هڪ دفعي پير حسام الدين راشدي مرحوم پاڪستان ۾
ايراني سفير سان مولانا جو تعريف ڀريو تعارف فارسي
زبان ۾ پئي ڪرايو. سفير مولانا سان ملڻ لاءِ هٿ
وڌايو ته مولانا ٽهڪ ڏيئي سنڌي ۾ چيس، ”ھھ زوراور،
مارائين ٿو مون کي.“
مولانا سنڌي زبان ۽ ادب سان جيڪي ڀال ڀلايا، ان جي
موٽ ۾ اسان کان ڪوتاهي ٿي. ”نئين زندگي“ سان ناتو
ٽٽڻ کان پوءِ مولانا جڏهن گمناميءَ جي مراقبي ۾
ويٺو ته اسان مان ڪنهن به سار سنڀال ڪانه لڌس.
افسوس انڪري ڪونه اٿم، ته ٻين کي اسان ڪهڙيون پڳون
ٻڌرايون، جنهن کان مولانا محروم رهجي ويو. وري به
شابس آهي، غلام رباني آگري ۽ ادي مهتاب راشدي کي
جن 1984ع ۾ ڄامشوري ۾ ”سنڌي ادب“ سيمينار جي موقعي
تي مولانا کي ڪراچيءَ مان گهرائي سندس پذيرائي
ڪئي. اسان نه کيس لکها رپين جي ٿيلهي پيش ڪئي ۽ نه
ئي سونا ٻلا پهراياسونس. فقط ٻه اکر احساسن منديءَ
جا اچاري، اجرڪ اوڍايوسونس. پنهنجن طرفان اهڙي عزت
افزائي ڏسي، مولانا جون اکيون ڀرجي آيون هيون. اهو
پهريون ڀيرو هو، جڏهن ”ھھ زوراور، مارائين ٿو مون
کي“ چوڻ بدران مولانا اکين مان لڙڪ ڪيرائين جواب
ڏنو هو.
ان ڏينهن کان پوءِ وري مولانا جو ديدار نه ٿيو.
تان جو اها خبر آئي ته هو موت جي ملائڪ سان گڏ اَڻ
ڏٺي پار هليو ويو. اتي به ميلو متل اٿس، مون کي
يقين آهي ته لکندڙ سان ملندو ته چوندس ”ههه
زوراور، مضمون ته ڏي.“
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ مڻيا،
پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا،
پر پنهنجو پاڻ ڀُلائي ويا. (شيخ اياز)
- حسين شاهه راشدي
هاءِ، زوراور ويندو رهيو...
انسان سدائين سفر ۾ آهي، جيڪو هت اچي ٿو، تنهن کي
نيٺ واپس وڃڻو ٿو پوي. اها وهنوار ازل کان ابد
تائين پئي هلندي. ڪي موت اهڙا ٿين ٿا، جن کي رسمي
طرح عذر ۽ ختمي کان پوءِ درگذر ڪيو وڃي ٿو، پر ڪن
جو موت ايترو ته گهائيندڙ ٿو ٿئي، جو ان کي وس
ڪندي به وساري نٿو سگهجي.
اسان جو محترم دوست ۽ مربي مولانا عبدالواحد سنڌي
مرڻ کان پوءِ به ڄڻ قدآور شخصيت جي روپ ۾ اکين
اڳيان محسوس پيو ٿئي. ساڳي مرڪ ته ساڳي مهر سان
پيو موهي. جيئن ارمان ڪندي پولار ۾ ٿو گهورجي تيئن
سندس سام ڀري مرڪ مان ٽهڪ اڀري انهيءَ انداز سان
ڪنن تائين پيو پهچي، ڄڻ چوندو هجي:
”ههه زورآور، مارائين ٿو!“
مولانا مرحوم سان منهنجي نياز مندي نئين زندگيءَ
واري دور ۾ ٿي. لکڻ پڙهڻ جي ڪري ڪيترن ايڊيٽرن سان
واسطيدار رهندي ٿي آئي، پر سنڌي صاحب جيڪو لاڳاپو
پيدا ٿيو، تنهن ۾ وڏي گهرائي هئي. پاڻ هڪ ئي وقت
دوست ۽ مربيءَ جي حيثيت ۾ محبت ۽ شفقت سان پيش
ايندو هو. اسان جا ڪيترا سنگتي ساٿي غلام رباني،
تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، علي احمد بروهي،
حسين شاهه راشدي توڙي ٻيا ڪٿي به ساڻس چرچا گهٻا
ڪندا هئا ته ڪڏهن به منهن ڪونه گهنجائيندو هو، خاص
ڪري حسين شاهه راشدي سان ڏاڍي دل هوندي هيس، سو به
جڏهن ڀوڳن ۾ لهي پوندو هو ته مولانا گهڙي گهڙي ٽهڪ
ڏئي چوندو هيو. ”ها- هھ زورآور، مارائين ٿو.“
مرحوم جو اهو تڪيو ڪلام نيڪي بديءَ ۾ مڙئي پيو
هلندو هو. شل نه ڪنهن سواريءَ ڀيڙو ٿئي يا ڪٿي
دعوت ۾ ڪو حجائتو کيس وڌيڪ کائڻ لاءِ زور ڀري. بس
پوءِ ته ويچاري جي وٺ وٺان لڳي پئي هوندي هئي.
