جيئن ته مصنف هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙا دور جا سن وار
واقعا قلمبند ڪيا آهن، ان ڪري اهو ڪتاب هڪ قسم جو
سالنامو يا سال واري ڊائري بنجي پيو آهي. هن
ڊائريءَ ۾ جتي سيد مير محمد بلگرامي هڪ طرف ڪلهوڙن
جي فتحن ڪاميابين ، شادين ۽ خوشين جو ذڪر ڪيو آهي،
اتي نادر شاهه افشار جي اڳيان ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي بيوسي، خراج ڀرڻ ۽ سندس لشڪر طرفان
ڪلهوڙن جي رعيت تي جو ڏاڍ ڏمر، قهر ۽ جبر روا
رکيو، ظلم ستم جا ويل وهايا، ان جي اکين ڏٺي چٽي
تصوير به ان ۾ چٽيل آهي. جيئن سيد مير محمد
بلگرامي نادر شاهه جي ڪارندن جو ڪردار بيان ڪندي
لکي ٿو، ”جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي
ڪاهه ۽ قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون. جتي به ڪو
ڀلو گهوڙو ٿي ٻُڌائيون ته اتي پهچي ان کان اهو
گهوڙو کسيائيون ٿي. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي،
انهن ساڻ ڪنهن به طرح پڄي نٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح
ڪنهن وٽ ڪا چڱي تنوار يا شال يا سٺو ڪپڙو هو ته
اهو به زوريءَ ڦري ٿي ورتائون.“
تبصة الناظرين ۾ مواد جي اهميت جي پيش نظر ان جو
سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي، جو سنڌ ۽ سنڌي حڪمرانن جو
احوال به سنڌي ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن سنڌي سڄڻ
ماضيءَ جون يادون سنڌي ٻوليءَ جي آئيني ۾ چٽيءَ
طرح ڏسي، ان سان گڏوگڏ حال جو موازنو ۽ آئنده لاءِ
احتياط ۽ سبق حاصل ڪري سگهن. بهرحال هي سال وار
ڊائري ڪلهوڙا دور جي ڪن سچن واقعن جي نشاندهي ۽
ڪلهوڙا دور سان دلچسپي رکندڙن لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد
آهي.
ــ ع. ر قادري بلوچ
1117 هجري: يار محمد خدا يار خان جي هٿان نومڙين
جي شڪست
يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙو سرائي قوم جو سرواڻ،
سنڌ ملڪ جو وڏو زميندار آهي. ان هن ئي سال جبل ۾
نومڙين تي فتح حاصل ڪئي. هن فتح ۽ ڪاميابيءَ جي
تاريخ، منهنجي (مصنف جي والد) سيد مير عبدالجليل
بلگرامي هن طرح جٽي آهي:
جڏهن يار محمد خدا يار خان همت ۽ جرئت سان ڪمربسته
ٿي، نومڙين تي حملو ڪيو ته انهن جون دليون دهلجي
ويون. سخت حملي کان جبل به جنبش ڪرڻ لڳا. هن فتح
جي تاريخ: ”هي فتح خدادا“ (1117ھ) مان نڪري ٿي.
1122 هجري: سيد حسين امتياز خان خالص اصفهاني جو
مارجڻ
هن سال سيد حسين امتياز ”خالص“ اصفهاني، شاهجان
آباد کان وطن ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو هو. جڏهن
رستي ۾ سيوستان پهتو ته اتي جي زميندار يار محمد
خدا يار خان پنهنجن ماڻهن کي موڪليو ته ان تي
راتاهو هڻي، ان کي ماري وجهن. ان جو ساز سامان ۽
مال متاع به سندس قبضي ۾ آيو. منهنجي والد ان
موقعي جي تاريخ هن طرح چئي آهي:
آه آه امتياز خان (1122ھ)
امتياز خان سيد حسين ”خالص“ اصفهاني، ميرزا باقر
وزير قورچي جو پٽ يا جانشين ۽ صاحب ديوان شاعر به
هو. هي شعر ان جو آهي:
کي شوم آزاد از قيدي خودي، چون عنڪبوت
بعد مردن هم بدام خود گرفتاريم ما.
مطلب ته ڪوريئڙي وانگر پنهنجي قيد مان آزاد ٿيان،
جو اسان مرڻ کان پوءِ به ڪوريئڙي جيان پنهنجي ئي
دام ۾ گرفتار آهيون.
1125ھ: ميان يار محمد جي هٿان سبي ۽ ڍاڍر جو فتح
ٿيڻ
هن سال شڪارپور جي آسپاس ۽ نوشهري جي زميندار رحيم
داد افغان، جبل جي زميندارن جي مدد سان وڏو لشڪر
وٺي سبي قلعي ۽ ڍاڍر تي قبضو ڪيو. انهن قلعن جي
نگران ميان يار محمد جڏهن اها خبر ٻڌي، ته پنهنجي
پٽ دائود خان کي وڏو ڪٽڪ ڏئي روانو ڪيو ته سبي جي
قلعي کي زور زبردستي رحيم داد افغان جي قبضي مان
ڇڏائي. دائود خان ڪٽڪ سميت سبي قلعي وٽ پهتو ته
رحيم داد افغان بکايل شينهن وانگر جنگ ڪرڻ لاءِ
سامهون ٿيو. دائود خان حڪمت عملي سان لشڪر جي ساڄي
کان کاٻي ترتيب سان صف آرا ڪيو. پوءِ گهمسان جي
لڙائي ۽ مارڌار شروع ٿي:
ايزدش يارو قضا رهبر و توفيق رفيق
بخت همراه و ظفر مونس و اقبال نديم.
