سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:7 

سليم چنا 

 

 

 

يوناني اپسرا

 

ٻه مھينا چار ڏينھن پھرئين ادبي پروگرام ۾ هوءَ يوناني اپسرا جھڙي حسين و جميل دوشيزه فرنٽ سيٽن مان اولھه پاسي واري ڪُنڊ کان آخري سيٽ تي ويٺي هئي ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اُن پاسي آسمان کان چنڊ لھي اچي ويٺو آهي.

هُوءَ جڏهن پنھنجي نوجوان ڀاءُ ۽ خوبرو ۽ جوان سؤٽ سان گڏ ادبي پروگرام واري هال ۾ داخل ٿي هئي ته سڄوئي ماحول سراپجي ويو هو. پروگرام اڃان شروع نه ٿيو، مان پروگرام آرگنائيزر به هئس ته مقالو پڙهندڙ به، تنھنڪري آڌرڀاءُ ڪرڻ کان وٺي پروگرام کان پوءِ الوداع ڪرڻ تائين، مون کي انھيءَ ماهه لقا جي سامھون اچڻ ۽ ساڻس ڳالھائڻ جا موقعا ملڻا ئي ملڻا هئا.

تنھنڪري جڏهن هُوءَ فنڪشن واري هال ۾ داخل ٿي ته کين ويلڪم ڪندي آءٌ فرنٽ سيٽن ڏانھن وٺي آيس، هو اُتي ويھي رهيا. سندس ئي سؤٽ، هُن جو ۽ هُن جي ڀاءُ جو مون سان مختصر تعارف ڪرايو. اسان هڪٻئي سان سلام دعا ڪئي، پوءِ ٻين مھمانن کي آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ ڪرسين تي ويھارڻ ۾ لڳي ويس، پر ايندي ويندي هن پوپريءَ تي نھارون به نڇاور ڪندو پيو وتان.

ڪيڏي نه حسين و جميل دوشيزه آهي، اڇا ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا پاتل اٿس، وار گهاٽا ڪارا ۽ وڏا اٿس، جيڪي واسينگن جيان پويان سندس سڄي پٺي ۽ چيلھه کي ٻک وجهيو ويٺا هئا. ڇا ته سندس جرڪندڙ سفيد چھري جا خوبصورت نقش هئا. نڪ ڊگهو، پيشاني کُليل، ڳل مکڻ مَلائي، چپ هلڪا گلابي، ڏند موتين جھڙا، اکيون هرڻي جھڙيون. مطلب ته حور پري هئي. يوناني حُسن جي ديوي هئي يا يوناني سھُڻي، سلڇڻي اپسرا هئي. ڪجهه دير لاءِ مان بلڪل سندس پويان جڏهن هڪ مھمان سان اچي ويٺس، ته هن جي وارن جي سونھن، بدن جي خوشبوءَ ۽ چھري جي پاسن ورائڻ سان جيڪا خوبصورتي سامھون ٿي آئي، تنھن منھنجون خوشيون ۽ لذتون وڌائي ڇڏيون هيون، ۽ آرگنائيزر هجڻ جي باوجود يڪا ڏهه منٽ اُتي ويٺو رهيس. الا ڇا ته حُسن هو. وري اسٽيج تي ڪنھن ڪم سان اچان ته سندس چھري تي نگاهون کڄيون وڃن. مٿان وري سندس جوان جماڻ سؤٽ پاڻ ئي مون کي سڏي چوي ته آءٌ رڳو تنھنجي ڪري آيو آهيان. پروگرام ڪيڏي مھل ٿو شروع ڪرين. ائين هُن ٽي ڀيرا  پڇيو ۽ ٽيئي ڀيرا هن ماهه لقا جي ڀرسان ويٺل سندس سؤٽ کي ڪونه ڪو ننڍڙو سبب ٻڌائيندي مون هن خوشبوءَ ۽ حُسن کي اندر ۾ اوتي ٿي ڇڏيو. ڪيڏو نه دلڪش اُهو منظر ٿي لڳو.

