سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :2

سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري

سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته سنڌ سرڪار، سنڌ جي ممتاز عالم ۽ برک تعليمي ماهر محترم حبيب الله صديقي کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. هن کان اڳ هو صاحب حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر جي منصب تي پنهنجا فرائض ادا ڪري رهيو هو.

محترم حبيب الله صديقي جي شخصيت جي تعليمي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي. هڪ سينئر تعليمدان جي حيثيت ۾، سنڌ تعليم کاتي ۾، مختلف منصبن تي رهي، هن صاحب جيڪي خدمتون بجا آنديون آهن، سي اهلِ سنڌ کان ڳجھيون ناهن.

تعليم و تعلم جي معزز پيشي سان گڏ صديقي صاحب علم ادب جي خدمت ۾ پڻ تحسين جوڳي مقام جو مالڪ آهي. لاتعداد تحقيقي ۽ علمي مضمونن ۽ مقالن سان گڏ صديقي صاحب انگريزيءَ ۾ سنڌ جي تعليم جي تاريخ تي جامع ڪتاب پڻ لکيو آهي، جيڪو سنڌالاجي طرفان تازو شايع ٿي ادبي حلقن وٽان قدر ۽ داد حاصل ڪري چڪو آهي. ان عالمانه شاهڪار ۾، ان موضوع تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ بنيادي مواد ميسر آهي.

جناب صديقي صاحب، شاعريءَ جهڙي پاڪيزه ذوق جو پڻ مالڪ آهي. سندس ٻاجهارا ۽ فڪر انگيز شعر، ڪتابي صورت (”رچنا“) ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن.

جناب صديقي صاحب کي تعليم کاتي ۾ خدمت دوران وسيع انتظامي تجربو حاصل آهي، ۽ علم ادب جي سهڻي شعور ۽ ادراڪ سان مزين آهي.

ادارهء مهراڻ، جناب حبيب الله صديقي کي سندس نئين منصب تي تقرر تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دعاگو آهي ته هُو صاحب بورڊ جي شاندار علمي روايتن ۾ اڃا به اضافو آڻي، ان کي ڪاميابين جي مٿاهينءَ منزل تي پهچائيندو ۽ انشاء الله اهل سنڌ ڏسندا ته هي قومي ادارو سندس مخلصانه، پرجوش ۽ صلاحيتمند ايامڪاريءَ ۾ روز بروز اڃا به وڌيڪ ترقيءَ جون روشن منزلون ماڻيندو.

- نفيس احمد شيخ

فهرست

شاعريءَ جو ڀاڱو

1- مخدوم طالب الموليٰ

2- تنوير عباسي/ شمشير الحيدري

3- نياز همايوني

4- امداد حسيني

5- بشير مورياڻي/ مخدوم امين فهيم

6- عنايت بلوچ/ تاج بلوچ

7- محبوب سروري

8- انور هالائي/ سدارنگاڻي خادم

9- احسن الهاشمي/ مظهر حسين جوش

10- عبدالقيوم صائب

11- استاد بخاري/ محسن ڪڪڙائي

12- آصف مصراڻي/ آثم ناٿن شاهي

13- ڪريم پلي

14- وفا پلي/ نثار بزمي

15- نديم انصاري

16- شعبان بخت/ رحيم بخش قمر

17- تاج جويو/ اياز گل

18- ادل سومرو

19- ذوالفقار سيال/ سوز هالائي

20- انيس انصاري/ ج. ع. منگهاڻي

21- پشپا ولڀ

22- زبيده ميتلو

23- ارم محبوب/ فهيم انصاري

24- واجد

25- مهر پروين/ امير بخاري

26- مخدوم جميل الزمان/ ميرل جويو

27- اسد جمال پلي/ لياقت جوڻيجو

28- مشتاق آريسر/ ضمير ڦل

29- خالد يوسفاڻي/ سجاڳ پلي

30- عبدالخالق آزاد/ شاھ مردان ريگستاني

31- احمد ڪيريو/ پريتم عباسي

32- منير سولنگي/ عابد مظهر/ شفيع چانڊيو

33- خليل لاکير/ عزيز ڪنگراڻي

34- طاهر سنڌي/ شنڪر ساگر

35- مرزا ڪاظم بيگ/ انور فگار هڪڙو

36- صابر سڌايو/ اياز جاني/ مرتضيٰ مٺياڻوي

37- محمد رمضان زلفي/ رحيم بخش خادم

38- سندر چانڊيو/ حليم سنڌي

39- اشرف زمان پير چنڊامي/ حليم هاليپوٽو

40- محمد خان مجيدي

مقالا

1- شاھ عبداللطيف جي والد  ــ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