”ها- ھھ زورآور، مارائين ٿو.“ نئين زندگي هڪ
سرڪاري پرچو هو، پر مولانا ان کي ائين هلايو ڄڻ
ذاتي رسالو هيس. جڏهن به ڪنهن دوست سان واٽ ويندي
توڙي ٽيليفون تي ڳالهائيندو هو ته اهائي لوري
هوندي هيس: ”اڙي بابا! هو نئين زندگيءَ جو پرچو اڌ
۾ پيو آهي، ڪو خيال ڪريو!“ انهيءَ خيال ۾ کيس ڪڏهن
به پنهنجو ڪو خيال نه رهيو. پنهنجي ٿيلهي ۾، جنهن
کي اسان سڀ عمر عيار جي زنبيل چوندا هئاسين ڄڻ
پنهنجو سڄو دفتر سانڍيو سنڀاليو پيو هلندو هو.
ٿيلهو به وري ايڏو ڳورو جو هڪ دفعي رستي هلندي مان
۽ تاج بلوچ واري واري سان ڏهن قدمن تائين اهو ڇپ
جيڏو ٿيلهو کنيو ته پگهرجي پياسين، پر مولانا کي
پرواهه ئي ڪانه هئي. ٻارهوئي هڪ هٿ ۾ اهو ٿيلهو ته
ٻيو هٿ سياري اونهاري واري شيرواني جي بٽڻ يا پلئو
۾ وجھي مينهن واهه هڪ ڪري پيو هلندو هو. گس پنڌ
جيڪو به گڏيو هئس تنهن کي اهائي رڙ... ادا، هو
نئين زندگي...!
انهيءَ نئين زندگيءَ جي عشق ۾ مولانا مرحوم (خدا
جنت ۾ جايون ڏئيس) پنهنجي سر جيڪي ڪشالا ڪيا، تن
سنڌي ادب جي سونهن سنواري ڇڏي. ڪيئي نوان پراڻا
اديب، شآعر ۽ مؤرخ راشدي ڀارن کان وٺي وچين ۽
پوئين دؤر جي لکندڙن تائين پنهنجا شاهڪار پيش ڪري
سنڌي ادب جي ٿوهي جيڏو ٿيلهو ڪڇ ۾ ڪري نئين
زندگيءَ لاءِ پيو گدائون ڪندو هو.
چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن دوست چرچو ڪندي کيس
آنجهاني ڏيئل مل وڪيل سان ملايو ته هن وٽ به ڪجھ
مواد آهي، جيڪو نئين زندگيءَ لاءِ ڪتب اچي سگهي
ٿو. مولانا چوڻ سٽ پنهنجي ڊگهي قد اڳيان ڏيئل مل
جي بندري قد تي ٿورو اڇاترو ٿي، ”ها، هه زورآور“
ڪرڻ لڳو، پر ستت ئي دانهن نڪري ويس. ”اڙي بابا هو
نئين زندگي...“ ڏيئل مل وائڙو ٿي چوڻ لڳو: ”ڇا جي
نئين زندگي“ مان ته ڪيس هلائيندو آهيان.“ مولانا
جهٽ چئي ڏنس، ”ها ته پوءِ زورآور، کهڙي واري ڪيس
جي ڪاروائي کڻي ڏياري موڪل!“
اهو هو هڪ دل واري ماڻهوءَ جو پنهنجي ادب سان عشق!
جنهن خيالي ڪردارن جا افسانان ته نئين زندگيءَ جي
زنيت پئي بڻايا، پر جيئرن جاڳندن ڪردارن جون
ڪهاڻيون به ان ۾ آڻيندي ضروري پئي سمجھيون. سڀ
ڪنهن کي خبر هوندي ته شهيد الله بخش سومري جي قتل
واري ڪيس ۾ مرحوم کهڙو مکيه جوابدار هو. انهيءَ
تاريخي ڪيس مان ڏيئل مل وڪيل خانبهادر کهڙي جي جند
آزاد ڪرائي هئي. سياسي لحاظ کان اهو ڪيس وڏي اهميت
وارو هو، جو پوءِ پيرزادي شاهنواز سڄي ڪاروائي
سميت ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو هو. هيءَ ڳالهه هتي ان
خيال سان آندي ويئي ته ايڊيٽر سڀڪو آهي، پر هرڪو
مولانا عبدالواحد سنڌي ٿي نٿو سگهي. اسان جي دوست
مرحوم محمد صالح عاجز به هڪ ڀيري ائين چرچو ڪندي
ڪنهن هفتيوار اخبار جي ايڊيٽر کي ڏيئل مل سان
ملايو هو، جنهن تي اخبار جي ايڊيٽر کائنس چندو
گهريو ته پاڻ رپيو کيسي مان ڪڍي ڏنائين. چي: هاڻ
وڃي ڪنهن ٻئي جي پٺيان لڳ. اهو جواب ٻڌي ايڊيٽر
موصوف لاجواب ٿي هليو ويو.
مولانا جي رهڻي ڪهڻي سادي سودي هوندي هئي، پر ڪنهن
يار دوست جي خاطر تواضع ڪندي ڪا ڪسر نٿي ڇڏيائين.
هوٽل خرچ ته پاڻ ڀريندو هو، پڇاڙيءَ مهمان کي ماڳ
تائين پهچڻ لاءِ ڀاڙو به هڻان پئي ڏنائين. نئين
زندگيءَ مان جڏهن لکندڙن کي معاوضو ملڻ لڳو ته
مولانا دير ۾ دير جي حالت ۾ پنهنجا پئسا ڏئي سنگت
سان سنمک ٿيندو پئي آيو. اڄڪلھ ڪير ٿو ائين ڪري!
