سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :17

عبدالواحد انڊهڙ الله کي پيارو ٿي ويو. هو ”سنڌي“ سڏيو ويندو هو. سنڌي اسان به آهيون. پر اهو فيصلو ڪير ڪري ته ”سنڌي“ ڪير سڏائي؟ ”سنڌي“ ڪير ٿئي؟ ڇا هرڪو ”سنڌي“ ائين ئي گذاري ويندو آهي، جيئن شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“ گذاري ويو، جيئن عبدالواحد ”سنڌي“ گذاري ويو. ڇا جن لاءِ مربو آهي، اهي ڪانڌي به ڪونه ٿيندا آهن؟

- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

تبصرا

PERSIAN POETS OF SINDH

از: ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي، سائيز ڊيمي؛ صفحا 366، قيمت هڪ سئو ويهه رپيا؛ ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1987ع.

ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي هند، سنڌي ۽ ايران تائين، فارسي علم- ادب جي هڪ پارکو ۽ استاد جي حيثيت ۾ وڏي عزت ۽ توقير جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي شعر ۽ سوانح سان کيس خاص انس آهي. ان کان علاوه سنڌي شاعر جي حيثيت سان پڻ اسان جي ادبي تاريخ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو منفرد مقام آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پرشين پوئيٽس آف سنڌ“ يعين ”سنڌ جا فارسي گو شاعر“- اصل ۾ هڪ تحقيقي ٿيسز هو، جنهن تي بمبئي يونيورسٽي سال 1946ع ۾، فاضل مصنف کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني هئي. ان وقت سدارنگاڻي صاحب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ فارسي شعبي جو استاد هو ۽ پاڻ هي تحقيقي ڪم ساڳئي ڪاليج جي پروفيسر ۽ عالم آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پورو ڪيائون. پاڪستان ٺهڻ بعد سدارنگاڻي صاحب دهلي يونيورسٽيءَ سان وابسته ٿي ويو. ان دوران تهران يونيورسٽي وڌيڪ مطالعي لاءِ، ڊاڪٽر صاحب کي موقعو ڏنو، جتي رهي پاڻ فارسي زبان ۾ ”پارسي گويان هند و سن“ نالي هڪ ڪتاب تيار ڪيائون. هي ڪتاب ايران ۾ شايع ٿي چڪو آهي. پهرين مئي 1986ع تي عزيز دوست نفيس احمد ناشاد جي گهر، ٻن پهرن جي کاڌي تي ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب سان سٺي ملاقات ٿي. ان موقعي تي مون ”پارسي گويان هند وسند“ جي ڪيفت معلوم ڪرڻ گهريو، تڏهن پاڻ چيائون ته سواءِ جزوي ڦيرڦار جي اهو ڪتاب ”پرشين پوئيٽس آف سنڌ“ جو فارسي الٿو آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب پهريائين سال 1956ع ۾ ڇپيو هو. سنڌي ادبي بورڊ ايڪٽيهن سالن بعد، ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو وڏي اهتمام سان 1987ع ۾ شايع ڪيو آهي.

پرشين پوئٽس آف سنڌ جي هن ٻي اشاعت ۾ ڪابه تبديلي يا واڌارو نه ڪيو ويو آهي. ابتدا ۾ 21 صفحا تعارف طور ڏنا ويا آهن، جن ۾ ايران، سنڌ ۽ هند ۾ فارسي زبان ۽ ادب جي اوسر بابت مختصر مگر جامع ڄاڻ ڏني وئي آهي. ان بعد 319 صفحن تي ڪتاب جي يا ته سنڌ جا هئا يا وري ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ انهن جو واسطو هن خطي سان به رهيو.

ڪتاب جو متن پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب سمن بادشاهن تائين مطالعو ڏئي ٿو. ٻيو باب ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي مشتمل آهي. ٽيون باب ڪلهوڙا دور بابت آهي. چوٿون باب ٽالپرن ۽ پنجون باب برطانوي زماني تي محيط آهي. هر باب جي شروعات ۾ مذڪوره دور جي سياسي جائزي وٺڻ سان گڏ فاضل مصنف ثقافتي ۽ ساهتي صورتحال جو پڻ ڀرپور جائزو ورتو آهي. بادشاهن، حاڪمن ۽ اميرن طرفان فارسي ادب جي واڌاري ۾ ورتل دلچسپي پڻ چٽي ڪئي وئي آهي. هر شاعر جي سرسري سوانحي خاڪي ڏيڻ بعد، سندس شعر مان اقتباس ڏئي، ان جو انگريزي ۾ مفهوم پڻ ڏنو ويو آهي. سدارنگاڻي صاحب هڪ نقاد ۽ پارکو عالم هجڻ جي ناتي سان، اهو پڻ چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪهڙي شاعر تي هندي يا ايراني شاعر جو ڪيترو اثر پيو آهي؟ ڪتاب جي آخر ۾ 26 صفحن جي ببليوگرافي ۽ انڊيسڪ سبه شامل ڪيل آهي.

