صابر سڌايو
غزل
سندر ماڻهو سوڀيا وارا،
مک نٿا سي وسرن پيارا.
واٽن تي واسينگ ونگين ٿا، نينهن جا ناتا نيارا
نيارا
سچ جو سودو سولو ناهي، دنيا ڪوڙي ماڻهو ڪارا.
رُڃ ۾ راڙو روز ٿئي ٿو، سور مرن ٿا روز متارا.
ڇو اڄ چنڊ ڪوماڻو آهي؟ ٽمڪن ڪين ٿا اڀ ۾ تارا.
باغ مان بوءِ اچي ٿي رت جي، ڳاڙها گل ٿيا اڄ ڪارا.
ٻيجل بڻجي سين هڻي ڏس! ڪرندا تو در ڳڀرو سارا.
”صابر“ بنجي رهبو ڪيسين؟ ٻيهر کڻ تون ڪرٽ ڪٽارا.
اياز جاني
ڪيئن ڀي منهنجو گذري جيون،
تنهنجو سهنجو گذري جيون.
دوست به ٿا منهن ڦيري ويهن، جي ٿو اهنجو گذري
جيون.
بي مقصد، بي معنيٰ جڳ ۾، ڪاش نه ڪنهن جو گذري
جيون.
درد ڏئي پو پاڻ پڇين ٿو، ”ڪيئن ٿو تنهنجو گذري
جيون“.
سکن جي ڇانو رهي نه رهي، پر، تو گڏ پنهنجو گذري
جيون.
مرتضيٰ مٺياڻوي
محفل ۾ مٺا مون کي جڏهن ياد ڪيو تو،
هي منهنجو اجڙ جيون آباد ڪيو تو.
محبوب مٺا مون کي ڏئي پنهنجو سهارو،
دنيا جي ڪڍڻ ڪاڻ کان آزاد ڪيو تو.
احسان عمر ڀر جا نوازش تي نوازش،
پنهنجي سان ڪري غير کي ناشاد ڪيو تو.
مجبور ”مرتضيٰ“ جي ڏسي دل ته دکايل،
فرياد ڪرڻ کان ئي اڳئي داد ڪيو تو.
محمد رمضان ”زلفي“
غزل
اڄ مٺي محبوب مُرڪي، مون کي مُرڪائي ڇڏيو،
پيچ زلفن جا وجهي، منجھ عشق اٽڪائي ڇڏيو.
مون جڏهن بيباڪ ٿي ڀريو سندس الفت جو دم،
هن خفا ٿي مون کي پنهنجي گهور سان گهائي ڇڏيو.
زلف شانن تي وجھي، يبٺ جڏهن هو بام تي،
جهٽڪو زلفن کي ڏئي هُن مون کي تڙپائي ڇڏيو.
مان سندس خوابن جي دنيا ۾ هئس محوِ سڪون،
لال لبڙن سان چُمي هن مون کي جاڳائي ڇڏيو.
دلبري جا ناز ۽ انداز هن جا ها عجيب،
منهنجي ساده دل کي اندازن ته ڀَرمائي ڇڏيو.
واديء الفت ۾ شل ”زلفي“ جو يارو خير ٿئي
حسن وارن، عاشقن کي اڪثر ڀٽڪائي ڇڏيو.
رحيم بخش ”خادم“
غزل
اسان وٽ الائي ڪڏهن يار ايندو،
گلابن جو پائي ڳچي هار ايندو.
جنهين لاءِ ديدون اٿم نت دڳن ۾،
خبر ناهي ڪهڙي پتي پار ايندو.
تصور ۾ صورت اٿم دوست جنهن جي،
الائي ڪڏهن هو لهڻ سار ايندو.
سدا نام لب تي اٿم يار جنهن جو،
ڪڏهن ساهه جو سهڻو سينگار ايندو.
بنا تو پيارا رهندو نه ”خادم“،
هي دريا جهاڳي ٽپي پار ايندو.
سندر چانڊيو
روپ ـــ سروپ
هاءِ سندر صورتون!!
عصمتن جون عزتون ۽ عظمتون.
چند ڳاڙها نوٽ بس!
آپسرا، اي آسماني اپسرا،
تنهنجي نازڪ ۽ گلابي جسم جا،
روپ مون ڪيئي ڏٺا!
ماءُ، محبوبا ۽ ڀيڻ،
روپ تنهنجو هي ڏسي،
مون کي ٿا مارين ويڻ!!
آءٌ شاعر بينوا!
تنهنجي حالِ زار جا-
ڪهڙا افسانا لکان،
زهر ڏيو کائي مران!!
هاءِ سندر صورتن جون قيمتون.
چند ڳاڙها نوٽ بس.
حليم سنڌي
چاهه جو چنگ وڄائي ٿو ڏسان،
من رُٺل يار ٿڌو ٿي به پوي.
سوز سيني ۾ سمائي ٿو ڏسان،
چاهه جو چنگ وڄائي ٿو ڏسان.