هي يار حضر توڙي سفر ۾ يارويس هو. هڪ دفعي ساڻس
گڏجي پاڪستان رائٽرس گلڊ جي ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
لاهور وڃڻ جو سونهري موقعو منهنجي ڀاڳ ۾ آيو. صبح
مردان سان مان جيئن ايئرپورٽ جي لاؤنج ۾ داخل ٿيس
ته مولانا پري کان مون کي ڏسي ايڏي اٿل کاڌي جو
ٻئي ٻانهون ڇت ڏانهن کڄي ويس، ”ها- ھ زورآور اچين
وئين.“ هن جو واڪو ٻڌي هڪ غير ملڪي مائي ذري گهٽ
بيهوش ٿيڻ کان بچي وئي.
جهاز ۾ چڙهياسيتن ته اتفاق سان مولانا کي هڪ پاڻ
جيڏي پاڪستان عيسائڻ جي ڀر ۾ سيٽ ملي. وهڻ شرط
مائيءَ تي جو نظر پيس ته ڇرڪ ڀري ”ها- ھ زوراور“
ڪرڻ لڳو. مائي ويچاري پهريائين ته ڏاڍي ششدر ۾ ٿي،
پر جڏهن پڪ ٿيس ته همراهه بلڪل بي ضرر آهي، تڏهن
کانئس پڇيائين: ميان جي! معاف ڪجو، اوهان جي
ٻوليءَ جو لهجو ڏاڍو ڇرڪائيندر پيو لڳي، مهرباني
ڪري ٻڌائيندا ته اها ڪهڙي ٻولي آهي. مولانا اڌ ۾
ها- ھ ڪندي چيو: ڏي جواب! مون وراڻيو: اسان ملائڪن
واري ٻولي پيا ڳالهايون. مائي ٻيو ڪو چارو نه ڏسي
شڪرانو بجا آڻي ماٺڙي ڪري ويهي رهي.
جهاز مان لهڻ کان پوءِ انٽرڪانٽينيٽل هوٽل تائين
مولانا جيڪي ”ها- ھ زورآور“ جي ادائگي سان رنگ
ڪيا، ايتريقدر جو واپڊا هائوس جي آڊيٽوريم ۾ گلڊ
جو اجلاس هلندي ملڪ محمد رمضان جي تقرير ڪا گهڙي
تپرس ۾ اچي بيهي رهيو. حاضرين اسان کي ائين پيا
گهوري ڏسن، ڄڻ اسان انگريزن جي ڪچهريءَ ۾ اوڳرائي
ڏئي ويٺا هئاسين.
مولانا علمي ادبي توڙي ذاتي لحاظ کان هڪ يادگار
شخصيت جو مالڪ هو. اها شخصيت جيڪا طبعي فياضِ ۽
سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. سندس ذات هر حال ۾
نفاق ۽ نفرت کان پاڪ رهندي ٿي آئي. پاڻ سنگت ساٿ ۾
ڪيئي اهنج عذاب سٺائين ته به ڪڏهن ڪا دانهن نه
ڪيائين. ڪن خود غرض ۽ منافق ماڻهن هڪٻئي کي زوري
معتبر بنائڻ لاءِ مولانا جي حضور شرميءَ مان
ناجائز فائدو ورتو. جڏهن مصيبت هن مومن ۽ مخلص شخص
جي سر تي آئي ته اهي ڪين جهڙا سندس پاڇي کان ئي
پاسيرا ٿي ويا، ليڪن مولانا ڪڏهن ڪا شڪايت نه ڪئي.
سندس بيماريءَ کان ٿورو عرصو اڳ اسان جي دوست ۽
مولانا جي گهاٽي يار غلام رباني، سنڌي ادبي بورڊ،
سنڌالاجي ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي همراهي سان
جيڪا ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڪوٺائي، تنهن ۾ مولانا جي
علمي اديب خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس سنڌالاجيءَ جي
پير حسام الدين راشدي هال ۾ اسٽيج تي آڻائي اٿاهه
محبت ۽ عقيدت سان اجرڪ ڍڪائي نهايت شانائتي نموني
مانائتو ڪيو. اها گهڙي ڏسڻ وٽان هئي. مولانا جي
اکين مان لڙڪ وهي نڪتا. اسان سڀئي دعائون گهرڻ
لڳاسين، خدا ڪري اڃا هي سنڌي علم ادب جو سرواڻ
جيئرو رهي، اڃا ڪي اهڙا ٻيا اعزاز ماڻي- پر قدرت
کي ڪجھ ٻيو منظور هو. جلد ئي هن جي بيماريءَ جي
خبر پئي. اتساهه مان ساڻس آخري ملاقات ٿي پر پاڻ
هوش ۾ ئي نه هو. سڃاتائين به ڪونه! اکين ۾ لڙڪ آڻي
سڏڪن ۾ پئجي ويس- ڪراچي کان حيدرآباد تائين پهچندي
سندس ڳالهيون کلائينديون روئارينديون آيم. ڪالهه
اخبار ۾ پڙهيم ته: مولانا عبدالواحد سنڌي گذاري
ويو-! ايڏو ارمان ٿيو، ڄڻ ڪو ويجهو عزيز گذاري ويو
هجي، سچ پچ ته هو اسان لاءِ ويجهن کان به وڌيڪ
ويجھو هو.
- نياز همايوني
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ...