ڊاڪٽر هرومل صاحب هي تحقيقي ڪتاب تڏهن تيار ڪيو هو، جڏهن سنڌ بابت سنجيده اڀياس اڃا مس شروع ٿيو هو. ان بعد پاڪستان ٺهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پوري آب و تاب سان تحقيق ۽ اشاعت طرف وک وڌائي. اداري جي ابتدائي شاعتن مان ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ به هڪ ڪتاب هو، جيڪو ڪارٽيج پيپر تي پڌرو ٿيو هو. هن ڪتاب جي اشاعت علمي ۽ ادبي دنيا لاءِ معلومات، ڄاڻ ۽ تحقيق جا نت نوان نقطا ۽ پهلو پيدا ڪيا. يورپ، ايران، هندستان ۽ پاڪستان ۾ جتي ايراني ۽ فارسي ادب جو اڀياس ٿيو، اتي هن ڪتاب جو هجڻ ضروري سمجھيو ويو. قديم فارسي تذڪرن، تاريخي ماخذن ۽ بياضن جي ايڊيٽنگ کان ڪري جديد کوجنا ۽ تحقيق تائين- عالمن ۽ محققن ڊاڪٽر سدارنگاڻي صاحب جي ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ کان مدد وٺڻ ضروري سمجھي. سنڌي ادبي بورڊ، شاهه ولي الله اڪيڊمي، مرڪزي تحقيقات فارسي اسلام آباد، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، اقبال اڪيڊمي لاهور، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، اداره تاريخ ادبيت مسلمانان پاڪ و هند لاهور، تهران يونيورسٽي ۽ اداره تحقيقات علوم آساي ميانه وغربي دانسگاهه ڪراچيءَ جي عالمن جهڙوڪ: مرحوم سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر علي رضا نقوي، اعجاز الحق قدوسي، ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر معين الحق، ڪرنل خواجه عبدالرشيد ۽ ڊاڪٽر ظهور الدين احمد- تبصري هيٺ آيل ڪتاب کي وڏي وقعت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي ۽ پنهنجي علمي ڪم دورنا، ان کي آڏو رکڻ ضروري سمجھيو.

هن ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت بعد، سنڌ جي فارسي علم ۽ ادب بابت، سنڌي ادبي بورڊ نمايان ڪم ڪيو آهي. ڪيترائي ديوان، ڪليات ۽ قصيدا جديد ايڊيٽنگ جي زيور سان آراسته ڪري شايع ڪيا ويا آهن. متعدد تاريخي ماخذ پڻ مفيد حاشين، مقدمن ۽ تحقيقات سان ڇپيا ويا آهن. ڊاڪٽر معين الحق، فريد بکريءَ جو ”ذخيرة الخوانين“ شايع ڪري چڪو آهي. سدارنگاڻي صاحب- مقالات الشعراء ۽ تڪملة مقالات الشعراء- کي قلمي حالت ۾ استعمال ڪيو هو. سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن جي تذڪرن بابت پڻ هاڻي ڪافي نئين ڄاڻ ملي آهي ۽ انهن مان اڪثر ڇپجي علمي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري چڪا آهن. بهرحال جڏهن ڊاڪٽر سدارنگاڻي هي ڪتاب تيار ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾ اڄ سنڌ جي فارسي شعر توڙِ نشر بابت ڏهه ڀيرا وڌيڪ معلومات مهيا ٿي چڪي آهي. ان جي باوجود به ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ مثالي ماخذ آهي ۽ ان جي افاديت ورهين تائين برقرار رهندي. لائق مصنف جي زندهه هوندي، هن ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن ظاهر ٿيو آهي، ان ڪري بهتري ٿئي ها، جيڪڏهن پاڻ ان ۾ ڪجھ اهم درستيون ۽ سڌارا، نت نئين مليل ڄاڻ جي روشني ۾ ڪن ها.

سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر ۽ اهلڪار، هن بيش بها ڪتاب جي دوباره اشاعت تي مبارڪباد جا مستحق آهن. سنڌي جي فارسي نثر بابت ڪجھ ورهيه اڳ، محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري هڪ تحقيقي مقالو تيار ڪيو هو. هن مقالي جي تياريءَ تي لغاري صاحب کي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني هئي.

