سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :7

سنڌي ڊرامن جو مقصد، مفهوم ۽ فلسفو

سنڌي ڊرامي ۾ ڪو نه ڪو مقصد رکيل آهي. ڊراما نويس انهن ۾ روزانه زندگي جي مسئلن ۽ فلسفن کي بيان ڪيو آهي. سنڌي ڊراما نگار پنهنجن ڊرامن کي اسٽيج، ريڊيو يا ٽي. وي تي تفريح لاءِ يا وقت ڪاٽڻ لاءِ نٿو لکي، پر ان جي آڏو ڪو مقصد آهي. هن جو مقصد پئسو ڪمائڻ نه آهي، پر هو سماج ۾ اصلاح آڻڻ ٿو چاهي؛ هو پنهنجي اندر جو آواز ٻين تائين پهچائڻ ٿو چاهي.

بهرحال سنڌي ڊرامن جي مطالعي کان پوءِ انهن ۾ سنڌي سماج متعلق جيڪي مسئلا نظر آيا آهن يا جيڪي مسئلا ڊراما نگارن بيان ڪيا آهن يا انهن جي نشاندهي ڪئي آهي، اهي هي آهن: تقدير جو فلسفو، سماجڪ ڪشمڪش جو فلسفو، ڏيتي ليتيءَ جو مسئلو، هندن ۾ جيئري تي جيئري شاديءَ جو مسئلو، دولت جي انڌ جو مسئلو، خود غرضي ۽ ويساهه گهاتيءَ جو مسئلو، ڪٽنبي جيوت جو مسئلو، تنگدل مائٽن ۽ نئين زماني جي آزادي پسند جوانن جو مسئلو، بک ۽ بيروزگاريءَ جو مسئلو، پيار جي شاديءَ جو مسئلو، وئشيائن ۽ سندن عاشقي جو مسئلو، ججن، وڪيلن ۽ ڪورٽن جا مسئلا، شراب نوشيءَ مان خرابين جو مسئلو، رشوت، رسئي ۽ لاپي جا مسئلا، ڪامورن جا قهر، قومي آزادي، هندو مسلم ايڪتا، بنا شادي محبت ڪرڻ مان نڪتل اگرا نتيجا، پوڙهن جو ننڍپڻ نيٽين سان پرڻجڻ، ماٽي جي ماءُ جي ورتاءَ جا مسئلا، سکڻو هٿ ۽ نمائش، زميندارن جا ظلم، ڪلبن ۾ ويندڙ عورتن جا مسئلا ۽ اهڙا ٻيا ڪئين مسئلا آهن جن طرف ڊراما نگارن نشاندهي ڪئي آهي.

انهن سڀني مسئلن جو بيان ۽ انهن جا مثال جيڪڏهن ڏبا ته هڪ ڪتاب ٺهي پوندو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب: ”ڪنهن قوم جي ناٽڪي تاريخ جي تپاس ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اوائلي ناٽڪ هميشه ڌرمي پئي ٿيا آهن، ڇو جو آڳاٽي زماني ۾، انساني دل ۾ ويساهه ۽ شرڌا جو انگ ٻين امنگن کان مڙيوئي سرسيرو هو. انهيءَ مطابق ئي عيسوي سن کان ڪي صديون اڳ، چين، هندستان ۽ يونان ۾ ڌرمي ناٽڪ ئي ڪيا ويندا هئا. انگلستان ۾ به اهو سلسلو پندرهين صدي عيسوي کان، ڌرمي ناٽڪن سان جاري ٿيو. هندستان ۽ ايران ۾ شهيدن جا ناٽڪ، اسان جي ڀاڳن ڀري سنڌڙيءَ ۾ ته بلڪ 19 صديءَ جي آخر ڌاري جڏهن هندومت ويساهه ۽ اعتقاد جي جاءِ تي عقل ۽ سمجھ جو راڄ جاري ٿي ويو، تڏهن ڌرمي ناٽڪن سان آرنڀ ٿيو. انهن ڌرمي ناٽڪن کي باريڪ نظر سان جاچجي ٿو ته هيءَ ڳالهه پڌري پيئي معلوم ٿئي ته مکيه مسئلي جي اپٽار ٿيل آهي ته ”انسان هڪ بيوس ضعيف وٿ آهي، ۽ زبردست بيترس تقدير سدائين اتس غالب پئجو وڃي، ۽ کيس عذاب ٿي سهارائي. ساهت ۽ اتهاس جو اڀياسي هن ڳالهه کان بي خبر نه آهي ته هر زماني ۾ زندگيءَ جو گاڏو، ان زماني جي تقاضا پٽاندر ڪنهن خاص فلسفي جي آڌار تي ٿو گهلجي. اهوئي ڪارڻ آهي زماني جي تقاضا پٽاندڙ ڪنهن خاص فلسفي جي آڌار تي ٿو گهلجي. اهوئي ڪارڻ آهي جو قديم زماني جا ناٽڪ انهيءَ ظالم تقدير واري فلسفي تي ٻڌل ڏسجن ٿا.“(5)

سنڌي ڊرامن ۾، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي، سنڌ جي روزمره جي زندگيءَ ۽ سماجي مسئلن جو ذڪر آهي. سنڌي ڊراما سنڌي جيون جو وستار آهن. سنڌي ڊراما سنڌي سماج جي حقيقي تصوير ۽ چٽو عڪس آهن. ڊراما نگارن، سماج سڌار بزرگن ۽ آدرشي انسانن وانگر سماجي مسئلن طرف نشاندهي ڪئي آهي. هنن جا موضوع سنڌ متعلق، سنڌ جي ماڻهن متعلق ۽ سنڌي سماج جي روزمره جي مسئلن متعلق آهن. هن ڏس ۾ پروفيسر ملڪاڻي لکي ٿو:

”1923ع“ ۾ رابندرا ناٿ لٽرري ۽ ڊراما ڪلب برپا ٿيو. هن منڊليءَ پنهنجي آڏو هي ناٽڪي آدرش رکيو ته جنهن صورت ۾ شيڪسپيئر جي قول پٽاندڙ ناٽڪ جيون جي درستي آهي، تنهن صورت ۾ ناٽڪن ۾ چالو زماني جي هلي چليءَ ۽ دنيا سازيءَ جي مسئلن کي ئي، بنا وڌاءَ ڪرڻ جي پيش ڪرڻ کپي ۽ منجهن پنگتي اوڻاين جي اپٽار ڪري، سڌاري آڻن جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت ئي، وندر سان گڏوگڏ سکيا ڏيڻ سان، سماج کي بهتر بنائڻ لاءِ، ناٽڪ هڪ زبردست هٿيار بنجي سگهي ٿو، ڇو ته ڪتابن ۾ ڳالهيون ته فقط پڙهجن ٿيون، پر ناٽڪن ۾ هوبهو اکين ڏسڻ سان هزارين دلين تي هڪ ئي وقت زياده تاثر پيدا ٿو ٿئي.“(6)

بقول ملڪا‎ڻي صاحب ته ”شيڪسپيئر زندگيءَ جي ان جهوني فلسفي جي برخلاف هو ته انسان تقدير جو ٻڌو ٻانهو آهي ۽ سندس ڪابه ڪوشش نرڙ جي لکئي کي ميٽي نه ٿي سگهي. شيڪسپيئر پنهنجا مڙيئي ناٽڪ هڪ نئين اصول تي ٻڌا ته انسان جي قسمت سندس سيرت ۾ سمايل آهي ۽ هو پنهنجن ڪرتوتن جي برڪت سان گهڻي قدر پنهنجي قسمت بنائي سگهي ٿو. توڻي ڪن حالتن ۾ سيرت مٿان تقدير غالب پئجيو وڃي ۽ آخر نتيجو مقدر جي وس ٿيو پوي.“(7)

تقدير ۽ سيرت سان ڪشمڪش وارن دورن کان پوءِ سماج سان ڪشمڪش وارن ناٽڪن جو درو شروع ٿيو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو سماجڪ حالتون ساري جهان ۾ پکيڙنديون ويون ۽ اهي مسئلا دنيا جي ٻولين جي ادب جو موضوع بنجڻ لڳا.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري پيدا ٿيل سماجي مسئلن جو اثر سنڌ تي پڻ ٿيو. ڪئين سماجي اوڻاين طرف اشارا ڪرڻ لاءِ شاعرن ۽ اديبن، پنهنجن شعرن، افسانن، ناولن ۽ ڊرامن جو موضوع بنايو. سڀني کان زياده وڌندڙ مسئلو ڏيتي ليتيءَ جو هو(8). انهيءَ مسئلي تي جيڪي ڊراما لکيا ويا، انهن مان هڪ ڊرامو ”گلاب جو گل“ هو(9). ڏيتي ليتيءَ واري مسئلي خلاف هي پهريون مڪمل ناٽڪ هو، جنهن ۾ گهرو جيوت جا واقعا ڏيکاريل هئا ۽ سس ۽ نڻان جي لالچي ڪارنامن جا چٽ اهڙا ته هوبهو چٽيل هئا جو هي ڊرامو جڏهن اسٽيج تي ڏيکاريو ويو تڏهن ماڻهو جنسي ڍڪ پئي ڀريا.(10)

هندو سماج ۾ ڏيتي ليتيءَ جو مسئلو هميشه هڪ اهم مسئلو رهيو آهي. هن مسئلي ڪري يا ته نياڻن جون زندگيون تباهه ٿي ويون يا ته ڪٽنبن جا ڪٽنب چٽ ٿي ويا. هن مسئلي تي ڪيترائي ڊراما لکيا ويا ۽ اسٽيج تي ڏيکاريا ويا. انهن ۾ ديوان لالچند امر ڏني مل جڳتيانيءَ ”سيڻ ڪي ويڻ“ (1906ع) ۽ ”نقد رقم“ (1911) نالي ڊراما لکي ڏيتي ليتيءَ جهڙي بري رواج تي تنقيد ڪئي.(11)

اهڙيءَ طرح پروفيسر خوشيرام ”ڏوهي ڪير“ نالي ڊرامي ۾ 1938ع ۾ هن موضوع تي لکي، ڏيتي ليتيءَ واري رسم جي عيبن کي اگهاڙو ڪيو(12). اهڙيءَ طرح ڪاڪي ڀيرومل ”پنگتي مقدمو“ ڊرامي ۾ هن مسئلي تي تنقيد ڪئي آهي.

سنڌي ڊراما نگارن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو انهن بزرگن جي صف ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جن سنڌي زبان ۾ گهڻي ۾ گهڻا ڊراما لکيا ۽ اهي هن گهڻو ڪري ترجما ڪيا. مرزا صاحب سيرت جي مسئلي تي، هندو- مسلم ايڪتا جي مسئلي تي، رشوت جي مسئلي تي، ۽ ٻين سچن ۽ اصلوڪن مسئلن تي گهڻو ئي لکيو. حالانڪه مرزا صاحب گهڻو ڪري سڀ ڊرما ترجمو ڪيا، پر انهن ترجمو ٿيل ڊرامن کي اهڙي نموني، اهڙي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيائين جو اهي ڊراما ترجمو ٿيل گهٽ ۽ اصلوڪا وڌيڪ ٿا لڳن.

مرزا صاحب شيڪسپيئر جي ڊرامي Merchant of Venice جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ’حسنا دلدار‘ نالي سان ترجمو ڪيو. هن ڊرامي ۾ سيرت جو مسئلو سيکاريو ويو آهي. هڪ سچي عاشق جي دل ۾ لالچ نه آهي ته سوني روپي صندوق ڇڏي، شيهي جي صندوق پسند ٿو ڪري، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبه ٿي ملي، جنهن سان هو لائون ٿو لهي ۽ خير جي زندگي بسر ٿو ڪري. مرزا صاحب هن ڊرامي جي ترجمي ۾ سنڌي زندگيءَ جي جهلڪ ڏيکاري آهي، تنهنڪري هي ڊرامو سڄو اصلوڪو پيو لڳي.

هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب هندو – مسلم ميلاپ جو مقصد پڻ بيان ڪيو آهي، جو اصلوڪي ڊرامي جي مقصد کان ڦريل آهي. اصلوڪي ڊرامي ۾ يهودي عيسائي نفاق وارو مقصد رکيل هو، جنهن کي مرزا صاحب ڦيرائي هندو – مسلم ميلاپ وارو مقصد رکيو هو.

شيڪسپيئر جي هڪ ٻئي الميه ناٽڪ King lear جو مرزا صاحب ”شاهه ايليا“ (1900ع) جي نالي سان ترجمو ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ به سيرت جو سبق ڏيکاريل آهي(13)، جنهن ۾ ”بادشاهه ايليا“ ڏک ڏاکڙا سهي ٿو ۽ آخر چريو ٿي پوي ٿو، انهيءَ ڪري جو پنهنجو سمورو راڄ ڀاڳ انهن ڌيئن کي ورهائي ڏيئي ٿو ڇڏي جيڪي سندس خوشامد ڪن ٿيون ۽ پاڻ لاءِ ڪجھ به نٿو رکي. ايليا ان ڌيءَ کي ڌڪاري ٿو ڪڍي جيڪا سندس خوشامد نٿي ڪري. آخر نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهي ٻئي ڌيئون جن کي ورسايو هئائين، سي کيس ٻڍاپڻ ۾ تنگدستيءَ جي حالت ۾ در تان ڌڪاريو ڇڏين، ۽ اها ڌيءَ جنهن کي پاڻ ڌڪاريو هئائين، کيس اجهو ڏئي ٿي. مطلب ته هن اخلاقي ۽ اصلاحي ناٽڪ جو موضوع مائٽن جو خلوص ۽ اولاد جي لالچي ۽ مطلبي هجڻ بابت آهي.

مرزا صاحب لارڊ لٽن جي ڪتاب Night and Morning تان ورتل اردو ناٽڪ ”ليل و نهار“ جو سنڌي زبان ۾ ’فيروز دل افروز‘ (1905ع) جي نالي ترجمو ڪيو هو. هن ڊرامي ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جيڪي منظر چٽيا آهن تن هن ڊرامي کي حقيقت نگاريءَ واري يا سچي زندگيءَ وارين خوبين سان ڀري ڇڏيو. مرزا صاحب هونئن به هڪ حقيقت نگار هو. مختلف پلاٽن ۽ پردن کي روزانه زندگيءَ جو روپ ڏيئي، مرزا صاحب هن ڊرامي کي وڌيڪ عوام پسند بنائي ڇڏيو هو. مرزا صاحب جي هن ڊرامي جي باري ۾ پروفيسر ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته: ”هن ناٽڪ ۾ رومانيت سان گڏوگڏ حقيقي زندگيءَ جا ڪارناما پڻ چٽيل هئا، جنهنڪري ان کي حسنا دلدار کان پوءِ مرزا صاحب جو ٻيو حقيقت نگاريءَ وارو ڊرامو چئي سگهجي ٿو.“ ملڪاڻي صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”هڪ عجب ڳالهه هيءَ به آهي ته مرزا قليچ بيگ جا عربي ڪتابن تان اُٿلو ڪيل ناٽڪ ديسي زندگيءَ ۾ بيهاريل هئا.“

مرحوم احمد چاڳلا جي ڊرامي ”خونيءَ“ ۾ سنڌي سماج جي گوناگون پهلوئن مان هڪ پهلوءَ جو عڪس ڏسي سگهجي ٿو. خوني ڊرامي ۾ ڄاڻايل آهي ته رفيق هڪ شريف انسان، قتل جي ڏوهه ۾ بيگناهه جنم ٽيپ کائي ٿو. هن تي الزام هو ته هن پنهنجي سيٺ کي قتل ڪري، ان جي تمام ملڪيت ۽ جواهرات چورايا هئا. ڪورٽ هن کي ڏوهي ٺهرائي ٿي، هو پندرهن سال سزا ڀوڳي ٿو. تنهن کان پوءِ اصلي خوني پاڻ ڏوھ قبول ڪري ٿو، ۽ رفيق آزاد ٿئي ٿو. جيل وڃڻ کان پوءِ رفيق جا ٻه ٻار ۽ سندس زال بک ۾ ڏتڙجي وڃن ٿا. هي ڊرامو بار بار اسٽيج ڪيو ويو ۽ هر دفعي ڏسندڙن تي غم ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي ويندي هئي.

سنڌي ڊراما نويسن ۾ خانچند شامداس درياڻيءَ جي ڊرامن ۾ هندو سماج جي اڍنگين ريتين رسمن، ڏيتي ليتيءَ جهڙي موذي مرض، مايا جي موهه ۽ دنيا جي نقلي ڏيک لاءِ نفرت ظاهر ڪئي ويئي آهي. هن هندو سماج جي اوڻاين جي نشاندهي ڪئي. هندو سماج ۾ جيئري تي جيئري شاديءَ جو رواج ڪونهي، يعني هڪ زال زندهه هجڻ جي حالت ۾ ٻيءَ سان پرڻجڻ هندو سماج ۾ وڏو عيب آهي. درياڻيءَ ”جيئريءَ تي جئيري“ يا ”دکايل ديوي“ ڊرامي جي منڍ ۾ هيئن لکيو آهي:

”ڪيترن ڏينهن کان منهنجي خواهش هئي ته هي جو اڄڪلھ اسان جي شهرن ۾ جيئريءَ تي جيئري شاديءَ جا مثال پيا ٻڌجن، سو جيڪر انهيءَ تي ناٽڪ ‎ٺاهجي ته چڱو. تازو هڪ مثال اخبارن دوران ئي منهنجي ڪن پيو، ۽ منهنجو ستل جوش وري لهرون کائڻ لڳو ۽ هي ناٽڪ هٿ ۾ کنيم. هن ڊرامي ۾ به صرف هندن ۾ جيئريءَ تي جيئري شاديءَ جي خلاف قدم کنيو ويو آهي، پر ٻڍن جو ننڍين نيٽين کي پاڻ سان گڏ شاديءَ ۾ اڙائڻ جهڙيءَ بد رسم خلاف به لکيو ويو آهي.

