پندِ پاريائون، ته سِگهائي سگها ٿيا“.
(يمن ڪلياڻ- داستان 2، بيت 2)
”اگها“ ۽ ”سگها“ ٻئي لفظ هڪ مصرع ۾ هن طرح آندا
اٿس:
”اگهائي سگها ٿيا چي ويٺا وٽ ويڄن“.
(يمن ڪلياڻ- داستان 2، بيت 5)
”اَرهو“ معنيٰ: ڏکيو، ته ”سَرهو“ معنيٰ: خوش. شاهه
صاحب اهو هن ريت آندو آهي:
”سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سراڻ سين.“
(يمن ڪلياڻ- داستان 3، بيت 27)
انهن کان سواءِ ’سُ‘ اڳياڙي وارا ٻيا به ڪيترائي
لفظ شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملن ٿا. هڪڙو لفظ آهي:
”سچيت“، جيڪو ’س+چت مان بڻيو آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي: هوشيار، خبردار. اهو لفظ شاهه صاحب هن طرح
آندو آهي:
”گهوڙيءَ هيٿ سُچيتُ، ڪاهيو پاکرين هڻي“
جهڙيءَ طرح ’اَ‘ اڳياڙي اچڻ سان نئين لفظ مان
”نهڪر“ يا خراب جي معنيٰ نڪري ٿي، اهڙيءَ طرح ’ڪ‘
اڳياڙي آڻن سان فقط خراب واري معنيٰ نڪري ٿي. ان
کان سواءِ ٻيو به فرق آهي. اهو هي ته ’اَ‘ اڳياڙي
واري لفظ جي ضد واري لفظ ۾ ’سُ‘ اڳياڙي اچي ٿي؛ پر
’ڪُ‘ اڳياڙي واري لفظ ۾ گهڻو ڪري ڪابه اڳياڙي نه
ٿي اچي، پر ساڳيو لفظ سالم رهي ٿو. مثلاً ’اَ‘
اڳياڙي واري لفظ ’اوير/اويل‘ جي ضد ٿيندو
’سوير‘/سويل. هوڏانهن ’ڪ‘ اڳياڙي واري لفظ ”ڪُمهل“
جو ضد ٿيندو ”مهل“. اهڙيءَ طرح ماڻهو/ماڙهو جي
اڳيان ’ڪ‘ ايندو، ته معنيٰ ٿيندي خراب ماڻهو. اهو
لفظ شاهه ڪريم هن طرح آندو آهي:
”سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڙوئين“.
شاهه صاحب جي رسالي ۾ به ’ڪ‘ اڳياڙي وارا ڪيترائي
لفظ ملن ٿا. هڪ لفظ آهي؛ ويڄ، معنيٰ: حڪيم، طبيب.