گيت غم درد جو ڳائي ٿو ڏسان،
من پرين پيارڙو پرچي به پوي.
چاهه جو چنگ وڄائي ٿو ڏسان،
من رُٺل يار ٿڌو ٿي به پوي.
اشرف زمان پير چنڊامي
غزل
ڪهڙيون ٻڌايان توکي تنهنجون شڪايتون،
آهن مڙئي اسان تي تنهنجو عنايتون.
شبِ هجر جي ڪهاڻي توسان ڪيان مان ڪهڙي،
ويهي ڪيون سين تو لئه ڪافي عبادتون.
غيرن سان پيار توکي پنهنجن سان توکي نفرت،
ڪيڏيون ته خوب آهن تو ۾ خصالتون.
پردي ۾ پاڻ کي تون آئين ڍڪي سان وٽ،
ڪهڙيون چئون اسان کي ٿيون تنهنجون زيارتون.
محفل ۾ مون کي ايندي ڏسندو اٿي هليو وئين،
ڪهڙيون ڀلا ٻيون چئبيون آهن عداوتون.
انڌي جي اڳيان روئڻ اکين جو زيان آهي،
توتي اثر ڪنديون ڇا منهنجون هدايتون.
ڇا ٿو پڇين اڃان تون ”اشرف“ کان حال دل جو،
ايڏيون طلب نه ڪر تون مون کان وضاحتون.
”حليم“ هاليپوٽو
غزل
سڄڻ سونهن وارا ستائين ٿو ڇا لئي،
رکي نينهن جو ناتو نٽائين ٿو ڇا لئي؟
نشيلا کڻي نيڻ مون کي نهوڙيئي،
وري هاڻ نظرون کسائين ٿو ڇا لئي؟
پرين پيار ڏيئي ڪري پهرين پنهنجو،
ڏئي پاڻ هٿ پو ڇڏائين ٿو ڇا لئي؟
سندئي وار ڪارا ٿيا نانگ نيارا،
ونگين ۽ ڏنگين ٿا، ڏنگائين ٿو ڇا لئي؟
چوين ٿو نه گهرجي ٿو ”عبدالحليم“،
ڀلا پوءِ هر هر گهرائين ٿو ڇا لئي؟
محمد خان مجيدي
مون ساهه ۾ توکي ڏٺو، ويساھ ۾ توکي ڏٺو،
مون ڄاڻ ۾ توکي ڏنو، اهڃاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون آر ۾ توکي ڏٺو، مون تار ۾ توکي ڏٺو،
مون موج ۾ توکي ڏٺو، مهراڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون خال ۾ توکي ڏٺو، مون کاڻ ۾ توکي ڏٺو،
مون لال ۾ توکي ڏٺو، لالاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون هوء ۾ توکي ڏٺو، مون خوء ۾ توکي ڏٺو،
خوشبوءَ ۾ توکي ڏٺو. سُرهاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون کنڊ ۾ توکي ڏٺو، مون سَرکنڊ ۾ توکي ڏٺو،
مون چنڊ ۾ توکي ڏٺو، چانڊاڻ ۾ توکي ڏٺو.
لاحَدّ ۾ توکي ڏٺو، مون پَدّ ۾ توکي ڏٺو،
مون داڻ ۾ توکي ڏٺو، پرماڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون سنگ ۾ توکي ڏٺو، هر رنگ ۾ توکي ڏٺو،
مون ميڙ ۾ توکي ڏٺو، مانڊاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون راڳ ۾ توکي ڏٺو، هر سِٽّ ۾ توکي ڏٺو،
مون ڀِٽّ ۾ توکي ڏٺو، مون ڀاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون حاج ۾ توکي ڏٺو، معراج ۾ توکي ڏٺو،
آفاق ۾ توکي ڏٺو، اُوچاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون لوڪ ۾ توکي ڏٺو، مون جهوڪ ۾ توکي ڏٺو،
لوڊاڻ ۾ توکي ڏٺو، کٽياڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون غور ۾ توکي ڏٺو، مون دَؤر ۾ توکي ڏٺو،
ورجاڻ ۾ توکي ڏٺو، واکاڻ ۾ توکي ڏٺو.
مون گيت ۾ توکي ڏٺو، سنگيت ۾ توکي ڏٺو،
مون جيت ۾ توکي ڏٺو، ميراڻ ۾ توکي ڏٺو.
پُر نور ۾ توکي ڏٺو، مسرور ۾ توکي ڏٺو،
مخمور ۾ توکي ڏٺو، چرياڻ ۾ توکي ڏٺو.
