بانيء پاڪستان
جناب سيد غوث علي شاهه صاحب
وزير اعليٰ سنڌ
جو پيغام
قومن جي زندگيءَ ۾ قيادت کي اهائي حيثيت حاصل
هوندي آهي جيڪا فرد جي زندگي ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، غور ۽
فڪر ڪرڻ جي صلاحيتن کي حاصل هوندي آهي. قومون
پنهنجي قيادت جي وسيلي سان ئي غور ۽ فڪر ڪن ٿيون،
حقيقتن تي نظر وجهن ٿيون، پنهنجن جا ۽ ڌارين جا
آواز ٻڌن ٿيون ۽ پوءِ نتيجا ڪڍي حال ۽ مستقبل جي
باري ۾ فيصلا ڪن ٿيون. اڳواڻ جيڪڏهن اعليٰ انساني
صلاحيتون رکندڙ هجن ته قومون ڪاميابيءَ جي راھ تي
منزل به منزل اڳتي وڌنديون وڃن ٿيون ۽ ڏکين حالتن
کي به منهن ڏيئي وڃن ٿيون. ان جي ابتڙ جيڪڏهن
اڳواڻن جي علمي ۽ فڪري سطح سندن ذميدارين مطابق نه
هجي ۽ انهن جي نيتن ۾ به فتور هجي ته پوءِ اجتمائي
زندگي گهوٽالي ۽ فتني فساد جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي اها خوش نصيبي
هئي جو کين غلاميءَ جي خلاف جدوجهد ۽ آزادي حاصل
ڪرڻ لاءِ پنهنجي منزل جي تعين جي آخري مرحلن ۾
قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت حاصل ٿي وئي هئي،
جنهن جي ذات ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ انساني صفتون
بدرجه اتم موجود هيون. قائداعظم کي الله تعاليٰ
انهن سڀني اعليٰ صفتن سان نوازيو هو جن کي صحيح
معنيٰ ۾ هڪ اوچي مرتبي واري اڳواڻ جون امتيازي
صفتون چئي سگهجي ٿو. هو سچار هو، ديانتدار هو، پري
تائين نظر رکندو هو، بي خوف هو، سندس دل مڪر، ريا،
لالچ ۽ خودغرضي کان پاڪ هئي، هو سستي شهرت پسند نه
ڪندو هو، اصولن تي ٺاهه نه ڪندو هو، نه دوکو ڏيندو
هو، نه دوکو کائيندو هو. هو مصلحتن تحت سچائيءَ کي
لڪائڻ جو قائل نه هو، ۽ سچائي جي اظهار ۾ ڪنهن
لحاظ يا رعايت کي جائز نه سمجهندو هو. سندس اهي ئي
اعليٰ قائدانه صفتون هيون، جن جي ڪري هو ننڍ کنڊ ۾
مسلمانن جو محبوب قائداعظم بڻيو، ۽ جن جي ڪري
انتهائي ڏکين حالتن ۾، ۽ نهايت شديد مخالفتن جي
باوجود مسلمانن کي پنهنجي هڪ آزاد ۽ خودمختيار
ملڪ، پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ تاريخ ساز ڪاميابي حاصل
ٿي.
ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ ۾ وڏيون وڏيون عظيم
هستيون پيدا ٿيون آهن، پر فتح مندي، ڪامراني، بلند
اقبالي ۽ خوش نصيبي جي زمانن ۾ ڪنهن به قوم جي
قيادت هڪ جدا نوعيت جي ذميداري آهي، ۽ وري هڪ پٺتي
پيل قوم کي، جيڪا هڪ ڊگهي عرصي تائين شڪست ۽ ڀڃ
ڊاهه جي مرحلن مان گذري هجي ۽ پوءِ هن ڏيڍ سئو سال
غلاميءَ جي دؤر ۾ گهرايا هجن ۽ انهيءَ بنياد تي ان
۾ فڪري انتشار ۽ عملي طور بي راھ روي جهڙيون
خرابيون پيدا ٿي ويون هجن، اهڙي قوم کي هڪ نطريو
ڏيڻ، ان لاءِ هڪ منزل جو تعين ڪرڻ، پوءِ انهيءَ
منزل جي اهميت واضح ڪرڻ، قوم ۾ نظري اتحاد پيدا
ڪرڻ ۽ وڌيڪ وسيلا ۽ طاقت رکندڙ مخالف قوتن جي
سازشن جي باوجود انهيءَ قوم کي سندس منزل مقصود
سان همڪنار ڪرڻ هڪ اهڙو منفرد اعزاز آهي جيڪو اسان
جي سڄي تاريخ ۾ صرف ۽ صرف قائداعظم محمد علي جناح
کي حاصل ٿيو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سندس حيثيت
سڀني کان جدا ۽ سڀني کان اهم آهي.
قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي پٺتي پيل قوم کي هڪ
طرف غير ملڪي حاڪمن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري ۽
ٻئي طرف ان کي هڪ اهڙي اقتصادي ۽ سماجي نظام جي
جڪڙ کان محفوظ ڪيو، جيڪو مغليه سلطنت ۾ زوال جا
آثار شروع ٿيڻ شرط زور وٺڻ لڳو هو، ۽ جنهن جو مقصد
هي هو ته مسلمانن کي زندگيءَ جي هر محاذ تي شڪست
ڏيئي مجبور ۽ لاچار ڪري ڇڏجي. ان لحاظ کان جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته قائداعظم جي شخصيت ننڍي کنڊ جي انهن
سڀني سياستدانن کان وڌيڪ قداور نظر اچي ٿي جن جو
نالو آزادي واري جدوجهد سان وابسته آهي، ان جو سبب
هي آهي ته ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي انهن مخالفتن،
دشوارين ۽ مسئلن کي منهن ڪونه ڏيڻو پيو جن جو
مقابلو قائداعظم ڪيو ۽ اهڙي منفرد انداز ۾ ڪنهن
ٻئي اڳواڻ کي پنهنجي سياسي مقصدن ۾ ڪاميابي ڪو نه
ٿي جهڙي قائداعظم کي نصيب ٿي.
قائداعظم جي سڄي زندگيءَ تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته
اندازو ٿي ويندو ته عزم ۽ استقلال، بلند خيالي،
صدق ۽ صفا ۽ لاڳيتي جدوجهد جهڙيون صفتون سندس
زندگيءَ ۾ هميشه هميشه وابسته رهيون آهن، ۽ انهيءَ
سان گڏ اسلامي تعليمات سان به سندس قلبي تعلق
هميشه برقرار رهيو آهي. هادي عالم ۽ نبي اخر
الزمان جي ذات اقدس سان سندس گهري عقيدت جو بلڪل
واضح اظهار انهيءَ وقت ٿي ويو هو، جڌهن هن لنڊن ۾
قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ”لنڪن
اِن“ ۾ انهيءَ ڪري داخلا ورتي جو ان جي مين گيٽ تي
انساني تاريخ جي اهم قانون سازن ۾ اسان جي رسول
اڪرمﷺ جو نالو سڀني کان مٿي لکيل هو. حقيقت هيءَ
آهي ته قائداعظم اسلامي زندگي جي اعليٰ قدرن کان
نه رڳو پوريءَ طرح واقف هو پر انهن تي دل جي
گهرائيءَ سان ايمان به رکندو هو، ۽ ان جو ثبوت هي
آهي ته سندس تحرير، سندس تقرير ۽ سندس عملي زندگي
۾ انهن قدرن جي نمايان جهلڪ موجود آهي.
قائداعظم جو جسم ظاهري طرح گهڻو توانو ۽ طاقتور
نطر ڪونه ايندو هو، پر سندس وجود ۾ هڪ توانو روح
مسلسل سرگرم عمل رهندو هو. هن الله جي ڪرم سان رڳو
پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪيو ۽ زندگيءَ جي جنهن به
شعبي ۾ قدم رکيو، ڪاميابي ۽ ڪامراني سندس قدم
چميا. جڏهن هو قانون جي ڊگري وٺي واپس وريو ۽
بمبئي ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ته کيس چيو ويو
ته قانون جي پيشي ۾ اڳيئي وڏا وڏا نالا موجود آهن،
۽ ڪنهن نئين ايندڙ لاءِ ترقي جا موقعا تمام گهٽ
آهن. اها ڳالهه ٻڌي هن جيڪو جواب ڏنو ان مان سندس
همت ۽ جرئت جو اظهار به ٿئي ٿو ۽ سندس لفظ اڄ به
زندگيءَ جي مختلف ميدانن ۾ نون نون داخل ٿيندڙن
لاءِ مشعل راهه آهن. قائداعظم چيو ته ”زندگيءَ جي
هر شعبي ۾ سڀ کان مٿي واري جاءِ هميشه خالي رهندي
آهي“ ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ هن اها ڳالھ پوريءَ طرح
ثابت ڪري ڏيکاري ۽ نه رڳو قانون جي شعبي ۾ هن سڄي
ننڍي کنڊ ۾ نهايت نمايان حيثيت حاصل ڪري ورتي بلڪ
هو جيڏانهن به ويو سڀني کان نمايان ۽ سڀني کان
ممتاز رهيو.