سنڌي ادبي بورڊ جي مانوارن ميمبرن کي هن مقالي جي ڇپائيءَ طرف پڻ توجھ ڏيڻ گهرجي. اڄڪلھ هن مقالي جي اشاعت لاءِ ڊاڪٽر صاحب ۽ مرڪز تحقيقات فارسي ايران اسلام آباد ۾ ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي. سنڌ جي پنهنجي شيءِ آهي ۽ اها اسلام آباد بجاءِ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيڻ گهرجي. ان ۾ اسان جي نيڪي به آهي ته عزت پڻ. ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ جي تازه ترين اشاعت اُچي افسيٽ پيپر تي ٿي آهي. سهڻي جلد بندي ۽ ٽرنگي جاذب. ڪوَر واري هن ڪتاب جي قيمت پنجهتر رپيا موزون آهي.

- غلام محمد لاکو

نواب شاهه ضلعو

(تاريخي شهر ۽ شخصيتون)

عزيزم محترم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب جو ڪتاب ”نواب شاهه ضلعو- تاريخي شهر ۽ شخصيتون) نظر مان گذريو، جيڪو تازو ”نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نواب شاهه“ جي طرفان شايع ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ انهن مقالن جو مجموعو آهي، جيڪي خانائي صاحب نواب شاهه ضلعي جي مختلف شهرن بابت وقت بوقت لکيا ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. هر مقالي ۾ شهر جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر ڏيئي، ان شهر جي عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ مک ماڻهن جو مختصر نموني جامع تعارف ڏنو ويو آهي.

جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب جدا جدا مقالن جو مجموعو آهي، پر اهي مقالا هڪ ئي سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون آهن، انهيءَ ڪري ان کي مقالن جي مجموعي بجاءِ هڪ موضوع تي پرڀرو ڪتاب چئي سگهجي ٿو ۽ اهو موضوع آهي: نواب شاهه جا شهر ۽ انهن جو مُک شخصيتون.

نوابشاهه ضلعي واري ايراضي ڪنهن زماني ۾ ”ساهتي“ پرڳڻي جي نالي سان مشهور هئي، انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي ”ساهتي پرڳڻي جي علمي ۽ ثقافتي تاريخ“ به چئي سگهجي ٿو. ان جي پورائيءَ لاءِ محترم خانائي صاحب شروع ۾ ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر“ به ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ هڪ مقالو ساهتيءَ جي قديم درسگاهن بابت به آهي. محترم خانائي صاحب سمورا مقالا وڏيءَ محنت ۽ محبت سان لکيا آهن، ۽ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي.

ساهتي پرڳڻي ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن جو هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ گڏ احوال ملي وڃي ٿو. اها هڪ وڏي علمي خدمت آهي. سنڌ جي تاريخ ادب ۽ ثقافت تي ڪم ڪندڙن کي هن ڪتاب مان وڏي مدد ملي سگهي ٿي. اهڙا ڪتاب جيڪڏهن سڀني ضلعن بابت شايع ٿين ته سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جون وڃايل وٿون وري هٿ اچي سگهن ٿيون ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ لکڻ لاءِ اهڙا ڪتاب ڏاڍا ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.

هن قسم جي ڪتابن ۾ ڪي نه ڪي ڳالهيون رهجي وينديون آهن. ڊاڪٽر صاحب کي هن ڪتاب ۾ پنهنجو اهو مقالو ضرور شايع ڪرڻ گهربو هو، جيڪو هُن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قائم ڪيل ڳوٺ ”محمد آباد“ بابت لکيو هو. ان کان سواءِ خانائي صاحب کي ”موري“ شهر واري مقالي ۾ مخدوم غلام محمد بُگائيءَ جو ذڪر به ڪرڻ گهربو هو، جو ساهتي پرڳڻي جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو. سندس ڳوٺ موري شهر جي لڳ هو. هونئن به خانائي صاحب موري لڳ رهندڙ ڳوٺن جي عالمن ۽ اديبن جو ذڪر آندو آهي. انهن سان گڏ مخدوم صاحب جو مختصر ذڪر آندو وڃي ها، ته ڪتاب ۾ جامعيت پيدا ٿئي ها.

