سنڌي نالا
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
انسان ذات تي شروع کان ئي نالا رکيا ويا آهن ته
جيئن هر هڪ کي پنهنجي نالي سان سڃاڻجي ۽ سڏجي.
پهريون انسان، جو پيدا ٿيو، تنهن جو نالو حضرت آدم
عليہ السلام هو، جنهن کي ابو البشر چئجي ٿو. عورتن
۾ پهرين عورت جو نالو، حضرت آدمعه جي
بيبي حَوّا جو آهي ۽ اڄ تائين اهو سلسلو سڀني قومن
۾ قائم آهي.
’نالي‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيو لفظ ’نانءُ‘ به آهي.
برصغير هند ۽ پاڪ جي زبانن ۾ ’نالو‘ لفظ ايترو نٿو
ملي، جيترو ’نانءُ‘. پروفيسر ڪي. پي. ڪلڪرڻي لکي
ٿو:
آسامي ٻولي ۾ ناءُ
اُڙيا ٻولي ۾ نا
هندي ٻولي ۾ نانوُ، نانءُ، نائون
پنجابي ٻولي ۾ نا، ناءُ
ان ساڳي ڊڪشنري ۾، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”نانءُ“ به
لکيل آهي.
سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ’نانءُ‘
ڪم آندو آهي:
گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
سگهڙن پنهنجي فن ڳجهارت ۾ ’نانءُ‘ گهڻو استعمال
ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ئي ڳجھارت جي ڀڃڻ جو مدار
هوندو آهي. جئن:
اي نر نانء، منهنجي نر نانءَ کي،
ٻه نَرَ نانءَ ڏي ته توکي مال جي ڏيان.
نر نانء=
نَرُ نالو=
شاهه پنجو (دادو ضلعي ۾ هڪ پير جو نالو). نر نانء=
سلطان. نر نانءُ=
سڄڻ. ٻه نر نانءَ=
هڪ هوندو ٻيو سوندو.
ڀڃڻي: اي شاهه پنجا سلطان، منهنجي سڄڻ کي هوندو
سوندو ڏي ته توکي ديڳ ڏيان. پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به
’نانءُ‘ ڪم آيل آهي:
نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کائي،
نانءَ چڙهيو چور، ڦاهي چڙهي.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي لفظ
جون ٻه صورتون آهن، يا الڳ الڳ لفظ آهن؟ جئن ته
’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا، تنهنڪري
ائين وِسهڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نانءٌ‘
لساني اصول جي تحت تبديل هيٺ آيو آهي، ورنه ڳالهه
ساڳي آهي.
لفظن جا ڪيترا حرف يا اکر، هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿيندا
آهن، جئن ’ڦاسي‘ ۽ ’ڦاهي‘، ’ماس‘ ۽ ’ماهه‘ جو
’س‘، ’ھ‘ ۾ تبديل ٿيو. انهيءَ ابدال جي قاعدي موجب
’ل‘ ۽ ’ن‘ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ’نعش‘ مان ’لاش‘،
’نيلم‘ مان ’ليلم‘، ’لنگر‘ مان ’ننگر‘ ۽ ’لِلاٽ‘
مان ’نِلاٽ‘، ’نِراٽ‘، ’نِراڙ‘ ۽ ’نِرڙ‘ ٿيو.
”لِکيو منجھ لِلاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.“
نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نان‘ هڪ ئي
لفظ جون ٻه صورتون آهن.
انسان جو ’نالو‘ يا ’نانءُ‘، هميشه بامعنيٰ هوندو
آهي. بي معنيٰ نالو ڪوبه نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي
نالا، اسان کي سمجھ ۾ نه آيا، ته ان جو اهو مطلب
نه آهي ته اهي بي معنيٰ آهن. پر ڪي اهڙا به قابل
ڪاريگر هوندا، جي هڻي هنڌ ڪندا.
’نانءُ‘، ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، تنهن لاءِ لغتن
۾ اختلاف آهي، پر تنهن هوندي به ٻين جي راين کي
سامهون رکندي، لفظ جي تهه تائين پهچي راءِ قائم
ڪجي ٿي.
