سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :18

زنده لوگ

سنڌي ادب ۾ زنده ماڻهن سان زنده ماڻهن جي ملاقات، انٽرويو ۽ خاڪا تمام گهٽ لکيا ويا آهن. جن اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ لاءِ گرانقدر خدمات سرانجام ڏنيون آهن، انهن جو سندن ئي زندگيءَ ۾ قدر ڪرڻ سان نه رڳو اهڙن اديبن جي حوصله افزائي ٿئي ٿي، بلڪ ان طرح مستقبل جي ادبي تاريخ پڻ جڙي ٿي.

ٻه سال اڳ هڪ اردو ڪتاب ”يہ صورت گر کچھ خوابون ڪي“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو، جيڪو فيض احمد فيض کان وٺي جميله هاشمي تائين اردو جي بهترين انٽرويوز تي مشتمل هو. طاهر مسعود جي ان ڪتاب کان پوءِ ”زنده لوگ“ اردو ۾ ڪتاب پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. جو ان سان صحافي ۽ سنڌ دوست اديب خالد اطهر جي هيءَ ڪاوش سندس ٽن سالن جي محنتن جو ثمر آهي ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اردو ۾ هي ڪتاب سنڌ جي 18- اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ فنڪارن تي لکيو ويو آهي. مختلف وقتن تي مختلف دانشورن جا ورتل انٽرويو هن ڪتاب ۾ شامل آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جلد پڙهي لکي وڃن ٿا، پر اردو دان، سنڌي ٻولي، مشڪل سان لکي پڙهي سگهن ٿا، بلڪ اڪثريت نه سمجھڻ وارن جي آهي. اردو دان طبقي کي سنڌي اديبن، عالمن ۽ فنڪارن سان روشناس ڪرائڻ ۾ محترم خالد اطهر جو هي ڪتاب ”زنده لوگ“ نيڪ رابطي جو ڪم ڏئي ٿو.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، غلام رباني آگرو، حميد سنڌي، مهتاب اڪبر راشدي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر ايس- ايم قريشي، ڊاڪٽر نعيم تقوي، ڊاڪٽر انيمري شمل، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ماهتاب محبوب، سيد ظفر ڪاظمي، گرداس واڌواڻي، ڊاڪٽر لوئيس فليم، عابده پروين، غلام سرور جتوئي ۽ علن فقير جا انٽرويو آهن. جنهن ذوق ۽ شوق سان خالد اطهر صاحب هي انٽرويو ورتا آهن ۽ جنهن پيار سان ان کي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي، اهو نهايت حوصله افزا قدم آهي. انهن ۾ سنڌ جي ادبي، تمدني ۽ تهذيبي قدرن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان نه رڳو اسان کي، پر غير سنڌي حضرات کي به سنڌ جي نمائنده ادبي اهميت جي آگاهي ٿئي ٿي. زندگيءَ جي سڀني شعبن سان واسطو رکندڙ مسئلن کي کولي سمجھائڻ ۾، ”زنده لوگ“ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مون کي خالد اطهر جي ايمانداري تمام گهڻي پسند آهي، جو نهايت خوش اسلوبيءَ سان سڀني اديبن جي حقيقتن ۽ وضاحتن کي جيئن جو تيئن لکي، پنهنجي صحافتي سچائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن لاءِ آءٌ کيس دلي مبارڪباد ٿو ڏيان.

هن ڪتاب ۾ شامل انٽرويو اول محترم خالد اطهر روزنامه جنگ ڪراچي جي مڊويڪ ايڊيشن ۾ مهراڻ رنگ ڪالم ۾ مختلف وقتن تي شايع ڪيا هئا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان قسم جا ٻيا لاتعداد انٽرويو پڻ گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾، ٻئي ڀاڱي طور شايع ڪيا وڃن. منهنجي خالد اطهر صاحب کي صلاح آهي، ته ان نيڪ ڪم ۾ وٿي نه وجهي. مذڪوره ڪتاب جو پيش لفظ محترمه مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي ۽ جنگ جي ايڊيٽر انچيف مير خليل الرحمان مولف کي مبارڪباد ڏني آهي. ان طرح ”پهچان“ جي عنوان سان محترمه ماهتاب محبوب جي تحرير پڻ پڙهڻ وٽان آهي.

شيخ عبدالمجيد اڪيڊمي، حيدرآباد طرفان هيءُ ڪتاب سنڌ رائٽرس فورن ڪراچيءَ جي زير اهتمام ڪرايو ويو آهي. ٻين ڪتابن وانگر هر ڪنهن جا فوٽا، سندس صفحن ۾ ڏيڻ عيوض ڊسٽ ڪور ٽائيٽل خواهه پُٺ تي سندن فوٽو اسڪيچ ڏيئي، هڪ جدت پيدا ڪئي ويئي آهي. اردو زبان ۾، 232 صفحن جو هيءُ ڪتاب پڪي جلد سان بائينڊنگ ٿيل، 80- رپين ۾ پوسٽ باڪس 58- حيدرآباد يا مشهور بوڪ اسٽالن تان خريد ڪري سگهجي ٿو.

- انور هالائي

 

پرديسي ڪهڙا پرين

سفر ته آهي ئي ڏک ڏولائو ۽ خفو، پوءِ سفر ڪاڪ جو هجي يا ڪيچ جو. مسافريءَ جو مزو تڏهن آهي، جڏهن ماڻهو تن تنها ۽ ڇڙوڇاند هجي. اهو به هٿين خالي ۽ پيرين پيادل، پر جي پاڻ سان هنڌ بسترو ۽ ٽپڙٽاڙي ساڻ کڻي نڪتو ته پوءِ اها ٿي لڏپلاڻ ۽ نه سئر سفر. سڀ کان سڦلو سفر اهو آهي، جو ماڻهو شهر جي شورغل کان نڪري قدرت جي نظارن ڏانهن رجوع ٿئي ۽ جهنگ جھر جي جانورن کان ويندي، پهاڙي پکين تائين پهچي. ساڻن ٻول اچاري ڪري، حالي احوالي ٿئي.

پر جي اڌ پنڌ ۾ پيٽ پوڄا جي جهوريءَ اچي وڪوڙيس. يا ماڻهو اهڙي وسوسي ۾ اچي ويڳاڻو ٿئي ته هاڻ آجهاپو الجي ڪٿي ڪبو، ته پوءِ اهڙي غم فڪر ۽ اڻ تڻ واري سفر کان بس ڀلي. ان کان ته بهتر آهي ته ماڻهو گهر اندر ڪڙو ڏيئي اخبار کڻي ويهي پڙهي.

وڻج وهنوار، نوڪري يا صحت سانگي سفر ڪرڻ ته ٿي لاچاري ۽ مجبوري، پر جي اهڙي مسافري هجي يورپ يا آمريڪا جي رخ ۾، ته پوءِ پئون ٻارنهن. ڪم جو ڪم، مزي جو مزو. اهڙو بهشتي ماڳ، جتي نه هجي سواريءَ جي کوٽ، نه رهائش جي سوڙھ ۽ نه خوراڪ جي اڻاٺ، هر هڪ چيز هجي ريڊي ميڊ (ٺھ پھ). وري سفر به هجي جڳ مشهرو رانديگرن سان گڏ، ته پوءِ سون تي سهاڳو. ماڻهو هڙان پئسا ڏيئي ٽڪيٽ خريد ڪري اچي راند ۽ رانديگرن کي ڏسن. اهڙي موقعي تي وري ڪنهن خوش نصيب جيئڙي جي ڊيوٽي لڳي، ته باقي الله کان ٻيو ڇا گهرجي؟

عنايت بلوچ اهڙو هڪ سڀاڳو نوجوان آهي، جنهن کي هر ڀيري سرڪاري ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ يورپ گهمڻ جو موقعو پئي نصيب ٿيو آهي. سندس پهريون سفرنامو ”پرينءَ جي پرديس“ سال 1984ع ڌاري شايع ٿيو ۽ ماڻهن ۾ ڏاڍو پسند پيو. ”پرديسي ڪهڙا پرين“ عنايت جي تازي پيشڪش آهي، جنهن ۾ لنڊن ۽ فرانس جي سفر جو احوال ڏنل آهي.

