|
متفرقه

علم ادب ۽ سماج
علم ادب جو سماج سان گھرو تعلق آهي ڇو ته هر قوم
جوعلم ادب انھيءَ جي ثقافت جو حصو هوندو آهي. اهي
ثقافتي خصوصيتون ئي هونديون آهن، جيڪي هڪ قوم جي
علم و ادب ۾ اچي، ان کي ٻئي ادب کان الڳ ڪري
بيھارينديون آهن. انھيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته
ڪنھن قوم جي علم ادب جو سندس ثقافت سان گھرو تعلق
رهي ٿو.
سماج ڪيترن ئي طريقن سان علم ادب تي اثرانداز ٿئي
ٿو. قوم جي سماجي جوڙجڪ، اقتصادي نظام، سياسي
تنظيم ۽ ان جا مختلف ادارا وغيره جا پرتوا علم ادب
۾ چٽا ٿي بيھن ٿا. انھيءَ کان سواءِ ان جا اجتماعي
خيالات. جذبات، تصورات،
اميدون ۽ اُمنگ، ڏندڪٿائون ۽ مذهب وغيره ان قوم جي
علم ادب ۾ ظاهر ٿين ٿا. سماجي زندگي جي دائري اندر
ڪابه اهڙي شيءِ نه هوندي آهي، چاهي اها ننڍي هجي
يا وڏي، معمولي هجي يا اهميت واري، جنھن جو اظھار
ان جي علم ادب ۾ نه ٿيو هجي. دراصل علم ادب مان
اهو ئي ڪجهه ظاهر ٿيندو آهي جيڪو ان جي ماحول ۾
هوندو آهي.
علم ادب جو سماج سان تعلق جو بيان ايترو آسان نه
آهي، جو سولائي سان ائين چئي سگهجي، ته ان جي
فلاڻي فلاڻي عنصر جو اثر گهٽ يا وڌ ٿيو آهي.
تنھنڪري ڪنھن به هڪ عنصر کي انھيءَ علم ادب تي
اثرانداز ٿيڻ لاءِ جوابدار ٺھرائي نه ٿو سگهجي.
سماج جو سارو سرشتو جنھن ۾ موادي، تصوري ۽ جذباتي
عنصر اچي وڃن ٿا، علم ادب تي اثرانداز ٿين ٿا. قوم
جي هر تاريخي دور ۾ ڪي اهڙيون سماجي حالتون
(Situations)
پيدا ٿين ٿيون، جيڪي ٻين سماجي حالتن کان مختلف
هونديون آهن. هر مصنف پنھنجي دور جي سماجي حالتن
مان ئي اهو مواد منتخب ڪري ٿو، جن جو مٿس گهڻو اثر
ٿيل هوندو آهي. اديب، انساني زندگي ۽ فن جي معيار
بابت جيڪي ڪجهه پنھنجي ذاتي تصور ۾ رکي ٿو، تنھن
جي ترجماني پنھنجي ادبي شاهڪار ۾ ڪري ٿو.
علم ادب جو پنھنجي وقت جي روح سان سڌو سنئون تعلق
هوندو آهي ۽ هو پنھنجي وقت جي احساسات جو بھترين
ترجمان ٿيندو آهي. تنھنڪري جيڪي ماڻھو علم ادب کي
سمجهن ٿا، سي مخصوص دور جي خيالن کي معلوم ڪري
سگهن ٿا. هو ڄاڻي سگهن ٿا. انھيءَ دور جي ماڻھن جو
رجحان شين ڏانھن ڪھڙو هو، سندن جذباتي چاهتون
ڪھُڙيون هيون، تنھنڪري علم ادب پنھنجي دور جي روح
کي ظاهر ڪري ٿو.
سماج ۾ جڏهن به ڪا تبديلي اچي ٿي، تڏهن ان جو فوري
اظھار ان جي علم ادب ۾ ٿئي ٿو. ڪي ماڻھو انھيءَ
تبديلي جي فائدي ۾ ٿين ٿا ۽ ڪي انھيءَ جي مخالفت
ڪن ٿا، ڪي وري ان تبديلي کي قبول ڪرڻ لاءِ
مجبوري ڏيکارين ٿا. اهڙيون سڀ ڳالھيون ان وقت جي
علم ادب ۾ ظاهر ٿين ٿيون، پر سمورا اديب ائين نه
هوندا آهن ۽ ڪن اديبن جي ادبي شھپارن سان وقت جي
سماجي حالتن جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. هي فنڪار
رڻ پٽ کي به باغ بھار بنائي پيش ڪندا آهن. پنھنجي
تخليقي قوت سان ناممڪن واقعن کي اهڙي ته نموني ۾
پيش ڪندا آهن، جو انھن جو ماحول ۽ دور سان ڪوبه
تعلق نظر نه ايندو آهي. ڪي وري مستقبل بعيد کي حال
۾ پيش ڪندا آهن ته جيئن قوم بيدار ٿي، اهڙن شھپارن
جو پنھنجي دور جي حالتن ۽ ڳالھين سان فقط تڏهن
تعلق رهي ٿو جڏهن اهي ماڻھن جي تصورات کي متاثر ڪن
ٿا. پر گهڻن ادبي ڪتابن جو تعلق قوم جي حال سان
هوندو آهي ۽ نه مستقبل سان. اڳئين زماني ۾ جڏهن
اديبن جي همت افزائي بادشاهه ۽ حڪمران ڪندا هئا،
تڏهن انھن جي وندر واسطي اديب تصوراتي تخليق کان
ڪم وٺندا هئا ۽ اهڙا ڪردار پيش ڪندا هئا، جن جو سچ
جي دنيا سان ڪو واسطو نه هوندو هو؛ کانئن ڪارناما
سرانجام ڏياريا ويندا هئا، جن جو انساني دنيا ۾
امڪان ئي ڪونه هوندو هو، انھيءَ هوندي به هو انھن
جي اوٽ ۾ حڪمانه نڪتا پيش ڪندا هئا، جن جو پڙهندڙن
جي زندگي تي اثر ٿيندو هو. اهڙي قسم جو علم ادب
ٻٽو فائدو ڏيندو هو. هڪ وندر مھيا ڪرڻ ۽ ٻيو رهبري
جو دڳ ڏيکارڻ. الف ليليٰ جو ڪتاب جيڪو اصل عربي ۾
لکيو ويو هو ۽ جنھن جو ترجمو دنيا جي سڀني ٻولين ۾
ٿي چڪو آهي، سو اڄ تائين عوام ۾ نھايت مقبول آهي،
ان جو تعلق مٿئين قسم جي علم ادب سان آهي. اهڙي
قسم جو رجحان هن وقت ختم ٿي چڪو آهي، انھيءَ هوندي
به اهو پراڻو علم ادب اڄ به زنده آهي.
جديد دور ۾ سماجي حالتن سان گڏ اقتصادي حالتون به
علم ادب تي اثرانداز ٿيون آهن. معاشري جون غير
سماجي ۽ اقتصادي حالتون، طبقاتي ڪشمڪش کي جنم
ڏينديون رهن ٿيون، جنھن جو اثر انھيءَ وقت جي سماج
۽ حالتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪي علم ادب ۾ توجھه حاصل
ڪن ٿيون. ظالمن جي مخالفت ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ
جديد علم ادب جو عام رجحان آهي. اهوعلم ادب ئي
آهي، جنھن سان پتو پوي ٿو ته، قوم ڪھڙي ڪشمڪش مان
گذري آهي ۽ ڪھڙن مرحلن کي نتيجن طور پھچندي رهي
آهي.
