هيڪر رات جو مان حيدرآباد مان شڪوهيءَ سان گڏ
اوچتو نواب صاحب سان ملڻ لاءِ تاجپور ويس. اسان کي
زير تعمير بنگلي جي پٺيان ڪچيءَ جاءِ ۾ اندر وٺي
هليا. هڪ ڪوٺيءَ ۾ واڻ جي کٽ پيل هئي. نواب صاحب
ان تي آهليو پيو هو. پاسي ۾ هڪ پراڻيءَ ٽپائيءَ تي
هڪ ننڍو ٽي. وي. سيٽ ۽ ٻه- ٽي ڪرسيون پيون هيون.
اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اٿي ڀاڪر پائي مليو ۽
حال احوال ورتائين. سندس مٺيءَ مرڪ ۾ مقناطيسي ڪشش
هوندي هئي. هڪڙي ئي ديدار سان دوستن جا دک دور ڪري
ڇڏيندو هو. اسان اڃا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين جو
نوڪر سندس رات جي ماني کڻي آيو. جيڏي چاهه سان
اعليٰ درجي جا طعام کارائيندو هو، اوڏيءَ ئي سڪ
سان سرنهن جو ساڳ ۽ دال جي پيالي اڳتي وڌايائين،
ٽينءَ رڪيبيءَ ۾ شايد ڇولا هئا.
ٻئي دفعي نواب صاحب ۽ مان سندس موٽر ۾ تاجپور وڃي
رهيا هئاسون. رستي تي مون سنڌ جي هڪ وڏي ماڻهوءَ
جو ذڪر ڪيو ۽ نواب صاحب کي ٻڌايو ته سندس اثر بيشڪ
گهڻو آهي، پر مالي لحاظ کان سندس سالياني آمدني
ڏهن ٻارهن لکن کان وڌيڪ ڪانهي. اها ڳالهه ٻڌي نواب
صاحب چيو ته، ”بَش! ته سائين پوءِ ته پاڻ غريب ان
کان گهڻو وڌيڪ خوش آهيون.“
پئسو واقعي وڏي ڳالهه آهي. ناهي ته ماڻهو ويڳاڻو
آهي. پر جي ضرورت کان زائد آهي ته ماڻهوءَ کي مٿي
۾ ڀاڻ پيدا ٿو ڪري. حيرت آهي ته لکن سان هٿن ڌوئڻ
کان پوءِ به نواب صاحب جي فقيرانه سڀاءَ ۾ فرق نه
آيو. آسپاس جي زميندارن سان سندس قديمي لاڳاپا
هوندا هئا، خاص ڪري خانبهادر غلام حيدر وساڻ ۽
ٻيرانيءَ جي نواب ڄام ڪرم علي خان جو مون سان سڪ
سان ذڪر ڪندو هو. هڪ دفعي مون کي ڄام ڪرم علي خان
دعوت تي سندس ڳوٺ به وٺي هليو. دعوت ڇا هئي، شاهي
ضيافت هئي. ڏاڍو لطف آيو. سوچ ويچار بعد مون ائين
محسوس ڪيو ته نواب صاحب اميرن سان امير ۽ فقيرن
سان فقير هوندو هو. سنڌ جو زميندار پنهنجي
ڏاڍائيءَ جي داستانن ڪري مشهور آهي. هو خدا جي
غريب مخلوق کي اڇوت سمجھندو آهي. پر نواب صاحب جي
ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هو ته انسان ذات جو اعليٰ نمونو
هو. پاڻ ڪنهن کي گهٽ وڌ چوي، تنهن جو ته تصور به
نٿو ڪري سگهجي. سندس ڪي لڳ لاڳاپي وارا کيس ستائڻ
لاءِ دڙڪن جون ڪوڙيون چٺيون لکندا هئا ۽ پئسا طلب
ڪندا هئا. کيس خبر هوندي هئي ته اهي ڪير آهن، تاهم
ڪڏهن انهن جي خلاف به پنهنجيءَ زبان تي حرف نه
آندائين. پاڻ جو مکڻ ماکيءَ وانگر مٺو هو، ته ڪنهن
ٻئي کي به ڪؤڙو ڪونه ڪوٺيائين. بقول ڀٽائي، ”هٿان
حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.“
نواب صاحب جا وڏا فارسيءَ جا گوهر هوندا هئا. سندن
خاندان جو پايو وجهندڙ نواب ولي محمد خان لغاري
سنڌ جي تاريخ جو هيرو آهي. هو سنڌ جي ٽالپر خاندان
جو مشير ۽ مکيه وزير هوندو هو. منجھس ڪيئي خوبيون
هيون. درويش صفت انسان هوندو هو. سندس پيڙهيءَ ۾
ڪيئي اڪابر، صوفي شاعر ۽ درويش پيدا ٿيا. اهو
سلسلو هلندو هلندو، نواب نور احمد خان لغاري تائين
پهتو هو. نواب صاحب عربي ۽ فارسي ڪونه ڄاڻندو هو،
پر ستن پيڙهين جو سنڌي ڪلچر سندس ذات ۾ سمايل هو.