مقالا
”اهڙو ملڪ، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن
ٿيون، اتي جي رهاڪن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو
پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ يڪجهتي آڻڻ توڙي ڪامياب
مستقبل ماڻڻ خاطر، انساني ٻوليءَ جي حقيقت ۽
افاديت کي صحيح طور سمجھن ۽ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي
بيجا غلبي ۽ ٻين ٻولين تي ان جي فوقيت ۽ برتري
واري نظريي جو شڪار نه ٿين. پاڪستان ڪنهن هڪ
ٻوليءَ جو نه، پر گهڻين ٻولين وارو ملڪ آهي، جتي
اهڙي احتياط جي سخت ضرورت آهي. هتي هي اصول تسليم
ڪرڻو پوندو ته ٻولين جي گسلتان ۾ هر گل پنهنجي رنگ
۽ بوءِ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سهڻو آهي.“
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاھ عبداللطيف جي والد
وفات ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي ۽ شاھ عبداللطيف ان وقت ڪٿي
هو؟
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاھ عبداللطيف جي حياتي جو اوائلي ۽ جواني وارو
دور سندس مشفق ۽ مربي والد شاھ حبيب جي حياتي جي
پوئين دور سان پختو جڙيل آهي. شاهه حبيب جي وفات
شاھ لطيف لاءِ فراق وارو واقعو هو: شاهه حبيب وڏي
محبت ۽ وڏي توجهه سان پنهنجي پياري فرزند شاھ لطيف
جي تربيت ڪئي هئي ۽ شاهه لطيف کي پنهنجي والد جي
محبت ۽ شفقت جو احساس هو. شاهه حبيب جي وفات کان
پوءِ شاهه لطيف صحيح معنيٰ ۾ سندس جاءِ نشين ٿيو،
۽ پڻ سندس فيض کان پوريءَ طرح بهرور ٿي هن پنهنجي
فيض ۽ فڪر ۽ کي پنهنجي زندگيءَ جي ايندڙ عرصي ۾
اوج عروج تي پهچايو.
شاهه حبيب جي وفات وارو سال، شاهه لطيف جي پنهنجي
سوانح حيات جي سلسلي ۾ پڻ هڪ وڏي اهميت وارو سال
آهي، انهيءَ ڪري ضروري آهي ته شاهه لطيف جي سوانح
کي سمجھڻ خاطر ان کي متعيّن ڪيو وڃي. اها ضرورت
انهيءَ ڪري به آهي جو ان واقعي بابت هلندڙ عامي
روايتون جيڪي پوئين ويجهي دور ۾ قلمبند ڪيون ويون
تن ۾ شاهه حبيب جي وفات وقت شاهه عبداللطيف جي غير
حاضري، ان وقت ڀٽ بدران ڪوٽڙي ۾ سندس رهائش ۽ والد
جي وفات وقت ڀٽ تي نه پهچڻ وارا بيان منجھائيندڙ
آهن. ٻيو ته جدا جدا لکيتن ۾ شآهه حبيب جي وفات
واري سال جي غلط نموني سان قلمبند ٿيڻ سببان پڻ
غلط فهمي پيدا ٿي آهي. هيٺ انهي ٻن مسئلن کي سمجھڻ
۽ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
شاهه حبيب ڪهڙي سال ۾ وفات ڪئي؟
شاهه حبيب جي وفات جو سال بروقت ئي ٺٽي جي هڪ وڏي
عالم ۽ حضرت شاهه عبداللطيف جي مريد ميان محمد
صادق نقشبندي هڪ نهايت سهڻي ’تاريخي ماده‘ جي صورت
۾ ڪڍيو، پر غلط فهمي انهيءَ ڪري پيدا ٿي جو ان
’تاريخي ماده‘ جي عبارت کي مختلف صورتن ۾ پڙهيو
ويو، جنهنڪري ابجد جي حساب سان وفات واري سال جو
عدد ٻن مختلف صورتن ۾ سامهون آيو.
مير علي شير قانع جي ڪتابن ۾ ڪاتبن جيئن ’تاريخي
ماده‘ جو متن قلمبند ڪيو يا ان مان نڪرندڙ سال
وارو عدد انگن ۾ لکيو، تنهن جو تفصيل هيٺينءَ ريت
آهي!