شاهه حبيب جي وفات

2- سنڌي نالا                    ــ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

3- سنڌي ڊرامن جي روشنيءَ ۾

سنڌي سماج جو مطالعو            ــ ڊاڪٽر غلام علي الانا

4- علم اللسان جي لحاظ کان

شاھ جي رسالي جو مطالعو   ــ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

5- ٿر جي تاريخ جا چند اهم دستاويز   ــ ڊاڪٽر مبارڪ علي

                ــ ترجمو: غلام محمد لاکو

6- نواب نور احمد خان لغاري   ــ غلام رباني آگرو

7- ڪلهوڙا دور جي ڊائريــ عبدالرسول قادري بلوچ

8- سنڌ ۾ ميان وال تحريڪ     ــ عبدالله خان مگسي

9- لکڻ جو فن                     ــ لي آن سرميلين

سين (Scene)                   ــ ترجمو: ولي رام ولڀ

 

ڪهاڻيون

1- ڇوريءَ جا انگل                      ــ نجم عباسي

2- سامي سِڄَ وڙاءُ                       ــ مراد علي مرزا

3- آفيس برڊ                            ــ انيس انصاري

4- ڪارنوال                               ــ اووانيس تومايان

                                           ترجمو: سليم سهتو

-- وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾

(مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ياد ۾)

1- آتڻ يار اجاڙي هليو ويو          ــ حسين شاهه راشدي

2- هاءِ، زوردار ويندو رهيو            ــ نياز همايوني

3- ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ ــ شيخ عبدالحليم جوش

4- سنڌي ڪير سڏائي؟       ــ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

-- تبصرا

-- سخن ساميئڙن جا، ٿا هينئڙي منجھ هُران

1- ننڊ- نگر جو راهي              ــ ماهتاب محبوب

2- رشيد موٽي آءُ                     ــ حميد سنڌي

3- وڙائتو انسان                        ــ تاج بلوچ

4- رشيد ڀٽي- هڪ سوال         ــ مهتاب اڪبر راشدي

5- ... اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو    ــ ادل سومرو

6- اندر جنين املھ                    ــ امان شيخ

وَهسين واقف ناهيان، آهيان آءٌ اڻڄاڻ،

وروڪڙ واٽن کي، اچي سونهون ٿي مون ساڻ،

ڪڏهن موٽنديس ڪين ڪي، ڪنديس پُرزا پاڻ،

وندر ۾ واڪا ڪريان، اچي پرين پُسائج پاڻ،

مدد ٿج ”مسڪين“ سان، هيڪل ڇڏج نه هاڻ.

- نواب جان محمد لغاري صوفي القادريؒ

شاعري

 

اسان جا تعليمي ۽ ثقافتي ادارا ڏينهن رات جي اڻٿڪ ۽ بي لوث خدمت جي جذبي، محنت، عزم ۽ جانفشانيءَ سان ٺهيا آهن. هنن جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي محنت شامل آهي. هنن اسان لاءِ هي ۽ ههڙا ٻيا ادارا ٺاهيا آهن ۽ اسان تي فرض آهي ته هي ورثو ٻئي نسل ڏي منتقل ڪريون. اڄ اسين شڪرگذاريءَ جي جذبي سان علامه آءِ. آءِ. قاضي کي ڇو نه ٿا ياد ڪريون، ڇو جو هن اسان جي ڀلي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ معمار ۽ روح روان هو. بحيثيت مفڪر جي علامه صاحب قوم، ملڪ ۽ سڄي انسانذات جو سرمايو آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جي سرواڻ جي حيثيت ۾ هو اسان جو وڌيڪ محسن آهي. اسين ئي علامه صاحب جا حقي وارث آهيون. فقط وارث بنجڻ لاءِ نه، بلڪ اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ ته اسين سندس فڪر تي هلي ڏيکاريون.

- مظهر الحق صديقي

وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڪافي

عمر! عاجزن سان نه ڪر مال مستيون،

هلي ڪين سگهنديون اهي هوڏ هستيون.

اٻوجهن اياڻن تي هيڏيون هلائون،

اسيرن جو آهون ٿئي بلڪل بلائون،

نه ويران ڪر تون ولهارن جون وستيون.