مطلب ته دائود خان جو الله مددگار، سندس تقدير
رهمنا، توفيق شامل هال، فتح ۽ ڪاميابي ورونهن ۽
بخت ساٿ هو، ان ڪري لڙائيءَ ۾ دائود خان جو پڙ ڳرو
ٿيڻ لڳو ۽ رحيم داد افغان ڀاڄ کائڻ لڳو. هن انهن
کي ڀڄڻ هرگز فائدو نه ڏنو. موت کان ماڻهو ڪيڏانهن
ڀڄي سگهندو؟ آخرڪار رحيم داد افغان ۽ سندس لشڪر
لڙائيءَ جو ميدان خالي ڇڏي شڪست کائي، پويان پير
ڪري ڀاڄ کاڌي ۽ دائود خان ڪلهوڙي جو لشڪر ڪامياب
ٿي، انهن ڀڳوڙن جي پٺيان لڳو. بهرحال دائود خان،
رحيم داد افغان تي فتح حاصل ڪري، خدا جي درٻار ۾
شڪراني جو سجدو بجا آندو ۽ ڪامياب ٿي پنهنجي پيءُ
ميان يار محمد ڪلهوڙي وٽ واپس آيو. ميان يار محمد
ڪلهوڙي، پنهجي پٽ دائود خان کي ڀلو گهوڙو، خاص
تلوار ۽ جردار خنجر انعام ڏئي خوش ڪيو.
منهنجي والد عبدالجليل بلگرامي اهو سڄو واقعو نظر
۾ آڻي، رحيم داد افغان جي هار ۽ دائدو خان جي جيت
جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هن واقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي
آهي:
ز دائود شد فتح سيوي و دادهر (1125ھ).
مطلب ته دائود خان ۽ ڍاڍار فتح ڪيو.
1135 هجري: ڪتاب جي مصنف جي خدا آباد ۾ رهائش
هن ئي سال آئون (سيد مير محمد بلگرامي)، ميان نور
محمد خدا يار خان بهادر ثابت جنگ ڪلهوڙي جي حڪم
سان 23- تاريخ محرم 1135ھ تي سيوستان کان خدا آباد
وڃي رهيو هئس، سيوستان ۽ خدا آباد جي وچ ۾ ٻارهن
ڪوهه مفاصلو آهي. هي سڄو سال ميان نور محمد ڪلهوڙي
جي پاڇي ۽ خدمت ۾ رهيس.
1136هجري: احمد يار خان ولد نور محمد جي ولادت
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پٽ ڄائو. ان جو
نالو احمد يار خان رکيو ويو. منهنجي والد
عبدالجليل بلگرامي ان جي ڄمڻ جي تاريخ هن طرح چئي
آهي: الله تعاليٰ عالي جاهه کي نيڪ بخت فرزند ڏنو
آهي. ان جي تاريخ ولادت هن مصرع مان نڪري ٿي:
نونهال عهد احمد يار خان (1136).
1136هجري: ڪتاب جي مصنف جي سيوهڻ واپسي
هن ئي سال ڪتاب تبصرة الناظرين جو مصنف سيد مير
محمد بلگرامي رجب مهيني ۾ ميان نور محمد خان کان
اجازت وٺي، خدا آباد کان سيوستان پنهنجي جاءِ تي
پهتو.
1137هجري: مراد ياب خان ولد ميان نور محمد جي شادي
هن سال مراد يادب خان ولد يار محمد ولد ميان نصير
ملڪ سنڌ جي وڏي زميندار جي خيرخوبيءَ سان شادي ٿي
گذري. مير عبدالجليل بلگرامي ان خوشيءَ جي موقعي
تي شعر ٺاهيو، جنهن ۾ ميان صاحب کي الله ۽ رسول جي
دعا سان گڏ، شاديءَ جو نظارو چٽيندي چيو آهي ته ان
شاديءَ ۾ رقص، خوشي، نغمه ۽ طعام قيام جو تمام
سهڻو انتظام هو. ان شادي جي تاريخ هن سٽ مان نڪري
ٿي:
پر مرادِ دل، مبارڪ باد اين طؤي منير (1137ھ).
1143هجري: مراد ياب خان ولد ميان نور محمد جي شادي
هن سال ميان نور محمد جي فرزند مراد ياب خان جي
شادي ٿي. هن شاديءَ جي موقعي تي مير غلام علي آزاد
بلگرامي (مير عبدالجليل جي ڏوهٽي) هي شعر چيو:
الله تعاليٰ جو حمد آهي جو مراد ياب خان جي شادي
ٿي ۽ الله ان جو مددگار آهي. هن شاديءَ سان سندس
دل جي مراد ۽ اميد پوري ٿي. گويا ٻه ستارا سعد برج
۾ مليا. سندس شادي جو سال هن سٽ مان نڪري ٿو:
به يڪجا جمع گشته ماه و زهرا (1143ھ).
مطلب ته هڪ جاءِ تي چنڊ ۽ زهره (تارو) گڏ ٿيا.
1143هجري: عبدالله خان بروهي، واليء قلات جو مارجڻ
هن سال ميان نور محمد خدا يار خان جو لشڪر عبدالله
خان بروهي جي لشڪر تي غالب آيو ۽ گهڻي ڪشمڪش ۽
ڪوشش کان پوءِ عبدالله خان بروهي مارجي ويو. مير
غلام علي آزاد بلگرامي ان جي تاريخ وفات، نثر جي
هن جملي مان ڪڍي آهي:
عبدالله بروهي قتل گرديد (1143ھ).
يعني عبدالله بروهي قتل ٿيو.
1144هجري: ميان نور محمد جي ڀاءُ محمد خان جي وفات
هن سال ميان محمد خان، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو
ڀاءُ هن فاني دنيا کي ڇڏي، هميشه خوشيءَ واري دنيا
۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام علي آزاد بلگرامي، ميان
محمد خان جي تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:
تاريخِ وفاتِ او سحر هاتف غيب- مي گفت: چشيد مي
زجامِ ڪوثر (1144ھ). مطلب ته باک ڦٽڻ مهل هاتف
تاريخ وفات چئي ته، حوض ڪوثر مان شراب جو پيالو
پيتائين.
1144هجري: ثابت جنگ جو خطاب
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي، عبدالله خان بروهي
تي فتح حاصل ڪرڻ ڪري، ”ثابت جنگ“ جو خطاب حاصل
ڪيو. غلام علي آزاد بلگرامي خطاب حاصل ڪرڻ جو سال
هن سٽ مان ڪڍيو آهي:
خطابِ عمدهء سلطان مبارڪ: (1144ھ).
مطلب ته عمدو خطاب بادشاهه کي مبارڪ هجي.
1146هجري: مراد ياب خان جي شادي، مراد علي بروهي
جي نياڻي سان
هن سال مراد ياب خان جي شادي، مراد علي خان بروهي
جي نياڻي سان ٿي. (مراد دعلي خان بروهي، مٿئين
عبدالله خان بروهي واليء قلات جو سوٽ هو). مير
غلام علي آزاد بلگرامي هن شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي
جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي ٿو:
مبارڪ باشد و باشد مبارڪ (1146ھ).