قانع جو تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘، جيڪو وڌيڪ
مشهور ٿيو، تنهن ۾ ميان محمد صادق نقشبندي جي ڪڍيل
تاريخ واري سٽ هن طرح ڇپي (دهلي ڇاپو، جلد 3، صفحو
152):
”الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاء الحبيب“
]موت
هڪ موري آهي، جيڪا هڪ ’حبيب‘ کي ٻئي ’حبيب‘ جي
ديدار لاءِ ملائي ٿي[
هن سٽ مان ابجد جي حساب سان 1155 جو عدد نڪري ٿو،
جنهن ڪري ليلا رام وتڻ مل لالواڻي، شاهه صاحب بابت
سندس انگريزي ۾ لکيل ڪتاب (”شاهه لطيف جي زندگي،
مذهب ۽ شاعري“ (سنه 1890ع وارو ڇاپو، ص 10) ۾
ڄاڻايو ته شاهه حبيب 1155ھ ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر
گربخشاڻي شاهه جي زندگيءَ جي ڪن اهڃاڻن بابت، مير
عبدالحسين خان سانگي يا مرزا قليچ بيگ جي قلمبند
ڪيل بيانن بدران ليلا رام جي حوالن کي وڌيڪ ترجيع
ٿي ڏني، ۽ ٻيو ته ’تحفة الڪرام‘ وارو ڇاپو به سندس
آڏو هو جنهن مان عبارت سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏنائين ۽
ليکائين ته: ”سيد حبيب شاهه باخدا آدمي هو ۽ جڏهن
گذر ڪري ويو تڏهن سندس وفات جي تاريخ لکيائون:
”الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاء الحبيب“. اڳتي
وڌيڪ وضاحت سان ڄايائين ته:
”الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب“
انهن عربي لفظن ۾ محمد صادق نقشبنديءَ شاه حبيب جي
وفات جي تاريخ ڏني آهي. ابجد جي حساب موجب سنه
1155 هجري مطابق 1742 عيسوي نڪري ٿو“.
گربخشاڻي بعد ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم پڻ شاهه حبيب
جي وفات جو سال 1155ع لکيو. ٿي سگهي ٿو ته ”تحفة
الڪرام“ جنهن قلمي نسخي تان ڇاپيو ويو تنهن ۾ ڪاتب
اها سٽ ائين لکي هجي، ڇاڪاڻ جو مير علي شير قانع
جي ٻين ڪتابن ۾ اها سٽ ٻيءَ صورت ۾ ڏنل آهي.
قانح جي ٻئي ڪتاب ’مقالات الشعراء‘ ۾، جيڪو هن
’تحفة الڪرام‘ کان اڳ لکيو، تنهن ۾ ساڳي سٽ هن طرح
ڏنل آهي:
”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“
ابجد جي حساب موجب هن سٽ مان 1144 عدد نڪري ٿو،
يعني ته شاھ حبيب سنه 1144ھ ۾ وفات ڪئي. تحفة
الڪرام واري سٽ ۾ ”الي لقاء“ ۽ هن سٽ ۾ ”لِلقاء“
آهي: ’لقاء‘ لفظ ٻنهي ۾ ساڳيو آهي، ۽ فرق فقط
’الي‘ (=
ڏانهن) ۽ ’لِ‘ (=
واسطي) جو آهي، پر ابجد جي حساب سان ’الي‘ جو عدد
(1+ل+ي=1+30+10=)
41، ۽ ’لِ‘ جو عدد (ل=30)
30 بيهي ٿو، جنهنڪري يارهن سالن جو فرق ٿئي ٿو:
يعني ته جيڪڏهن سٽ ”ل لقاء“ سان پڙهبي ته عدد 1144
بيهندو، پر جيڪڏهن ”الي لقاء“ سان پڙهبي ته عدد
وڌي 1155 ٿيندو. مير علي شير قانع جو ٽيون ڪتاب
’معيار سالڪان طريقت‘ آهي، جيڪو هن سڀ کان آخر ۾
سن 1202ھ ۾ لکيو. هن ڪتاب جو قلمي نسخو، جيڪو مير
مراد علي خان جي لاءِ لکيو ويو ۽ جيڪو هن وقت برٽش
لئبرري لنڊن ۾ آهي، ان ۾ هڪ جاءِ (ورق 205) تي
هيءَ سٽ ”الي لقاء“ سان لکيل آهي ۽ پڻ ان سان گڏ
1155 جو عدد سن طور ڏنل آهي، پر ٻيءَ جاءِ تي (ورق
242) ساڳي سٽ ”لِلقاء“ سان لکيل آهي ۽ ان مطابق
مٿان 1144 جو عدد سن طور ڏنل آهي.
قانع جي ٽنهي ڪتابن ۾ مٿين اختلافي صورتن جو تجزيو
هيٺينءَ طور ڪري سگهجي ٿو:
پهرئين ڪتاب ’مقالات الشعراء‘ ۾، جيڪو مير علي شير
قانع جو پنهنجو هٿ لکيل آهي ۽ جنهن تان سنڌي ادبي
بورڊ وارو ڇاپو شآيع ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ هي سٽ
صاف طور ”للقاء“ جي صورت ۾ لکيل آهي، جنهن ڪري
تصديق سان چئي سگهجي ٿو ته شاهه حبيب سن 1144ھ ۾
وفات ڪئي.