گلابي گل هو، تاڃي پيٽي سچو پَٽُ هو. سندس خاندان
۾ فقيريءَ جو ڌاڳو مون سندس هٿن تائين محفوظ ڏٺو.
سندس وڏا جهوڪ شريف جي گاديءَ جا عقيدتمند هئا.
سنڌ جي تصوف ۾ جهوڪ شريف جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي.
پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جهوڪ شريف تي رحمت جي
جيڪا برسات وَسي، ان کان آسپاس جا پَٽ ۽ پَڌَر
مستفيد نه ٿين. چنانچه نواب صاحب جي خاندان ۾ جيڪي
درويش پيدا ٿا، تن جا عقيدتمند سَون نه پر هزارن
جي تعداد ۾ سنڌ ۽ هند ۾ پکڙيا. جهوڪ شريف وانگر،
نواب صاحب جي ”درويش دَرَ“ جي معتقدن ۾ سنڌ جي
هندن جو وڏو تعداد هو. هو مرشد کان رڳو ذڪر، فڪر
ڪونه وٺندا هئا، پر چون ٿا ته ڪي ته روزا به رکندا
هئا، قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا، مسجد ۾ نماز
پڙهندا هئا، هونئن نالي ۾ هندو هوندا هئا. ائين به
ڪونهي ته رڳو جيئري هن جهان ۾ سندن زندگي ايئن
هوندي هئي. وصيعت ڪندا هئا ته مئي پڄاڻان مرشد جي
پيرن ۾ پورجو. درازن ۾ سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي
فقير جي قبر ان ڳالهه جي ثابتي آهي. درحقيقت سنڌ ۾
اسلامي تصوف، جيڪو ڪمال ڏيکاريو آهي، تنهن جهڙو
ٻيو ورلي ڪٿي نظر ايندو.
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته نواب صاحب پاڻ عربيءَ ۽
فارسيءَ کان اڻ واقف هو، پر سندس خاندان ۾ وڏڙن جا
عربي ۽ فارسي مخطوطا هوند هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن پير
صاحب کي به ڏيکاريندو هو. انهيءَ زماني ۾ شاهه
ايران آسپاس وارن ملڪن ۾، خاص ڪري پاڪستان ۾ فارسي
زابان کي وري زور وٺائڻ ٿي گهريو. سنڌ ۾ صديون
اڳي، فارسي ”گهوڙي چاڙهسي“ جي حيثيت رکندي هئي.
چنانچه، پشآور، پنڊي، لاهور، ملتان، ڪوئيٽا ۽
ڪراچيءَ ۾ ”خانه فرهنگ“ قائم ٿيا ۽ پير صاحب جي
ڪوششن سان شاهه ايران جي ڀيڻوئي، آغا پهل بود وزير
ثقافت جي حڪم تي حيدرآباد ۾ به خانه فرهنگ قائم
ٿيو. انهيءَ تعلق ڪري، اسلام آباد مان ايراني
حڪومت جي اهلڪارن جو حيدرآباد اچڻ جو سلسلو شروع
ٿيو. آقاي تسبيحي نالي هڪ شخص پنڊيءَ ۾ داتا گنج
بخش لئبرري ۾ ڪئٽالاگر هوندو هو. ان لئبرريءَ ۾
فارسيءَ جا قلمي ڪتاب گڏ ڪيا ويندا هئا. چنانچه
آقاي تسبيحي فارسي قلمي ڪتابن ڏسڻ لاءِ حيدرآباد
ايندو رهندو هو. هڪ دفعي سائين غلام مصطفيٰ قاسمي
صاحب کيس سنڌ جو تاريخي ڪتبخانو ڏيکارڻ لاءِ پير
صاحب جهنڊي وارن وٽ وٺي ويو. تسبيحي ڪتب خانو ڏسي
ڏاڍو خوش ٿي موٽيو. ان کان پوءِ مهيني ماسي
حيدرآباد جو چڪر لڳائيندو هو ۽ سائين قاسمي صاحب
جي علم ۽ فضل جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. هڪ دفعي
تسبيحي حيدرآباد آيل هو ۽ اتفاق سان پير صاحب به
حيدرآباد آيل هو، جو هڪ شخص اچي ڳالهه ڪڍي ته وٽس
ڪي، ناياب قلمي ڪتاب آهن، جن ۾ هڪ قرآن مجيد آهي،
جو ڳچيءَ ۾ پائڻ واري لاڪيٽ جيترو مس ٿيندو؛ پر
اکر اهڙا چٽا اٿس جو آسانيءَ سان پڙهي سگهجن ٿا.
