سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1987ع

مضمون

صفحو :19

سنڌي موسيقي (ڊاڪٽر محمد علي قاضي مرحوم)، ابن بطوطه جو سنڌ جو احوال (پروفيسر ايم. ايس. امام الدين)، سنڌ ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا (ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل)، سنڌي ۾ هاري مزاحمت (لعل بخش جسڪاڻي)، عمرڪوٽ: سنڌ جو تاريخي شهر (ڊاڪٽر مبارڪ علي)، شڪارپور: ارڙهين صديءَ جو واپاري مرڪز (ڊاڪٽر صاحب خان چنه)، سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو ڏينهن (زاهدن ميمڻ)، هلچل مسجد منزلگاهه (اي. ڊي. سومرو)، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي (فليمن مٽڪي)، سنڌ جي انتظامي سرحدن جي اوسر (ڊاڪٽر قاضي ايس: احمد ۽ پروفيسر ظفر حسن) ۽ سنڌ ۾ صحافت (شيخ عزيز).

هي سڀ مقالا ۽ مضمون وڏي جاکوڙ بعد تيار ٿيل آهن ۽ علمي دنيا ۾ پنهنجي اهميت مڃائي چڪا آهن. اميد ڪجي ٿي ته هي ڪتاب ”سنڌ شناسي“ ۾ وڏي اهميت اختيار ڪندو. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب جي پيپر ۾ ضميمي طور جيڪي بنيادي ڪاغذ شامل ڪيا ويا هئا، انهن کي بنده راقم ”ٿر جي تاريخ جا چند اهم دستاويز“ عنوان سان ترجمو ڪري هن ئي شماري ۾ شايع ڪيو آهي. بهرحال ميگزين ”گراس روٽس“ تان انتخاب جو هي عمل جاري رهڻ کپي ۽ ان ريت اميد آهي ته مستقل قريب ۾ پڻ سنڌ توڙي پاڪستان متعلق ڪتاب علمي دنيا کي ملندا رهندا. هي ڪتاب سفيد اُچي پني ۽ ٽن رنگن واري سنڌ جي روايتي ڪاشيءَ سان سينگاريل ڪور تي، سهڻي ۽ دلچسپ گيٽ اپ سان شايع ڪيو ويو آهي. پبلشر توڙي مرتب محترم ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب، هن سٺي ۽ سهڻي پيشڪش تي مبارڪباد جو مستحق آهي.

- غلام محمد لاکو

GRASSROOTS (1986)

ايڊيٽر: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل؛ رايل سائيز، صفحا 89؛ قيمت 60 رپيا؛ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ.

پاڪستان ۽ ان جي صوبن جي تاريخ، ساهت توڙي ڪلچر بابت تحقيق ۽ مطالعي کي فروغ ڏيڻ لاءِ، قومي اسيمبليءَ پاران پاس ڪيل ايڪٽ موجب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سال 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو. سينٽر جي پهرئين ڊئريڪٽر ڊاڪٽر حميده کهڙي جي ايڊيٽريءَ ۾ سال 1977ع ۾ هڪ تحقيقي ميگزين ”گراس روٽس“ جاري ڪيو ويو. بنيادي طور هي ميگزين ڇهه ماهي آهي. هن ميگزين سال 1979ع ۾ سنڌ جي ماقبل تاريخ بابت پروفيسر عبدالرؤف خان جي تعاون سان هڪ خاص ايڊيشن پڻ نروار ڪيو، جنهن کي علمي دنيا ۾ وڏي وقعت حاصل ٿي. تبصري هيٺ آيل ”گراس روٽس“ سال 1986ع جو گڏيل پرچو آهي. حسب دستور هن ڀيري به چونڊ علمي مقالا هن پرچي جو سينگار بنيا آهن، جنهن لاءِ ايڊيٽر صاحب واقعي جس لهڻي. هن ڀيري جي مضمون شامل ڪيا ويا آهن، ان ذريعي سنڌ توڙي پاڪستان جي قديم کان جديد تاريخ ۽ سياست جي مختلف رخن جو سٺو مطالعو ٿئي ٿو.

گراس روٽس هن پرچي ۾ پهريون پيپر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جو آهي، جنهن ۾ هن صاحب ”پاڪستان آئيڊيالاجي“ تي بحث ڪيو آهي. ان بعد پروفيسر ظفر حسن جو ”اروڙ: گم ٿيل شهر ۽ برصغير ۾ پهريون اسلامي تخت گاهه“ عنوان سان مقالو ملي ٿو. هن پيپر جو مدار زياده تر مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي مقالي تي آهي. ٽيون مضمون ڊاڪٽر محمد حسن شيخ جو آهي، جنهن ۾ مقامي ڪونسلن ۾ مالي انتظام تي بحث ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ پورچوگيزن جي تعلق تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، ان کوٽ کي پورو ڪندي ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب جو پيپر ”پورچوگيز ان سنڌ“ هن پرچي جو سينگار بنيو آهي. ڪنهن ڪانفرنس ۾ پڙهيل مضمون ”پاڪستان ۾ قومي ايڪو: وقت جي اهم ضرورت“ ان بعد گراس روٽس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هي مضمون محترم ايم. بي. ڪي. لاشاري صاحب جو آهي. ان بعد روايتي مفروضن تي مشتمل مقالو ”ڪلهوڙن جو زوال: اسباب“ اچي ٿو، جيڪو مسلم هسٽري شعبي جي ميڊم عزيزه چنه جو تحرير ڪيل آهي. ايندڙ پيپر لعل بخش جسڪاڻيءَ جو ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جو درو ۽ ان جو سنڌ جي سماج تي اثر“ عنوان تحت آهي. ان بعد سيد مهتاب علي شاهه جو تفصيلي پيپر اچي ٿو، جنهن جو عنوان ”ريگن انتظاميه جو پاڪستان جي سياست تي اثر“ آهي. هي پيپر موضوع سان دلچسپي رکندڙن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. آخر ۾ ”شاهه عبداللطيف ۽ تصوف“ مقالو آهي، جيڪو آغا حسين حمداني تحرير ڪيو آهي. گراس روٽس جو هي پرچو اميد ته ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر وڏي وقعت حاصل ڪندو.

- غلام محمد لاکو

لائبرري سائنس جي تعليم (ڀاڱو ٻيو)

مصنف: شاهه محمد بلوچ، ڇپائيندڙ: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سائيز: ڊيمي، صفحا: 292، ملھ: پنجٽيهه رپيا، ٽائٽل ڪور: باڪس بورڊ، هڪ ڪلر، سال 1987ع.

هن ڪتاب جو مصنف مسٽر شاهه محمد بلوچ، لائبريرين گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي طرفان قائم ڪيل لائبرري سائنس جي شعبي جي اولين شاگردن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي مهارت حاصل ڪيل موضوع تي هي ضخيم ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ لکيو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ لائبرري سائنس جي عام ۽ بنيادي حقيقتن جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ڀاڱو خاص فني نوعيت جو لکيو اٿس.

سڄو ڪتاب ڇهن مکيه بابن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي ئي ڇهه باب آهن جيڪي لائبرري سائنس ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ڪتاب جي ترتيب ڪورس مطابق آهي، جيڪو ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهيو وڃي ٿو. پهرئين ۽ ٻئي باب ۾ ڪتبخاني جي رٿابندي ۽ تنظيم نهايت وضاحت سان سمجھائي وئي آهي. ٽيون ۽ چوٿون باب نهايت اهم ۽ مڪمل فني نوعيت جا آهن ۽ سموري ڪورس ۾ اهميت وارا آهن. تنهن کان سواءِ ڪجھ اوڻاوا به آهن. هنن ٻنهي بابن تي اڃا ڪجھ وڌيڪ روشني وڌي وڃي ها ته جيڪر لائبرري سائنس ۾ ايم. ايل. ايس. جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هي هڪڙو ئي ڪتاب ڪافي سمجھيو وڃي ها.

هن ڪتاب لکڻ ۾ مصنف  کي ڪيتري ڏکيائي محسوس ٿي هوندي ۽ ڪيتري محنت ۽ مشقت ڪرڻي پئي هوندي ، تنهن جو اندازو ڪتاب ۾ پيش ڪيل ببليو گرافي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڏٺو ويندو ته هڪڙي بلڪل نئين موضوع تي ۽ سو به فني ۽ سائنسي موضوع، جنهن تي اڳ م ڪو به سنڌي ڪتاب نه لکيو ويو هجي، تنهن تي قلم کڻڻ وڏي همت ۽ مڙسيءَ جو ڪم آهي. انهيءَ لاءِ بيشڪ مصنف کيرون لهڻيون.