شايد 1949ع جي شروعات هئي. آءٌ هڪ ڏينهن تڪڙو تڪڙو
مشن روڊ کان آرام باغ روڊ ڏانهن پئي ويس، جتي اياز
قادري (هاڻي ڊاڪٽر اياز قادري) جي رهائش (6- ڌڻي
رام بلڊنگ) آهي. اوچتو ڇا ڏسان ته سول اسپتال جي
گيٽ ويجهو، ڪو ماڻهو ٻار کي پيو ماري ۽ هڪ واٽهڙو-
قداور، شيرواني پاتل، مٿي تي ڪاري ٽوپي ۽ هٿ ۾ وڏو
ٿيلهو- ڏاڍي عاجزيءَ سان کيس جهيڻي آواز ۾ سمجھائي
پيو ته ”ٻار کي نه ماربو آهي، کيس پيار سان ڪا
ڳالهه سمجهائبي آهي.“ جنهن تي هن اڻڄاڻ شخص ذري
گهٽ اُلر ڪندي، نهايت سخت لهجي ۾ وراڻيو.: ”توکي
ڪهري خبر ته هي سارو ڏينهن گهران غائب ٿو رهي ۽
اسڪول به نٿو وڃي.“ هن قداور شخص وري به نرميءَ
سان کيس چيو: ”ان ڪري ته پاڻ هن ٻار کي تنهنجي
پيار جي وڌيڪ ضرورت آهي. مار سان ته ٻار ضدي ٿي
پوندا آهن. اڄ اسڪول کان ٿو گسائي. سڀاڻي گهر ڇڏي
هليو ويندو. زورآور، ائين نه ڪبو آهي.“ مان به
بيهي رهيس. مون کي به اها ڳالهه دل سان لڳي. ان
دؤر ۾، مان به لياري هاءِ اسڪول جي شام واري شفٽ ۾
ماستر هوس. تن ڏينهين، ڪراچيءَ جي گهڻن اسڪولن ۾،
”استاد ماري، ٻار سنواري.“ جي اصول تي گهڻُ عمل
ڪيو ويندو هو. مون به هن ”همدرد انسان“ جي ڳالهه
کي ٽيڪو ڏنو. هن ماڻهوءَ به پنهنجو هٿ جهليو ۽
ڪاوڙ سندس پيشانيءَ تي پگهر جي بوندن جي صورت ۾
ظاهر ٿي. ٻار به پنهنجا ڳوڙها اگهيا. اسين پاڻ ۾
ڳالهيون ڪندا، بندر روڊ پار ڪري، جڏهن ٻئي ڀر
ٿياسين ته هن همدرد انسان، ڪنڊ واري ايراني هوٽل ۾
چانهه پيئڻ جي دعوت ڏني. مان به هيسيل ڇوڪر ۽ سندس
ڪاوڙيل پيءُ سان گڏ هوٽل ۾ داخل ٿيس. هيءُ منهنجي
عبدالواحد سنڌيءَ سان پهرين ملاقات هئي. هن مختصر
ملاقات کان پوءِ، آءٌ هميشه لاءِ سنڌي صاحب جي قرب
جو قيدي ٿي پيس. سنڌي صاحب سان گڏ آءٌ اياز
قادريءَ جي جاءِ تي پهتس ته ميڙو متل هو. افساني
جي اوسر تي بحث پئي هليو. اياز پڇيو ته ڇا اوهان
جي ملاقات منهنجي گهر جي ڏاڪڻ تي ٿي آهي؟ سنڌي
صاحب وراڻيو: ”زوراور، ڏاڍي دلچسپ ماحول ۾ ملاقات
ٿي آهي.“ پوءِ سربستو احوال ٻڌايائين. هن موقعي تي
ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي پيار ڀري ۽ اتساهه ڏياريندڙ
صحبت ۽ جامع مليه جي ماحول بابت ڳالهائيندو رهيو.
سنڌي صاحب جامع مليه ۾ پهريائين شاگرد ۽ پوءِ
استاد جي حيثيت سان اٽڪل ڇويهه سال لاڳاپيل هو ۽
سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ، مهاجر جي حيثيت سان موٽي
آيو. سنڌي صاحب، اڪثر ٻارن سان پيار ڪرڻ ۽ کين
راند روند ذريعي ۽ وندرائيندر نموني تعليم ڏيڻ ۽
تربيت ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو هو. سنڌي صاحب جو
چوڻ هو ته ٻار ۽ ٻوٽو پيار ڀري سنڀال سان ئي
اسرندو آهي، پر جي ڇڏي ڏيو ته کَري پوندو ته ٻيو
سڪي ويندو. اڄوڪي ماحول ۾، سنڌي صاحب جون ڳالهيون
ڪيڏيون نه بامقصد معلوم ٿين ٿيون.
هيءُ اهو دور هو جڏهن سنڌي صاحب، شمس العلماءَ
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي مدد سان، مرڪزي
حڪومت پاران نيوز بليٽن طور شايع ٿيندڙ رسالي
”نئين زندگي“ کي ادبي رسالي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ
جاکوڙ ڪري رهيو هو. آخرڪار سندس ڪوششون ڪامياب
ٿيون ۽ ”نئين زندگي“ جلد ئي معياري رسالو ٿي اڀرڻ
لڳو، جنهن ۾ ان دور جي سڀني وڏن ۽ مشهور اديبن ۽
شاعرن جا ادبي ۽ تحقيقي مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا
هئا. سنڌي صاحب رسالي کي ٺاهڻ ۽ وڌائڻ ۾ جيڪا ذاتي
جاکوڙ ڪئي تنهن جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي
ٿو ته پاڻ هڪ سيلاني وانگر ٿيلهو هٿ ۾ کڻي، گهڻن
اديبن وٽ پنڌ ڪري، مضمون ۽ شعر حاصل ڪندو هو. پير
حسام الدين راشدي، اڪثر سنڌي صاحب جي ٿيلهي کي
”ٿيلهة الادب“ چوندو هو. مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي
کيس ”ادب جو درويش“ سڏيندو هو.
ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ مشاعرن، ادبي محفلن ۽ سنڌي ادبي
سنگت جي هفتيوار ميڙن ۾ سنڌي صاحب باقاعدگيءَ سان
شرڪت ڪندو هو ۽ سٺو غزل، نظم، افسانو ۽ مضمون نئين
زندگي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ اديبن کان وٺندو هو. جيڪڏهن
ڪنهن چيو ته سائين مون وٽ ته هن مضمون جي ڪاپي به
ڪانهي، ته سنڌي صاحب هڪدم جواب ڏيندس: ”زوراور.
نيئن زندگي ۾ شايع ڪري، رسالي جي ڪاپي اوهان کي
گهر پڄائيندس.“ رسالي جي شهرت کان پوءِ ويهن سالن
تائين سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ادب نئين زندگي جي
زينت بڻيو. ادب ۾ ڪيتريون نيون روايتون قائم ٿيون،
ڪيترا نوان موضوع بحث هيٺ آيا. خواتين لکندڙن جي
همت افزائي سڀ کان اڳ، سنڌي صاحب ڪئي. ڪيتريون
نيون ليکڪائون اڀريون. اهڙيءَ طرح سنڌي افساني جي
اوسر، ٻوليءَ بابت تحقيقي انداز ۾ پارکوئن جو علمي
بحث، شعر بابت تنقيدي مضمون، مزاحيه افسانه، سنڌ
جي تاريخ ۽ ثقافت بابت مضمون، شاهه ڀٽائي، سچل ۽
ٻين صوفي بزرگن تي مقالا ۽ تصوف تي بنيادي مضمون،
سنڌي صاحب جي ڪوششن سان نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيا.
1970ع تائين ويهن سالن ۾ نئين زندگيءَ جا ڪيترا
انتخاب شايع ٿيا، جي اڄ به ادب ۾ پنهنجو معياري
مقام رکن ٿا. هيءَ اعزاز جي ڳالھ آهي، ته اهي
مجموعا اڄ به سنڌيءَ ۾ ايم- اي ۽ پي- ايڇ- ڊي ڪندڙ
شاگردن لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ جي حيثيت رکن ٿا.
ياد اٿم ته هڪ ڀيرو مون وٽ، سنڌ اطلاعات کاتي
(بلاڪ 47) ۾ آيا ته مون کي ڏاڍا سرها نظر آيا. پڇڻ
کان اڳ ئي، خط منهنجي آڏو رکيائون. مون کولي ڏٺو
ته ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو خط هو، جو ڀارت جي صدر ٿيڻ
کان پوءِ، پنهنجن پراڻن دوستن کي لکيو هئائون.
ڊاڪٽر صاحب لکيو، ته ڀارت جي صدر ٿيڻ کان پوءِ،
وڌيڪ شدت سان پراڻن دوستن کي ساريو اٿم. اڳتي
لکيائون ته ”مون کي چڱيءَ طرح اهي ڏينهن ياد آهن،
جڏهن پاڻ جامعه مليه ۾ فرش تي ويهي ڏاڍي پيار سان
ٻارڙڻ کي وندرائيندڙ انداز ۾ پڙهائيندا هئاسين.“
جڏهن اياز قادري جي جاءِ تي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ
ٿيندا هئا، ته سنڌي صاحب پنهنجو فرض ڄاڻي شريڪ،
ٿيندو هو. چوندو هو، ته اياز صاحب جي ڏاڪڻ تان
سنڌي ادب خاص طور جديد سنڌي افسانو اسريو ۽ اڀريو
آهي.
جڏهن 4- جنوري 1988ع تي سنڌي صاحب جي وفات جي خبر
ٻڌم ته ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کان اڳ معلوم ٿيو ته سنڌي
صاحب پنهنجو حافظو وڃائي ويٺو آهي.
هاڻ جڏهن ادب جي زمين ۾ سندس ئي پوکيل ٻوٽا وڌي
وڏا وڻ ٿيا آهن، ته پاڻ سڀني کان پري وڃي پهتو
آهي. قبرستان کان ٻاهر ايندي اياز قادري، علي احمد
بروهي، جمال رند سچ چيو ته سنڌي صاحب جهڙا سچا،
محنتي ۽ هڏ ڏوکي انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
سنڌ اڄ هڪ املھ ماڻڪ وڃايو آهي. سنڌي صاحب جي
پراڻي رفيق محترم غلام رباني آگري، پنهنجي پيغام ۾
سنڌي صاحب کي پنهنجو ”محسن“ سڏيو آهي. دراصل هو
سنڌي ادب جو محسن آهي ۽ اهو احسان مهراڻ جي ڇولين
(نئين زندگي جو انتخاب) جي روپ ۾ هميشه قائم
رهندو. رب کيس پنهنجي رحمت ۾ رکي. آمين-
”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي.“
- شيخ عبدالحليم ”جوش“
سنڌي ڪير سڏائي!
حافظي جهڙي بي بدل نعمت بابت شڪايت ڪندي، اڙدو جي
هڪڙي شاعر ڌڻيءَ کان دعا پني آهي ته کانئس اها
نعمت کسي وڃي. بي شڪ انساني زندگيءَ ۾ ڪيترا اهڙا
به موڙ ايندا آهن، جڏهن چوڻو پوندو آهي ته ”اهو
سون ئي گهوريو جو ڪنڇني،“ ان ڪري ماڻهو ايترو سون
پائي ڇو جو هن جا ڪن ڇڄڻ لڳن! پر انسان مجبور آهي.
