”گهڻا ڏينهن ابو عارب موڪل تي رهندو؟“
”تون ان کي ڇا ڪندين؟ عارب وڏي موڪل تي ويو آهي.
چُوڻو پاڻي گهراءِ ته (مون ڏانهن اشارو ڪندي) رفيق
کي ٿا چئون. تنهنجو ڪم ڪري ڏيندو.“
”ها ابا رفيق؟“ شاهن پڇيو.
”چاچا! ڪاغذ مان اڄ پڙهندس. ممڪن آهي انهن جو
نيڪال به ڪريان. پر مان چانهه پاڻيءَ لاءِ نه
چوندوسانءِ.“
”چوين يا نه چوين. مان ڪو اڄ آفيس ۾ آيو آهيان
ڇا؟“
مان اهو سارو ڏينهن شاهن جو ٽن سون صفحن جو فائيل
پئي پڙهيو. فائيل مان معلوم ٿيو ته معاملو ته اڃا
ڪافي اڳ فيصل ٿي وڃي ها، پر الئي ڇو آفيس وارن پئي
ايڏي اينگهه ڪئي. خواهه مخواهه جا نوٽ هڻي هيٺين
آفيسن ڏانهن پئي ڪاغذ موٽايائون. فائيل پڙهڻ بعد
نوٽنگ پورشن تي فائيل جو اختصار لکيم. شاهه محمد
(شاهن) جو پيءُ مولا بخش چڱو زميندار هو. پنهنجي
نالي تي ڳپل زمين هيس. پاڻ هو ميلن ملاکڙن جو
شوقين. قدم به پنهنجي قدبت کان سوايو کڻندو هو. هو
به يارن جو يار. پونيرن لاءِ ڪونه سوچيائين، ويو
زمين مٿان زمين وڪڻندو. باقي رهيل ٻاويهه جريب به
مرڻ کان ڪجھ مهينا اڳ ۾ کپائي ڇڏيا هئائين. انهيءَ
زمين لاءِ شاهن پئي پنڌ ڪيا ته هو پيءُ جو اڪيلو
وارث آهي ۽ زمين کيس ملي.“
نوت هيڊ ڪلارڪ ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ کان ٿيندو صاحب
تائين پهتو. هن به ٻه دفعا نوٽ واپس موٽايو. جدا
جدا سوال پڇڻ سان سڀن جون همدرديون شآهن سان هيون،
پر قانون کيس زمين نه پئي ڏياري. آخر صاحب فيصلو
ڏنو، جنهن موجب شاهه محمد (شاهن) کي روبڪاري ڏني
ويئي ته جيئن ته سندس پيءُ مولا بخش پنهنجي جيئري
سموري زمين جدا جدا ماڻهن کي وڪرو وڪري ڏني هئي ۽
رجسٽرڊ دستاويز مطابق کاتو خريدار جي نالي مٽايو
ويو هو؛ ان حالت ۾ درخواست ڪندڙ (شاھ محمد) جو
ڪوبه حق زمين تي ثابت نه پئي ٿيو، ان ڪري سمورا
ڪاغذ داخل دفتر ڪيا ويا.
شاهن کي روبڪاري ملي ته دانهن نڪري ويس ۽ چيائين،
”هي ته سراسر ظلم آهي، زمين ته منهنجي پيءُ جي
هئي. وڪرو ٻڪرو ڪونه ڪيو هئائين. هيءَ شرارت صالح
تپيدار جي آهي، جنهن کي چار سئو رپيا رشوا جا نه
ڏنا هئم. ابو عارب هجي ها ته فيصلو منهنجي حق ۾
ٿئي ها. ابو رفيق آيو ڪلهه، هن کي ڪاغذن جو ڪهڙو
پتو.“
رمضان ڏنيس ڇيرو، چيائينس، ”چاچا شاهن! رفيق جي دل
۾ مَدي هئي، تڏهن ته تنهنجي چانهه نه پئي
پيتائين.“ مون رمضان کي ڪرڙين کاين سان ڏٺو.
ٽن ڏينهن بعد مٺوءَ جي اچڻ جو ڪنن تي پڙلاءُ پيو.