بهرحال، هيءُ ڪتاب خانائي صاحب جو وڏو تحقيقي ڪارنامو آهي. هُن اڪيلي سر نوابشاهه ضلعي جي مکيه شهرن جي تاريخ، ثقافت ۽ شخصيتن بابت هيترو سارو مواد تحقيقي انداز ۾ پيش ڪري، وڏي علمي خدمت سرانجام ڏني آهي. ان لاءِ بيشڪ کيرون لهڻيون.

ڪتاب جو مقدمو ان وقت جي نوابشاهه ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محترم عبدالغفار سومري جو لکيل آهي، جنهن جي تعاون سان هيءُ ڪتاب شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي. ان لاءِ آءٌ سومري صاحب کي مبارڪباد ڏيان ٿو. محترم سومرو صاحب علم دوست آهي ۽ وڏي مطالعي وارو آهي. هن علامه اقبال جي هڪ اگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ڪجھ علمي ۽ تحقيقي مقالا لکيا اٿس. سومري صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن.

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

بحر العميق (سيد چيزل شاهه

صوفي القادري جو ڪلام)

صفحا 270، ڊيمي سائيز، آفسيٽ پيپر، پڪو جلد، پلاسٽڪ ڪوٽيڊ پيپر تي ڇپيل سهڻو ڊسٽ ڪور، قيمت 25 رپيا.

سيد چيزل شاهه رح، سجاده درگاهه فتح پور، بلوچستان جي ڪلام جو هيءُ مجموعو (قافيون ۽ بيت)، هن درگاهه جي پشت به پشت معتقدن ۽ مريدن فتح چند ۽ گرڌاري لعل جيڪب آباد وارن پنهنجي مرشد سيد چيزل شاهه رح سان بيحد عقيدت جي اظهار طور 1987ع ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو. مرحوم سيد چيزل شاھ سنه 1984ع ۾ 72- ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. سلسلي طريقت ۾ قادري طريقي جو خانوادو آهي. کيس معرفت جي موج پنهنجي والد سيد رکيل شاهه قادري کان ملي، جيڪو شاهه عنايت الله شهيد جهوڪ واري جي سلسلي مان حضرت عبدالستار شاهه رح کان فيضياب ٿيو. سيد رکيل شاهه رح پاڻ مشهور اهل دل ۽ وڏو شاعر هو، جنهن جو ڪلام ”بحر العشق (رسالو: حضرت سيد رکيل شاهه صوفي القادري) جي نالي سان آڳاٽو ڇپيل آهي. سيد چيزل شاهه پڻ سلوڪ ۽ طريقت جي راهه واريون منزلون طيءِ ڪري الاهي انوار جو مشآهدو ماڻي چڪو هو، تنهن پنهنجي ڪيفيت ۽ تصوف جي نڪتن جي اُپٽار ۽ اظهار قافين ۽ بيتن ذريعي ڪيو، ۽ انهيءَ ڪلام جو نالو پڻ پنهنجي والد جي رسالي جي مطابقت سان ”بحر العميق“ رکيائين.

اڪثر راڳ جي محفلن ۾ سائين چيزل شاهه جو رندي ڪلام محفل کي مست ڪري ڇڏيندو هو، پر افسوس جو اهو ڪلام دستياب نه هو. ”بحر العميق“ جي ڇپجڻ سان هڪ طرف اها ڪمي پوري ٿي آهي، ته ٻئي طرف ڪلام جي مهڙ ۾ چيزل شاهه جي سوانح عمريءَ ۾ نسبتي سلسلي توڙي طريقت جي سلسلي بابت ڏنل معلومات نهايت ئي مفيد آهي. خصوصاً چيزل شاهه رح جي شاعري، حق ۽ حقيقت، روح ۽ نفس، قلب ۽ تنقيح، اسم ۽ جسم، عروج ۽ نزول، حسد ۽ لاحد، مڪان ۽ لامڪان، علم ۽ حلم، نفي ۽ اثبات، قرب ۽ بعد، اسرار ۽ مسائل ۽ ٻيا تصوف جا نڪتا، جيڪي طالبن جي طرفان پڇيا ويا ۽ سيد چيزل شاهه مرشداڻي مام ۾ سولي نموني سان سمجھايا آهن، سي سالڪن ۽ طالبن جي لاءِ چڻ ته راهه هدايت آهن.

سائين چيزل شاهه جو ڪلام روايتي انداز سان جدا جدا سُرن ۽ راڳڻين جي عنوانن هيٺ ورڇيل آهي، سندس ڪلام ۾ هيٺين راڳڻين تي ڪلام شامل آهي: شام ڪلياڻ، تلنگ، پيلو، ضلعو، ڪلنگڙو، ڀيروي، جوڳ، ڪونسيو، سهڻي، ڪوهياري، بلاولي، راڻو، سورٺ، لوڙائو، مانجھ، پهاڙي، آسا، صبوحي، ٽوڙي، ڌناسري ۽ بسنت. انهن راڳڻين هيٺ جملي 188 قافيون شامل آهن. ان کان سواءِ مختلف عنوانن هيٺ 70 بيت به شامل آهن، جن ۾ هڪ ٽيهه اکري به آيل آهي.