اهو ڄاڻندي به ته هن جا ڪن ڇڄندا، هو سون پائڻ
لاءِ مجبور آهي.
مون اهڙو ئي سون پاتو. اجتماعي حافظي جو، جنهن کي
”تاريخ“ به چيو ويندو آهي. هر هڪ ڏينهن ۽ هرڪا
تاريخ سالن ۽ صدين جون يادون ذهن تي چٽيندي رهندي
آئي آهي. هڪ اک روئيندي آهي ۽ هڪ اک کلندي آهي.
جنهن تاريخ ۾ وڏن جي ڪارنامن جا انگ نظر ايندا
آهن، اها خوشيءَ جي ۽ سڀاڳي تاريخ محسوس ڪندو
آهيان، ۽ جنهن تاريخ جي کاتي ۾ ڪا ڏکوئيندڙ خبر
ملندي آهي ته ٻارن جيان روئڻ لاءِ آتي ٿي پوندي
آهي. پوءِ مون سان گڏ منهنجو قلم به روئي پوندو
آهي.
هر سال 3- جنوري مون لاءِ خوشيون کڻي ايندي هئي،
ڇو ته منهنجي رکيل حساب ڪتاب موجب، انهيءَ تاريخ
تي منهنجي جنم ڀوميءَ تي ڪيترن ئي عالمن، اديبن،
شاعرن ۽ اهم شخصيتن ته جنم ورتو هو. مگر انهيءَ
تاريخ ۾ ڪنهن جي وفات بابت ڪا داخلا ٿيل نظر نه
ايندي هئي، ان ڪري آئون هر سال 3- جنوريءَ تي خوش
ٿيندو هئس. مگر 1988ع واري 3- جنوري مون کي خوش
ٿيڻ نه ڏنو، ڇو ته انهيءَ تاريخ تي منهنجو ڪراڙو
دوست مولانا عبدالواحد سنڌي الله کي پيارو ٿي ويو.
مرحوم عبدالواحد سنڌي ۽ مون ۾ ڄمار جي حساب سان
پورن پنجٽيهن سالن جو فرق هو. مگر اهو ته فقط اسان
ئي ڄاڻي سگهون پيا ته ڪيڏن جُڳن کان هڪٻئي کي
ڄاڻندا سڃاڻندا هئاسين! پروفيسر اي- ايل- شيخ ۽
جي- الانا کان سواءِ مرحوم عبدالواحد سنڌي ٽيون
بزرگ هو، جنهن ٻچن وانگر محبت ڪئي، وڏن وانگر عزت
ڪئي ۽ مون ۾ پاڻ جهڙي انسان جهڙو انسان ڏسي همت
افزائي ڪئي. انهن ٽنهي بزرگ مون کي سدائين ياد ڪيو
۽ هاڻي مون کي ڪڏهن به وسري نه سگهندا.
مرحوم عبدالواحد سنڌي ڪراچيءَ ۾ منهنجي گهر جي
ڀرسان رهندو هو، ان ڪري سنڌالاجي ۾ اچڻ کان اڳ،
يعني 1974ع کان 1985ع تائين، هفتي ۾ ٻه- ٽي دفعا
پيو ملڻ ٿيندو هو. ان ڪري هن پنهنجي ماضيءَ مان
مون کي يادن جو ونڊ ڏنو، جنهن ۾ اڄ الائي ڪيترا هن
مضمون جي حوالي سان، مون سان شريڪ ٿي رهيا آهن.
مرحوم وڏو ماڻهو هو، ان ڪري هن ڪڏهن به ڪنهن تي
پنهنجي جڙتو وڏماڻهپائپ نه مڙهي. هن ڪڏهن به پڙهو
ڏئي ڪنهن کي نه ٻڌايو ته پاڻ مولانا حماد الله
هاليجوي رح جهڙي بزرگ جو سالو هو. هن ڪنهن جا به
ڪَنَ ڪونه کاڌا ته ڊاڪٽر ذاڪر حسين جهڙي ننڍي کنڊ
جي مشهور تعليم دان، سياستدان ۽ دانشور سان گڏجي
جامعه مليه ۾ ڪم ڪيائين. کيس پنهنجي حياتيءَ جي
سونهري باب ٻڌائڻ جو شوق نه هوندو هو. الائي
ڪيترين التجائن کان پوءِ ڪي حال احوال ڪيائين.
پنهنجي شاديءَ جا راز ٻڌايائين، گهر کان ڀڄي وڃڻ
جا قصا کوليائين ۽ استاد ٿيڻ کان وٺي ايڊيٽر جون
ڳالهيون ڪيائين.
مرحوم ٻڌائيندو هو ته هن 1910ع ۾ ڳوٺ ڀلي ڏني،
تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ عبدالوارث انڊهڙ جي گهر ۾
جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ورتائين.
پوءِ انگريزي پڙهڻ جي شوق ۾ علي ڳڙھ هليو ويو، جتي
تعليم به حاصل ڪيائين، ملازمت به ڪيائين ۽ شادي به
ڪيائين. علي ڳڙھ ۾ پڙهڻ دوران کيس حاجي عبدالله
هارون اسڪالر شپ ڏيندو هو.
علي ڳڙهه ۾ ئي هو ته ”خلافت تحريڪ“ هلي. خلافتي
خيال وارن سياستدانن، استادن ۽ شاگردن انگريز
سرڪار کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. سياست جو
نزلو تعليمي ادارن تي ڪريو. شاگردبه انهن تعليمي
ادارن کي ڇڏڻ لڳا، جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ هلندا
هئا، يا جن کي سرڪار طرفان امداد ملندي هئي.