”پرديسي ڪهڙا پرين“ جو مهورت گذريل ڊسمبر جي يارهين تاريخ حيدرآباد جي هوٽل فٽاز ۾ ٿي گذريو. جلسي جي صدارت قاضي عبدالمجيد عابد وزير پاڻي، بجلي، اطلاعات ۽ نشريات ڪرڻ فرمائي ۽ قاضي اختر علي وزير تعليم، قانون، خزانه ۽ رانديون خاص مهمان هئا. هن موقعي تي سنڌ جي برک اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ ليکڪ جي ادبي فن تي خيال آرائي ڪئي.

سنڌ جي برک اديب ۽ شاعر شمشير الحيدري جي چوڻ مطابق عنايت بلوچ سنڌي ادب جو اهو آري ڄام آهي، جيڪو مشڪ ۽ کٿوريءَ جو سوداگر بڻجي سونهن وارن جا پنڌ پڇائيندو ۽ انمول وکر وهائيندو ٿو وتي، جنهن لاءِ لطيف چيو آهي ته ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ سنڌ جي سڻڀي ڪارپوريشن جي مئنيجر قمر شهباز، عنايت جي سفرنامي کي ”سندباد بلوچ“ جو ٻيو سفر سڏيو آهي.

اميد آهي ته عنايت بلوچ جو هي سفرنامو علمي ادبي توڻي تفريحي لحاظ کان پڙهندڙن ۾ پسند ڪيو ويندو. ڪتاب ۾، سفرنامي سان گڏ ڪرڪيٽ مئچن جي اکين ڏٺي روئداد، مئچن جا انگ اکر ۽ ٻي مفيد معلومات پڻ شامل ڪئي ويئي آهي. ڪتاب جي ڇپائي سهڻي، ڪاغذ اوچو، جلد عمدو ۽ پختو ڏنو ويو آهي. هڙئي خوبين هوندي به ڪتاب جي قيمت ٽيهه رپيا ۽ جلد سان پنجاهه رپيا رکي ويئي آهي.

- علي احمد بروهي

نائيجيريا ۾ سورنهن سال

دنيا ۾ جيڪي به سڌريل ۽ تهذيب يافته زبانون آهن، انهن جي علم ۽ ادب ۾ سفرنامن کي وڏي اهميت حاصل پئي رهي آهي. قديم زماني کان وٺي دنيا جي ملڪن جي تاريخ، تهذيب، تمدن سياسي خواهه معاشرتي حالتن جي جائزي وٺڻ لاءِ سفرناما بنيادي ماخذ جي حيثيت رهيا آهن. دنيا جيڪر محدود رهجي وڃي ها، پر اهي سياحن جا سفرناما ئي آهن، جن دني اکي وسيع تر بنائي ڇڏيو آهي. دنيا جي قومن جي تاريخ جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته واسڪوڊيگاما، مارڪو پولودنيا جا وڏا سياح هئا، جن دنيا کي انهن ملڪن کان روشناس ڪرايو، جي اڄ دنيا جي متمد ن ملڪن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. سياحت جي ميدان ۾ عربن پڻ انهيءَ ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي. عرب سياحب دنيا جي دور دراز ملڪن ۾ وڃي اتان جي تهذيب، تمدن، معاشرتي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن جو جائزو پيش ڪيو آهي، جن مان خبر پوي ٿي ته انهن قومن جي ترقي ۽ زوال جا ڪهڙا اسباب هئا. بزرگ بن شهريار، ابن حوقل، اصطخري، مقدسي ۽ ابن بطوطه جا سفرناما تاريخ جا اهم دستاويز ڪري تسليم ڪيا ويا آهن. دراصل اهي سفرناما ئي آهن، جن جي ذريعي قومن جي تاريخ مرتب ڪئي ويندي آهي.

دنيا جي هر ڪنهن ادب ۾ سفرنامن کي تمام گهڻي اهميت آهي. اهي سفرناما دنيا جي ڪيترين مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. سنڌي ازبان ۾ هن وقت تائين اگرچه سفرنامن تي گھٽ لکيو ويو آهي، ليڪن تنهن هوندي به سنڌي زبان انهن سفرنامن کان اونجهيل نه آهي. سنڌي ۾ هيل تائين جيڪي سفرناما لکيا ويا آهن، تن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي زبان ۾ اها وسعت ۽ گهرائپ موجود آهي، جيڪا ان سموري مواد کي پاڻ ۾ سميٽي سگهي ٿي.

تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”نائيجيريا ۾ سور نهن سال“ هالا جي هڪ نوجوان ميڊيڪل ڊاڪٽر احمد علي قريشي جي مشاهدي ۽ تجربي جو هڪ بهترين عڪس آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وطن کان دور سورنهن سال آفريڪا کنڊ جي هڪ دوردراز ملڪ نائيجيريا ۾ گذاري آهن. هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ڊاڪٽر احمد علي صاحب نائيجيرياجي ملڪ کي نهايت ئي باريڪ بيني سان جاچي جوچي ڏٺو آهي ۽ اتان جي تهذيب، تمدن ۽ معاشري کي ويجهو ٿي ان مان ڪافي ڪجھ حاصل ڪيو آهي، جنهن جو نچوڙ هن پنهنجي ڪتاب ۾ ٻه سئو صفحن تي مشتمل ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. چوڻي آهي ته سير ۾ تعليم آهي ۽ اها تعليم ان سياح کي حاصل ٿئي ٿي، جنهن انهيءَ عينڪ سان اتان جو جائزو ورتو هوندو. ڊاڪٽر قريشي صاحب نائيجيريا ۾ ملازمت جي فرضن سان گڏ اتان جي هر هڪ ڳالهه کي انهيءَ سير ۽ تعليم واري عنيڪ سان ڏٺو آهي. اتان جي قبيلن، رسم ۽ رواجن، خانداني ۽ سماجي قدرن، پنگتي ۽ معاشرتي حالتن، حسن، خوبصورتي ۽ ٻين ڪيترين اهڙن ڇرڪائيندڙ ڳالهين ڏانههن ڌيان ڇڪايو آهي.، جي پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪافي وقت تائين پنهنجو اثر ڇڏين ٿيون. هن سفرنامي ۾ ڊاڪٽر صاحب نهايت صاف ۽ سهڻي سنڌي عبارت لکي آهي، جنهن ۾ ميٺاج ۽ شيريني آهي. واقعاتي انداز اهڙي نموني پيش ڪيا اٿس جو پڙهندڙ ائين پيو محسوس ڪري، ڄڻ اهي نائيجيريا جا سڀئي واقعا سندس اکين اڳيان پيا ٿين. سچ پچ ته اهڙن سفرنامن جي سنڌي زبان ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي. سنڌ جي ابن بطوطه الطاف شيخ جي ڳوٺائي ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو هي سفرنامو سنڌي زبان جو شاهڪار آهي. هن سفرنامي کي زيب ادبي مرڪز حيدرآباد جي طرفان ڇپرايو ويو آهي. ڪتاب جي قيمت پنجويهه رپيا موزون رکي وئي آهي. سنڌ جي سڀني وڏن ڪتب فروشن وٽان ملي سگهي ٿو.