البت قافين جي فهرست مناسب طريقي سان نه ڏني وئي آهي. هيءُ ديوان ڪونهي جنهن جي نموني سان الف- ب وار ترتيب سان قافيون نروار ڪجن. جيئن ڪتاب ۾ قافيون راڳڻين جي عنوان سان ڇپيل آهن، انهيءَ سلسلي سان فهرست رکجي ها ته بهتر ٿئي ها.

مجموعي طور سان ”بحر العميق“ پنهنجي ڪلام، سوانح عمري، شاعري ۽ فرمودات (تصوف جي نڪتن جي اُپٽار، مڪالمي جي انداز ۾) جي مواد سان سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر ۽ سهڻو اضافو آهي.

ـــ شيخ محمد اسماعيل

سر ليلا- چنيسر

مرتب: حميد سنڌي؛ شايع ڪندڙ؛ شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز؛ صفحا 92؛ قيمت پنڌرهن رپيا، سفيد سٺو ڪاغذ، آرٽ ڪارڊ وارو سهڻو ٽائيٽل ڪوَر.

هي انهن مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي سال 1984ع ۾ شاهه لطيف جي سلياني عرس جي موقعي تي منعقد ٿيل ادبي سيمينار ۾ پڙهيا ويا هئا. هن سيمينار جي صدارت مرحوم پروفيسر محمد اڪرم انصاري ڪئي هئي (جيڪو سگهوئي پوءِ وفات ڪري ويو) ۽ مهمان خصوصي جا فرائض جناب علي احمد بروهي صاحب انجام ڏنا هئا.

مجموعي ۾ هن جملي يارهن مضمون شامل آهن، جن جا مصنف سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄاتل سڃاتل مشهور اديب ۽ عالم آهن. البت انهيءَ سيمينار ۾ جن اديبن ۽ شاعرن زباني طور سر ليلا چنيسر بابت خيالن جو اظهار ڪيو هو، انهن جا خاص نڪتا به هن مجموعي ۾ شامل ٿيڻ گهربا هئا. خصوصاً پروفيسر اڪرم انصاري ۽ علي احمد بروهي جي تقريرن شامل نه هئڻ جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.

هن مجموعي جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي ثقافتي مرڪز جي اشاعتي ۽ گذريل وقت جي ادبي سيمينار سلسلي جو ذڪر ڪندي انهن قابل احترام اڳواڻن کي به ياد ڪيو آهي جن مان ڪن جي رفاقت کان اسين محروم ٿي ويا آهيون. آءُ هن موقعي تي خصوصاً شاهه لطيف سيمينار سلسلي بابت رڪارڊ رکڻ لاءِ پنهنجي معلومات مان ڪجهه عرض رکڻ ضروري ٿو سمجهان.

شاهه لطيف جي سالياني ميڙي جي موقعي تي ته هرسال ڪي چونڊ مضمون پڙهيا ويندا هئا، ليڪن ادبي مذاڪري جو باقاعدي سلسلو جناب ڊاڪٽر بلوچ جن 1966ع کان شروع ڪيو ۽ هر سيمينار ۾ پڙهيل مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو هو. اهڙن مجموعن جو تعداد ڏهه آهي. ان کان سواءِ مختلف موضوعن تي پڻ اديبن ۽ شاعرن کان مليل چونڊ مقالا ۽ شعر هر سال شايع ٿيندڙ لطيف مخزن ۾ شايع ٿيندا رهيا. مخزنن ۽ موضوعن جي اشاعت جو هي سلسلو 1975ع تائين هلندو رهيو.

اڳتي هلي، ڪن انتظامي پابندين جي ڪري ڪجھ سالن لاءِ ادبي گڏجاڻين جي اشاعتن جو اهو سلسلو بلڪل بند رهيو، پر 1980ع کان اعزازي سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند جي ذاتي دلچسپيءَ سان ادبي سيمينار جو دوباره سلسلو شروع ٿيو، پر انهن ۾ پڙهيل ٻن- ٽن سالن جا مقالا ۽ مضمون اشاعت هيٺ اچي نه سگهيا. ٻارهن سالن جي عرصي گذرڻ کان پوءِ ادبي مذاڪري ۾ پڙهيل مضمونن جو هي پهريون مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن لاءِ حميد آخوند ۽ حميد سنڌي، ٻنهي صاحبن کي جس هجي. ڪتاب کي حميد سنڌي نهايت سليقي سان مرتب ڪيو آهي.