اها ڳالهه هئي ته عجيب، پر ناممڪن ڪونه ٿي لڳي. ڇو
ته اسان ٻڌو هو ته ڪاتبن قرآن ڪريم لکڻ ۾ ڪيئي
ڪمال ڏيکاريا آهن. مثلاً چانور جي داڻي تي سڄيون
سڄيون سورتون لکيون اٿن. جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ هڪ
هنڌ لکيو آهي ته سندس هڪ شاهي ملازم پستي جي کوپي
تي چار خانا ٺاهي، انهن ۾ عاج سان چار جدا جدا
شڪليون ٺاهيون. هڪ خاني ۾ ٻه پهلوان ڪشتي لڙي رهيا
هئا، ٻه ماڻهو پاسي ۾ تماشو ڏسي رهيا هئا؛ ٻئي
خالي ۾ هڪ ماڻهو تخت تي ويٺو هو، چوڌاري ملازم
بيٺا هئا ۽ تخت تي هڪ وڻ ڇانو ڪري بيٺو هو؛ ٽئين
خاني ۾ هڪ بازيگر هڪ ٽنگ تي بيٺو هو، سندس ڀرسان
ڪاٺيءَ تي هڪ ٻڪري بيٺي هئي ۽ هڪ بازيگر دهل وڄائي
رهيو هو؛ چوٿين خاني ۾ هڪ ماڻهو حضرت عيسيٰ جي
پيرن تي مٿو رکي ويٺو هو. هڪ پير مرد ان سان
ڳالهائي رهيو هو ۽ ڀرسان چار ماڻهو بيٺا هئا. اهو
سڄو لقاءُ پستي جي هڪ کوپي تي ڏيکاريل هو.
بهرحال، ان شخص قرآن ڪريم جو اهو ننڍڙو نسخو آڻي
ڏيکاريو. پر ٻي جيڪا ڳالهه ڪيائين، سا ته پهرينءَ
کان به وڌيڪ هئي. چوڻ لڳو ته وٽس ديوان حافظ جو هڪ
اهڙو نسخو آهي، جو حافظ جي حياتيءَ ۾ لکيل آهي.
اها ڳالهه اهڙي ئي حيرت انگيز هئي، جيئن ڪو شخص
اها دعوا ڪري ته وٽس شاهه جي رسالو جو هڪ اهڙو
نسخو آهي، جو ڀٽائي جي حياتيءَ ۾ لکيل آهي.
تسبيحيءَ ان شخص کي نسخو آڻڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايائين
ته ڳالهه صحيح نڪتي ته مان هيترن سون آمريڪي ڊالرن
۾ اهو نسخو وٺندس. پر اهو شخص گس گساءُ ڪرڻ لڳو.
آخر نواب صاحب جر زور ڀرڻ تي نسخو ڏيکارڻ لاءِ
آماده ٿيو. اسان کي واعدو مليو ته فلاڻي ڏينهن
نواب صاحب جي رهائشگاهه يا فاران هوٽل ۾، جتي
تسبيحي ٽڪيل هو، انهيءَ نسخي جو ديدار ٿيندو. ڏاڍا
خوش ٿياسين. مقرر ڏينهن تي اتي اچي گڏ ٿياسين.
تسبيهيءَ ديوان حافظ جي سڄي تاريخ بيان ڪري ٻڌائي
۽ چيو ته ”مون هاڻي ارادو بدلايو آهي، اهو نسخو
داتا گنج بخش لئبرري بدران پنهنجي ذاتي ڪتبخاني
لاءِ وٺندس.“ اهو ٻڌي پير صاحب کلي چيو ته
”تسبيحيءَ جي نيت خراب ٿي آهي. هو اهو نسخو هتان
سستو خريد ڪري، شاهه ايران کي هزارين ڊالرن ۾ وڪڻڻ
گهري ٿو.“ اهو ٻڌي اسان پير صاحب کان پڇيو ته
”شاهه ايران ان نسخي لاءِ ايڏي وڏي رقم ڏيندو؟“
پير صاحب مڪمل اطمينان سان چيو ”واهه جو ڏيندو.“
آخرڪار انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. اهو شخص مذڪور
نسخو رومال ۾ ويڙهي کڻي آيو. اسان چوڌاري گول
دائرو ڪري ويٺاسين. پير صاحب رومال کولي نسخو ڪڍيو
۽ جلدي جلدي پنا ورايا، جي نيري رنگ جا هئا ۽ ڪاري
مس سان لکيل هئا. تسبيحيءَ اهو ڏسي دانهن ڪري چيو
ته ”آغا، هي ته فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي جو ڇاپي
نسخو آهي!“ پير صاحب ۽ تسبيحي هڪٻئي ڏانهن نهاري
مشڪڻ لڳا. مون پير صاحب کان پڇيو ته ”جي فورٽ وليم
ڪاليج جو ڇاپي نسخو آهي ته گهڻو لهي؟“ پير صاحب
چيو ته ”پنجاھ رپيا به ڪونه لهي.“ اهو ٻڌي، اهو
شخص شرمندو ٿي، هڪ هٿ ۾ نسخو ۽ ٻئي هٿ ۾ رومال کڻي
روانو ٿيو. اسان اچي ٽهڪن ۾ ڇٽاسين ۽ ڪي ڏينهن ان
واقعي تي کل ڀوڳ ٿيندا رهيا.
