استاد بخاري
غزل
پيار ڇاهي، لذيذ خوشبو آ،
خار ڇاهي، غليظ بدبو آ.
پيار جي زهر ڏئي ته پي وڃبو، خار جي کير کان به
’ٿُوٿُو‘ آ.
آءٌ موسيٰ نه سامري يارو، شاعري معجزو آ، جادو ا.
چوطرف ڀُونءِ جي چڪر ڪاٽي، قرب ۾ ماهتاب قابو آ.
روشني چنڊ جي ڏيئو سمجھون، ريشمي آسمان تَنبوُ آ.
ساٿ ڀرپور ڏي حياتي تون، موت مشهور آ ته مَسَهُو
آ.
دِيد استاد جي سڄي دنيا، ساھُ آ سنڌ، هانءُ دادو
آ.نهحب
محسن ڪڪڙائي
غزل
سُونهن ڏسندي سُرور ملندو آ،
ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
انتهائي خلوص جو بدلو،
ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ملندو آ.
جنهن سان، جنهن سان به ويهه چار گهڙيون،
سو ته زخمن کان چُور ملندو آ.
احتراماً اسان سلام ڪيون،
انتقاماً حضور ملندو آ.
ڪنهن کي ڪنهن کي ميار ڏيون ويهي،
جنهن کي ڏِس، بي قصور ملندو آ.
دوستي، حُسن ۽ ڪتابن مان،
مون کي سچ جو شعور ملندو آ.
اڌ ــ مئو ٿو ڪري وجهي ”محسن“،
جيڪو سيڻن کان سُور ملندو آ.
احمد خان آصف مصراڻي
غزل
دم همسري جو هُن سان هڻي ڪير ٿو سگهي،
ناهي پُڄڻ جي جاءِ، پُڄي ڪير ٿو سگهي.
دلبر کي دل ڏئي پو وٺي ڪير ٿو سگهي،
ڪنهن کي مجال آه! گُهري ڪير ٿو سگهي.
پرپٺ ٿو هرڪو هام هڻي، منهن تي چئي ڏبس،
سامهون اچي ته پوءِ، ڪُڇي ڪير ٿو سگهي.
حسن و جمال بي مثال کي ڏسي ڀلا،
دل پنهنجي هٿ ۽ وس ۾ رکي ڪير ٿو سگهي.
پنهنجو مثال پاڻ پرينءَ جي مثال آھ،
هن جي جُتيءَ ۾ پير وجهي ڪير ٿو سگهي.
جو دم کڻون ٿا ان ۾ سندس دم ۽ خم ٿيو،
هو دم جهلي ته دم به کڻي ڪير ٿو سگهي.
هاٿي کي مڻ ۽ ڪيولي کي ڪڻ مليو وڃي،
ڏاتار کان سواءِ ڏئي ڪير ٿو سگهي.
ڪم جو ڪَبو نتيجو ڪم و بيش سو ملي،
جَوَ پوکبا ته ڪڻڪ لڻي ڪير ٿو سگهي.
آصف! فراقِ يار ۾ پيئي ڪمر جهڪي،
آهي ڳرو هي بار، کڻي ڪير ٿو سگهي.
آثم ناٿن شاهي
غزل
سڀڪو ماڻهو ڳهلو ناهي،
جوڪر، گولو، ڏهلو ناهي.
سچ پڇو ته پرينئڙا! پنهنجو، ڪو پيغام ڪُمهلو ناهي.
شاعر سرڪش ٿي ته سگهي ٿو، ليڪن هو بي ڪهلو ناهي.
سُور سرير ٽُڪيندو آهي، سُور ’سُرو‘ آ، ’مُهلو‘
ناهي.
آثم ساڻ ضمير وڙهيو آ، ٻيو ڪو خاص مَلهَلو ناهي.
”ڪريم“ پلي
گيت
اکڙيون ڏَسن ٿيون راهُون، هن پار آءُ موٽي،
دلڙي ڪري ٿي دانهون، دلدار آءُ موٽي.
هڪوار آءُ موٽي.
نوري عجب ڪا آهي، لونءَ لونءَ ۾ ورھ لاتي،
ٿي زهر آهي پيئي، توکان سوا حياتي،
سا باهه ڪيئن وسامي، جا برهه آهي ٻاري،
دل تي وري وئي واري، هر ڪا خوشي ٿي کاري،
جوڙي ڏکن به آهي، جيئڙي سان جنگ جوٽي،
هڪوار آءُ موٽي.
