سائين، جوڌپور جي فوج پاران، عمرڪوٽ طرف پيش
قدميءَ تي چند مهينا اڳ پهتل اعتراضن جي حوالي
سان، گورنر سنڌ جي اطلاع لاءِ، جوڌپور جي وڪيل
پاران پهتل نوٽ (اصل فارسيءَ ۾ هجڻ ڪري نه ڇپيو)،
حاضر آهي، جنهن موجب فوجن جي موجوده تڪليف ده
پوزيشن تي ڪافي خرچ اچي ٿو ۽ جي عمرڪوٽ والارڻ تي
گورنر صاحب کي ارهائي هجي ته پوءِ جوڌپور جا جٿا
في الحال واپس گهرائجن ۽ وري اجازت ملڻ تي، انهن
کي عمرڪوٽ روانو ڪجي.
(صحيح) آءِ. لڊلو
سياسي ايجنٽ
نمبر 215، سال 1843ع
فورٽ وليم، 21- آڪٽوبر 1843ع
جناب ليفٽيننٽ اِي. آءِ. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
سائين، گذريل مهيني جي 19- تاريخ واري گورنر صاحب
جي ٽپال نمبر 100، سان شامل عمرڪوٽ جي راڻي ۽ ٻين
جي درخواست جي موٽ ۾، هي اطلاع ڏجي ٿو ته گورنر
جنرل جي ڪونسل اميد ڪري ٿي ته، جڏهن سرحدن جي
حدبندي ٿيندي، تڏهن عمرڪوٽ جي راڻي ۽ ٻين چڱن جي
خواهش کي سامهون رکيو ويندو. اگر علائقن جي واپسي
جوڌپور کي ٿي ته پوءِ ڪونسل هي ڏسندي ته اتي جي
رهاڪن کي ڪا تڪليف نه رسي، پر کين قديمي حق ملڻ
گهرجن، چاهي اهي ڪهڙا به هجن.
2. درخواست ۾ ڄاڻايل بدقسمت حادثي جو ٻڌي گورنر
جنرل جي ڪونسل کي بيحد صدمو پهتو آهي ۽ هو سندن
دلجوئي خاطر هر قدم کڻڻ تي خوش ٿيندو. سنڌ جو
گورنر ڏکويلن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ رهنمائي واسطي
مجاز آهي.
اوهان جو فرمانبردار
(صحيح) ڊبليو. ايڊورڊ
انڊر سيڪريٽري، حڪومت هند
نمبر 368، سال 1843ع
ايجنٽ گورنر جنرل
اجمير
سائين، عالي جناب گورنر سنڌ جي هدايت موجب اطلاع
ڏجي ٿو ته بمبئي فوج جي ڪيپٽن ماليت کي برطانيه
سرڪار ۽ مير علي مراد خان، جيسلمير ۽ نواب
بهاولپور سان، سنڌ جي سرحدي حدبنديءَ لاءِ مقرر
ڪجي ٿو. حضور چاهي ٿو ته راجا جيسلمير پنهنجو
ايجنٽ مقرر ڪري، جيڪو ڪيپٽن ماليت سان گڏجي ڪم
ڪري.
(صحيح) اي. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
نمبر 164، سال 1844ع
ٻاڙميڙ، 23- سيپٽمبر 1844ع
ڪيپٽن برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
سائين، رياست راجپوتانا لاءِ گورنر جنرل جي ايجنٽ
جي اختيار تحت، آءٌ رياست مارواڙ ۽ سنڌ جي
حدبنديءَ جي سلسلي ۾ جوڌپور کان هن وقت ئي واپس
ٿيو آهيان. مون کي عزت مآب گورنر جي اطلاع لاءِ
مارواڙ ڪورٽ جي سياسي ايجنٽ جا اٺ ڪاغذ موڪليندي
فخر ٿئي ٿو، جن جو تعلق سنڌ جي فتح ڪيل علائقن سان
آهي. آءٌ ڪرنل رابرٽ جي اسسٽنٽ سان، سندس ضلعي جي
حد متعلق به ملڻ جو ارادو رکان ٿو. هي ڪاغذ گورنر
صاحب کان مون لاءِ وڌيڪ هدايتن واسطي موڪلجن ٿا.
دستاويز اصل آهن. مطالعي بعد انهن کي واپس ڪرڻ جي
عنايت ٿئي.
(صحيح) سي. ايف. جيڪسن
سياسي ايجنٽ
ڪاغذ نمبر 1، ليٽر نمبر 164،
تاريخ 23- سيپٽمبر 1844ع
نمبر 345
جوڌپور، 19- جون 1844ع
جناب ڪيپٽن جيڪسن
سپرنٽيڊنٽ ٻاڙميڙ
سائين، آءٌ اوهان کي اهي ڪاغذ موڪليان ٿو، جن جو
واسطو سنڌ ۾ مارواڙ جي قديم علائقن کي مهراج تخت
سنگھ کي واپس ڪرڻ سان آهي ۽ انهن جي مٽاسٽا
راجپوتانا لاءِ گورنر جنرل جي ايجنٽ ڪرنل
سائودرلينڊ ۽ سپريم سرڪار (حڪومت هند) جي ذميدار
سيڪريٽرين جي وچ ۾ ٿي آهي.
(صحيح) پي. ٽي. ٽرينچ
قائم مقام سياسي ايجنٽ
جوڌپور
ڪاغذ نمبر 2، ليٽر نمبر 327، سال 1843ع
ڪئمپ شملا، 13- مارچ 1843ع
ڪيپٽن آءِ. لڊلو
سياسي ايجنٽ جوڌپور
سائين، آءٌ سيڪريٽري مسٽر ٿامسن جي هن مهيني جي
ڇهين تاريخ واري ليٽر نمبر 373، جي هڪ نقل سان گڏ
کيس هاڻي موڪليل موٽ جي هڪ ڪاپي اوهان جي اطلاع
لاءِ حاضر ڪندي، هي معلوم ڪرڻ گهرندس ته مهاراجا
جي جاچ موجب، اوهان وٽ سنڌ جا ڪي اهڙا علائقا آهن
ڇا، جن جو اوسطو خيرپور جي مير علي مراد ٽالپر سان
نه هجي ۽ اهي رياست جوڌپور جي قبضي ۾ رهڻ جوڳا
هجن.