ٻوليءَ جي لحاظ کان مصنف، ڪتاب کي اهڙي پيرائي ۾ پيش ڪيو آهي جهڙوڪر هن رڳو سنڌي ڪتاب پڙهي، هيءَ اوکي ۽ اڻائي تحقيق ڪئي آهي. مصنف کي جيڪڏهن ڪو سنڌيءَ ۾ مواد ڏسڻ لاءِ ميسر ٿي سگهيو آهي، ته اهو چئن رسالن ۾ مختلف ليکڪن جي عام نوعيت جي مضمونن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي. باقي انگريزي ڪتاب، اينسائڪلوپيڊيائون ۽ چند اردو ڪتاب حوالا ڪڍڻ لاءِ مصنف کي ملي سگهي آهن ۽ ان جي باوجود ڪتاب کي اهڙي جامعيت سان لکيو اٿس جو محسوس ئي ڪونه ٿو ٿئي ته مصنف ڌاري ٻوليءَ مان مواد هٿ ڪري ان کي هڪ ئي رنگ ڍنگ واري زبان ۾ ادا ڪيو آهي. نهايت سادي، پروقار ۽ رائج زبان ۾ سائنس جي ڏکين لفظن ۽ جملن کي موڙيو اٿس.

سنڌ يونيورسٽيءَ لائبرري سائنس جو شعبو سن 1965ع کان جاري ڪيو آهي ۽ اڄ تائين ڪئين شاگرد هن موضوع ۾ اعليٰ تعليمي ڊگريون حاصل ڪري فارغ ٿي چڪا آهن، پر انهن مان ڪنهن به ايتري همت ۽ جرئت نه ساري، جو پنهنجن ايندڙ دوستن لاءِ، سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکي راهه هموار ڪري سگهن. هن موضوع تي دوستن پنهنجي قلم کي جنبش ڇو نه ڏني، تنهن جو سبب اهيو نه ٿو ٿي سگهي ته انهن کي وقت نه ملي سگهندو هوندو يا مالي حالت اجازت نه ڏيندي هوندي، بلڪه صحيح حقيقت اها آهي ته هڪڙي بلڪل نئين ۽ فني نوعيت جي موضوع تي پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ تمام ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. انهيءَ لحاظ کان به مصنف شاهه محمد بلوچ کي صد آفرين هجي، جنهن سنڌي ۾ هڪ عدد سائنسي ڪتاب لکي ٻوليءَ جو حق ادا ڪيو آهي. مصنف جي عرق ريزيءَ کي ڏسي وري ڪتاب جي قيمت کي ٿو ڏسجي ته قيمت گهٽ آهي، پر ڇاڪاڻ ته مسٽر شاهه محمد بلوچ هي ڪتاب شاگردن لاءِ لکيو آهي، تنهن ڪري ان جي قيمت کي گهٽائڻ خاطر هن پنو سادو استعمال ۾ آندو آهي. ڪتاب لائبرري سائنس جي شاگردن، استادن ۽ ڪتب خانن سان واسطو رکندڙ عملي ۽ خود محققن لاءِ فائديمن آهي. هونءَ ته لائبرري سائنس جي سکيا واقعي هڪ خشڪ مضمون ۽ ٿڪائيندڙ موضوع آهي، پر ان هوندي به مسٽر شاهه محمد بلوچ جو ادبي رنگ ڍنگ ۾ هيڏو انمول خزانو سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ سندس دروانديشي، موضوع سان محبت ۽ جفاڪشيءَ جو چٽو ثبوت آهي.

- دوست محمد ڀٽي

سُخن ساميئڙن جا،

ٿا هينئڙي منجھ هُرن

برک اديب ۽ دانشور رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾

ننڊ- نگر جو راهي

اسان جو ادبي هم سفر، اسان جو دوست ۽ پيارو ساٿي ڀاءُ رشيد ڀٽي، نيٺ وڃي انهن راهن جو راهي ٿيو، جن تي هلڻ کان هر ڀيري پنهنجا قدم روڪي روڪي ٿي ڇڏيا... محض ان آسري، ان اميد ته کيس ولايت جي واٽ وٺڻي هئي. علاج ڪرائي، نؤبنو ٿي نون امنگن ۽ آرزوئن سان وطن واپس ورڻو هو، پر جيئن پوءِ تيئن علاج ۾ دير پوڻ ڪري، هن ولايت وڃڻ کان اڳ اهڙي ولايت وڃي وسائي، جتان ڪوبه نه موٽيو آهي.

پرڏيهه ۾ علاج لاءِ موڪلڻ جا سکڻا آسرا ۽ دلاسا نيٺ به کيس ڪيترو زنده رکي سگهن ها. زندگيءَ کي پنهنجي وجود سان زنده رکڻ واري رشيد ڀٽي هر ڳالهه کان لاتعلق ٿي اڇان ابدي ننڊ نٿا ماڻڻ چاهي، هن جيئڻ ٿي چاهيو... اهو ڄاڻندي به ته سندس قوم کيس اڻ ڄاتل سفر ڏي وٺي وڃڻ لاءِ آتا آهن. انهن راهن تي هلڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هن وڏا وس ڪيا... شينهن جهڙي دل رکندڙ هن ڪمزور ۽ بيمار انسان، موت جي اکين ۾ اکيون وجھي آخري دم تائين ان سان مقابلو ڪيو ۽ همت نه هاري... ابدي ننڊ سمهڻ کان ٻه ڏينهن اڳ نازڪ حالت ۾ به هن پنهنجي دل گهرئي دوست فتاح ملڪ کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، کيس پنهنجي ڪمزور ٻانهن جا ڏورا ڏيکاريندي چيو: ”ڏس، مون ۾ اڃان ڪيتري طاقت آهي... تون فڪرمند نه ٿي...“ ائين چوندي هو غشيءَ ۾ پئجي ويو. فتاح هڪ وار وري پنهنجي تسلي ڪرڻ چاهي، ”ڀال ٽهڪ ته ڏيئي ڏيکار ادا...“

دوست جي دلداريءَ لاءِ هنڊريڊوالٽ واري بلب جهڙي روشن ٽهڪ جو تجلو ٿيو... ٻئي ئي پَل ڄڻ بلب فيوز ٿي ويو... هن جو ڪنڌ ڍُرڪي ڊرڪي ٿي پيو، جنهن کي هن پنهنجي مڙني طاقتن سان سنڀاليندي، موت سان مقابلو ٿي ڪيو. تشويشناڪ صورتحال ڏسي فتاح اتان چُرڻ نه ٿي چاهيو، پر چيائين، ”تون هاڻي گهر هل... مان بلڪل ٺيڪ آهيان...“

ان ئي ڏينهن هن جي دوستن، تنوير عباسي ۽ حميد سنڌي وس وارن ڏي تارون موڪليون رشيد ڀٽي جي نازڪ حالت کي آگاهه ڪيو، پر وريو ڪي ڪين. ساڳي ڪن لاٽا... ڄڻ ٻٻرن کا ٻير ٿي گهريائون.. کين ڪهڙي خبر ته هو اهو اخري ايلاز ڪري رهيا هئا، پنهنجي پياري دوست جي زندگي بچائڻ لاءِ...

ٻئي ڏينهن، اسان کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال آندو ويو. ساڳي غشي... بيهوشي... پر اندر ئي اندر مقابلا هئس موت سان. پل کن لاءِ شاڪن وسيلي هوش پئي آيس ته گهروارن کي دلاسو ٿي ڏنائين: ”ڪجھ نه ٿيندو، ماکي ڪجھ به نه ٿيندو... مان ٺيڪ ٿي ويندس.“

وري غشي... موت سان ونجھ وٽي... مَلهه... ٻک... اَنگڙو.. ٻارن جي آه وزاريءَ تي هڪ وار وري کين دلداري... ”مان ٺيڪ آهيان... ڏسو، توهان کي سڃاڻي سگهان پيو...“ هو هڪ هڪ جو نالو کڻي ٿو... ٻئي لمحي ڪنڌ لڙي ٿو وڃيس...

زندگيءَ سان ڀرپور پيار ڪندڙ رشيد ڀٽي، ناميارو ليکڪ، عظيم انقلابي دانشور، برک وڪيل، صحافي ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ اعليٰ انسان، اسپتال جي روشن ڪمري ۾ ڪڏهن نه جاڳڻ واري ننڊ سمهي چڪو هو. هن جي اوچتي، بي وقتائتي ۽ دک دائڪ وڇوڙي کي ذهن ۽ دل قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. موت برابر قدرتي عمل آهي، پر موجوده حالتن ۾ شايد ڪنهن خوش نصيب کي قدرتي موت ايندو هجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪي مشينري هر معاملي ۾ ايڏي ته خود ڪفيل ٿي پئي آهي جو قدرت کي تڪليف ڏيڻ بدران اهو ٺيڪو به پنهنجي سر کڻي ڇڏيو آهي، جنهن تي آئي ڏينهن حادثاتي، قتل وغارت ۽ ذهني اذيتن وارن موتن جي ذريعي عمل ٿيندو ٿو رهي. رشيد ڀٽيءَ جي زندگيءَ جو انت به قدرتي موت بجاءِ ذهني اذيتن واري موت ذريعي ٿيو.