عارب اڃا موڪل تي هو. سامهون جو نظر ڪيان ته چاچو
شاهن ٻانهون ٻڌيو بيٺو آهي. چيائين، ”ابا رفيق!
مون کي پرون ته اڳي ئي پئي پيا ته تون چانهه جو
نٿو پين، ان جو به ڪو سبب هوندو. ابي عارب کي
منهنجي ڪيس جي سڄي سڌ هئي، معاملو ٺاهي وڃي توڙ
ڪيو هئائين. پر قسمت منهنجي کوٽي،
بيمار ٿي پيو. ڏوهه تنهنجو به نه آهي، پٽ تون ته
آئين ڪلهه. توکي معاملي جي ڄاڻ به ته ڪانه هئي. پر
يار، مان به ائين ڇڏڻ وارو نه آهيان. اپيل ڪندس،
جي ان ۾ نه کٽيم ته ٽپيل ۾ ويندس. پر ابا سچا نقل
ٻن- ٽن ڏينهن ۾ ٺهرائي ڏئي. چانهه لاءِ به چيو
اٿم. جي تون اڄ چانهه نه پيتي ته سمجھندس ته چاچي
سان ڪاوڙيل آهين.“
چاهه سان گڏ ڪيڪ پيس منهنجي ٽيبل تي آيو. چانهه جو
ڍڪ ڀريم ته ڏٺم ته چاچي شاهن جي چپن تي مرڪ ۽ نرڙ
تي اطمينان جي جهلڪ موجود هئي.
مترجم: سليم سهتو
ڪنهن زماني ۾ هڪ مڙس پنهنجي زال سان گڏ رهندو هو،
پر ٻيئي هڪ ٻئي جي صورت کان بيزار رهندا هئا. مڙس
زال کي بيوقوف چوندو هو ۽ زال مڙس کي. هميشه ٻنهي
۾ ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
هڪ ڏينهن مڙس سئو پائونڊ مکڻ ۽ چانور خريد ڪيا ۽
انهن کي هڪ مزور هٿان کڻائي گهر آيو. زال سخت
ڪاوڙجي پئي: ”مان ته هميشه چوندي آهيان ته ڏَڏُ
دماغ آهين!“ هُن رڙ ڪئي: ”توکي آخر ايترو گهڻو مکڻ
۽ چانورن وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت پئجي ويئي هئي؟ پُٽ جي
شادي ڪرڻ وارو آهين پيءُ جو ٽيجهو؟“
”هي ڇا بڪواس لڳائي رکي اٿئي“ ڪهڙو ٽيجهو، ڪنهن جي
شادي؟ هي شيون کڻي ڌار رکي ڇڏ، ’ڪارنوال‘
جي لاءِ آنديون اٿم.“
زال جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ته هن اهو سامان کڻي ڌار رکي
ڇڏيو.
ڪجھ وقت گذري ويو. زال برابر انتظار ڪندي رهي، پر
ڪارنوال اچڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هڪ ڏينهن
هوءَ دروازي وٽ بيٺي هئي ته هڪ ماڻهوءَ کي روڊ تان
جلدي جلدي گذرندي ڏٺو. هن هڪ هٿ نرڙ تي رکي سڏ
ڪيو:
”اڙي ادا، ٿورو هڪ منٽ لاءِ هيڏانهن ته اچجانءِ!“
نوجوان بيهي رهيو.
”اهو ته ٻڌاءِ، ڪٿي تون ئي ته ڪارنوال نه آهين
منهنجا ادا؟“ هن پڇيو.
ماڻهو فوراً ئي سمجھي ويو ته هن عورت جي دماغ ۾
ڪجھ خال آهي ۽ هُن دل ئي دل ۾ سوچيو: ”مان هن کي
چئي ٿو ڇڏيان ته مان ئي آهيان، ڏسان ڇا ٿو ٿئي.“
”ها ها ادي، مان ڪارنوال آهيان، ڇا ڳالهه آهي؟“
”ته پوءِ مون کي توسان رڳو هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.