مجموعي ۾ آيل مضمونن ۽ انهن جي خاص نڪتن کي نروار ڪرڻ جي رسم نباهڻ خاطر پنهنجي طرفان ٿورو گهڻو لکڻ ضروري سمجھندي، ”سر ليلا- چنيسر“ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

اٺن مضمونن ۾ آيل نڪتا اهي ئي ساڳيا آهن، جيڪي محترم عنايت الله زنگيجي جي مضمون ۾ شامل آهن، ليڪن زنگيجي صاحب جو مضمون سهڻي ترتيب سان سنواريل ۽ جامع آهي. ٻين صاحبن به پنهنجي پنهنجي خيال سان، جدا جدا انداز ۽ اسلوب ۾ ڪافي محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ اهي به نظرانداز ڪرڻ جهڙا نه آهن. عمل ۽ جزا جي نڪتن کي لطيف سائين جي بيتن جي شاهديءَ سان سهڻي ٻوليءَ ۾ ورجايو ويو آهي.

پروفيسر عبدالعلي قلباڻي صاحب، رسالي جي جدا جدا ڇاپن ۾ آيل سر ليلا چنيسر جي ترتيب، بيتن ۽ واين جي تعداد ڳڻائڻ سان هر رسالي جي مختلف نوعيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ۽ نهايت مٺي ٻوليءَ ۾ لطيف سائين سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو اٿس.

ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، دستو مطابق رسالي جي ٻين سرن وانگر هن سر ليلا چنيسر ۾ ڊرامائي عنصر جو جائزو پيش ڪيو آهي. لطيف سائين جي سرن ۽ ڪلام جو ڀرپور تاثر پيش ڪرڻ جو اهو به هڪ ذريعو آهي ته ڪلام ۾ سمايل نازڪ احساسن کي ڊرمائي تشڪيل وسيلي عام آڏو پيش ڪيو وڃي. انهيءَ لحاظ کان ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ جي هيءَ ڪوشش قابل قدر آهي.

محترم محمد حسين ڪاشف، جنهن وڏي محنت سان ليلا چنيسر جي بيتن ۽ واين جي پڙهڻين کي جدا جدا ڇپيل رسالن مان نروار ڪيو آهي، تنهنجي مضمون جو اهم پهلو اهو آهي ته رسالي جي صحيح متن قائم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ليڪن هي مضمون جنهن خاص نڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو سو هيءُ ته موجوده دور جي نئين ٽهيءَ وارا طالب علم ۽ فارغ تحصيل، شاهه صاحب جي دور ۽ حالات کي سمجھڻ کان سواءِ سندس ڪلام مان عجيب غريب معنائون وضع ڪري، مغربي اثر هيٺ پيدا ٿيل سماجي ۽ اقتصادي نعري بازي وارا ليبل اسهه صاحب تي لڳائي غلط روايتن جو بنياد رکي رهيا آهن. اها روش اڳتي هلي نه رڳو سنڌي سماج ۽ سنڌ جي تهذيب کي سخت هاڃو رسائيندي، پر خود سنڌ جي روح لطيف جي تقدس کي به ضرب رسائيندي. انهن انديشن کي نظر ۾ رکندي ڪاشف صاحب وقتائيتي اپيل ڪئي آهي ته شاهه صاحب جي ڪلام جي صحت، معنيٰ ۽ شرح کي تحقيقي نڪته نظر سان پرکي پروڙي قلمبند ڪيو وڃي ته جيئن ڌاري نظرياتي يلغار کان مؤثر بچاءُ ٿي سگهي.

جيئن ته ثقافتي مرڪز طرفان اڳئي سُر- وار مذاڪرن ۾ پڙهيل مضمونن ۽ مقالن جا مجموعا نمبرن سان شايع ٿيل آهن، تنهنڪري ”سر ليلا چنيسر“ کي سلسليوار نمبر يارهون ڏنو وڃي ها ته جيئن اشاعتي تسلسل قائم رهي.