مصنف ته فقط سماج کان متاثر ٿيندو آهي، پر خود
سماج تي اثرانداز ٿيندو آهي. هو پنھنجي فن جي
ذريعي، نه صرف پنھنجي ماحول کي پيش ڪري ٿو، بلڪ
انھيءَ کي ٺاهي ٺپي به پيش ڪري ٿو، تا ته پڙهندڙ
انھيءَ مطابق پنھنجي زندگي ٺاهين ۽ تبديل ڪن. اهو
علم ادب ئي آهي، جنھن قوم ۾ سماجي، ذهني، نفسياتي،
اخلاقي ۽ سياسي انقلاب پيدا ڪيا آهن.
هر سڌريل سماج کي پنھنجو علم ادب هوندو آهي؛ جنھن
جو گھرو تعلق سماجي سٽا سان رهندو آيو آهي. جيڪڏهن
سماج ترقي ڪندو آهي، ته ان جو علم ادب به ترقيءَ
جي راهه تي گامزن هوندو آهي. پر جيڪڏهن سماج
تباهيءَ جي طرف ويندو آهي ته ان سان گڏ سندس علم
ادب جي تاريخ ۾ به تباهيءَ جا آثار نمايان نظر
ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي؛ جو قوم جي سماجي تاريخ
جو پتو سندس علم ادب مان ئي پوندو آهي. سماج جھڙي
نوعيت جو هوندو آهي، اهڙي نوعيت جوعلم ادب وجود ۾
آڻيندو آهي. علم ادب قوم جي نبض جو به ڪم ڏئي ٿو،
جنھن مان قوم جي صحت ۽ بيماريءَ جو پتو پئجي ويندو
آهي. تاريخي تحقيق جي طالبن لاءِ جيڪا سھوليت علم
ادب ڏئي ٿو، ان جو ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي. علم جي
ڪتابن مان ئي پتو پوندو آهي ته سندس مصنفن جي وقت
۾ سماج جا اهم مسئلا ڪھڙا هئا، ان جي چوطرف جي
فردن جو رخ ڪھڙو هو. اهڙيءَ طرح علم ادب قوم جو
آئينو آهي، جنھن ۾ ان جا مختلف روپ ۽ پھلو ڏسي
سگهجن ٿا.
غلام حسين پٺاڻ
ڪتاب: ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، ڇاپو
پھريون، 1982ع،
ص 19-21 تان کنيل
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
شگفته شاهه

قضيو ڪربلا جو...
(تاريخي واقعن جي ترتيب وار پسمنظر ۾
سُر ڪيڏارو جو مطالعو)
”ڪيڏارو“ سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل صورت آهي،
جنھن جي معنيٰ آهي ”جنگ جو ميدان“. هن سُر ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ڪربلا جي قضيي جو بيان ڪيو آهي ۽
حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ سندن خاندان وارن ۽
جان نثار ساٿين جي شھادت تي شديد ڏک ۽ رنج جو
اظھار ڪيو آهي. ان لحاظ سان سُر ڪيڏاري جا بيت ۽
وايون ”مرثئي“ جي موضوع جا اوائلي اهڃاڻ آهن ته
ٻئي پاسي ان ۾ جنگي اسباب، جنگي فن، جنگي سُورمن
جي دليري ۽ اعليٰ سيرت جو دل ۾ پيھي ويندڙ نقش
چٽيل آهن، جنھنڪري ان ۾ ”رزميه شاعريءَ“ جو رنگ به
رچيل آهي ۽ ڪيڏارو ”مزاحمتي شاعري“ جو هڪ بھترين
نمونو آهي.
سُر ڪيڏاري جا موضوع
(1) ڏٺو محرم ماهه-محرم
جو چنڊ: عيد جو چنڊ ڏسڻ سان هر پاسي سُرهائي پکڙجي
وڃي ٿي ۽ جتي ڪٿي ”مبارڪ! سلامت“ جا پيغام پکڙجي
وڃن ٿا، پر محرم جي مھيني جي چنڊ ڏسڻ سان ئي دل کي
اُداسي وڪوڙي وڃي ٿي، ڇو ته ان چنڊ سان سلھاڙيل
اهي درد ڀريون يادون آهن، جيڪي نبي پاڪ حضرت محمّد
ﷺ جي پياري فرزند (ڏهٽي) حضرت امام حسين عليھ
السلام ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي مليل اهي تڪليفون
آهن، جيڪي محرم جي مھيني (61 هجري) جي چنڊ ڏسڻ سان
وابسته آهن، ان درد کي هنن بيتن ۾ بيان ڪيو ويو
آهي:
ڏٺو مُحَرَم ماهَ، سَنڪو شھزَادن ٿِيو،
ڄاڻي هيڪُ الله، پاڻ وَڻنديون جو ڪري!
•
ڏٺو مُحَرَم ماهَ، سنڪو شھزادن ٿِيو،
مَڪي، مديني ماڙُهين رُنو مٿي راهَه،
تنھن واحد کي واهَه، جو حُڪم هِھڙائي ڪري.
•
مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه امامَ،
مديني جا ڄامَ، مولا! مون کي ميڙئين.
•
مُحَرَم موٽي آئيو، موٽِيا تان نه اَميرَ،
مديني جا مِيرَ، ڏاتَرَ! مون ڏيکارئين.
(2) ميرَ مدينئان هليا- حضرت امام حسين عليھ
السلام جي مديني مان روانگي: 60 هجري رجب جي مھيني
۾ اميرِ شام جي گذاري وڃڻ کان پوءِ يزيد تخت تي
ويٺو ته سندس عام بيعت ٿي، پر مديني ۾ حضرت امام
حسين
عليھ السلام ۽ ڪجهه ٻين ماڻھن يزيد جي بيعت نه ڪئي
هئي. انڪري يزيد مديني جي گورنر (حاڪم) وليد بن
عتبھ کي خط لکي، امام حسين عليھ السلام جن کان
بيعت وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ انڪار جي صورت ۾ کين قتل
ڪرڻ جو سخت حڪم ڪيو.