- عبدالرزاق گهانگرو

سنگرام

منصور پبليڪيشن حيدرآباد جو ويهون ڪتاب مشهور ڪهاڻيڪار بادل جمالي جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”سنگرام“ تازو شايع ٿيو آهي. زير تبصره ڪتاب سنگرام ۾ ڪل 13- ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن جا نالا هي آهن: 1- ڀورو گلاڻي، 2- نباهه، 3- جيون جي زنجيرن ۾ جڪڙيل شخص، 4- سمنڊ تي وسندڙ ڪڪريءَ ۾ کتل اکيون، 5- سڪون جي تلاش، 6- ويچارو انسان، 7- گهگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ، 8- نوابي، 9- خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن، 10- سنگرام، 11- هلندي هلندي، 12- هو جيڪو سڌري نه سگهيو، 13- کُتيرو.

منصور پبليڪيشن پنهنجي وت آهر، سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي، هي ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ ڪڙي آهي. بادل جمالي جي ڪهاڻين جو پهرئين مجموعي ۽ منصور پبليڪيشن جي چوٿين ڪتاب ’پاڙي ناهه پروڙ‘ کي اوارڊ مليل آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪري رهيو آهيان ته مجموعي ۾ مختلف موضوعن تي مختلف 13- ڪهاڻيون ڏنل آهن، مگر انهن ڪهاڻين کان سواءِ هن ڪتاب ۾ هڪ ٻي به ڌيان طلب، پڙهڻ لائق شيءِ آهي. هن ڪتاب جو ”ارپنا“ (انتساب) به پنهنجيءَ نوعيت جو آهي. ارپنا هن ڪتاب جي ڇهن پيجن تي مشتمل آهي. سنڌي ادب ۾ هيستائين ڪو اهڙو ۽ ايترن پيجن تي ارپنا اڳ ڪڏهن به نه لکيو ويو آهي. ارپنا به هڪ ڪهاڻيءَ جيتري دلچسپ، اڻوسرندڙ ۽ حقيقت تي مبني آهي. پڙهندڙ انهيءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهجي نه سگهندا.

سنگرام جي پهرين ڪهاڻي ’ڀورو گلاڻي‘ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ لکيل آهي. اهڙي ڪهاڻي، جنهن کي فن، ٽيڪنڪ، منظر نگاري، پلاٽ ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان بهترين ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو.

”فيصلي جي خبر مون کي ڪانهي. باقي تو ته مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏيو! ٽن هزارن جي اٺ جا ٽي هزار ڀُنگ ٻڌي ويٺو آهين- ٽي هزار ڏيئي مالڪ نئون اٺ نه وٺي اچي.....“

سنگرام جي ٻي ڪهاڻي ’نباهه‘ به هن ڪتاب جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن ۾ زال ۽ مڙس جي گفتگو، راز ۽ نياز، اڌما ۽ امنگون، پيار ۽ پنهنجائپ، ٻهراڙيءَ جي عورت جا تاثرات، ڪراچي جي فليٽ ۾ رهڻ بعد. پڙهندڙ هن ڪهاڻيءَ کي پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءَ رهي نه سگهندو.

انهن کان سواءِ سنگرام جون ٻيون ڪهاڻيون به پڙهندڙ کي پسند اينديون، جهڙوڪ: جيون جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ شخص، سمنڊ تي وسندڙ ڪڪريءَ ۾ اکيون، سڪون جي تلاش، ويچارو انسان، گهگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي نوابي ۽ خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن، جهڙيون ڪهاڻيون شايد نسيم کرل مرحوم لکيون هجن ته مڃجي، باقي اڄڪلھ جي ڪهاڻيڪارن مان شايد ئي ڪو لکي. ان کان سواءِ سنگرام، هلندي هلندي، هو جيڪو سڌري نه سگهيو، به سٺيون ڪهاڻيون آهن. آخري ڪهاڻي کُتيرو هڪ لاجواب ڪهاڻي آهي.

ڪتاب سنگرام 13- بهترين ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ بادل جمالي پنهنجي فن جي بلندين تي نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون منظرنگاري، مڪالمن، توڙي پلاٽ جي لحاظ کان منفرد انداز جون آهن. بادل جمالي، شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۽ ٻوليءَ تي دسترس رکي ٿو. سندس ٻولي سادي ۽ ڪردار سادا آهن. انهن ڪردارن کان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جملا چورائي ٿو، جو پڙهندر ڇرڪي ٿو وڃي.

سنگرام سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. منصور پبليڪيشن پاران محمد دائود بلوچ هن ڪتاب کي ڇپائي، سنڌي ادب ۽ پڙهندڙن جي اڳيان هڪ سُٺي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي. هي ڪتاب هر سنڌي سٻاجهڙي جي پڙهڻ لائق، هر لائبرري ۾ رکڻ جهڙو ۽ سانڍي رکڻ لائق آهي. قيمت 25- رپيا اٿس.

- محمد اڪرم پالاري

منتخب سنڌي افسانا

”منتخب سنڌي افسانا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ڇپايل سنڌي افسانن جو اردو ترجمو آهي، جنهن ۾ 1947ع کان 1955ع تائين جا ڏهه افسانا شامل آهن. هي افسانا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پنهنجي وقت جي نمائنده افسانا آهن ۽ انهن ليکڪ ڪي عام ڪهاڻيڪار نه بلڪ جديد سنڌي افساني جا بانيڪار آهن. هنن جي لکتين ۾ نه صرف سنڌ جي سڀيتا جي سونهن سمايل آهي بلڪ انهن پنهنجن پونيئرن کي به هڪ گس ڏنو آهي، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه آهي ته جمال ابڙو، غلام رباني، بيگم زينت چنا، شيخ حفيظ ۽ اياز قادري تمام گهٽ ڪهاڻيون لکڻ جي باوجود نئين سوچ، نوان رستا ۽ نيون راهون ڏنيون. هنن جا ڪردار سنڌي ادب ۾ امر ڪردارن جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ سعيد قائمخانيءَ جون ترجمو ڪيل هي ڪهاڻيون اهڙيون دلچسپ ته نه رهيون آهن، جهڙيون اهي اصل سنڌيءَ ۾ هيون، پر انهن جو مفهوم چڱيءَ طرح سمجھ ۾ اچي ٿو. هونهن به انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.

هن مجموعي مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اڳتي هلي جديد افساني جي فڪر کي اردوءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان جي ضرورت ان ڪري به آهي، جو سنڌي ادب ۾ افساني وڏي ترقي حاصل ڪئي آهي، هن وقت سنڌي افسانو پنهنجي موضوع جي حيثيت کان وڏي اهميت رکي ٿو- هن ڪتاب جي ڇپائي توڙي گيٽ اپ چڱو آهي، ان کي اڃا به بهتر ڪرڻ جي گنجائش موجود هئي، ڊيمي سائز، 80- صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت ڏهه رپيا آهي.

- قاضي خادم

اصطلاحن جي اصليت

سنڌي جي لائق صد احترام اهل قلم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو هي ڪتاب، پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ هر هڪ اصطلاح جي اصليت آندل آهي. ڪنڌ ۾ ڪلي هئڻ، ماڙ تي مينهن وسڻ، کوڙيءَ کي گهمرو هئڻ، تري پٽڻ، شهه ڏيڻ، ڍنڍين پِٽجڻ، مُرلي بند ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن اصطلاحن جي نه رڳو اصليت ڏيکاريل آهي پر اصطلاحن ۾ جيڪي انوکا الفاظ آيل آهن. تن کي به سندن ٻوليءَ مطابق کوليو ويو آهي. اصطلاحن کي جملي ۾ آڻڻ لاءِ، سنڌ جي مشهور شاعرن: شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، سچل، سامي ۽ بيدل وغيره جا بيت ڏنل آهن. مطلبن ته ڪتاب ادبي سوکڙي آهي، جا هر هڪ صاحب ذوق جي لائبريريءَ ۾ هئڻ لازمي آهي.