هن ڊرامي ۾ مسٽر درياڻيءَ هڪ ٻيو مسئلو به ڇيڙيو آهي. اهو مسئلو آهي دولت جي لالچ. مسٽر درياڻي ڄاڻائي ٿو ته سيٺ رتنچند پنهنجي پٽ ارجن کي سندس مرضيءَ جي خلاف انهن ٻانهن سان شادي ڪرائي ٿو جنهن مان هو خوش نه آهي. ڪجھ عرصي کان پوءِ ارجن ٻي شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ۽ ڄيٺانند جي ڌيءَ موهنيءَ سان ڪراچيءَ ۾ سول مئريج شادي ڪري ڪلڪتي هليو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سندس پيءُ ظاهر ۾ مخالف هو پر دولت جي خاطر اندروني طور رضامند ٿئي ٿو.

قابل ليکڪ ڊرامي جي نتيجي ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا، تن کي ان جو ڦل ملي ٿو ۽ بديءَ جو نتيجو آخر بديءَ ۾ ملي ٿو. ريجهومل ۽ سندس زال رڪي، جيڪي ارجن کي ٻي شادي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا، تن کي قدرت سزا ڏئي ٿي. ريجهومل رڪيءَ کي ڇڏي ٻي شادي ڪري ٿو. ارجن جي ٻي زال موهني زهر کائي مري ٿي. موهنيءَ جو پيءُ ڄيٺانند ٻڍاپڻ ۾ ريجهومل جي ڀائٽيءَ جمنيءَ سان شادي ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو خراب نڪري ٿو. جمنيءَ ڄيٺانند مان بيزار ٿئي ٿي. نيٺ ارجن ديويءَ کان معافي وٺي کيس گهر وٺي وڃي ٿو.

سنڌي سماج ۾ پنهنجي رب ۾ ڀروسو ڪرڻ، هر انسان کي هڪ جهڙو سمجھڻ، دنيا جي ظاهري ڏيک ويک ۾ نه ڦاسڻ، دولت کي ڌوڙ ڪري سمجھڻ، پئسو آهي واڻئي جي ڏاڙهي، دنيا کي بي بقا سمجھڻ ۽ اهڙا ٻيا اخلاقي سبق ۽ قدر سنڌي سماج جو جز هوندا آهن. پر انهيءَ هوندي به ڪي هوڏي ۽ هٺيلا وڏڙن جي ڏنل سبقن، انهن جي تجربن کي هيچ سمجھي اهو ڪجھ ڪندا آهن، جيڪو کين وڻندو آهي. جيئري تي جيئري يا دکايل ديوي ڊرامي ۾ انهن سڀني موضوعن ۽ اخلاقي قدرن جي اپٽار ڪيل آهي. مثال طور ليکڪ مختلف ڪردارن جي واتان جيڪا گفتگو ڪرائي ٿو، سا هن ريت آهي:

ديوي- ڀيڻ! سانورا، موچارا سڀ ايشور جا گل آهن.

اهڙيءَ طرح هر انسان کي هڪجهڙو ڪري سمجھڻ گهرجي. ظاهري سونهن ۽ سوڀيا ۽ ڏيک ويک کي بي بقا سمجھڻ، دولت جي انڌ ۾ غرور ڪرڻ جهڙا مسئلا هن ريت چوَرايا اٿس:

رتنچند، ڏس پٽ! انسان جي سونهن تي ڪهڙو بقاء آهي. سهڻا بدزيب سڀ ايشور جا اپايل جيو آهن. تون اڄ پئسي جي انڌ ۾ موهنيءَ بابت هن ريت ڳالهائي رهيو آهين. دنيا بي بقا آهي، ڪنهن سان ڪين هلندي. اڄ برابر موهن پگهاردار منيب آهي، پر فقط ڏهن سالن جي ڳالهه آهي جو موهن جو پيءُ هوندو اسان جون سڀ ڪوٺيون کن ۾ خريد ڪري سگهي ها.

مسٽر درياڻيءَ جو ٻيو اهم ناٽڪ ”ملڪ جا مدبر“ آهي. درياڻيءَ جو هي ڊرامو جيتوڻيڪ هينرڪ ابسن جي ڊرامي ”دي پلرز آف سوسائٽي“ (The Pillars of Society) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. پر ساڳئي وقت ان ۾ اصليت جو رنگ به پيدا ڪيو اٿس ۽ منجھس سنڌي سماج جي قدرن جي اپٽار به ڪيل آهي. هن نهايت هوشياري ۽ قابليت سان اصليت کي آڏو رکي ملڪ جي مدبرن، سماج جي ٺيڪيدارن، ضمير فروش ۽ خود غرض ماڻهن، خوشامدڙن ۽ هٿ ٺوڪين ماڻهن جو سنڌي سماج جي روشنيءَ ۾ نقشو چٽيو آهي.

ڊرامي جو پلاٽ هڪ خود غرض دوست جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي، جو پنهنجي دوست جي وصيت نامي کي لڪائي، ان جي پٽ جي دولت ڦٻائڻ لاءِ سٽون سٽي ٿو ۽ سازشون ڪري ٿو. ”قاسم محمود“ اهو شخص آهي، جنهن کي ”شير جنگ“ هڪ ايماندار ۽ وفادار دوست سمجھي، پنهنجي پٽ جي ٻانهن سندس حوالي ڪري ٿو ۽ وصيت نامي ۾ کيس پنهنجي پٽ ”دلير“ ۽ سندس ملڪيت جو سنڀاليندڙ ٺهرائي ٿو. اهڙي طرح ٻئي دوست نادر بيگ تي به اهو فرض رکي ٿو. ڪجھ عرصي کان پوءِ شير جنگ ۽ نادر بيگ وفات ڪري وڃن ٿا ۽ قاسم محمود دوست جي ملڪيت هٿ اچڻ ڪري وقت جو شاهوڪار ماڻهو، دولتمند انسان ۽ ملڪ جو مدبر بڻجي وڃي ٿو. شاهوڪار هجڻ ڪري ڪيئي خوشامدڙا، وقت جا سلامي سندس چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. دولت کي هميشه لاءِ ڦٻائڻ جي نيت سان هو ”دلير“ کي مارائڻ جا گهاٽ گهڙي ٿو، پر قاسم محمود ان جو ڪيو لوڙهي ٿو.