وليد بن عتبه، امام حسين عليھ السلام جن کي
دارالاماره (گورنر هائوس) سڏايو ۽ کين يزيد جو حڪم
ٻڌايو. ان مھل امام عالي مقام اهو تاريخي جملو
چيو: ”مون جھڙو، يزيد جھڙي جي بيعت نه ٿو ڪري
سگهي.“ پاڻ گهر موٽي آيا، کين احساس ٿي ويو هو ته
هاڻي پاڻ مديني ۾ محفوظ ڪونه هئا. امام حسين عليھ
السلام، رسول الله ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي حاضري
ڀري، اتي نماز ادا ڪئي ۽ پنھنجي دل جو حال ناني
سڳوري سان اوريندا رهيا. ايستائين جو کين ننڊ اچي
وئي ۽ خواب ۾ رسول الله کي ڏٺائون، جنھن کين شھادت
جي بشارت ڏيندي مديني مان وڃڻ جو حڪم ڏنو. حضرت
امام حسين عليھ السلام جن ننڊ مان جاڳيا ۽ گهر اچڻ
بعد مديني مان روانو ٿيڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي
ويا. ڪجهه ويجهي هستين کانسواءِ بي بي اُم سلميٰ،
حضرت امام حسين عليھ السلام سان
موڪلائڻ لاءِ آئي. رسول الله ﷺ جن جي گهروارين مان
فقط بي بي اُم سلميٰ هيون، جيڪي ڪربلا جي واقعي
تائين حيات هيون. کين امام حسين عليھ السلام جن جي
شھادت جي بشارت پاڻ سڳورن ڏني هئي ۽ ڪربلا جي مٽي
به ڏنائون، جيڪا حضرت جبرئيل، الله جي حڪم سان
رسول ﷺ کي آڻي ڏني هئي. بي بي ڄاتو ٿي ته هاڻي اهو
وقت اچي ويو، جنھن بابت پاڻ سڳورن پنھنجي حياتيءَ
۾ ئي ٻڌايو هو.
28 رجب، رات جي هڪ پھر ۾ حضرت امام حسين عليھ
السلام جن پنھنجي اهلِ بيت جي قافلي سان مديني کان
مڪي طرف روانا ٿيا. ان روانگي بابت سُر ڪيڏاري ۾
بيت ملن ٿا:
چَنڊَ وِهاڻيءَ چَڙهيا، مَلھَه مدينئان مِيرَ،
ان سين طبل بازَ، تبَروُن، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ،
عَليءَ پُٽَ امِيرَ، ڪندا راڙو رُڪَ سين.
•
چَنڊَ وِهاڻيءَ چڙهيا، مَلھَه مدنيئان گهوٽ،
اُن سين طَبَلَ بازَ، تَبروُن، نيزا ۽ نِشانَ،
عَليءَ پُٽَ اِمام، ڪندا راڙو رُڪَ سين.
•
مِيرَ مدينئِان هليا ڀَري مُبارَڪَ پيرَ،
جِتي پيين راتِڙي سي سُونھَڻ لڳا سيرِ،
ٻي قضا پاري ڪيرَ، حَسَن مِيرَ حُسينَ ري.
•
مِير مُدِينِئان نِڪري، ڏيرا ڏنائُون،
ڪاٺيءَ پاڻيءَ گاهه کي ماڙهُو مُڪائُون،
چڙهندي چَيائُون، ٿيندي ويڙهَه وَڏاندَري.
•
مِيرَ مَدِينئِان نِڪري، رِڙها مَٿي رَندَ،
گهوڙا تِن گهوٽن جا، پُريا مٿي پَنڌ،
جتي رَهن راتِڙِي سي سُونھارا هنڌ،
ڪُلھا ڪَرنگهَرَ ڪَنڌ، جهُرَنِ جهونجهارن جا.
•
مِيرَ مدينئون نِڪري، پُرئا مَٿي پنڌ،
جتي پَيين راتڙي، سُونھارا سي هنڌ،
ڪُونڌَ ڪرنگهَر ڪَنڌَ، ٿا ڇڻن ڇڳيرَن جا.
•
وائي
اڄ مير مومنن جا مدينو ڇڏي هليا،
مدينو ڇڏي هليا سي مدينو لڏي هليا،
سج چنڊ مصطفيٰ ڏي يڪدل گڏي هليا،
هَئي هَئي انڌارو ٿِئو ان ري تارا لڏي هليا،
اڄ مير مومنن جا مدينو ڇڏي هليا.
(3) ڪوفين ڪاغذ لکيو- مڪي ۾ ڪوفين جا خط اچڻ: امام
حسين عليھ السلام 3 شعبان 60 هجري، جمعي جي رات
مڪي ۾ داخل ٿيا، مڪي ۾ سندن قيام 8 ذي الحج
60هجريءَ تائين هو يعني چار مھينا (شعبان، رمضان،
شوال، ذي القعد) ۽ چار ڏينھن (اٺ ذي الحج تائين).
مڪي ۾ سندن قيام دوران ڪيترائي ماڻھو وٽن ايندا
هئا ۽ فيض پرائيندا هئا. ان وچ ۾ ڪوفي مان ڪيترن
ئي ماڻھن طرفان امام حسين عليھ السلام جن کي خط
لکيا ويا. جن ۾ اهائي خواهش ڪئي وئي هئي، ته امام
عالي مقام ڪوفي هليا اچن. ڇو ته انھن به اڃان يزيد
جي بيعت نه ڪئي هئي. هنن امام حسين عليھ السلام جن
کي پنھنجو رهبر ۽ رهنما بنائڻ ٿي گهريو، ان
صورتحال کي شاهه لطيف هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
ڪُُوفين ڪاغذ لکيو، وجهي وِچُ اللهُ،
اسين تابع تنھنجا، تون اسان جو شاهُه،
هيڪَرَ هيڏي آءُ، ته تختُ تابيني تنھنجي.
هر روز ڪوفي وارن جا خط ايندا هئا، ايستائين جو
خطن جو تعداد ٻارنھن هزار کان به مٿي ٿي ويو، ته
امام حسين عليھ السلام جن پنھنجي سؤٽ مسلم بن عقيل
کي ڪوفي ۾ وڃي حال احوال وٺڻ لاءِ روانو ڪيو. مسلم
بن عقيل ڪوفي پھتا ته سندن هٿ تي ٻاويھه هزار کان
وڌيڪ ماڻھن بيعت ڪئي. اها خبر يزيد تائين پھتي، ته
هن ڪوفي جي حاڪم نعمان بن بشير کي معذول ڪري،
عبيدالله ابن زياد کي نئون حاڪم مقرر ڪيو، جيڪو
بيحد ظالم شخص هو. هن مسلم بن عقيل کي پناهه ڏيندڙ
مختار ثقفي ۽ هاني بن عروه کي قيد ڪرائي ڇڏيو ۽
بعد ۾ هاني بن عروه کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ماڻھن کي
ظلم ۽ جبر سان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. ايستائين جو مسلم
بن عقيل بنھه اڪيلو رهجي ويو. جنھن کي اهو فڪر هو
ته، هو امام حسين عليھ السلام کي ڪوفي ۾ اچڻ کان
جهلي ڇڏي. ڇو ته جڏهن ڪوفي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن
بيعت ڪئي، ته مسلم بن عقيل امام حسين
عليھ السلام جن کي نياپو موڪليو هو ته ڪوفي جون
حالتون سازگار آهن، پاڻ هليا اچن.
جڏهن عبيدالله ابن زياد جا سپاهي مسلم بن عقيل کي
گرفتار ڪرڻ آيا، تڏهن هو ڏاڍي بھادريءَ سان وڙهيو
۽ ڪيترن سپاهين کي ماريو. آخرڪار کيس زخمي حالت ۾
گرفتار ڪري ڪوفي جي دارالاماره ۾ ابنِ زياد جي
سامھون پيش ڪيو ويو. جتي ابن زياد جي حڪم سان
دارالاماره جي قلعي جي ڇت تان ڌِڪو ڏئي شھيد ڪيو
ويو.
