سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :13

ميان نصير محمد پنهنجي تحريڪ کي راز ۾ رکڻ واسطي پنهنجي فقيرن ۽ مريدن کي حڪم ڪيو ته هو سواءِ هڪ ٻئي جي ٻئي ڪنهن سان نه کائين ۽ نه وري شاديون وغيره ڪن. اها ساڳي رسم مهدوي طريقي ۾ پڻ رائج آهي. ميان جي انهيءَ حڪم قبيلائي عصبيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ان ڪري سنڌي سماج ۾ نسلن جي بنياد تي طبقا ٺهيا ۽ اوچ ۽ نيچ جو سوال پيدا ٿيو. اڄ تائين ميان وال طريقي جا ماڻهو ڪن ذاتين جو پاڻي ۽ ماني نه کائيندا آهن.

هر تحريڪ کي سڃاڻپ واسطي سندن ڪي نه ڪي خاص نعرا ۽ نيشان هوندا آهن، ان ڪري ميان نصير محمد به پنهنجي تحريڪ جو نعرو ”الله توهار“ (الله تنهنجي آسري) تجويز ڪيو. سهروردي طريقي ۾ ’الله توهار‘ اکر کي خاص اهميت حاصل پئي رهي آهي. روٽ ورهائڻ (ماني)، سماع ڪرڻ، سفر تي رواني ٿيڻ وقت، هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت، هر هلائڻ وقت، فيصلي ڪرڻ بعد جماعتي بار بار الله توهار جا نعرا هڻندا آهن. ميان آدم شاهه ڪلهوڙو ۽ سندس اودار سهروردي طريقي جا بزرگ هئا، ان ڪري م

يان نصير محمد هن عوامي نعري کي قبول ڪيو، پر انهي سان گڏ ميان نصير محمد پنهنجي تحريڪ جي جدا تشخص کي قائم رکندي تحريڪ جي نيشان تي پنهنجن فقيرن (ڪارڪنن) کي ڪاري رنگ جي کٿي ڪلهي تي رکي هلڻ يا پائڻ جو حڪم ڪيو. ڪارو رنگ عباسي خليفن جي درٻار جو رنگ هو، ۽ چادر ڍڪڻ اهل تصوف وارن جي اهم نشاني تصور ڪئي ويندي هئي. صوفي هميشه صوف جي ڪاري چادر ويڙهيندا هئا. اها ساڳي رسم عيسائي راهبن ۽ ٻوڌي ڀڪشوئن وٽ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي تارڪ الدنيا بنجي جهنگلن، جبلن جي غارن ۾ چلا ڪڍي تپشائون ڪندا آهن.

جيئن ته مذهبي عقيدي پرست پير هجڻ سان گڏوگڏ ڪلهوڙا ملڪي سياست ۾ معل سلطنت شاهي کان آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا هئا، ان ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي بغداد جي عباسي خليفن ۽ صوفي بزرگن سان نسبت قائم ڪرڻ واسطي ڪاري رنگ جي کٿي جي چادر پائڻ جو حڪم ڪيو. اڃا تائين سنڌ ۾ ميان وال جنائي فقير جن ڪڍڻ مهل ڪاري رنگ جي کٿي جي چادر جو  جو پلو هڻي الله توهار ڪندا آهن. سهروردي طريقي جي بزرگن وٽ سماع ۽ رقص رائج آهي ۽ ان تي هو وجد ۾ اچي ذڪر ڪندا آهن. ڪلهوڙن جو ميان وال طريقو به سهروردي طريقي جي هڪڙي شاخ هئڻ سبب ميان نصير محمد ماڻهن جي نفسياتي مونجهاري کي دفع ڪرڻ ۽ عوامي جدوجهد کي موثر طور منظم ڪرڻ لاءِ سُرندي جو ساز ٻڌڻ ۽ وڄائڻ جو حڪم ڪيو. ڇاڪاڻ ته سرندي جو ساز مٺو ۽ رس ڀريو ساز آهي. هن ساز جي آواز تي راجا راءِ ڏياچ پنهنجو سر وڍايو. ان کان سواءِ هي ساز سنڌ، بلوچستان، ڪڇ ۽ راجستان ۾ عام مقبول ساز آهي، ان ڪري ميان وال فقير پنهنجي قيادت جي حڪم مطابق اڄ تائين سُرندي جي ساز کي پسند ڪندا ۽ وڄائيندا آهن. ميان وال فقير ۽ مريد پنهنجي هر محفل جي شروعات سرندي جي ساز سان شروع ڪندا آهن ۽ آخر ۾ ”عاضي“ (عاجزي) پڙهندا آهن، جنهن ۾ ٻه ماڻهو شامل هوندا آهن. اهي وڏي ۽ سريلي آواز سان پنهنجي قيادت (مرشد) تي اعتماد جو اظهار ڪندا آهن ۽ باقي ويٺل جماعت الله توهار اکر کي ورجائي انهن عاضي ڙهندڙن جي تائيد ڪندا رهندا آهن. عاضي پڙهڻ کان پوءِ سڄي جماعت جا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ ۽ هڪ ٻئي جا هٿ چمڻ شروع ڪندا آهن.