قيمت ويهه رپيا اٿس. ادبيات اسپتال روڊ حيدرآباد ۽ اسلم منزل، نزر پاور هائوس لاڙڪاڻي ۽ سڳنڌ ڪتاب گهر، جناح روڊ، لاڙڪاڻي کان ملي سگهندو.

- اسرار احمد علوي

سُرهي سُرهي سار

ڪهاڻي کان، خاڪن کان سفرنامي تائين، اسان جي مانواري ڀيڻ ماهتاب محبوب جي ڏات ٽن مختلف فريمس ۾ سينگاريل آهي. فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان، انهن ٽنهي صنفن ۾، هن جو پنهنجو اسٽائيل آهي- وڻندڙ، ڇرڪائيندڙ. انهن ٽنهي صنفن ۾ لکيل سندس ڪتاب ٻڌائن ٿا ته هوءَ زبردست مشاهدي جي سگهه رکندڙ ليکڪا آهي. لڳ ڀڳ پنج سال اڳ، سندس پهريون ۽ پنهنجيءَ نوعيت جو منتفرد سفرنامو ’اندر جنين اڃ’ هند- سنڌ جي اديبن جي وچ ۾، هڪ برج، هڪ پل، جو ڪم ڏئي چڪو آهي ۽ بنا پاسپورٽ ۽ بنا بارڊر ڪراس ڪرڻ جي، ماهتاب محبوب اسان کي، پنهنجن هم زبان دوستن جي من اندر جي سوچ کان آگاهي ڏني آهي. سندس هي ٻيو سفرنامو ’سرهي سرهي سار’ ساڳين رستن ۽ ماڳن ڏانهن، سندس ساروڻين جو ٻيو سِرو، ٻي End هي. پوڻا پنج سال اڳ هو انهن ئي هوائي رستن تان، من ۾ خوشين جا خزانا ۽ سامان ۾ سنڌو جو امرت جل کڻي، ماسٽر چندر سان ملڻ جي بهاني، هند ياترا لاءِ اسهي هئي. پوڻن پنجن سالن کان پوءِ، هُن کي وري هند ياترا جو وجھ مليو، ته هن جي ذهن ۾ ماسٽر چندر جي لاڏاڻي واري دلگير خبر هئي ۽ اکيون اشڪبار. اهو ته خير هن سفرنامي جو مرڪزي منظرنامو هو. فني نقطهء نگاهه کان مون جڏهن سرهي سرهي سار پڙهيو، ته مون محسوس ڪيو، ته مان ڪو عام سفرناموڪونه پيو پڙهان. ڪا انوکي ۽ پنهنجي رنگ جي منفرد لکڻي منهنجي نظر هيٺ آهي. اها ڳالهه ان حوالي سان، ته هندستان جي اجنبي آسمان هيٺان ڀٽڪندڙ پنهنجن هم زبان ليکڪن ۽ ماڻحن بابت جيڪڏهن ڪو سفرنامو لکي به ٿو، ته جيستائين ان سفرنامي ۾، اندر منجھ پيدا ٿيندڙ ڪيفيتون ۽ داخلي ڪيهرام برپا ڪندڙ وارداتون نٿو پينٽ ڪري، نفسياتي طرح سان، اهڙو سفرنامو سنڌ ۾ سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪشش ڪونه رکندو. ماهتاب محبوب جا هي ٻئي سفرناما، اندروني ڪيفيتن جا بهترين منظرناما ۽ ڪامياب سفرناما آهن. ايڏا گنڀير جو پڙهندي دل من لهولهو ٿيوپوي. هندستان جي شهرن، منظرن، ماٿرين بدران هي سفرنامو مسز چندر جي گهر اڱڻ، الهاس نگر، سيتا سنڌو ڀون، دياوتي هال ۽ دوستن سان هڪ پڪنڪ پوائنٽ تي گڏ ٿي، رلي ملي ويهڻ جو سفرنامو آهي. اهڙن اهڙن وڻندڙ ماڻهن جا مذڪور آهن هن سفرنامي ‎۾، جيڪي سنڌ جي تاريخ جي ڪئميرا ڏانهن منهن ظاهر ڪيو بيٺا آهن. جيڪي بذات خود تاريخ آهن. سرڳواسي رام پنجواڻي، ارجن شد، اتم، هري موٽواڻي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيرنداڻي، موهن ڪلپنا، ڪهڙا ڪهڙا نه عڪس ۽ نقش هن ڪتاب جي اسڪرين تي اڀاريا ويا آهن. هي سڀ اهي چهرا ۽ چند ستارا آهن، جن کي ڏسڻ پسڻ جو وجھ شايد اسان جهڙن کي سواءِ هڪ ڪتاب جي، ڪٿي به نه ملي.

اهي ته سفرنامي ’سرهي سرهي سار‘ جي نيوڪلئس بابت منهنجون جاچنائون هيون، پر ماهتاب محبوب جي مشاهدي ۽ لکڻ جي اسٽائيل جي واکاڻ نه ڪرڻ هتي زيادتي ٿيندي. هن پنهنجي هن سفرنامي ۾، سادگي ڀرين ڳالهين ۾، ائين معنيٰ پيدا ڪئي آهي، جيئن سپ ۾ موتي بند هوندو آهي. هن جي نثر جو بخيو زگ زيگ نه، سڌو ۽ ڊئريڪٽ آهي. جي طنز، ته اها به فنائتي. مذاح، ته اهو به مزيدار. بي ساخته ۽ وڻندڙ. پڙهندي محسوس ٿيندو ته عام رواجي ڳالهه آهي. سوچيو، ته پتو پوندو. اوهه...! ڇا، ته اها ڳالهه هئي. (ڊليشز، ماربلس). هن ڪتاب جي پکير ۾ انهن املھ ٻولن جي به وڏي اهميت آهي، جيڪي دادا رام پنجواڻي، مسز چندر ۽ موهن ڪلپنا جي ڳالهايل لفظن مان چونڊ ڪري، مهتاب هن ڪتاب جي صفحن ۾ سينگاريا آهن. خاص ڪري، موهن ڪلپنا جا جملا، جيڪي ماهتاب محبوب صفحي 74 کان 77 تائين ريپروفڊيوس ڪيا آهن، اهڙن ته نازڪ ۽ من موهيندڙ احساسن سان ٽمٽار آهن، جو پڙهندي گلو، گلوگير ٿيو پوي. اڇا! سفرنامي جي اداس موڊ کي ڊليشز بنائڻ جي لاءِ چينج اوور طور، هن ڪي ٻيا دلچسپ ٽاپڪس به لکيا آهن. مثال طور ڪراچي ايئرپورٽ تان رواني ٿيڻ جي کلندڙ کلائيندڙ روداد، جهاز جي اندرين صورت حال، ڪسٽم آفيسرن جون بدحواسيون. سائيڊ سائيڊ ۾ هندستنا جي اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي صورت کي پنهنجي انداز سا ڊسڪس ڪيو آهي ۽ اتي جي ناٽڪ، موسيقي ۽ ادب بابت ٿڌي مٺي انداز ۾ تبصرا به ڪيا آهن ۽ بي شڪ ته هي سفرنامو، جنهن جو نالو ”سرهي سرهي سار“ آهي، اسان جي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز آهي ۽ ڇو نه هجي ان ڪري جو ان جي ليکڪا ڪا عام رواجي ليکڪا ناهي. اها تاريخ اسان جي وڏي ليکڪا ماهتاب محبوب لکي آهي. هن ڪتاب جا ٻه خوبصورت مهاڳ ارجن شاد ۽ آغا سليم لکيا آهن. (۽ منهنجي ناچيز راءِ ۾) هي سفرنامو پنهنجيءَ نوعيت جو انوکو، الڳ ۽ منفرد سفرنامو آهي. نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد طرفان ڇپرايل هن دلاويز ڪتاب جو ملهه پنجٽيهه رپيا ۽ پڪي جلد سان پنجاهه رپيا آهي.