قائداعظم هڪ سچو مسلمان ۽ سچو محب وطن هو ۽ انهيءَ
ڪري جڏهن هن پاڻ کي مالي لحاظ کان مستحڪم ڪري ورتو
۽ ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ته ملڪي آزادي ۽
ان ۾ مسلمانن لاءِ هڪ باعزت ۽ باوقار جڳھ حاصل ڪرڻ
سندس مقصد هو. شروعات ۾ هن هندو مسلم اتحاد جون
جيڪي ڪوششون ڪيون ۽ انهن ۾ جيڪا ڪاميابي کيس نصيب
ٿي ان جي ڪري کيس اتحاد جي سفير جو لقب ڏنو ويو.
انگريز حاڪمن جي مقابلي ۾ هندستانين جي عزت نفس جو
جهنڊو اوچو رکڻ لاءِ هن جنهن عزم ۽ همت کان ڪم
ورتو ان جي اعتراف طور بمبئي ۾ ”جناح هال“ ٺهيو.
پر آخرڪار جڏهن کيس يقين ٿي ويو ته ننڍي کنڊ جي
مسلمانن لاءِ آزادي، عزت ۽ احترام سان اجتماعي
زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه
آهي ته هو پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪن، پنهنجي
قومي تشخص کي حاصل ڪن ۽ پنهنجي لاءِ هڪ خودمختيار
۽ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد
بنائين ته هن انهيءَ راھ جي شديد مشڪلاتن جي
باوجود ان کي اختيار ڪيو، ۽ انهيءَ يقين سان
اختيار ڪيو ته آخري ڪاميابي سندن ٿيندي ۽ ان ڪري
ٿيندي جو اهي حق تي آهن.
قائداعظم پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو مرحلو ان
وقت شروع ڪيو جڏهن سندس عمر سٺ ورهيه ٿي چڪي هئي.
آل انڊيا مسلم ليگ جي نشاة ثانيه 1937ع ۾ ٿي، ان
وقت کان 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري
اجلاس ٿيڻ تائين مسلم ليگ جي سڄي ننڍي کنڊ جي شهر
شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ نئين سر تنظيم ٿي ۽ تمام مختصر
عرصي ۾ مسلم ليگ ان منزل تي پهتي جتي هو پوري
اعتماد سان اها دعوى ڪري سگهي ته هو سڄي ننڍي کنڊ
جي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي. انهيءَ
دعوى کي حقيقت جي صورت ڏيڻ ۾ قائداعظم جي سحرانگيز
قيادت مرڪزي حيثيت رکندي هئي.
مارچ 1940ع ۾ مسلم ليگ جو جيڪو ساليانو اجلاس
لاهور ۾ منعقد ٿيو ان ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن
پنهنجي قومي مستقبل لاءِ هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جيڪو
پنهنجي نتيجن جي لحاظ کان هڪ عهد آفرين فيصلو بنجي
ويو. فيصلو هي هو ته مسلمان پنهنجي ديني تقاضائن
جي لحاظ کان هڪ جدا اجتماعي تشخص رکن ٿا، ۽ هو
ننڍي کنڊ جي علائقي لاءِ هڪ اهڙي آزادي چاهين ٿا
جنهن ۾ سندن قومي آزادي جي به ضمانت هجي ۽ انهيءَ
خواهش تحت سندن فيصلو هي آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلم
اڪثريتي علائقن ۾ مسلمانن جي آزاد ۽ خودمختيار
مملڪت قائم ٿئي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اهوئي سندن
مقصد آهي. اهو فيصلو مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾
ٿيو هو جنهن جي صدارت قائداعظم ڪري رهيو هو، ان
ڪري ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت ٻنهي ان کي تمام
تشويش جي نظر سان ڏٺو ۽ ان وقت کان وٺي هندستان جي
ورهاڱي جي اعلان تائين ٻنهي پنهنجي انداز ۾ هر
ممڪن ڪوشش ڪئي ته هتي مسلمانن جي آزاد مملڪت قائم
نه ٿي سگهي، پر قائداعظم جي رهبرانه فراست ۽
مسلمانن جي مثالي اتحاد جي مقابلي ۾ انهن مخالفانه
سازشن کي بهرحال ناڪام ٿيڻو هو ۽ اهي ناڪام ٿيون.
14- آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ جا مسلمان پاڪستان جي
قيام جي صورت ۾ پنهنجي لاءِ هڪ آزاد مملڪت حاصل
ڪرڻ ۾ اهڙي باوقار انداز ۾ ڪامياب ٿيا جو دنيا
حيران ۽ ششدر رهجي وئي.