ان جي ’ڪ‘ اچي ٿي، ته ”ڪُويڄ“ لفظ ٺهندو، جنهن جي
معنيٰ آهي: اڻ ڄاڻ حڪيم، نيم طبيب. شاهه صاحب اهو
لفظ هن طرح آندو آهي:
”ڪُٺيس ڪُويڄڻ، تنَ طبيب نه گڏيو.“
(يمن ڪلياڻ- داستان 2، بيت 16)
لفظ ”ڪَڌاتورو“ جي معنيٰ آهي: ناصالح، ڪُڍو، ڪميڻو
شاهه صاحب اهو لفظ هن ريت آندو آهي:
”ڪُڌاتورو ڪرهو، لڪئو لاڻي کاءِ.“
(کنڀات- داستان 2، بيت 18)
جيتوڻيڪ اڪثر لفظن ۾ ’ڪُ‘ اڳياڙيءَ واران لفظن ۾
ڪابه اڳياڙي ڪانه ٿي اچي، پر هن لفظ جي ضد واري
لفظ ۾ ’سُ‘ اڳياڙي اچي ٿي، ڇاڪاڻ جو هن جو ضد آهي:
”سُڌاتورو“ يعني با اخلاق، صالح، نيڪ. لفظ ”وَڙ“
جي معنيٰ آهي: ڍنگ، طريقو، هلت، ڀلائي، احسان،
عزت، لياقت. ان جي اڳيان ’ڪُ‘ ايندو، ته ٿيندو
”ڪوڙو“ معنيٰ: نالائق، بداخلاق، بي ڍنگو. شاهه
صاحب اهو لفظ هن ريت آندو آهي:
”وطن ٿيو وري، ڪُوڙن ڪانيرن جو.“
جهڙيءَ طرح ’اَ‘ اڳياڙي انڪار جي معنيٰ ڏئي ٿي،
اهڙيءَ طرح ’اَڻ‘ اڳياڙي اچڻ سان ساڳي معنيٰ نڪري
ٿي، جهڙوڪ: اڻ ٽر، اڻ لکو، اڻ هوند، اڻ مٽ اڻ ميو،
اڻکيل وغيره. انهن عام لفظن کان سواءِ شاهه صاحب
’اڻ‘ اڳياڙي وارا انوکا لفظ به آندا آهن. ”اڻاسو“
معنيٰ: بي نڪو، بي شرم، نرڄو، بي ننگو. اهو لفظ
شاهه صاحب هن طرح آندو آهي:
”غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪِنءَ، اڻاسي او جهرين؟“
(ڪوهياري- داستان 1، بيت 5)
شاهه صاحب ”اڻ توڻيو“ لفظ به آندو آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي: توڻ يا ثمر کان سواءِ.
”اڻ ڪي“ لفظ به آندو اٿس، جنهن جي معنيٰ آهي: نه
ڪيل. اهو هن طرح آيو آهي:
”اڻ ڪي عيان نه ٿئي، ڪي پروڙن ڪونه“
(يمن ڪلياڻ- داستان 8، بيت 6 ۽ 7)
”اڻکو“ معنيٰ ڪچو يا ضعيف به شاهه صاحب جي رسالي ۾
آيو آهي.
ڪن لفظن ۾ وري ’نه‘ اڳياڙي ايندي آهي ۽ ناڪار جي
معنيٰ ڏيکاريندي آهي. جهڙوڪ نڌر، ندوري، نڌان،
نڌيل، نرڀ، نرڀي، نرجا وغيره. شاهه صاحب جي رسالي
۾ به اهڙا ڪيترائي لفظ آيا آهن، جهڙوڪ:
1- اڌر، نڌر، اڀري، اسونهين آهيان.
هن ۾ ’ن‘ اڳياڙي وارو لفظ ”نڌر“ آيو آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي: نه+ اَڌار يعني: بي واهي، بي وسيلي،
بي زور. ان کان سواءِ ’اَ‘ اڳياڙي وارا لفظ ”اڌر“،
”اڀري“ ۽ ”اَسونهين“ به آيا آهن.
2- عشق نانگ نِپُٽُ، خبر کاڌن کي پوي.
نِپٽ=
بي لڄو.
3- جيڪس نِٻَرُ نيہ سندوم، جنءَ مون اڀي، هن
ٿيلئو.
(سامونڊي- داستان 1، بيت 22)
نٻر=
بي زور، ضعيف.
هن مصرع ۾ ”نٻر“ سان گڏ ”نست“ به آيو آهي، جنهن جي
معنيٰ به ساڳي آهي، يعني بي طاقت، ضعيف.