- نصير مرزا

EDUCATION IN SIND

(Past and Present)

مصنف: حبيب الله صديقي، ڊيمي سائيز، صفحا 642، قيمت 110 رپيا، ناشر: سنڌالاجي، ڄام شورو، 1987ع.

سنڌ ۾ تعليم ۽ تدريس جي تاريخ خود سنڌ جيتري قديم آهي. موهن جي دڙي کان موجوده دور تائين، ننڍي کنڊ جي هن خطي ۾ علم جي روشني به رهي ته عالمن ۽ استادن جو سلسلو به موجود رهيو آهي. زماني جي تبديلي ۽ روحاني توڙي مادي قدرن جي بدلجڻ سان سنڌ ۾ به، تعليم ۽ ان جي نصاب ۾ ڦيرگهير ٿيندي رهي آهي. ان پس منظر ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ جو هڪ ڊگهو سلسلو رهيو آهي. ارمان آهي جو اسان جي تهذيبي تاريخ جي هن اهم پهلوءَ تي هيل تائين ڪو جامع ۽ مفصل ڪتابن ڪونه لکيو ويو هو. خوشيءَ جي ڳالھ آهي، جو سنڌ جي هڪ ماهر تعليم ۽ عالم محترم حبيب الله صديقي ان ڏس ۾ پيش رفت ڪري، ”سنڌ ۾ تعليم: ماضي ۽ حال“ عنوان سان انگريزيءَ ۾ هڪ محققانه ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنهن جي عالمانه افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر هن موضوع تي ڪم ڪندڙ مستقبل جي محققن لاءِ بنيادي رهنمائي ميسر رهندي.

جناب حبيب الله صديقي پنهنجي شاگرديءَ کان وٺي ملازمت تائين، علم جي تحصيل توڙي درس وتدريس جي معاملي ۾ انتهائي ڪامياب ۽ نمايان رڪارڊ جو مالڪ رهيو آهي. سنڌي شاعر جي حوالي سان ته سندس واکاڻ ٻڌبي پئي رهي آهي، تاهم زير تبصره ڪتاب جي ڇپجڻ سان کيس علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پڻ خوشگوار ڀليڪار ڏني ويندي، شهرت ۽ نمام و ونموه کان پهلوتهي اختيار ڪندي، خاموشي سان مطالع ڪرڻ ۽ سنجيده ۽ پُرمايه علمي ڪم ڪرڻ صديقي صاحب جي خاص خوبين مان نمايان خوبي آهي.

”سنڌ ۾ تعليم- ماضي ۽ حال“ ڪتاب 642 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ متعدد باب ۽ حصا آهن. باب پهرئين ۾ تعليم جي روايت تي لکندي سنڌو ماٿر جي تهذيبي عهد جي حوالي سان گفتگو ڪيل آهي. ٻئي باب ۾ ”تعليم جو قديم سرشتو“ عنوان سان ٽن حصن ۾ برهمڻن، ٻوڌين، ايرانين ۽ يونانين جي علم ۽ تحصيل جي پس منظر کي چٽو ڪندي سنڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿون باب سنڌ ۾ عربن جي اچڻ، اسلامي ادارن جي قيام، مختلف علمي مرڪزن، استادن ۽ عالمن توڙي جدا جدا تهذيبي مرڪزن تي مدار رکي ٿو. هت هي شعوري ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ڪيئن سنڌ جو دانش ۽ ڪتاب، هن دؤر ۾ اسلامي دنيا ۾ پهتا. هن باب کي عربن کان غلام گهراڻي تائين محيط ڪيو ويو آهي. باب پنجون ٻن حصن ۾ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ ٿيل تعليمي ترقي بحث هيٺ آندل آهي. هن دور تي فاضل مصنف اختصار کان ڪم ورتو آهي، پر ڏنل مواد ڪافي معلومات ڏئي ٿو. سمن جي دؤر ۾، صديقي صاحب، هڪ تصنيف ”آداب المُتعلمين“ جو ذڪر ڪيو آهي. هي هڪ نئون تحقيقي انڪشاف آهي، جنهن تي تفصيل سان روشني وجهڻ جي ضرورت باقي آهي.

ڇهون باب ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ ۾ تعليمي صورتحال بابت آهي. مخدوم بلاول رح جي شهادت، سنڌي عالمن جي لڏپلاڻ، مقامي ماڻهن جي تڪليف ده حالت، شهري تعليمي مرڪز، مشهور عالم ۽ استاد توڙي نصاب ۽ ڪتاب- جهڙن عنوانن تي نهايت ئي جامع انداز سان سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي.

روايتي تعليم جي حوالي سان آخري ستون باب ٻن حصن تي مدار رکي ٿو. پهرئين حصي ۾ ڪلهوڙن ۽ ٻئي حصي ۾ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ تي روشني وڌل آهي. سنڌي زبان، عالم ۽ صوفي توڙي نصابي ڪتابن جي فهرست ۽ حاڪمن جو تعليم ڏي رجحان جهڙا اهم عنوان ستين باب جي زينت بنيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي هزارن سالن جي روايتي تعليمي تاريخ کي فاضل مصنف صرف ڏيڍ سئو صفحن تي ختم ڪيو آهي.

بنده جي خيال مطابق، ان بعد ڪتاب جو حقيقي معنيٰ ۾ آغاز ٿئي ٿو. اٺون باب سنڌ اندر مغربي تعليم جي پکڙجڻ بابت مواد فراهم ڪري ٿو. هن باب جا ٽي حصا آهن، جن ۾ سنڌ ۾ ابتدائي انگريزي تعليم، تعليم عام ماڻهن لاءِ ۽ مقامي ماڻهن جو ڪردار- بحث هيٺ آندل آهن. سنڌ ۾ پهريائين مغربي تعليم ڪيئن رائج ٿي، سنڌي زبان بطور ذريعهء تعليم هڪ سئو سالن ۾ تعليم جي واڌاري بابت جاري ڪيل ضابطا ۽ قانون، تعليم جو عوامي سطح تائين پهچڻ، جھڙا موضوع دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا ويا آهن. هن باب جي آخر ۾ مقامي زميندارن، اديبن، سياستدانن ۽ استادن جي سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار کي تفصيلي طور اجاگر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ قومي هڏڏوکين ۽ سماج سڌارڪن جو يڪجا ذڪر ڪيو ويو آهي.

نائون باب پاڪستان ۽ انگريزن جي دور ۾ مقامي ديني تعليم بابت آهي. هن باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته، ڪيئن روايتي تعليم زندهه آهي. ديني تعليم جا ڪهڙا مرڪز قائم آهن ۽ ان ڏس ۾ ڪهڙن ڀلارن عالمن حصو ورتو آهي.