ٻئي طرف يزيد حاجين جي روپ ۾ پنھنجن ماڻھن کي مڪي
ڏانھن موڪليو، ته جيئن هو امام حسين عليھ السلام
جن کي قتل ڪري سگهن. ذي الحج جو مھينو شروع ٿي ويو
هو ۽ سوين حاجي مڪي ڏانھن اچڻ شروع ٿي ويا هئا.
امام حسين عليھ السلام جن کي سندن قتل جي سازش جي
خبر پئجي وئي هئي، انڪري ڪعبي جي حرمت خاطر حج کي
عمري ۾ بدلائي 8 ذي الحج تي پنھنجي اهلِ بيت جي
قافلي سميت روانا ٿيا. ان ڏينھن ئي مسلم بن عقيل
کي ڪوفي ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو، جنھن جي
خبر امام حسين عليھ السلام کي سفر ۾ هڪ منزل تي
ڪوفي مان ايندڙ قافلي جي ماڻھن کان ملي. اها خبر
ٻڌي پاڻ بيحد ڏکارا ٿيا، پر پوءِ به ڪوفي جي طرف
سفر جاري رکيائون، ڇو ته کين رسول الله صلّي الله
عليھ وآلہٖ وسلم جن
سندن شھادت جي جاءِ بابت اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو.
(4) ڪربلا جي پڙ ۾ پاڻ آيا پيهي- حضرت امام حسين
عليھ السلام جن جو ڪربلا پهچڻ: حضرت امام حسين
عليھ السلام جن جو قافلو سفر ڪندو، ڪيتريون ئي
منزلون طئي ڪندو 27 ذي الحج تي منزل ”زوحسم“ تي
پھتو ته ڪوفي مان هڪ هزار سپاهين تي ٻڌل لشڪر حُر
بن رياحيءَ جي سرداري ۾ اچي پھتو، پر گرميءَ ۽ اُڃ
سبب سڀني جي حالت خراب هئي. حضرت امام حسين عليھ
السلام جن جي حڪم تي نه صرف سپاهين کي پاڻي پياريو
ويو، پر سندن گهوڙن کي به پاڻي پياريو ويو.
حُر، حضرت امام حسين عليھ السلام جن کي ٻڌايو ته
سندس لشڪر کي، امام عالي مقام کي وٺي ڪوفي ۾
عبيدالله ابن زياد جي درٻار ۾ پھچائڻ جو ڪم سونپيو
ويو آهي. امام حسين عليھ السلام جن هن سان گڏ ڪوفي
وڃڻ کان صاف انڪار ڪيو. امام جي شخصيت جي رعب ۽
سيرت کان حُر ايڏو متاثر ٿيو، جو زور زبردستي ڪرڻ
جي همت نه ٿيس. بس ماٺ ميٺ ۾ حسيني قافلي سان گڏ
گڏ هلندو رهيو ۽ نماز جي وقتن تي امام حسين عليھ
السلام جن جي امامت ۾ نمازون ادا ڪندو رهيو.
ايستائين جو ڪجهه منزلون طئي ڪري 2 محرم 61 هجريءَ
تي اهڙي جاءِ تي پھتا، جتي هڪ جماعت رهائش پذير
هئي. امام عالي مقام ان ڌرتيءَ جو نالو معلوم ڪيو
ته، جواب مليو ”ڪربلا!“
اهو ٻڌي فرمايائون: ”خدا جو قسم! هي ڪرب ۽ بلا جي
ڌرتي آهي.“
پوءِ زمين جي مٽي هٿ ۾ کڻي ۽ پنھنجي کيسي مان مٽي
ڪڍي ٻنھي کي سنگهيائون ۽ فرمايو:
”هيءَ مٽي
منھنجي ناني (رسول الله ﷺ) لاءِ جبريل خدا پاران
آندي هئي ۽ فرمايو هو ته، اها مٽي حسينعه
جي تربت جي آهي... ٻنھي جي خوشبو ساڳي آهي.“
۽ پوءِ حڪم ڏنائون: ”هتي لھي پئو، ڇو ته
اهائي اسان جي منزل آهي، هتي ئي اسان جو رت وهايو
ويندو ۽ اتي ئي اسان جون قبرون ٺھنديون.... مون کي
رسول الله صلّي الله عليھ وآلہٖ وسلم اهوئي ٻڌايو
آهي.“
ان حقيقت کي شاهه سائين ”سُر ڪيڏارو“ ۾ هن ريت
بيان ڪيو آهي:
ڪَرَبَلا جــــــي پِــــــڙَ ۾ پاڻ آيا پيھِي،
پَـــــھَ ڪيائُون پـــــــاڻ ۾ مقابلِ ويھي،
قضا هيءَ ڪيھِي، هئي هئي ٿي حسين سين.
امام حسين عليھ السلام جن جي حڪم تي ڪربلا ۾ خيما
کوڙيا ويا، جتي فرات دريا مان نڪرندڙ نھر/ واهه
”علقمه“ موجود هو. ٽين محرم کان ڪوفي مان ابن زياد
پاران موڪليل فوج اچڻ شروع ٿي، جن جو تعداد هزارن
۾ هو. 7 محرم کان پاڻيءَ تي پھرو بيھاريو ويو، ته
جيئن امام، سندن اهلِ بيت ۽ ساٿين کي پاڻي نه ملي
سگهي. گرميءَ جي شدت ۽ تپندڙ رڻ پَٽ ۾ ٻار اُڃ کان
بي چين ٿيڻ لڳا، شاهه سائين ان ظلم کي بيان ڪندي
چيو آهي:
ڪُوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين،
اُتي عليءَ شاهه کي، شھزادا سارين،
نِڪريو نِھارين، چَڙُهه مير محمدصه
عربي.
•
ڪا جا ڍَري ڍَنگري، ڪو جو وَريو واءُ،
عليءَ شير وِياءُ، رِڻ ۾ پين راتڙي.
وائي
سارو ڏينھن رڻ ۾ رهيا سي امام،
رڻ ۾ رهيا سارو ڏينھن رڻ ۾ رهيا،
تون جا وڃين ڪونجڙي هي هي ناني ڏيج سلام،
مون کي ويرن ويڙهيو هئي هئي مولا مينھ وساءِ،
سارو ڏينھن رڻ ۾ رهيا سي امام.
(5) ڪربلا جو قضيو- عاشوري جو ڏينهن: ڏهين محرم 61
هجري، فجر جي نماز پڙهڻ کانپوءِ ڪربلا جي ميدان ۾
ٻه فوجون آمھون سامھون هيون. امام حسين عليھ
السلام جنھن فوج جا سردار هئا، اُها ٻاهتر جانثار
سپاهين تي مشتمل هئي. پاڻ پنھنجي اهلِ بيت ۽ ڪجهه
جانثار ساٿين جو قافلو وٺي مڪي مان نڪتا هئا،
ڪربلا جي تتل رڻ ۾ خيما کوڙيا ويا هئا، جن ۾ گهڻو
تعداد عورتن ۽ ٻارن جو هو، جن تي ستين محرم کان
پاڻي بند ڪيو ويو ۽ نھر تي يزيدي فوج جو پھرو هو.