ٻئي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ توڙي ٽئين ڪتاب ’معيار
سالڪان طريقت‘ ۾، جيڪي ٻئي مير علي شير قانع جا
پنهنجا دستخط ناهن، پر پوءِ جي ڪاتبن جا لکيل آهن،
تن ۾ هيءَ سٽ ”لِلقاء“ (=1144)
توڙي ”الي لقاء“ (=1155)
وارين جدا جدا صورتن ۾ لکيل آهي. ظاهر آهي ته اهو
فرق ۽ مونجھارو ڪتابن جي ڪوتاهي سببان پيدا ٿيو
آهي. ان جي تصديق ان مان ٿئي ٿي جو انهن ٻن ڪتابن
جا قلمي نسخا جيڪي مير عبدالحسين خان سانگي جي آڏو
هئا (لطائف لطيفي، ص 69))، تن ۾ اها سٽ متفق طور
’للقاء‘ (=1144)
جي لفظن سان لکيل هئي. ’لطائف لطيفي‘ ۾ سنگي ٽي
دفعا اها ساڳي سٽ ’للقاء‘ سان آندي آهي ۽ ٻن جاين
تي انگن ۾ سال جو عدد 1144 ڏنو آهي، جن مان صفحي
(91) تي وڌيڪ وضاحت سان ڄاڻايل آهي ته اها ’تاريخي
ماده‘ واري سٽ، هيٺين صورت ۾ (انگن ۾ سال جي عدد
سميت) شاهه حبيب جي روضي جي سامهين دروازي مٿان پڻ
لڳل آهي:
”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب- 1144“
مرزا قليچ بيگ، جنهن ساڳيو مير عبدالحسين خان
سانگي وارو گڏ ڪيل مواد استعمال ڪيو، تنهن به اها
سٽ ائين ئي آندي آهي (البت ڇاپي ۾ غلطي وچان
”للقاء“ بدران ”لقاء“ ڇپيل آهي) ۽ پڻ واضح ڪري
لکيو آهي ته ”حبيب شاهه جي قضيي جو اتفاق سن 1144ھ
يعني سن 1731ع ۾ ٿيو“.
مولانا دين محمد وفائي، جنهن حضرت شاهه صاحب جي
حياتي بابت ڪافي تحقيق سان ڪتاب ”لطف اللطيف“
تصنيف ڪيو، تنهن به تاريخي مادو ”الموت جسر يوصل
الحبيب الي لقاء الحبيب“ جي صورت ۾ ڏنو آهي ۽ پڻ
واضح طور لکيو آهي ته ”سيد حبيب جي وفات 1144ھ ۾
ٿي“.
وفات ڪٿي ٿي ۽ ان وقت شاهه عبداللطيف ڪٿي هو؟
شاهه حبيب جي وفات ڪٿي ٿي، ان وقت شاهه عبداللطيف
ڪٿي هو ۽ شاهه حبيب کي ڪٿي دفنايو ويو؟ ان سلسلي ۾
مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾ جيڪا
روايت قلمبند ڪئي آهي (۽ جيڪا پوءِ مرزا قليچ بيگ
۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ نقل ڪئي آهي) سا شاهه حبيب ۽
شاهه لطيف جي پيار ڀريي نالي جي سراسر ابتڙ آهي.
انهيءَ روايت موجب، شاهه حبيب جي آخري بيماري وارن
ڏينهن ۾ شاهه لطيف ڀٽ تي هوئي ڪونه، بلڪ هو
ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو پيو هو. باوجود انهيءَ جي جو شاهه
حبيب ڏانهس يادگيري يا ڏوراپي جو بيت چوائي موڪليو
ته به پاڻ آيو ڪونه، پر جواب ۾ بيت چوائي
موڪليائين.
شاهه جي سوانح جي سلسلي ۾ مير صاحب ڪي ڳالهيون ڀٽ
جي بزرگ ميين احمد ڀٽي کان ۽ ڪي ٻين کان ٻڌيون. ان
بعد ليلارام وتڻ مل لالواڻي به ميين احمد کان شاهه
صاحب جي سوانح بابت ڪي پڇائون ڪيون، پر هن پنهنجي
ڪتاب ۾ شاهه حبيب جي وفات وارو بيان جيڪو مير صاحب
لکيو آهي، سو ڪونه ڏنو آهي. ان مان ڀانئجي ٿو ته
مير صاحب کي ها ڳالهه ميين احمد ڀٽائي وٽان ڪانه
ملي ( نه ته ليلارام به اها ڳالهه لکي ها) پر هن
ڪن ٻين کان ٻڌي، جنهن ڪري پنهنجي بيان جي شروع ۾
”چيو وڃي ٿو“ جا لفظ آندائين، جنهن جي معنيٰ ته
هيءَ ڪا اهڙي پڪي ڳالهه ڪانه هئي. هيٺ اسان ’لطائف
لطيفي‘ ۾ آندل مير صاحب واري اصل بيان ۽ پوءِ ان
جي آڌار تي مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي
بيانن جا ضروري خلاصا ڏيون ٿا ته جيئن انهن تي غور
ڪري ڪنهن خاطر خواه نتيجي تي پهچي سگهجي.
(الف) مير عبدالحسين سانگي جو بيان.