ڏهون ۽ آخري باب، جديد تعليم بابت آهي، جيڪو قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان ۽ وزارت تعليم، سنڌ سرڪار ۽ ان جو تعليم ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، پرائمري کان يونيورسٽي تعليم، مغربي تعليم ۽ سائنسي تعليم توڙي جديد ٽيڪنالاجي، مختلف تهذيبي ۽ ادبي ادارا، لائبرريون ۽ ڪتب خانا، وغيره هن باب ۾ تفصيلي بحث هيٺ آيا آهن. آخر ۾ ضميما، ببليوگرافي، حوالا، حاشيا ۽ انڊيڪس ڏنا ويا آهن.

سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي تاريخ بابت هن کان اڳ متعدد عالمن قلم کنيو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ۽ سيد مصطفيٰ علي بريلوي قابل ذڪر آهن، تاهم اسان جي تاريخ جي هن اهم باب کي محترم حبيب الله صديقي صاحب وڏي جاکوڙ ۽ تحقيقي ڪشالي کان پوءِ هڪ خاص نوع ۾ مڪمل ڪيو آهي. اهڙن خشڪ ۽ وساريل عنوانن تي ڪم ڪرڻ بلاشبه هڪ ڪٺن ڪم هو، ۽ ان کي توڙ تي پڄائڻ لاءِ ڪيئي جتن ڪرڻا پيا هوندا، ليڪن اسان جو ”پهرئين جامع ڪتاب“ کي هر طرح معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

بلاشبه صديقي صاحب جي هن ڪتاب Education in Sind جون ڪيئي خوبيون آهن.

خود سنڌ جي تعليم بابت انگريزي زبان ۾ هڪ ڪتاب جو لکجڻ ۽ ڇپجڻ هڪ اهم پيش رفت تصور ڪئي ويندي. هن ڪتاب کي وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش بنائڻ لاءِ، لائق محقق، جابجا فارسي ۽ سنڌي بيت، مناسبت سان درجا ڪيا آهن.

جتي هن ڪتاب ۾ ڪيئي خوبيون آهن، اتي هن ۾ ڪجھ ڪميون به نظر اچن ٿيون. مثال طور سنڌ جي مقامي حڪمران خاندان پاران تعليم ۽ تدريس ۾ ورتل دلچسپي ۽ خود انهن زمانن ۾ ٿيل تعليمي ترقيءَ بابت نهايت اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي. سومرن ۽ سمن توڙي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي سياسي زوال ۽ آغاز بابت ڪجھ تفصيل سان لکڻ جي ضرورت هئي. ان کان علاوه ڪتاب جي رٿابنديءَ ۾ پڻ اڃا اصلاح جي گنجائش باقي هئي.هڪ طرف سنڌ جي هزارن سالن جي تعليمي تاريخ کي صرف ڏيڍ سئو صفحن تي پابند ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي طرف جديد دور جي ڏيڍ سئو سالن کي پنج سئو صفحن تي آندو ويو آهي. اميد آهي ته فاضل مصنف طرفان ورندڙ ڇاپي ۾ مناسب اصلاح لاءِ توجھ ڏنو ويندو.

ڪتاب جي آخر ۾ ضميمن جي شامل ڪرڻ سان ڪتاب جي افاديت ۾ اضافو آيل آهي.

مغل دور ۽ ٽالپر دور ۾ نصابي ڪتابن جر مڪمل لسٽ مصنف جي علمي ادراڪ ۽ اعليٰ تحقيقي شعور جي نشاندهي ڪري ٿي.

سنڌ جي تعليم، ان جي مسئلن، لاهين چاڙهين، موجوده دور ۾ آيل تعليمي الحطاط ۽ زوال بابت لکڻ جي بهرحال وڏي گنجائش موجود آهي. توقع آهي ته محترم حبيب الله صديقي هن ڪتاب کان پوءِ ان راهه تي گامزن رهندو.

Education in Sind- Past and Present انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي. لائق ليکڪ محترم حبيب الله صديقي سان گڏ، ڪتاب جي ناشر محترمه مهتاب اڪبر راشدي پڻ مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ بابت هڪ جامع ۽ تفصيلي ڪتاب ميسر ڪيو آهي.

ڊيمي سائيز ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جا 642 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت هڪ سئو ڏهه رپيا آهي.

- نفيس احمد شيخ

بي پير اکيون

سنڌي زبان جي ممتاز، قادر الڪلام ۽ هر دلعزيز شاعر حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ مختلف النوع اصناف سخن ۾ جيڪو ڪمال حاصل ڪيو آهي، سو عصر حاضر جي شايد ئي ڪنهن شاعر کي حاصل هجي. بيت، وائي، ڪافي، غزل، حمد، نعت، ربائي، مثنوي، نظر وغيره تي طالب الموليٰ لڳ ڀڳ هڪجهڙو حاوي آهي. سندس ڪلام جو ذخيرو بلڪل گهڻو آهي. ”ڪافي“ جي صنف تي خصوصا، ٻين اصناف جي ڀيٽ ۾ طالب الموليٰ کي گهڻو درڪ حاصل آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه مبالغو ناهيته ڪافي جي ميدان جو شهسوار هينئر طالب الموليٰ ئي آهي.

طالب الموليٰ جو نه صرف ”ڪافي“ تي گهڻو تحقيقي ڪم ڪيل آهي، پر پاڻ خود به خوش الحان آهي ۽ موسيقيءَ جي فن جو تربيت يافته ماهر آهي. اهي سڀ لوازمات، جيڪي خداداد صلاحيت سان گڏ ڪنهن عظيم شاعر لاءِ ضروري هوندا آهن، سي الحمد الله طالب الموليٰ کي بخوبي ميسر آهن.

طالب الموليٰ جي بقول ”ڪافي جو دارومدار آئي ئي راڳ، سريلي آواز ۽ راڳ سمجھندڙ شاعر تي.“ پر انهيءَ وصف ۾ درد دل ۽ ذوق جمال رکندڙ قادر الڪلام شاعر جو اضافو ڪرڻ به ضروري آهي، ڇو ته ”ڪافي“ سان علم عروض جي پابندين ۾ رعايت ۽ نرمي جو مطلب اهو ناهي ته هر ڪوئي سڌڙيو شاعر لئي مان لٺ ڀڄي، ”ڪافي گو“ شاعر بنجي وڃي. سنڌ غزل ۽ ڪافي ۾ ٿورو فرق وڃي رهيو آهي، اهو ئي فرق آهي مختصر نرمي ۽ رعايت جو. ٻين لفظن ۾ غزل ۽ ڪافي جي سمجھڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته پابندين جي لحاظ سان غزل آهي ”سخت ڪرفيو جو نفاذ“ ۽ ”ڪافي“ آهي ”انهي ڪرفيو ۾ جزوي طور نرمي ۽ رعايت، نه ڪي ڀڃڪڙي يا انحرافي.“

سنڌي زبان ۾ چند باڪملا شاعر هن دور ۾ به موجود آهن، پر طالب الموليٰ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس جوڙئي ڪونهي. ٻين به ڪيترن عام شاعرن طالب الموليٰ جي تقليد ۾ ڪافي ۽ بيت تي نه صرف طبع آزمائي ڪئي آهي، بلڪ زور آزمائي ڪئي آهي. ڪن بازاري ڳائڻن جي ڪيسٽن ۾ هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجا ڪلام ڳارايا ويا آهن ۽ سستي شهرت حاصل ڪري اڪفي جي ميدان ته پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مگر

هم ني سب کا کلام ديکها هي،

هي ادب شرط، منہ نه کهلوائين!

هينئر اسان جي سامهون حضرت طالب الموليٰ جي تازه ترين تصنيف ”بي پير اکيون“ موجود آهي. دين دنيا، مذهب، تصوف، علم و ادب ۽ پيار محبت جي مانڊاڻ ۾ ”اکين“ کي وڏي اهميت حاصل آهي.