جان شيڪسپيئر جو خيال آهي
’نانءُ‘ فارسي لفظ ’نام‘ جي بگڙيل
صورت آهي. ڊنڪن فوربس
به اهائي راءِ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ائين به لکن
ٿا ته سنسڪرت سان به واسطو اٿس.
’نام‘، جديد فارسي ۾ ته ملي ٿو، پر قديم فارسي ۾
به ملي ٿو. پهلوي ۾ ’نام‘
۽ اوستا ۾ ”نام“،
پر بنيادي لفظ ’نامن‘ آهي. سنسڪرت ۾ ”نام“ جو
بنيادي لفظ ’نامَن‘ آهي جنهن جو ڌاتو يا بنياد
”نَم“
آهي، جنهن جي معنيٰ: سڃاڻڻ، پڪارڻ، سڏڻ. مطلب ته
’نالو‘ معنيٰ: جنهن سان سڃاتو وڃي ٿو، پڪاريو وڃي
ٿو يا سڏيو وڃي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته نالي سان ئي
پڪاريو وڃي ٿو.
مٿي ڏيکاريل آهي ته ’نالو‘ هميشه بامعنيٰ هوندو.
حضرت آدمعه جي نالي جي معنيٰ آهي: ڪڻڪ
رنگو
۽ بيبي حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب
ڪڻڪ رنگا هجن.
مسلمانن جي نالن پٺيان گهڻو ڪري ’خان‘ ايندو آهي.
جيئن: اسلم خان، افضل خان، اعظم خان وغيره. ’خان‘،
ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي:
سردار، رئيس، امير. دراصل ترڪستان ۽ خطا جي
بادشاهن جو لقب هو، جو سنڌ جي مسلمانن به، ان
اميراڻي روايت کي قائم رکندي، پنهنجي نالي پٺيان
’خان‘ لاڳو ڪيو. ’خان‘ کي ’م“ گڏڻ سان ’خانم‘ مونث
ٿيو، جو وڏ گهراڻي عورتن جو لقب اهي. جيئن بلقيس
خانم، خورشيد خانم وغيره. ڪن نالن پٺيان ’بيگ‘
هوندو آهي. جيئن: قليچ بيگ، افضل بيگ وغيره. ’بيگ‘
ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جهن جي معنيٰ آهي: نواب،
سردار، امير ’بيگ‘ کي ’م‘ گڏڻ سان ’بيگم‘ مونث
ٿيو، جو اميرزادي جي معنيٰ ۾ آهي. جيئن: جهان آرا
بيگم، نورجهان بيگم وغيره. فقط ’بيگم‘ به عورت جو
نالو آهي. اهي نالا، جن جي پٺيان خان، خانم، بيگ،
بيگم آهي، وڏ گهراڻن جا مخصوص نالا هوندا هئا، پر
هينئر غريب غربو به اهڙا نالا رکي، جهوني روايت کي
قائم رکيو اچي.
سنڌ جي هندو نالن پويان، گهڻو ڪري ’مَلُ‘ هوندو
آهي، جيئن: جڳت مل، رهندومل وغيره. ’مل‘ جي بنيادي
معنيٰ آهي: بهادر، ويڙهو، پهلوان. ’مل‘ مان،
سنڌيءَ ۾ ”ملھ“ لفظ ٿيو جو پهلوان يا ڪشتيباز جي
معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.
جيئن ’خان‘ کي پنهنجي تاريخ آهي، تيئن ’مل‘ کي به
پنهنجي تاريخ آهي. ’هندي شبد ساگر‘ انوسار:
سنسڪرت ”ملّ“.
”هڪ پراچين ذات جو نالو، جا لڙائيءَ ۾ وڏي همت سان
وڙهندي هئي، جنهن جي بهادريءَ ڪري مٿن ”مَلّ“ نالو
پئجي ويو. ڪيترائي شهرن جا نالا آهن، جي سندن ذات
پٺيان آهن. جيئن: مُلتان (مَل + سٿان
=
جاءِ)، مالو (مَلّ + آليه
=
جاءِ)، مالڀوم (مَلّ + ڀوم
=
زمين، جاءِ- نيپال جي اوڀر ۾) وغيره.