(صحيح) آءِ. سائودر لينڊ
ايجنٽ گورنر جنرل
ڪاغذ نمبر 3، ليٽر نمبر 373
6- مارچ 1843ع
سائين، گورنر جنرل سنڌ جي اهڙن علائقن متعلق ڄاڻن
گهري ٿو، جن جو واسطو خيرپور جي مير علي مراد سان
نه هجي ۽ اهي علائقا رياست جوڌپور ۽ جيسلمير جي
قبضي ۾ رهڻ جوڳا هجن.
(صحيح) جي. ٿامسن
قائم مقام سيڪريٽري، گورنر جنرل
حڪومت هندستان
ڪاغذ 4، نمبر 326، سال 1843ع
شملا ڪئمپ، 13- مارچ 1843ع
جي. ٿامسن
سيڪريٽري، گورنر جنرل
حڪومت هندستان
سائين، مون کي هاڻي اوهان جو هن مهيني جي ڇهين
تاريخ وارو ليٽر نمبر 373، ملندي عزت نصيب ٿي آهي
۽ ان سان گڏ آءٌ اوهان جي خدمت ۾ هيٺيان تفصيل
موڪلي رهيو آهيان. جن ۾ سنڌ جي ميرن پاران مارواڙ
۽ جيسلمير جي فتح ڪيل علائقن جو ذڪر آهي، جيڪي
حيدرآباد جي گذريل مهيني جي 17- تاريخ واري
لڙائيءَ تائين سندن قبضي ۾ هئا. ان ڏس ۾ تفصيلن ۽
تاريخن جي مون کي البت پڪ ڪانهي.
مارواڙ کان:
عمرڪوٽ- مارواڙ (جوڌپور جو ٻيو نالو- سنڌيڪار) جي
اختيار ۾ نَوَ ڪوٽ هئا، جن مان عمرڪوٽ به هڪ آهي.
هي سنڌين فتح ڪيو هو پر وري مهراج بجيسنگ واپس وٺي
ان کي مارواڙ ۾ شامل ڪيو. هي پوءِ سندس زماني ۽
ڀيمسنگ جي ٻارهن سالن جي دور ۾، مارواڙ جي قبضي ۾
رهيو. پر اهو آخري ڀيرو موجوده مهاراج جي وقت سنبت
1869 ۾، مارواڙ جي قبضي کان نڪري ويو. ساگر
(Sagur)-
ليفٽيننٽ ڪرنل اين. ڪيمپ بيل جي نقشي ۾، هيءَ جاءَ
سٺ سال اڳ، ميرن موجوده راجا راول جي پيءُ مولجيءَ
کان فتح ڪئي ۽ ان مان ٽي حصا حيدرآباد جي اميرن ۽
ٻه حصا خيرپور جي حوالي آهن. گورسي
(Gursea)-
هيءَ جاءِ ڪنهن به نقشي ۾ ڏيکاريل ڪانهي. هي
حيدرآباد جي طرف، جيسلمير کان 30 ڪوهه پري ٺٽي در
(Tatteedur)
جي ڀرسان آهي. اها سنڌي فوج ساگر کان به اڳ ۾ فتح
ڪئي ۽ مٿين حساب موجب سندن قبضي ۾ آهي.
جيسلمير کان:
جيسلمير جي حد ”امر سنگهه ڪا ڪنڊا“ تائين سکر طرف
هئي، جڏهن موجوده مهاراول جو پڙ ڏاڏو جڳت سنگهه ۽
ڏاڏو اڪا سنگهه حڪمران هئا ۽ حيدرآباد جي طرف
”بڊبارلو“
(Bude barloe)
تائين هئي، جڏهن موجوده راجا جو پيءُ مولجي حڪمران
هو. سنڌي جي جيسلمير طرف خاصي حد دخلي رهي ۽ اها
جيسلمير ۽ برٽش سرڪار ۾ ٺاهه جي ڳالهين شروع ٿيڻ
تائين جاري رهي.
2- مارواڙ ۽ جيسلمير جا، ميرن هي يا ڪي ٻيا علائقا
ڦٻايا هجن، ۽ اهي جيڪڏهن برطانيه سرڪار ذريعي واپس
ٿيندا ته، هو ان کي خوشيءَ سان والاريندا.
3- مون کي ان بابت وڌيڪ ڄاڻ ڪانهي ته سنڌ ۾ ڪي ٻيا
به اهڙا علائقا آهن، جن جو واسطو خيرپور سان نه
هجي ۽ اهي جيسلمير يا جوڌپور کي واپس ٿي سگهن. ان
بابت آءٌ ڪيپٽن لڊلو ۽ جيسلمير درٻار سان واسطو
رکان ٿو. وڌيڪ اطلاع ملندي اوهان جي خدمت ۾ موڪلي
ڏيندس.
(صحيح)- جي. سائودر لينڊ
ايجنٽ، گورنر جنرل
ڪاغذ نمبر 5، ليٽر نمبر 51، سال 1843ع
13- مئي 1843ع
ڪيپٽن لڊلو
سياس ايجنٽ جوڌپور
سائين، آءٌ ڪرنل سائودر لينڊ پاران، سيڪريٽري مسٽر
ٿامسن جي هن مهيني جي ليٽر نمبر 522، جي هڪ ڪاپي
حاضر ڪيان ٿو. وڌيڪ عرض ته بنا ڪنهن دير جي گورنر
جنرل جي معلومات لاءِ هي ٻڌائيندا ته اميرن جيڪي
مارواڙ کان ڪجھ علائقا طاقت ذريعي کسيا هئا، انهن
جي واپسيءَ لاءِ (سنڌ کان) جناب مانسنگهه ڪهڙا قدم
کنيا آهن يا وري ڪهڙيون رٿون سندس ذهن ۾ آهن؟
2- اميد ڪجي ٿي ته هن خط جو مفهوم، مارواڙ جي
سلسلي ۾ اسان جي کنيل قدمن تي، موجود مخالف ڌر کي
ڪافي اثانداز ڪندو.