اڄ جي غير محفوظ، ’ڪاتي مار ڪاتي جيار‘ جهڙين حالتن ۾ گهڻ جون جيئڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي، پر ڀٽيءَ جهڙي بهادر ۽ باهمت انسان ڪڏهن به ناسازگار حالتن کان دل شڪستو ٿي هانءُ نه هاريو. هن ۾ جيئڻ جون ڀرپور امنگون هيون ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ به ادب جي خدمت ڪرڻ کان وسان نه گهٽايو. هو انهن اديبن مان هڪ هو، جيڪي پنهنجون حياتيون ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. کيس زندهه رهڻ ڏنو وڃي ها ته اڃان به پنهنجي بي مثال تحريرن سان سنڌي ادب کي سينگاريندو رهي ها... پر ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به دلين تي پٿر رکي ورهاڱا قبول ڪرڻا پوندا آهن. رشيد ڀٽيءَ جو موت به هڪ ورهاڱو آهي، پر هن جو روح سندس لازوال قلمي پورهئي وسيلي سدائين اسان جي وچ ۾ رهندو ۽ تاريخ جي هر دؤر ۾ هر نسل سان گڏ هوندو.

رشيد ڀٽي اصول پرست ۽ حقيقت پسند انسان هو، جنهن ڪڏهن ڀلجي به مصلحتن سان سمجھوتو نه ڪيو. ڳالهه ڪندو ته صاف ۽ کري، جنهن ۾ نه منافقاڻو رويو هوندو، نه ئي ڪنهن جي اجائي طرفداري. حقيقت پسنديءَ جو ثبوت ڏيندي جيڪڏهن ڪا سخت يا کري ڳالهه به ڪئي هوندائين ته اها ناگوار لڳڻ بجاءِ ٿڌي دل سان ڪجھ نه ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي. اهو ان ڪري، جو کيس هڪ خير خواهه جيان ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ هو.

رشيد ڀٽي بلند ڪردار وارو مهذب ۽ شريف النفس انسان هو. تکو مٺو جاندار، طنز ۽ ذهانت ڀريو مذاح هن جي فطرت ۾ شامل هئا. توڙي جو وڏو عالم، مفڪر ۽ انقلابي دانشور هو، پر هن ڪڏهن به دانشوراڻي خول ۾ بند ٿي پاڻ کي مٿانهون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. عام طرح سان ماڻهو بيمارين ۽ ٻين ذهني اذيتين سببان زندگي کان مايوس ٿي وڃڻ واريون ڳالهيون ڪندا آهن، پر هن شديد بيماريءَ دوران به اهڙآ ڪي تاثرات نه ڏنا ۽ ان حالت ۾ هو اڪثر اهرآ گفتا ڪڍي ويهندو هو، جو نه رڳو اوڏيءَ مهل ماڻهو کل ۾ کيرو ٿي پوندو، پر جي اڪيلائي ۾ به ڀٽيءَ جي ڳالهه ياد پوندس ته امالڪ کلي ڏيندو.

رشيد ڀٽي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل هر شعبي جي نه رڳو گهڻو ويجهو رهيو آهي، پر ان ۾ گهري دلچسپي به ورتي آهي، ان ڪري زندگيءَ جو مڙئي حقيقتون هن اڳيان ڄڻ بي نقاب هيون... هو سنڌ واسين جي موجوده حالتن تي ڪافي فڪرمند رهندو هو. تازي ٿيل ملاقات دوران هن اها ڳالهه ڏاڍي ڏک سان ڪئي هئي ته سنڌي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهن، ليڊرن جي بيان بازين مان به ڪو خاص نتيجو ناهي نڪتو، جنهن جو مکي ڪارڻ هن اهو ڄاڻايو ته اسان ۾ صلاحيتون ته گهڻي ئي آهن، پر ٻڌي ۽ ايڪو ناهي. اسان ڪا ڏهن ميمبرن واري هڪ پارٽي ٺاهينداسين ته ٻڌي نه هئڻ سبب ان ۾ تڙي کڙي ڏهه پارٽيون ٺهي پونديون. پر ڪا ٻي قوم ترقي ڪري ٿي ته ان جو سبب رڳو اهو ته پنج ڄڻا به هوندا ته انهن جي هڪ ئي مضبوط پارٽي هوندي.

انسان ذهن کي جڏهن ڄاڻي ٻُجهي مسلسل انتشار جو شڪار ٿو بنايو وڃي ته دل ۽ دماغ سان گڏ هو نه رڳو پاڻ اندر ئي اندر ۾ ڀَڄندو ڀُرندو ٿو رهي، پر هن سان وابسته زندگيون به ساڳيو عذاب ٿيون ڀوڳين. اهوئي سبب آهي جو ڀاءُ رشيد جي اهليه ڀاڀي سڪينه پنهنجي ڀتار جي جُهرندڙ حالت ڏسي پاڻ به هڪ گهڙي هل پل جهرندي رهي آهي، نتيجي ۾ کيس به ڪيترين ئي بيمارين اچي ورايو آهي. ان جو جوابدار ۽ ڏوهاري ڪنهن کي چئجي؟

جيستائين اديبن ۾ رت پِت هوندو آهي ته کين ’ملڪي سرمائي‘ جا لقب لائي، سرڪاري سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ تقريرن دوران، سندن فرض فريضا ياد ڏياريندي، حياتيون، ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ وقف ڪرڻ جا درس ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته اهو اديب ئي ڪهڙو چئبو، جنهن ۾ پنهنجي ذميدارين کي سمجھڻ جو شعور نه هجي. نيٺ به ڪو اديب قلم کي جهنجڻي طور ته هٿ ۾ ناهي کڻندو! اديبن تي درس ۽ نصيحتن جا ڌوڙيا وسائڻ کان پوءِ به انهن تي جڏهن ڪا ڏکي مهل ٿي اچي يا بيماريءَ جا پيڙا وڪوڙي ٿي وڃي ته ڌيان ڇڪائڻ جي باوجود  به واسطيدار وزارت وارا ڪَنُ ئي نه ڏيندا آهن. ان رويي سان هڪ حساس اديب يا فنڪار جي عزت نفس کي جيترو اسان وٽ مجروح ڪيو ٿو وڃي، شايد ئي ڪٿي اهڙو مثال ملي. انهن کي الاجي اهو ڇو وسري ويندو آهي ته معاشري جي ڪنهن به خوددار ليکڪ يا فنڪار کي رڳو شاباسين، انعامن ۽ تغمن ذريعي نٿو جياري سگهجي. اهي اديب جيڪي پنهنجي سڄي زندگي قوم ۽ معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ وقف ٿا ڪيو ڇڏين، انهن جي علاج لاءِ ليلائي ليلائي جڏهن وس وارن جو ڌيان ڇڪائبو آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ کانئن پنهنجو حق نه پر خيرات پئي گهرجي. سمجھ ۾ نٿو اچي ته اديب ۽ فنڪار، جيڪي معاشري جا حساس ترين فرد آهن. تن سان اهڙو نظراندازيءَ وارو رويو ڇو ٿو اختيار ڪيو وڃي، ان ڳالهه جو چٽو مثال رشيد ڀٽي آهي، ڇا کيس پرڏيهه موڪلڻ سان ملڪي خزانا خالي ٿي وڃن ها؟ کيس وڃائڻ تي اڄ سڄي سنڌ ماتم ڪري روئي رهي آهي. ڪيئن ٿيندو ان جو داد فرياد؟  اهو سڀ ڏسندي دل چوندي آهي ته ڇو لکجي، ڇا لاءِ وقف ڪجي پنهنجي حياتي ان بي حس ۽ غير محفوظ معاشري لاءِ، جنهن ۾ اديب يا فنڪار کي ڪو تحفظ ئي ناهي.

رشيد ڀٽيءَ جي بي وقتائتي موت سان سنڌي ادب، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي رهواسين جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، تنهن جو خال حڪومت اسان کي ڪيئن ڀري ڏيندي؟

- ماهتاب محبوب

 

رشيد موٽي آءُ

چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي ڪا سڃاڻ نه هوندي آهي؛ ماڻهو، ماڻهن جهڙو هوندو آهي.

رشيد منهنجو دوتست، منهنجو ڀاءُ، منهنجو سڄڻ، منهنجو پرين، ماڻهن جهڙو ماڻهو نه هو، شايد ڪا ان کان مٿانهين مخلوق هو جو سندس خاص سڃاڻپ ضرور هئي. اها سڃاڻپ، هن منافقي ۽ بي بقا دور ۾ ضرور ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس بي انتها خلوص ۽ پيار سچائي ۽ ايمانداري بيشڪ ان لڀ هئي. ان جو وجود جي آفاقي نه هو ته زميني به نه هو، ڇاڪاڻ ته هن جي وجود ۾ اهو هڳاءُ ۽ خوشبو هئي جا هن دنيا ۾ مون ته اڃا نه ڏٺي آهي.

ڳري بت ۽ هلڪن ٽهڪڙن وارو رشيد، هن دنيا ۾ نه هوندي به منهنجي لاءِ ضرور موجود آهي، ڇاڪاڻ ته مون سندس وجود ڪڏهن به الڳ محسوس نه ڪيو هو.