عاضي (عاجزي)(12) پڙهڻ کان اڳ ۾ ڪارڪن شادمانه (خيرات) ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ته پوءِ مٿس ڏنڊو وڌو ويندو آهي، جيڪو ڀري ڏيڻ لاءِ فقير پاڻ کي ٻڌل رکندا آهن. انهيءَ ڏنڊ کي ”خوشي“ چوندا آهن. هر تحريڪ جي ڪاميابي ۾ پئسي کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. تحريڪ جي مالي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ واسطي شادمانه (خير) ۽ خوشي (ڏنڊ) مان ٻه حصا پنهنجي مرڪزي قيادت (مرشد) لاءِ ڌار ڪڍيا ويندا آهن ۽ باقي ٽي حصا ڪارڪنن (فقيرن) ۾ تقسيم ڪيا ويندا آهن.

مهدوي تحريڪ جي اثر هيٺ ميان وال تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي مرڪز کي ”دائرو“ چوندا آهن، جتي سڀيئي ڪارڪن گڏجي پنهنجي روحاني رهبر کان رهبري حاصل ڪندا آهن ۽ ان سن گڏجي عبادت پڻ ڪندا آهن. جيئن اثنا عشري فرقي وٽ امام بارگاهه ۽ اسماعيلين ۾ جماعت خانا هوندا آهن.

دنيا ۾ هر هڪ قوم جي تاريخ ۾ ڪي ڏينهن معنيٰ ۽ اهميت رکندا آهن. قومن جي تاريخ جو آغاز هميشه انهن ڏينهن کان ٿيندو آهي. جان جي قرباني پيش ڪرڻ مهدوي طريقي جو اهم اصول آهي. جيئن ته ميان وال تحريڪ به مهدوي طريقي کان متاثر هئي. ان ڪري جاني قرباين ڏيڻ واري اصول کي ميان وال طريقي ۾ پڻ خاص اهميت حاصل آهي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجي تحريڪ جو آغاز حج جي ڏينهن کان ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن کي حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قربانيءَ جو ڏينهن تصور ڪيو ويندو آهي. هي ڏينهن هونئن ته هر طبقي جا مسلمان ملهائيندا آهن. حجر واري ڏينهن ميان وال طريقي جا ماڻهو، مرد خواه عورتون، ڪلهوڙن جي مقبرن ۽ مزارن تي وڃي جانورن جون قربانيون ڪندا آهن. ميلا ۽ ملاکڙا ڪرائيندا آهن. عورتون خوشيءَ مان سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون آهن. مرد سُرندي جي ساز تي الله توهار جا نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا آهن. مريد پنهنجي مرشد سان وفاداري ۽ قربانيءَ جو قسم کڻندا آهن. مريد اهڙن ميلن ملاکڙن کي ميان جو حج چوندا آهن. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا حج ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد، ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، گاجي شاهه کوسو، عبدالله شاهه گودڙيو (هي بزرگ به کوسو هو)، شاهه پنجو سلطان ڏهوٽ ۽ ٻين اهڙن بزرگن جي مقبرن تي لڳندا آهن.

اهڙيءَ طرح تزڪيه نفس جي بنياد تي ميان نصير محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي ماڻهن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۽ کين سياسي طور تي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن ڪري هنن مغل سلطنت جي قانون کي سنڌ اندر بي اثر بنائي ڇڏيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دهليءَ جي قاضين کي (قانون) سنڌ ۾ اچڻ بعد عورتون بنائي ڇڏيو. جنهن ڪري کيس عوام طرفان مظهر العجائب جو لقب مليو. سندس ڪاري کٿي هيٺان اچڻ ۾ سنڌواسي پنهنجي نجات سمجھڻ لڳا. سندس وصال بعد سندس لائق فرزند ميان يار محمد ڪلهوڙي ميان وال تحريڪ جي قيادت ڪئي ۽ هن جي دور ۾ تحريڪ پنهنجي نصب العين کي حاصل رڪي ورتو. مغلن کي پنهنجي شڪست قبول ڪري ميان يار محمد سان ٺاهه ڪرڻو پيو ۽ ميان پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست جو بنياد رکيو. اهڙيءَ طرح هن تحريڪ ميان غلام شاهه جي دور تائين صدين کان پوءِ ملڪي وحدت کي قائم ڪري ورتو.