صحيح- پي. ٽي. ٽرينچ
سياسي ايجنٽ، گورنر جنرل
ڪاغذ نمبر 6. ليٽر نمبر 522، سال 1843ع
آگرو، 8- مئي 1843ع
ليفٽيننٽ ڪرنل جي. سائودر لينڊ
ايجنٽ گورنر جنرل راجپوتانا
سائين، گورنر جنرل هي ڄاڻڻ گهري ٿو ته اوهين
جيسلمير ۽ جوڌپور جي علائقن ۾، ٻروچن کي ضابطي ۾
آڻن لاءِ ڪهڙا اپاءَ اختيار ڪرڻ گهرو ٿا؟
2- هن ڳالهه جي بيحد اهميت آهي ته شير محمد ۽ ٻين
سردارن کي، جن شاهه ڳڙهه ۽ ٿر جي ڪناري ۾ ڪنهن
ٻيءَ جاءِ تي پناهه ورتي آهي، ان ڳالهه جي اجازت
نه ڏني وڃي، متان هو سنڌ اندر اسانجن حدن يا رج
واڙي ۾ اتحادين خلاف ڦورن جي ڪا جٿي بندي ڪن.
3- گورنر جنرل کي خوشي ٿيندي، جيڪڏهن جيسلمير جو
راول وري اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي سندس وڏن
کان ٻروچن کسيا هئا ۽ راول کي هي خاطري ڪرڻ گهرجي
ته سندس لاءِ ٻاهرين مداخلت ۽ حملن کي ختم ڪرڻ
لاءِ هن کان وڌيڪ موزون وقت ڪو ٻيو نه ايندو: ڪيڏي
مهل به جوڌپور جو راجا، عمرڪوٽ شهر ۽ جوڌپور جي حد
جي وچ ۾ موجود علائقو والاري سگهي ٿو ۽ گورنر جنرل
کي هي ڏسي خوشي ٿيندي ته مارواڙي وري پنهنجن
علائقن ۾ بحال ٿي چڪا آهن.
4- فوجي اهميت جي لحاظ کان، گهٽ ۾ گهٽ هن وقت قلعو
يا عمرڪوٽ شهر، برطانوي فوجن کي والارڻ گهرجي.
برطانيه سرڪار کي نه رڳو قلعي تي، پر آس پاس جي
زمينن تي به مڪمل قبضو هجڻ گهرجي. ان کان علاوه
جوڌپور جي راجا کي اجازت ڏجي ٿي ته هو ڀلي عمرڪوٽ
ضلعي ۾ اهي علائقا واپس وٺي، جيڪي سندن وڏن جي
قبضي ۾ هئا. گورنر جنرل انهن علائقن جي واپسيءَ
تي، راجا کي مبارڪباد ڏئي ٿو، جيڪي اڳين وحشي
حاڪمن جي قبضي ۾ هئا.
5- اوهان جيسلمير جي راول ۽ جوڌپور جي راجا کي
خاطري ڏياريو ته گورنر جنرل کي ان ڳالهه تي
اطمينان آهي، جنهن موجب سنڌ جي برطانوي فتح کي،
آخرڪار انهن حالتن کي آڻڻ گهرجي، جيڪي هتي جي
حاڪمن ۽ رعيت لاءِ خوشيءَ جو سبب بنجن.
صحيح- ٿامسن
سيڪريٽري، گورنر جنرل
حڪومت هند
ڪاغذ نمبر 7، ليٽر نمبر 404، سال 1844ع
جوڌپور، 11- جولاءِ 1844ع
ڪيپٽن جيڪسن
سپرنٽينڊنٽ ملاني
سائين، مون 19- جون جي ليٽر نمبر 345 ۾، اوهان جي
اطلاع لاءِ ڪجھ خطن جون ڪاپيون روانيون ڪيون آهن،
جن جي مٽاسٽا گورنر جنرل جي ايجنٽ ۽ حڪومت هند جي
وچ ۾ ٿي آهي ۽ا نهن ۾ هن سرڪار کي عمرڪوٽ قلعي ۽
ضلعي جي بحاليءَ لاءِ ڳالهه ٿيل آهي. هن وقت آءٌ
ساڳئي موضوع بابت مون ڏي آيل راجا جي لکپڙھ ۽ ان
سان گڏ هن درٻار کي عمرڪوٽ جي بحاليءَ لاءِ ميجر
لڊلو جي نوٽ جي ڪاپي موڪلي رهيو آهيان. هي نوٽ
سرڪار کان پهتل هڪ ليٽر جي ملڻ تي، ميجر صاحب تيار
ڪيو هو، جنهن جو مون اڳئين ٽپال ۾ حوالو ڏنو آهي.
2- ان سان گڏ، ان عهدنامي جي ڪاپي به حاضر آهي،
جيڪو جوڌپور، سنڌ جي حاڪمن ۽ سرڳواسي راجا جي وچ ۾
ٿيو ۽ سال 1818ع جي ٺاھ جو هڪ اقتباس به موڪليان
ٿو. جيڪو برٽش سرڪار ۽ هن درٻار جي وچ ۾ ٿيو ۽ ان
۾ عمرڪوٽ بابت به حوالو موجود آهي.
3- انهن دستاويزن ۾ سمايل معلومات ۽ ڄاڻ- جيڪا
اوهان هت رهي ورتي آهي- ان موجب اميد آهي ته اوهين
ان لائق ٿيندا جو عمرڪوٽ ۾ مارواڙ جي سڀني ڳوٺن ۽
قلعن کي واپس وٺي سگهندا.
ڪاغذ نمبر- 8
ڪيپٽن ٽرينچ ڏي، جوڌپور جي وڪيل جو هڪ بيان- 22-
جون 1344ع
آءٌ ڪجھ دستاويز موڪليان ٿو، جن ۾ ڏيکاريل آهي ته
عمرڪوٽ، مارواڙ سرڪار جي ملڪيت آهي. گڏوگڏ اوهان
جي معائني لاءِ آمدنيءَ جو حساب ڪتاب، عمرڪوٽ ۽
اردگرد جو نقشو به موڪليان ٿو.
ڪاغذ نمبر- 9
هن سال 11- اپريل تي، مارواڙ سرڪار عمرڪوٽ جي
بحاليءَ لاءِ درخواست ڏني هئي. گورنر جنرل جي
سيڪريٽريءَ پاران، 20- مئي تي مارواڙ جي برطانوي
ايجنٽ کي هڪ ليٽر موڪليو ويو هو؛ جنهن موجب گورنر
جنرل، مهاراجا کي عمرڪوٽ جي واپسيءَ تي مبارڪباد
ڏني هئي، جيڪو سندن وڏن جي قبضي ۾ هو، پر هن وقت
ڪافي مدت کان سند عمل دخل کان ٻاهر آهي.