سنڌ ۾ نالي رکڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا: جيڪڏهن
ٻار ’محرم‘ مهيني ۾ ڄمي ٿو ته محرم خان، محرم علي؛
’صفر‘ تان صفر خان، محمد صفر؛ ’عرس‘ تان عرس خان،
محمد عرس، عرس محمد؛ ’شعبان‘ شعبان خان، محمد
شعبان؛ ’رمضان‘ تان رمضان خان، محمد رمضان. هندن ۾
به اهو دستور رهيو. ’چيٽ‘ مهيني تان چيٽومل؛ ’جيٺ‘
تان ڄيٺومل، ڄيٺانند، ڄيٺي ٻائي؛ ’سانوڻ‘ تان
سانوڻ مل، سانوڻ داس؛ ’اَسُو‘ تان آسو مل؛ ’پوهه‘
تان پوهو مل؛ ’ڦڳڻ‘ تان ڦڳڻ مل، ڦڳڻ داس.
ڪي نالا ڏينهن تان ورتل آهن: آچر ڏينهن ڄائو ته
آچر خان، محمد آچر. هندو نالو رکن: ”آڏو“ مل.
’آچر‘ يا ’آڏو‘ جو بنيادي سنسڪرت جو هڪڙوئي لفظ
آهي:
1-
آچر<
اتوار<
اڏتوار<
سن. آدِتيه
=
سج
Sun
+ وار
=
ڏينهنday.
انگريزي ۾
Sunday.
’آذومل‘ تان ئي آڏواڻي آڪهه تي نالو پيو آهي.
2-
’سومر‘ تان سومر خان، محمد سومر، سومار خان. سومر<
سومار<
سوموار<
سن. سومَ
=
چنڊ
Moon
+ وار
=
ڏينهن
day.
اهو ٿيو
Moonday،
تنهن مان ٿيو
Monday.
3-
’منگل‘ تان منگل خان، منگل مل، منگل راءِ. منگل<
سنسڪرت منگلوار. منگل
=
منگل گرھ،
Mars،
مريخ + وار
=
ڏينهن.
Tuesday.
معنيٰ سدورو، سڀاڳو.
4-
’ٻڌر‘ تان ٻڌر مل. ٻڌر<
سنڪسرت ٻُڌ
=
گرهه.
Mercury
عطارد + وار
=
ڏينهن. ٻڌ
=
سياڻو، داناءُ.
اهڙي طرح ’خميس‘ تان خميسو خان، محمد خميسو. ’جمع‘
تان جمعا خان، جمن، محمد جمن.
آسماني مانڊاڻ يا فضا تان ورتل:
ميگهه
=
ڪڪر، بادل. ’ميگھ‘ تان ميگهراج، مينگهراج، ميگهو
مل، مينگهو مل، مينگهي ٻائي وغيره. ’بادل‘ تان
بادل خان، بادل مل.
مندن تان ورتل:
بهار خان، بهارو خان، بهارو مل وغيره. بهاري لال،
’بهار‘ تان ورتل آهي. بِهار (سنسڪرت)
=
رَؤنشو. بِهاري
=
رَؤنشائو، رَؤنشائي، رَؤنشي وارو، خوش جيئڙو، خوش
طبع. بسنت تان بسنت راءِ، بسنت مل.
هروڀرو ائين به نه آهي ته ٻار، جنهن ڏينهن يا
مهيني ڄمي ته ان ته ڏينهن يا مهيني جو نالو رکڻ
لازمي آهي، پر هندن ۽ مسلمانن جي اها پراڻي رسم
هلندي اچي. اڳ سنڌ ۾ اڍائي گهر هئا: گهر مسلمان،
گهر هندو ۽ اڌ گهر ٻاليشاهي. تنهن ڪري هندو مسلمان
چون ”اڍائن گهرن جو خير!“ انهيءَ برادرانه سلوڪ
ڪري، مسلمان ۽ هندن جا ڪي نالا، بنيادي طرح هڪجهڙا
آهن. جيئن: چڀڙ خان، چڀڙ مل؛ متيرو خان، متيرو مل؛
ڪوڙو مل، ڪوڙو خان؛ سڄڻ مل، سڄڻ خان؛ مانجھي مل،
مانجھي خان؛ عيدن مل، عيدن خان؛ کٽڻ مل، کٽڻ خان
وغيره.