حوالا ۽ واڌارا

(1)                        غلام مرتضيٰ شاهه سنائي: ”پيغام لطيف“، ص 37، ڇاپو پهريون، حيدرآباد.

(2)        قاضي جاويد: ”برصغير ۾ مسلم فڪر ڪي ارتقا“ (اردو)، اداره ثقافت اسلاميه لاهور، ص 55، سال 1977ع.

(3)        ڊاڪٽر حامد علي خانائي: ”سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ“ (مضمون)، ٽماهي مهراڻ، ص 186، سال 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(4)                       غلام مرتضيٰ شاهه سنائي: ”پيغام لطيف“، ص 31، ڇاپو پهريون، حيدرآباد.

(5)                       قاضي جاويد، ”پنجاب جا صوفي دانشور“ (اردو)، ص 96، نگارشات لاهور، ص 1986ع.

(6)        عبدالله خان مگسي، ”سمن جي دور جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو“ (مضمون) سماهي مهراڻ، ص 72، سال 2-1986ع، حيدرآباد.

(7)        ميان نور محمد ڪلهوڙي جو چوڻ آهي ته ”اسين سهروردي طريقي جا آهيون، اسان جو پير مرشد سيد ميران محمد جونپوري آهي، سو به هن طريقي تي قائم آهي“ اهڙيءَ ريت اڳتي چوي ٿو ته ”سياست کي ڇڏڻ معنيٰ رياست کي ڪمزور ڪرڻ، ڇو ته رياست جي ڪاميابيءَ لاءِ سياست ضروري آهي.“

(ميان نور محمد ڪلهوڙو واليء سنڌ ”منشور الوصيت ودستور الحڪومت“ فارسي بتحقيق سيد حسام الدين راشدي، ص 14، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون، سال 14964ع.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي انهيءَ قول مان صاف ظاهر آهي ته ڪلهوڙن جي تحريڪ جو بنياد پيري (مذهب) سان گڏ سياست تي ٻڌل هو.

(8)        ا. س. ناصر: ”سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور“ (مضمون)، وطن دوست پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ ماهه مئي- جون 1978ع، ص 30.

(9)        غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ (اردو)، جلد اول، ص 146-147، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1958ع.

(10)       ”سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي نجات ۽ تحفظ جي هيءَ تحريڪ (ميان وال تحريڪ)، جنهن جي عمل جو دائرو اتر سنڌ هو، جنهن جي تحريڪ ۽ توانائيءَ جو مرڪز ۽ روح ڪلهوڙا قبيلي جا بزرگ هئا. سندن پهريون نيڪ مرد ڄام چنوءَ کان وٺي مظلوم شهيد ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد شهيد، ميان نصير محمد جي طويل قيد وبند، ميان دين محمد ۽ سندس ٻن ساٿين شهيدن ۽ ميان يار محمد جي ڪامياب جنگي ڪاررواين تائين، زالن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ جوانن سڀ ڪنهن جي زبان تي عام هوندا.“ بحواله محمد ابراهيم جويو: ”شاهه، سچل، سامي“ هڪ مطالعو، ص 54، هندي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد.

(11)       تاريخ ڪلهوڙا ۾ هن شهر جو نالو کاري لکيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ هن شهر جو اصل مقامي نالو ڳاڙهي آهي، جيڪو جوهي تعلقي ۾ اڄ به موجود آهي. ڪن روايتن مطابق هن ڳوٺ وارو سڄو علائقو ڳاڙهي رنگ جو ريتيلو علائقو آهي، انهيءَ علاقائي نسبت سان هن نئين تعمير ٿيل شهر کي ڳاڙهي سان سڏيو وڃي ٿو. ٻي روايت مطابق پهريائين اتي هڪ عورت رهندي هئي، جنهن کي ڳاڙهي مائي سڏيو ويندو هو، جنهنڪري هن ڳوٺ جو نالو ڳاڙهي پيو: اسان جي راءِ ۾ پهرين روايت صحيح آهي ته ڳوٺ جو نالو جاگرافيايئ لحاظ کان رکيو ويو آهي.