1147هجري: خداداد خان جي شادي عبدالله خان بروهي
جي نياڻي سان
هن سال خداداد خان، ميان نور محمد جي وچين فرزند
جي شادي عبدالله خان بروهي رئيس قلات جي نياڻيءَ
سان ٿي گذري. مير غلام علي آزاد بلگرامي هن شاديءَ
جي تاريخ هن سِٽ مان ڪڍي آهي.
همايون باد اين جشن خداداد (1147ھ).
مطلب ته خداداد خان کي هي جشن مبارڪ هجي شال!
1148هجري: ايران جو بادشاهه نادر شاهه
هن سال جي عجيب واقعن مان هي آهي، جو نادر شاهه
جنهن جو نالو قلي خان هو، محمود خان افغان غلزئي
قنڌاري جي ڏڦيڙ ۽ بربادي ۽ شاهه طهماسپ بن شاهه
حسين صفوي جي مرڻ کان پوءِ ايرانين طرفان نادر
شاهه جو لقب اختيار ڪري بادشاهه بنيو، پر روم جي
بادشاهه جنهن ايران تي ڪاهڻ جو راداو ڪيو هو، جي
خوف کان اندر شاهه پنهنجو مذهب ڇڏي اهل سنت وجماعت
جو خطبو پڙهيو ۽ ڪيترن اماميه عالمن کي تلوار سان
هلاڪ ڪيو ۽ جيئن نوڪر اٽڪل ۽ حرفت سان زور وٺي،
پنهنجي مالڪن سان سامهون ٿئي، ان وانگر هي به بي
ادب ۽ گستاخ بنيو. جيئن عرب چون ٿا: النادر
کالمعدوم.
نادر شاهه جي سڪي تي هي بيت تحرير آهي:
سڪه بر زر ڪرد نام سلطنت را در جهان
نادرِ ايران زمين و خسرو گيتي ستان
ٻين کان ٻڌو اٿم ته سندس سڪي تي هي بيت لکيل هو:
نگين دولت و دين، چونڪه رفته بود از جا
بنامِ نادرِ ايران قرار داد خدا
سندس حڪومت تي ويهڻ جي تاريخ رپئي تي هي لکيل هئي
۽ اهو جملو مون پاڻ اکين سان لکيل ڏٺو آهي:
اَلخَيرُ فِي ما وَقَعَ (1148).
1149هجري: نادر شاهه ايراني جي هٿان قنڌار جو فتح
ٿيڻ
هن سال ايران جي بادشاهه پنجاهه هزار سوار ۽ بي
شمار پيادي فوج سان اصفهان کان اچي قنڌار جي قلعي
جو گهيرو ڪيو. ان قلعي جو رئيس حسين خان افغان
گهيري ۾ هو. هڪ سال تائين ايرانين ۽ افغانين جي وچ
۾ جنگ هلندي رهي. آخر قنڌار جي قلعي وارن جي کاڌ
خوراڪ ۾ کوٽ پيدا ٿي ۽ قلعي وارا ماڻهو پريشان ٿي
پيا. لاچار حسين خان افغان، نادر شاهه جي اڳيان هٿ
ٻڌي اچي حاضر ٿيو. نادر شاهه چيو، ته ان کي گڏهه
تي چاڙهي سڄو شهر گهمائين. آخرڪار نادر شاهه، حسين
خان قيد ڪرڻ جو اشارو ڪيو.
1151هجري: نادر شاهه هندستان ۾
هن سال ايران جو بادشاهه نادر شاهه قنڌار جو قلعو
فتح ڪري، قلعي جي رئيس حسين خان افغان غلزئي کي
گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪابل جي رستي لاهور آيو. اتي
جو ناظم نواب زڪريا خان خلف نواب عبدالصمد پاڻ ۾
نادر شاهه سان مقابلي جي طاقت نه ساري سگهيو ۽
نادر شاهه وٽ اچي پيش ٿيو ۽ شاهي عنايتن ۾ شامل
ٿيو.
نادر شاهه لاهور کان ڪوڍ ڪري جنگي تيارين سان،
پاڻي پٽ ۽ ڪرنال ڳوٺ وٽ پهتو ۽ هن طرف کان نواب
خان دوران بهادر ۽ سندس ڀاءُ اوڌ صوبي جو ناظم
نواب مظفر خان مبارز الملڪ نواب سعادت خان ۽ ٻيا
امير (محمد شاهه) بادشاهه جي حڪم موجب مقابلي لاءِ
ٻاهر آيا. ڪرنال وٽ ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿيون.
چئني طرفن کان جنگ جو جوش خروش ڀڙڪا ڏيڻ لڳو.
اهڙيءَ طرح امير الامراء خان دوران بهادر ۽ نواب
مظفر خان، ان جو ڀاءُ اشرف خان، ان جو پٽ شهداد
خان پٽن سميت، علي احمد خان ڪوڪه، مير ڪلو ولد مير
مشرف لکنوي، عاقل بيگ خان ۽ ٻيا، ٽيهارو ماڻهو
هاٿي سوارن (نادر شاهه جي لشڪر) کان شهادت جي درجي
تي پهتا. جڏهن محمد شاهه بادشاهه، نادر شهاه جي
رعب تاب ۽ لشڪر جي گهڻائي جي خبر ٻڌي، سمجهيائين
ته جنگ ڪرڻ ۽ نادر شاهه جي ظالم لشڪر سان پڄڻ جي
ڀيڻي ڪانهي؛ تڏهن صلح جو ارادو ڪري، نادر شاهه جي
استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ ڪرنال وٽ اچي نادر شاهه
سان ملاقاتي ٿيو. پوءِ اتان ٻئي بادشاهه، جهان
آباد آيا. محمد شاهه اسد برج ۽ نادر شاهه برج ۾
منزل انداز ٿيا. ان دوران اوچتو نواب سعادت خان،
بادشاهي قلعي ۾ گذاري ويو.