رشيد سان منهنجي ملاقات جڏهن پهريون دفعو ٿي ته الائجي ڇو مون کي ائين لڳو ته هن سان ڪا ابدي ۽ ازلي ملاقات ٿيل آهي، ڇو جو هو مون کي اوپرو نه لڳو. مون هن کي پنهنجي استاد جي روپ ۾ ڏٺو، پنهنجي رهبر جي شڪل ۾، ۽ پنهنجي مٺي دوست ۽ ڀاءُ جي صورت ۾ هينئين سان لڳائي رکيو. مان رشيد کي شايد ڪڏهن به وساري نه سگهان جو سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌيت سان سڃاڻپ منهنجي رشيد ڪرائي. هن مون کي ٿورين ئي ملاقاتن ۾ اهڙي عشق سان پيچ پلئه پارايو جو اڄ به اسين انهيءَ عشق ۾ مست و مست مدام ٿيو گهمندا وتون.

رشيد انهيءَ مستي جي عالم مان پاڻ ڇڏائي ويو پر مون کي هڪ نئين جهوري به ڏئي ويو، جا جهوري فراق جي جهوري هوندا آهي.

رشيد جو مطالع تمام گهڻو ۽ گهرو هو، ان ڪري هو هر گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ، ان جي ثقات ۽ بيوسي بيان ڪري سگهندو هو. منجھس اها به خوبي هئي جو هو سنڌ جي هر روايت جو پارکو هو. پوءِ اهو ثقافتي دور هجي يا قديمي اروڙ ۽ موهن جي دڙي جو دور، سندس وارثي هر طرح قائم هئي. سندس جسم هر راڳ کان آشنا هو، صرف تند تي هٿ رکڻ جي دير هوندي هئي ۽ رشيد سڄو وڄندو هو.

سندس واڄٽ اسان جي ڪنن ۾ ته ٻرن ٿا، ڪتابن جا ورق ڪارا ته ٿيل آهن، پر ڪي ڪن اهڙا به آهن جو انهن واڄٽن جي ورتاءُ کان اڃان به وانجهيل آهن.

سندس قلم جا طاقت دوستن کي سندس عاشق بڻايو ۽ دشمن کي دوست بڻايو ۽ مخالفن جي زبان تي تالا هڻي ڇڏيا.

رشيد جو رويو، هڪ صابرين ولي ۽ بزرگ جيان هر ماڻهوءَ کي سندس عقيدتممند بنائيندو رهيو.

سندس موت تي سکر ته رنو پر سنڌ سڄي روئي پئي هئي، ڇو جو مون جڏهن سکر ۾ سندس تدفين جي موقعي تي جيڪو نظارو ڏٺو هو، اهو ئي نظارو مون کي سندس تعزيتي گڏجاڻين ۾ نظر آيو.

اديبن، ادب نواز دوستن، ساٿين ۽ ساٿياڻين گڏجي ڳوڙها ڳاڙيا، پر رشيد ڪو نه موٽيو.

رشيد بيشڪ مون ۾ آهي، پر مان جيڪو رشيد ۾ هوس، تنهنڪري ورجائي چوان ٿو ته رشيد موٽي آءٌ، رشيد موٽي آءٌ!

- حميد سنڌي

 

وڙائتو انسان

رشيد ڀٽي هڪ عظيم ۽ اڏول انسان هو. هو پنهنجي ذات سان سچو، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن سان سچو، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن سان وفادار ۽ انهن جي جذبن، امنگن ۽ احساسن سان واڳيل ۽ واقف قلمڪار. رشيد ڀٽي سڄي زندگي سچ ڳالھائڻ ۽ حق جي پرچار ڪرڻ ۾ گذاري- شهر، عظمت کا بي نياز شخص. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات، هڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪئي ۽ پڇاڙي تائين سندس نينهن جو ناتو قلم سان رهيو. ڀٽي، صحيح معنيٰ ۾ انهن اديبن مان هو، جن رت مان قلم ٻوڙي، ظلم جي خونچڪان داستانن کي قلمبند ڪيو. ڀٽيءَ جي شهرت هڪ سچي ۽ همدرد سنڌ جي قومي ڪارڪن ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾ قائم رهندي.

هن جو ادبي قد- ڪاٺ ۽ رتبو، سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعاتي ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جيان ساراهڻ جوڳو آهي، جن ترقي پسند نظريي ۽ سماجي حقيقت پسنديءَ کي، پنهنجين لکڻين ۾ نروار ڪري ڏيکاريو ۽ ادب جو سماجي ڪارج پورو ڪيو ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن لاءِ لاٽ- واٽ جو ڪردار ادا ڪيو.

”بڻ“ کان ”سڙيل نوڙيءَ“ ۽ ”ناٿ ڏٺائي نانھ ۾“ تائين، هن جي افسانن ۾ جيڪا فڪر ۽ نظريي جي وحدت ملي ٿي، ڪردارن ۽ ڪهاڻين جي تاڃي- پيٽي ۾ نه رڳو هلندڙ دور، پر هر ايندڙ دور جو ڪرب ۽ پيڙا جا پڙلاءَ ڏسڻ ۽ ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا.

رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ڪارڪنن مان هڪ هو، جن انهيءَ تحريڪ کي هڪ تنظيم جي روپ ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو رت- ست ڏنو. انهيءَ تنظيم جي پليٽ فارم تان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو ادبي، سماجي ۽ سياسي دنيا ۾ هڪ وهائو تاري جيان يادگار رهندو ۽ انهيءَ گس تي هلندڙ نون مسافرن لاءِ روشنيءَ جو مينار ثابت ٿيندو. رشيد ڀٽي اسان کان اڳ واري سرواڻ ٽهيءَ جي انهن جوڌن ۽ بهادر اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن منجھان هو، جن ڪڏهن به اصولن ۽ سچ تي، ڪوڙ ۽ دولات سان سوديبازي نه ڪئي. هُو شخصي طور تي من موهيندڙ شخصيت جو مالڪ هو. هر ڪچهريءَ ۾ سندس ٽهڪ گونجند اهئا. رشيد ڀٽي جو فن طنز مزاح ۽ سنجيديءَ جو اهڙو ته خوبصورت سنگم هو، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ۽ ادبي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. رشيد ڀٽيءَ هر ننڍي ۽ وڏي اديب سان سدائي هڪجهڙو ۽ محبت وارو ورتاءُ ڪيو ۽ وڏن گڻن وارو وڙائتو انسان، ڀاءُ ۽ مِٽُ هو.

- تاج بلوچ

رشيد ڀٽي- هڪ سوال

زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ لمحن جي لڪير هوندي آهي. هڪ موهوم نامحسوس پاڇو، جيڪو زندگيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي، اُن مان تحرڪ جو هر احساس مٽايو ڇڏي. پر ڪي ماڻهو اهڙي ته متحرڪ ۽ ڀرپور زندگي گذاري ويندا آهن، جو هنن جو متو به هڪ تحريڪ بنجي ويندو آهي. رشيد ڀٽي به اهڙو ئي متحرڪ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور شخص هو، جنهن جو خال ته في الحال ڀرجڻ ممڪن ناهي، پر هن پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڪيو ۽ لکيو، اُهو هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اسان جي آڏو رهندو. چوڻ وارا هن لاءِ بي شمار ڳالهيون چوندا ۽ لکڻ وارا سندس خوبين جي ذڪر ۾ صفحا ڀريندا؛ هن جي اڏول شخصيت، اٽل عزم ۽ مقصد سان سچائيءَ جا مثال ڏيندا. سندس تحرير ڪيل هر هڪ لفظ کي هاڻي توريو ۽ تڪيو ويندو. هن جي هڪ هڪ سٽ ۾ هاڻي نئين معنيٰ ۽ مفهوم پيش ڪي ويندا، جو..... هاڻي سندس وڃڻ کان پوءِ اهو ئي ڪري ٿو سگهجي. جيئرو هو ته اسان ڇا پئي ڪري سگهياسين؟ جو هن جيڪو ڪجھ ڪيو پئي اُهو ڄڻ ته سندس ”فرض“ هو ۽ ۽ سندس مُئي پڄاڻان جيڪو ڪجھ اسان پيا ڪيون، اُهو اسان جو ”فرض“ آهي. اسان ڏاڍي سادگيءَ سان پنهنجا ڪم ورهائي ونڊي کنيا آهن، جن مان هڪ هي به آهي ته پنهنجي محسنن جي موت تي خوب ماتم ڪيون، ٻه چار ڏينهن ذڪر اذڪار ڪيون ۽ پوءِ پنهنجن پنهنجن خفن ۾ جُنبجي ان حادثي کي وساري ڇڏيون ۽ وري ان مهل سجاڳ ٿيو، جڏهن ڪو ٻيو اهڙو حادثو ٿئي!

پر مان سمجھان ٿي ته رشيد ڀٽيءَ جو موت هڪ حادثي کان ڪجھ وڌيڪ ئي آهي. هن پنهنجي سڄي حياتي سنڌ کي ڏنوئي ڏنو. پنهنجا جذبا، پنهنجون مُرڪون، پنهنجو شعور، پنهنجو جوش، پنهنجو حوصلو، پنهنجا لفظ، پنهنجا خيال.... سڀ ان ته پنهنجي مهڪندڙ مٽيءَ مان مُرڪن، سڳنڌن، ٽهڪن ۽ روشنين جا گونچ ڦٽندا ڏسي هن کي موٽ ۾ ڇا مليو؟ اُن جو جواب مون کان بهتر، توهان ڏئي سگهندؤ.