طالب الموليٰ اکين جو مذڪور سنڌي شاعريءَ جي هر صنف ۾ ڪيو آهي. تازه ترين تصنيف، جيڪا ڪافين تي مشتمل آهي،تنهن ۾ گهڻا اکين جا مضمون ڇانيل آهن. ڪافين جي ويهن سالن جي مجموعي جو نالو ئي ”بي پير اکيون“ رکيو ويو آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز آفسيٽ پيپر جي 132 صفحن تي مشتمل، سهڻي سرورق سان سينگاريل، مرڪزي بزم طالب الموليٰ سنڌ جو ڇپايل آهي. پهرئين ڇاپي جو تعداد 4100 آهي. خبر ناهي 41 جو انگ ڪهڙي ارادي سان ڪم آندو ويو آهي. هونئن ته 41 جو انگ علم الاعداد ۽ روحانيت جي سلسلي ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي.

ڪافي جي صنف ۾ طالب الموليٰ ميدان ماريو بيٺو آهي. دور حاضر جي سهاه ڀرين شاعرن لاءِ جيئرو جاڳندو، خاموش ۽ پروقار چئلينج بنيل آهي. طالب الموليٰ موجده دور جي اديبن ۽ شاعرن جو مير ڪاروان ۽ روح روان آهي. هو شاعرءَ جي ميڪدي جو پير مغان آهي. طالب الموليٰ نه صرف ڪاروان سخن جو مير آهي، پر هو لاتعداد مريدن جو پنهل پير به آهي. انهيءَ سهروردي سلسلي جي باپير، پير جون ”بي پير اکيون“ حسن اتفاق سان هڪ بي ريا مبصر جي بي پير قلم جي تبصره هيٺ آهن. ڪتاب جا ابتدائي نمايان نقش و نگار هي آهن:

(الف) ڪتاب ”ڪافي لکندڙن، سمجهندڙن، ڪافي ڳائنيدڙن ۽ ڪافي ٻڌندڙ“ سان منصوب ڪيل آهي. اهو عجيب انتساب آهي.

(ب) ڪتاب جي خصوصيت هي آهي ته مصنف موصوف پنهنجي هٿ اکرن ۾ ڪتاب ڇپايو آهي. انهيءَ لاءِ ٻه سبب ڄاڻايا اٿس.

1) هڪ ته کيس، ”سندس اکرن وڻن ٿا.“ (جيڪي واقعي خوبصورت ۽ صاف سٿرا آهن.)

2) ٻيو سبب هٿ اکرن جو هي آهي جو پروف جي غلطي يا سَهِوِ ڪاتب جو ٻيو ڪو ذميوار نه رهي، بلڪ فاضل مصنف تحرير جو هر عيب وصواب پاڻ سان لاڳو رکڻ چاهي ٿو.

هي به صاحب تحرير جو هڪ دلبرانه انداز آهي. انهن ٻنهين ڳالهين سان گڏ اهو واحد ۽ پهريون شاعر آهي، جنهن جي پنهنجي هٿ اکرن ۾ پنهنجو شاعريءَ جو مجموعو ڇپيو هجي. برصغير هندوپاڪ جي ادب ۾ هڪ نئين طرز ادا جو اضافو آهي.

(ج) ڪتاب جي خاص الخاص خصوصيت هيءَ آهي ته هن ڪتاب لاءِ دنيا جي دستور مطابق، ”ديباچو“، ”پيش لفظ“، ”مهاڳ“ ۽ ”ٻه- اکر“ يا ٻي ڪابه اهڙي عنوان سان تحرير، جيڪا ڪنهن ٻئي اديب ۽ شاعر کان لکائي وئي هجي، جيڪو صاحب دستور مطابق ڪافيءَ جي فن تي روشني وجهي ها، يا شاعر موصوف جي ڪلام ۽ انهي جي معيار کي بلنديءَ تي پهچائي ها يا تعريف جا بند ٻڌي پنهنجي قابليت جو اظهار ڪري ها يا پاڻ وڻائي ها. طالب الموليٰ انهيءَ دستور جهان کي هڪ ڌڪ سان ٽوڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪتاب تي راءِ جا ”ٻه- ٽي اکر“ به پاڻ لکيا اٿس. انهيءَ عجيب انداز مان عام پڙهندڙ کي اهو تاثر ملي ٿو ته طالب الموليٰ کي ڪنهن جي بجا يا بيجا خوشامد پسند ناهي. ٻين کان ٻه- ٽي اکر نه لکرائڻ جو سبب طالب الموليٰ ڪتاب ۾ هيئن ٿو ٻڌائي ته:

”... پر مون هن ڀيري اينهين هن ڪري نه ڪيو ته پنهنجي راءِ ئي ”ڪافي“ لاءِ ڪافي سمجھيم.“

سندس هن جملي ۾ ڪيتريون معنائون ۽ ڪيترا اشاره پوشيده آهن.

طالب الموليٰ شريف النفس شاعر آهي. هن شرفاء جي زبان ۾ سڀني شاعرن کي مٿينءَ دعوى مطابق مهذب طريقي سان چئلينج ڪيو آهي. انهيءَ چئلينج ۾ زور به آهي ته وزن به، ڇاڪاڻ ته طالب الموليٰ ڪافيءَ جي صنف تي سٺي عرق ريزي ڪئي آهي.

1962ع ۾ ”ڪافي“ تي هڪ تحقيقي ۽ معياري ڪتاب ”ڪافي“ سندس تصنيف ڪيل آهي. اهو ڪتاب پڪي جلد سان ڊيمي سائيز ۾ 220 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر بلوچ، مخدوم امير احمد، پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا غلام محمد گرامءَ جا رايا ۽ حوالا به موجود آهن.

اهي لوازمات، جيڪي شاعريءَ جي لحاظ کان خداداد صلاحيت گڏ ڪنهن عظيم شاعر لاءِ ضروري هوندا اهن، سي طالب الموليٰ کي ميسر آهن. ”بي پير اکيون“ ڪتاب جي ڪافين ۾، جو ڪجھ رنگ رچيل ۽ مانڊان منڊيل آهي ۽ شاعريءَ جي اهميت ۽ افاديت جو لبِ لباب طالب الموليٰ خود ئي ”پرک“ جي عنوان هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.

جيڪڏهن طالب الموليٰ جي گهڻين ڪافين جو معيار اهو آهي، جو جيڪڏهن ”ڪافي“ لکيل نه هجي ته هرڪو انهيءَ کي غزل سمجھي ته پوءِ سنڌ جي شاعرن جي ڇپيل ديوانن جي ڪيترن غزلن کي، غزل جي دائري مان خارج ٿيڻو پوندو. خود ديوان طالب الموليٰ جا ڪيترا غزل طالب الموليٰ جي ڪافين کان تغزل ۾ هيڻا نظر ايندا.

”بي پير اکيون“ جي ڪافين ۾ غزل جي زبان استعمال ڪيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ”خاص لفظن جي معنيٰ“ جي عنوان ۾ ڪيڏي نه لڪ ڪئي وئي آهي، اصل آهي ”ڏکين لفظن جي معنيٰ!“ ”فرهنگ- بي پير اکيون“، ”فرهنگ ديوان طالب الموليٰ“ کان به مشڪل آهي.