قمر! ڪهيج قريب کي نِستُ آءُ نِٻَرُ
(کنڀات- داستان 2، بيت 2)
’ڏُ‘ اڳياڙي به ڪن لفظن ۾ اچي ٿي، ۽ ’اَ‘، ’ڪُ‘ ۽
’نه‘ اڳياڙي وانگر نهڪر يا خراب واري معنيٰ ڏيکاري
ٿي. ”سُهاڳڻ، معنيٰ ور واري، ته ”ڏهاڳڻ“ معنيٰ:
جنهن کي ورهه ڪڍي ڇڏيو هجي، يا جنهن جو ”ور“ وارو
وڄائي هليو ويو هجي. شاھ صاحب اهو لفظ هن ريت آندو
آهي:
ڀري ويو ڀتار، آيءِ ڏنءُ ڏهاڳ جو“
(ليلا چنيسر- داستان 1، بيت2)
ٻئي هنڌ آندو اٿس:
ڏهاڳان سهاڳڻيون، ڪهڙي ڏوھ ڪنبن
(ليلا چنيسر- داستان 6، بيت 11)
ذڪر ڪيل اڳياڙين وارا ڪيترائي لفظ شاهه صاحب جي
رسالي ۾ ملن ٿا، جن مان ڪجھ مثال پيش ڪيا ويا آهن.
انهن کان سواءِ انگن وارا صرف به اڳياڙي طور اچي
نوان لفظ جوڙين ٿا، جهڙوڪ: لفظ ”هڪ“ اچڻ سان لفظ
جڙندا: هڪ- ڪرو، هيڪوڻو، هيڪڙو وغيره. شاهه صاحب
جي رسالي ۾ اهڙا لفظ ملن ٿا. ”هيڪڙو“ لفظ ته
ڪيترائي ڀيرا آيو آهي، ”هيڪار“ معنيٰ: هڪ وار، لفظ
هن طرح آيو آهي:
”حبيبن هيڪار، منجھان سڪ سڏ ڪئو.“
(ڪلياڻ- داستان 3، بيت 14)
اهڙيءَ طرح ’ٻه‘ اڳياڙي ٻه- چاپڙو، ٻيائي، ٻٽو،
ٻيڻو، ٻرنگو، ٻيڙو وغيره لفظ ٺهن ٿا. شاهه صاحب
ٻيائي لفظ ته ڪيترائي ڀيرا آندو آهي. لفظ ”ٻرنگو“
هن طرح آندو اٿس:
”چنيسر چؤرنگ، ٻه رنگو لوڪ ٻئو“
(ليلا چنيسر- داستان 1، بيت 4)
هن بيت ۾ ”چؤرنگ“ لفظ به آيو آهي، جيڪو چئن جي انگ
واري صرف ”چؤ“ اڳياڙي سان ٺهيو آهي. اهڙي طرح
’ٽي‘، ’پنج‘، ’ڇهه‘،’ست‘ ’اٺ‘، ’نو‘ ۽ ’ڏهه‘
اڳياڙي به اچي ٿي. ’پنج‘ اڳياڙيءَ وارو ”پنج ڪڻي“
معنيٰ: خيرات، بکيا، ان جي لپ رسالي
۾ آيو آهي.
علم اللسان جو هي هڪ پهلو آهي، جيڪو شاهه صاحب جي
رسالي جي حوالي سان هت پيش ڪيو ويو آهي. سو به
مختصر طور. اهڙا ڪيترائي پهلو آهن، جيڪي شاهه صاحب
جي رسالي ذريعي نکيڙي نروار ڪري سگهجن ٿا. اميد ته
ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪو ٻيو پهلو پيش ڪيو ويندو.
ٿر جي تاريخ جا چند اهم دستاويز
ترتيب: ڊاڪٽر مبارڪ علي
ترجمو: غلام محمد لاکو
]انگريزن
جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، جوڌپور جي راجا گهر ڪئي
ته ٿر جو پرڳڻو عمرڪوٽ سميت سندس حوالي ڪيو وڃي.