سر ساهه توتان صدقي، جيءُ جان توتان گهوري،
پهچي ڪڏهن به سگهبو، تنهنجي نه هڪڙي ٿوري،
موٽي ڪرين ملڻ جي جيڪر ڪا مهرباني،
ماڻين سدا جواني، نيٺ آهه سڀڪي فاني،
جو آھ، آھ اڄ ئي، ٻي ڳالھ هر ڪا کوٽي،
هڪوار آءُ موٽي.
حاڪم ئي عشق هردم، روهن ۾ ٿو رلائي،
شاهن کان کسيو شاهي، گهٽين ۾ ٿو گهمائي،
هن پڙ ۾ ور وڏن جا، هڪ هڪ ٿي سڀ کلي ويا،
سورهيه سوين رلي ويا، ڏاڍا ڪئين ڏلي ويا،
ماڻي نه سگهيو ڪنهن پر، چاهت جي ڪوبه چوٽي،
هڪوار آءُ موٽي.
تون ڇا رٺين، ته مڙئي، محرم به منهن مٽي ويا،
سورن جي سڃ ۾ سڀئي، سانگا ڇني سٽي ويا،
ڏس حال سڀ اچي خود، پائي ڪا جيءَ ۾ جهاتي،
ڇاتي سا لائي ڇاتي، ڏي ڪا نئين حياتي،
ڪر وڙ ڪريم تي ڪو، ڇڏ هاڻ لڪ لڪوٽي،
هڪوار آءُ موٽي.
وفا پلي
غزل
تماشو ٿي رهيو آهي،
تماشو ٿي چڪو آهي.
اوهان جو جبر آهي ۽، اسان جو حوصلو آهي.
غريبِ شهر جو يارو، نه ڪو ٿيندو نه ٿيو آهي.
سبب منهنجي تباهي جو، اوهان جو پرتوو آهي.
ڪڏهن منهنجي نگاهن ۾، اوهان خود کي ڏٺو آهي.
غم دوران، غمِ جانان، جيئڻ جو مشغلو آهي.
وفا تنهنجو ئي هو سائين، برو هو يا ڀلو آهي.
نثار بزمي
وائي
ٻن ٻيڙين ۾ آهيان، باقي ڪهڙا واٽ وڃان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
هيڏي ڦَندو هوڏي ڦاهي، ڪاڏهون ڪنڌ ڪڍان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
جِيون آهي، جانڊَهِ آهي، ڪهڙي توهه تڳان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
رات نڀاڳي ڊيڄاري ٿي، تنهن کان ڪيئن بچان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
پنهنجن ٿاڪن ٿاڻن کي سان، لوچي ڪيئن لهان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
سوچيان ٿو مان ڪانڊا ٽانڊا، هٿ سان ڪيئن وٺان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
”بزمي“ ٿي پيو بيوس آهي، پنهنجي هوش هٿان،
الاڙي ڪهڙي واٽ وڃان.
”نديم“ انصاري
نعت
گلشن هستيءَ جي هر گل کان خوشرو، خوش تر،
ان جو رنگ اکين جي راحت خوشبو کان هر قلب معطر،
سبزه کان مخمل شرمنده، لالائيءَ ۾ لاله ڪمتر،
آ ثقلين جو آقا انور، صلي الله عليہ وسلم.
جو بيمار دلين جو دارو، جو هيڻن جو حامي ياور،
جنهن جي نظر اڪسير اثر آ، جنهن جو هر دم ڪيميا
پرور،
جنهن جو لعاب شفا جو جوهر، جنهن جو نطق وحي جو
مظهر،
سو آ منهنجو سائين سرور، صلي الله عليہ وسلم.
رحمت آ سڀ عالم تي ۽ احسان ايمان وارن خاطر
خلق عظيم اسان جي لاءِ ۽ اسوه حسنه جنهن جي اندر
دشمن تي پي هن جا ٿورا غيرن تي ڀي شفقت اڪثر
مير محمد سهڻو سرور صلي الله عليه وسلم
عرشِ برين تي آقا جي آمد جو ڪهڙو چئجي منظر!
حورون حيران هڪڙي پاسي، هڪڙي پاسي غلمان مضطر،
نور جي بارش سان سينگاريا، سڀ افلاڪ سڄڻ جي خاطر،
اسرى راز نياز سراسر، صلي الله عليہ وسلم.