سندن اڌ ڪلاڪ جي انھيءَ انتظار کان پوءِ پروگرام شروع ٿيو. اسٽيج تي صدر، خاص مھمان، صاحب ڪتاب، مھورت ڪارن ۽ اعزازي مھمانن کي ويھاريو ويو.

هن دوشيزه جو سؤٽ به اعزازي مھمان طور اچي اسٽيج تي ويٺو ۽ دوشيزه جو ڀاءُ سِرڪي اچي ساڻس گڏ ويٺو، پروگرام هلڻ دوران جيسين مون کي مقالي لاءِ سڏ ٿئي، آءٌ وري اچي اُن دوشيزه جي بلڪل پٺيان ساڳي جاءِ تي ويٺس، جيڪا اُتي مون رومال رکي رکرائي ڇڏي هئي. وري اُهوئي حُسن جو ۽ خوشبوءَ جو گڏيل واس مان وٺندو رهيس. ٻن تقريرن کانپوءِ هن جي سؤٽ مون کي اشارو ڪري اسٽيج تي گهرايو. ۽ آهستي آهستي ڪن ۾ اُن ماهه لقا جو نالو وٺي چيائين ته منھنجي سؤٽ کي چئو، ته هوءَ هن ڪتاب متعلق ڪجهه ڳالھائيندي. جي ها ڪري ته ڪمپيئر کي سندس نالو ڏيئي ڇڏ. ويجهو وڃي هِن اپسرا کان پڇيم.

”آهستي چيائين مون ته ڪتاب پڙهيوئي ڪونھي، ڏٺو به رڳو پري کان هينئر اٿم. تنھنڪري معذرت.“

شڪرالحمدلله، مٺا ماکيءَ جھڙا لفظ ۽ تمام مٺڙو ۽ پيارو آواز، سبحان الله، سُھڻي صورت سان سھڻي سيرت به گڏ هئس.

ٿوري دير کانپوءِ منھنجي مقالي جو وارو آيو، پڙهي پورو ڪيم. ڏٺم ته ٻين سان گڏ هي به تاڙيون وڄائي رهي هئي، ڏاڍي خوشي ٿي، هاڻي مان واندو هئس. سو هيڏانھن هوڏانھن انتظامي ڪمن جي سلسلي ۾ پي هليس. ڪڏهن، صاحب ڪتاب، پيو اسٽيج تي سڏي، ڪڏهن صاحب صدر ته ڪڏهن خاص مھمان، اعزازي مھمان سڏي ڪا ڳالھه پڇي يا ٻڌائي پيو. هاڻي منھنجو ڌيان سڄي هال جي مھمانن تي، ڪنھن کي ڪرسي ملي، ڪنھن کي نه ملي. بسڪوٽ ۽ پڪوڙا آيا يا ڪونه آيا. چانھن جو آرڊر ڏنائون يا نه، اِهو ڪنھن ٻئي کي نه پر مون کي ئي بندوبست ڪرڻو هو، اهو به ٻاهران وڃي جهٽ ۾ بار لاهي آيس. باقي ڏٺم ته اسٽيج تي جڳ پاڻيءَ جو ڀريل ۽ گلاس رکيا اٿم، ٻيا مھمان اُڃايل هوندا، هڪ ٻيو جڳ، ڪولر مان ڀريم. گلاس کنيم ۽ سڀ کان پھرين پاڻي پيارڻ جي شروعات ئي اچي هِن اپسرا کان ڪيم. ڀلا ڇونه، هڪ ته ليڊيز فرسٽ، ٻيو فرنٽ رَو، ٽيون شروعات هميشه هڪ پاسي کان ڪبي آهي. هي به ته هڪ ڪنڊ ۾ ئي ويٺل هئي. پاڻي پنھنجي نازڪ چپن تي آڻي پيتائين ته چھرو ٻھڪي پيس. ٽشو پيپر سان چپ اگهندي چيائين ”ٿينڪ يو مان ٻيو گلاس ڀري سندس ڀاءُ کي ڏنو، تيسين هن آهستي چيو، توهان جو مقالو ڏاڍو سٺو هو. اندر ۾ گلن جا انبار ٽِڙي پيا هئا، اِهو جملو ٻڌي پاڻ سنڀالي، دل جهلي چيم، ”توهان جي مھرباني.“ ائين گلاس اڳتي وڌندو رهيو، جڳ جو پاڻي وري وري ڀربو رهيو. پاڻي جا پياسا اُڃ اُجهائيندا رهيا، پر منھنجي اُڃ وڌندي رهي، وڌندي رهي. جڳ هٿ ۾ گلاس هٿ ۾، پاڻي شفاف، پوءِ به اندر جي اُڃ اُجهائي نه سگهان.

”پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ نه مرن.“

سڀني پياسن کي پاڻي پياري ورتم. پر منھنجي اُڃ، اُڃ ئي رهي. جڳ گلاس رکي، ڪنھن بھاني سان وري اسٽيج ڏانھن آيس، آڏو رکيل هڪ خالي ڪرسي تي ويھي، ڪمپيئر سان هروڀرو صلاحون ڪرڻ لڳس. سامھون ويٺل دلنشين جي دلفريب ديد ۾ گُم ٿيندي سوچيم.

ياخدا! تنھنجي ڏنل هنن ٻنھي اکين جو قسم مون هنن اکڙين کي هميشه حُسن جو پياسو ڏٺو آهي، هي اکيون ڪڏهن ڍاپجن به نه ٿيون، تڏهن پنجاب جي لوڪ ادب جي هيءَ سِٽ هانءُ تي هُري ٿي اچي ته:

”سَوَ رنگ تماشي تکدي اکھيان ني رجيان.“

تڏهن دل مان اِها دعا نڪتم.

ياالله! هي پري وري جلد ڏيکارجانءِ، ائين پوءِ آءٌ پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي ويس، پر جڏهن به موقعو ٿي مليو، هن مکڙي کي ڏسي ٿي ورتم ۽ ٽيھه سال اڳ ڏٺل هڪ پنجابي فلم مکڙا جي گاني جا هي ٻول ياد اچي ويم:

”دِلا ٺير جا يار دا، نظاره ليڻ دي.“

۽ مون وقت کي پي منٿون ڪيون ته بيھي وڃي ته مان نظاره گل مان لطف اندوز ٿيندو رهان. پر وقت ڪٿي ٿو بيھي، هاڻي آخري مقرر يعني صاحب صدر تقرير ڪري رهيو هو. مون کي پنھنجي ذميداري جو احساس وڌيو ته مون سامھون ويٺل سفيد گلاب جي گل تي پنھنجي اکين جي فُل روشني وڌي ته هوءَ به مُرڪيوري جي بلب جيان جرڪي پئي. مون جرڪندڙ بلب جي روشني مان نڪري جهيڻي روشين ڏانھن وِکون وڌايون. جلدئي بسڪوٽ ۽ پڪوڙا پليٽن ۾ لاهي اچي سامھون اسٽيج وارين ٽيبلن تي رکيم، ۽ باقي پڪوڙا ۽ بسڪوٽ پليٽن ۾ رکي ٻاهر رکيل ٽيبلن تي رکيم، ڪولر ۾ وري پاڻي ڀريم، چانھن واري ڏانھن ماڻھو ڊوڙايم، گهڙي کن ۾ چانھه وارو به ڪٽليون چانھه سان ڀري ۽ خالي ڪوپ کڻي پھچي ويو. نيٺ آخري مقرر جي تقرير ختم ٿيڻ کان پنج منٽ پھرين سڀ ڪم مڪمل ٿي ويو. ٿڪل مھمانن لائيٽ رفريشمينٽ مان لطف حاصل ڪيو. موڪلائڻ مھل وري هوءَ ماهه لقا هئي سندس ڀاءُ هو ۽ سؤٽ منھنجي سامھون هئا.