چيو وڃي ٿو ته حضرت شاهه صاحب جن ڪوٽڙي ۾ هئا جو
حضرت سيد حبيب شاهه جي ناچاقي جو ٻڌائون. آخر جڏهن
بيماري وڌي وئي ۽ سوڙھ سختي واريون حالتون پيدا
ٿيون، تڏهن شاهه حبيب هيءُ بيت شاهه لطيف ڏانهن
چوائي موڪليو:
ڪِنہ جنہ نيہ نڌا، جئن مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪي مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
يعني اوهان کي ڪو اهڙو عشق لڳو آهي جو آءٌ اوهان
لاءِ واجهائيندو رهان ٿو، پر اوهان ڪين ٿا اچو.
اوهان جيڪي منهنجي مئي کان پوءِ ڪندؤ، سو جيڪر
منهنجي جيئري ڪريو (ته بهتر).
شاهه صاحب انهيءَ پيغام تي پاڻ ويو ڪونه، پر البت
هيٺيون بيت پنهنجي والد شريف جي بيت جي جواب ۾
چوائي موڪليو ته:
متان ٿين ملور، ڪين اڳاهون آهن
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
يعني ته: متان ملول ٿيو آهين جو تون (پنهنجي رب
سان وصال ۾ مون کان) ڪجھ اڳاهون آهين: هن وقت
جيتوڻيڪ ڏسڻ م اسين هڪ ٻئي کان پري آهيون، پر هن
جهان ۾ آخري منزل اسان ٻنهي جي ساڳي آهي (۽ بالاخر
ٻئي گڏ هونداسون). (لطائف لطيفي، فارسي متن، صفحا
42-43).
(ب) مرزا قليچ بيگ جو بيان.
مرزا قليچ بيگ، ساڳي سانگي واري آندل روايت پنهنجن
لفظن ۾ هن طرح بيان ڪيو ته: ”ڀٽ ۾ شاهه صاحب
پنهنجن فقيرن کي وٺي عبادت ڪندو هو ۽ رياضتون
ڪڍندو هو ۽ فقير سندس ڪلام ڳائڻ ڪندا هئا ۽ ساز
وڄائيندا هئا. پر انهيءَ وقت ڌاري شاهه صاحب جي
گهر ۾ هڪڙو مصيبت جهڙو اتفاق ٿيو، جنهن ڪري شاهه
صاحب ڪي ڏينهن ملول رهيو. اهو اتفاق هي آهي جو
سندس والد صاحب سيد حبيب شاهه وفات ڪئي. شاهه
عبداللطيف پاڻ تڏهن ڪوٽڙي ۾ هو جو وڏي سيد جو
ماڻهو ڊوڙي چتائڻ ويس ته ”هي وقت پڇاڙي جو آهي،
هلي پنهنجي والد صاحب جو منهن ڏس ڪيو.“ شاهه صاحب
چوڻ ڪيو ته: ”ابي کي چئو ته ارمان نه ڪر، آءٌ تو
وٽ آهيان، تنهنجي پٺيءَ ٿو اچان. مون هي نذر ڪيو
آهي ته الله تعاليٰ جي مرضي تي ڏک ڪين ڪندس. سو جي
هلي ابي کي ڏسندس ته دل جهلي ڪين سگهندس ۽ پنهنجو
وعدو ڀڃي وجهندس. ٻيو ته ابي کي چئج ته منهنجي
جنازي جو غسل به اتي ٿيندو ۽ چئجان ته ماڻهن کي
حڪم ڏئي ڇڏيو ته توکي ڀٽ تي شاهه محمود جي سيراندي
کان رکن جو منهنجي جاءِ سندس پيراندي کان آهي. (ان
بعد ”چون ٿا“ جي لفظن سان حبيب ۽ شاهه لطيف جي هڪ
ٻئي ڏانهن چوائي موڪليل بيتن، شاهه حبيب جي وفات
واري سال جي ’تاريخي ماده‘ ۽ حبيب شاهه جي قبر
واريءَ جاءِ جي ذڪر بعد مرزا صاحب لکي ٿو ته) پيءُ
جي مرڻ کان پوءِ سگهوئي شاهه عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ
تي ويٺو.“ (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، صفحا
36-38)
(ج) ليلارام وتڻ مل لالواڻي جو بيان.
شاهه حبيب ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي، جيڪا ڀٽ کان چار ميل
پري آهي. هو ان روضي ۾ رکيل آهي جيڪو شاهه لطيف جي
روضي کان اتر طرف آهي. (سوانح شاهه لطيف، انگريزي
متن، مطبوع 1890ع ص 10).
(د) ڊاڪٽر گربخشاڻي جو بيان.