سنڌي سماج ۾ اڄ به قاسم محمود جهڙا بيوفا، خودغرض، لالچي، دغاباز دوست موجود آهن، جيڪي دولت جي لالچ ۾ اچي، دوست يا ان جي اولاد سان دوکو ڪن ٿا، پر قدرت هميشه پنهنجو ڪرتب ڏيکاريندي آهي. اهڙي بدنيت ماڻهو هميشه پنهنجو ڪيتو لوڙيندا آهن.

بديءَ جو نتيجو بدي، امانت ۾ خيانت، ڪوڙي ڏيک ويک کان پوءِ پشيمانيءَ جا سنڌي سماجي زندگيءَ ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا، جيڪي افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ شاعريءَ ۾ موضوع طور بيان ڪيا ويا آهن.

قاسم محمود جهڙا دوکيباز ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو چالاڪ سمجھي، پنهنجن خوشامندڙن جي سامهون پاڻ کي پڏائيندا آهن ۽ پنهنجي ساراهه ڪندا آهن ۽ ٻڌندا آهن. قاسم محمود پنهنجي چالاڪ هجڻ جي دعوا هن ريت ٿو ڪري:

”اڄ منهنجي دوست شير جنگ جي موت کي ڀريا تيرهن سال ٿي ويا، ڪهڙي نه حرفت سان ”دلير“ کي ان واقف ڏسي مون هن جي سموري املاڪ کي پنهنجي ڪم ۾ لڳائي، جهاز وغيره گنهي، پنهنجو واپار وڌايم، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو آءٌ پاڻ کي اڄ خانبهادر ۽ ملڪ جو مدبر ٿو سڏايان.“

مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌي سماج جا ٽي طبقا آهن: هڪڙا مالدار، شاهوڪار ۽ تونگر يعني اعليٰ طبقو، ٻيا ڊاڪٽر ۽ وڪيل يعني وچون طبقو ۽ ٽيان غريب، مسڪين ۽ بي پهچ يعني هيٺيون طبقو. غريب طبقو هميشه پنهنجي حال تي شاڪر هوندو آهي ۽ مالدار طبقي کي هميشه وڌيڪ کان وڌيڪ ڌن هٿ ڪرڻ جو هوس رهندو آهي. شاهوڪارن ۽ تونگرن اڪثر غريبن ۽ مسڪينن جو استحصال پئي ڪيو آهي. سنڌي افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ شاعريءَ ۾ هن قسم جي موضوعن تي گهڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اهڙا ڪئين مثال ملي سگهن ٿا. اديبن ۽ شاعرن هميشه هيٺئين طبقي سان همدردي ڏيکاري آهي ۽ تونگرن ۽ مالدارن جي ظلمن کي نمايان ڪيو آهي. هنن پنهنجين لکتين ذريعي اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن غريب پنهنجي مسئلن تي پاڻ سوچين ۽ انهن جي حل لاءِ پاڻ اٿي کڙا ٿين ۽ سماج ۾ اصلاح آڻين.

مسٽر درياڻيءَ غريبن، مسڪينن ۽ مزدور طبقي سان همدردي ڏيکاري آهي. اهڙي موضوع کي هن مڪالمن ذريعي نمايان ڪيو آهي. مثال طور سنگينه ۽ سندس ڀاءُ آزاد جي گفتگو ذريعي ڪڙميءَ جي ڌيءَ کي ڦاٽل ڪپڙن جي باوجود پنهنجي حال تي خوش ڏيکاري ٿو. مثلاً:

(1)        سنگينه: پر ادا آزاد! سامهون هن زائفان ڏي ته نهار. هوءَ ڪڙمي جي ڌيءَ اٿئي، پر ڪيئن نه خوشيءَ وچان نچندي ٽپندي وڃي. هاڻ ٻڌاءِ، اسان ٻنهي مان قسمت وڌيڪ زور ڪنهن جي؟ مون کي زري زربفت پهريل، ڪلهن تي شالون ۽ دشالا ڍڪيل، پيرن هيٺان گلم غاليچا رکيل، هردم حاضريءَ ۾ خدمتگار بيٺل؛ هن ويچاريءَ کي ڪلهن تي ڇڙو ڪنجرو، سو به ڦاٽو پراڻو، پوءِ ٻڌاءِ اسان ٻنهي مان قسمت زور ڪنهن جي؟(14)

(2)        منهنجو هي لباس برابر شاهاڻو آهي، پر هن مان خودغرضيءَ جي بوءِ پيئي اچي، ڇو جو جنهن نقد ناڻي مان هي ڳڌو ويو آهي، سو غريب پورهيتن جو رت نپوڙي پوءِ ميڙيو ويو؛ ۽ هن جو برابر غريباڻو لباس آهي، پر هن مان بسنت بهار جي بوءِ پيئي اچي. جو جنهن ناڻي مان ڳڌو ويو، سو پنهنجو ئي هڏ گڏ ئي ميڙيو ويو(15).

ديوان خانچند درياڻيءَ هڪ ٻيو ناٽڪ ”زمينداري ظلم“ جي نالي سان لکيو هو. هن ڊرامي ۾ زميندارن ۽ واپارين جي ظلمن جو نقشو چٽيو ويو آهي. ڳوٺاڻن هارين نارين سان زميندار ۽ واپاري جيڪي ويل وهائين ٿا، مسٽر درياڻيءَ انهن جو چٽو عڪس ڏنو آهي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته زميندارن جي ظلمن کان تنگ اچي ”دلمراد“ نالي هاري شاهوڪارن ۽ زميندارن جو دشمن بنجي بدلي وٺڻ لاءِ جذبي جي ڪري چريو ٿي ٿو پوي.