- مهتاب اڪبر راشدي

 

... اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو!

ننڍپڻ ۾ جڏهن ڦرهي هٿ ۾ کڻي، جاگيراڻي محلي جي پرائمري اسڪول ڏانهن پڙهڻ ويندو هوس ته هُو اڪثر اُس جي تڙڪي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺل نظر ايندو هو. عجيب ۽ پراسرار محسوس ٿيندڙ ان شخص کي مان غور سان ڏسندو هوس، جنهن لاءِ سڄي اسڪول جي ٻارن ۾ هُليل هو ته اهو دهريو ۽ ڪافر آهي. مون کي ان وقت انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي ڪا خبر نه هئي، بس منهنجي ڪچڙي ذهن تي اهو تاثر ويٺل هو ته اهي دهريا ۽ ڪافر عجيب ۽ مختلف مخلوق ٿين ٿا، جن سان اسان جو ڪو به واسطو ڪونهي. ان ڪري مان ڊڄي ڊڄي هن جي ڀرسان لنگهندو هوس ته متان مون کي به ڪافر نه ڪري ڇڏي. انهيءَ شخص کي گهڻو ڪري ڪتاب هٿن ۾ هوند اهئا. اسڪول جي بنهه لڳ پنهنجي آفيس ۾ جيڪڏهن ٻاهران ويٺو هوندو هو ته لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف نظر ايندو هو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي آفيس جي ٻاهران تمام گهڻا ماڻهو اچي گڏ ڪيا هئا. هو پنهنجي هٿن سان وڏن وڏن ڪارڊن تي الائي ڇا لکندو، سڀني کي ڏيندو ٿي ويو ۽ اهي ماڻهو جوش سان ٻانهون اڀيون ڪري، ڪارڊ کڻي، قطارون ٺاهي نعرا هڻندا، شهر طرف روانا ٿيندا ويا. مون کي ان وقت ڪارڊن تي لکيل جملن ۽ نعرن جو ڪوبه مطلب سمجھ ۾ نه ٿي آيو. مون اتي بيٺل ڪجھ ڇوڪرن کان پڇيو ته هي ائين ڇو ٿا ڪن، پر انهن جو جواب به منهنجي سمجھ کان مٿي هو. ان ڪري اها ڳالهه ڪيترا ڏينهن منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ ڦرڻيءَ وانگر ڦرندي رهي ته آخرڪار هو چاهي ڇا ٿو، جو هُن ايترا ماڻهو پاڙي ۾ گوڙ ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيا هئا؟

اوچتو ڪافر گُم ٿي ويو. گهڻا ڏينهن گذري ويا جو پاڙي ۾ نظر نه آيو، سو همڪلاسي ڇوڪرن کان پڇا ڪيم ته ”ڪافر ڪاڏي ويو آهي؟ ‎“ هنن جواب ڏنو ته ”هو هڪ ٻئي وڏي ڪافر سان گڏ هندستان ويو آهي.“ ان وقت فقط اهو سمجھ ۾ آيو هو ته هندستان ڪو وڏو ملڪ آهي، جنهن جو سير ڪرڻ ڪافر ويو آهي. استاد عبدالله جمعي جي خطبي ۾ ٻڌائيندو هو ته ”ڪافرن کي خدا تعاليٰ گهڻي دولت ڏيندو آهي ۽ مومنن کي تڪليفون ڏئي امتحان وٺندو آهي.“ سو پڪ ٿي ڪافر پنهنجي دولت کپائڻ هندستان ويو آهي.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته هُو هندستان مان موٽي آيو آهي ۽ پاڻ سان ڪجھ بُت آندا اَٿائين، جن جو هُو عبادت ڪندو آهي. مون اڳ ۾ بُت ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا، مو انهن کي ڏسڻ جي اندر ۾ آس جاڳي. جيئن ته ان ڪافر جا ڪيترائي مٽ مائٽ ڇوڪرا اسڪول ۾ پڙهندا هئا، ان ڪري هڪ ڏينهن انه سان گڏجي مان ڪافر جي گهر بُت ڏسڻ ويس. ان وقت ڪافر پاڻ گهر ۾ موجود ڪونه هو، تنهنڪري اسان بي ڊپا ٿي سندس ڪمري ۾ وياسين. سڄي ڪمري ۾ چئجي پاسن کان ڪتابن جون الماريون هيون ۽ هڪ جاءِ تي ٻه- ٽي بُت به رکيل هئا. مان انهن ننڍڙين مورتين کي چڱيءَ دير تائين غور سان ڏسندو رهيو هوس، پر ڳالهه منهنجي سمجھ کان مٿي اهي.

عيد جي ڏينهن جڏهن نوان ڪپڙا پائي بابا سان گڏجي جاگيراڻي محلي ۾ استاد محمد عارف واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويس ته مون کي ان وقت گهڻي حيرت ٿي، ڏٺم ته اهو ڪافر به عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويٺو هو. مون کي ان وقت استاد جا لفظ ياد آيا ته: ”ڪافر نماز نه پڙهند اآهن ، نه ئي خدا تعاليٰ کي مڃيندا آهن.“

پنجون درجو پاس ڪري مون انگريزي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جيئن ته محلو ساڳيو هو، ان ڪري وقت بوقت هومون کي نظر ايندو هو، خاموش پنهنجي دنيا ۾ گم اٺين درجي کان منهنجو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سائين ممتاز علي مغل صاحب جي نصيحت تي عمل ڪندي ڏيهاڙي معصوم شاهه لائبرريءَ ويندو هوس، جيئن اڀياس جي رفتار وڌندي ويئي، تيئن مون پنهنجي ذهن ۾ تبديلي محسوس ڪئي. مئٽرڪ تائين مون کي لڳو ته منهنجي ذهن جي اونداهي ڪمري ۾ آهستي آهستي روشندان کُلي رهيو آهي. انٽر تائين ذهن جي ڪمري ۾ چڱي روشني ڦهلجي چڪي هئي. ان وچ ۾ مان به شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳو هوس. جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ آيس ته مومن ۽ ڪافر جون سموريون حقيقتون ظاهر ٿي پيون. اهو ڪافر هاڻي هڪ مانائتي ليکڪ رشيد ڀٽيءَ جي روپ ۾ منهنجي سامهون هو. مون کي خبر پئجي وئي ته سچ ڇاهي ۽ ڪوڙ ڇاهي! مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو ذهن، جيڪو اڳ ۾ سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو هو، هاڻ ڪشادو ميدان ٿي پيو آهي.

سائين فتاح ملڪ جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اجلاسن ۾ ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. هُو نوجوانن جي لکڻين تي سٺي نموني ڳالهائيندو هو ۽ صلاحون ڏيندو هو. پاڙيسري هجڻ جي ناتي گهڻو ڪري روز گڏجڻ ٿيندو هو. ائين ئي ڀٽي صاحب جي شخصيت واضح ٿيندي ويئي.

رشيد ڀٽيءَ جو جنم 6- جولاءِ 1933ع تي سکر جي علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي پنهنجي دور جو ناميارو عالم، اديب ۽ صحافي هو. پنهنجي والد صاحب جي ڪري رشيد ڀٽي کي ننڍپڻ کان ئي نامور عالمن ۽ اديبن جي صحبت حاصل ٿي، جنهنڪري سندس تربيت ۽ سوچ ۾ پختگي ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي.

نوجواني واري دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران، هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪمپازيٽري ڪري کيسي خرچ حاصل ڪندو هو، جنهن ڪري هن ۾ شروع کانئي خودداريءَ جو مادو پيدا ٿيو. اهڙيءَ ريت هُن آخر تائين پنهنجي پيرن تي بيهي محنت ڪري کائڻ جي روايت برقرار رکي.  کاڌي کان ڪپڙي لٽي تائين سادگي پسند رهيو ۽ شخصيت ۾ اجائي ٺاھ ٺوھ ۽ نماءُ جو مخالف هوندو هو. دوستن جو پيارو ۽ بني رونق ڪچهرين ۾ ٽهڪن جي رنگيني پکيڙيندڙ- علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو ته لکڻ ۾ به تيز- ناول، ڪهاڻيون، ترجما، شاعري، جيل جون ڊائريون، ڪالم، مهاڳ، خاڪا ۽ مقالا وغيره. هر موضوع تي لکڻ جي ڀرپور صلاحيتن جو مالڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق. وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾ سجايو ڪندڙ. ڪتب خانن کان بنديخانن تائين سندس پيرن جا نشان پکڙيل- عام زندگيءَ ۾ خاموش خاموش محسوس ٿيندڙ، پر دوستن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو.