”شاهه عبداللطيف (ڪوٽڙي مان لڏي اچڻ کان اڳيئي
پنهنجن فقيرن سميت ڀٽ تي عبادت ۾ پئي گذاريو ۽ ڀٽ
صاف ڪري جايون پئي جوڙايون ۽) اڃان ڀٽ تي ئي ڪم ۾
مشغول هو ته اوچتو هڪ قاصد اچي کيس خبر پهچايس ته
سندس پيءُ سخت بيمار آهي ۽ سندس چڙهڻ جو ڪو امڪان
نه آهي“؛ ۽ چيائينس ته ”هاڻ هلي سندس آخرين ملاقات
ڪريو.“ چون ٿا ته شاهه حبيب قاصد هٿان هڪ پنهنجو
چيل بيت به نياپي طور ڏياري موڪليس
]ساڳيو
سانگي وارو آندل بيت[.
شاهه عبداللطيف قاصد کي چيو ته ”آءٌ اجهو آيس ڪي
آيس“؛ ۽ هيءَ بيت سندس هٿان روانو ڪيائين
]ساڳيو
جوابي بيت جيڪو سانگي آندو آهي[.
شاهه حبيب جي دل کي پٽ جي پيغام ملڻ شرط آٿت اچي
ويو؛ مگر هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس روح وڃي
پنهنجي حبيب سان واصل ٿيو
]’تاريخي
ماده‘ واري سٽ ۽ سال 1155 ڄاڻايل[.
شاهه حبيب کي ڀٽ تي دفن ڪيائون...... شاهه
عبداللطيف کي پنهنجي پيءُ جي وفات ڪري نهايت صدمو
پهتو، ۽ ڪيترا ڏينهن ماتم ۾ گذاريائين. هينئر ته
آقي باقي ڪوٽڙيءَ مان دل کٽي ٿي پيس. سگهوئي سڄي
اٽالي سميت اچي ڀٽ وسايائين.“ (شاهه جو رسالو،
جلد- 1، ڇپيل 1923ع، صفحا 34-36). ڊاڪٽر گربخشاڻي
کي جئن ته ليلارام جي بيان کي ترجيع ڏيڻي هئي
(جنهن موجب شاهه حبيب جي وفات ڪوٽڙي ۾ ٿي)، انهيءَ
ڪري ڪونه لکيائين ته شاهه حبيب ڀٽ تي وفات ڪئي، پر
اشاري طور ائين آندائين ته شاهه عبداللطيف ڀٽ تي
هو، پر شاهه حبيب ڄڻ ڪوٽڙي ۾ بيمار هو. وڌيڪ تفصيل
لاءِ ساڳيو مير صاحب وارو بيان کنيائين (جنهن ۾
شاهه حبيب ڀٽ تي ۽ شاهه لطيف ڪوٽڙي ۾ هو) پر ان کي
ڄڻ الٽو ڪري آندائين.
مٿيان بيان هڪٻئي جي برعڪس آهن ۽ انهن ۾ نه فقط
اختلاف ۽ مونجهارو آهي، پر اهي هيٺين سببن جي ڪري
بي ڀروسي آهن. هنن بيانن جو بنياد مير عبدالحسين
خان سانگي جي آندل روايت تي آهي، جنهن کي هن پاڻ
عامي ۽ غير معتبر ڪري ٿي ڄاتو، جو ان جي شروع ۾ ئي
”چيو وڃي ٿو“ جا لفظ آندائين. هن روايت جي وڌيڪ
تجزيي ۽ تورتڪ سان ان جون چٽيون پڌريون خاميون نظر
اچن ٿيون. هڪ ته صاف ظاهر آهي ته شاهه حبيب وارو
بيت سخت ڏوراپي جو بيت هو، پر باوجود ان جي شاهه
لطيف پاڻ ڪونه آيو. جواب ۾ جيڪو بيت چوائي
موڪليائين سو جيتوڻيڪ شاهه حبيب جي دنيا مان
لاڏاڻي جي لحاظ سان مناسب هو، پر اهو شاهه صاحب جي
اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي خلاف هو جو هو پنهنجي شفيق
والد جي سڏڻ جي باوجود رڳو سندس بيت جو جواب ڏياري
موڪلي. اهو نقص محسوس ڪندي مير سانگي پاڻ، يا جنهن
کيس اها ڳالهه ٻڌائي تنهن، شاهه صاحب جي وقت سر نه
وڃڻ جو سبب ڄاڻايو، ۽ ان کي وڌيڪ پڪي ڪرڻ خاطر اهو
جواب ڄڻ خود شاهه صاحب جي پنهنجي زباني بيان ڪيو
ته: ’مون حضرت (شاهه حبيب) جن جي نالي ۾ اهو عهد
ڪيو آهي ته رضا الاهي تي ڪڏهن به ناراض نه ٿيڻو
آهي. پر جيڪڏهن هن حالت ۾ پنهنجي والد کي ڏسندس ته
لازمي طور دل نرم ٿيندي، اکين ۾ پاڻي ايندو ۽ غم
الم پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي ڪيل عهد جي خلاف
ٿيندو.‘ (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص ص 42-43).