(12)       عاضي (عاجزي) ڪرڻ وقت ڏاڙهي رکيل هڪ پاڪ باز فقير، جنهن کي مرشد طرفان سڳي ڌاڳي ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، يعني ڪو پاڻ به مريد ڪري سگهي ٿو، سو اٿي بيهندو ۽ باقي حاضرين سان هيٺ ويهي رهندا ۽ پوءِ هڪ ٻيو شخص جيڪو پڻ جماعت اندر تسليم ٿيل هوندو، اٿي بيهندو. پهريون پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجھي وڏي آواز سان چوندو: ”فقير عاجزي (عاضي) ڪيان دل وجان سان، الله ۽ پنجتن پاڪ جي در تي عاضي ڪيو. الله ۽ پنجتن پاڪ کان عاضي گهرون ٿا. شل راضي ٿين (ان وقت مرد توڙي عورتون يڪ زبان ٿي الله توهار جو نعرو هڻندا آهن). ياالله تون پاڪ آهين، پنجتن پاڪن جي صدقي اسان جي عاضي منظور ڪر، ڏک درد معاف ڪر. شادمانه قبول ڪر، اسان کي سچ جي واٽ ڏيکار. مهابي مرشد ميران محمد سائين جي، سائين آدم شاهه سهيد، ميان شاهل محمد، نصير محمد ۽ دين محمد شهيد جي. ميان يار محمد، نور محمد، محمد مراد ياب، حامد شاهه، گاجي شاهه، شاهه پنجو سلطان، عنايت شاهه، سرفراز شهيد جي مهابي اسان جي عاجزي قبول فرماءِ، دل پاڪ ڪر، ايمان عطا ڪر، شادمانه قبول ڪر ۽ ڏک درد معاف ڪر.“

ان کان پوءِ ٻيو بيٺل فقير عاضي چوندڙ فقير جي ڪنڌ مان ڪپڙو ڪڍي کانئس سوال ڪندو. الله سائين ۽ پنجتن پاڪن جي صدقي مرشد راضي ٿيو. عاضي قبول پئي.

کيس جواب ۾ پهريون فقير چوندو: ها مرشد راضي ٿيو، عاضي قبول پئي، شادمانه ورهايو.

لکڻ جو فن

سين (Scene)                 لي آن سرميلين

مترجم: ولي رام ولڀ

ڪهاڻي ڇا آهي؟ باقاعدي وصف ٻڌائڻ جي ڪوشش کان سواءِ، اسان اهو چونداسين ته ڪهاڻي هڪ بامعنيٰ جذباتي تجربي جو سلسليوار تفصيل آهي، يا هڪ مڪمل سڄي ۽ ترتيب ڏنل لاڳاپيل تجربن جو هڪ سلسلو آهي. فڪشن جو ليکڪ انساني واقعن کي وري جيئاري ٿو، جيڪي خارجي يا ذهني، خيالي يا سچا ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ جذباتي تجربا هوندا آهن.

ان کان وڌيڪ ڊرامائي لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪهاڻي ڪنهن عمل- هڪ باعمل جو نقل آهي، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ مڪمل هوندو آهي. مڪمل عمل مان- گهٽ ۾ گهٽ فڪشن ۾- اسان جي ضروري طور تي اها مراد ناهي ته اهو جذباتي مسئلي جو آخر جواب يا ڪنهن ٽڪراءُ جو حل هجي. پر اهو عمل ايترو مڪمل هجي جو ڪهاڻيءَ ۾ ڍڪيل سچ کي کولي پڌرو ڪري، ۽ جيڪا ڳالهه اهم آهي، اُها آهي اِها پڌرائي.

ليکڪ زندگيءَ جي بي ترتيبيءَ کان شروع ڪري ٿو ۽ انهيءَ کان اڳ جو هُو زندگيءَ کي لفظن ۾ وري جيئاري سگهي، هو ان کي ڪنهن ترتيب ۾ آڻي ٿو. هو پوءِ زندگيءَ جي وري ٺاهيل جوڙجڪ جو نقل ڪري ٿو. خود زندگيءَ جو نه، جيڪا تمام وشال، تمام منجھيل آهي. زندگيءَ کي سندس سڀني بي انت مرڪبن سان پيش نٿو ڪري سگهجي، ۽ فڪشن ۾ ان جي تصوير، اسان سڀني کي سُڌ آهي، هڪ چونڊيل چٽ (Image) هوندي آهي، ايتريقدر جو هڪ ننڍو واقعو مڪمل طرح پيش نٿو ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ائين ڪبو ته اهو بي ميل ثابت ٿيندو. ليکڪ ان جو رڳو هڪ تمام ننڍو حصو وري رچي سگهي ٿو، ۽ فڪشن ۾ اهو حصو مڪمل حصي جو ڪم ڪري ٿو. اها آهي هڪ اهڃاڻي تصوير، جنهن کي استعارو چئجي ٿو.