ڪي وري اهڙا نالا آهن، جي هندن توڙي مسلمانن جا
هڪجهڙا آهن، پر بنيادي لفظ ۽ معنيٰ جي خيال کان،
هڪجهڙا سمجھڻ نه کپن. مثلاً: ”سچو“، مسلمان توڙي
هندو جو نالو آهي. مسلمان جي حالت ۾ ’سچو‘ جو
واسطو ’سچيڏنو‘ سان آهي، پر هندو جي حالت ۾ سچُو<
سچانند<
سن. سَچّدانند آهي. سچدا نند
=
سَت
=
سدا + چِت
=
عقل، هوش، فهم + آنند
=
خوشي. اصل معنيٰ زندگي، خيال ۽ خوشي؛ خدا جو نالو.
ڪي نالا:
ميون، گلن، وڻن، ٻوٽن، زيورات ۽ جواهرات وغيره تان
ورتل آهن:
ميوي تان:
ڏاڙهون خان، ڏاڙهو مل، صوف خان، صوفن، محمد صوفن؛
انبارام، امبارام، انب تان ورتل نه آهي، پر ’امبا‘
(Godess)
ديوي تان ورتل آهي.
وڻن ۽ ٻوٽن تان:
ٻيلو خان، ٻيلو مل؛ جھنگل خان، جھنگل مل؛ اڪ خان
وغيره.
پکين تان:
چتون مل، طوطو مل، طوطل داس، طوطل خان.
مور تان:
مورخان، مورخاتون، موران.
گلن تان:
گلاب خان، گلابي، گلاب سنگ، گلاب جانِ، گُلان،
گُلي.
زيورات ۽ جواهرات تان:
ڳهڻو خان، ڳهڻو مل؛ ماڻڪ خان، ماڻڪ مل، ماڻڪ راءِ؛
هيرومل، هيرانند هيرا ٻائي؛ گوهر خان، گهنور خان،
جهنور لال؛ لعل محمد، لعل داس؛ چاندي ٻائي، چاندي
خان، سونو خان، سونل، سونَڻِ، سونِي.
شاديءَ تان ورتل:
شادي خان؛ ڄاڃي مل، ڄاڃي راءِ، ماڃي مل.
ڪيترا نالا عربيءَ ۽ فارسيءَ مان ورتل آهن، پر
اسان وٽ ٿوري ڦيرگهير سان سڏيا وڃن ٿا:
’آمنہ’ کي ايمڻا، آمني، آمڻي، آمي.
’فاطمه‘ کي ڦاپان، ڦاپي، ڦاپو، ڦاپل، ڦپي.
’صاحب خاتون‘ کي صابي، صابل، صابان.
’نواب‘: نبل، نبي، نباب.
’بختار‘: بختي، بَکي، بکان، بکل.
’قائمہ- قائم خاتون‘: ڪامل، ڪامي، ڪامان، قائمان.
’زليخا‘: جُلان، جُلي.
’صفوره‘: سڦوران، سڦوري.
’غفرانه‘: گڦوران، گڦوري.
’نعمتِ‘: نيامت، نيامي، نامي.
مردن لاءِ به ائين آهي:
’صاحب خان- صاحب ڏنو‘: صابو، صبُو.
’غلام قادر- قادر بخش: قادن، قادو.
ڪي نالا اهڙا آهن، جي سنڌي، هندو ۽ بلوچ قوم ۾
ساڳيءَ معنيٰ وارا آهن.