مرڻ مَرڪُ ڀانيان ٿي اهڙي جيڻ کان،

چڱو زهر تنهنجي ئي پاڻي پيڻ کان،

قبوليان نه هرگز سندءِ زبردستيون.

ڇني ڇڏ تون جيڪا ويٺو تند تاڻي،

مليرياڻيون مرڳو نٿو ڪي سڃاڻي،

هي پڪ ڄاڻ آهن سنگهاريون نه سَستيون.

ڪٿي زر ۽ زربغت مخمل ۽ ريشم،

ڪٿي هي ڄٽيون ڪٿ حرم تنهنجا حاڪم،

ڪٿي راڄ راڻيون ڪٿي تنگدستيون.

اي طالب ڪندو مولا، آزاد ٿينديس،

وطن ۾ وڃي ور کي واڌايون ڏينديس،

ڇڏينديون نه هيڻيون ڪڏهن حق پرستيون.

تنوير عباسي

بتي نه ٻار اڱڻ جي،

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

اڃا ته رات جا ٻارنهن آهن،

توکي لڳي آ يار وڃڻ جي،

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

رات جي راڻيءَ جا اوٻارا،

ڄن آئي ڪا سار سڄڻ جي،

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

مان لهرن تي چنڊ ڏسان ٿو،

توکي آهي پار پڄڻ جي،

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

ڌار ٿيون ٿا، پر ناهي هيءَ،

ويل اسان جي ڌار ٿيڻ جي،

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

شمشير الحيدري

سڄو ڏينهن کلندي اُڪاريون، سڄي رات روئندي گذاريون،

تنهنجي ياد ۾ اِن رمز سان پيا عشق پنهنجو اُجاريون.

رڳو تنهنجا پُور پچاريون، رڳو تنهنجا سُور سنواريون،

اُهي عادتون نه ويون اڃا، جيڪي تو ڪڏهن هيون کاريون.

ڪڏهن ماهتاب جي مُرڪ ۾، ڪڏهن گل گلاب جي سُرڪ ۾،

جتي ڪابه صورت وئي وڻي، پيا تنهنجا نيڻ نهاريون،

اِهي قربتون اِهي فاصلا، اِهي دل جا دل سان معاملا،

ويون هڪ نگاهه ۾ طي ڪري، تنهنجو اکڙيون لال ڪنواريون.

نياز همايوني

آس هئي ڪو سانوڻ ايندو

دنيا جا دک ٻيڻا ٽيڻا، دل دل ساڻي سورن ۾،

چارڻ! اهڙو چنگ، جو بڻجي پوي پَنارو پورن ۾.

 

تنهنجو سڏ پڙاڏو سانول! اوندھ ۾ ٿو اُهاءُ ڪري،

تنهنجي مُرڪ جو منتر ٿو هر ارچن لاءِ اُپاءُ ڪري.

 

ماٺيڻا درياهه دلين جا، ڇُوھُ نه ڪوئي ڇاتين ۾،

آڌيءَ مانجيءَ مُونجھ اُهائي، ڦير نه ڏينهن راتين ۾.

 

اوندھ ۾ انڌير الاهي، رستو ناھ رهائي جو،

اوجهل ٿي ڪئن اَنڌِ ڀلا، ڪئن اُڀري سج سجهائي جو.

 

ڪيچ ۽ ڪرها ساڳيا، پر نر نانءُ نٿو ڪو نشانبر ٿي،

سونهن ۾ سانگ ۽ ساءُ نه ڪوئي ڇا تي نينهن نڇاور ٿي.

 

آس هئي ڪو سانوڻ ايندو، ملندا سُک سرهائي سان،

ائين اُمالڪ سرءُ اچي وئي، جهوريو جنهن ارهائي سان.

 

ڪنهن ٿي ڄاتو، اهڙا ڀي ڪي وارا ڍارا ٿي پوندا،

سک جا سپنا لهندي لهندي، سور سگهارا ٿي پوندا.

 

آگهاتا جي اڱڻ ۾ آيا، پاڻ انهن جا قُوت مڙئي،

پنهنجا ئي پرڪار اسان کي، بڇي ڇڏين ٿا ڀوت مڙئي.

 

آئيني ۾ چنڊ نهاري، ريجهايون ٿا رام اسان،

اڻ هوند آهي، ته ڀي هڻون ٿا هوند جي سکڻي هام اسان.

 

دنيا جي دل پٿر آهه ته درد به ساڻي ٿي سگهندو،

لڙڪ جي لرندا رهيا ته اوڙڪ، پاهڻ پاڻي ٿي سگهندو.