سنڌي ادبي سنگت، ادبي سوسائٽي سنڌ مسلم ڪاليج، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، شاھ عبداللطيف فائونڊيشن، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن علمي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو. علمي ابدي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ڪري سندس وڪالت وارو پيشو گهڻو متاثر ٿيندو هو. اهوئي سبب هجو جو وڪالت جي حوالي سان گهڻي شهرت حاصل ڪري نه سگهيو. پڇاڙيءَ جي ڪجھ سالن کان آغا بدر الدين دراني لا ڪاليج ۾ قانون جو آنرري پروفيسر هو. صحافت ۾ به ڀٽي صاحب پٺتي نه هو. هو روزانه الوحيد ڪراچي ۽ روزانه ’نئين سنڌ‘ ڪراچي جو سب ايڊيٽر ۽ روزانا ’هلال پاڪستان‘ سکر جو ايڊيٽر به رهيو. سندس مستقبل ڪالم، روزانه ’هلال پاڪستان‘ ڪراچي، هفتيوار ’صبح سنڌ‘ ڪراچي، هفتيور ’برسات‘ ڪراچي، ۽ ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيندا هئا.

سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: 1- آدرشي ڪهاڻيون، ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي 1962ع. 2- گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ (ڪهاڻيون)، پاڪستان رائيٽرس گلڊ سکر 1963ع. 3- دنيا جا عظيم افسانا (ترجمو)، سنڌ ادبي بورڊ حيدرآباد 1968ع. 4- آڏي ڍال ۾ م ڍار (ترتيب)، پاڪستان گلڊ سکر 1966ع. (سنڌي رزميه شاعري- 1965ع). 5- رياست ۽ آزادي (ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع. 6- عاشق زهر پياڪ (ناٽڪ)، مهراڻ پبلشرز سکر 1968ع. 7- ڪميونسٽ پڌرنامو (ترجمو)، عوامي ڪتاب حيدرآباد 1975ع. 8- سچ جو فلسفو (تجزيو)، عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع. 9- پاڪستان جا پراڻا شهر، سنڌي ادبي بورڊ 1981ع. 10- پاپ ۽ پيڙا (ناول- ترجمو)، اڻ ڇپيل. 11- باغي (شاعري- ترجمو)، اڻ ڇپيل. 12- چترليکا (ترجمو)، زندگي پبليڪيشن حيدرآباد. 13- سياري جي رات (طنزيه ڪهاڻيون) شهباز پبليڪيشن حيدرآباد 1985. 14- اوڀاريون لهواريون (ڪالم- تقريرون)، سنڌي ادب اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع. 15- ديس ستا دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون)، 16- جڏهن جهوڪ جهريو (ترجمو) عظمت اڪيڊمي حيدرآباد. 17- ويرن جي وسندي (ناول- ترجمو) عظمت اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع. 18- سنڌ ۽ هند جي ادبي شخصيتن جي خطن جي چونڊ (ترتيب هيٺ). 19- ادبي تنقيدي مضمونن جو مجموعو (ترتيب هيٺ) 20- تقريرن جو مجوعو (ترتيب هيٺ) 21- اخباري ڪالمن مان چونڊ (ترتيب هيٺ) 22- ورهاڱي کان پوءِ سن ۾ ادبي هلچل جي تاريخ (زيرِ تصنيف). 23- ڪليمن جارو جي برف (ڪهاڻيون ترجمو) اڻپورو. 24- گُڊ ارٿ (ناول- ترجمو) اڻپورو. 25- شاهه عبداللطيف آف ڀٽ (ترجمو) اڻپورو. 26- اسين لوچون لوھ ۾ (جيل جي ڊائري) پريس ۾، سنڌي ادب اڪيڊمي حيدرآباد.

مختلف ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ، سنڌي ٻولي جونمايارو اديب رشيد ڀٽي، نثر جي ايترن ڪتابن جي تخليق ۽ ترجمي ڪرڻ کان سواءِ شاعريءَ ۾ به دلچسپي رکندو هو. سندس مزاحيه شاعري گهڻو مقبول آهي، جيڪا اڪثر ڪري مشهور گيتن ۽ غزلن جي پيروڊي طور جوڙيل آهي، جنهن ۾ وزن بحر به ساڳيو ئي رکيو اٿائين. خاص طور تي مشهور شاعر نياز همايوني جي گيت:

ڀٽي

صاحب پنڌ ڪرڻ جو ڪوڏيو هو، جنهن لءِ پنڌ گهمڻ جا فائدا ٻڌائيندو هو ۽ روز چڱي مفاصلي تائين پنڌ ويندو هو. هڪ ڀيري مان، سائين فتاح ملڪ ۽ رشيد ڀٽي صاحب، سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي درازن وڃي رهيا هئاسين. راڻيپور پهچي ڀٽي صاحب چيو ته ”هتان سچل جي درگاهه تائين پنڌ هلنداسين؛ گهمڻ سان به ٿي ويندي“، سو راڻيپور کان پنڌ شروع ڪيوسين. واٽ تي ڀٽي صاحب جي ڪيترن دوستن گاڏيون روڪي گڏ هلڻ جي صلاح ڪئي. جيئن ته ڀٽي صاحب کي پنڌ ڪرڻو هوس، سو ڳالهه ٺاهي سڀني کي چيائين: ”يار، مون سچل درگاهه تي باس باسي هئي ته عرس جي موقعي تي راڻيپور کان پيرين پيادي درازن تائين درازن تائين ايندس، سو توهان هلو، مون کي پنڌ پُڄڻو آهي.“ حاضر دماغ هو، ان ڪري پنهنجي هر ڳالهه کي وزن ڏياري ويندو هو.

وري جڏهن سچل سائينءَ جي درگاهه تي پهتاسين ته اتي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ وڏو ڪمرو ڏنو هئائون، جنهن ۾ گلم وڇايل هو ۽ فقط هڪ کٽ پيل هئي. ٻيا سڀ گلم تي ويهي رهيا ۽ سائين غلام محمد گرامي کي مٿي کٽ تي ويهاريائون. اتان لنگهندڙ ماڻهن لاءِ اهو منظر ڌيان ڇڪائيندڙ هو ته هڪ بزرگ کٽ تي ويٺو آهي ۽ ٻيا سڀ هيٺ ويٺا آهن. دروازي جي ڀرسان نياز همايوني ۽ ڀٽي صاحب جن ويٺا هئا. هڪ همراهه کان رهيو نه ٿيو، سو در وٽ ويٺل ڀٽي صاحب کان پڇيائين:

”ڀائو! ڪر خبر، اهو کٽ تي ويٺل ڪير بزرگ آ؟“

ڀٽي صاحب ٺھ پھ وراڻيس: ”بابا! اهو اسان سڀني جو سڳورو مرشد سڳورو آهي.“ اهو ٻڌي اهو همراھ بوٽ لاهي. نهايت عقيدت سان ٻانهون ٻڌي گرامي صاحب کي پيرن تي هٿ رکي وڃي مليو. ان کان پوءِ اتي قطارون ٻڌجي ويون. هڪڙا ويا ته ٻيا آيا پئي. گرامي صاحب اچي پريشان ٿيو. ماڻهن کي گهڻو ئي چيائين ته: ”بابا، مان پير مرشد وغيره ناهيان.“ پر هُو نٿي مُڙيا ۽ ان کي مرشد جي انڪساري ٿي سمجھيائون.

خوش مزاجي وارو اهو انداز، ڀٽي صاحب جو پڇاڙي تائين رهيو. پڇاڙيءَ ۾ جيتوڻيڪ گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر ان هيڻائيءَ جو احساس سندس شخصيت تي ڇانيل نه رهيو. پاڻ کي هر دم خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پنهنجي بيماري، ان جي علاج، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ دوائن وعيره جي سموري ڄاڻ هيس ۽ ڊاڪٽرن سان اڪثر دوائن ۽ بيماريءَ جي حوالي سان بحث ڪندو هو. جڏهن به مان جاگيراڻي پاڙي مان گذرندس ته سلام جي سوٽ ۾ ڪو نه ڪو اهڙو جملو چوندو جو خود بخود گهڙي پل ساڻس ڪچهري ڪرڻ تي دل چوندي. رک رکاءَ وارو ماڻهو نه هو. جيڪي چوڻو هوندس، سڀني کي مُنهن تي چئي ڏيندو، جنهنڪري ڪيترا ماڻهو منجھانئس ناخوش به هئا. انسان هو ۽ انسانن سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر سندن ادبي پورهئي کان سندن مخالف به انڪار نه ڪري سگهندا.

سائين شيخ اياز جي اڻ ڇپيل شاعريءَ جي مجموعي ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“ ۾ ڪيترن نظمن ۾ موت جو تاثر نمايان آهي. هڪ مضمون جو مفهوم ڪجھ هيئن آهي ته: ”ٽيبل تي هي اڻپورا نظم ايئن پيا هوندا ۽ مان هن دنيا کي ڇڏي ڏور هليو ويندس.“ ڀٽي صاحب به ائين ڏيهاڙي مختلف ادارن پاران مليل ٽن ڪتابن جا ترجما ڪندو هو. ڪتابن جي خوشبو سان واسيل سندس ڪمي ۾ اهي اڻپورا ترجما ائين پيا آهن، ڄڻ هينئر ڪجھ دير لاءِ ڀٽي صاحب ٻاهر وي و هجي ۽ موٽي اچي رهيل ڪم کي پورو ڪندو.