سياڻن سياستدانن اهو سوچيو ته اکيون ٻوٽي تعليمي
ادارن ۾ امتحانن جو بائڪات ڪرڻ مان فائدو وري به
دشمن کي ملندو، ان ڪري هنن پنهنجي مدد پاڻ جي اصول
تي تعليمي ادارا کوليا ۽ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن
سڏيو ته اچو اسان ٿا اوهان جي ذهني، فڪري ۽
نظرياتي ترتيب ڪيون. تعليم کي ڇڏڻو ڪونهي، تعليم
قوت آهي. جهالت ۽ غربت ۽ غلاميءَ جو خاتمو فقط
تعليم سان ڪري سگهي ٿو.
انهيءَ ئي پس منظر ۾ دهليءَ ۾ ”جامعيه مليه“ جو
قيام عمل ۾ آيو. اسان جي مرحوم عبدالواحد سنڌيءَ
انهيءَ ئي اداري ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين مرحوم سان گڏجي
ڪم ڪيو. کيس ٻارن واري سيڪشن ۾ استاد ۽ سندن هاسٽل
جو نگران مقرر ڪيو ويو. سندس واهپو ٻارن سان هو،
ان ڪري اوس ئي استادياڻين سان به اٿڻو ويهڻو پوندو
هئس، اداري جي انتظاميه اهو اصول ٺاهي ڇڏيو هو ته
ٻارن کي پڙهائيندڙ ۽ ٻارن جي سار سنڀال رکندڙ
استادن کي شادي شده هئڻ گهرجي. ان ڪري اسان جو هي
بزرگ دهليءَ ۾ گهوٽ بڻجي ويو. موڙ ٻڌائڻ ۽ پرڻائڻ
۾ به ڊاڪٽر ذاڪر حسين اهم ڪردار ادا ڪيس.
مرحوم عبدالواحد سنڌي ٻڌائيندو هو ته ڊاڪٽر ذاڪر
حسين پڙهائڻ لاءِ ڪو استاد مقرر ڪونه ڪيو هو. بلڪ
استادن کي چيو ويندو هو ته نصاب به پاڻ ٺاهين، ان
لاءِ ڪتاب به پاڻ لکن ۽ ٻارن کي پڙهائن به پاڻ.
انهيءَ ڪري مرحوم عبدالواحد سنڌيءَ ٻارن لاءِ لکڻ
شروع ڪيو. پاڻ اتي ئي هو ته سندس ڪتاب شايع ٿيا.
سندس اهڙين خدمتن جو ذڪر ”الوحيد“ جي ”آزاد نمبر“
(1936) ۾ ڪيو ويو آهي. مرحوم جيڪي انهيءَ قسم جا
ڪتاب لکيا، تن مان ”رسول پاڪ ڪون ٿي“، ”قرآن پاڪ
ڪيا هي؟“، ”اسلام ڪيسي شروع هوا“، ”اسلام ڪيسي
ڦهلا“ ۽ ”اسلام ڪي مشهور سپهه سالار“ ذڪر لائق
آهن. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ جڏهن هتي آيو ته
ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو ڀاءُ، ڊاڪٽر محمود حسين (وائس
چانسيلر، ڪراچي يونيورسٽي) کيس همتائيندو رهيو، ان
ڪري مرحوم ٻاراڻي ادب ۾ اضافو به ڪندو رهيو.
مرحوم 1947ع کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو. پاڪستان
سرڪار جي اطلاعات کاتي ”نئين زندگي“ رسالي جو
اجراء ڪيو. کيس 1948ع ۾ ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو
ويو. پاڻ لڳاتار 1966ع تائين سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ علم
ادب جي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو.
پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ڏانهن واپس ورندي، هو مڪمل
طور مهاجر ٿي چڪو هو. سنڌي ٻولي هن جي مادري بزان
هئي، مگر ان ۾ هن کي مهارت جو مسئلو پيدا ٿيو،
جيڪو هن ”نئين زندگي“ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان،
وڏيءَ دانشمنديءَ سان دور ڪيو. علامه دائود پوٽي،
مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽
احسان بدويءَ کان سواءِ وقت به وقت مختلف ناميارن
اديبن ۽ شاعرن جي سنگت ۾ رهيو. وٽن وڃي اتي ويهي
”نئين زندگي“ لاءِ مواد وٺي پوءِ موٽندو هو. هن جي
اورچائي کيس ڪم آئي ۽ سڀني کي پسند آئي. ڪنهن به
کيس مايوس نه ڪيو، ويتر ڏکئي وقت ۾ سٿ ڏنو. هن
1948ع کان 1966ع تائين ”نئين زندگي“ کي مثالي
رسالي جي منزل تائين پهچايو ۽ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي
بي نظير خدمت ڪيائين. انهيءَ ئي عرصي دوران،
”آزاديءَ جا مجاهد“، ”نماز“، ”روزو“، ”حج“ ۽
”زوڪاوت“ ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيائين.
”عبدالواحد“ انڊهڙ، ”مولانا“ ۽ ”سنڌي“ ڪيئن ٿيو؟
اسان جي هن انڊهڙ کي ”جيلاني“ اولاد ڪيئن ٿيو؟“
مرحوم اهي احوال به مون سان اوريا ۽ سليا.
مذهبي خاندان جو فرد هو. مولانا حماد الله
هاليجويءَ جو عزيز هو ۽ ٻالجتيءَ ۾ کيس زوريءَ
مذهبي تعليم به ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن
سمورين ڳالهين سندس نالي اڳيان ”مولانا“ لفظ جو
اضافو ڪري ڇڏيو. هونءَ نه ته مرحوم ڪوئي دستاربند
عالم ڪونه هو، البت روزي نماز جو پابند هو. جنوني
مذهبي ڪونه هو، مگر مذهب کان پري به ڪونه هو.