منصبدارن سندس جنازو قلعي ۾ منهن ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر
آندو. جيئن ته ٻين کي نواب جي موت جي خبر ڪانه
هئي، ان ڪري افواهه پکڙيو، ته محمد شاهه اٽڪل ۽
حيلي وسيلي نادر شاهه کي ماريو آهي ۽ جلدي ان جو
جنازو قلعي کان ٻاهر نڪرڻ وارو آهي. تاريخ يارهين
زوالحج جي ڳچ رات گذري ته ماڻهن جا ڪٽڪ اچڻ لڳا.
نادر شاهه جو لشڪر به انهن ماڻهن سان گڏ شهر ۾ آيو
هو. نادر شاهه جي سپاهين کي جنهن به ماڻهو گهٽي يا
بازار ۾ ڏٺو ٿي ته انهن کي ماريو ٿي. نادر شاهه
پاڻ شالامار باغ ۾ فوج جي پهري ۾ سلامتيءَ سان
ويٺو هو. جڏهن نادر شاهه جي سپاهين جي مرڻ جو هل
هنگامو نادر شاهه جي ڪن تي پيو، ته نادر شاهه سخت
ڪاوڙ ۽ غصي مان صبح سويري ٻاهر اچي، مدرسي روشن
الدوله ۾ ويٺو ۽ قتل عام جو حڪم جاري ڪيو ۽ چيو،
ته جنهن به جاءِ تي اسان جي سپاهين کي ماريو ويو
آهي، ان محلي کي لٽي برباد ڪن ۽ ان محلي جو ڪوبه
ماڻهو جيئرو نه ڇڏين! قزلباش (نادر شاهه جي
سپاهين) تلوار کي خوب هلايو. ڪيئي ماڻهو مارجي
ويا. جئين قلعي کان مسجد جهانما، پراڻو عيدگاهه ۽
ڪوٽله، درهاله کان روح الله خان جي مسافرخاني
تائين جا ماڻهو ماريا ۽ ڪٺا ويا. لڙيءَ منجهند
تائين خون خرابي ۽ مارڌاڙ جي بازار گرم رهي.
تقريبا اسي هزار ماڻهو چاندني چوڪ ۽ گهٽين بازارن
۾ مارجي ويا. آخرڪار نواب نظام الملڪ آصف جاهه ۽
نواب قمر الدين خان وزير، نادر شاهه وٽ فرياد ۽
الامان الامان چئي عاجزي ۽ سفارش ڪئي. نادر شاهه
جي ڪاوڙ شملا ٺريا ۽ باقي رهيل ماڻهن کي جيئندان
مليو.
ٻه نيم غمزه تواني ڪه قتل عام ڪني
نعوذ بالله اگر غمزه را تمام ڪني
مطلب ته اک جي اڌ اشاري سان ئي قتل عام ڪري ٿو
سگهين. الله جي پناهه ٿا گهرو، جيڪڏهن اک جو پورو
اشارو ڪرين!
(مشهور آهي، ته نواب آصف جاهه، نادر شاهه جي
سامهون هي بيت پڙهيو):
ڪسي نماند ڪه ديگر به تيغ ڪشي
مگر ڪه زنده ڪني خلق را وباز ڪشي!
مطلب ته ڪوبه ماڻهو نه رهيو آهي جو تلوار سان
ڪُهين، مگر خلق کي ٻيهر جيئرو ڪري پوءِ انهن کي
ڪُهين!
نادر شاهه، آصف جاهه نواب کي جواب ۾ چيو ته توکي
اڇي سونهاري جي ڪري بخشيم- جنهن وقت محمد شاهه
بادشاهه کي هن دردناڪ واقعي جي خبر پئي ته، هي بيت
زبان تي آندائين:
ديدهء عبرت ڪشا وقدرتِ حق را به بين
شامتِ اعمال ما صورت نادر گرفت!
ترجمو: عبرت جي اک کول ۽ حق جي قدرت ڏس. اسان جي
عملن جي شامت، نادر جي صورت ورتي آهي!- مرقع دهلي،
سيد احمد ص 20.
سيد نياز خان (نواب قمر الدين خان وزير جو نياڻو)
شهسوار خان قراخان جو ڀاڻيجو، حافظ راي مان ۽ ٺيڪل
هزاري، جن نادر شهه جي سپاهين کي ڦٽي ماري، شهر
کان ٻاهر هليا ويا هئا. نادر شاهه جي حڪم سان انهن
کي گهرائين سندن پيٽ چيريو ويو. نواب وزير جي
روبرو، نواب جي ديوان مجلس راي جا نادر شاهي حڪم
سان ڪن ڪپيا ويا ۽ ان جي پٽ جو پيٽ چيريائون. مطلب
ته بهادرن جو مٿو، سينو، هٿ ۽ پير ٻڌي ڀڃي وڍيا ۽
چيريا ويا.
نادر شاهه تقريباً ٽي مهينا شاهجهان آباد ۾ رهيو.
نادر شاهه پيسا ڏوڪڙ، مال متاع، بي انداز هيرا
جواهر ۽ شاهجهان بادشاهه جو ”طائوسي تخت“ جنهن تي
بي حساب خرچ ٿيل هو، ۽ ٻيا زمرد جا تاج تخت سڀ لٽي
ڦري، ماهه صفر جي اڌ ڌاري سنه 1152ھ ۾ کڻي ايران
ملڪ ڏي موٽيو. ڪنهن شخص دهلي جي برباد ٿيڻ جي
تاريخ هن جملي مان ڪڍي آهي، ”دلي خراب شد“ يعني
دهلي جو شهر برباد ٿيو. هن جنگ ۾ هندستان جي
بادشاهه طرفان ايراني فوج سان سخت ۽ دليري سان
مهاڏو ڏنو ۽ مقابلو ڪيو. انهن ۾ دوست ۽ بلگرامي
ڀائر جن مان هر هڪ فن سپاهگيري ۾ مشهور هئا. جيئن
مير محمد محسن عرف سيد روشن ۽ سندس ساٿي جن جنگ ۾
بهادري ۽ دليري سان منهن ڏنو هو. آخرڪار تاريخ 15-
ذوالحج تي شهادت جو شربت پيتائون. ان لله وانا
اليہ راجعون.
شهيدن جا نالا
(سڀني تي الله جي رحمت هجي).