موت برابر مهڻو ناهي، پر ائين اوچتو وڇوڙو ايذائيندڙ آهي. دوسصت يار سڀ انتظاهر ۾ هئا ته اجهو ٿو ڀٽي صاحب علاج لاءِ ٻاهر وڃي، پر هو اهڙي پار هليو ويو، جيڏانهن وڃڻ جي ته واٽ آهي، پر ورڻ جو ڪو گس ڪونهي. جاگيراڻي پاڙي ۾ حميد سنڌي، غلام رباني، مرغوب بخاري ۽ پروانو ڀٽي جن هونئن به ته اڪثر ايندا رهندا هئا ۽ ڀٽي صاحب سان ڪچهريون ڪري وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا، پر 16- فيبروري 88ع واري ملاقات ٻئي رنگ جي هئي. سڀني کي کلائڻ وارو خاموش ابدي ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس چوڌاري ساڻس گڏ کلڻ وارا دوست اوڇنگارون ڏيئي رهيا هئا. شيخ اياز، حميد سنڌي، فتاح ملڪ، تنوير عباسي ۽ محبوب شيخ جن ته سڏڪن ۾ پئجي ويا هئا. ڀٽي صاحب ڄڻ ته ان سمي کين کلندي چئي رهيو هجي:

سنڌڙي رهي،

اسان ته رهياسين ته ڇا ٿيو!

اندر جنين املھ...

هن ڀلاري ڀونءَ تي جيڪا سڀ کان مٿانهين ۽ مانائتي هستي آ، سو حضرت السان آهي. انهيءَ حضرت انسان ۾ فطرت پنهنجا سدا بهار ڪاريگري ۽ فني ڪاياپلٽ جو ايڏو ته زوردار نماءُ ڪيو، جو سندس جوڙجڪ ۾ ”اڳتي وڌڻ جي چاهت“ جو واڌارو وکر وجھي ڇڏيائين. ٿورن اکرن ۾ ته جتي اڄ آهي، سڀاڻي لاءِ ان کان به اڳڀرو وڌڻ جي اڻ تڻ.

انساني جوڙجڪ جو اهڙو ٺڪهندڙ سٽاءَ لاشڪ ته ٻن اکرن ۾ سموئي ڇڏيو اٿس ۽ اهو آ ”اڄ ۽ ڪلھ“، ڇو ته جيڪو ”اڄ“ آهي سو اوس ڪالهه جي ويس ۾ وڃڻ وارو آهي. ائين اهو سڄو چرخو مقرر ٿيل نيمن جي حدبندين اندر ڪنهن حد تائين مڪمل ضابطي سان ڦرندو گهرندو رهي ٿو. انهيءَ ”ڳالھ“ سان انسان جي خوشي، راحت، ڏک ۽ غم جا اڻ کٽ سلسلا ڳنڍيل آهن. اهڙا اڻ کٽ سلسلا انسان جي ”اڄ“ سان تسبيح جي داڻن وانگر پويل آهي. اهي سلسلا ۽ لاڳاپا آهن ته انسان جيڪي سهڻا ۽ سندر سپنا لهي ٿو، انهن کي ساڀيا بنائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو. اڃا به ائين چئجي ته جيئن چيٽ ۾ ٽڙندڙ گل سياري جي سهڻن ۽ سندر سپنن جو يادگار ٿين ٿا، تيئن حضرت انسان به سهڻا، صاف ۽ سٿرا خواب ڏسي ۽ انهن کي حقيقت جي روپ ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو.

اهڙا انسان حقيقت ڪري ايڏا ته اڙٻنگ، ارڏا ۽ اربيلا هوندا آهن، جيڪي سندر سپنن ۾ سچو ۽ پڪو رنگ ڀرڻ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندا آهن. توڙي جو اهڙا انسان اڄ جو لباس لاهي ڪالهه ۾ روپوش ٿيندا وڃن ٿا، پر هنن جي اڻ ٿڪ محنت ۽ جاکوڙ وارو جذبو کين تاريخ ۾ مستقل مان ۽ شهرت بخشي ڇڏي ٿو.

هڪ لڱا ڪنهن اخباري خاطوءَ مولانا محمد علي جوهر کان پڇيو ”اوهان جي تاريخ بابت ڪهڙي راءِ آهي؟ مولانا بنا ڪنه نهٻڪ جي وراڻيو: ”تاريخ ڪجھ به ڪونهي، اصل ۾ اسين ئي تاريخ آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ ئي تاريخ ساز آهيون.“

انهن هستين کي تاريخ ساز بنجڻ لاءِ جن مصيبتن ۽ مامرن جي پل صراط کي پار پوڻو پويٿو، سو به ڏاڍو ڊيڄاريندڙ ۽ صبر آزما ڪارج آهي ۽ اوستائين جو موت جي مهماني به ڏسي وائسي مرڪندي ڪن ٿا ۽ ميزباني ۾ پنهنجو جگر، جيرا ۽ بڪيون آڇيندا رهن ٿا. ۽ انهي هيڏي ساري قربانيءَ جي موٽ ۾ موت کان مهلت گهرن ٿا ته اڃا ڪجھ وٿي ڏئي ته پنهنجن ڀائرن ۽ سڄي انسانيت جو سونپيل فرض لاهي وٺون ۽ ڪجھ اڳتي هلون ۽ اهڙا ئي آدمي پنهنجين قربانين ۽ ڏاهپ سان تاريخ ساز بڻجي پوندا آهن ۽ تاريخ کي پنهنجي ٻل ۽ سگهه سان هلائڻ جا اڻ مٽ نشان چِٽيندا رهندا آهن.

انهن ئي وصفن ۽ گڻن سان ٽمٽار سنڌ جو لائق ۽ سپوت فرزند رشيد ڀٽي، جيڪو اروڙ جي مهڪ ڀريل مٽي منجهان ڄائو هو، سو به هن ملڪ جي تاريخ ۾ پنهنجون اڻ مٽ يادگيريون ڇڏي ويو، هيڪر ته وسنديون ويران ڪري ويو.

سک جون وسنديون سڃ بڻيل، ۽ نيڻ پسن پيا ويرانا،

هاءِ ڇڏي ويا، ساٿ ڇني ويا، واپس ناهن ورڻا مور.

(ناهيد خواجه)

رشيد جي نالي کڄڻ سان هڪ اڻ ٽر آدرشي انسان جيئرو جاڳندو اچي اکين اڳيان بيهي رهي ٿو، جيڪو ليکڪ، صحافي، تنقيد نگار ۽ ناول نگر رهيو: اڃا به انهن خوبين کان مٿڀرو هڪ انقلابي ۽ روشن ضمير ڏاهو هو، جنهن ڪڏهن به هٿ ڊگهيري پاڻ کي ۽ سنڌ جي روايت کي شرمسار ڪرڻ جهڙي ڪوئلن واري ڪاروبار ۾ ڏٺو ڪونه ڪيو.

سنڌ جي سياسي ميدان ۾ اوهان غير جانبداري سان ڏسندؤ ته جاڏي ڪاڏي الامنا والحفيظ وارو منظر لڳو پيو آهي. هتي جيڪي به ڌريون انقلاب جي ستي ۽ ساڃاهه لاءِ يڪ ٽڪ علاج جون دعويدار آهن، سي هڪ ٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ مان پالهيون ئي ڪونه آهن. مان ان کان به انڪار ڪونه ڪيان ٿو، ته اسين سڀيئي ڪنهن نه ڪنهن مڪتب فڪر جا پوئلڳ آهيون. اهڙيءَ طرح رشيد به هڪ مڪتب فڪر جو پانڌيئڙو هو. ان هوندي به هن درويش صفت انسان جنهن وٿ کي پنهنجن هيڻن هٿن ۾ سوگهو جهليو، ساهئي اڻ ٿڪ محنت، سهپ ۽ نڀائڻ.

منهنجي رشيد سان ڏيٺ ويٺ ته تڏهن ٿي ،جڏهن ون يونٽ جي خلاف هلايل هلچل ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر به هڪ ئي مهل سياسي ۽ ادبي ميدان تي ٻه طرفي جنگ ۾ رڌل هئا. اسين سنڌ جا سياسي ڪارڪن انهن ميڙن ۽ محفلن ۾ ويندا هئاسون، جتي سنڌ جي سلامتي ۽ سنڌي ماڻهن جي بچاءَ واسطي پچارون ٿينديون هيون. اهڙي ئي هڪ ”سنڌي شام“، جيڪا سکر جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال م ملهائي پئي وئي، جنهن جي صدارت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري رهيو هو، ان ۾ ساڻس مک ميلو ٿيو. ائين ڏسندي ڏسندي اسين سنڌ جي ناني ۽ رشتي سان هڪ ٻئي کي ويجھو ٿيندا وياسون. ون يونٽ منجهان نالي ماتر آزادي ملي، پر اوچتو اهڙو ته اڻائو واءُ وريو جو جيڪي دوست ۽ ساٿي هئا، سي ٽڙي پکڙي ويا. اسان جهڙا سنوان سڌا ڪارڪن ڄڻ ته منزل جا نشان ۽ پتا وڃائي ويٺا. اسان نون نڪورن آيل حڪمرانن جي عتاب ۾ ريل ۽ جيل جي سفر ۾ وڃي ڦاٿاسون. سنڌ جي نالي ڳنهڻ ۽ محبت ۾ يونيورسٽي جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ چوڌاري سرڪاري خابرو پيرو کنيو وتندا هئا ۽ مان ته ڏاڍو انهن ڏهاڙن ۾ هراس ۽ ڊپ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ هوندو هيس. انهيءَ زماني ۾ به رشيد وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. مان نيٺ هڪ گهمري پڇيومانس: ”ڀٽي صاحب، اسان جي سهڻن خوابن جي هيڏي ڀيانڪ تعبير، ائين ڇو آ؟“ پوءِ سدا بهار مرڪ ۽ پاٻوھ سان وراڻيائين: ”ڪامريڊ ائين ٿيڻو هو ۽ اسان ته انهيءَ ڏاڍ جي ڏونگر کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور اڳ ۾ تيار هئاسون. ڇو ته سنڌ جي سرداريءَ جي واڳ عارضي طور اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ اوس اچڻي هئي، جن جي دلين ۾ ڪوڙ، ڪپت، منافقت، ٺڳيءَ جو زهر ڀريل آهي. اهو سڄو قهري بار پاڻ کي ئي گڏجي ڍوئي ڪنهن اونهي کڏ ۾ دفن ڪرڻو آهي ۽ ٿڌو ٿانهرو ٿي ويهڻو ڪونهي.“