1937ع کان 1947ع تائين قائداعظم آزادي حاصل ڪرڻ جي
راھ تي مسلمانن جي رهنمائي ڪئي ۽ هڪ طرف هڪ وڏي
طاقتور غير ملڪي حڪومت ۽ ٻئي طرف ڪانگريس جهڙي
منظم، مضبوط ۽ سمورا وسيلا رکندڙ جماعت جي هر ممڪن
مخالفت جي باوجود مسلمان قوم کي سندس آرزوئن جي
سرزمين تي پهچايو ۽ قوم جڏهن پنهنجي آزاديءَ واري
منزل تي پهتي ته قائداعظم هي ڪونه ڪيو جو ستر سالن
جي عمر ۾ صحت جي تشويشناڪ حالت جي پيشِ نظر پنهنجي
لاءِ آرام ۽ سڪون جون گهڙيون تلاش ڪري ها. هڪ طرف
قائمداعظم جي پنهنجي صحت ۽ زندگيءَ جو مسئلو هو ۽
ٻئي طرف مسلمانن جي نئين قائم ٿيل مملڪت پاڪستان
جي بقا ۽ استحڪام جو مسئلو هو. قائداعظم پنهنجي
صحت کي مملڪت جي بقا تي قربان ڪيو ۽ گورنر جنرل جي
حيثيت ۾ پاڪستان جي سڀني کان اهم ذميداري پنهنجي
ڪلهن تي کنئي. هو اٽڪل 13- مهينا اها زميواري
سنڀاليندو آيو ۽ انهيءَ ذميداريءَ سان 11- سيپٽمبر
1948ع تي پنهنجي جان هن جان آفرين جي سپرد ڪئي.
قائداعظم قومي قيادت کي هڪ مقدس امانت سمجھيو ۽ هڪ
ايماندار مسلمان وانگر انهيءَ امانت جي حفاظت ڪئي.
قائداعظم جي قيادت جي هڪ امتيازي خصوصيت ۽ هڪ
منفرد صفت هيءَ هئي ته آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾
پهرين قطار جو اڳواڻ هجڻ جي باوجود هن ڪڏهن پنهنجي
سياست جو بنياد احتجاجي جذبات تي ڪونه رکيو. هو
ڪڏهن به ماڻهن جي جذبن سان ڪونه کيڏيو. هن سياست
ڪڏهن به منفي روش اختيار نه ڪئي، ۽ اهوئي سبب آهي
جو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي سربراهه جي
حيثيت ۾ ذميداريون قبول ڪرڻ هن لاءِ ڪنهن به
دشواريءَ جو سبب ڪو نه بڻيو. پاڪستان جي پهرئين
گورنر جنرل ۽ پاڪستان جي پهرين دستورساز اسيمبليءَ
جي صدر جي حيثيت ۾ هن پنهنجيون ذميداريون سهڻيءَ
ريت نڀايون ۽ انتظامي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ کيس
ڪابه ڏکيائي ڪونه ٿي. هيءَ جدا ڳالھ آهي ته صحت
ٺيڪ نه هجڻ جي ڪري اعليٰ ترين سطح تي مملڪت جي
سربراهي جون ذميداريون پوريون ڪرڻ سبب زندگيءَ
لاءِ خطرا پيدا ٿيا ۽ هن آزاديءَ جي پهرين سالگره
جي موقعي تي هي نصيحت ڪندي قوم کان موڪلايو ته:
”قدرت اوهان کي هر دولت سان مالامال ڪيو آهي.
اوهان جي ملڪ جا بنياد مضبوطي سان رکجي چڪا آهن ۽
هاڻي اهو اوهان جو ڪم آهي ته انهن بنيادن تي جلد
کان جلد ۽ بهتر کان بهتر مملڪت جي تعمير ڪريو.
تنهنڪري اڳتي وڌو خدا اوهان جو حامي ۽ ناصر رهي.“
قائداعظم هڪ ٿڌي ۽ منطقي طبيعت رکندڙ هو ۽ طبعا هو
دستور پسند ۽ قانون پسند هو. هو پاڻ به محنت جو
عادي هو ۽ چاهيائين ٿي ته ٻيا به پوري شوق سان
محنت کي پنهنجو شعار بنائين. پاڪستان جي مخالفن
انتهائي بيدليءَ سان هندستان جي ورهاڱي جي تجويز
منظور ڪئي هئي ۽ پنهنجي خيال ۾ هنن هي سمجھي
پاڪستان ٺهڻ قبول ڪيو هو ته هيڏين ڏکين حالتن ۾،
جيڪي ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت ٻنهي پاڪستان لاءِ
پيدا ڪري ڇڏيون هيون، هڪ مملڪت جي حيثيت ۾ پاڪستان
جي استحڪام جو تصور عملي روپ وٺي نه سگهندو. پر
قائداعظم جي رهنمائي ۾ پاڪستان جي حڪومت جو هر فرد
۽ مملڪت جو هر شهري سڀني مصيبتن ۽ دشوارين جي
طوفانن جي مقابلي ۾ جبل بڻجي ويو ۽ انهن طوفانن جو
رخ موڙي ڇڏيو.