هي ڊرامو جنهن زماني ۾ لکيو ويو هو تنهن ۾ سنڌ ۾ هارين جي جاڳرتا واري تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽ جنهن جي پوءِ مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ اڳواڻي سنڀالي هئي.

سنڌ سماج ۾ تنگلدل مائٽ ۽ نئين زماني جي آزادي پسند جوان جوڙن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ به هڪ مسئلو رهيو آهي. اهڙن مسئلن کي اسان جي سڄاڻ ليکڪن خاص طور افسانه نگارن، ناول نويسن ۽ ڊراما جي ليکڪن موضوع طور پيش ڪيو آهي.

سرڳواسي ديوان خانچند درياڻيءَ ”زماني جي لهر“ نالي ڊرامي ۾ هن موضوع کي ڇيڙيو آهي. هن ڊرامي ۾ پراڻن خيالن وارن تنگدل مائٽن ۽ نئين زماني جي آزدي پسند جوان جوڙن جي وچ ۾ گهرو جيوت ۾ ذري پرزي تان جيڪي متڀيد ۽ نفاق ٿين ٿا، تن جو وچوروار چٽ چٽبو آهي.

هن ڊرامي ۾ ڄاڻايل آهي ته تازو پرڻيل گهوٽ کي پراڻي زماني جا مائٽ، سندس نوورني ڪنوار سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي نٿا ڏين ۽ سندس زندگي زهر ڪري ٿا ڇڏين. آخر هو مائٽن جي تنگدلي ۽ ظلمن ڪري، گهر مان بيزار ٿيو پوي ۽ خوش رهڻ لاءِ شراب نوشي ۽ جوا ۾ وڃيو ڦاسي ۽ آخر چريو ٿيو پوي(16).

درياڻيءَ بک ۽ بيروزگاريءَ واري مسئلي تي به لکيو آهي. هن جو ڊرامو ”بک جو شڪار“ جيڪو هن 1932ع ۾ لکيو هو، انهيءَ موضوع تي لکيل آهي. هن ڊرامي بابت مسٽر منگهارام ملڪاڻي سنسار سماچار اخبار جي 22- آگسٽ 1932ع واري پرچي ۾ م. ڀ. آ. نالي سان لکيل رايي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”جيڪڏهن هر هڪ نر ۽ ناريءَ کي ڪن کان وٺي بک جو شڪار ناٽڪ ڏيکارجي ته جيڪر ڀارت ۾ ٿوري ئي سمي اندر بک جو ڏڪار پئجي وڃي. ”بک جو شڪار“ ۾ ڀارت جي اڄوڪي ڏکي ۽ ڪنگال اوسٿا جو هوبهو فوٽو کينچيل هو، جنهن لاءِ ان جي ڪاريه ڪرتا مسٽر درياڻيءَ مبارڪون لهڻيون.“

سنڌي ڊرامن ۾ ڪن خطن جي مقامي ۽ روزمره واري زندگيءَ جي جهلڪ پڻ ڏيکاري ويئي آهي. ان ڏس ۾ بدنصيب ٿري نالي ڊرامي ۾ پهريون دفعو سنڌ جي ٿر واري خطي جي ماڻهن جي روزانه زندگي، رهڻي ڪهڻي، گذر ومعاش، تعليم ۽ اهڙن ٻين مسئلن کي ڊرامائي صورت ڏني ويئي هئي. محترم محمد اسماعيل عرساڻي سالن جا سال ٿر ۾ رهيو آهي ۽ اتي جي هروسيءَ، ڏيري ۽ اوتاري، پٽ ۽ ڏهر جو گشت ڪري، ٿر جي زندگيءَ جو نقش ”بدنصيب ٿري“ نالي ڊرامي ۾ پيش ڪري، ٿر جي مخلتف مسئلن جو طنزيه ۽ مزاحيه رنگ ۾ عڪس پيش ڪيو آهي. هن ڊرامي لکڻ سان عرساڻي صاحب جو مقصد هي هو ته ٿرين جي سماجي حالت جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ ٿي جر زندگي سڌارڻ لاءِ ڪي جتن ڪيا وڃڻ(17).

سنڌ جي اديبن ۽ ڊراما نگارن جت ٻين سماجي مسئلن کي پنهنجي شهپارن ۾ موضوع بنايو آهي، جت زميندار واپارين ۽ ٻين طبقي جي ماڻهن طرفان ٿيندڙ ظلم جو ذڪر ڪيو آهي، اتي ڪورٽن جي ججن جي بي انصافي وڪيلن جي چالاڪين ۽ ڪورٽن ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي پڻ موضوع طور بيان ڪيو آهي. هن ڏس ۾ مسٽر ايڇ سي بلي نالي هڪ وڪيل پنهنجي ڌنڌي جي آزمودي تي 1942ع ۾ ”آڌيءَ جو انصاف“ نالي ڊراموسٿ (Satire) جي صورت ۾ لکيو هو (18)

اهڙيءَ طرح آزاديءَ کانپوءِ محترم محمد عثمان ڏيپلائي ”شاهدي“ ڊرامي ۾ ڪورٽن جي جهلڪ پيش ڪئي هئي.(19)

اهڙيءَ طرح مسٽر ايل- ايل ڏوڏيجا، ”وڪيل“ نالي مزاحيه ڊرامي ۾ وڪيلن جي چالاڪين تي منظر ڏيکاريا هئا.