آغا ڪيوان شڪوهيءَ حيدرآباد ۾ جيڪا ايران پاڪستان
دوستيءَ جي انجمن ٺاهي هئي، تنهن جي طرفان نواب
صاحب کي ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب صاحب
ديرينو ماڻهو هو، تنهن ڪري تڪڙ ڪري، هائو يا نه
ڪانه ڪيائين. ٿورين گهڻين ڏينهن، پير صاحب جي ڪوشش
سان، مون کي به ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب
صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته
”سائين هاڻي گڏجي ايران گهمنداسون ۽ اوهان کي عمري
جو شوق آهي، سو به هلي پورو ڪري اينداسون.“ پاڻ
سال ۾ هڪ ٻه دفعا مديني ويندو هو. مديني جي گورنر
جو ڀاءُ سندس گهرو گهاٽو واقف ٿي ويو هو. ايران جي
دوري لاءِ ايران سرڪار اوٽ موٽ جون ٽڪيٽون موڪليون
هيون. اسان هڙان پئسا ڏيئي، انهن ۾ جدي جو اضافو
ڪرايو. تن ڏينهن ۾ نواب صاحب طبيعت جي خرابي، خاص
ڪري بلڊ پريشر جي شڪايت ڪندو هو. پر ڪجھ ته کيس
اڳيئي ايران ڏسڻ جو شوق هو، ڪجھ منهنجي رفاقت تي
آماده ٿيو. ائين اسان وڃي ايران نڪتاسين. هوائي
اڏي تي ”هنر و مردم“ رسالي جي ايڊيٽر آغا خدابنده
لو ۽ شڪوهيءَ اسان جو استقبال ڪيو ۽ اسان کي رودڪي
هوٽل ۾ ٽڪايائون، جيڪا ننڍي هئي، پر منجھس هر قسم
جي آسائش موجود هئي. ميزبانن هدايتون اهي ڏنيون ته
”جيڪي وڻيو، سو ڪيو، رڳو بل صحيح ڪري ڇڏيو.“ نواب
صاحب ۽ مون کي ٻه ڪمرا آمهون سامهون مليا، جن ۾
ايراني روزانو ميون جا ٽوڪرا اسان جي استقبال لاءِ
رکي ويندا هئا. نواب صاحب ۽ مون پهريان ٻه- ٽي
ڏينهن ايران شوق سان گهميو. رضا شاهه ڪبير جي
رهائشگاهه، قاچاري بادشاهن جي گلستان محلات، مسجد
سپھ سلار، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي جايون، نئين
دور جون بزارون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏٺاسين. مون
سڄو وقت سوٽ ڪوٽ پاتو، پر نواب صاحب ڄاڻي واڻي
سلوار قميص پاتي. هوڏانهن ايرانين جو اهو حال هو
جو مون جڏهن ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏنا ته ڌوٻيءَ
منهنجي سلوار بابت پڇيو ته ”آغا هي ڇاهي؟“ مون چيس
ته ”سلوار“، تڏهن پنهنجيءَ پينٽ تي هٿ گهمائي
چيائين ته ”سلوار ته هيءَ آهي.“ مون سلوار بابت
پڇيس ته ”ڀلا تنهنجي خيال موجب هيءَ ڇاهي؟“ تڏهن
چيائين ته ”بستري جي چادر“. درحقيقت، شاهه ايران
جي ڪوششن سان، ايران تيزيءَ سان ماڊرن نه پر مغرب
زده ٿي رهيو هو. چيائون ٿي ته نئون فيشن هڪ ڏينهن
پئرش ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن تهران پهچندو
آهي، لنڊن وارو ٽئين ڏينهن ايندو آهي. اسان سڄي
تهران ۾ هڪ عورت به اهڙي ڪانه ڏٺي جيڪا ايران جي
اصلوڪي قومي لباس ۾ هجي. جيڪڏهن عمر ٽيهن ورهين جي
اندر هئس ته ٽائٽ جينس پاتل هئس ۽ جي ٽيهن ورهين
کان مٿي عمر جي هئي ته اسڪرٽ پاتل هئس. بزارين ۾،
گلين ۾، دڪانن تي، هوٽلن ۾ چوطرف نسواني حسن ۽ جسم
جي نمائش هئي. جيڏانهن نگاهه ڪر ته ڄڻ پرين جا
ٽولا. هڪ ٻئي کان وڌيڪ بقول سنڌي شاعر:
”فوجان حسن ديان چڙهيان.“
رضا شاهه ڪبير جي رهائشگاهه کي ميوزم بنايو
هئائون. اهو ڏيکاري ميوزم جي سرپرست (ڊئريڪٽر) وٽ
چاءِ پيارڻ وٺي ويا. پر اسان جو اتان اٿڻ تي ارواح
ئي نه ٿئي. مائي هجي به اهڙي ملوڪ. هڪ ته سونهن بي
حساب، ٻيو ڇا چئجي سندس اندازِ دلربائي. چئه ته
رڳو ويٺو ڏسجيس پر ان کان حسين عورت اسان شيراز ۾
ايران ايئر جي آفيس ۾ ڏٺي. اکين تي اعتبار ئي نه
پيو اچي ته هي جيئرو جاڳندو انسان سامهون بيٺو
آهي. ”رشڪِ بتانِ آذري“ وارو محاورو مٿس سو فيصدي
صادق هو. ڪتابن ۾ سو اهڙيون سهڻيون تصويرون برابر
ڏٺيون هيون سون. نواب صاحب چيو ته ”سائين، ڪيئن ٿا
ڀانيو؟“ مون عرض ڪيو ته ”سائين، ڪوهه ڪاف جون
پريون اڳي ٻڌيون هيوسون، اڄ اکين سان ڏٺيون سين.“
مذهب سان بيگانگيءَ جي حالت اها جو مسجد ۾ نمازي
نظر ڪونه اچن. اصفهان ۾ گائيڊ اسان کي هڪ شاندار
مسجد ڏيکاري، جا اڳين بادشاهن جي جوڙايل هئي. مسجد
جا ٿنڀ چوڏهن فوٽ ڊگها، پاڙ کان چوٽيءَ تائين سڄي
جا سڄا سنگمرمر جي هڪ ئي ٽڪر جا. منجهي ڏهه هزار
ماڻهوهوند وڏي آرام سان نماز پڙهي سگهن. پر مون
سڄي مسجد ويران ڏٺي. ڪنڊ ۾ ڦاٽل ڪپڙن سان فقط هڪ
ماڻهو نماز پڙهي رهيو هو. اسان جي ايراني گائيڊ جي
حالت اها هئي ته مسجد جي صحن ۾ پاڻ سگريٽ ڇڪي رهيو
هو!
تهران ۾ هڪ وڏ گهراڻيءَ مائيءَ اسان جي دعوت ڪئي.
جڏهن سندس گهر پهتاسين ته ويهڻ شرط پڇيائين ته
”آغا، وسڪي يا وائين؟“ اسان جواب ۾ چيو ته ”خانم،
ميوي جي رس.“ اهو ٻڌي مائيءَ ائين محسوس ڪيو ته
اسان ڪي پٿر جي دور جا انسان آهيون، جي ويهين
صديءَ ۾ ڀلجي اچي ايران پهتا آهيون.
شيراز ۾ يونيورسٽيءَ وارن اسان جي ايمپائر اسٽيٽ
بلڊنگ جيڏيءَ هڪ بلند وبالا هوٽل جي چوٽيءَ تي رات
جي مانيءَ جي دعوت ڪئي. سڄي هوٽل رڪ ۽ شيشي مان
ٺهيل هئي، ڄڻ ته ڪا آمريڪا جي عمارت هئي. حد نگاهه
تائين دور دور شهر جون روشنيون هليون ويون. گهٽ ۾
گهٽ پنجاهه سٺ مهمان اسان جي اعزاز ۾ سڏيل هئا، پر
سڀ جوان ۽ فئشنبل مرد ۽ عورتون. مانيءَ کان ڪلاڪ
کن اڳ شراب جو دور هليو. شايد ان پوري بدمست گروهه
۾ نواب صاحب ۽ مان ٻه اڪيلا انسان هئاسين، جيڪي
ميوي جي رس پي رهيا هئاسين. نه ته چوطرف شراب جي
جامن جي ٽڪرائجڻ ۽ ٽهڪن جا آواز هئا. انهيءَ شور ۽
هنگامي ۾، مون ائين محسوس ڪيو ته انقلاب ايران جي
درن ۽ درين تي دستڪ ڏيئي رهيو آهي. اجهو آيو ڪي
آيو.
شيراز ۾ اسان کي حافظ ۽ سعديءَ جي مزارن تي وٺي
ويا. حافظ جي مزار تي چڱي رونق هئي. ان کي
”حافظيه“ ڪوٺين ٿا. لئبرريءَ ۾ ماڻهو ڪتابن جو
مطالعو ڪري رهيا هئا. پر سعديءَ جي مزار تي عجب
تماشو نظر آيو. اندر قبي ۾ (جيڪو جديد مغربي طرز
جو ٺاهيو اٿن) ننڍا ٻار قبر جي مٿان ٽپا ڏيئي،
راند ڪري رهيا هئا.مون کان اهو منظر ڏٺو نه ٿيو.
اڪيلو ٻاهر نڪري آيس. ٻيا سڀ ٻاهر نڪتا ته اڪيلو
وري اندر ويس. جڏهن دعا گهريم ته حافظ ۽ سعديءَ جي
تعليم ۽ ايران جي قديم ڪلچر کي ياد ڪري، منهنجون
اکيون ڀرجي آيون.