خلوص خاص هلي ٿي هاڻي، ڪنهن کي ناهه اجازت اندر،
کڻي اچي جبريل تڏهن ڀي ان کي بيهڻو پوندو ٻاهر،
راز نياز جون ٿينديون ڳالهيون، ڏان حبيب کي ڏيندو
ڏاتر،
التحيات جي ٿيندي کيڪر، صلي الله عليہ وسلم.
شعبان ”بخت“
نعت
سلام آ،
سلام آ،
سلام آ،
سلام صبح شام آ!
احمد جي انتخاب تي،
نبين جي ماهتاب تي،
گلن ۾ هن گلاب تي،
سلام آ،
سلام آ!
حَبيب ڪردگار تي،
حَسين شاهڪار تي،
جَميل جڳ سنوار تي،
سلام آ،
سلام آ!
ظَهُور لااِلٰہ تي،
خودي جي شهنشاه تي،
جڏهن جي پُٺ پناه تي،
سلام آ،
سلام آ!
حرَم جي تاجدار تي،
بُراق جي سَوار تي،
هُن آسمان وقار تي،
سلام آ،
سلام آ!
سراج تي، مُنير تي،
بَشير تي، نذير تي،
خلوص جي ضمير تي،
سلام آ،
سلام آ!
نظر نواز نُور تي،
جَهان جي غرور تي،
حضور جي حضور تي،
سلام آ،
سلام آ!
رحيم بخش ”قمر“
نوري جنهن جو نانءُ،
مير محمد مصطفيٰ.
سڄڻ آيو سهنج ٿيا، هر ڪنهن ٺريو هانءُ.
مير محمد مصطفيٰ.
رَحمةُٗ لِلّعَالَمِين، ڇورن ڇپر ڇانوَ.
مير محمد مصطفيٰ.
واحد جي وسڪار سين، ٺريو دل جو ٿانءُ.
مير محمد مصطفيٰ.
صَلي اللهُ عليہِ وسَلّمَ، ڏنڙو دلبر ڏانءُ.
مير محمد مصطفيٰ.
ڪيو جنهن نت ڪارڻي، وحدت ساڻ وهانءُ.
”قمر“! صدقي ڪَريم تان، ابو، اَمڙ، آنءُ.
مير محمد مصطفيٰ.
تاج جويو
دوها
ڌرتي! تنهنجي سونهن سوائي، باک به ساک کنئي،
تنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آڏ، سج ۽ چنڊ شَڪي.
ڌرتي! تنهنجي سينڌ سنوارڻ، سونهن بچائڻ لاءِ،
آيا آهيون، ڄايا آهيون، نينهن نڀائڻ لاءِ.
تنهنجي سونهن ۽ سَت جا راکا، ڌرتي ماءُ اسان کي،
ساري جڳ جي مظلومن کي، ڀانيو ڀاءُ اسان!
جڏهن به تنهنجيءَ سونهن پڪاريو، اڳ ۾ پهتاسون،
تنهنجيءَ لڄ جا راکا بڻجي، جڳ سان لڙياسون.
جڏهن به تنهنجي دانهن ٻُڌيسون، جڏهن به سڏيو سچ،
ڏاڍ ڏمر سان اٽڪي پياسون، ڏيئي ڳچين ڳچ.
اياز گل
ياريون، رس- رهاڻيون پيارا،
ساريون، قرب ڪهاڻيون پيارا.
هر هر ياد اچي جي تنهنجي، ڪاٿئون ڳوڙها آڻيون
پيارا.
تنهنجو پيار، ڪتاب، هي ڪمرو، پنهنجي دنيا ڄاڻيون
پيارا.
توکا، مون کان اهم نه آهن، هي راجا، هي راڻيون
پيارا.
پيار جي راھ اڻانگي ايڏي، سوچون ٿيون هن ساڻيون
پيارا.
تنهنجا ٽهڪ سنڀالي رکنديون، يادون ڳوڙهن هاڻيون
پيارا.
خولَ مٿان هڪ خول نئون آ، چهرا ڪيئن سڃاڻيون
پيارا.
آءُ ته لڙڪ اگهان مان تنهنجا، آءُ ته مُرڪون
ماڻيون پيارا.
ادل سومرو
سُڃ سڄي سڏڪو
(ٿر جي ڏڪار کان متاثر ٿي لکيل)
ٿوهر وانگي ٿر ۾، موت ڦٽو آ ڄڻ،
سڪي ويو سورن ۾، ٿاريليءَ جو ٿڻ،
وقت وڏو هڻ کڻ، ڏوٿين کي ڏنگي ويو.