سنڌ ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته دولت جي لالچ ۾ يا بدي جي رواج سبب يا پنهنجن کان ٻاهر نه نڪرڻ سبب يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري پوڙهن جي پرڻجڻ جو پڻ رواج آهي. ان حالت ۾ پوڙهو مرد سورنهن ورهين جي نوجوان ڪنوار سان لائون لهندو. اهڙيءَ حالت ۾ جو هن جو هڪ پير قبر ۾ هوندو آهي. اهڙيءَ شاديءَ کي ”اُٺ پٺيان گهنڊڻي ٻڌڻ“ سڏيو ويو آهي. ڪن حالتن ۾ پوڙهي زال، نوجوان گهوٽ سان پرڻبي به ڏسبي آهي.

هن مسئلي تي ”پوڙهي جو پرڻو“ نالي هڪ مزاحيه سماجي ناٽڪ مسٽر ڪشنچند ”بيوس“ لکيو هو. هن ڊرامي ۾ مسٽر بيوس اهڙي شاديءَ جي نتيجن کي اجاگر ڪيو هو.

هن ساڳئي مسئلي تي مسٽر منگھارام ملڪاڻيءَ ”ٻي زال“ جي عنوان سان هڪ ڊرامو لکيو هو. هن ڊرامي ۾ ملڪاڻي صاحب ڄاڻائي ٿو ته هڪ ڪرڙوڍ رنڙ نوجوان نينگر سان شادي ٿو ڪري. هو نه فقط پنهنجن ننڍن ٻارن کي دکي ٿو بنائي، پر نوجوان پٽ هوندي، نوجوان زال گهر ۾ آڻن سان وڏو خطرو اهو ٿو ٿي سگهي، جو ماءُ ۽ ماٽيجو پٽ هڪ ٻئي سان پيار ۾ ڦاسجي وڃن ٿا.

سنڌي ڊرامن ۾ اهڙم موضوعن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪي مرد پنهنجين سلڇڻين ۽ حسين زالن هوندي به وئشيائن يا ڪن ٻين عورتن جي چڪرن ۾ ڦاسجي پوندا آهن. انهي ڪري ڪن ڊرامن ۾ هن مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ وئشيائن ۽ سندن عاشقن جي مسئلن جي به اپٽار ڪيل آهي. مسٽر نانڪرام 1923ع ۾ آغا حشر جي اردو ناٽڪ ”بلوا منگل“ تان سنڌيءَ ۾ ”پريم ڀڳتي“ نالي ناٽڪ ترجمو ڪيو. هن ناٽڪ ۾ وئشيائن ۽ انهن جي عاشقن کي سڌارڻ جو سماجڪ مسئلو پيش ڪيل هو.

شراب نوشيءَ واري مسئلي تي ساڌو هيرانند اڪيڊمي ۽ نوودياليه پاران چهچٽا ڪري شراب نوشيءَ کي ننديو ويو ۽ ان جا نقصان جتايا ويا(20).

سنڌي ڊرامه نگارن شراب نوشي کان سواءِ رشوت، لاپي ۽ ڪامورن جي ڪلورن تي پڻ لکيو آهي ۽ انهن جا منظر چٽيا آهن. هن ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ 1896ع ۾ گوگول جي ڊرامي “Gove Inspector” جو ترجمو ”انڪوائري آفيسر“ جي نالي سان ڪيو. هن ڊرامي ۾ سرڪاري عملدارن تي ٺٺولي ڪئي ويئي هئي. عملدارن جي آزار ۽ ڪامورن جي ڪلورن جي باري ۾ ديوان لعلچند امر ڏني مل ”عملدار ڪين رعيت آزار“ نالي ڊرامي ۾ 1921ع ۾ عملدارن جي ظلمن کي اگهاڙو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ”بٽئي“ نالي ڊرامي ۾ زميندارن جي ارڏائي ۽ اره زورائيءَ جي اپٽار ڪيل آهي.

سنڌي ڊراما نويسن عورتن جي ڪلبن ۾ وڃڻ ۽ ان رواج مان نڪرندڙ نتيجن تي پڻ سخت تنقيد ڪئي هئي. ان ڏس ۾ ”ليڊيز ڪلب“ جي عنوان سان مزاحيه ڊرامو لکيو ويو، جنهن ۾ هن موضوع تي روشني وڌي ويئي هئي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته نئين زماني جي عورتن جو ڪلبن ۾ وڃڻ سان گلاخوريءَ ۽ سکڻي ڏيک ويک جو انگ وڌي ٿو. ان ڪري عورتون پنهنجن مڙسن کي رشوت کائڻ تي مجبور ڪن ٿيون.

سنڌي ڊرامن ۾ ماٽيجي ماءُ جي ورتاءَ، سکڻو هٺ ۽ نماءُ ڪرڻ، پٽ پرڻيو ته زال جو مڄو ٿيڻ ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي مسٽر منگهارام ملڪاڻيءَ پنج ناٽڪ چونڊي هڪ مجموعي جي صورف ۾ ڇپايا هئا. اهي ڊراما هئا: ”پاپ ڪين پڃ“، ”ٻه باهيون“ (هن ۾ ماٽيجي ماءُ کي اگري نموني ڏيکاريو ويو آهي) ۽ ”ٽِي پارٽي). ٽي پارٽي ڊرامي ۾ سکڻي هٺ ۽ ٽانءِ جو اظهار ڪيل آهي ۽ سکڻي ڏيک- ويک جو منظر ڏيکاريل آهي. اهڙيءَ طرح ”پريت جي ريت“ ۾ ڏيکاريل آهي ته پٽ پرڻيو ته زال جو مڄو ٿيو. زال ڇڪيندي مڙس کي ۽ ماءُ چوندي، ”ڇورو ڇوڪريءَ ڇڪي پنهنجو ڪري ڇڏيو“، سنڌي سماج ۾ اهڙا ڪئين مثال ملن ٿا.