اسان تهران، اصفهان ۽ شيراز جا شهر ڏٺا. ليڪن مشهد
شڪوهيءَ جي نالائقيءَ سببان رهجي ويو. بهرحال تخت
جمشيد ڏيکارڻ وٺي هليا. هي ايران جو اهو قديم
تختگاهه هو، جنهن کي سڪندر بادشاهه دارا کي شڪست
ڏيڻ کان پوءِ ساڙي ٻاري ڇڏيو هو. شاهي درٻار ۽
محلاتن جا پٿر مان ٺهيل فلڪ بوس منارا اڃا زمين تي
ڪريا پيا آهن ۽ ماضيءَ جا داستان ياد ڏياري رهيا
آهن. تخت جمشيد جي سامهون وڏي ميدان ۾ پلاسٽڪ جا
گهر اڏيل هئا، جنهن ۾ شاهه ايران ايراني بادشاهت
جي اڍائي هزار ورهين جو جشن ملهائڻ لاءِ دنيا جي
بادشاهن، راڻين ۽ وزيراعظمن کي ٽڪايو هو. مون
ماضيءَ جي عبرت جا اهي نشان وڏي چاهه سان ڏٺا.
جڏهن گائيڊ تخت جمشيد ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هتي دارا
پنهنجي درٻار ڪندو هو، هتي سندس حرمسراءَ هئي،
هتان سڪندر بادشاهه حملو ڪيو هو، تڏهن گهڻا گهڻا
سال اڳ ٻڌل هڪ سنڌي ڪافيءَ جا ٻول منهنجن ڪنن ۾
ٻُرڻ لڳا:
”ٿيا شاهه سڪندر، دارا
جن جوڙيا تخت هزارا
سڀ خان وڄائي ويا وارا
هيءَ دنيا آهي فاني
ڪنهن سان نه نڀائي، جاني.“
ايران ۾ نواب صاحب جي طبيعت فقط پهريان ڪجهه ڏينهن
بحال رهي. پوءِ سمورو وقت هو ڄڻ ته پنهنجي طبيعت
تي زور ڏيئي پاڻ کي گهليندو رهيو. آغا خدا بنده لو
اسان جو ميزبان خود هڪ وڏو ڊاڪٽر هو، تنهن سندس
چڪاسون ڪرايون ۽ مون کي چيو ته پاڪستان پهچڻ شرط
کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائج. اهو ٻڌي مون کي انتظار
ٿي پيو. شيراز ۾ اڌ رات جو مان پنهنجي ڪمري مان
نڪري نواب صاحب جي ڪمري ۾ کيس ڏسڻ ويس. جاڳي رهيو
هو. مون کيس سڪ سان عرض ڪيو ته ”ڪهڙي خدمت ڪريان؟“
چيائين ته ”ويهي مٿي کي زور ڏي.“ ڳچ ڳچ رات تائين
مان کيس زور ڏيندو رهيس. اهو منظر مون کان ڪڏهن نه
وسرندو.
اسان ايران ايئر وارن جي غلطيءَ سببان عمري تي وڃي
نه سگهياسين. سندن لاپرواهيءَ ڪري، جدي ڏانهن هڪ
ٻئي پٺيان ٿي جهاز نڪري ويا. لاچار نواب صاحب جي
چوڻ تي دبئيءَ هليا وياسين، جتي الاهي هندو سندس
مريد هئا. اتي نواب صاحب جي چهري ۾ ڪجھ سرهائي آئي
۽ کل ڀوڳ ۾ حصو وٺڻ لڳو. هندو مريدن سندس واهه جا
خدمت ڪئي. سندن زالون مون کي نواب صاحب جو خليفو
سمجھي سڳا وٽرائينديون رهيون: ڪا مٿي جي سور لاءِ،
ڪا سنڌن جي سور لاءِ. هڪڙيءَ ڊگهو سڳو وٽرايو. مون
جڏهن کانئس سبب پڇيو ته چوڻ لڳي ته شاديءَ کي ٻه-
ٽي سال ٿي ويا اٿم، پر ٻار ٿئي ئي ڪونه ٿو. اهو
سڳو چيلهه کي ٻَڌندس ته من ٻار ٿي پويم. اهو ٻڌي
مون کيس مشورو ڏنو ته ”ڪجھ هٿ پير به لوڏجانءِ،
رڳو سڳي جو آسرو نه ڪجانءِ.“
اسان غالبا ٽي ڏينهن دبئيءَ ۾ ٽڪياسون. چوٿين
ڏينهن نواب صاحب چيو ته ”ادا اوهان وڃو مديني ڏي.