غور ڪجي ٿو ته هي سڄي ڳالهه عامي ۽ بي بنياد معلوم
ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو شاهه لطيف جنهن سالن جا سال سڪ ۽
صبر ۾ پاڻ پچايو هو، سو ايترو هيڻو ڪونه هو جو
والد جي وفات جو صدمو نه سهي سگهي. پر ان کان وڌيڪ
ته باوجود شفيق والد جي ياد ڪرڻ جي شاهه لطيف ان
آخري وقت ۾ وٽس نه وڃي، سوشاهه صاحب جي اعليٰ
ڪردار توڙي رسالي ۾ سندس ڪلام جي پيغام جي برعڪس
آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته اها روايت ۽ اهي بيت
غالبا حضرت مخدوم نوحرح
جي بيماري وقت مخدوم موصوف ۽ سندس مريد
سيد ابابڪر جي هڪٻئي ڏانهن چوائي موڪليل هيٺين
بيتن جو پڙاڏو آهن:
مخدوم صاحب:
ابابڪر آ، سامي سفر سنبهيا
تهان پوءِ متا، سڪين سناسين کي.
ابابڪر:
اچان ٿو اچان، ڪجان ڪا جٽا
تهان پوءِ متا، سڪان سناسين کي.
سڀ کان زياده غور طلب ڳالهه هيءَ ته سانگي وارو
بيان، جيڪو پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي
آندو، سو زياده تر پڙهيل طبقي تائين محدود رهيو
آهي. ڪريمي توڙي لطيفي سلسلي جي فقيرن وٽ، شاهه
حبيب جي ڀٽ تي بيماري، شاهه عبداللطيف جي اتي سندس
خدمت ۾ حاضري ۽ شاهه حبيب جي آخري نازڪ حالت وقت
شاهه لطيف جي پنهنجي چيل بيت بابت جيڪا روايت
متفقه طور هلندڙ آهي، تنهن جي مدعا ۽ مقصد کي
هيٺينءَ طرح بيان ڪري سگهجي ٿو.
ڀٽ تي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ،
جايون ٺهرائڻ ۽ ان بعد ڪوٽڙي مان لڏي اچي ڀٽ تي
ويهڻ وارو مرحلو پورو ٿيو هو جو شاهه حبيب بيمار
ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف سڄو توجھ پنهنجي شفيق والد ۽
مرشد جي چڱڀلائي، دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندس
سڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيئڙيءَ ۾ هئا، ۽ وڏي شاهه جي
صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندڙ هئا. شاهه صاحب گهڻو
سارو وقت حويلي اندر پنهنجي والد جي خذمت ۾ پئي
گذاريو، ۽ جنهن وقت ٻاهر ايندو هو ته فقير کانئس
خيريت جو احوال پڇندا هئا. شاهه حبيب پاڻ پنهنجي
دينداري ۽ درويشي جي ڪري مشهور هو ته ٻئي طرف شاهه
عبداللطيف پڻ پهنجي جاءِ تي عام خاص ۾ مقبول هو.
انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا ويا هوندا، پر
ڦڪين فرق ڪونه ڪيو. شاهه عبداللطيف سڄو وقت والد
جي خذمت ۾ رهيو ۽ پئي پيار ڀرين لفظن سان حال
پڇيائين، پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاهه حبيب طرفان
ڪا ورندي ڪانه وري. شاهه صاحب ان وقت ٻاهر آيو ته
سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي. جڏهن سندس پيارن فقيرن
اڳتي وڌي کانئس حال پڇيو تڏهن جواب ڏنائين ته:
اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين
سوين ڪيم سڏڙا، پر وائي نه وارين
کڻيو نيڻ نماڻا هنجون ٿا هارين
سي جنگ جواب نه ڏين،
ڪنهن ڏاڍي ڪَيفَ ڪڪوريا
.
جڏهن شاهه حبيب وفات ڪئي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي
والد کي ڀٽ تي اتي دفنايو، جتي هن وقت سندس مزار
آهي. اهو سال 1144 هجري هو، جڏهن شاهه حبيب
گذاريو. شاهه عبداللطيف جنهن اڳيئي سِڪ ۽ صبر جا
پيالا پيتا هئا، سو رضا الاهي تي راضي رهيو، جو
سندس شفيق والد هن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان طرف
لاڏاڻو ڪيو. ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد
صادق نقشبندي، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريديءَ جي
دائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن حضرت شاهه صاحب جي
رضا ۽ تسليم واري حال موافق شاهه حبيب جي وفات جي
تاريخ هيٺئين عربي فقري مان ڪڍي، جيڪو معنوي
اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل آهي:
”اَلمَوتُ جِسر يُوصِلُ الحبيب لِلِقاء الحبيب“
يعني: ”موت هڪ پُل آهي، جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي
ٻئي دوست سان ملائي ٿي.“
پوءِ شاهه صاحب جڏهن پنهنجي والد جو قبو تعمير
ڪرايو ته اهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو
ڪري لکارايائين.
|