ليکڪ پنهنجي ڪچي ڌاتُو کي، ان جي چمڪ ڏيکارڻ لاءِ، صاف ڪري ٿو. هو بي معنيٰ، غعير واسطيدار حصي کي ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ اهوئي حصو سانڍي رکي ٿو، جيڪو سندس مقصد لاءِ ضروري آهي ۽ ايترو خود ۾ تجربو ناهي جيترو اهو بامعنيٰ آهي جيڪو کيس اوڀاري ٿو. جڏهن اسان فڪشن تي الهاميت جي فن جي طور تي نظر وجهون ٿا ته اسان اهو مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا ته حقيقي ڪهاڻيءَ جي معنيٰ آهي واقعو.

زندگيءَ جي بي ترتيبي ڪنهن سڀ کان مٿاهين ترتيب جو حصو ٿي سگهي ٿي ۽ ناول يا ڪهاڻي ۾، ۽ ناٽڪ يا نظم ۾ پڻ، اها ترتيب بنجي ٿي وڃي. اهڙيءَ ريت ليکڪ ماپي جي نگاهه کان اخلاقيات جي اوڻاين ۽ حدبندين کي پنهنجي وس ۾ آڻي ٿو. پڙهندڙ خيالي طور تي اهي وري رچيل واقعا ماڻي ٿو، جيڪي حقيقي طرح رونما ٿين ها، ۽ انهيءَ خيال کان ڪهاڻي تاريخ آهي. جيتوڻيڪ اهو ضروري ناهي ته ان جي تاريخي ترتيب ائين ئي هجي، يا اهي واقعا رونما ٿين ته پوءِ اها هڪ جڙتو تاريخ آهي، جيتوڻيڪ اها اڻ ٿيڻي ناهي؛ پر اها مڃڻ جوڳي هئڻ گهرجي. يا ڪهاڻي حقيقي ٿيڻ جوڳي يا ممڪن ڳالهه- ٻنهي جو ميلاپ هئڻ گهرجي، جيئن عام طرح اڄ جي حقيقي فڪسن ۾ پڻ گهڻو ڪري ٿيندو آهي. ڄاڻو ليکڪ انساني واقعن ۾ لڪل معنائون کوجي ٿو ۽ پنهنجيون فن ڪهاڻيون انهن جي چوڌاري جوڙي ٿو. تاريخ جي ڀيٽ ۾ تصور جي آزادي، جيڪا هڪ ليکڪ ماڻي ٿو، فڪشن جي خصوصيتن مان هڪ آهي، پر هڪ سٺي ڪهاڻيءَ ۾ تصور حقيقت سان هٿ چراند نٿو ڪري ۽ اهو حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي. اها هڪ اتاڇري يا اُٻهري ايجاد نه هوندي.

ليکڪ آفاقي بنائي سگهي ٿو. هو پاڻ سڀاويڪ طور تي هڪ آفاقي شخص هوندو آهي. هڪ ڊگهي روايت پٽاندر هاڻي ليکڪ پنهنجي گروهه جو، پنهنجي طبقي جو، پنهنجي قوم جو ۽ سچ پچ جملي انسانذات جو وڪيل هوندو آهي. سندس ڄاڻ هڪ عام ماڻهوءَ جي سمجھ کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي؛ جيڪا اندر جي ٻوجھ جي وسيلي حاصل ڪيل هوندي آهي. هو انساني سڀاءُ جي ڄاڻ ۽ ان کي لفظن جي روپ ڏيڻ جي لياقت وسيلي پڙهندڙ جو زندگيءَ جي باري ۾ تجربو وسيع ٿو ڪري ۽ اسان کي هڪ اهڙي قسم جي ڄاڻ ٿو ڏئي، جيڪا اڪيلو هو ئي ڏيئي ٿو سگهي. هڪ شاهڪار ناول، جهڙوڪ ’مادام بوواري‘ (Madame Bovari) يا ’وار اينڊ پيس‘ (War and Peace) يا ’يوليسيز‘ (Ulysses)، هڪ منفرد انساني دستاويز هوندو آهي، جيڪو زندگيءَ جو ڍنگ وري رچي ٿو. اهو ڪم ڪوبه سماجيات جو ماهر تاريخدان ڪري نٿو سجهي. ڪوبه ليکڪ ڪيترو به انفراديت پسند ۽ پاڻ سان ٻڌل ڇو نه هجي ۽ تڏهن هو دنيا تياڳي الڳ ٿي ويٺو هجي، هو عملي نقالي (Mimesis) وسيلي سماجي مقصد ادا ڪري ٿو.

جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته تخليقي لکڻيون سيکاري نٿيون سگهجن، تڏهن اسان جي مراد آهي ته ڪتابن ۽ مضمونن مان لکڻ نٿو سکي سگهجي، جيڪڏهن ڄائي ڄم کان ليکڪ وارو حِس، ڳنڍيندڙ اندروني نگاهه، عملي نقالي جو ڏانءُ ۽ لفظن جو اتساهه ناهي، پر انهن مان گهڻو ڪجھ سکي سگهجي ٿو. ليکڪ کي پنهنجو پاڻ کي سيکارڻو پوندو ۽ پنهنجي هنر جي استادن جو زندگي ڀر شاگرد ٿي رهڻو پوندو.

هم مضمون جو مقصد، ليکڪ جي شاگرديءَ کي جيڪڏهن ٿي سگهي ته ڪجھ قدر سولو بنائڻ آهي. اهو تصوراتي ۽ اظهاري قوتن سان نوازيل ليکڪن کي مخاطب ٿيل آهي ۽ فڪشن جي تعارفي شعرگوئي جا قانون ٻڌائڻ مقصد آهي. اهو ان عام پڙهندڙ ۽ ساهت جي شاگرد لاءِ پڻ دلچسپ ثابت ٿيندو، جيڪو ليکڪ جي نقطهء نظر کان اندروني طور تي جديد فڪشن کي سمجھڻ چاهي ٿو.

حقيقي ليکڪ جي گهاڙيٽي ۾ چريائپ جو ڇهاءُ هوندو آهي. هو بي خود، بي حد اتساهي هوندو آهي. اسان کيس الهامي ڪوٺيندا آهيون. اهڙي ليکڪ کي سڌ نه پوندي آهي ته هو ڇا ٿو چوي. کيس ٻوليءَ جو خاص احساس ۽ لفظن جو نشو پيتل هوندو آهي، پر افلاطون پٽاندڙ هو ديوتائن جو ورلي ئي وسيلو بنيو آهي. ساهت ۾ ها چريائپ، جيڪا ضابطي کان ٻاهر هجي، چريائپ هوندي آهي ۽ جيڪا چريائپ ضابطي ۾ هجي، اها Genius هوندي آهي. ٽيڪنڪ جي معنيٰ اهي ضابطو ۽ ماپو. چريائپ سيکاري نٿي سگهجي، پر ماپو سيکاري سگهجي ٿو.

اسان کي ليکڪ کي ڌنڌ ورتل جهنگ مان گذرندڙ هڪ بهادر سيلاني، هڪ اڳواڻ چوڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي اندرئين نگاهه جي وسيلي ڌنڌ کي چيريندو ويندو آهي، جنهن ۾ گهڻيئي ماڻهو گم ٿي ويا آهن ۽ ٻيا پويان سندس نقشِ قدم تي هلندا پيا وڃن. پر ليکڪ پڻ گهڻو اڳتي نٿو وڃي ۽ اسان سڀ ڀوائتي ڌنڌ مان رستو ڳولڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻو ٿا. اسان وهمي بنجي انومان ٿا لڳايون، ڇو جو خود حقيقت اسان جي مٺ ۾ نٿي اچي.