سنڌي نالو هندو نالو
بلوچي نالو
1-شير خان شينهون مل مزار
خان
2-سونو خان ڪندن مل ٿنگئي
خان
3-غازي خان-گاجي خان گاجي مل
گزي خان
4-خيرو خان خيرو مل هيرو
خان
5-مينهون خان مينهون مل هوران
خان
بهرحال، هي ثابت ٿيو ته جيڪي به نالا آهن، سي
بامعنيٰ آهن. اسان کي گهرجي ته سنڌ ۾ جيڪي به
بگڙيل نالا آهن، تن جي فهرست تيار ڪري، هر هڪ کي
اصليت سان ڏيکاريو وڃي ته جيئن اهڙن نالن ۾ غلطيءَ
جي گنجائش نه رهي.
سنڌي ڊرامن جي روشنيءَ ۾
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڪنهن به قوم يا قبيلي جا هڪ کان وڌيڪ ماڻهو پاڻ ۾
گڏ رهن ته اهڙي رهڻ جي طريقي کي ان قوم جو سماج
چئبو آهي.
هر قوم ۽ قبيلي کي پنهنجون ريتيون رسمون ۽ پنهنجا
پنهنجا قائدا ۽ قانون هوندا آهن. اسان جڏهن سڄيءَ
سنڌ کي مجموعي طور کڻون ٿا، تڏهن مجموعي طور سڄيءَ
سنڌ جو سماج يا سنڌي سماج هڪڙوئي ليکبو. سماجي طور
سڄيءَ سنڌ لاءِ هڪڙوئي قانون هوندو، البت ان ۾
هندو سماج ۽ مسلم سماج جو فرق نمايان آهي.
اهڙيءَ طرح سنڌي سماج جي اصولن موجب، سڄيءَ سنڌ
لاءِ يا سنڌ جي سڀئي ماڻهن لاءِ سواءِ ڪنهن مت ڀيد
جي، سواءِ ڪنهن ننڍوڏائيءَ جي تميز جي، هڪڙوئي
قانون آهي. شادين جون رسمون، سڱ ڪرڻ جا رواج، ڏيڻي
وٺڻي ۽ اهڙيءَ طرح موت جون رسمون ٿلهي ليکي
هڪجهڙيون هونديون آهن، پر جيئن جيئن سماج اندر غور
ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هر قوم ۽ قبيلي جا ڪي
پنهنجا اصول آهن، پنهنجا قانون آهن ۽ پنهنجي سماج
جا ٻنڌڻ آهن ۽ ان قبيلي کي سندس سماج موجب پابند
رهڻو آهي. مثال طور سنڌ ۾ بلوچ ڪنهن غير بلوچ کي
پنهنجي ڌيءَ جو سڱ وسئون ڪونه ڏيندو. پنهنجي پٽ
لاءِ، پنهنجي معيار کان گهٽ درجي واري غيربلوچ کان
سڱ نه وٺندو. اهڙيءَ طرح سيد ڪنهن غير سيد کي ڌيءَ
جو سڱ ڪونه ڏيندو، پر سيد ڪنهن غير سيد ڇوڪريءَ
سان شادي ڪري سگهي ٿو. اهڙا رواج ڪن ٻين قبيلن سان
پڻ لاڳو آهن.
سنڌي سماج ۾ ائين به آهي ته ڪو سرمايدار پنهنجي
حيثيت کان گهٽ حيثيت رکندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌيءَ
يا ڀيڻ جو سڱ نه ڏيندو. زميندار پنهنجي ڌيءَ يا
ڀيڻ، پنهنجي هاريءَ يا هاريءَ جي پٽ کي، يا ڪمدار
جي پٽ سان نه پرڻائيندو، پر هو پنهنجي ڪمدار يا
هاريءَ جي حسين ڀيڻ يا ڌيءَ سان زوريءَ ويهاريندو
۽ سريت ڪري رکندو.