اسان تنهنجا نوڪر نه آهيون، جو تنهنجي چانورن ۽
مکڻ کي ايترا ڏينهن رکي ڇڏيون! توکي پنهنجو پاڻ تي
حياءُ نٿو اچي ته اسان جي مهربانيءَ مان اهڙيءَ
طرح ناجائز فائدو وٺي رهيو آهين؟ آخر تون پنهنجو
سامان کڻي وڃڻ لاءِ ليئو به ڪونه پاتو.“
”ايتري ڪاوڙ ڇو پئي ڪرين ڀيڻ؟ انهيءَ لاءِ ئي ته
مان آيو آهيان. گهڻي دير تنهنجو گهر ڳولي رهيو
هيس، پر لڀي ئي نه پيو.“
”خير ڪا ڳالھ نه آهي، چڱو تون هاڻي پنهنجو سامان
وٺي ڇڏ.“
ماڻهو جلدي جلدي گهر جي اندر ويو، مکڻ ۽ چانور
ڪلهي تي رکي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.
شام جو مڙس گهر موٽيو ته زال کيس ٻڌايو: ”آخرڪار
ڪارنوال اچي ئي ويو، مون ان کي ان جو سامان ڏئي
ڇڏيو ۽ هو اهو کڻي هليو ويو.“
”ڪير ڪارنوال؟ ڪهڙيون شيون؟ ڪجھ ٻڌاءِ ته؟“
”اڙي اِهي ئي چانور ۽ مکڻ... مون ڪارنوال کي روڊ
تان گذرندي ڏٺو. هو اسان جو گهر ڳولي رهيو هو. مون
هن کي سڏي گهرايو. سخت ڇينڀيومانس ۽ پٺيءَ تي
سامان رکائي روانو ڪيم.“
”اڙي تون! بيوقوف ڪنهن جاءِ جي! تو ته مون کي
برباد ڪري ڇڏيو! مان ته هميشه چوندو هيس ته تون
نهايت ئي ڇَسي ۽ ڏَڏُ دماغ آهين! چڱو اِهو ٻڌاءِ
ته هو ويو ڪيڏانهن آهي.“
عورت ان کي طرف ٻڌايو ۽ هو پنهنجي گهوڙي تي سوار
ٿي ڪارنوال جي ڪَڍ لڳو. ان دوران ۾ ڪارنوال، جيڪو
سامان کڻي غائب ٿي ويو هو، مُڙي پوئتي ڏٺو ته هن
کي هڪ گهوڙيسوار پنهنجي پٺيان ايندو ڏسڻ ۾ آيو. هو
فوراق سمجھي ويو ته اهو ان عورت جو مڙس آهي. اهو
شخص گهوڙي تي هن جي ڀرسان آيو ۽ هن کي چيائين:
”ادا خوش آهين. ٿورو اهو ٻڌاءِ ته تو ڪنهن ماڻهوءَ
کي هتان ويندي ڏٺو آهي.“
”بيشڪ مون ڏٺو آهي.“
”اُهو پنهنجي پُٺ تي ڇا کنيو پئي ويو؟“
”مکڻ ۽ چانور.“
”اڇا ته اهو ضرور اهو ئي ماڻهو هوندو جنهن کي مان
ڳولي رهيو آهيان. ڇا هن کي هتان گذرندي گهڻو وقت
ٿيو؟“
”ها، ڪافي وقت ٿي چڪو آهي.“
”ڇا خيال آهي تنهنجو، مان تيزيءَ سان گهوڙي تي
وڃان ته ان تائين پهچي سگهان ٿو؟“
”ڀلا تون ڪيئن پهچي سگهندين؟“ ڪارنوال چيو.
”تون گهوڙي تي سوار آهين ۽ هو پنڌ هو. جيستائين
تنهنجو گهوڙو چار قدم کڻندو: هڪ، ٻه، ٽي، چار.....
ان وقت تائين هو ماڻهو پنهنجن ٻن پيرن تي اڳيان
نڪري چڪو هوندو. هڪ ٻه، هڪ ٻه! توکان گهڻو تيز!“
”ته پوءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”جيڪڏهن چاهين ته پنهنجو گهوڙو مون وٽ ڇڏي وڃ ۽
انهيءَ ماڻهو وانگر تو به پنڌ وڃ. ٿي سگهي ٿو ته
اهڙيءَ طرح تون هن تائين پهچي وڃين.