مرحوم وضع قطع، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ۾
”مهاجر“ لڳندو هو، پر پوءِ به سندس نالي پٺيان
”سنڌي“ لفظ جو اضافو ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ سنڌي کي ڇڏيو
هو، مگر سنڌي کيس ڪونه ڇڏيو. جنهن ڌرتيءَ تي ڄائو،
اتي ئي پويان پساهه ٿيس. نه رڳو ايترو پر قيامت
تائين ”سنڌي“ سڏبو رهبو؛ بنهه ائين جيئن مولانا
عبيدالله ۽ شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“ سڏيو ويندو آهي.
اهي ٽئي مرحوم ”سنڌي“ جي اضافي اعزاز سان ياد ڪيا
وڃن ٿا. عجيب اتفاق آهي، جو انهن ٽنهي ”سنڌين“ جي
حياتيءَ ۾ ڪيتريون هڪجهڙايون آهن. ٽنهي اباڻا گهر
ڇڏيا، ٽئي بي لوث هئا ۽ ٽنهي کي دنيا ۾ ڏک ڏسڻا
پيا ۽ ٽنهي کي سندن حياتيءَ جي شام ۾ اڪيلو ڇڏيو
ويو! جي ”سنڌي“ سڏائڻ جو ايڏو معاوضو ٿئي ٿو ته
”سنڌي“ ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي نسورو پتنگ ۽ پروانو
ٿي ڏيکارڻو پوندو. شايد اهو اسان سمورن لاءِ اشارو
آهي، درس آهي ۽ پيغام آهي.
مرحوم عبيدالله ”سنڌي“ ۽ مرحوم شيخ عبدالمجيد
”سنڌي“ ۾ اها هڪجهڙائي آهي. ٻنهي پنهنجو اباڻو ڌرم
ڇڏيو. اهڙي نموني سان مرحوم شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“
۽ مرحوم عبدالواحد ”سنڌي“ ۾ وري اها هڪجهڙائي آهي
ته سندس حياتيءَ جو پويون دور هڪجهڙو گذريو ۽ ٻنهي
ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. مرحوم شيخ ”سنڌي“ به پڇاڙيءَ
وارن ڏهاڙن ۾ گهر کان نڪرندو هو ته ويسر سبب موٽي
نه سگهندو هو، آخر ۾ اهو حال مرحوم عبدالواحد
”سنڌيءَ“ جو به ٿيو.
مرحوم عبدالواحد ”سنڌي“ ۽ منهنجو گهر هڪ ئي
سوسائٽيءَ ۾ هو. منهنجي گهر جو نمبر 104 ۽ سندس
گهر جو نمبر 122 هو. وچ ۾ پنجن منٽن جو مفاصلو مس
هوندو هو. ٻئي پي- اي- سي. ايڇ. ايس ۾ رهندا
هئاسين. 1985ع جي شروع ۾ هن جو اهو حال ٿيو جو مون
سان ملڻ لاءِ نڪرندو هو ته ڪڏهن ڪلفٽن ته ڪڏهن ڊرگ
روڊ تي پيو ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي گهر جي پڇا ڪندو
هو! کيس گهر وارا ڳولهي ڳولهي موٽائي وٺي ايندا
هئا. نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو کيس گهر تائين
محدود رکيو ويو. گهر جا ڀاتي ٻاهر هليا ويندا هئا
ته گهر کي تالو هڻي ويندا هئا. مرحوم اندر هوندو
هو. اهڙين حالتن ڪري، آئون ساڻس سندس ئي گهر ۾ ملڻ
ويندو هئس، ڇو ته مون کي هن جي ذهني ڪيفيت ۽ ذهني
عذاب جو احساس هوندو هو. هو گهر ۾ هوندي به گهر
وارن لاءِ اوپرو هو، ان ڪري ته کيس ”سنڌي“ سڏيو
ويندو هو. هو اسان جي عنايتن ۽ نوازشن جو به شڪار
ٿيو. اسان ماڻهو جنهن ۾ ڪم هوندو آهي يا جيڪو
وڻندو آهي ته ان کي کڻي آسمان تي پهچائيندا آهيون،
پر ڪم لٿي يا نظرن کان پري ٿيڻ تي کيڪارڻ ته رهيو
پنهنجي ماڳ، پر ان کي ائين نظرانداز ڪندا آهيون،
ڄڻ ته ڪو ڄائو ئي ڪونه هو. ائين اسان ۾ ڪيترائي
”زنده مرحوم“ موجود آهن ۽ پاڻ نت نئين سج ڪيترن کي
نظرانداز ڪندا رهون ٿا. اهڙين حالتن سنڌ ۾
”مايوسيءَ“ کي نظريي طور مانوس ڪرايو. ماڻهو تارڪ
الدنيا ٿيندا ويا ۽ ٿيندا رهن ٿا، تان جو پنهنجو
پاڻ به وساري ويهن ٿا. پوءِ نيٺ هڪ ڏينهن اخبارن ۾
منحوس خبر ڇپجي ٿي. تعزيتي بيانن ۽ همدردين جا
ٽاڪوڙا مچي وڃن ٿا. مرحوم جا ڪارناما ياد اچي وڃن
ٿا. شايد مري ويندڙ جي نالي ۾ هڪ دفعو وري به شهرت
حاصل ڪرڻ لاءِ! |