ميدان پوره محله کان (اٺ ڄڻا): (1) مير محمد محسن
عرف سيد محمد روشن جماعتدار، (2) سيد حسين رضا بن
مير يحيٰ، ويهن سالن جو نوجوان، (3) سيد غلام رسول
ولد سيد غلام مصطفيٰ بهته قبيلي کان، (4) سيد
سبحان علي عرف باقي بن مير سيد احمد ميڊه پٽ سميت،
(5) مير نور الهديٰ پنجاهه ساله، (6) سيد فضل الله
بن سيد نجابت- هن سيد شادي ڪئي هڪ هفتو مس گذريو
هو جو جنگ لاءِ روانو ٿيو هو، (7) سيد شجاع بن سيد
عليم الله ۽ (8) (؟)
سيد واڙه محلو ۽ قاضي پور (چار ڄڻا)، سيد واڙه مان
ٻه ڄڻا: (1) سيد عظيم بن سيد قريش بن مير
ابوالقاسم، (2) سيد دين محمد ولد باقر بچهي.
قاضي پوره مان (ٻه ڄڻا): (1) شيخ روح الامين خان
عثماني، (2) مان پٽ ڪشن (تاريخ محمدي ۾ سڀني شهيدن
جي فهرست آيل آهي، عرشي رامپور) سيد محمد محسن
جماعتدار جي تاريخ وفات سيد شهريار بن سيد نواب هن
آيت مان ڪڍي آهي: قل ان رحمة لله قريب من
المحسنين.
1152ھ- نادر شاهه سنڌ ۾
هن سال نادر شاهه بادشاهه جنهن وقت هندستان جي ڪم
کان واندو ٿيو ته، سنڌ جي رستي ايران ملڪ موٽڻ جو
ارادو ڪيو. احتياط طور ميان نور محمد خدا يار خان
ڪلهوڙو، بکر ۽ سيوستان جو زميندار، نادر شاهه جي
خوف ۽ سندس لشڪر جي خطري کان خدا آباد ڇڏي، عمرڪوٽ
هليو ويو. بنده مير محمد بلگرامي ڪتاب جي مصنف کي
ميان نور محمد سيوستان وڃڻ جي موڪل ڏني. جيئن ته
امرڪوٽ مضبوط قلعو ۽ وچ ٿر ۾ پري آهي. امرڪوٽ جي
چوڌاري چاليهن ڪوهن تائين ساوڪ ۽ پاڻي به ڪونهي،
پر نادر شاهه لشڪر سميت ڌوڪيندو وڃي امرڪوٽ ۾
ٺڪاءُ ڪيو. لاچار ميان نور محمد هٿ ادب جا ٻڌي،
قرآن شريف کڻي، نادر شاهه وٽ ويو. نادر شاهه سخت
ڪاوڙ مان ميان نور محمد ڏي منهن ڪري پڇيو ته، ”چرا
از ما گربختي واين جا پناه چون آورده اي؟“ مطلب
ته، اسان کان ڇا لاءِ ڀڳين ۽ هتي ڇو پناهه ورتي
اٿئي؟ ميان نور محمد ڪلهوڙي حڪمت عملي سان جواب
ڏنو ته، ”حقير ستن پيڙهين کان هندستان جي بادشاهن
جو خدمتگار آهي، جيڪڏهن هن وقت اوهان جو ساٿ ڏجي
ها ته بي وفا سڏجان ها!“ نادر شاهه ميان صاحب جي
هن معقوم جواب کي پسند ڪيو. هڪ هفتي کان پوءِ ميان
صاحب کي خلعت، گهوڙو ۽ تلوار عطا ڪئي ۽ اڳئين
وانگر ملڪ به ميان صاحب جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ نادر
شاهه هن ئي سال جي آخر ۾ اڳتي روانو ٿيو.
1155ھ- مصنف جو سنڌ کان بلگرام ڏانهن موٽڻ.
هن سالن راقم الحروف سيد مير محمد بلگرامي، تاريخ
8- شعبان تي سيوستان کان خدا آباد ويو، مهربان
ميان نور محمد خان کان پنهنجي وطن هندستان وڃڻ جي
موڪل وٺي، 12- شعبان تي وري سيوستان پهتو. سفر جي
سامان، گهوڙي ۽ اٺ جي خريداري ۾ مشغول ٿيو. آخر
تيار ٿي رمضان مبارڪ جي 25- تاريخ اتان روانو ٿيو.
الله جي مهرباني، عافيت، صحت سلامت ۽ بااهل وعيال،
سنڌي هندي ساٿين سان گڏ، سنڌ ۾ هن ڀيري ڏهه سال
گذرڻ کان بعد، خير خوبي سان 27- محرم 1156ھ تي
پنهنجي اصلي وطن، شاعرن جي سرزمين بلگرام پهچي،
الله جو شڪر بجا آندم:
- مون کي پنهنجو شهر يا وطن پيارو آهي، جيتوڻيڪ ان
۾ مون تي تڪليفون جاري ٿين يا اگهاڙو ۽ اڇيو بکيو
هجان، پوءِ به وطن عزيز آهي.
- مسافريءَ جي گل گلستان کان وطن جو قيد به ڀلو
آهي. حضرت يوسف عليہ السلام جي قول موجب، مصر جي
بادشاهي کان ڪنعان جو کوهه وڌيڪ آهي.
- ان کان پوءِ هن وقت تائين پنهنجي وطن ۾ آهيان ۽
ڪنهن به امير۽ وزير جي دروازي تي نه ويو آهيان.
1155هجري: منڊي
هن ئي سال بنده، عقيق يمني منڊيءَ جو ٻڙو، سيوستان
مان لاهور شهر ۾ خان عاليشان منعم خان ڏي موڪليو،
ته ان تي منهنجي پيءُ مير عبدالجليل بلگرامي جي
محمدﷺ نالي واري سجع نقش ڪري موڪلي. سجع هي آهي:
محمد است ز روز ازل جليل القدر
ترجمو: محمد روز ازل کان وڏي شان وارو آهي.
البت منڊي خدا آباد ۾ تيار ٿي. اها ٻڙي واري مندي
رجب مهيني ۾ هٿ ۾ پاتم. اڳ ۾ بنا سجع جي منڊي
پائيندي هوس.