قائداعظم صحت جي خرابي جي باوجود پاڪستان ٺهڻ جي
پهرئين سال جي اندر سڄي ملڪ جي ٻنهي حصن جو دورو
ڪيو، مسئلن ۽ حالتن جو پاڻ جائزو ورتو ۽ پنهنجي
سچن جذبن، مضبوط قوت ارادي ۽ آهني عزم سان قوم کي
هڪ نئون حوصلو ڏنو ۽ اهوئي حوصلو هو، جيڪو مملڪت
پاڪستان جي ٻيڙيءَ لاءِ دشمني جي انهن طوفانن ۾ هڪ
مضبوط بادبان بڻجي ويو ۽ قوم جي آزادي جي اها ٻيڙي
ڪناري تي پهتي. حقيقت هي آهي ته قائداعظم جي قيادت
جو لازوال ڪارنامو صرف اهوئي ڪونهي ته پنهنجي آهني
عزم ۽ يقين محڪم جي سهاري ننڍي کنڊ جي مسلمانن
لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختار مملڪت قائم ڪرڻ ۾ حيرت
انگيز طور تي ڪامياب ٿيو، بلڪ اهو به سندس ئي
قيادت جو ڪرشمو هو، جو سڀني وسيلن کان محروم ۽
هرطرف کان مسئلن ۾ گهيريل مملڪت پاڪستان مضبوط ۽
مستحڪم بنيادن تي قائم ٿي. قائداعظم جهڙا اعليٰ
ڪردار ۽ آهني عزم رکندڙ رهنما قومن کي روز روز
ميسر نٿا ٿين ۽ تاريخ جي ڪنهن موڙ تي جيڪڏهن اهڙا
رهنما منصهء شهود تي جلوه گر ٿين ٿا ته پوءِ اهي
تاريخ جو هڪ نئون باب لکن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح دنيا ۾
پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏي وڃن ٿا.
دعا
واحد وسائينس، آهون عالَم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي، تِلُ مَ ترسائينس،
وسائي واٽن تي، اوڀڙ اُڀائينس،
صاحب ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،
پکا پکن سامهان، اوري اڏائينس،
هونِ سدائين هتهين، رب تون رهائينس،
”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.
- مصري شاھ نصرپوري
گذارش
(ايڊيٽوريل)
آه! عبدالواحد سنڌي ۽ رشيد ڀٽي
هن سال جي شروعات، اسان کان سنڌي ادب جا ٻه املھ
موتي کسي ورتا. اول مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ بعد ۾
رشيد ڀٽي، هڪٻئي پٺيان لاڏاڻو ڪري، سنڌ ۽ سنڌي
اديبن کي جهوراڻو ڏيئي ويا! زندگيءَ ۾ ڪيترائي خال
ڀرجي ويندا آهن، پر انهن ٻنهي پرخلوص ۽ صلاحيتمند
ادبي خدمتگارن جي ڪمي ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي.
سنڌ جي شاهوڪار ادبي خزاني جا اهڙا لال ۽ جواهر
هئا، جن جي دم سان سنڌي ادب تابنده ۽ درخشان هو.
سنڌي ادب جي بزرگ ۽ مثالي خدمتگار جناب مولانا
عبدالواحد سنڌي پيرانه ساليءَ ۾ 3- جنوري 1988ع تي
ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.
مولانا عبدالواحد سنڌي صحيح معنيٰ ۾ جديد سنڌي ادب
جو بي لوث خدمتگار هو. مولانا صاحب نئين زندگي
رسالي جو باني ايڊيٽر هو ۽ ان جي وسيلي سنڌي زبان
۽ ادب ۾ ترويج لاءِ هن جيڪي مثالي ڪوششون ورتيون،
سي سنڌي ادب جو سونهري باب آهن. سنڌ جي هن پراڻي
ايڊيٽر، ممتاز صحافي ۽ نامور ليکڪ جي وفات جي خبر،
سنڌ جي علمي، ادبي صحافتي ۽ ثقافتي حلقن کي گهرو
صدمو رسايو آهي.
مرحوم مولانا عبدالواحد سنڌي، سراپا سنڌي ادب جو
خادم هو. هن پنهنجي زندگي سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ
وقف ڪري ڇڏي هئي، ۽ اهڙا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، جي
ايندڙ نسلن لاءِ رهبري جو ڪم ڏيندا. هن پنهنجي
زندگيءَ جو مقصد ئي سنڌي ادب جي ترقي بنائي ڇڏيو
هو، اهو ئي سبب آهي جو نئين زندگي مولوي صاحب جي
زماني ۾ هڪ بلند پايه ادبي پرچي جو مقام حاصل ڪري
ورتو، جنهن کي اڄ هرڪو ياد ڪري رهيو آهي.