بي ترتيبي کان ترتيب تائين (پلاٽ- Plot)؛ انيڪتا کان ايڪتا تائين؛ خاص کان عام تائين (موضوع- Theme)؛ ۽ خاص ڏانهن موٽ (هڪٻئي سان ٺوس لاڳاپي وسيلي)؛ (Matter) کان گهاڙيٽي (Form) تائين- اها مختصر طور تي، فڪشن ۾ تخليقي رفتار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هڪ سٺي ڪهاڻي پاڻ کان وڌيڪ هڪ وڌيڪ وسيع حقيقت جي نمائندگي ڪري ٿي. مثال طور اها مرد ۽ عورت جي خوشي خاطر جاکوڙ آهي، يا رڳو جيا پي لاءِ جدوجهد آهي ته ليکڪ انهن جي جدوجهد ۾ هڪ آفاقي معنيٰ ٿو ڳولي ۽ جنهن گهڙيءَ اها کيس حاصل ٿئي ٿي ته سندس ڪهاڻي تيار ٿيو وڃي. اها معنيٰ هڪ اهڙو خيال (Idea) هوندو آهي جيڪو ڊرامائي شڪل اختيار ٿو ڪري، سندس ڍانچو تيار ٿي وڃي ٿو، جيڪو ٺوس ٿو هجي. اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ٻئي تائين رسائي سگهجي ٿي. فڪشن ۾ خيال هڪ ائبسٽرئڪٽ ويچار هوندو اهي جيئن فلاسافي ۾ هوندو آهي، پر زندگي هڪ جيئري جاڳندي محسوس ٿيندڙ تصوير آهي. اهو خيال ليکڪ کي سندس موضوع ۽ موضوع جو مواد (Subject Matter) سمجھائي ٿو، جيڪو هو پنهنجي خيال جي وسيلي ڄاڻندو آهي ته هو مختصر طور تي ڇا ٿو اظهار ڪرڻ چاهي، پر ٿي سگهي ٿو ته سندس اها ڄاڻ سندس لاشعور ۾ رهيل هجي ۽ شايد پاڻ کي پڻ سمجهائي نه سگهيو هجي. هڪ نئون خيال فڪشن لکڻ لاءِ اسان جو ابتدائي نقطه ٿي سگهي ٿو، پر اها فقط هڪ منجھائيندڙ رفتار جي شروعات آهي. هڪ سٺو خيال پنهنجي طور تي هڪ سٺي ڪهاڻي جوڙي نٿو سگهي.

اسان کي (افلاطون ۽ ارسطوءَ جو چيل) پراڻو اصول قبول ڪرڻو پوندو ته فن نقالي آهي يا ڪلاسيڪي لفظ جو استعمال ڪندي چونداسين ته اهو عملي نقالي (Mimesis) آهي. ليکڪ زندگيءَ جي منچ تي عملي نقال  Mimos)يا (Mime آهي. هو هڪ اداڪار وانگر آهي- ۽ اداڪاري هڪ ٻي چريائپ آهي. هر ڪنهن کي ويجهڙائيءَ کان پراسرار نقل وڻند آهن. ٻار وڏا نقال هوندا آهن ۽ ليکڪ گهڻو ڪري دلي طور تي ٻار رهي ٿو ۽ معاملن کي ائين ڏسندو آهي ڄڻ پهريون گهمرو ڏسندو هجي اسان کي لکڻيءَ جي ۾ شاعري اها ڳالهه ميسر ٿي ڪري. بشارت ڏيندڙ نقالي (Revealing imitation)- اهو لکڻيءَ جو ڳجھ آهي. ڇا هو سٺو عملي نقال (Mimesis) آهي، ڇا هو ايماندار آهي، ڇا هو مطمئن ڪندڙ آهي؟ اهو پهريون سوال آهي جيڪو ڪهاڻي پرکڻ يا لکڻ لاءِ پڇي سگهي ٿو. هرڪو ليکڪ، جيڪي ڪجھ هو ڏسي ٿو، لفظن ۾ رچي ٿو ۽ ڏسڻ جا مختلف رستا آهن. ايماندار ليکڪ دنيا بابت رڳو پنهنجو لفظِ نظر ڏيئي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن اهو سچ پچ هن جو پنهنجو آهي، ته پوءِ انهيءَ جي باري ۾ ڪجھ نئون ۽ مختلف هئڻ جو امڪان آهي. هو پنهنجي مشاهدي جو اظهار ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي اندروني سچائي ۽ خيال اڏام جي نقالي ڪري ٿو. هو ريئلسٽڪ (حقيقت پسند) يا سريئلٽسڪ پڻ ٿي سگهي ٿو. هو ’نئون ناول‘ لکي سگهي ٿو، جيئن فرانس ۾ چيو ويندو آهي. هو فرانز ڪافڪا (Franz Kafka) ناول، نئچرلزم (Naturalism) ۽ سمبالزم (Symbolism) جي ميلاپ وارو يا سماجي حقيقت پسندي (Social realism) تي ٻڌل ناول لکي سگهي ٿو. هن کي هر حالت ۾ پنهنجن گهاڙيٽن (Forms) کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ هڪ سئو ناول يا ڪهاڻي (Short-Story) ٽيڪنڪ جو ڪامياب تجربو هوندو آهي. ليکڪ انڌڪار سان هڪ لاڳيتي جدوجهد ۾ رڌل هوندو آهي، ۽ هو هميشن معنيٰ کي چٽو ڪرڻ لاءِ ڌنڌ مان گذرندي مقابلو ڪندو ويندو آهي. ۽ جيئن مارڪ شورر (mark Shorer) پنهنجي مشهور مقالي (Technique ds Discovery) ۾ لکيو آهي ته گهاڙيٽو (Form) ۽ مواد (Content)، ٽيڪنڪ (Technique) ۽ موضوع جو مواد (Subject Matter) اصل ۾ هڪ آهن. ”مواد (Content) لاءِ جڏهن ائين چئجي ٿو ته فن لاءِ نه پر تجربي لاءِ ٿو چئجي... مواد، يا تجربي ۽ (Achieved Content) يا فن ۾ فرق ٽيڪنڪ جو آهي.“