- شيخ محمد اسماعيل

سر گهاتو

”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ هڪ اهڙو روشن ڏيئو آهي، جيڪو لطيف جي ڌرتيءَ کي نت نين ادبي ريکائن سان روشناس ڪندو رهيو آهي، جنهن لاءِ هن اداري جس لهڻو. دستور جيان، 1987ع ۾ ثقافتي مرڪز وارن گذريل سال جي لطيفي ڪانفرنس ۾ پيش ٿيل مضمونن ۽ مقالن کي نهايت سهڻي انداز ۾ شايع ڪيو آهي، جيڪو صوري توڙي معنوي لحاظ کان ادبي ۽ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب چئن حصن ۾ ورڇيل آهي. (1) سر گهاتو جو مطالعو، (2) شاهه جي ڪلام ۾ آخرت ۽ دنيا جي جامعيت، (3) موجوده دور ۾ شاهه جي اهميت ۽ (4) متفرقه.

عنوانن جي چونڊ جي خيال کان جيڪي مقالا ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ سر گهاتو جي مطالعي جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، محمد اسماعيل شيخ ۽ رشيد ڀٽي جا مقالا جامع ۽ اهم نڪتن سان ڀريل آهن.

تاريخ جي اندر برائي هميشه برائي رهي آهي ۽ چڱائي جي صورت ۾ ڦل پيدا ڪيو آهي. ليڪن سماجي ڪردارن ۽ سماجي تقاضائن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ”بري تي بڇ“ جو نڪتو نهايت اهم آهي. پوءِ اهو برو کڻي ڪير به هجي. جڏهن برائي جو عمل فرد کان اڳتي وڌي معاشري يا نظام کي متاثر ڪري ٿو ته ان جي مدافعت ضروري آهي. لطيف اهڙي برائيءَ کي روڪڻ لاءِ تمام گهڻين ڳالهين جو اظهار ڪري ٿو. سر گهاتو به سندن انهيءَ فڪر جي پهلوءَ کي ظاهر ڪندڙ آهي. بقول رشيد ڀٽي، ڇهن ستن ملاحن جي موت سبب لطيف آڏو سر جو وجود وٺڻ ڪا خاص ڳالهه ڪانه آهي. ليڪن اصل رمز آهي ان وقت جي تاريخي حالات جي اثر هيٺ رمزيت سان خيال جي اپٽار، جنهن ۾ هڪ نظام جي هاڃي انقلاب جي صورت ورتي ۽ جهوڪ جو جهر جهنگ رت سان ريٽو ٿي ويو. تنوير عباسي سر گهاتو جي اوٽ ۾ برائيءَ جي خاتمي ۽ ان جي تاريخي عمل لاءِ نهايت بهتر ويچار پيش ڪيا آهن.

شيخ محمد اسماعيل پنهنجي مقالي ۾ غيرت ۽ وير وٺڻ جي نڪتي جي جيڪا توجيہ ڪئي آهي اها قابل داد آهي. سندس چوڻ جي مطابق ته ”جيڪي به فرد ۽ قومون وير وٺڻ واري جذبي کان محروم رهيون، اهي تباهيءَ کي پهتيون ۽ سندن نالو نشان به نه رهيو.“ شيخ صاحب وير وٺڻ کي زندگيءَ جي علامت قرار ڏئي ٿو، جنهن ۾ مورڙو هڪ سماجي ڪردار جي صورت ۾ اڀريل نظر اچي ٿو، جنهن جي ساري جدوجهد هڪ غير متوازن نظام ۾ سڌاري لاءِ صرف نظر اچي ٿي. قومن ۾ ان جذبي جو هئڻ زندگيءَ جي علامت آهي.

هن سلسلي ۾ محترم رشيد ڀٽي جو مقالو سر گهاتو جي اصل حقيقت ۽ حيثيت کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو، رشيد صاحب پنهنجي نقطهء نظر جي پٺڀرائيءَ ۾ سنڌي محققن ۽ شاهه جي ڄاڻن جا جيڪي حوالا ڏنا آهن، اهي سندن خيال کي وڌيڪ اهميت جوڳو بنائين ٿا. مجموعي طور نه صرف رشيد ڀٽيءَ جو مقالو، پر ٽنهين ليکڪن جا مقالا لطيفي فڪر جي روايتي توجيہ جي، جنهن ۾ ظاهر ۽ باطن جي فلسفي جي تنوار هوندي هئي، ان جي برعڪس اهم فڪري ڪوشش آهن ۽ منجهن حقيقت پسندانه روين جي اپٽار آهي.