ڪوبه ماڻھو پنھنجي عورتن ۽ ٻارڙن کي وٺي جنگ ڪرڻ
لاءِ نه نڪرندو آهي. امام عالي مقام جو ڏوهه فقط
اهو هو ته پاڻ يزيد جھڙي ظالم ۽ فاسق حڪمران جي
بيعت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. ڇو ته اهوئي رب جي
قدرت جو قانون آهي ۽ فرعون لاءِ موسيٰعه،
نمرود لاءِ ابراهيمعه ۽ يزيد لاءِ حسينعه
جھڙيون شخصيتون موڪليون وينديون آهن، ته جيئن حق ۽
باطل کي سڃاڻڻ ۾ آساني ٿي. امام حسين عليھ السلام
جن جي سامھون جيڪا فوج هئي، تنھن حسين عليھ السلام
جن کي سڃاتو ٿي ۽ الله جي رسول صلّي الله عليھ
وآلہٖ وسلم جن جا چيل لفظ به سندن ڪَنن تي پيل هئا
ته، ”حسينعه مون مان آهي ۽ آئون حسين
مان آهيان ۽ حسنعه ۽ حسينعه
جنت جي جوانن جا سردار آهن.“
پر حيف آهي انھن تي، جن حضرت محمّد ﷺ جن جي نالي
جو ڪلمو ٿي پڙهيو، پر دنيا جو حرص مٿن ايڏو غالب
اچي ويو هو، جو جن هستين لاءِ پاڻ سڳورن پارت ڪئي
هئي، انھن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تلوارون کنيو تيار
بيٺا هئا. ٻئي پاسي امام حسين عه جي
مختصر فوج هئي جنھن ۾ سندن ڀائرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن
کانسواءِ ڪوفي جي سخت ناڪه بنديءَ جي باوجود لڪي
ڇپي آيل پيرسن ساٿي شامل هئا، جيڪي امام عالي مقام
جي خط لکڻ تي آيا هئا ته ڪي وري اهڙا به هئا جيڪي
ڪربلا ڏانھن ايندي رستي ۾ سندن قافلي ۾ شامل ٿيا
هئا. اهو وڏي امتحان جو ڏينھن هو.
ڪَرَبَلا جو قضيو جڏهن پَوي منجهه جيءُ،
وَسن ٿا وُجُود تي سندا سورن سيءَ،
ڏهٽن ڏٺا ڏکڙا ناني ري نبيءَ،
فرزند بيبي فاطمة پاڪ پيارا پيءَ،
والِي وارث ويءَ، رڻ ۾ رُڪَ رَهائيا.
وائي
ياعلي، ياعلي، سِرَ يتيمن جي آئي،
آيو حڪم الله جو يا امام،
ياعلي، ياعلي سِر يتيمن جي آئي،
ٻن وڇوڙو موت جو يا امام،
هَي وو اَلا چارئي پھر جدائي،
آيو حڪم الله جو يا امام!
ياعلي، ياعلي سِر يتيمن جي آئي.
(6) پرهَه پکي آئيو- پکيءَ جو ڪردار: صدين کان
ڪبوتر پکي کي پيغام رسائيءَ لاءِ قاصد طور پيش ڪيو
ويندو آهي. ادب توڙي شاعريءَ ۾ ڪبوتر کي سنيھو
پھچائيندڙ ڪوٺيو ويو آهي. سُر ڪيڏاري جي هڪ وائيءَ
جي سِٽَ ۾ ’ڪونج‘ پکي ذريعي نياپو موڪليو
ويو:
تون جا وڃين ڪونجڙي هَئي هَئي ناني ڏيج سلام.
ڪربلا جي رڻ پَٽ ۾ ڪونج پکي يا ڪبوتر پکي جي هئڻ
جي ثابتي نه ٿي ملي، پر درد جي دانھن ڏيڻ ۽ مشڪل
وقت ۾ امام حسين عليھ السلام جن پنھنجي ناني کي
ضرور ياد ڪيو هوندو. ان تڙپ کي شاهه سائين بيتن ۾
اهڙي ريت بيان ڪيو آهي:
پِرهَ پکي آئيو لُڇئو لِيلائي،
ڪَرَبلا جي پِڙَ ۾ ايرادو آهي،
چڙهي رَسُ ڪاهي، مير محمد عربي!
•
پرهَ پکي آئيو ڪَرَبَلا مان ڪَھِي،
روضي پاڪ رسول جي، تِنھِ اچي هاڪ هنئي،
ڏٺيم رُڪَ رَئي، چڙهه مير محمد عربي.
•
پِرَهَ پکي آئيو، ڪَرَبَلا مان ڪالَ،
آهِ آلودو رَتَ ۾، هَئي هَئي منجهان حالَ،
گهوٽَ وَناهيا ڪال، ٻيلي ميرَ حُسينَ جا.
•
پَره پکي آئيو، صبح سوارو، روضي پاس رسول جي
هنيائين هاڪارو،
مانجهين ڪيو مارو، چڙهه مير محمد عربي!
(7) حُر هلي آئيو- مانجهي مَردانو حُرَ جو ڪردار:
جيئن ته اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي ته، سڀني کان اڳ
ڪوفي مان آيل لشڪر جو سردار حُر بن رياحي هو، جنھن
حضرت امام حسين عليھ السلام جي قافلي کي روڪيو هو
۽ ڪربلا تائين آندو هو. اها ڪربلا هميشه لاءِ هڪ
ڪسوٽي بنجي وئي حق ۽ باطل، ظالم ۽ مظلوم ۽ سچ ۽
ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ جي. حُر، جيڪو 27 ذوالحج کان نائين
محرم تائين امام حسين عليھ السلام جي قافلي سان گڏ
رهيو، هن ڏٺو ته جنھن عظيم هستيءَ کي حڪومت جو
”باغي“ قرار ڏئي ان سان جنگ ڪئي پئي وئي، ان جي
شخصيت ۽ ڪردار اُتم هو. هُو حق تي هئا ۽ يزيد غلط
رستي تي هو. ڪربلا انساني ضميرن کي جاڳائڻ جي
جُوءِ آهي. ان ڪربلا حُر بن رياحيءَ جي ضمير کي
ائين جهنجهوڙيو، جو کيس احساس ٿيو ته هن امام حسين
عليھ السلام جن کي روڪي جرم ڪيو هو. جنھن جو ازالو
هاڻي فقط حق ۽ باطل جي ان جنگ ۾، حق جو ساٿ ڏئي
ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ تاريخ اهي لمحا ڏٺا ته عاشوري
واري صبح جو حُر پنھنجي پُٽ، ڀاءُ ۽ غلام سميت
يزيدي لشڪر مان نڪري حسيني لشڪر سان وڃي شامل ٿيو
۽ اڳ هنن جي شھادت ٿي. شاهه سائين، حُر جي ڪردار
کي ڀيٽا پيش ڪندي فرمايو آهي:
حُرَ هَلي آئيو، مانجهي مَردانُو،
آهي عاشق آڳ جو، پتنگ پروانو،
”مان راضي ٿئي رَسول رب جو، نبي تو نانو!
هيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مٿان ئي گهوريان.“
•
هُئي هدايتَ حُرَ کي اَزَلَ ۾ اَصُلا،
چڙهي آيو جنگ تي هلي هُنَ پارا،
ايندي چيائين امام کي: ”گهورئسِ آن مٿان،
لاَيُڪَلَفُ اللهُ نَفسا الاَ وُسعَهَا، جيڪا
پڄنديم سا،
گهوٽَ به لڳا گهَا، اِي پُڻ شيرُ شھيدُ ٿيو.