 

اَجل اچي ته به اُون اُتاهين، سنجري سڪ سياپي جي،

مرندي جيو جي اکڙين مان جئن، اُڀري آس جياپي جي.

 

ڪڪرن مان جئن کنوڻ اُڀامي، ڏهڪائي ٿي ڏاگهن کي،

اچ ته نياز همايوني! تئن وير لکايون واگهن کي.

امداد حسيني

نظم

منهنجي ڪمري ۾ لڳي پئي آهي

تنهنجي تصوير اها ئي ساڳي

مکڙيءَ مان گل ٿيل چوٽين ڦُل

اهوئي آءٌ به تنهنجي پٺيان

ساڳئي ڪوٽ تي ٽائي ساڳي

۽ پريان

دور اُفق تي بادل

رول آوارا اَٿانئيڪو، هِتي

ڪيئن نه چؤڪاٺ ۾ ٿانئيڪو ٿيل

رڳو بادل ئي ڇو؟

انهيءَ تصوير ۾ تون آنءُ

افق ۽ ڪمرو

اهي چوٽيين ڦُل

سڀئي بادل آهيون!

گيت

سمنڊ ڪناري

واريءَ جو گهر ٺاهيوسي

توکي چاهيوسي

تنهنجو پيار به تيز هوا ۾ ڏيئي ٻارڻ جي ڪوشش هئي

وَهندي پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تارڻ جي ڪوشش هئي

لوڪ گهڻو ئي روڪيو ٽوڪيو پوءِ به توکي چاهيوسي

واريءَ جو گهر ٺاهيوسي

سمنڊ ڪناري...

اوجاڳيل اوجاڳيل اکڙين جاڳيل جاڳيل خواب ڏٺا ها

ويرانن ۾ دل جي صورت ڳاڙها گُلَ گلاب ڏٺا ها

لوڪ گهڻوئي روڪيو ٽوڪيو، پوءِ به توکي چاهيوسي

واريءَ جو گهر ٺاهيوسي

سمنڊ ڪناري...

رَمندي بادل پٺيان ڊوڙڻ مان هڙ حاصل ڇا ٿيڻو هو

ٿيڻوئي جي ڪجھ هو تنها ٿيڻو هو رسوا ٿيڻو هو

لوڪ گهڻوئي روڪيو ٽوڪيو، پوءِ به توکي چاهيوسي

واريءَ جو گهر ٺاهيوسي

سمنڊ ڪناري...

بشير مورياڻي

تون گردشِ حالات کان گهٻراءِ نه اي دل،

دنيا ۾ محبت جي ڪڏهن مات نه ٿي آھ..

دل درد اکن ٿي ٺوٺ ۽ آگم ۽ اکين منجھ،

مدت کان بيابان ۾ برسات نه ٿي آھ.

منزل آ پري، راھ به پُرخار مگر ڪاھ،

ڪجھ روشني آهي جو اڃا رات نه ٿي آھ.

سورن جو ڪوئي انت نه پورن جو ڪوئي ڇيهه،

اهڙي ته ڪڏهن گردشِ حالات نه ٿي آھ.

جي رات کٽي آ ته سويرو نه ٿيو آهه،

جنهن جا مون لڌا خواب سا پرڀات نه ٿي آھ.

سائين جي سنوارين ڏي ڀلا خير ته آهي،

عرصي کان رقيبن سان ملاقات نه ٿي آھ.

مخدوم محمد امين ”فهيم“

ڪافي

سدا يار پيارا، توکي ساهه ٿو ساري،

ساهه ٿو ساري، ڀلا ڪيئن وساري.

رات گذاريان تنهنجون راهون نهاري،

ايندين ڪڏهن تون منهجي اوتاري،

منهنجي اوتاري، وڃ ڪي گهڙيون گهاري.

 

اچ تون اڱڻ منهنجي واڳڙيون واري،

تنهنجي سِڪان ٿو، ناز نياري،

ناز نياري، تنهنجي پس پناري.

 

مست نظر جا پُرڪش جام پياري،

دلڙي ڌڪي وئين اک جي اشاري،

اک جي اشاري، هَر هَر آبرو اُلاري.

 

تارِ مان تاري آئين جاني جياري،

هاڻ ڇڏين ڇو ٿو لائي ڪناري،

لائي ڪناري، وڃ نه غفلت ۾ ماري.