ڪاغذ نمبر- 10
مير فتح علي ۽ غلام علي جي مهر سان، هڪ ٺاھ موجب
عمرڪوٽ ۽ ان جا علائقا مهاراجا ديراج سان واسطو
رکن ٿا ۽ هو ان ۾ ڪنهن ريت به دخل نه ڏيندا.
ڪاغذ نمبر- 12
مهاراجا، گورنر جنرل جي اجازت سان، ٽالپرن کان
طاقت ذريعي، عمرڪوٽ واپس وٺڻ چاهي ٿو، جيڪو ٽي سال
اڳ هن پنهنجن جي غداريءَ سبب وڃايو هو.
6- جنوري 1818ع
جواب
جيڪڏهن اوهين صلح سان (عمرڪوٽ) هٿ نه ڪري سگهو ته
پوءِ ڀلي طاقت جو استعمال ڪيو. برطانيه سرڪار دخل
نه ڏيندي.
ترجمو
صحيح- ليفٽيننٽ پيلي
فارسي ترجمان
ليٽر نمبر 2991، سال 1843
ڪراچي، 10- آڪٽوبر 1844ع
ڪيپٽن جيڪسن
سياسي ايجنٽ ملاني
سائين، مون کي حڪم مليو آهي ته آءٌ عمرڪوٽ تي
مارواڙ جي دعويٰ متعلق، گذريل مهيني جي 22- تاريخ
واري ليٽر نمبر 164، جي پهچڻ جو اوهان کي اطلاع
ڏيان.
مون کي وڌيڪ هدايت ٿي آيه ته آءٌ اوهان کي صاف صاف
ٻڌائي ڇڏيان ته جناب گورنر صاحب قلعو يا عمرڪوٽ جو
شهر يا وري ان جي اوڀر ۾ پنجن ميلن تائين واري
ايراضي مارواڙ کي نه ڏيندو. گورنر صاحب مارواڙ ۽
سنڌ جي حدبنديءَ لاءِ به ڪا هدايت جاري نه ڪندو.
ان ڏس ۾ اوهان کي ڪرنل رابرٽس سان لھ وچڙ ۾ اچڻ
گهرجي، جنهن کي اوهان سان گڏ هن ڪم تي لڳايو ويو
آهي. اوهان جي گذارش موجب، اوهان جي ليٽر سان شامل
اصلي ڪاغذ واپس ڪجن ٿا.
(صحيح) اي. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
نمبر 1091، سلا 1844ع
حيدرآباد، 31- ڊسمبر 1844ع
جناب سيڪريٽري
حڪومت سنڌ
سائين، مون کي ان ليٽر جو اقتباس موڪليندي خوشي
ٿئي ٿي، جيڪو ليفٽيننٽ فوربس پاران پهتو آهي، جنهن
موجب موندر جي ڀَٽين ۽ اسان جي علائقي جي سوڍن ۾
صلح ٿي چڪو آهي.
(صحيح) اي. بي. راٿبورن
ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ حيدرآباد
تاريخ 31 ڊسمبر 1844ع، ليٽر نمبر 1091، سان شامل
ڪاغذ
ميرپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ پاران، حيدرآباد
جي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ کي 29- ڊسمبر 1844ع تي
موڪليل ليٽر جو اقتباس.
سڀني مليل اطلاعن موجب ڀٽي دوستاڻي خيال جا
خواهشمند آهن، ۽ هو اسان جي علائقي جي سوڍن سان
صلح لاءِ تيار آهن. هنن جو چوڻ آهي ته هو گورنر
صاحب جي حڪم تي سڀڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هو چوري
ڇڏڻ ۽ چوريءَ جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
منهنجي خيال ۾ هن پيدا ٿيل ڊپ ۽ خوف جو، اسان کي
ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. مون کي شڪ آهي ته سوڍن کي
به ڀٽين جيترو الزام ڏئي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن جيسلمير ۽ جوڌپور رياستون متفق ٿين ته پوءِ
گورنر صاحب جي اجازت سان- سنڌ، راجسٿان، جوڌپور ۽
جيسلمير جي مکيه سرحدي زميندارن جي هڪ پئنچائت
ٺاهي، هتي جي لاقانونيت وارن علائقن جا جهڳڙا صحيح
نموني نبيرجن.
ٿر جا باشندا ڪئپٽن ماليت کي پسند ڪن ٿا، ۽ جي
پئنچائت منظور ٿئي ته هي ان جو بهترين نگران ٿي
سگهي ٿو.
سچو نقل
(صحيح) اي. بي. راٿبورڻ
ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ
نمبر 58، سال 1845ع
سکر، 7- جنوري 1845ع
ڪيپٽن جيڪسن
سياسي سپرنٽينڊنٽ ٻاڙميڙ
سائين، گورنر سنڌ جي هدايت موجب، آءٌ گذريل مهيني
جي 31- واري ليٽر نمبر 1091، جي هڪ ڪاپي ۽ ان
متعلق ڪليڪٽر حيدرآباد پاران موڪليل ڪاغذ اوهان کي
موڪلي رهيو آهيان. ليفٽيننٽ فوربس جيڪا موندر جي
ڀٽين ۽ اسان جي علائقي جي سوڍن جي ٺاهه لاءِ رٿا
تيار ڪئي آهي، بيشڪ هي تجويز سٺي آهي، جيڪڏهن اها
عمل ۾ اچي وڃي.
صحيح- اِي. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
خيرپور، نزد بهاولپور
5- جنوري 1845ع
پيارا برائون
آءٌ ملڪ جي هن حصي ۾، بهاول خان ۽ سندس پاڙيسيرين
۾، حدبنديءَ ڪري پيدا ٿيل جهڳڙن جي ڪري پهتو
آهيان. هن خط ذريعي هنن معاملن بابت نه، ليڪن ڪجھ
ٻين ڳالهين متعلق رابطو رکڻ چاهيان ٿو. مون کي هن
ريت لکندي ڪجھ صحيح نه ٿو لڳي، ان ڪري عرض آهي ته
ان قسم جي لکپڙھ کي ضايغ ڪري ڇڏڻ بهتر ٿيندو ۽ ان
متعلق توهان جو اطلاع مستقبل جي مدد لاءِ مناسب
ٿيندو.