(8) ڪامل ڪربلا ۾- آيا جُنگَ جوان جنگ جا منظر:
جيئن ته ڪيڏاري جو مطلب ئي آهي ”جنگ جو ميدان“ ۽
اهوئي ان سُر جو اصل موضوع آهي. جيتوڻيڪ امام حسين
عليھ السلام جن مديني مان جنگ ڪرڻ جي ارادي سان نه
نڪتا هئا، سندن قافلي ۾ خاندان جون عورتون ۽ ٻار
شامل هئا ۽ اُهي جوان جيڪي امام عالي عليھ السلام
جي نسل مان هئا ۽ سندن رهبري هيٺ جنگيون وڙهي چڪا
هئا، سي هر صورتحال لاءِ تيار هئا. بني هاشم جا
اُهي جوان بھادر ويڙهاڪ هئا انڪري عاشوري واري
ڏينھن هزارن جي تعداد ۾ فوج کي ڏسي نه ڊنا ۽ نه ئي
پوئتي هٽيا. ڇو ته اها ”ڪرهه هئي ڪانه، هو نظارو
نينھن جو“ شاهه سائين ڪيڏاري جي بيتن ۾ جنگ جو
نقشو اهڙي ريت چٽيوآهي، جو ڄڻ اکين سان اهي سمورا
منظر ڏسجن پيا:
ڪامِلَ ڪَربلا ۾، اهل بيت آيا،
ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،
سچ ڪ بيبيءَ ڄايا، هھڙا سورهه سُپرين!
•
ڪامِلَ ڪَربلا ۾، آيا جُنگ جُوان،
ڌرتي ڌُٻي، لرزي، ٿرٿليا آسمان،
ڪَرَه هئي ڪانه، هو نظارو نيھَ جو.
•
ڪامِلَ ڪَربلا ۾، آيا اَڄُ اَميرَ،
ويھي ويرين سامُھا، تِکا هنيائون تيرَ،
هُئي اي تقديرَ، امامن سين اڳھين.
•
ڏٺو ڪالَ ڪھِين، جهنجهارَ ڪو جهڳڙو؟
هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رَتَ نَئين،
ڀائِن سان سَئن، جتان جي جوکو ٿئي.
•
آيا، اُجارين، تَنڪَ، تراريون تئُرا،
سانگيوُن سائُڻ هٿَ ۾، ڪُلھِنئُون نه لاهين،
اُڀا ئي آهين، مُھائي مَرَڻ تي.
•
هَڻڻ، هَڪلڻي، ٻيلي سارڻ، مانجهان ايءُ مَرَڪُ،
وجهن تان نه فرق، رُڪَ وهندي راند ۾.
•
بَھادَر گڏيا بَھادرين، کڙڳَ کِلولِ ڪَن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
ڪِرَن ڪنڌ نَچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
•
ڪاري ڪَڪَرَ هيٺ، مُون جهيڙيندا ڇڏيا،
ڪارا ڪُندَ هٿن ۾، اڙلَ وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺِ، موٽڻ جنين ميھڻو.
(9) ”ڀڳو“ آئون نه چوان ”ماريو“ ته وسهان- عورتن
جو ڪردار: حسيني فاقلي ۾ شامل عورتون ڪي عام
زائفائون نه هيون. هنن پنھنجن جوانن کي پنھنجي هٿن
سان هٿيارن سان سينگاري سنواري گهوٽ بنائي شھادت
جي سيج ماڻڻ لاءِ موڪليو ۽ کين پارت ٿي ڪئي ته
امام حسينعه کان اڳ انھن کي پروانو
بنجي امامت جي شمع کي روشن رکڻو آهي. سندن خواهش
هئي ته شھادت ماڻڻ وقت سندن جوانن جي منھن ۽ سيني
تي ڌَڪَ هجن نه ڪي پُٺيءَ تي. امام حسين عليھ
السلام جن جو هرهڪ ساٿي باوفا ۽ بھادر هو ۽ پنھنجي
جان حق لاءِ قربان ڪئي. شاهه سائين عورتن جي واتان
چوائي ٿو:
ڪانڌ! ڪَلارين ڪپڙين، وَرَ! وناهيو آءُ،
جِتِ سانگين جي سَٽ وَهي، اُت وِکَ وڌندي پاءِ،
تان تان ڀوءَ مَ ڀاءِ، جان جان نوڌين نه چڙهين!
•
’ڀڳو‘ آئون نه چَوان، ’ماريو‘ ته وِسھان،
ڪانڌ مُنھن ۾ ڌڪَڙا سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄ مَران، جي هُونس پُٺ ۾.
•
جهمنديون اچن، جهوليُون جهونجهارَن جُون،
پايو پُڪَ ٻُھارَ جا، اُن جون وَهون واڪا ڪن،
پِٽينِ، پارَ ڪڍَن، رِڻُ گجيو، راڙو ٿيو.
•
ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايءَ مون، يار!
ويٺيون ڪن ڪوار، منھن مٿاهان جن جا.
•
ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايءِ مون سيڻ!
ويٺيون وجهن ويڻ، منھن مٿاهان جن جا.
•
مُنھن مٿاهان جن جا، سي پِٽيو ڪَڍَن پارَ،
جيڏيُون! هِنَ جهنجهار، اُجاري سڀ اَڇا ڪيا.
مَر مرين، آءُ رُوئَنءَ، موٽي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا.
•
ڪِلي ويرَ ڪَٽڪَ ۾، سائو سڀ نه هون،
پِڙ تي سيئي پُوَن، موٽڻ جنين ميھڻو.
•
ڪِلي ويرَ ڪَٽڪَ ۾، پاکَر جو پائي،
اڃان اَن کي جيئڻ جو، اسانگو آهي،
سورهُ سو جائي، جو رُڳو ئي رِڻ گهري.
•
سُورهَ! مَرين سوڀ کي، ته دل جا وَهَم وِسارِ،
هڻ ڀالا، وِڙهه ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مارِ ته مَتارو ٿئين.
(10) هَئي هَئي شاهه حسين سِڌاريو- امام حسين عليھ
السلام جي شهادت: 10 محرم 61 هجريءَ جو ڏينھن
اسلامي تاريخ جو هڪ دردناڪ باب لکي ويو. سج جي
تپش، تتل صحرا، جنگي هٿيارن ۽ زرهه جي گرمي، ٽن
ڏينھن جي اُڃ، عاشور جي رات جو اوجاڳو اکين ۾، آل
اولاد ۽ وفادار ساٿين جي لاشن ڀرسان بيٺل امام
حسين عليھ السلام جن ان مھل پنھنجي شھيد ڀاءُ حسن
عليھ السلام کي ڏاڍو ياد ڪيو هوندو، شاهه سائين
درد کي لفظن جو روپ ڏنو آهي:
حَسَن ناه حُسينَ وٽ، ٻيلي نه ٻاهُون،
ساڻيھه شھزادن جو، آهي اڳاهُون،
يزيدَ! جَلاهون، تيلان ڪَرئين تڪڙيُون؟
•
ڪِلي وير ڪَٽڪَ ۾، هيءِ! جي حَسن هو،
ڀيڙو پنھنجي ڀاءُ سين، پَتنگ جيئن پيو،
آهي ڪير ٻيو، جو ڪري هلان مير حُسين تان؟
عليءَ جو زخمي شير پنھنجي گهوڙي ’ذوالجناح‘ تي
سوار ٿيو، ’ذوالفقار‘ هٿ ۾ کنئي ۽ سامھون بيٺل
هزارن جي لشڪر طرف حملو ڪندي بھادريءَ جا اهڙا
جوهر ڏيکاريا ۽ هڪ ئي سٽ ۾ ڪيترن کي ناس ڪيو ته
دشمن جا اوسان ئي خطا ٿي ويا، ڪو ڪيڏانھن ڀڳو ته
ڪو ڪيڏانھن:
ڪامِلَ ڪَرَبلا ۾، آيا سيد شيرَ!