ڪهاڻي جي معنيٰ هر ڪنهن پڙهندڙ لاءِ ڌار ڌار آهي. اها معنيٰ مڪمل طرح خود ڪهاڻي ۾ نه هوندي آهي. گهڻو ڪري فڪشن جو ڪوبه ڪارنامو ٻن پڙهندڙن لاءِ بلڪل ساڳي ڪهاڻي نٿو هجي. هرڪو ان ۾ ڪجھ مختلف ڏسي ٿو. هو منجھس اهو ئي ڏسندو جيڪو هن خود ۾ ڏسڻ جي اهليت هوندي. پڙهندڙن جي انهن مختلف ردِ عملن ۾ ايترو ته وڏو فرق هوندو آهي جو ڪهاڻي هڪ شخص لاءِ بي معنيٰ ۽ ٻئي لاءِ تمام بامعنيٰ هوندي آهي.

(لي آن سرميلين جي ڪتاب Techniques of Fiction Writing: Measure and Madness جي پهرئين باب جي هڪ حصي جو ترجمو).

حياتي مون کي ايتري ڪڙي به ڪانهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ جيڪر هٿ پير هڻان. ڏسا پيو ته اوهين به هاڻي بيزار پيا ٿيو ۽ معاملو ختم ڪرڻ پيا چاهيو. آءٌ اهو به ڏسان پيو ته جي متبادل سزا جي طور ديس نيڪالي قبول ڪري ڪنهن ٻئي ديس ڏانهن هليو ويندس ته اتي به منهنجو ههڙو ئي حشر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو سچ جو پرچار ڪرڻ کان آءٌ اتي به نه رهندس، انهيءَ ڪم تان دستبردار ٿيڻ کي آءٌ وڏي نافرماني ٿو سمجھان. اوهين منهنجي ڳالهه نه سمجھندا ۽ آءٌ پنهنجو ڪم نه ڇڏيندس.

- سقراط

ڪهاڻيون

آکاڻيءَ سان انسان جو چاهه، سندس دلي لاڙو ۽ من جو مشغلو، سندس اجتماعي زندگيءَ جي هڪ تسليم ڪيل حقيقت آهي. لکن ورهين کان وٺي، فطري قوتن ۽ سموريءَ مخلوق تي غالب اچڻ، هر قسم جي راحتن ۽ نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ هن جيڪا اڻٿڪ ۽ اڻ کٽ جدوجهد پئي ڪئي آهي، سختيءَ جي جن منزلن مان لنگهي، سوڀ ۽ ڪاميابيءَ جي مرڪندڙ چهري جي ڏسڻ ۾، هن کي جيڪا دلي مسرت حاصل پئي ٿي آهي، تنهن جي روئداد کي ڪجھ چاشنيءَ سان بيان ڪرڻ جو هو هميشه کان عادي پئي رهيو آهي.

سڄي ڏينهن جي محنت بعد ٿڪل ٽُٽل انسان، انهيءَ ڳالهه جو بيحد خواهشمند رهندو آهي ته پنهنجا ڪارناما ٻين کي ٻڌائي ۽ ٻين جا پاڻ ٻڌي. انهيءَ مان ٻڌندڙ خواهه ٻڌائيندڙ، سڀني کي خوشي ۽ سبق ميسر ٿيندا آهن، سندس احساس برتريءَ کي تسڪين ٿيندي آهي؛ هو تڪليفن ۽ پريشانين کي وساري، ٿوري وقت لاءِ پاڻ تي هڪ بي فڪريءَ ۽ راحت جي ڪيفيت ڇانئي ڇڏيندا آهن، ۽ ان سان گڏ اڳتي وڌڻ جا امنگ به منجهن پيدا ٿيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com