1156هجري: اها صورتحال جا سنڌ ۾ نادر شاهه جي حملي
وقت پيدا ٿي
هن سال ۾ راقل الحروف مير محمد بلگرامي جو سنڌ ملڪ
مان هندستان ڏانهن موٽڻ ٿيو. پهريائين سيوستان مان
ٻيڙيءَ رستي روانگي ٿي. پندرهي ڏينهن بکر پهچڻ
ٿيو. بکر ۾ ٻيڙيءَ کي ڇڏي، اٺ ڀاڙي تي ڪيا ويا.
جيسلمير جي رستي، سوداگرن جي قافلي سان مارواڙ
روانگي ٿي. قافلي ۾ اڪثر سوداگر قنڌاري، افغان ۽
ملتان جا هئا. قافلي ۾ سوداگرن جا سئو کن اٺ بار
سان لڏيل هئا. بکر شهر مان روانگيءَ کان پوءِ رستي
۾ وڏا شهر جيسلمير، پوهڪرن، ميرٺ ۽ جينگر نظر آيا.
مطلب ته اڪبر آباد ۾ ان رات پهتاسون، جنهن رات
هندو هولي ملهائي رهيا هئا. اڪبر آباد ۾ ڪن شين
خريد ڪرڻ ۽ ضروري ڪم ڪار لاءِ هڪ هفتو رهڻو پيو،
تانته 27- تاريخ محرم سن 1156ھ ۾ جان مال، بااهل
عيال ۽ خير خوبي سان پنهنجي وطن پهتس. والد
بزرگوار کي فاتحه بخشيم ۽ جيجل ماءُ جي قدمن چمڻ
جي سعادت نصيب ٿي. اها اميد ۽ آرزو گهڻن ڏينهن کان
دل ۾ هئي، جا الله تعاليٰ پنهنجي مهرباني سان پوري
ڪئي.
سيوستان ڇڏڻ جو سبب: سيوستان امن واري جاءِ، ملتان
۽ ٺٽي صوبي جي وچ تي آهي. منهنجو سيوستان مان اچڻ
جو سبب اهو هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ ملڪ تي غلبو
ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو ان جي فرمان جو محڪوم
ٿيو. نادر شاهه هر سال چوڏهن لک رپيا خراج، ميان
صاحب تي مقرر ڪيو. ان خراج اڳاڙڻ لاءِ نادر شاهه
وزير، وڪيل ۽ چار سوار مغل مقرر ڪيا، ته خدا آباد
مان ميان نور محمد ڪلهوڙي کان خراج وصول ڪري، نادر
شاهه جي حضور ۾ پهچايائين.
جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا، ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽
قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائيون. جتي ڪو ڀلو گهوڙو
ٿي ٻڌائون، ته اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو ٿي
کسيائون. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي، انهن سان
ڪنهن به طرح پڄي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح ڪنهن وٽ ڪا
چڱي تلوار يا شال يا سٺو ڪپڙو هو، ته اهو به
زوريءَ ڦري ٿي ورتائون. اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور
جي ڪري، بنده راقم سيد مير محمد بلگرامي جي دل ڀڄي
پئي، جو آئون به بااهل عيال اتي سنڌ ۾ هوس.
سنڌ ملڪ ڇڏڻ جو ٻيو سبب اهو آهي، ته ٻنهي بادشاهن
معاهدو ڪيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي جيڪو هندستان
جي طرف آهي، اهو محمد شاهه جو هوندو ۽ اهو پاڻي
جيڪو خراسان طرف آهي، سو پاڻي نادر شاهه جي قبضي ۾
هوندو. ان ڪري نادر شاهه کان پوءِ سنڌ ملڪ صوبي
ٺٽي، سيوستان ۽ بکر سرڪار مان محمد شاهه جان
منصبدار دهلي ويا، مگر بنده سيد مير محمد بلگرامي
کي ميان نور محم خان پاڻ کان جدا ڪرڻ نه ٿي گهريو.
بنده کي هن کان ٻه سال اڳ سياري جي موسم ۾ سفر
سڻائو هو، ميان نور محمد خان کان وطن وڃڻ جي لاءِ
موڪل گهريم، پر نه ڇڏيائون. ٽئين سال جي سياري ۾
وري وطن وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيم ۽ عرض ڪيم ته قرب
ڪري قبول فرمايائون. ميان نور محمد ڪلهوڙي کي موڪل
لاءِ هي عرضنامو لکيم:
قبله مقبلان، بادشاهن جا بادشاهه، سلامت! فقير کي
جيجل ماءُ جي قدمبوسيءَ جو تمام گهڻو شوق آهي ۽ ان
کي به منهنجي ڏسڻ جو تمام گهڻو اونو ۽ آسرو آهي،
جو پيرسنيءَ ۾ من هڪ ڀيرو مون کي ڏسي سگهي. ان کان
سواءِ دل ۾ اهو به ارمان آهي، ته موت جو وقت مقرر
ڪونهي. بنده جي خبر وطن ڪيئن پهچندي؟ جڏهن ته
منهنجو ڪو ڀاءُ، ڀائيٽيو، پراڻو همدرد خدمتگار به
هن فقير وٽ ڪونهي. ان حالت ۾ هڪ سال جي موڪل جي
اميد آهي ته وطن پهچي والده کي ڏسان. جنهن به وقت
بادشاهه سلامت، قرب ۽ قدرداني ڪري، بنده کي ياد
ڪيو ۽ مون کي گهرائڻ جو خط موڪليندا ته ان نياپي
ذريعي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس... بهرحال عمر ٿوري ۽
اميدون گهڻيون آهن.
-- سيد محمد بن مير عبدالجليل بلگرامي
سنڌ ۾ ميان وال تحريڪ
عبدالله خان مگسي
هر دور ۾ هر هنڌ انساني سماج پنهنجي تاريخي عمل
دوران مختلف انساني سرگرمين مطابق ڪيترن ئي نون
رياستي مذهبي اخلاقي ادارن جي تخليق ڪري ٿو، جيڪي
عوام جي روحاني، مادي ۽ اخلاقي ضرورتن جي پورائي
ڪندا رهن ٿا. انهن ادارن ذريعي جيڪو سماجي شعور
اڀري ٿو، سو مختلف تحريڪن، فلسفن ۽ نظرين جي روپ ۾
عوام جي گهڻائيءَ جي ترجماني ۽ رهنمائي ڪري ٿو.