”ها ها تو ڏاڍو سٺو چيو!“ ڏَڏُ دماغ ماڻهو هن جي
تجويز کي پسندن ڪندي چيو ۽ گهوڙي تان لهي ان کي
ڪارنوال جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ پنڌ روانو ٿي ويو. هڪ
ٻه، هڪ ٻه......... جيئن ئي هو نظرن کان اوجهل
ٿيو، ڪارنوال پنهنجو بار گهوڙي تي رکيو ۽ روڊ ڇڏي
ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ گهوڙو تکو ڊوڙائيندو گهر
ڏانهن روانو ٿيو.
هو ماڻهو گهڻو پري تائين پنڌ هلندو رهيو ۽ جڏهن
هُن کي ڪوبه نه مليو ته پوتي مُڙي واپس موٽيو، پر
هن اڻ ڄاتل ۽ گهوڙي جو ڪو به نشان نه هو. هو گهر
موٽي آيو ۽ زال مڙس جي وچ ۾ نئين سر جهيڙو شروع ٿي
ويو. مڙس کي مکڻ ۽ چانورن جي سبب ڪري ڪاوڙ لڳي هئي
۽ زال کي گهوڙي وڃائڻ سبب. ٻنهي جي لڙائي جهيڙي جو
سلسلو اڃا تائين پيو هلي. مڙس زال کي ڇَسي چوندو
آهي ۽ زال مڙس کي.
۽ ڪارنوال انهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪري دل ئي دل
۾ کلندو آهي.
وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾!
مولانا عبدالواحد سنڌي جي ياد ۾.
]نوٽ:
3- جنوري 1988ع تي، سنڌي ادب جي مثالي خدمتگذار
مولانا عبدالواحد سنڌي رحلت ڪئي. مرحون نئين زندگي
رسالي جو باني ايڊيٽر هو ۽ پنهنجي مسلسل ۽ اڻٿڪ
محنت وسيلي رسالي کي مثالي پرچو بنايائين. مولوي
صاحب جو دؤر بلاشڪ رسلي جو هڪ تاريخي دؤر سڏي
سگهجي ٿو، جنهن وسيلي سنڌي زبان ۾ ڪيئي نوان اديب
۽ شاعر اُڀريا ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب جي خدمت ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو. مولانا عبدالواحد سنڌي جي ياد ۾
ڪجھ تاثرات هتي پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مرحوم جي سوانح ۽
علمي خدمتن جو تذڪرو آيل آهي. -ادارو.[
آتڻ آيا اُجاڙي هليو ويو...
تازو بُري هن ڀنڀور ۾ اهڙو هاڃو ٿي گذريو جنهن ڇھ
ڇني ڇڏيا. ندوري نئين سال ٻين لاءِ خوشين جا ڪهڙا
خزانا آندا سا سڌ سندس کي، پر اسان سنڌي جي اجڙيل
باغ جو هڪ ڪوماڻل گل يعني مولانا عبدالواحد سنڌيءَ
به اسان جي اڱڻ ۾ نه سٺائين ۽ ان کي پٽيون ويو.
ڏکيءَ کي ڏاج ۾ هميشه ڏک.
مولانا عبدالواحد سنڌي
سنڌي زبان جي مثالي خدمت گذار ۽ نئين زندگي رسالي
جي باني ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي کي، سنڌي
ادب سيمينار ـــ 1984ع جي موقعي تي، سندس شاندار
علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور جناب سيد غوث علي
شاهه ۽ ڊاڪٽر محمد افضل اجرڪ پارايو. ان وقت سڄو
ايوان تاڙين ۽ تحسين جي لفظن سان مولانا صاحب کي
خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مولانا
صاحب شدت جذبات ۽ پيرسنيءَ سبب ڪابه تقرير ڪري
ڪونه سگهيو، البت دعا جا ٻه چار لفظ چيا. هي
يادگار تصوير ان موقعي تي ورت آهي.