مولانا عبدالواحد سنڌي ذاتي طرح سان مرنجان مرنج،
هر دلعزيز ۽ سٻاجهي شخصيت جو مالڪ هو، اهو ئي سبب
آهي جو سندس انتقال پرملال تي سنڌي اديبن، عالمن،
شاعرن، سندس مداحن ۽ دوستن جو هڪ وڏو حلقو اڄ
غمگين ۽ اداس آهي. توڙي جو پاڻ 1966ع ڌاري
رٽائرمينٽ کان پوءِ گوشه نشيني جي زندگي گهاريندو
رهيو، پر سنڌي ادب سان سندس ناتو برقرار رهيو.
مولانا صاحب، نئين زندگي وسيلي سنڌي زبان، ادب،
ثقافت، صحافت، تهذيب، تعليم، ۽ تحقيق جي شعبن ۾
جيڪي خدمتون بجا آنديون آهن، سي سنڌي ادب جو محقق
ڪڏهن به نظرانداز نه ڪري سگهندو.
مولانا عبدالواحد سنڌي کي 1984ع ڌاري، سنڌالاجيءَ
۾، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ اڪيڊمي ادبيات
پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيل سنڌي ادب
سيمينار جي موقعي تي خاص طرح سان ڪراچيءَ مان آندو
ويو هو ۽ ان يادگار تقريب ۾ سندس مثالي ۽ عظيم
الشان خدمتن جي مڃتا ڪئي پئي هئي، نمائنده ادبي
اجتماع ۾ جڏهن سائين غوث علي شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر
محمد افصل کيس اعزازي اجرڪ ڍڪائي، تڏهن مولانا
صاحب جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هئي سندس دل ڀرجي آئي، پاڻ
ڪابه تقرير ڪري نه سگهيو ۽ پراڻن دوستن کي سڪ سان
ياد ڪيائين. اها مولانا عبدالواحد سنڌي جي آخري
ادبي ملاقات هئي، جنهن ۾ سنڌ جا ادب ۽ شاعر وڏي
تعداد ۾ شريڪ هئا.
مولانا عبدالواحد سنڌي جي ذات سنڌي ادب جي تاريخ
جو هڪ سونهري باب وابسته آهي. اسان سندس خدمتن ۽
عقيدت ۽ احترام جو خراج پيش ڪندي ڌڻيءَ در دعاگو
آهيون ته شال رب العزت مرحوم کي پنهنجي مغفرت
معنيٰ سان نوازي ۽ پوين کي صبر جميل جي
توفيق عطا فرمائي.
هن پرچي جي آخر ۾ مولانا صاحب جي ياد ۾ ڪجھ اديبن
جا تاثرات ڏنا ويا آهن جن ۾ سندس ادبي خدمتن جو
خاصو تذڪرو سمايل آهي.
�
16- فيبروري 1988ع تي، سنڌ جي
مشهور دانشور، اديب، شاعر، صحافي ۽ ڪهاڻي نويس
جناب رشيد ڀٽي جي وفات جي خبر، علمي ۽ ادبي حلقن
تي وڄ جيان ڪري ۽ سنڌ ۾ صدمي ۽ ملال جي ڏکوئيندڙ
لهر پکڙجي ويئي!
جناب رشيد ڀٽي رات جو هڪ بجي، ڪراچيءَ ۾ دل جي
بيمارين واري قومي انسٽيٽيوٽ ۾ حرڪت قلب بند ٿيڻ
سبب وفات ڪئي، جتي کيس نازڪ حالت ۾ داخل ڪيو ويو
هو. چند ڪلاڪ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ هُو جانبر ٿي نه
سگهيو ۽ هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو! سندس جسد
خاڪي صبح جو سکر نيو ويو، جتي سندس اباڻي قبرستان
۾ تدفين ٿي. وفات وقت سندس عمر 55 سال هئي. سندس
تدفين وقت نهايت دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا، جو
وڏي تعداد ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، دوستتن ۽
ساٿين، اوڇنگارن جي آه و زاريءَ ۾ پنهنجي پياري
ساٿيءَ جي خاڪي جسم کي سپرد خاڪ ڪيو.
محترم رشيد ڀٽي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عظيم انقلابي ۽
ترقي پسند ليکڪ، دانشور، ڪهاڻي نويس، ڊرامه نگار،
تاريخ نويس، نقاد، شاعر، صحافي ۽ مترجم جي حيثيت
سان سنڌي ادب جي مثالي خدمت ڪئي ۽ بلاشبه سندس
خدمتن کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي
حيثيت حاصل رهندي.
جناب رشيد ڀٽي سنڌي ادب ۾ افسانه نگار جي حيثيت
سان اڀريو ۽ گونا گون علمي، ادبي ۽ قومي خدمتن
وسيلي هڪ ممتاز مقام حاصل ڪيائين. سندس وسيع خدمتن
کي سنڌ جي قومي ادب ۾ هڪ تابنده درخشان حيثيت حاصل
آهي.