سنڌي سماج جيتوڻيڪ هڪ قديم ترين سماج آهي، پر ان
جا قدر، ماحول ۽ وقت سان مٽبا رهيا آهن. پراڻا
قدر، نون قدرن کي جاءِ ڏيندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح
سنڌي سماج ۾ ڪڏهن به جمود نه رهيو آهي، منجھس هر
دور ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن، جنهن جو ثبوت
آمريءَ جي دڙي، ڪوٽ ڏجي، هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي
ماڻهن جي سماج ۽ سماجي مطالعي، ڀنڀور، برهمڻ آباد،
ڪاهوءَ جي دڙي، سڏيرن جي ٺل مان لڌل سامان جي
مطالعي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي وغيره مان ملي ٿو.
سنڌ ۾ انسانذات جي ارتقا جا ڪئين ثبوت مليا آهن،
جن مان پٿر جي دؤر جي انسان جي سماج، آباديءَ جي
ابتدا، ارتقا ۽ پٿرن مان ٺهيل هٿيارن ۽ اوزارن،
اهڙيءَ طرح کاڌي جي تلاش ڪندڙ ۽ خوراڪ گڏ ڪندڙ
انسانن
(Food collecting)
ڍنڍن جي ڪنارن ۽ درياء جي ڪنڌيءَ تي آبادي جي
ابتدا، زراعت وغيره جي گهڻي معلومات ملي ٿي(1).
پٿر جي اوائلي دؤر وارو انسان ننڍن ننڍن ٽولن ۾،
جبلن جي اوٽ ۾ رهندو هو. کاڌي جي تلاش
(Food collecting)
۾ سرگردان رهندو هو. ان دؤر جي انسان جو کاڌو وڻن
جا ميوا ۽ ڪچڙيون پاڙون هوندو هو. هو جانور شڪار
ڪري ان جو گوشت کائيندو هو.(2)
ماهرن جي راءِ موجب پٿر جي دؤر جو انسان ڪافي سمجھ
رکندو هو. ان جيئڻ خاطر ڪي وسيلا به اختيار ڪيا
هئا. انهن وسيلن مان هڪ وسيلو پٿرن مان مختلف قسم
جا اوزار ٺاهي پنهنجي گذر ومعاش لاءِ جتن ڪرڻ هو.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ان انسان
جون ضرورتون وڌنديون ويون، تيئن تيئن هو نيون شيون
ايجاد ڪندو ويو ۽ زندهه رهڻ لاءِ نوان نوان جتن
ڪندو ويو. پٿرن کان سواءِ هڏن کي به استعمال ۾ آڻڻ
لڳو هو. ان مان به ضروري سامان ٺاهيندو هو؛ گويا
پنهنجي روزانه زندگيءَ ۾ بتدريج ڪيئي تبديليون
آڻيندو ويو. روهڙيءَ جي ٽڪري، نئنگ، ٿرڙو، ڪوٽ
ڏجي، هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي معاشري مان پٿرن جي
اوزارن، هڏن جون شيون، لوهه جي سامان، مٽيءَ جي
برتنن کان سواءِ ٻيو به ڪافي سامان جهڙوڪ مڇي
ڦاسائڻ جون ڪنڊيون ۽ ڀالا تير ڪمان مليا آهن.
انهيءَ سامان جي اڀياس کان پوءِ چئجي سگهجي ٿو ته
سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ انسان 3500 ق. م. تائين سماج ۾
اهڙي منزل تائين پهچي چڪو هو، جو ان کي ماهرن
سڌريل تهذيب، سڌريل معاشري وارو انسان تسليم ڪيو
آهي(3).
ماهرن جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دؤر وارو
انسان اگهاڙو ڪونه گهمندو هو پر هو شاندار لباس
پائيندو هو. هو ڪپڙو اُڻي ڄاڻندو هو(4). هو ماهر
ڪاريگر هوندو هو. ڪنڀارڪي ڌنڌي، لوهارڪي ڌنڌي،
ڪورڪي ڌنڌي، رنگريز جي ڌنڌي، ماهيگيري ۽ تجارت
توڙي واپار ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪو هو.