ماري مصرين سين، ڍوُنڍَ ڪيائون ڍير،
دَهليا اُت دليرَ، پَسي حملو مير حسين جو!
•
چار تراريُون چيلھه سين، ٻڌي ٻه پاڳُون،
اڳيَن جُُون اَڳُون، ڪونَر ڪِلي ۾ موکيُون.
وڙهندي وڙهندي، عصر جي نماز جو وقت ٿيو، حضرت امام
حسينعه جن گهوڙي تان لھي ميدان تي آيا،
کين ايڏا زخم رسيا جو رتورت ٿي ويا هئا. ڪربلا جي
تتل واريءَ تي پنھنجي پروردگار جي بارگاهه ۾ آخري
سجدو ڪندي پيشاني رکيائون، ته ان حالت ۾ مٿن تير ۽
نيزا اڇلايا ويا، شمر ملعون مُڏو خنجر کڻي اڳتي
وڌيو ۽ کين سجدي جي حالت ۾ شھيد ڪيو:
ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏَندَ ته ڏاڙهونءَ گُلَ جئَن،
چوڏهينءَ ماه چنڊ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳرڙياس،
ميڙي ۾ محمدصه جي، مَرُ مَرَڪي ماسَ،
تنھن سُوره کي شاباشِ، جو مٿي پَر پُرزا ٿئي.
•
ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏندَ ته موتين ڳُتيا،
چوڏهينءَ ماَه چنڊَ جيئن، پڙ ۾ پيشانياس،
”اللهُ نُورُ السَماواتِ وَلاَرض“ جلوو زميناس،
”سيمَاهُم في وُجُودهِھِم، منھن ۾ مَڻ ڳتياس،
ڪَڪِرا ڪربلا جا، مادَر ٿي ميڙياس،
ڦَٽَن تان رَت ڦڙا، عليءَ تي اُگهياس،
مِڙئي معاف ڪياسِ، خالقَ بدلي خون جي.
•
جَنَتَ سَندَين جُوءِ، فائقَ هَليا فردوسَ ڏي،
فاني ٿيا في الله ۾، هوءَ سين ٿيا هوءِ،
رَب! ڏيکارئين رُوءِ، اُنين جي احسان سين.
وائي
واويلا! واويلا! ڪئو مَلَڪَن رڻ ماتامَ
هَئي هَئي وو شاهَ حَسين سِڌاريو.
ڪَرَبَلا جي پِڙَ ۾، خيما کوڙيائون،
جيڪا تقدير رَبَ جي، لکئو لوڙيائون،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اڄ اميرَ،
جُهڙ وَرائي جهليا، طرف سندي تقدير،
پَسي سَختي مير حُسين جي، رُنو نبين زارو زار،
مَلڪ، فلڪَ، ڌرتي ڌُٻي، آئي عرش مٿي اوڇَنگار،
فَرزند عَليءَ جا دادَلا، چيو بيبِي فاطَمَة،
خُونُ ڇِڪينديَس، ڪينِ ڇڏينديس جانِي،
اَهِنجو ڏِينھ قِيَامَة،
فَرزَنَدَ عَلِيءَ جا دادَلا، مون تان ڪوڏِ نپايا،
بيبي بَتول جَنتَ خاتونءَ پارَ،
ڪَڍِي سِرڳَري لايا.
(11) ڪربلا ڪڪوري، دُلدل رتا پير- دُلدُل (گهوڙي)
جو ڪردار: ڪربلا جي جنگ جو هڪ اهم ڪردار امام حسين
عليھ السلام جو گهوڙو ’ذوالجناح‘ آهي، جنھن کي
اسان وٽ عام طور ’دلدل‘ چيو ويندو آهي. پنھنجي
عالي مرتبت سوار سان گڏ ان گهوڙي به جھاد ڪيو ۽
جنھن مھل امام حسين عليھ السلام جن سجدي جي حالت ۾
هئا ۽ مٿن تير وسايا پئي ويا، ته ان بي زبان سندن
چؤطرف ڦري سندن حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس
مٿان به تيرن جو وسڪارو ٿيو ۽ ذوالجناح به رتورت
ٿي ويو. امام حسين عليھ السلام جن جي شھادت کان
پوءِ امام جي شھادت جي خبر ڏيڻ خاطر ذوالجناح خيمن
ڏانھن ڀڳو، رَت ۾ ٻڏل ۽ تيرن سان ڀريل ذوالجناح کي
ڏسي بيبيون سمجهي ويون، ته امام حسين عليھ السلام
جن شھيد ٿي ويا آهن. ان بعد اهو گهوڙو رڻ ڏانھن
وٺي ڊُڪو ۽ وري ڪڏهن نظر نه آيو، شاهه سائين ان
وفادار گهوڙي کي به ڳايو آهي:
گهوڙو گهوٽَ پلاڻيون، مٿس زينَ ڌري،
علي شير پُٽن کي، اُڀو سڏَ ڪري،
قضا ڪيئن ٽري، جيئن اَمرُ اِلاهي آئيو.
•
ڪَرَبَلا ڪَڪوري، دُلدُل رَتا پيرَ،
سَٽون ڏيندي شير، مٿان سجُ مُرڪيو.
•
گهوڙَن ۽ گهوٽن، جئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رِڻَ جا!
وائي
اڄ نه آيو اِمامُ، واويلا! مومِنا ماتامُ! واويلا.
اَن نه پاڻي ان کي، نَڪو وُٺڙَن مينھن،
مومِنا ماتامُ! واويلا.
هئا سَٽاڻي جنگ ۾، نَوَ راتيون ڏهه ڏينھن،
مومِنا ماتامُ! واويلا.
دُلدُل گهوڙو شاهه جو، مٿس لالَ پلاڻي،
مومِنا ماتامُ! واويلا.
شيرَ شھزادي لڏيو، سيد سيج نه ماڻي،
مومِنا ماتامُ! واويلا.