جناب رشيد 2 جــولاءِ 1933 تي سنڌ جي هڪ نامياري
علمي خاندان ۾ ڄائو. سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي
پنهنجي دور جو عالم، فاضل ۽ برک شخصيت هو. جناب
رشيد ڀٽي ننڍپڻ ۾ ٺيڙهيءَ جي ديني مدرسي ۾ تعليم
حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ خيرپور، سکر ۽ ڪراچيءَ جي مختلف
تعليمي ادارن ۾ تعليم ورتائين ۽ بي. اي. ايل. ايل.
بي. ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين.
ڪاليج جي زماني ۾ ترقي پسند تحريڪن ۾ حصي وٺڻ سان
گڏ مختلف صنفن ۾ هن لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري سان گڏ
نثر ۾ ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ ڪهاڻيون،
ناول، ڊراما، تحقيق، تنقيد ۽ سياسي ۽ قومي فلسفي
جا تجزيا شآمل آهن. سندس مکيه ڪتابن ۾ گهڙيءَ
گهڙيءَ هڪ گهاءُ، عاشق زهر پياڪ، چتر ليکا، اسين
لوچون لوھ ۾، پاپ ۽ پيڙا، دنيا جا عظيم افسانا،
آڏي ڍال م ڍار، اوڀاريون لهواريون، ويرن جي وسندي،
سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي شامل آهن.
جناب رشيد ڀٽي، سنڌ جي نوجوان اديبن جي نمائنده
تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي بابين مان هو ۽ پاڻ
لاڳيتو ڏهه سال سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾
مثالي ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيائين. سنگت سندس
ايامڪاريءَ ۾ وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻي ۽ سڄي سنڌ جي
نوجوان نسل کي هن هڪ پليٽ فارم تي يڪمشت ڪيو.
صحافت سان وابستگي دوران، ڪراچيءَ ۾ الوحيد ۽ نئين
سنڌ اخبارن سان وابسته رهيو ۽ روزنامه هلال
پاڪستان سکر جو ايڊيٽر پڻ ٿيو. نئين زندگي، مهراڻ،
روح رهاڻ، برسات، سوجهرو، هلال پاڪستان، صبح سنڌ ۽
سنڌ جي تقريبا سڀني مکيه رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس
انيڪ مضمون ۽ آرٽيڪل ڇپجندا رهيا.
جناب رشيد ڀٽي جي ڪهاڻين جي مجموعي گهڙيءَ گهڙيءَ
هڪ گهاءُ تي 1963ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان
قومي انعام پڻ ڏنو ويو.
جناب رشيد پنهنجي سڄي زندگي علم ادب سان گڏ قومي
مسئلن جي تحريڪن ۾ هڪ باهمت ۽ هوشمند ڪارڪن جي
حيثيت ۾ جدوجهد ۾ بسر ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ
هجي يا ون يونٽ جي خاتمي جي جدوجهد، جديد سنڌي ادب
جي دفاع جي تحريڪ هجي يا قومي اتحاد جي ضرورت ــــ
جراتمند رشيد ڀٽي، هر موقعي تي، پنهنجي تمام تر
حوصلي ۽ همت سان، هميشه اڳرو رهيو ۽ نوجوانن کي پڻ
اتساهيندو رهيو. ان سلسلي ۾ ڪيترين ئي تنظيمن جو
روح روان رهيو. پوئين زماني ۾، باوجود طويل علالت
۽ طبعي بي چاقيءَ جي، هو آرام سان ڪونه ويٺو ۽ سنڌ
سڄاڻ سڀا جو بنياد وجهي، سنڌ جي مسئلن بابت پنهنجي
وسيع تجربي ۽ ان جهوريءَ هو پنهنجي جُهريل صحت کي
پڻ وساري چڪو هو ۽ سندس پنهجي هڪ لازوال شعر:
”سنڌڙي رهي، اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو“
جي عملي صورت بنجي چڪو هو.
جناب رشيد ڀٽي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي نئين نسل جي
تربيت لاءِ جيڪي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، سي اڄ سنڌي
ادب جي تاريخ جا سونهري ورق آهن ۽ سندس خدمتون
تاريخ ۾ روشن سج وانگر هميشه تابنده رهنديون.
جناب رشيد ڀٽي ذاتي طرح سان هر دلعزيز شخصيت جو
مالڪ هو. سندس شگفته مزاجي ۽ پُربهار انداز کي
دوست احباب وساري نٿا سگهن. دوستن جو دوست، ساٿين
جو سڄڻ رشيد ڀٽي وفا شعاري ۽ زنده دليءَ جو مجسمو
هو. کيس زندگيءَ سان بي انتها پيار هو، اهو ئي سبب
آهي جو ڪڏهن به مايوسيءَ کي قريب اچڻ ڪونه ڏنائين.