هن مسئلي متعلق سنڌ سرڪار، راجا جوڌپور ۽ برٽش
حڪومت جي درميان ٿيل لکپڙهه جو هتي پهريون ڀيرو
مڪمل سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو. هيءَ لکپڙھ سنڌ ۽ خاص
ڪري ٿر جي تاريخ جا چند اهم دستاويز آهن. هي مواد
ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب، عمرڪوٽ بابت پنهنجي طويل
پيپر جي آخر ۾ ضميمي طور شايع ڪيو آهي. اصل مقالو
سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي رسالي
”گراس روٽس“ ۾، جلد پنجين، شماري 1 ۽ 2، سال 1981ع
۾ شايع ٿيو هو.[
نمبر 444 سال 1843ع
آگرو، 17- اپريل 1843ع
جنرل
اڄ اوهان جا 27- مارچ کان 3- اپريل تائين جا لکيل
اٺ خط مليا. اطمينان ٿيو.
اوهان جو آخري خط عمرڪوٽ جي دستبرداريءَ ۽ اسان جي
فوج جي قبضي متعلق معلومات نه ٿو ڏئي. پر مون کي
وسهڻ جو جوڳو سبب آهي ته ڊيسا کان ڪافي ڏينهن اڳ
پهتل اطلاعن موجب، هي واقعو چوٿين تاريخ پيش آيو
هوندو.
مون کي پڪ آهي ته اسين جيپور، اجمير، جوڌپور، ٻاڙ
ميڙ ۽ عمرڪوٽ ذريعي، تمام جلد رابطو رکي سگهون ٿا،
پر جي آخري جاءِ اسان جي قبضي ۾ هجي. جوڌپور ڏي
ڪيپٽن ٽرينچ کي پڻ هن موضوع بابت لکيو ويو آهي.
عمرڪوٽ کي والارڻ لاءِ، جوڌپور جو راجا انتظار ۾
آهي، ڇو ته سندس دعوا موجب، چاليهه سال اڳ هي سندس
حدن ۾ شامل هو. مون کي عمرڪوٽ سندس حوالي ڪندي
خوشي ٿيندي، بشرطيڪ هو ٻن ڳالهين بابت ضمانت ڏئي:
هڪ ته هو هن تي مڪمل قبضو رکي سگهي، ۽ ٻيو ته هتان
آفيم جو لڪ چوري واپار نه ٿيندو. پوئين نقطي بابت
بمبئيءَ جي گورنر کي به لکيو ويو آهي.
(صحي)())))ح)
ايلنمبرو
گورنر جنرل هندستان[
نمبر 610 سال 1843ع
حيدرآباد 26- آگسٽ 1843ع
ڪپتان راٿبورن
ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ حيدرآباد
سائين، اوهين مون کي پنهنجي يا ميرن جي پراڻي
رڪارڊ مان هي ڏسي لکندا ته هاڻي سنڌ جون ڪهڙيون
زمينون عمرڪوٽ جي آس پاس ۾ آهن، يا وري اهي اڳ ۾
جوڌپور سان لاڳاپيل هيون.
صحيح- اي. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
نمبر 327 سال 1843ع
جوڌپور، 9- سيپٽمبر 1843ع
جناب ڪپتان برائون
ڪمشنر سنڌ حيدرآباد
سائين، مون کي، اوهان جي گذريل مهيني جي ٽيهين
تاريخ واري ليٽر نمبر 635 جي رسيد موڪليندي فخر
محسوس ٿو ٿئي، ۽ پڻ هي اطلاع ڏجي ٿو ته هن درٻار
جي صاحبن کي عرض ڪيو ويو آهي ته، اهي ماڻهن کي
ضروري دستاويزن سان گڏ عمرڪوٽ روانو ڪن ته جيئن
اتي سنڌ جي گورنر پاران مقرر ڪيل آفيسر سان ملي،
هو هن خطي جي حدبنديءَ لاءِ جانچ ۾ شامل ٿي سگهن.