گهڻا سال ٿيا ته مولانا عبدالواحد اسان کان جيئري
ئي جدا ٿي ويو هو، پر اهو ڏڍ هو ته حال حيات آهي.
رٺائي رهن پر هجن حياتي. ”نئين زندگي“ ڇڏڻ کان
پوءِ سندس زندگي ۾ نئون روح نه رهيو هو. ائين پئي
زندهه رهيو جيئن ڪو پيرسن پيءُ جواڻ جماڻ اولاد
کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ پيو پساهه کڻندو آهي. حق جي
ڳالهه آهي ته هن ”نئين زندگيءَ“ کي تاتيو به تنجڻن
کان هو. پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ مولانا ڪجھ وقت
جامعه مليه ملير ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ ٻارڙن لاءِ
ڪتابڙا به لکيئاين، پر اهي ڪٿي ٿا ”نئين زندگيءَ“
جي سڪ لاهين. نيٺ سڀ کي تياڳ ڏئي، ڪنڊ وٺي ويهي
رهيو.
مولانا مرحوم ذات جو انڍڙ ۽ سکر پاسي جو ويٺل هو.
غريباڻي گهر ۾ ڄائو نپنو، پر عام سان شوق هئس. هڪ
دفعي ٻڌايائين ته حاجي عبدالله هارون کيس ڏھ رپيا
هر مهيني اسڪالرشپ ڏيندو هو، جيڪو سرمايو ساڻ ڪري
هن جامعه مليه دهليءَ ۾ وڃي داخلا ورتي. محنتي ۽
اورچ ته ننڍي لاڪون هو، جنهنڪري استادن، خاص طرح
ڊاڪٽر حسين مرحوم (جيڪو پوءِ آزاد ڀارت جو پهريون
مسلمان صدر ٿيو) جو دل گهريو شاگرد بڻيو. اتي سندس
نالي وارو ٻيو شاگرد به هو، تنهنڪري مولانا پنهنجي
نالي سان ”سنڌي“ ڳنڍي پنهنجي انفراديت برقرار رکي.
دهليءَ ۾ تعليم پوري ڪري مولانا وطن ورڻ جي وائي
ڪئي ته ڊاڪٽر ذاڪر حسين موٽن کان منع ۽ جامعه مليه
۾ استاد ٿيڻ جي آڇ ڪيس. مولانا قبوليت ته ڏني پر
جامعه وارن جو اصول هو ته ڪنهن به اڻ پرڻيل کي
استاد مقرر نه ڪندا هئا. مولانا هو مسڪين،
ڇڙوڇانڊ، پرديس ۾ نه ڄاڻ نه سڃاڻ، سو شاديءَ وارو
شرط ڪٿان پورو ڪري. پٺيان جا حال به شايد سجهنس
پيا؛ تنهنڪري مولانا مجبوري ظاهر ڪندي کڻي ٽپڙ
ويڙهيا. معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر آخرڪار مسئلو ائين
نبيريائين جو پنهنجي ئي ڪٽنب جي ڇوڪريءَ سان
پرڻايائينس. پوءِ ته لايا سجايا ٿي ويا. نوڪري به
جُڙي ته ڪناور به ملي.
چڱا جن ڪيا، مندا سي نه پسن،
توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون پين کير سان.
مولانا پنهنجي تعليمي ۽ شرعي ذميدارين جي ڪابه
ڪوتاهي ڪانه ڪئي ۽ شاگردن ۽ اولاد جو وڏو تعداد
پيدا ڪيائين. سندس شاگردن جي انگ جي ته خبر نه
آهي، باقي اولاد ڏهه ٻار ٿيس.
مولانا عبدالواحد موٽي وطن جا وڻ تڏهن ڏٺا، جڏهن
1947ع ۾ پاڪستان جڙيو. مهاجرن جي ليٽ ۾ لڙهندو اچي
سنڌ ۾ سهڙيو. پوشاڪ جي معاملي ۾ ڏک هميشه مهاجرن
واري ڏنائين پر پرديس ۾ به پنهنجو اندر هر سنڌيءَ
وانگر اجرو رکيائين. سنڌ ۽ سنڌيءَ سن سٻنڌ کي سرير
۾ اهڙو سانڍي رکيائين جو مٿس اوپرو اولڙو به نه
پيو. موقعو ملندي ئي مولانا در جا در پٽيا ته سنڌي
زبان ۽ ادب جي اهڙي زرخيزي آئي جنهن جو ڦل اڃان
پيا کائون.