بهاولپور جي هڪ واپاريءَ خوبچند پنهنجي ۽ سندس
ڀاءُ ڌرمداس، جيڪو سنڌ ۾ آهي، پاران هڪ شڪايت ڪئي
آهي. گورنر صاحب جي راءِ ۾، اڳئين وقت ۾ خوبچند
برطانوي آفيسرن جي مدد سان گڏ، اسان کي سنڌو
درياهه ۾ جهاز رانيءَ ۾ ڪافي واهر ڪئي آهي. سال
1838ع ۾ کيس گورنر جنرل وٽان خلعت به ملي هئي. بعد
۾ حيدرآباد جي اميرن کي رقم اوڌر طور ڏني ۽ جڏهن
1843ع ۾ هو ملڪ وڃائي ويٺا، تڏهن خوبچند جي چوڻ
موجب، انهن ڏانهن سنڌي سڪي موجب 1،55،000 رپي
اهئا. ڏسجي ٿو ته هن ان لاءِ گورنر سنڌ کي درخواست
ڏني هئي؛ پر کيس موٽ اها ملي ته، اهڙا ڪيس ڪلڪتي ۽
انگلنڊ ڏي موڪليا ويا آهن.
خوبچند هن وقت هڪ يا وڌيڪ دلالن معرفت، اسان جو
قرضي آهي ۽ کيس هاڻي قرض واپس ڪرڻ ۾ ڪافي تڪليف
ٿئي ٿي. اسان کي قرض جي واپسيءَ جي معاملي ۾ شايد
اسين مجبور هجون، ته کيس سنڌ وارو قرض موٽائي ڏجي.
آءٌ فرض ڪريان ته سنڌ جي معاملي ۾، سرڪار اميرن
خلاف ڪيل رواجي حقن متعلق سٺو نبيرو ڪندي- جيئن
اهڙن مکيه اميرن جي صورت ۾ ان قسم جون دعوائون
ٻڌجن ٿيون، جن کي پنهنجي آئيندي جي ڪابه ڄاڻ نه
هجي ۽ ٻيءَ صورت ۾ هوند اهي ڪڏهن به ظاهر نه ٿين.
ان ڪري ڇا خوبچند پنهنجي درخواست اوهان جي آفيس
ذريعي، يا مورڳو گورنر جنرل جي اتر- اولھ محاذ
واري ايجنٽ معرفت حڪومت هند کي موڪلي ڏي؟
جيتريقدر خيرپور جي ميرن جي پناهگيرن جو معاملو
آهي، ته نواب کي هي سمجھڻ گهرجي ته کين بهاولپور ۾
ڪابه پناهه ڏيڻي ناهي. انهن کي يا ته چارلس نيپيئر
يا ميجر براڊفيٽ ڏي موڪلڻ گهرجي. نواب کي هيل
تائين سندس ملڪ ۾ داخل ٿيل ڀاڄوڪڙن بابت، رپورت
ڏيڻ گهربي هئي. مون کيان ۾ شڪ نظر اچي ٿو، جنهن جي
خاطري آءٌ هت رهي ڪندس. هن صورتحال لاءِ ڪهڙو
قانون آهي؟ يا زبردست علائقي جون ڇا رعايتون آهن؟
ڇا ڀاڄوڪڙ قيدي ان ريت سزا جا مستحق نه آهن، جيئن
هوند اسان جي پنهنجن مئجسٽريٽن تحت، اهي قدم
وڌائين ها!
آءٌ خيرپور ۾ هوندس، جڏهن اتي هڪ هفتي ۾ نواب پڻ
هوندو ۽ ان وقت انگريزي توڙي فارسي ٻولين ۾،
هدايتن ڀريو خط مون کي خانگي نموني حفاظت سان
ملندو.
منهنجي لاهور واري خبر گذريل مهيني 28- تائين جي
آهي ۽ ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ڪيو ويو هو. ڄمونءَ ۾
ڊوگرا راڄ وانگر، سک ٻاهريون راڄ پنهنجي بي عزتي
سمجھن ٿا. هو پنهنجي حفاظت لاءِ اتحاد تي زور ڏين
ٿا، جيڪو کين خالصا تصوف ۾ نظر اچي ٿو.
خبر نه آهي ته هي ذميداريون، تنهنجي صحبت نصيب
ڪنديون يا نه؟ يقين ڪر ته توسان ملاقات ڪرڻ کي آءٌ
ڪيترو پسند ڪيان ٿو.
مخلص
صحيح- جي. ڪننگهام
نمبر 19، سال 1845
ٻاڙميڙ، 25- جنوري 1845ع
ڪيپٽن اي. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
سائين، اوهان جي هن مهيني جي 7- واري ليٽر نمبر 58
واري موضوع ۽ ان سان شامل ڪاغذن موجب، آءٌ گورنر
سنڌ جي اطلاع لاءِ، گورنر جنرل جي راجپوتانا لاءِ
ايجنٽ ميجر سي. ٿارس باءِ کان پهتل ۽ ڏانهس موڪليل
خطن جون ڪاپيون موڪليان ٿو. ميجر ٿارس باءِ جي خط
جي هڪ ڪاپي ڪيپٽن ماليت جي جذبن ۽ ايندڙ پروگرام
واسطي اڄ ئي رواني ٿيندي.
صحيح- سي. ٽي. جيڪسن
سياسي ايجنٽ ملاني
نمبر 14، سال 1845ع
سکر، 23- مارچ 1845ع
ڪيپٽن ماليت
ايلچي خيرپور
سائين، جناب گورنر صاحب جن جي هدايت تحت، آءٌ
گذريل جنوري جي 25- تاريخ واري ليٽر ۽ ان ۾ ڪاغذ
نمبر 19، جون ڪاپيون موڪليان ٿو. انهن جو واسطو
سوڍن ۽ ڀٽين جي معاملن سان آهي ۽ ان سان گڏ هيءُ
عرض ڪندس ته گورنر جنرل جي راجپوتانا واري ايجنٽ
ميجر ٿارس باءِ پاران، گهرايل معلومات کان به واقف
ڪندا ته مناسب ٿيندو.