2-
مون کي گذريل جون جي ٻي تاريخ، گورنر جنرل جي
سيڪريٽري پاران، رياست راجپوتانا لاءِ گورنر جنرل
جي ايجنٽ ڏي هڪ ليٽر نمبر 514، تاريخ 8- مئي، جي
هڪ ڪاپي موڪليندي گورنر صاحب سان رابطي جو موقعو
مليو هو. اُن ليٽر ۾ رياست جيسلمير، جوڌپور ۽ سنڌ
جي حدن تي امن امان قائم ڪرڻ سان گڏ، هي به ذڪر هو
ته جوڌپور کي عمرڪوٽ شهر ۽ قلعي کان سواءِ، باقي
ضلعي والارڻ جي اجازت آهي، جيڪي سندن وڏن جي قبضي
۾ هئا. جوڌپور جي راجا کي هڪ خط ذريعي، جيڪو هن
سان شامل آهي، اجازت ڏني وئي هئي ته هو علائقو
والاري.
3-
مارواڙ جا جٿا، اجازت جي انتظار ۾ آهن، ته جيئن هي
عمرڪوٽ جو ضلعو والاري سگهن.
4-
عمرڪوٽ جي اولاهين يا اوڀارين طرف جي جيڪا به ڄاڻ
ملندي، هڪدم رواني ڪئي ويندي.
صحيح- آءِ. لڊلو
پوليٽيڪل ايجنٽ جوڌپور
فورٽ وليم
نمبر 100، سال 1843ع
ڪراچي، 19- سيپٽمبر 1843ع
جناب آءِ. ٿامسن
سيڪريٽري حڪومت هند
سائين، مون کي هندستان جي گورنر جنرل جي خدمت ۾،
هڪ درخواست اصلي ۽ ترجمي جي صورت ۾ موڪليندي عزت
محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ عمرڪوٽ جي راڻي، ڇاڇري جي
اميرن ۽ ٻين ماڻهن، سابق ميرن حڪمرانن جي ظلمن جي
شڪايت سان گڏ، عمرڪوٽ کي جوڌپور جي حوالي ڪرڻ تي
به ڳڻتي ڏيکاري آهي.
صحيح- چارلس نيپيئر
19- سيپٽمبر 1843ع، ليٽر نمبر 100،
سان شامل درخواست
مهراج راڻو مولجي ۽ شام سنگ ڇاڇري جي مُکين ۽
چيلهار جي مُکين رڪي راج ۽ مهاسنگ جي درخواست 16-
سيپٽمبر 1843ع.
گهڻي عرصي کان عمرڪوٽ، ڀر وارو ملڪ ۽ ٿر اسان جي
وڏن جي قبضي ۾ هو. هيءُ ملڪ سٺ سال اڳ، ڪلهوڙن
اسان کان ورتو ۽ پوءِ جوڌپور جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ٽيهن سالن بعد ميرن وري قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ايندڙ
پنڌرهن سال اسان تان ڍل معاف هئي. بعد ۾ اميرن
ٽيڪس جي گهر ڪئي، جيئن ته اسان ۾ وڙهڻ جي طاقت نه
هئي، ان ڪري اسين ميرن کي ڍل ڏيڻ لاءِ راضي
ٿياسين. هنن ڍل ٻيءَ رعيت موجب وٺڻ چاهي ٿي، پر
ڪاردارن اسان کان ٺڳي ڪري وڌيڪ رقم پئي ورتي. هاڻي
درخواست ڪجي ٿي ته اسان کي پنهنجن وڏن واري زمين
واپس ڏياري وڃي. ٻروچن اسان جا کوٽايل کوھ به
ڦٻائي ڇڏيا هئا، پر طاقت نه هجڻ ڪري اسين چپ
رهياسين. هاڻي انصاف لاءِ درخواست ڪجي ٿي. رند ۽
کوسا اڄ به اسان کي ڦُري رهيا آهن. ڦُريل ملڪيت ۾
اٺ ۽ گهوڙا شامل آهن. اسان جي خواهش آهي ته اسين
جوڌپور جي ڪنهن راجا بجاءِ، برطانيه سرڪار جي راڄ
۾ رهون. جڏهن عمرڪوٽ جوڌپور جي قبضي ۾ هو، تڏهن
صرف قلعو سندس عمل دخل ۾ هو؛ باقي ملڪ اسان جي
حوالي هو، جيڪو هاڻي اسان کي واپس ڪيو وڃي.