غربت، گمنامي ۽ اوپرائپ هوندي به فقط سچائيءَ،
اورچائيءَ ۽ صبر سان مقصد ماڻن جو مثال ڪير معلوم
ڪرڻ گهري ته مولانا عبدالواحد مرحوم جي حياتيءَ جو
مطالعو ڪري. 1948ع ۾ وقت جي مرڪزي سرڪار ”نئين
زندگي“ نيوز بليٽن جي صورت ۾ پنهنجي پروپيگنڊا
لاءِ شروع ڪئي هئي ته مهاجرن جي جيڪا خدمت پئي ڪئي
وئي تان جو سڌ سماءُ سنڌين تائين رسي. اهو ڪم
مولانا جي حوالي ڪيو ويو هو، جو سنڌي ڄاڻندڙ مهاجر
هو. پر مولانا آهستي آهستي سرڪار کي هڙو سرمو وڌو
جو نيوز بليٽن وقت گذرندي ”نئين زندگيءَ“ جي شڪل ۾
سنڌي ادب جو سنگ ميل بڻجي وئي.
موجوده وقت ۾ سنڌي ادب جا جيڪي سورما پيا سڏجن، تن
مان گهڻن کي مولانا ”نئين زندگي“ جي صفحن تي آڱر
جهلي وک وجهڻ سيکاري هئي. صبح نيراني گهران ”نئين
زندي“ لاءِ مضمون هٿ ڪرڻ نڪرندو. هر لکندڙ جي در
تي سين هڻندو. ڪنهن اگهايس يا رکوئي روانو ڪيس،
ٻنهي جو ڀلو. مولانا عبدالواحد ”هھ زوراور“ ڪندو
پنهنجي جستجوءَ ۾ جٽيل رهندو ۽ لڙيءَ رات پيو گهر
ورندو. ٻئي ڏهاڙي وري ساڳي ڪرت. شاديءَ م شريڪ هجي
يا ڪنهن پٿر تي پير ڀريندو هجي، جيڪو ملندس تنهن
کي چوندو ”هھ زوراور، نئين زندگيءَ لاءِ مضمون ته
ڏي.“ نا اميدي، نراسائي ۽ ٿڪجي ويهي رهڻ مولانا جي
لغت ۾ ڪونه هيا. ڪنهن جي انڪار تي نه منهن
گهنجايائين ۽ نه چپن تان مرڪ کي مٽجڻ ڏنائين. مقصد
هيس ته سنڌي ادب کي مالامال ڪري ۽ نوان لکندڙ پيدا
ڪري. ڪنهن لکندڙ جي سياسي فلسفي سان مولانا جو
واسطو ڪونه هيو. سڀن کي هڪ اک سان ڏسندو هو. قدامت
پسند هجي يا قوم پرست، ڪميونسٽ هجي يا مذهبي ذهن
رکندڙ، سنڌيءَ ۾ مضمون ڏنائينس ته ”نئين زندگيءَ“
۾ ضرور شايع ڪندو. سرڪار جي پاليسيءَ جي ڪڏهن ڪاڻ
نه ڪڍيائين. ان وقت سرڪار جي عتاب هيٺ آيل سنڌي
اديبن ۽ شاعرن جا شهپارا فقط ”نئين زندگي“ ۾ ئي
ڇپبا هئا.