طالب الموليٰ شعوري خواهه غير شعوري طور ڪافي جي صنف تي ڪرفيو هڻي ڪافي کي غزل جي پوشاڪ ۾ پيش ڪيو آهي. اسان فني اعتبار کان هر ”ڪافي“ جو علحده علحده تجزيو ڪنداسين ته هڪ ضخيم ڪتاب بنجي پوندو. لهاذا ٿلهي ليکي اها ڳالهه واضح انداز ۾ چئي سگهون ٿا، ته دور حاضر ۾، تادم تحرير، برصغير هندوپاڪ ۾ ڪافي جي صنف ۾ طالب الموليٰ يگانو ۽ يڪتا آهي. انهيءَ پير جو ”بي پير اکيون“ ڪتاب ڪافيءَ جي دنيا ۾ هڪ تهلڪو آهي. طالب الموليٰ هينئر ڪافيءَ جي سَنَد آهي. سڄو ميدان سندس ئي حوالي آهي.

طالب الموليٰ اهو خوش نصيب شاعر آهي، جنهن جو ڪلام موجوده سڀني شاعرن کان وڌيڪ ڳايو وڃي ٿو. حسين بخش خادم، مصري فقير، رونا ليليٰ، عابده پروين وغيره طالب الموليٰ جي ڪلام کي سيني جي سوز سان ڳايو آهي. ٻيا به ڪيترائي محبت وارا ڳائڻا طالب الموليٰ جو ڪلام ڳائڻ ثواب سمجھن ٿا.

طالب الموليٰ ڪافي جي صنف کي نئون موڙ ڏنو آهي. انهيءَ تجربي ۾ پنهنجي قابليت، استادانه صلاحيت ۽ تجربيڪار ذهن جي زور تي ڪامياب به ويو آهي.

ڪافيءَ جي زمين ۾ ”ريختي“ جو پراڻو هَرُ هلائڻ بدران جيڪي دور جي تقاضا مطابق غزل جو ٽريڪٽر استعمال ڪيو اٿس. هاڻي ”ڪافي“ جو فصل پربهار ۽ شاداب نظر اچي ٿو.

عام طور سنڌي غزل ۾ به ڪيترا ماڻو زير اضافت کان حساس هوندا آهن. طالب الموليٰ غزل جي محاورن ۽ موشگافين کان علاوه ڪافين جي زبان ۾ زير اضافت جو استعمال به فراواني ۽ فراخدلي سان ڪيو آهي ۽ انهيءَ ۾ هو حق بجانب آهي، ڇو ته ڪافي جي فن جي پاڻ خدمت به گهڻي ڪئي اٿس- انهيءَ جي جسم کي توانائي بخشڻ لاءِ هوشيار ڊاڪٽر وانگر ڪهڙي به دوا ڏئي، ڪهڙي به انجيڪشن لڳائي ته هن کي اختيار آهي. طالب الموليٰ جون ڪيترون ڪافيون بحر وزن آهن، بلڪه ڪي ڪافيون سنوان سڌا غزل محسوس ٿين ٿيون. ڪيتريون ڪافيون هڪڙيئي گهاڙيٽي تي چيل آهن.

ڪافي ۽ غزل جي وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ مسلسل نگاري“ ۽ ”ريختي“ آهي. اهي ٻئي شيون ”ڪافي“ جي سڃاڻپ آهن، پر ”غزل“ لاءِ عيب آهن. افسوس آهي جو ڪيترا سنڌي اديب جيڪي شاعر نه هوندا آهن يا شاعري ۾ عميق نه هوندا آهن، سي ڪو ديوان مرتب ڪرڻ وقت يا غزل ۽  ڪافي تي ڪو ڪتاب لکڻ وقت اها غلطي ڪري ويندا آهن جو ڪافي کي غزل ۽ غزل کي ڪافي لکي ڇڏيندا آهن. اهو بلڪل ائين، جيئن ڪو مڪراني ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ وقت مذڪر ۽ مونث جي تميز نه ڪري سگهي.

اها ساڳي مذڪر ۽ مونث واري غلطي غزل ۽ ڪافي ۾ سنوان سڌا ڏسڻا وئسڻا اديب ڪن ٿا، ڪو چوڻ وارو ڪونهي.

”ريختي“ (عورت جي زبان ۾ شاعري) سنڌي شاعري جو تشخص آهي. شاهه لطيف عورت جي زبان (ريختي) ۾ شاعري ڪئي آهي. طالب الموليٰ کي به اعتراف آهي ته ”ريختي جي فن جو شهنشاهه شاهه لطيف آهي.“ سنڌي شاعرن فارسي غزل کي به سنڌي ويس پارائي، عورت جي زبان (ريختي) ۾ پيش ڪيو آهي. ڪافي ته پيدائشي طور عورت جي زبان ۾ استعمال ٿيندي آئي آهي. ”حامد“ غزل کي سنڌي ڪافي جي ليول تي آندو. ”گل“ غزل کي مڪمل طور سنڌي ويس پارايو آهي. انهيءَ کان پوءِ جي شاعرن غزل جي گهاڙيٽي ۾ ڪافي کي پيش ڪيو، مگر ”ريختي“ جي تنگ لفافي ۾ ”ڪافي“ جي قدآور صنف ماپي نه سگهي. طالب الموليٰ ”ضرورتِ شعري“ جي نظريه مطابق ”ريختي“ جو گريبان چاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سڀئي قيد و بند ٽوڙي ڪافي کي غزل جو ويس پارائي، انهيءَ کي اهڙي ته پياري انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو تمام تر تڪلفات جي باوجود ”ڪافي“ ذهن تي بار نٿي ٿئي، ويتر وڻي پئي. ادبي دنيا ۾ ضرورت جي نظريه تحت ”ڪافي“ جي مضمون ۾ رس ۽ چش، حدت ۽ حرارت، جدت ۽ جوش لاءِ خوشگوار تبديلي آڻڻ ناگريز هئي، جنهن جو سهرو حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سر تي سونهين ٿو.

- پروفيسر محبوب سروري

STUDIES ON SIND

ترتيب: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، سائيز: ڊيمي، صفحا: 195، قيمت: 90 رپيا، ناشر: پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سال 1988ع.

انگريزي زبان ۾ سنڌ بابت اڀياس جو آغاز، سترهين صديءَ ۾ شروع ٿي ويو، تاهم ان ۾ وسعت ۽ واڌارو ناٿن ڪرو (ارڙهين صديءَ جو آخر) جي سياي مشن سان شروع ٿيو. ان بعد ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن، انگريزي زبان ۾ سنڌ بابت سوين ڪتاب تيار ڪيا، جن ۾ هتان جي سياست، تاريخ، تمدن ۽ زبان جو بيش بها مطالعو ٿيو آهي. هي سلسلو موجوده دور تائين روان دوان آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”اسٽڊيز آف سنڌ“ ان ڏس ۾ تازي ۾ تازي ڪوشش آهي. هي ڪتاب نامور عالم ۽ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊئريڪٽر، پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحٻ ترتيب ڏئي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اهي مقالا چونڊيا ويا آهن، جي سينٽر جي ميگيزين ”گراس روٽس“ ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ ڇپيا آهن. فهرست تي نظر وجھندي مولف جي حسن انتخاب جو بنا ڪنهن هٻڪ جي داد ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ جي قديم جا اهم پهلو، صحافت ۽ موسيقيءَ جو اتهاسڪ تعارف، جدا جدا دورن ۾ هليل مختلف سياسي تحريڪن، ماضي قريب ۾ سنڌ جي انتظامي حدن جي ڦيرگهير ۾ مختلف ثقافتي، واپاري ۽ سماجي معاملن بابت هن ڪتاب ۾ چونڊ تحقيقي ۽ علمي مقالا شامل ڪيا ويا آهن. ان ريت هي ڪتاب پڙهندي بلاشبہ سنڌ جي صدين جي تاريخ جو اڀياس ٿئي ٿو. فهرست تي نظر وجهڻ سان هي مواد هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com