جڏهن سنڌي سماج تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿو ٿئي
ته سنڌ ۾ هونءَ ته هندو سماج جا مسئلا الڳ آهن ته
مسلم سماج جا الڳ، پر مجموعي طور ڪجھ مسئلا جيڪي
طبقاتي مسئلا آهن، سي سڄيءَ سنڌ لاءِ ساڳيا آهن.
اهڙن مسئلن ۾ زميندار ۽ هاريءَ جي وچ ۾ ڪشمڪش،
ڪارخانيدارن ۽ مزورن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، سرمائيدارن ۽
غريبن جي وچ ۾ فرق، ٽوڻا ڦيڻا، پير پرستي، قبر
پرستي، شادين جا مسئلا، گهرو مسئلاــ جهڙوڪ سس ۽
ننهن جو جهيڙو، ڪرڙوڍ جي نابالغ يا ننڍي نيٽيءَ
سان شادي يا ان جي ابتڙ، حق بخشائڻ، بدو، پيٽ لکي
ڏيڻ وغيره اهڙا مسئلا آهن، جن جي مطالعي سان سنڌي
سماج جي فطري، سماجي، اقتصادي ۽ قومي لاڙن جو پتو
پوي ٿو.
سنڌي سماج ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي ۽ هڪڙو شاهوڪارن
جو طبقو، جنهن ۾ زميندار، وڏيرا، سرمائيدار،
ڪارخانيدار، ڪامورا، مير، پير ۽ وڏا واپاري اچي
وڃن ٿا؛ ٻيو وچون طبقو، جنهن ۾ گهڻُ ڪري نوڪرين
وارا، وچولي طبقي وارا واپاري، ڊاڪٽر، وڪيل وغيره
اچي وڃن ٿا؛ ٽيون طبقو اهو آهي، جنهن ۾ هاري ناري،
مزور، پورهيت، ڪاريگر ۽ محنت ڪش ماڻهو اچي وڃن ٿا،
اهو هيٺيون طبقو سڏجي ٿو.
انهيءَ طبقاتي فرق ۽ ڦير سنڌي ۾ اوچ- نيچ واري
نظريي کي گهڻو اُڀاريو آهي، پر هاڻ سماجي
بيداريءَ، وچئين طبقي سان گڏ، هيٺئين طبقي کي پڻ
سجاڳ ڪيو آهي. شعرن ۽ اديبن انهن موضوعن تي گهڻو
لکيو آهي. انهن جي شاعرن، ڪهاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾
سماج جي انهن طبقن طرف نشاندهي ڪئي آهي. انهن اهڙن
عنوانن کي پنهنجي مختلف صنفن جو موضوع بنايو آهي.
مثال طور سنڌ جو هاري هميشه زميندار جي ظلم هيٺ
رهيو آهي، اهو ساڳيو حال پوريهتن ۽ محنت ڪش ماڻهن
جو رهيو آهي. سنڌ تي گهڻو ظلم وڏيرڪي نظام جي ڪري
به ٿيو آهي. هن نظام موجب هاريءَ جي پگهر جي
پورهئي تي وڏيرو عيش عشرت ڪري ٿو. هن جي نظر ۾
هاري هن جي رحم وڪرم تي جيئي ٿو، انهيءَ ڪري
هاريءَ جي هر شيءِ هن جي نظر ۾ هن جي ملڪيت آهي.
اهڙيءَ طرح ڪارخانيدار مزور جي رت جي پورهئي تي
عيش ڪري ٿو.
سنڌ جو عوام ڪامورا شاهيءَ جي ظلمن جو به شڪار
رهيو آهي. روينو کاتي جا ڪامورا پوليس، آبپاشي
کاتي وارا ۽ ٻيلي کاتي جا ڪامورا رشوتن ذريعي،
رسائي ۽ لاپن ذريعي سنڌ جي ماڻهن جو رت چوسيندا
رهيا آهن پر هاڻ تعليم کاتو ته ٻين سڀني کاتن کان
اڳڀرو آهي. انهن سڀني ڳالهين جو ثبوت سنڌي شاعري،
افسانن، ناولن ۽ ڊرامن ۾ ملي ٿو.