(12) ذرو ناهه يزيد کي، نِسورو ئي نينهن- يزيد جي
شڪست: جڏهن ڪنھن قوم جي ماڻھن ۾ ظلم خلاف وڙهڻ جي،
غلط کي غلط چوڻ جي ۽ مظلومن جي حق ۾ ڳالھائڻ جي
سگهه نه رهندي آهي ته اها قوم بي حس بنجي حڪمرانن
جي هر ظلم، جبر ۽ غلط قدم کي قبول ڪرڻ کي ’مصلحت‘
۽ ’مجبوري‘ جو نالو ڏئي ان سسٽم جو حصو بنجي ويندي
آهي ته ڪي وري دنيوي فائدا ۽ وڏا عھدا ماڻڻ لاءِ
ظالم ۽ جابر جا مددگار بنجي ويندا آهن. ان مھل ستل
قوم جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ڪنھن وڏي امتحان جي
ضرورت هوندي آهي، جنھن ۾ حق ۽ ناحق جو وچ ۾ ٽڪراءُ
ٿيندو آهي ۽ حق تي ٿورا ئي ماڻھو هوندا آهن، پر
اهي ناحق جي مضبوط ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا آهن.
ڪربلا حق ۽ ناحق، ظالم ۽ مظلوم ۽ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾
لڙائي هئي، جنھن قيامت تائين حق لاءِ اُٿي بيھڻ ۽
ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي سگهه ڏني ۽ امام عالي مقام
هڪ اصول طئي ڪري ڇڏيو ته: ”مون جھڙو، هن (يزيد)
جھڙي جي بيعت نه ٿو ڪري سگهي.“
”شھادت“ زندگيءَ جو انت ڪونھي بلڪه زندگيءَ جي بقا
آهي، ان ڪري ئي قرآن پاڪ ۾ الله جي راهه ۾ مارجي
وڃڻ وارن کي زنده سڏيو ويو آهي، جن کي رب پاڪ وٽان
رزق ملي ٿو، پر ماڻھن کي ان راز جي خبر ڪونھي.
جيئن يزيد، امام حسين عليھ السلام جن جي شھادت کي
پنھنجي فتح سمجهي هئي، پر درحقيقت امام عالي مقام،
سندن اولاد ۽ جانثار ساٿين جي شھادت، يزيد جي
حڪومت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو هو. امام حسين عليھ
السلام جن ته ان امتحان مان پار ٿي سرخرو ٿي ويا
هئا، جنھن جي خبر رسول الله ﷺ جن پنھنجي حياتيءَ
۾ ٻڌائي ڇڏي هئي. جڏهن ته يزيد ۽ سندس پوئلڳ قيامت
تائين نامراد رهندا، شاهه سائين چوي ٿو:
سختي شھادت جي، مِڙوئي مَلارُ،
ذرو ناه يزيد کي، اِي عشق جو آثارُ،
ڪُسڻ جو قرار، اصل امامَن سين.
•
سختي شھادت جي، مَلارُ مڙوئي،
ذرو ناهِ يزيد کي، آثارُ اهوئي،
ڪُسَڻَ جو ڪوئي، اصل امامن سين.
•
جهيڙو لاهِ يَزيد! عليءَ جي اولاد سين،
سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين سين.
•
جَنين جهيڙيو ڪالَ، عليءَ جي اولاد سين!
هيءَ! تنين جي حالَ، جي جماتي يزيد جا.
•
جَنين جهيڙيو اَڄُ، عليءَ جي اولاد سين،
ڀءِ! تنين کان ڀِڄُ، جي جماتي يزيد جا.
•
سختي شھادَت جي، سُڻ، شاديءَ جي ڏينھن،
ذرو ناهِ يزيدَ کي، نسوروئي نينھن،
مرگ آهي مينھن، عليءَ جي اولاد کي.
•
دوست ڪُھائي دادلا، محبِ مارائي،
خاص خليلن کي، سختيُون سَھائي،
اللهُ الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
اِنھيءَ منجهه آهي، ڪا اونھي ڳالھه اسرار جي.
•
سختي شھادت جي، نسوروئي نازُ،
رِندُ پروڙين رازُ، قضئي ڪربلا جو.
(13) ماتام امامن جو ڪريو- ماتام شهيدن جو ڪريو-
غمِ حسين: امام حسين عليھ السلام جن کي جنھن ظلم ۽
بربريت سان شھيد ڪيو ويو، ان جو غم ۽ يادگيري صرف
مسلمانن تائين محدود ڪونھي، بلڪه ان درد دنيا جو
سرحدون لتاڙي عالمگير حيثيت ماڻي، ڇو ته هڪ پاسي
ڪربلا اسلام جي بقا جي ضامن هئي ته ٻئي طرف اڄ به
هر مظلوم کي ظالم خلاف بيھڻ جي سگهه عطا ڪري ٿي.
امام عالي مقام کي هر ان گهڙي ياد ڪيو ٿو وڃي،
جڏهن يزيديت خلاف حسينيت اٿي کڙي ٿئي ٿي. جڏهن
محرم جو مھينو اچي ٿو ته ان محرم جي چنڊ ڏسڻ سان
ئي درد رکندڙ دليون غمگين ٿي وينديون آهن. محرم جي
ڏينھن ۾ هر سال ڪربلا جي سانحي کي ياد ڪيو ويندو
آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ اهو واقعو اڄ
ئي پيش آيو آهي. لطيف سائين ان غم کي هنن لفظن ۾
بيان ڪيو آهي:
•
مُحَرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امامَ،
مديني جا ڄامَ، مولا! مون کي ميڙئين!
•
محرم موٽي آئيو، موٽيا تان نه اميرُ،
مديني جا ميرَ، ڏاترَ! مون ڏيکارئين!
•
ميرَ مدينئا نڪري، آئيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، اَدا نيروٽِي،
آنءُ تنين لءِ لوٺي، جي مير مسافر رائنيا!
•
حسَنَ ميرَ حُسَن کي، رُنو ٽن ٽولَن،
گهر ماڙهُين، جهنگ مِرئين، اُڀن ۾ ملَڪَن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته کڏيو هوتَ وڃن،
اَلا شھزادن، سوڀُون، ڏئين، سچا ڌڻي!
•
حَسَن ميرَ حُسين جي، سُئي جنگِ جھانَ،
اڏاڻا اوڙَ ڪري، ڪارين پَکين ڪانَ،
پيُ، ڏاڏاڻا، پاڻَ، سيدَ سڀ مَلھائِيا.
•
حَسَنَ ميرَ حُسينَ جو، جَن نه هيڙي جارُ،
خالقُ، رَبُّ جبارُ، ڪِينَ مرهندو تِنَ کي.
وائي
ماتامُ امامن جو ڪَرِئو، ماتامُ شھيدن جو ڪَرئو،
ماتامُ امامن جو ڪَرِئو.
روئي روئي اکيون، رَتَ سين ڇو نه ڀَرئو،
ماتامُ امامن جو ڪَرِئو.
جيڪين اِمامَن سين ٿيو، سو پاڻ ڌڻي پيدا ڪِئو،
ماتامُ امامن جو ڪَرِئو.
مددي ڪتاب:
(1)
شاهه جو رسالو، مرتب: هوتچند گربخشاڻي.
(2)
شاهه جو رسالو (اردو ۽ انگريزي ترجمي سان)، مترجم:
آغا سليم.
(3)
شاهه جو رسالو، تحقيق ۽ شرح: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ،ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.
(4)
مديني سي مدينه تک، تاليف: سيد محمد جواد ذهني،
تھراني.
(5)
صحيفئه ڪربلا، تاليف: علي نظري منفرد. |