مون سان مرحوم جي دل هئي. اسان جا گهر به ويجها
هئا، تنهنڪري هر روز پيو ملڻ ٿيندو هو. هر وقت پيو
مضمون گهرندو هو. تن ڏينهن ۾ مون کي جسماني ورزش
جو به جنون هو، جنهن لاءِ ڏنڊا باٺا ۽ لوها اوزار
گڏ ڪيا هيم. مولانا جي مطالبي مان جند ڇڏائڻ لاءِ
شرط وڌومانس ته مون سان گڏجي ورزش ڪندو ته مضمون
ملندس، نه ته بس. منهنجا تاڪ لڳي ويا جڏهن مولانا
”ههه زوراور“ چئي، ٿيلهو ڪنڊ ۾ رکي، لوهي وزنن ۾
ڪري هٿ وڌا. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ورزش جي اهڙي چوس
پيس جو مان ورزش ڪيان نه ڪيان، هو لوها اوزار
کنيون پيو ڪسرت ڪندو هو، ڏنڊ ڪڍندو يا ليٽي پيو
کنڀڙاٽيون هڻندو. ان کان سواءِ سک نه ايندو هيس.
ڪيترا سال اهو سندس روز جو معمول هو.
”مولانا“ جو منصب ڪيئن ماڻيائين، سا سڌ اڄ سوڌو
ڪانه پئجي سگهي اٿم. ظاهري طرح ته مولانا وار اساٺ
سنوڻ ڪونه هيس. ڏاڙهي مڇ کان آزاد، کيس سجدو
ورائيندي يا مسجد اندر پير پائيندي هنن گنهگار
اکين ڪونه ڏٺو، نه سرمو پاتائين، نه وارن کي
مينديءَ سان رڱيائين، نه ڪڏهن ڪلهي تي روايتي بوڀڻ
جو بار وڌائين، نه پاجامي جا ور کنجي ان کي ڀيڏين
کان مٿي بيهاريائين ۽ نه وري مذهبي بحث پلاند
اٽڪايائين.
روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسڻ پرين جو.
مولانا مرحوم ان ٻئي فهم جو پوئلڳ هو.
مولانا زنده دل ۽ ڪچهري جو مور هو. عمر ۾ وڏي فرق
هوندي به غلام رباني آگرو، شيخ اياز، تنوير عباسي،
رشيد ڀٽي، سراج الحق، حميد سنڌي، نياز همايوني يا
مقان مولانا سان چرچا گهٻا ڪندا هئاسين ته چڙڻ
بدران ”ههه زوراور، مارائين ٿو مون کي...“ چئي پيو
کلندو هو.
”ھھ زوراور“ مرحوم جو تڪيو ڪلام هو. هر ڳالهه تي
ٽهڪ ڏيئي ”هھ زوراور، مارائين ٿو مون کي“ چوندو
هو. ”هھ زوراور“ جا گهڻا قصا آهن. 1963ع ۾ هڪ
سنگتيءَ امتحان پاس ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ
اهڙيءَ هوٽل ۾ دعوت جهلي، جنهن ۾ نائيٽ ڪلب به هو.
مولانا جي مون سان ۽ ربانيءَ سان سنگت هئڻ ڪري کيس
به دعوت جو سڏ مليو. اتي جو ماحول ڏسي، مولانا
اچرج جو اظهار ڪندي ٽهڪ ڏيئي چيو، ”ھھ زوراور،
مارايو ٿا مون کي؛ ڪٿي آندو اٿو.“ انهن ڏينهن ۾
هوٽل ۾ جپاني ڊانسرن جو ٽولو به آيل هو. ڊانس
هلندي هڪ جپاني ڊانسر جهمر پائيندي، وراڪا ڏيندي،
وڏي نازنخري سان اوچتو اچي مولانا جي هنج ۾ چڀڪو
ڪيو. مولانا ٽهڪ ڏيندي سنڌيءَ ۾ چيس، ”هھ زوراور،
مارائين ٿو مون کي.“ مولانا اهي الفاظ اهڙيءَ
سٻاجهڙائيءَ ۽ معصوميت سان چيا، جو اسان سان گڏ
جپاني ڊانسر به کلي پئي ۽ موٽ ۾ کيچل ڪندي رهي.
پوءِ معلوم ٿيو ته اسان جو ميزبان، جيڪو مولانا جي
زنده دليءَ کان واقف هو، ان شيطاني ڪري، ڊانسر کي
مولانا ڏانهن موڪليو هو.
|