اکيون بڻجي اڃ، ڳولي ٿڪيون ٿر ۾،
ڳجهن ولر اُڀ ۾، چوڏس رائو رُڃ،
سونهن سموري سڃ، ڀينگ وسي هر ڀٽ تي.
خوشيون ٿر ۾ ائين، واريءَ تي ڄڻ نانو،
ڌڻ نه ڪوئي واٽ تي، وڻ نه ڪائي ڇانو،
هيسيل سارا هانو، ڀٽن ڀر ڀوڳن پيا.
ڀالوا جي ڀٽ تي، لولي لئه لاتيون،
پاڻيءَ جي هڪ بوند لئه، اکيون سڀ آتيون،
بادل برساتيون، هاڻي پسجن خواب ۾.
گوري! تنهنجي گج تي، سورن جا سيبا،
چاهت جا چئبا، گيت نه اهڙيءَ مند ۾.
ڀڳت!
تنهنجيءَ ڀونءَ تي، بک پيئي ڀڙڪي،
سک سمورا تنهنجا، راوڻ ٿو رڙڪي،
دولت جي ڌڙڪي، تنهنجو ساهه سڪائيو.
جيسين ناهي جاڳ، ڀاڳ نه تيسين ڀر ۾،
موهن! تنهنجا راڳ، پٿر آهن پيٽ سان.
دڙن منجهه دفن، ڀڳت! تنهنجا ڀاڳ
ڪاش! هي تنهنجو فن، ڀٽن کي ڀيلي وجھي.
ڍورن ڍانچا رڻ ۾، مٿان چمڪي چنڊ،
ٿاريليءَ جو جنڊ، اڃان ترسي ان لئه.
ٿر سمورو ٿرٿلو، مرڪ بنا هر مُک،
دونهين وانگر دک، دکي روز پکن ۾.
واريءَ مٿان وڄ سان، وري ٿئي وسڪار،
ڌوئي ڪولهڻ وار، ڪڍي چيڙھ چڳن مان.
ٿڪل ٿري ٿر ۾، ڀونرن جا ڀٽڪن،
اڀ اُگهاڙو آگمين، ڪٿان گل ڦٽن،
اکيون روز ڏسن، سپنا ساوڻ مينهن جا.
پٺيون پنهوارن جون، ڀڳل بتيلا،
ڏٻرا ڏوٿيئڙن جا، ڇنن ڀر ڇيلا،
مٺيءَ ۾ ميلا، ٿيا ڏکن جا پاڻ ۾.
جيڏا ٿوهر ٿر ۾، تيڏا آهن دک،
مٽيءَ هاڻا مُک، داڻي لئه درماندا ٿيا.
اُڃ اهائي رڃ ۾، سڪل سارو ٿر،
ڪٿان ڪوبه ڪڪر، اُڀريو ناهي اُڀ ۾.
وسڪاري جي آس تي، ولر ويڳاڻا،
مورن مانڊاڻا، ڪونهن ڪارونجهر تي.
اَڄ به آگم آسري، آهه اُڃارو ٿر،
ڏاٽو، ڪوڏر، هر، ڪٽجي ويا ڪنڊ ۾.
ننگي نيري اُڀ تي آگم جي اُڀرن،
ٻيهر ٿر ٻُرن، گيت جهڙاليءَ رت جا.
ساوڻ رت ۾ مور، نچي نچي ماندا ٿيا،
ڪارونجهر تي شور، پر نه ٿيا وسڪار جا.
ذوالفقار سيال
غزل
آ ياد تنهنجي آئي ۽ مان ڀري پيو هان،
پنهنجا حصا ٿو ميڙيان، جيءُ جان جُهري پيو هان.
تو بن اسان جو جاني، هي جيءُ اداس آهي،
دل جا زخم ڏکن ٿا، يارو ڪُري پيو هان.
هي نفرتن جي بازي، جيتڻ به مات آهي،
ويڇا سڀئي وساري، اڳتي سُري پيو هان.
غم، سوچ، مرڪ، صدما، سارا وڇوڙا سانڍي،
ڪنهن پيار جي تارازيءَ ۾ ڄڻ تُري پيو هان.
او ”زلف“ زندگيءَ جي زخمن جو انت ناهي،
پَل پَل صدائون بڻجي، ڇا لئه ٻُري پيو هان.
|