صحيح- اِي. برائون
سيڪريٽري
ڪاغذ نمبر 2، نمبر 9، سال 1845ع
جوڌپور، 15- جنوري 1845ع
ميجر ٿارس باءِ
ايجنٽ گورنر جنرل، راجپوتانا
سائين، جيئن ته مکيه معاملو جيسلمير رياست جو آهي،
ان ڪري آءٌ سنڌ سرڪار جي سيڪريٽريءَ کان پهتل ٽپال
اصلي حالت ۾ اوهان جي غور ۽ وڌيڪ هدايتن لاءِ
موڪليان ٿو. اصلي دستاويزن جي جڏهن ضرورت باقي نه
رهي، تڏهن اهي واپس ڪندا ته بهتر رهندو.
صحيح - جيڪسن
سياسي ايجنٽ ملاني
ڪاغذ نمبر 1، ليٽر نمبر 19، 25- جنوري 1845ع
نمبر 35، سال 1845ع
جوڌپور، 16- جنوري 1845ع
ڪيپٽن جيڪسن
سياسي ايجنٽ ملاني
سائين، آءٌ هن سان گڏ اوهان جي هن مهيني جي 15-
تاريخ واري ليٽر نمبر 9، سان شامل اصل دستاويز
واپس ڪري رهيو آهيان.
2- جيئن ته هن وقت جيسلمير جو مهاراول، ملڪ کان
ٻاهر گنگا جي زيارت تي آهي، ان ڪري بهتر آهي ته
اوهين ڪيپٽن ماليت سان رابطو رکي معلوم ڪريو ته هو
سوڍن ۽ ماروڙين جي معاملن کي پئنچائت ذريعي ڪيئن
حل ڪرڻ گهري ٿو؟ جيسلمير جي معاملن کي في الحال
ڇڏي ڏيو.
3- اسين جوڌپور درٻار سان صلاح ڪنداسين، جنهن جي
پاران شايد اوهين ڪم ڪيو، جڏهن اوهان يا ڪيپٽن
ماليت ڪم جي اهم نوعيت حل ڪري رهيا هوندا.
صحيح- سي. ٿارس باءِ
قائد مقام ايجنٽ، گورنر جنرل
نمبر 705، سال 1845ع
فورٽ وليم، 14- مارچ 1845ع
ڪيپٽن اِي. آءِ. برائون
سيڪريٽري حڪومت سنڌ
سائين، قائم مقام ايجنٽ جوڌپور جي ٽپال سان شامل
هڪ اقتباس، بتاريخ 4- آڪٽوبر 1844ع جي حوالي سان،
سر چارلس نيپئر کان خانگي طرح معلوم ٿيو آهي ته
سندس خيال ۾ ”عمرڪوٽ“ جو مارواڙ سان ڪڏهن به واسطو
نه رهيو آهي.
هيءُ عرض ڪرڻ جي هدايت ملي آهي ته اوهين گورنر سنڌ
جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ته هندستاني حڪومت کي ڪي
اهڙا ثبوت يا دستاويز مهيا ڪيا وڃن، جن موجب ڪيپٽن
ٽرينچ وانگر، هز ايڪسيلنسي گورنر سنڌ هي معلوم ڪيو
هجي ته، عمرڪوٽ جو قلعو ڪڏهن به مارواڙ جو نه رهيو
آهي.
غلام رباني آگرو
مان ستن اٺن ورهين جو ٻار هئيس، جو تاجپوري نوابن
جو نالو ڪن تي پيو. اسان جي ڳوٺ ”آڳرا“ کان ميل
پري، محبت ديري جتوئيءَ جو ننڍو شهر آهي. اتي بابا
سائينءَ جو هڪ دوست رهندو هو (مرحوم) عبدالعليم
شاهه. گاهي ماهي جڏهن ٻنهي ڄڻن جي ملاقات ٿيندي
هئي، ته عبدالعليم شاهه اڪثر ڪري تاجپوري نوابن جو
ذڪر ڪڍندو هو. اهڙيءَ ريت، مون پهريون دفعو نواب
ولي محمد خان ۽ نواب گل محمد تاجپوريءَ جا نالا
ٻڌا ۽ دل تي اهو تاثر ويٺو ته سنڌ ۾ تاجپوري نوابن
جو هڪ وڏو خاندان آهي، جو علم پرور ۽ مهمان نواز
آهي.
ان ڳالهه کي چاليهارو کن ورهيه گذري ويا. سن 1974ع
۽ 1975ع ڌاران مان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوس
۽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس تي، ڪراچيءَ کان اسلام آباد
ويندڙ قومي شاهراهه تي، سنڌي ادبي بورڊ جي احاطي
اندر، سيڪريٽريءَ جي بنگلي ۾ رهندو هوس جو خانه
فرهنگ حيدرآباد جي ڊئريڪٽر آغا يوسف ڪيوان شڪوهيءَ
سان گهري گهاٽي سنگت ٿي. اڪثر ڪري، آفيس جي ڊيوٽي
ڏيئي، خانه فرهنگ هليو ويندو هوس، جتي منجھند جي
ماني، شڪوهيءَ وٽ کائي، خانه فرهنگ ۾ سمهي پوندو
هوس.
مرحوم نواب نور احمد خان لغاري جي اها تصوير، جيڪا
سدائين، سائين مرحوم پير حسام الدين راشدي جي بيڊ
روم ۾ سائيڊ ــــ ٽيبل تي رکيل هوندي هئي.
”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“
ــــ شاههؒ
شام جو چاءِ پي شڪوهي ۽ مان ڄامشوري ايندا هئاسون،
جتي منهنجي بورڊ واري گهر جي اڳيان، ڪرسيون ڪڍي،
کليل ميدان ۾ ڪچهري ڪندا هئاسون ۽ رات جي ماني گڏ
کائيندا هئاسون. اونهاري جو مند هوندي هئي، ٿڌڙي
هوا گُهلندي رهندي هئي، چنڊ اڀري ايندو هو، سامهون
قومي شاهراهه تي ڪراچيءَ کان لاهور ۽ اسلام آباد
ويندڙ موٽرن، بسن ۽ ٽرڪن جي بتين جي جهرمر لڳي
پيئي هوندي هئي. ڏاڍو لطف ايندو هو. اهي ڪچهريون
عمر ڀر، نه شڪوهيءَ کان وسري سگهنديون ۽ نه مون
کان.