آسن ۽ امنگن، آرزوئن ۽ اميد جو پرچارڪ رشيد،
پنهنجي همعصر دوستن لاءِ هڪ اتساهيندڙ علامت هو.
جناب رشيد ڀٽي جي افسوسناڪ رحلت تي بقول محترم
حميد سنڌي ”اڄ هر سنڌي اديب ۽ شاعر جي گهر ۾ پٿر
آهي، اڄ هر سنڌواسيءَ جي گهر ۾ پٿر آهي.“ ـــــ
اسين اداره مهراڻ طرفان ڪنهن کي تعزيت ڏيون؟ اسان
خود پسماندن ۾ شامل آهيون.
اسان جي دعا آهي ته شال رب ڪريم، محترم رشيد ڀٽي
جي روح کي مغفرت سان نوازي ۽ سندس پُٽن ۽ ڀائرن ۽
گهر جي سڀني ڏکويل فردن کي صبر جميل جي توفيق عطا
فرمائي. جناب رشيد جي ياد ۾ ڪجھ اديبن ۽ ساٿين جا
تاثرات، هن شماري جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ اهو
سلسلو اڻ کٽندڙ رهندو، ڇو ته رشيد صاحب جي پيغام،
فن، فڪر ۽ خدمتن جي پچار، سنڌ لاءِ حق آهي ۽
اشاعتي ذريعن لاءِ فرض.
ويا سي وينجھار!
سنڌ جي نامياري ماهر تعليم ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر جي هڪ قابل فخر پارکوءَ،
سائين عبدالعلي قلباڻي 8- فيبروري 1988ع تي حرڪت
قلب بند ٿيڻ سبب رحلت ڪئي. وفات وقت مرحوم جي ڄمار
79 سال هئي.
مرحوم قلباڻي صاحب، سڄي زندگي سنڌ ۾ تعليم ۽ علم
ادب جي خدمت ڪندي گذاري. هو پي. ٽي. ڪاليج
حيدرآباد جو وڏي عرصي تائين پرنسيپال رهيو.
گورنمينٽ ايڊيوڪيشن ڪاليج سکر، گورنمينٽ ڪاليج ٺٽي
۽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر جي حيثيت سان
مرحوم جون خدمتون روشن آهن.
قلباڻي صاحب کي سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فن، فڪر ۽ پيغام سان خاص
عشق هو ۽ ان سلسلي ۾ سندس لاتعداد مضمونن کي سنڌي
ادب ۾ ساراھ جوڳو مقام حاصل آهي. اهو لطيف سان
سندس محبت جو دليل آهي، جو سندس وصيت موجب، سندس
جسد خاڪي، ڀٽ شاهه تي لطيف سائينءَ جي ڇانوَ ۾ دفن
ڪيو ويو.
سائين عبالعلي قلباڻي هر دلعزيز، نيڪ ۽ پرهيزگار
صوم و صلوات جو پابند ۽ ٻاجھارو شخص هو. سندس وفات
سان سنڌ هڪ مخلص تعليمي ماهر ۽ لطيف جي پارکوءَ
کان محروم ٿي آهي. هزارن جي تعداد ۾ سندس شاگردن
کي دلي صدمو پهتو آهي. اسان جي دعا آهي ته شال
الله تبارڪ تعاليٰ مرحوم کي مغفرت سان نوازي ۽
سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.
(آمين)
سن
ڌالاجي ۽ سنڌي شعبي کي مبارڪباد
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالجاي پنهنجي 25 سالن جشن جي
موقعي تي، گذريل ڊسمبر ۾ سلور جوبلي تقريبات منعقد
ڪيون ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي، شروع فيبروري
۾ هڪ عظيم الشان بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس
منعقد ڪري هڪ تاريخي روايت جو بنياد رکيو.
ويجھڙائيءَ جا اهي روح پرور علمي، ادبي، ثقافتي ۽
تاريخي اجلاس، سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ادبي
خدمت جا دلپذير نقش آهن. انهن تقريبن جي انعقاد تي
اسين سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائق ۽ فائق وائيس
چانسيلر جناب مظهر الحق صديقي، سنڌالاجيءَ جي
ڊئريڪٽر محترمه مهتاب اڪبر راشدي، سنڌي شعبي جي
چيئرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڪانفرنس جي
سيڪريٽري محترم محمد قاسم ٻگهئي ۽ ٻين سڀني
واسطيدارن کي دل و جان سان مبارڪباد پيش ٿا ڪريون.
سلور جوبلي تقريبات توڙي انٽر نيشنل ڪانفرنس جون
ڪار گذاريون، مهراڻ جي ورندڙ شماري ۾ ڏنيون پيون
وڃن. |