سنڌ اندر مخدوم بلاول شهيد، قاضي قاضن، ميان آدم
شاهه ڪلهوڙو، مخدوم نوح، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي،
قلندر نصير محمد ڪلهوڙو، شاهه عنايت صوفي، خواجه
محمد زمان لنواري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي، سچل سرمست، بيدل، بيڪس، خوش خير
محمد، حمل فقير ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا
آهن، جن جي فڪر کي تاريخ ۾ سنڌي عوام جو ترجمان
سمجھيو پئي ويو آهي.
قديم سماجن جيان سنڌي سماج اندر به ٻن قسمن جو
شعور موجود پئي رهيو آهي. هڪڙي شعور مطابق ڪائنات
اندر هڪ وحدت سمايل آهي، ان ڪري انهيءَ شعور کي
محبت، امن، ڀائيچاري، حب الوطني ۽ مساوات جو
ترجمان سمجھيو پئي ويو آهي. ٻئي طرف وري عقيدي
پرستيءَ وارو شعور هو، جنهن مطابق تاريخي عمل ٻن
طاقتور قوتن جو محتاج آهي، يعني جملي هستيءَ جو
بنياد وجود ڪل (خدا پاڪ) آهي، پر پيدا ٿيڻ بعد
عالم ناسوت (مادي دنيا) به پنهنجي جدا هستي رکي
ٿو. ان ڪري هر شئي جا ٻه پهلو ٿين ٿا: هڪ روح ۽
ٻيو مادو. سچ آهي ته ڪوڙ به آهي؛ جي ثواب آهي ته
گناهه به آهي، تنهنڪري نفعو نقصان، جزا ۽ سزا به
لازمي شيون ٿيو پون. ان ڪري انسان کي گناهن ۽
گمراهي مان ڪڍي راهه ثواب ۽ حق طرف هلائڻ لاءِ
مذهبي شريعت، جماعتي قاعدن ۽ قانونن جي ضروري پوي
ٿي. اهو فلسفو عالم وحدت جي يڪوجودگيءَ جي باوجود
عالم ڪثرت جي ظاهري اختلافن کي هڪ حقيقت ڪري مڃي
ٿو(1) ان ڪري هن نظريه ۾ اعتقاد رکندڙ بزرگن سياست
۽ مذهب کي گڏ هلائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. سنڌ جي
تاريخ ۾ سهروردي بزرگ انهيءَ ٻئي نظريه يعني راسخ
الاعتقاد جا حامي هئا، جنهن جو روح روان غوث بهاؤ
الدين زڪريا ملتاني ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت هئا.
پر انهن بزرگن ۾ ڪنهن حد تائين برصغير جي ٻين
صوفين ۽ مشائخن جي مقابلي ۾ وڌيڪ روشن خيالي پڻ
موجود هتي(2). سمن جي حڪمرانيءَ جي آخري دور ۾ سيد
ميران محمد جونپوري جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري راسخ
الاعتقادي ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جو وڌيڪ جزو شامل ٿي
ويو. هن جماعت جو بنياد ترڪ دنيا، نيڪ صحبت، ترڪ
مال ۽ هجرت تي رکيل هو(3). سندس سياسي مقصد وطني ۽
ثقافتي بنيادن تي قومي تسلط ۽ سياسي اقتدار کي ختم
ڪري غلبه اسلام (پين اسلامڪ) کي قائم ڪرڻو هو(4).
ڪيترائي عالم ۽ مشائخ مهدوي دائري ۾ داخل ٿي ويا.
ٻئي طرف وري قلندري، ملامتي ۽ وحدت الوجودي نظريه
رکندڙ بزرگ هئا، جيڪي پنهنجي باغيانه خيالن جو
اظهار ڪندي شريعت (قانون ۽ رياست) جو انڪار ٿي
ڪيو(5). نتيجي ۾ سڄو سماج نظرياتي ڇڪتاڻ جو شڪار
ٿي ويو. نتيجي ۾ مخدوم بلاول جي شهادت عمل ۾ آئي.
مفادپرست مذهبي گروهه ۽ رجعت پسند جاگيردار هڪٻئي
۾ ملي پنهنجي آزاد خيال سمن حڪمرانن جي خلاف
ٻاهرين حملي آور جارح قوتن جو ساٿ ڏنو ته جيئن سنڌ
جي مرڪزي قوت کي ڪمزور اهي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا
رهن. ان وقت جو وچون طبقو، جيڪو گهڻو ڪري ننڍڙن
واپارين، هنرمندن ۽ ننڍن آبادگارن تي مشتمل هو، سو
سماج جي اڀرندڙ ترقي پسند قوتن سان سلهاڙجي اڳتي
وڌڻ جي حالت ۾ ڪونه هو، جو سڌو سنئون ٽڪر ۾ اچي،
ان ڪري اجتمائعي شعور جي انهن محب وطن نمائنده
قوتن پنهنجي ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي ارغونن ۽ سمن
جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگين ۾ پنهنجي عدم ۽ دلچسپي
ڏيکاري، ڇاڪاڻ ته کين تجارتي خساري ٿيڻ جو ڊپ
هو(6). انهيءَ سياسي ۽ اقتصادي بحران سبب معاشري ۾
مادي ۽ روحاني خلا پيدا ٿي پئي. اهڙي صورتحال آدم
شاهه ڪلهوڙي جي فڪر ۽ فلسفي جي جوڙجڪ ۾ مکيه ڪردار
ادا ڪيو. هن وچون رستو اختيار ڪيو. هن سريعت ۽
طريقت، محفل ۽ وجفان جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. هن پنهنجن بزرگن جي سهروردي طريقي ۽
مهدوي تحريڪ کي هڪٻئي سان ملائي تصوف (مذهبي
فلسفي) ۽ سياست کي (رياستي اقتدار) هڪٻئي سان
ملائي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سهروردي طريقي جي
راسخ الاعتقاد واري ڪردار ۽ مهدوي تحريڪ جي
مجاهدانه ۽ جنگجو فلسفي کي ملائي نئين تحريڪ جو
آغاز ڪيو(7). جنهن ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي رجحانن
سان گڏوگڏ ترڪ دنيا ۽ راهبانه زندگي گذارڻ جي ڪافي
گنجائش موجود هئي. ان ڪري ميان آدم شآهه جي هن
نئين شروع ڪيل تحريڪ ۾ ’لبرلزم‘ جا ڪيترائي جزا پڻ
موجود هئا(8)، ڇاڪاڻ ته سمن جي دور حڪومت ۾ سماج
جاگيرداري نطآم کان اڳتي وڌڻ لڳو هو. جاگيردار
طبقي سازش ڪري مهدوي فڪر هيٺ ارغونن کي سنڌ تي
حملي ڪرڻ لاءِ اڪسايو ۽ پنهنجن ڏيهي حاڪمن ۽ سندن
مددگار اڀرندڙ واپاري طبقي جو زوال آندو. انهيءَ
انقلابي دور ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي محسوس ڪيو ته
اقتدار لاءِ روحاني طاقت سان گڏ مادي طاقت جو هجڻ
به ضروري آهي. ان ڪري هن زمين جو وڏو خطو پنهنجي
قبضي ۾ ڪيو، جنهن ڪري سندس حيثيت هڪ زميندار سان
گڏوگڏ ’مذهبي پير‘ جي به پڻ ٿي پئي. ديره غازي
خان، بهاولپور، سبي ۽ گنداواهه جا بلوچ قبيلا سندس
مريد ٿي ويا. سندس مريدن کي ”فقير“ سڏيو ويندو هو،
۽ اهي فقير وري پنهنجي اعليٰ قيادت کي ”ميان صاحب“
جي لقب سان سڏيندا هئا. اڳتي هلي سڀيئي ڪلهوڙا
حاڪم پاڻ کي ”ميان“ ۽ ”خادم الفقراءُ“ جي لقب سان
سڏائڻ ۾ فخر ڪرڻ لڳا.