سنڌ جي پيرن، پنڊتن ۽ برهمڻن به سنڌ جي عوام کي
ٺڳڻ ۽ گمراھ ڪرڻ ۾ گهٽايو نه آهي. سنڌ جو عوام
طبيعت جو سادو، اٻوجھ ۽ ڀورو آهي. اهڙن ماڻهن کي
نقلي پير سولائيءَ سان ٺڳيو وڃن. اهڙن ماڻهن جو
پير پرستي، قبر پرستي، تعويذن ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ گهڻو
اعتقاد رهيو آهي. هو سمجھن ٿا ته زنديءَ جو هر
مسئلو پيرن ۽ فقيرن کان ئي حل ٿي سگهي ٿو، ايتري
قدر جو هو گهر جي بيمار ماڻهوءَ کي به ڪنهن ڊاڪٽر
کي ڏيکارن جي بدران ڪنهن پير جي درگاهه يا زنده
فقير يا مولوي وٽ کڻي ويندا آهن ۽ ڌاڳا ۽ تعويذ
ٺهرائي انهن کي ٻڌندا آهن؛ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي
ڪمائيءَ جو اڪثر حصو اهڙن پيرن، فقيرن ۽ مولوين
پنڊتن ۽ برهمڻن جي نذر ڪندا آهن. سنڌي سماج جي
اهڙن مسئلن کي سجاڳ اديبن، شاعرن ۽ ڊراما نويسن
پنهنجين لکتين ۾ آندو آهي.
سنڌي سماج جي مسئلن ۾ جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي
ته مري ويل پيرن جي قبرن ۽ مزارن تي پڙ چاڙهن،
نذرانا ۽ نياز ڪڍڻ، گهر جي ڪنهن مماتيءَ جي روح جي
ثواب لاءِ مولوين ۽ برهمڻن کي کارائڻ ۽ ختما ڪڍائڻ
يا ڌاما کارائڻ ۽ برادريءَ ۾ پاڻ کي گهٽ نه ڏيکارڻ
لاءِ عقيقي، طهر، مڱڻي، شادي مرادي ۽ مرڻي تي
اڌاري رقم وٺي به وڏا خرچ ڪرڻ ۽ ڀت ڪرڻ خاص مسئلا
آهن.
سنڌ ۾ هڪ هي به رواج آهي ته پنهنجي ئي خاندان اندر
يا پنهنجي برادريءَ ۾ ڪو ”پوت“ نه هجڻ سبب يا
همشريڪ نه ملڻ سبب پنهنجن نياڻين کي ويهاري ڇڏيندا
آهن ڪي ماڻهو وري پنهنجن نياڻين کي قرآن بخشائي
ڇڏيندا آهن. اهي نياڻيون پوءِ گهڻو ڪري نفسياتي
مريض بنجي وينديون آهن. سنڌ جي افسانه نگارن اهڙن
واقعن کي پنهنجن افسانن جو موضوع بنايو آهي.
سنڌ ۾ سماجي مسئلن جو هڪ بنيادي سبب تعليم جي
گهٽتائي پڻ آهي. انساني اوچ نيچ ذات پات، رنگ نسل،
ڪارو ڪاري ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي مسئلا سنڌي علم و
ادب جا موضوع رهيا آهن، جن کي شاعريءَ کا سواءِ
نثر ۽ افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ قصن ۾ بيان ڪيو ويو
آهي.
اديب جيڪي ڪجھ ڏسي ٿو يا محسوس ڪري ٿو، سو لکي ٿو.
اديب پنهنجي دور، ماحول ۽ وقت جو ترجمان رهيو آهي.
اديب پنهنجي دور جي سماج ۽ سماجي حالتن ۽ مسئلن جي
نمائندگي ڪري ٿو ۽ انهن جو نقش چٽي ٿو. هو کليءَ
طرح يا اشارن ڪناين ۾ ۽ علامتن ذريعي سنڌ جي سماجي
مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ انهن جا اهڃاڻ ڏئي ٿو.
انهن ڳالهين جو ثبوت في الحال هيٺ سنڌي ڊرامن جي
مطالعي مان ملندو.
|