ٻئي حصي جي مضمونن ۾ آخرت ۽ دنيا جي جامعيت لاءِ ويچارن جي پچار ڪيل آهي، جنهن ۾ مولوي عبداللطيف سڪندري ۽ مير محمد ڀيو جا مقالا لائق تحسين ۽ نصيحت آموز آهن. انهيءَ عنوان هيٺ ٻين جن به صاحبن ڪوشش ڪئي آهي، اها لطيف رح جي ڪلام جي معنوي حيثيت کي سمجھڻ لاءِ وڏي وٿ آهي. دنيا جو عمل آخرت جو توشو آهي. ليڪن تخليق ۽ تقويم جي عمل جي خيال کان جيستائين دنيا نٿي سنوارجي، ان وقت تائين آخرت جو بهتر ٿيڻ ناممڪن آهي. ”ربنا اٰتنا في الدنيا حسنة وفي الاٰخرت“ جو مطلب پڻ اهوئي آهي. عمل صاولح جو هئڻ انسان لاءِ ضروري آهي. هن حصي جا مقالا ان ڏس ۾ بهتر ڪوشش آهن.

ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ پيش ٿيل مقالا موضوع جي لحاظ کان هڪ اهم علمي بحث جو حصو آهن. ڇاڪاڻ ته لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ لطيف آهي. لطيف جو فڪر نه صرف اسان لاءِ، پر دنيا لاءِ وڏي حيثيت وارو آهي. لطيفي فڪر نه صرف پنهنجي دور ۾ ماڻهوءَ کي متاثر ڪيو، پر سندس فڪر اڄ جي لاءِ به سونهي جي حيثيت رکي ٿو. سندس فڪر جي ڪالهه به ضرورت هئي، اڄ به ضرورت آهي ۽ سڀاڻي به ضرورت رهندي. شاهه جي موجوده دور ۾ اهميت جي عنوان هيٺ محترم محمد حسين ”ڪاشف“ جو مقالو نهايت ئي جامع، فڪر انگيز ۽ متنوع آهي. جنهن ۾ هن ڪيترن ئي نڪتن جي اپٽار ڪئي آهي. جهڙوڪ: لطيف تي لکندڙن جي نظرياتي تفسيم، سماجي شعور ۽ سماجوادي نظام ۾ لطيرف جي اهميت، عصر حاضر، ان جون تقاضائون، وقت جو فلسفو، خير ۽ شر، تخليق ۽ تقويم ۾ ان جو عمل وغيره. ڪاشف صاحب ظاهر ۽ باطن جي فلسفي تحت لطيف جي هر بيت جي شرح جو انڪار يآهي. هن جو چوڻ آهي ته لطيف زندگيءَ جو شاعر آهي، هن وٽ زندگيءَ جا سڀ لوازمات آهن. سنڌ جي ڌرتي ۽ تاريخ سان سندس اٽوٽ انگ آهي. لطيف وٽ سماجي حقائق جي پچار ۽ حق جي ووڙ آهي. اڄ جي ماڻهو آڏو سائنسي سوچ ۽ ان جو عمل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته معروضات جي بنياد تي لطيف جي ڪلام جي شرح ڪئي وڃي. ڪاشف صاحب شيخ ابن العربي ۽ ڪانٽ جي فلسفي جي روشني ۾ نهايت نوان نڪتا بيان ڪيا آهن، جيڪي عام پڙهندڙ جي ذهن کان مٿي آهن، جن لاءِ پڻ وضاحت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. کيس ڪوشش ڪري عام سطح کي خيال ۾ رکڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ محمد خان مجيدي جو مقالو پڻ هڪ بهتر ڪوشش آهي. هن سلسلي ۾ ٻين مقالن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

ڪتاب جي باقي حصي جو مواد لطيف شناسي جي بهتر ڪوشش آهي، ليڪن مجموعي طور ڏسجي ٿو ته ڪتاب ۾ سواءِ چند ليکڪن جي باقي ٻين وٽ ساڳي ڳالهه آهي، جيڪا لفظن جي تاڃي پيٽي ۾ نواڻ ظآهر ڪري ٿي، جنهن ۾ تصور ۽ تخلي جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. تخليق ۾ تقليد جو عمل ڪا ڄاڻ پيدا ڪري نٿو سگهي، جيستائين ان ۾ تنقيد جو رويو يا ان جا قدر شامل نه آهن. باوجود ناهن ڳالهين جي سُر گهاتو تي شايع ٿيل ڪتاب پنهنجي سهڻائي ۽ مواد کان هڪ بهتر ڪتاب آهي ۽ لطيف جي شان ۽ مان وٽان آهي. هن سلسلي ۾ جس لهڻو محترم حميد سنڌي، جنهن انهيءَ مواد کي سهيڙي، سنواري، طباعت جي زيور سان سينگاري پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تحسين جي نظرن سان ڏٺو ويندو.

- عبدالقادر صديقي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com