چِت چريو ڪيو تنهنجي نوري نظاري،

تو لئه ”فهيم“ ٿو پل پڪاري،

پل پل پڪاري، هردم هنجهڙيون هاري.

عنايت بلوچ

ڌوڪو آهي سهارن وانگر،

هُو به لڳو دل وارن وانگر.

سالَ ويا ته به ياد سڄڻ جي، دل ۾ چمڪي تارن وانگر.

آس جي تُرهي آنءُ تران ٿو، هُو آ دؤر ڪنارن وانگر.

هُن جي وفا تي ناز هو ليڪن، هُو ڀي نڪتو يارن وانگر.

مون ڀي گهُوريو، هُن ڀي گُهوريو، ماٺِ هئي اقرارن وانگر.

نيٺ رُٺل اڄ دل جو دلبر، پر تو پر تڪرارن وانگر.

گُهور جا گهاوَ وري ٿيا گهرا، هُن جي پهرين پيارن وانگر.

جنهن کي لکن ۾ هڪڙو ڄاتم، نڪتو هُو به هزارن وانگر.

توڙي چاليهن جي لڳ ڀڳ، پوءِ به آهيان ٻارن وانگر.

(1981ع)

تاج بلوچ

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو،

سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو.

ڪمرو سڏڪن سان ٻُري پيو هوندو،

ڪو رٺو هوندو ڪو پرتو هوندو.

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو،

ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو.

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو،

منهنجي ئي درد جو قصو هوندو.

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا،

موھ تنهنجي جو ڪرشمو هوندو.

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو!

پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو.

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ،

بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو.

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا،

دل جي ليکي تو ڪو اچڻو هوندو.

جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،

”تاج“ ماڻهو به عجب ڪو هوندو.

”محبوب“ سروري

غزل

حدودِ ميڪده ۾ ميڪشن جو مان ڪونهي ڪو،

بنا عزّت جي مينوشي اسان جو شان ڪونهي ڪو.

 

پياسن کي پياري پيو سَهائڻ ڇو سکئين ساقي!

ڪري احسان جو ويچارجي، احسان ڪونهي ڪو.

 

اڳي ارمان هو، دل جا ڪڏهن ارمان ٿين پورا،

هينئر ارمان آهي، بس ته ڪو ارمان ڪونهي ڪو.

 

اهو قرآن آهي جو زماني کي ٿو بدلائي،

زمانو جنهن کي بدلائي، اهو قرآن ڪونهي ڪو.

 

وڃي راھِ محبت ۾ انهيءَ منزل تي پهتس مان،

جتان واپس ورڻ جو هاڻ، ڪو امڪان ڪونهي ڪو.

 

اجازت کان سوا ان جي وڃي قدمن تي ڪرنداسين،

خوشا قسمت، درِ دلبر تي اڄ دربان ڪونهي ڪو.

 

ڪيا جن قلب روشن سي ولايت کي وڃي پهتا،

تعصب جي اڃا انڌن لڌو ملتان ڪونهي ڪو.

 

حضورِ حُسن ۾ مهرو وفا جي ڪاڻ آيس پر،

عطا ٿيو درد اهڙو جنهن جو ڪو درمان ڪونهي ڪو.

 

نه آئين عيد تي سهڻا، اکيون روزائتيون آهن،

اسان جي لاءِ ڄڻ گذريو اڃا رمضان ڪونهي ڪو.

 

محبت، پيار ۾ وعدو ڪرڻ سؤلو لڳي ٿو پر،

ڪيل وعدو سڄڻ پورو ڪرڻ آسان ڪونهي ڪو.

 

ڪرم ”محبوب“ تي ڏس مفلسي ۽ تنگدستي جا،

اڃا درويش جو شايع ٿيو ديوان ڪونهي ڪو.

انور هالائي

غزل

ڏجو ساٿ نامِ خدا ترسجو،

اڪيلو نه ڇڏجو ذرا ترسجو.

هي گوڏا جهڪايل نه ٺڪرائجو، جهلي مون اوهان جي قبا ترسجو.

اوهان کي سهارو بنايو اٿم، ڏکويل جا مشڪل ڪشا ترسجو.

نه رهجي وڃي توکي حسرت ڀلي، ٿين تير و خنجر ڪٺا ترسجو.

نه اچجو کلي منهن سرِ عام اڄ، متان ٿي پوي ڪربلا ترسجو.

اوهان جون عطائون ڏسي ٿو چوان، اڃان ڪجھ ڪرڻ ڏيو خطا ترسجو.