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي تحريڪ سنڌ ۾ ”ميان وال
تحريڪ“ جي نالي سان مشهور ٿي. هڪ تحريڪ جا ٻه مقصد
هئا: هڪ ماڻهن ۾ تزڪيه نفس وسيلي اتحاد ۽ اقتدار
تي قبضو ڪري مغل راڄ جي بالادستيءَ جو خاتمو آڻي.
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجي هن نئين تحريڪ جو
بنياد بلوچي عصبيت تي رکيو، جنهن ڪري بهاولپور،
ملتان، اُچ، ديره غازي خان، سبي ۽ گنداواهه جا
بلوچ قبيلا سندس مريد ٿيندا ويا.
هر تحريڪ ٻن گروهن ۾ ورهايل هوندي آهي، جنهن کي
صوفين جي زبان ۾ جمالي ۽ جلالي ۽ جديد زبان ۾
انتها پسند ۽ اعتدال پسند چئبو آهي، يعني هڪڙا
ڪارڪن جوشيلا ۽ جذباتي هوندا آهن، جيڪي تحريڪ جي
اصولن ۽ متن سان بيحد پيار ڪندا آهن. ان ڪري هو
ڪڏهن به پارٽيءَ جي اصولن ۾ نرمي قبول نه ڪندا
آهن. ٻيا وري ماحول ۽ حالتن مطابق مصلحت کان ڪم
وٺي تحريڪ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ان ڪري هر تحريڪ اندر اهڙن ٻنهي گروهن جي وچ ۾
جيڪو نمايان فرق هوندو آهي، تنهن کي قيادت مختلف
نالا ڏيندي آهي. مثال طور حر جماعت جي جوشيلن ۽
گرم ڌر جي ڪارڪنن کي ’فرقي‘ ۽ مصلحت پسند کي
’صالحين‘ ڪري سڏبو آهي. ساڳيءَ طرح ميان آدم شاهه
جا مريد پڻ ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا: هڪڙن کي ’فقير‘
سڏيو ويندو هو،جيڪي فل ٽائيم ورڪر هوندا هئا؛
پارٽي جي پروپئگنڊا، تحريڪ اندر نون ڪارڪنن کي
شامل ڪرڻ، پارٽي ليڊر جي شخصيت جو اميج ٺاهڻ ۽
تحريڪ جي مقصدن کي عوام تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندا
هئا. ٻيو گروهه اهڙن مريدن جو هو جن جو ڪم هو زمين
خريد ڪرڻ، نوان ڳوٺ ٻڌڻ، تحريڪ لاءِ پئسو مهيا ڪرڻ
۽ جدوجهد دوران مقصد تحت پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ.
هن گروهه کي سرائي چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهڙن
ڪارڪنن جو واطو سنڌ جي سري، بهاولپور، ديري غازي
خان ۽ سبي وغيره سان هو. سندن زبان سرائيڪي هئي.
ان ڪري زبان جي بنياد تي کين ”سرائي“ جو لقب مليو.
مهدويت جي اصول مطابق هجرت لازمي هئي، ان ڪري
سرائيڪي زبان ڳالهائيندڙ ڪارڪنن پنهنجي مرشد سا
وفاداريءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ڏانهن هجرتون ڪرڻ لڳا.
انهيءَ لڏپلاڻ سبب نون آيل بي گهر ماڻهن جي
آبادڪاريءَ لاءِ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي وڌيڪ
زمين ۽ پئسي جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ڪري هن ڀر
وارن زميندارن جي زمين تي قبضو ڪري هٿ آيل زمين
مريد هارين ۾ ورهائي. اها شڪايت بکر سرڪار ملتان
جي مغل گورنر کي ڪئي، جنهن ميان جي تحريڪ جي
مقبوليت ۽ وڌندڙ طاقت کان ڊڄي کيس مارائي ڇڏيو.(9)
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهادت بعد سندس پٽن الياس
محمد ۽ شاهل محمد سندس تحريڪ کي جاري رکيو. نتيجي
۾ ميان شاهل محمد کي پڻ مغل گورنر طرفان قتل ڪرايو
ويو(10). جنهن بعد تحريڪ جي قيادت ميان نصير محمد
جي نصيب ۾ آئي، جنهن لاڙڪاڻي مان لڏي اچي ضلعي
دادوءَ جي جوهي تعلقي جي ڳاڙهي(11) نالي جاءِ تي
نئون ڳوٺ ٻڌايو، ته جيئن بکر سرڪار جي مرڪز کان
پري رهي پنهنجي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائي. ان
لاءِ ضروري هو ته درٻار جي سازشين ۽ چغلخور طبقي
کان محفوظ رهي سگهي ۽ ضرورت وقت جابلو علائقي ۾
پناهه هاصل ڪري سگهي.
|