اسين جڏهن ڪيپٽن جيڪسن ڏانهن پئي وياسين، تڏهن
ڊيسا کان ايندڙ فوج اسان تي حملو ڪيو. هن حملي ۾
ٽي ٺَڪر ۽ هڪ سونهون مري ويو ۽ ان سان گڏ اسان کان
115 رپيا به ڦرجي ويا. هيءَ رقم مري ويلن جي آهي.
ڪئپٽن جيڪسن جي اتساهه ڏيارڻ تي، اسين ملڪيت جي
بحاليءَ لاءِ درخواست ڏئي رهيا آهيون. موجوده
ڪاردار هڪ ظالم انسان آهي. هو اسان کان اناج جي
گهر ڪري ٿو، جيڪو اسان اڳ ۾ ئي ميرن کي ڏئي ڇڏيو
آهي.
(ترجمو) صحيح- ايڇ. ايس. پيلي، ليفٽيننٽ
فارسي ترجمان
نمبر 342
جوڌپور، 23- سيپٽمبر 1843ع
جناب ڪيپٽن برائون صاحب
مليٽري سيڪريٽري گورنر سنڌ حيدرآباد
سائين، اوهان جي گذريل مهيني جي ٽيهين تاريخ واري
ليٽر نمبر 635 جي حوالي سان ڪپتان ماليت ڏي موڪليل
ليٽر ۽ ان سان شامل پرزي جي هڪ ڪاپي اوهان جي
اطلاع لاءِ حاضر آهي، جنهن ۾ جوڌپور درٻار عمرڪوٽ
جي حدبندي متعلق اٿاريل نقطن بابت مدد گهري آهي.
صحيح- آءِ لڊلو
سياسي ايجنٽ
ڪاغذ نمبر 1، ليٽر نمبر 342، 23- سيپٽمبر 1843ع
نمبر 341
جوڌپور، 23- سيپٽمبر 1843ع
جناب ڪپتان ماليت
ڪمشنر عمرڪوٽ
سائين، ڪيپٽن برائون ڪمشنر سنڌ جي گذريل مهيني جي
ٽيهين تاريخ جي ليٽر نمبر 635 جي حوالي سان، آءٌ
هڪ نوٽ جي ڪاپي موڪليان ٿو، جيڪو اڄ ئي هن
ايجنسيءَ جي وڪيل پاران پهتو آهي. ان سان گڏ
عمرڪوٽ علائقي جو سرڪاري طرح تيار ڪيل نقشو به مان
سنگ چنداوت هٿان موڪلجي ٿو. هي سرحد تان ماڻهن کان
ان مسئلي تي معلومات گڏ ڪندو، جيڪا اوهان کي گهربل
آهي. موضوع تي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هيءُ مناسب
رستو ڏسجي ٿو، ڇو ته جنهن مسئلي بابت اوهين ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ گهرو ٿا، هن تختگاهه ۾ ٻيو ڪوبه وڌيڪ ڄاڻو
ڪونهي.
ڪيپٽن برائون جي اطلاع لاءِ پڻ، هڪ ڪاپي موڪلي
ويندي.
صحيح- آءِ. لڊلو
سياسي ايجنٽ
]هن
ليٽر سان شامل ڪاغذ نمبر 2، فارسي زبان ۾ هو، ان
ڪري اصل رڪارڊ ۾ ڇپجي نه سگهيو. سنڌيڪار.[
نمبر 368
جوڌپور، 14- آڪٽوبر 1843ع
جناب ڪيپٽن برائون
مليٽري سيڪريٽري گورنر سنڌ |