مان سڄو بندوبست ڪريان ٿو. مان وطن موٽان ٿو.“ مون
محسوس ڪيو ته اصل ڳالهه اها ته مون کي مديني ۾
حاضري ڏيڻ جي اڃا اجازت ڪانهي. جهازن ڇٽي وڃڻ جا
رڳو بهانا آهن. جلال الدين روميءَ چيو آهي ته:
اين سبب را، اَن مبب آرد پديد
سو نواب صاحب کي عرض ڪيم ته اوهان کان سواءِ اڪيلو
مان به ڪونه ويندس. جي فيصلو پوئتي موٽڻ جو آهي ته
ماشاء الله گڏجي پوئتي موٽون ٿا. ائين اسان عمرو
ادا ڪرڻ کان سواءِ، ايران گهمي واپس وطن پهتاسين.
پاڪستان پهچڻ کان پوءِ هفتو کن مس نواب صاحب ڳوٺ
رهيو هوندو. فورن ڪراچيءَ جي انڪل سريا اسپتال ۾
داخلا ورتائين ۽ پاڪستان ۾ گڙدي جي ماهر ڊاڪٽر
جعفر نقويءَ جو علاج شروع ڪيائين. مان سندس مزاج
پرسيءَ لاءِ ڪراچيءَ پهتس. پاڻ منجھند جي ماني
کائي رهيو هو ته مٿان ڊاڪٽر رت جون چڪاسون ڪري
رپورٽ کڻي آيو ۽ پڇيائين ته مون سان مريض جي پاران
ڪير ڳالهائيندو. پير صاحب مون ڏي اشارو ڪيو. مان
ڊاڪٽر سان گڏ ٻاهر ورانڊي ۾ ويس. ڊاڪٽر چيو ته ”هت
نواب صاحب جو علاج ڪونهي. جيڪڏهن اڄ کيس لنڊن وٺي
وڃي سگهو ٿا ته ڳالهه سڀاڻي تي نه وجهو.“
مان واپس ڪمري ۾ گهڙيس ته نواب صاحب منهنجو چهرو
لٿل ڏسي پڇيو ته ”سائين ڊاڪٽر ڇا چيو.“ مان ڳالھ
لڪائڻ لڳس. ان تي نواب صاحب فرمايو ته ”سائين، مون
کان ڳالهه لڪايو نه. مان موت کان ڊڄان ڪونه ٿو.
مان ڳوٺ ويندس. اتي سنگت ساٿ کان موڪلائيندس ۽ کٽ
تي ويهي، موت کي چوندس ته اچ. مان هلڻ لاءِ تيار
آهيان. منهنجي پيءُ به ائين ڪيو هو ۽ منهنجي ڏاڏي
به ائين ڪيو هو.“
چڱڀلائيءَ ۾ اهي اکر چوڻ آسان آهن، پر جڏهن موت جو
سايو سر تي اچي تڏهن اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ شينهن جي
دل کپي. مان قسم کڻي چئي سگهان ٿو ته مون پهنجيءَ
زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو انسان ضرور ڏٺو، جنهن کي موت جو
ڊپ ڪونه هو. نواب نور احمد خان لغاري ڀلن جو اولاد
هو. هن دنيا ۾ سرهو آيو هو ۽ سرهو ويو. پر مون
جهڙن گهڻن کي غمن ۾ گڏي ويو. ”فيض“ شايد اهڙن ئي
محبوبن لاءِ چيو هو:
ويران هي ميکده خم و ساغر اداس هين
تم کيا گئي که روٽهه گئي دن بهار کي
حيدرآباد مان پهريائين پهريائين شڪوهي ايران بدلي
ٿي ويو، ستت ئي پوءِ نواب صاحب هميشه هميشه لاءِ
موڪلاڻيون ڪيون ۽ پوءِ اسدالله شاهه حسينيءَ هيءُ
جهان ڇڏيو، آخر ۾ پير صاحب الله کي پيارو ٿيو. پر
انهن مکڻ ماکيءَ جهڙن مٺن ماڻهن جون محفلون، نقل
نظير، کل ڀوڳ، ٽهڪ، زماني جا قصا ۽ داستان ڪيئن
وسري سگهندا. جڏهن اهي ڏينهن ياد ايندا اٿم، تڏهن
اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن ۽ ٿڌو ساهه ڀري چوندو
آهيان، ”منهنجا مولا، اهي محفلون ۽ مجلسون اجڙي
ويون! منهنجي مٺيءَ سنڌ جا اهي مٺا ماڻهو ڪاڏي
هليا ويا؟“
ڪلهوڙا دور جي
ڊائري
عبدالرسول قادري بلوچ
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن جي دور کي معاشي خوشحالي ۽
علم و ادب جي آبياري جو سونهري دور چيو وڃي ٿو.