هڪ دفعي ڪچهري ڪندي، شڪوهيءَ ٻڌايو ته انجمن ايران
پاڪستان دوستيءَ جي حيدرآباد برانچ ٺهي آهي، جنهن
جو صدر ۽ سرپرست آهي، تاجپور جو نواب نور احمد خان
لغاري. اهو هو نواب صاحب (مرحوم) سان منهنجو
پهريون پهريون غائبانه تعارف. پهرين پهرين ملاقات
ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي، سو هاڻي ياد ڪونهيم، پر ايترو ياد
اٿم ته خانه فرهنگ حيدرآباد جي پايي وجھندڙ، سنڌ
جي تاريخ جي ممتاز عالم ۽ منهنجي محسن، مرحوم پير
حسام الدين راشديءَ هڪ دفعي کلي چيو ته، ”بابا،
اهو نواب نور احمد خان لغاري ڪير آهي؟ ٻڌو اٿم ته
شڪوهيءَ وارن کي ڏاڍيون دعوتون ٿو کارائي، پاڻ کي
ته پڇي ئي ڪونه ٿو!“
ستت ئي نواب صاحب اسان کي دعوت کارائي. پر ان کان
اڳ خانه فرهنگ ۾ سندس زيارت نصيب ٿي. عمر پنجاهه
پنجونجاھ ورهين جي پٺتي ۾، منهن مهانڊا سراسر
معصوميت جي تصوير، اکين ۾ حياءُ، منهن تي مٺ مرڪ،
گول چهرو، ننڍي ٺهڪندڙ ڏاڙهي، بدن هلڪو، پورو پنو،
لباس گهڻو ڪري سفيد رنگ جي سلوار قميص ۽ ان جي
مٿان نيري يا ناسي رنگ جو انگريزي ڪوٽ. ڳالهائڻ
ٻولائڻ آهستو ۽ نرم. تڪيو ڪلام: ”سائين، جيءُ
سائين.“ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جي مثالي
اشراف انسان جي تصوير ڪڍڻي هجي ته نواب نور احمد
خان لغاريءَ جو تصور ڪجي.
حيدرآباد کان پندرهن ويهه ميل اوڀر طرف ميرپور خاص
ويندڙ رستي سندس اَباڻي ڳوٺ تاجپور هوندو هو ۽ ان
کان ڪجھ پرڀرو گجي وٽ ٻن اڍائن سون ايڪڙن ۾ سندس
باغ هوندو هو. باغ جي اڳيان هڪ ننڍڙو سٻنڌڙو بنگلو
ٺهيل هوندو هو. جنهن جي اڳيان وڏي ڇٻر هوندي هئي.
ڇٻر جي الهندي ڪناري سان گلن جي ٻارن ۽ يوڪلپٽس جي
ڊگهن وڻن جي قطار هوندي هئي. نواب صاحب جون
اونهاري جي مند جون دعوتون انهيءَ چمن ۾ ۽ سياري
جي مند جون دعوتون بنگلي اندر هونديون هيون.
دعوتون گهڻو ڪري سندس ذاتي دوستن يا علمي ماڻهن
جون ٿينديون هيون. سرڪاري ڪامورن جي ٽهل ٽڪور به
ٿيندي هئي، يانه، اهو مون کي معلوم ڪونهي. انهن
دعوتن ۾ هونئن ته طرحين طرحين طعام پچي ايندا هئا،
پر گنديءَ ۾ پڪل ڪُڪڙ ۽ پلاءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
نواب صاحب جو ڪمدار گُندي وجهندو هو. کڏ کوٽي اندر
گاري سان گندي لنبندا هئا، جا باھ تي پچي پچي
اندران ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. گنديءَ جي تري ۾ رکندا
هئا باهه، پر رڳا ٽانڊا. انهن جي مٿان نوڪدار شيخن
۾ ڪڪڙ مصالا ڏيئي ٽنگيندا هئا. جهيڻيءَ باهه جي
نَوَ تي ڪڪڙ پيا پچندا، پيا پچندا، تان ته ڳري پٽ
جهڙا نرم، پر سوڪ ٿي ويندا. ڪڪڙن مان مصالحي وارو
ريشو ٽيپو ٽيپو ٿي، چانورن تي ڪرندو رهندو، جنهن ۾
چانور رسبا ۽ پچندا رهندا مقرر وقت تي گندي کولي
ڪڪڙ ۽ پلاءُ ٻاهر ڪڍندا. سبحان الله، ڇا چئجي،
انهن جو ذائقو! ڪير ٿو چوي ته سنڌ کي رڌپچاءُ ۾
ڪمال ڪونهي! جنهن شخص اهو پلاءُ ۽ اهي ڪڪڙ هيڪر
کاڌا هوندا، تنهن کان عمر نه وسرندا. اونهاري
وارين دعوتن جي خصوصيت اها هوندي هئي جو انبن جي
مند هوندي هئي، ان ڪري نوڪر پڪل ڪڪڙن جا ٿالهين
مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، پلاءَ جا ٿالهه ڀري
آڻيندا، ۽ نواب صاحب جي باغ مان انبن جا ٿالهن
مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، ٻيون ڀاڄيون، ٻوڙ، ڪباب،
قيما، اوڦراٽا ۽ ميواتون الڳن.
اجھو مهينو ماسو گذريو ناهي ته دوستن جون موٽرون
ڀرجي نواب صاحب جي گُجي واري باغ تي دعوتون کائڻ
وينديون. پر انهيءَ مهمان نوازيءَ کان پوءِ به
نواب صاحب کي اطمينان ڪونه ٿيندو هو، تنهنڪري
پنجين- پندرهين ڏينهن پهريائين هيرآباد واري گهر
۾، پوءِ ڊاڪٽرس ڪالونيءَ واري بنگلي تي، خاص خاص
دوستن کي- سندس لفظن ۾ دال مانيءَ- تي سڏيندو هو.