تازو هاڻي 1987]ع[ ته رشيد سان منهن جو سٻنڌ وڌيڪ گهاٽو ٿيندو ويو، جڏهن سائين محمد ابراهيم جيويي جي سربراهي ۾ ”سنڌي ماڻهن جي ٻڌي ‎“ لاءِ گڏجي هڪ جاءِ تي ويهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. موري ستت ئي مٺي ۾ سڏايل ”ٿر بچايو ڪانفرنس“ ۾ سنڌ جي خير خواهن ۽ ڀلائي جي دعويدرن طرفان جيڪو اڻ وڻندڙ ۽ اڻ سونهندڙ مظاهرو ڪيو ويو، ان جي جانچ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ساڻس اڃا به وڌيڪ ويجهو ويهڻ جو وجھ مليو. جڏهن جانچ ڪاميٽيءَ پنهنجي ڪاروبار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ته راتو واهه انقلابي سڏائيندڙن جا وکا پڌرا ٿيڻ لڳا. پوءِ ته انهن اٻهرن ساٿين پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ دڙڪن، دهمانن ۽ بدڪلامي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو ۽ پنهنجي معتبري ۽ وڏماڻهپائپ ڏيکارڻ لاءِ رشيد جهڙي حساس ماڻهوءَ کي ته وڌيڪ لتاڙڻ لڳا ۽ هو ماٺ ڪيو، پنهنجن جون اڇلايل بڙڇيون ۽ ڀالا سيني تي سهندو رهيو ۽ اڄ تائين اهي اسان جا دوست ۽ مهربان ساٿي انهيءَ مٺيءَ واري مونجهاري کي حرفتن ۽ اٽڪلن سان اينگهائيندا اچن پيا ۽ ڪي دوست مورڳو ئي سچو بيان ڏيڻ کان لنوائين پيا.

بهرحال، انسان خوبين ۽ خامين جو هڪ ڳٽڪو آهي. ان ڪري رشيد سان به اهي ٻئي وصفون جڙيل هيون. ان هوندي به جڏهن رشيد جي خوبين ۽ خامين جي تورتڪ ڪبي ته هن جي نيڪين ۽ ڀلاين جو پڙ گهڻو سوايو نظر ايندو، ڇو ته هو سون تي سيڻ مٽائڻ واري واهپي جو سختيءَ سان واقف هو *۽ هونئن کيس پروڻ به پئجي ويا ته سندس حياتيءَ جو ڏيئو ڪنهن به مهل اجهامي سگهي ٿو. پوءِ به جيڪو يار ڪلهن تٿي کنيو هئائين، ان کي توڙ رسائڻ لاءِ ڳهندو رهيو. رشيد اڻ ڏٺي ڏيهه سٿين جي ساٿ کي ڇڏي هليو ويو، پر پوئتان دوستن ۽ ساٿين تي سڪ ۽ محبت جي ايڏي ته بي حساب ورکا ڪري ويو، جو بي اختيار چئي سگهجي ٿو:

تن سامين جي سڌ مرن، جن گودڙين ۾ گل،

اندر جن املھ، ٻاهر ڪوجھا ڪاپڙي. (شاهه)

- امان شيخ

”پرديسي ڪهڙا پرين“

جي تقريب رونمائي

(ادبي احوال)

حيدرآباد جي تازه ادبي ۽ علمي سرگرمين جي چهچٽي ۾ ڪتاب ”پرديسي ڪهڙا پرين“ جي رونمائيءَ واري تقريب پنهنجي رنگيني ۽ رعنائيءَ سان مثالي اضافو آندو. انهيءَ تقريب جي سامعين جي راءِ هئي ته اهڙي دلپذير ۽ روح پرور رونمائي گڏجاڻيءَ کي هُو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

سنڌي زبان جي پرک اديب ۽ شاعر، “تند ڪٽارو ڪنڌ“ (شاعري) ۽ ”پرينءَ جي پرديس“ (سفرنامو) جي مصنف جناب عنايت بلوچ جي نئين ڇپيل سفرنامي ”پرديسي ڪهڙآ پرين“ جي رونمائيءَ جي هيءَ تقريب، سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي، گذريل 11 ڊسمبر 1987ع تي هڪ مقامي هوٽل ۾ آب و تاب سان منعقد ڪئي، جنهن جي صدارت جناب قاضي عبدالمجيد عابد، وزير اطلاعات و نشريات، پاڻي ۽ بجلي، حڪومت پاڪستان ڪئي ۽ خاص مهمان سنڌ جو صوبائي وزير تعليم، قانون ۽ پارليامينٽري امور، رانديون ۽ خزانه، جناب اختر علي جي. قاضي هو. ممتاز عالم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر جناب علي محمد شيخ، سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند، حيدرآباد جي علمي ادارن جا سربراهه، نامور تعلقمدان، اديب ۽ شاعر، شهر جا علم دوست معززين، شاگرد ۽ صحافي، وڪيل ۽ ڊاڪٽر، استاد ۽ مختلف کاتن جا اعليٰ عملدار ان تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. خواتين جو پڻ خاصو تعداد تقريب ۾ آيل هو.

تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي، حاجي عنايت الله زنگيجي تلاوت ڪئي. ان کان پوءِ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري جناب عبدالرزاق چانڊيي، ميزبانيءَ جا فرض ادا ڪندي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار جو ثقافت ۽ سياحت کاتو، صوبي جي علم ادب جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڀرپور ڪوششون وٺي رهيو آهي، اڄوڪي مجلس ان سلسلي جي هڪ خوشگوار ڪڙي آهي.

بعد ۾ ڪتاب ”پرديسي ڪهڙا پرين“ تي جناب مراد علي مرزا، جناب تاج بلوچ، جناب عبدالقادر جوڻيجي، محترمہ مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه، جناب عبدالڪريم بلوچ ۽ جناب قمر شهباز تقريرون ڪيون. هنن پنهنجي گفتگو ۾ ڪتاب جي خوبين کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي سنڌي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو قرار ڏيندي، مصنف عنايت بلوچ کي مبارڪباد ڏني.

موقعي جي مناسبت سان، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ڊئريڪٽر جنرل جناب غلام رباني آگري جو پهتل پيغام، مسٽر نفيس احمد ناشاد مجلس ۾ پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ مصنف جي ادبي خدمتن تي تحسين جو اظهار ڪيل هو.

تقريب جي صدر جناب قاضي عبدالمجيد عابد، پنهنجي صدارتي خطاب ۾ نهايت روح پرور انداز سان ڪيترن ئي علمي نقطن تي گفتگو ڪئي ۽ ڪتاب جي مصنف عنايت بلوچ، سنڌ جي حقن جي حفاظت ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مخلصانه ڪوششن بابت ڳالهائيندي، محفل جي دلاويزيءَ ۾ اضافو آندو.

خاص مهمان جناب اختر علي قاضي پنهنجي خطاب ۾ مصنف جي ڪوششن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ورتل اپائن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته جناح ڪورٽس ڪراچيءَ ۾ سنڌ سرڪار، هڪ شاندار ڪلچرل سينٽر قائم ڪري رهي آهي، جنهن وسيلي صوبي جي ثقافتي سرگرمين کي وڏي هٿي ملندي.

آخر ۾ ڪتاب جي مصنف، مقررين جو شڪريو بجا آڻيندي، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي خاص طرح سان سپاس گذاري ڪئي، جنهن هن تقريب جو اهتمام ڪيو.

هن مجلس جي ڪارروائي، محترمہ شميم ٻانڀڻ پربهار انداز سان هلائي ۽ اسٽيج جي خصوصي تزئين ۽ آرائش جناب نصير مرزا ۽ سندس ساٿين جي محنتن جو نتيجو هو، جنهن جي ديده زيبيءَ کي سامعين گهڻو ساراهيو.

ــــ ن. ا. ش

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com