ٻئي طرف نادر شاهه جو نادري قهر ۽ ابدالي عمل به
ڪارفرما ۽ اثرانداز رهيو آهي. مورخِ سنڌ سيد حسام
الدين راشدي ان دور جو تجزيو ڪندي لکي ٿو ته
ٻارهين صدي هجري سنڌ لاءِ سڀاڳي به هئي ۽ نڀاڳي
به. سڀاڳي هن لاءِ ته مغلن جي ڏيڍ سئو ورهين وارءَ
غلاميءَ کان سنڌ کي نجات ملي، جنهن جي پيڙا سنڌين
جو رت ست سڪائي ڇڏيو هو. نڀاڳي هن ڪري جو غيرن جي
بالادستيءَ سنڌي ذهن، فڪر ۽ معاشري معيشت ۾ جيڪي
ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جي چيٺ ٿيڻ اڃا
مس شروع ٿي ته مٿان اچي نادر شاهه افشار جو ڪوپ
ڪڙڪيو، جنهن آزاديءَ جي نئين اڏاوت جون سڀيئي
چوڙون هڪ دفعو وري ڌوڏي ڇڏيون.
جيتوڻيڪ ڪلهوڙا دؤر تي مولانا غلام رسول مهر، مفصل
تاريخ ٻن جلند ۾ لکي آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
1958ع ۾ شايع ٿيل آهي، پر محترم سيد حسام الدين
راشدي ان سلسلي ۾ کي اڳتي وڌائي فارسي ۾ جدا هڪ
قيمتي ڪتاب مرتب ڪيو. اهو ڪتاب ميان نور محمد
ڪلهوڙي (وفات 1167ھ) جو منشورالوصيت فارسي آهي.
راشدي صاحب منشورالوصيت فارسيءَ سان گڏ ڪلهوڙن جي
دور سان تعلق رکندڙ زياده مواد، ناياب ۽ قلمي ڪتاب
تان اخذ ڪري، ائن ضميمن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اهي اٺ
ضميما هي آهن: (1) جهوڪ واريءَ جنگ متعلق ٽي خط،
(2) مڪاتيب انند رام مخلص، (3) وقايع يدايع، (4)
نادر نامه، (5) نامہء نغز، (6) تبصرة الناظرين،
(7) شيخ رحمت الله جو خط ۽ (8) اقتباس ماثر
الامراء فارسي.
الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ توفيق سان منشورالوصيت
فارسي ۽ اقتباس ماثرالامراء جو سنڌي ترجمو اڳ ۾
ڪيو اٿم، هينئر تبصرة الناظرين (ڇهين ضميمي) جو
تعارف ۽ ترجمو پيش ڪيو وڃي ٿو:
تبصرة الناظرين جي مصنف جو نالو سيد محمد بلگرامي
آهي. سندس پيءُ سيد عبدالجليل بلگرامي مغلن جي
طرفان سنڌ ۾ وقايع نويس ٿي رهيو هو. سيد عبدالجليل
بلگرامي سنڌ ۾ سنه 1112ھ کان 1126ھ تائين انهيءَ
عهدي تي رهيو. پاڻ فارسي جو به وڏو شاعر هو.
ڪلهوڙن جي وقت ۾ جي به واقعا ٿيندا هئا، انهن جون
تاريخون نظم ۾ جوڙي ڪڍندو هو. خود سندس پٽ جي هن
ڪتاب تبصرة الناظرين ۾ عبدالجليل بلگرامي جون
ڪيتريون فارسي ۾ چيل تاريخون موجود آهن.
پيءُ کان پوءِ سيد محمد بلگرامي به ڪجھ وقت انهيءَ
وقايع نويسيءَ جي خدمت تي مامور هو. سيد مير محمد
بلگرامي جو به پيءُ وانگر ڪلهوڙن سان گهاٽو رستو
هو. سندس مستقل رهائش سيوهڻ ۾ هوندي هئي، پر وقتي
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گهرائڻ تي خداآباد ۾ به
وڃي رهندو هو.
مير محمد بلگرامي فارسي ۾ تبصرة الناظرين لکي، ان
۾ ذاتي، اهم ملڪي ۽ مختلف واقعا سال وار درج ڪيا
آهن. تبصرة الناظرين جي ڇهين ضميمي ۾ سنه 1117ھ
کان 1156ھ تائين، ڪلهوڙن سان تعلق رکندڙ واقعا
بيان ڪيل آهن. راشدي صاحب تبصرة الناظرين جي اهميت
بيان ڪندي لکي ٿو ته معلومات جي لحاظ کان ڪتاب
قيمتي ۽ نهايت اهم اطلاعن جو ذخيرو آهي. ٻارهين
صدي جي پهرئين اڌ اندر، سنڌ ۾ ٿيل بعض نهايت ئي
اهم واقعا، پهريون دفعو هن ڪتاب ذريعي اسان جي
سامهون آيا آهن ۽ ڪيترن ئي واقعن جو نئون رخ، بلڪ
سچو پچو تفصيل اسان کي معلوم ٿئي ٿو. ڪن واقعن جون
صحيح تاريخون پڻ هن ڪتاب جي طفيل مليون آهن.
ساڳيءَ ريت نادر شاهه متعلق به نئون مواد مليو
آهي، خاص طرح سندس ڪارندن سنڌ ۾ رهي جيڪي ڪارناما
ڪيا، انهن جو اهڙو واضح نقشو ڏنو ويو آهي جو ان کي
پڙهندي لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو ٿي وڃي.
|