انهيءَ دال مانيءَ جون وري ٻيون خصوصيتون هونديون
هيون. مثلاً پلا پڪل، پلا تريل، پلا سجيل، پلي جو
ٻوڙ، آنيون تريل، آنين جو ٻوڙ، پلي جو پلاءُ، پڪل
گوشت جون رانون، مغز تريل، ڪباب، ميڪروني، ڪوفتا،
قسم قسم جا ٻوڙ، ڀاڄيون، آچار، شربت، لسي، سائي
چاءِ، ڪاري چاءِ، ٻاٽليون ۽ مٺاڻ جا نت نوان نوان
نمونا. پر نواب صاحب جي مسلڪ موجب، دوستن جي اها
خدمت به ڪافي ڪانه هئي، ان ڪري کين تحفا ڏيڻ به
ضروري سمجھندو هو. اعليٰ درجي جا ريڊيا، واچون،
ريشمي چادرون، ولائتي سينٽ جون سيشيون، ربيع ۽
خريف جي فصلن موجب اناج جون ٻوريون، انبن جا کارا،
ليمن جا ٽوڪرا وغيره.
صبح جو ڏهين- يارهين ڌاران تاجپور مان حيدرآباد
پهچندو هو. رات هميشه تاجپور ۾ رهندو هو. بهرحال
جيئن حيدرآباد پهچندو هو ته ٻين دوستن سان گڏ مون
کي به فون ڪري سار سنڀال لهندو هو. سندس خاص خاص
دوستن جو حلقو نه تمام وڏو ۽ نه تمام ننڍو هو. ٻه
ڄڻا بهرحال سندس پڳ مٽ يار هئا. مان سندس نالا کڻڻ
مناسب نٿو سمجھان. دوستي رکڻ سولي، دوستي نڀائڻ
ڏکي. چون ٿا ته اڳي سنڌ وارن وٽ دوستيءَ جون
شاندار روايتون هونديون هيون. پڳ مٽ يار ڏک سک ۾
ساٿ ڏيندا هئا، بلڪ مئي جيئري نڀاهيندا هئا. اهي
ڳالهيون اڄ خواب خيال آهن. هاڻي دوستي گهڻو تڻو
غرض ۽ مطلب جي آهي. برطانوي وزيراعظم سر ونسٽن
چرچل جو هڪ مقولو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. چيو اٿس:
We have no permanent friends
We have no permanent foes
We have only permanent interests.
(اسان جا ڪي به دائمي دوست ڪونهن
اسان جا ڪي به دائمي دشمن ڪونهن
اسان جا فقط دائمي مفاد ۽ مطلب آهن.)
نواب صاحب جي انهن پڳ مٽ يارن نواب صاحب جي رحلت
کان پوءِ پاڻ ڪيئن ملهايو، اها نواب صاحب جي پونين
کي خبر هوندي. بهرحال، مرحوم پاڻ جيسين حال حيات
هو ته سندن نالا ائين کڻندو هو، ڄڻ ته منجھن سندس
ساهه پيل هجي. جڏهن پير حسام الدين راشديءَ سان
سندس لڳ لاڳاپو ٿيو ته کيس به پنهنجي قرب ۾ اهڙو
ته ڪڙي ڇڏيائين، جو مون کي مفتون جو ڪلام ياد اچي
ويو:
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نه رڳو.“
پير صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته پهريائين
”رٽز هوٽل“ ۽ پوءِ ”اورينٽ هوٽل“ ۾ ٽڪندو هو. نواب
صاحب کانئس ٻئي هوٽلون ڇڏائي ڇڏيون ۽ ڊاڪٽرس
ڪالونيءَ واري بنگلي ۾ هڪ ڪمرو سندس بلي ڪري
ڇڏيائين.
پير صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته محفل واھ
جو مچندي هئي. سڀ کان اول مون کي، شڪوهيءَ کي ۽
سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي سڏ ٿيندو
هو. ان کان پوءِ جويو صاحب، اسدالله شاهه حسيني ۽
ٻيا دوست اچي گڏ ٿيندا هئا. نواب صاحب جي رشتيدارن
مان نواب بهادر علي خان ۽ نواب عبدالعلي خان
سدائين گڏ هوندا هئا. کاڌي کان پوءِ، صوفا سيٽن تي
سولا ٿي پهرن جا پهر ڪچهريون ڪندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کي حيدرآباد آئي وٿي پئجي
ويندي هئي ته پوءِ اسان کي ڪچهريءَ لاءِ ڪراچيءَ
سڏي وٺندو هو. اڪثر ڪري نواب صاحب، مان، عبدالعلي
خان ۽ شڪوهي نواب صاحب جي موٽر ۾ ڪراچيءَ ويندا
هئاسين.
نواب صاحب سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان وڏو
زميندار هو. سندس وڏن وٽ ته شايد ويهه- پنجويهه
هزار ايڪڙ زمين هئي، پر اها ڪجھ ته خاندان ۾ تقسيم
ٿيندي رهي ۽ ڪجھ ايوب خان وارن زرعي سڌارن ۾ سرڪار
جي ور چڙهي ويئي. پر ان هوندي به نواب صاحب وٽ نه
هزارين ايڪڙ زمين حصي ۾ آئي. حيدرآباد ۾ وٽس ٻه
بنگلا هئا ۽ ٽيون بنگلو تاجپور ۾ ٺهرائي رهيو هو،
جو مون بهرحال هميشه زيرتعمير ڏٺو.
هڪ دفعي شڪوهيءَ مون کي چيو ته نواب صاحب جي
پنهنجي رهڻي ڪهڻي تمام سادي آهي. اها ڳالهه مون کي
سمجھ ۾ نه آئي، ڇو ته مون ته سندس رڳو اعليٰ درجي
جون دعوتون ڏٺيون هيون. پر اڳتي هلي مون کي به اهو
احساس ٿيو ته قدرت نواب صاحب کي ”اميري“ ۽ ”غريبي“
ٻئي سوغاتون عطا ڪيون هيون. صحيح معنيٰ ۾ هڪ سکئي
ستابي شخص هجڻ جي باوجود، هن پنهنجن نيڪ نام وڏڙن
جي پيروي ڪندي، پنهنجيءَ طبيعت ۾ فقيريءَ جو انگ
برقرار رکيو هو. رسول اللهﷺ جن ڏانهن هڪ حديث
منسوب آهي ته دعا گهري اٿن ته ”ياالله، هڪ ڏينهن
مون کي روزي سان رک ۽ ٻئي ڏينهن مون کي پيٽ ڀري
کائڻ جيتري روزي نصيب ڪر.“ |