نه غيرن جي ڪوڙن تي ڀلجي وڃو، ذرا آزمايو، وفا ترسجو.

ڏجو هن کي ”انور“ جا ساري سلام،

ٻڌو دل سان بادِ صبا، ترسجو.

سدارنگاڻي ”خادم“

ڇڏي سانگي ويا سُڃ ۾ سويرا،

پڇايان ٿي پرين جا پار پيرا.

مون کي هت هجر کان هو روڄ راڙو،

هتي پانڌي وڃي پهتا اويرا.

اچون قربئون نماڻيءَ جي به نجهري،

اوهان جا شل وسن دلدار ديرا.

ڏسي ڏيو، ويڄ! اڄ آٿت اگهيءَ کي،

گهنگهر ۾ ڏينهن گهاريا ٿم گهڻيرا.

ڪنديس هوتن جي لئه هاڙهي ۾ هڪلون،

پڇائيندس وڃي پٻ پاس پيرا،

اڻانگي عشق جي آ راھ خادم!

ٿڪائي جنهن ڪي اهٿ پير کيرا.

احسن الهاشمي

غزل

دردمندن جا دل ۽ سينا ڪئين،

تنهنجي بيداد جا دفينا ڪئين.

ڪيئي گرداب مان بچي نڪتا، غرق ساحل ڪيا سفينا ڪئين.

تنهنجي نازڪ هٿن ورهائي ڇڏيا، منهنجي ڳوڙهن جا جام مينا ڪئين.

تنهنجي فرقت جي طولعمري ڏس، منٽ ڀانيم ته ها مهينا ڪئين.

تنهنجي مرڪڻ ئي مون کي سيکاريا، غم جي برداشت جا قرينا ڪئين.

آرزوئن کي ڪيئن نه گهوري ڇڏيم، تنهنجي قدمن مٿان خزينا ڪئين.

ٿيندو احسن جي ضبطِ غم جو ڪمال، ٿيا شڪسته جي آبگينا ڪئين.

مظفر حسين جوش

گيت

منهنجي دنيا ۾ بيڪسي ڇانئي،

هاءِ قسمت ڪٿي وٺي آئي.

راھ گم، دور آهيان منزل کان، ڪا خبر ناهي ڪنهن کان راهه پڇان،

ڪابه اميد ڪانه ڏسجي ٿي، هر طرف منهنجي ٿي نراسائي.

هر گهڙي تنهنجي آرزو آهي، دل کي ٻي ڪابه جستجو ناهي.

هي نظارا به توکي ڳولن ٿا، ويو بهارن کي تنهنجو غم کائي.

تنهنجي مخمور اکڙين جو قسم، توکي ڳوليان ٿو مان قدم بقدم.

هر نفس تنهنجو منتظر آهي، ڪنهن به هي منهنجي دل نه پرڀائي.

عبدالقيوم صائب

غزل

حق جو ٿا هڻو نعرو، باطل جا پرستارو،

ظاهر ۾ هجو ڪجھ ڀي، اندر ته اٿو ڪارو.

 

هن دورِ منافق ۾، هر طور منافق جي،

بازار چڙهيل آهي ۽ آھ وريل وارو

 

نالي ۾ ضرورت جي، وحشت کي ڏئي دعوت،

آزاديِ انسان تي ڪن آهه ڪيو مارو.

 

هٿ ٺوڪي عدالت چي، تائيد وٺي اَمر،

انصاف خريدي هُن، بيهوده کنيو کارو.

 

خود مهر هڻي پنهنجي، پنهنجي ئي موقف تي،

ڪنهن ’عام آزادي‘ جو، پيدا هو ڪيو چارو.

 

هن ڪارمهان ئي تي، جيڪو به ٿيو سرهو،

تنهنجو نه رڳو اندر پر منهن به هيو ڪارو.

 

منصور سچائيءَ سان، جيڪي به چيو آهي،

زاهد جو انهيءَ تي ئي چڙهندو ٿو رهي پارو.

 

ڏاڍي جي اشاري تي، جو رقص ڪري آيو،

سودي ۾ اٿو سستو، اهڙو ته نچڻ وارو.

 

مورک ته عقيدي جي دلبي ۾ اچي ويو هو،

اي ذهن رسا! توکان، هوشيار هو وڻجارو.

 

دريا ۾ اکا وجهندي، صائب کان ويو وسري،

هندو ته هيو هندو، مسلم به هو ويچارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com