سنڌي ڊرامن ۾ هڪ مسئلو هي به جتايو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهرن ۾ اچي ڇوڪرين کي ٽيوشن ڏيندڙ ماسترن ۽ ڇوڪرين ۾ ميل جول وڌي ٿو. ان ڏس ۾ ”ٻه ڀينر“ نالي ڊرامي ۾ هن مسئلي تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماستر، جي ڪجھ گهرن ۾ اچي ڇوڪرين کي تعليم ڏين ٿا ۽ ساڻن لهه وچر ۾ اچن ٿا، انهيءَ مان انيڪ مسئلا پيدا ٿين ٿا، ڇو ته سڀ ماستر ڪي سنت يا ولي ته ڪونهن، پر اهي به عام انسان آهن، جن جي اندر به دليون آهن. پوءِ پاڙهيندي ۽ پڙهندي، جي استاد ۽ شاگردياڻيءَ جون دليون اٽڪي ويون ته ان ۾ ڪا اربع خطا ڪانهي، بشرطيڪ مائٽ اکيون پوري نه ويهن ۽ آگاهه هجن ته اهڙو سٻنڌ سچو ۽ آبرودار آهي يا صرف جسماني ڪشش وارو. هي مسئلا اڄ به آهن ۽ اڄ به سماج جو موضوع بنيل آهن.

اهڙيءَ طرح سنڌي سماج جي هڪ ٻئي مسئلي جا ٻه منظر ڏيکاريا ويا آهن. انهن مان هڪ مسئلو آهي ڪنهن عورت جو ڏنگي يا جهڳڙلو هجڻ، جو جنهن بدنصيب گهر جو ڪنهن جهڳڙالو زال سان واسطو پئجي ويو ته پوءِ اهو گهر جهنم سمان هوندو. ان گهر جي هر ڀاتيءَ جو سڪون تباهه ٿي ويندو آهي. سنڌي ڊراما نويسن ڏنگي ۽ جهڳڙالو زال جي پيدا ڪيل مسئلن کي به ڊرامن ۾ موضوع بنايو ويو آهي. هن موضوع تي نانڪرام ڌرمداس 1922ع ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامي “Taming of the Shrew” جو ”چٽ نه چماٽ، وچان ئي ٻي واٽ“ نالي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. هن ڊرامي ۾ ڏنگي زال کي سنئين ڪرڻ واري موضوع کي کنيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح زالن جي عادتن مان هڪ عام عادت آهي افواهه ڦهلائڻ ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪرڻ. ڪي مرد به هن عادت کان آجا نه آهن، اهڙن مسئلن کي به سنڌي ناٽڪ جو روپ ڏنو ويو آهي. هن موضوع تي روپچند ڪرپالاڻيءَ ”تيليءَ مان ٿنڀ“ نالي هڪ طنزيه ناٽڪ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. هي ناٽڪ سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ 1925ع ۾ ڇپيو. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ٻهراڙيءَ ۾ زالون کوهه تان پاڻي ڀريندي ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري گلاخوري ڪنديون آهن.(21)

سنڌي ڊرامن ۾ جتي ٻين سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي موضوع بنائي ڊرامائي شڪل ڏني ويئي آهي، اتي سياسي مسئلن کي به کنيو ويو آهي. انهن ۾ قومي آزاديءَ جهڙن موضوعن کي ڊرامائي صورت ڏيئي، ماڻهن ۾ آزاديءَ جو انگ پيدا ڪيو ويو ۽ برصغير جي قومي آزاديءَ واري تحريڪ کي به هٿي ڏني ويئي. هن موضوع تي ديوان لعلچند امر ڏني مل ”ڀارت ڄاوا اٿ اٿي جاڳ“ جي سري هيٺ 1919ع ۾ ڊرامو لکيو هو. هن ڊرامي ۾ قومي آزاديءَ ۽ قومي جاڳرتا وارن مسئلن کي کنيو ويو هو.

سنڌي ڊرامن جو هڪ ٻيو اهم سياسي موضوع هندو مسلم ايڪتا پڻ رهيو آهي. هن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته آسانند مامتورا، ٽئگور جي ڊرامي ”اما ۽ ونايڪ“ جو ترجمو ڪري ڇپيو. هن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ بردبار هندو ڇوڪري هڪ بهادر مسلمان سان تنگ خيال مائٽن جي مرضيءَ جي خلاف شادي ڪري ٿي ڇڏي.

اهڙيءَ طرح ٻين سماجي مسئلن جهڙوڪ ”نيم طبيب خطره جان، نيم ملا خطره ايمان“، ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“، ”حرڪت مان برڪت“ جهڙن ناٽڪن ۽ چهچٽن ۾ ڪنهن نه ڪنهن پنگتي اوڻائيءَ تي خندو ڪيل آهي.

آزاديءَ کان پوءِ ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ڊرامي جي هلچل بلڪل سست رهي. اسٽيج جو رواج لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو، پر پوءِ پهرين ڪراچيءَ ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي ڊرامن جي نشر ٿيڻ ڪري، هن صنف نئون جنم ۽ نئون روپ ورتو. ڪجھ عرصي کان پوءِ سنڌي فلم جي اجراءُ کان پوءِ ڪن سڄڻن جي ڪوشش سان سنڌي ڊراما وري اسٽيج تي پيش ٿيڻ لڳا. ويتر ڪراچي ٽي- وي تان سنڌي ڊرامن جي نشر ٿيڻ ڪري سنڌي ڊرامن ۾ نئين جان آئي. سون جي تعداد ۾ ٽي- وي ڊراما نشر ٿيا، جن ۾ سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪئي ويندي هئي. انهن ڊرامن جو اثر تمام اميدافزا ٿيو ۽ ڊراما منڊليون ٺهيون، جن طرفان سنڌي جي مختلف شهرن ۾ ڊراما اسٽيج تي پيش ٿيا، جن جو تفصيلي تعارف هن مقالي جي دائري کان ٻاهر آهي. ريڊيو ۽ ٽي- وي کان سواءِ هن صنف ۾ نئون روح ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد، سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ بوائز ڪاليج ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج حيدرآباد وڌو. انهن سرڪاري ادارن کان سواءِ اتر سنڌ ۾ ڪن دوستن ڊراما ڪلب ٺاهي اسٽيج ڊراما پيش ڪيا. بهرحال انهن ڊرامن ۾ جن مسئلن جي اپٽار ڪئي ويئي هئي، تنهن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com