ٽنھي جي چھري تي خوشي جي مُرڪ هئي. ۽ هو مون کي پروگرام سٺو ٿيڻ تي مبارڪباد ڏئي رهيا هئا.

هوءَ چئي رهي هئي توهان سان غائبانه تعارف توهان جي لکڻين کي پڙهي ٿيو هو. پر اڄ ڏٺم ته توهان اُن ليکڪ کان سواءِ به هڪ شخصيت آهيو، جيڪا پڻ توهان جي لکڻين جيان متاثر ڪندڙ آهي. اُتي سندس سؤٽ چئي ٿو، جن رسالن ۾ تون ڇپيو آهين، اُنھن مان ڪن ۾ هيءَ به ڇپي آهي. اڄڪلھه تعليم جي سلسلي ۾ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ولايت ۾ رهن ٿا. ٻيا ويجها مٽ مائٽ به اُتي اٿن، مھينو ڏيڍ هتي آهن.

هتي حيدرآباد ۾؟ يڪدم پڇان ٿو.

ها ڪڏهن هِتي، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڳوٺ هوندا. مائٽن سان ملڻ جا سلسلا هوندا، ڪي شاديون اٽينڊ ڪندا. پوءِ هليا ويندا.

زندگي رهي ته پوءِ ملاقات يا نصيب مان حسرت ڀريل جذبن سان چوان ٿو. هُن جو سؤٽ الوداعي هٿ وڌائي چئي ٿو: پاڻ ٻيھر ضرور ملنداسين. هي اڃان هِتي آهن، تون مون سان آفيس ۾ رابطو ضرور ڪجانءِ.

بلڪل ٺيڪ آ، مان چوان ٿو، هو هٿ ڇڏائي ٿو، ته هن جو ڀاءُ هٿ ملائي ٿو. اُن سان هٿ ملائي، مان چپن سان سنڌ ڄائي يوناني اپسرا کي خدا حافظ چوان ٿو. هو هليا وڃن ٿا ته مان ٻين رهجي ويل مھمانن جو شڪريو ادا ڪري اُنھن کان موڪلايان ٿو. ۽ اڄوڪي دلبھار باغ و بھار  يا سدا بھار يادگار لمحن کي سيني ۾ سانڍي گهر هليو اچان ٿو.

ڪجهه ڏينھن کانپوءِ مان پنھنجي اُن اعليٰ تعليم، اعليٰ ظرف، اعليٰ تربيت واري ۽ مختلف ملڪن جا دؤرا ڪري آيل دوست جي آفيس ۾ اندر داخل ٿيس، ته اکيون ئي ٿڌيون ٿي ويون، دل کي راحت ئي راحت ۽ دماغ کي سڪون ئي سڪون ملي ويو. اُهائي ولايت ۾ رهندڙ اپسرا اُتي صوفي تي ويٺل هئي. مان پنھنجي دوست سان ڀاڪر پائي ملي، هن کي سلام ڪيو ته هن مُرڪي جواب ڏنو، پوءِ مون هڪ ٻئي مھمان کي هٿ ڏنو، ۽ ساڻس گڏ صوفي تي ويھي رهيس. هوءَ اسان ٻنھي جي سامھون ۽ بلڪل ويجهو ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ويٺل هئي. سندس سؤٽ پنھنجي آفيس ٽيبل تي ويٺل هو. منھنجي ڀرسان ويٺل مھمان ديسي نوجوان هو، هينڊسم هو، ولايت ۾ ڪٿي نوڪري ڪندو هو، ۽ هنن جو فيملي فرينڊ هو. سو ٻنھي سان ڏاڍو فري ٿي ڳالھائي رهيو هو. هُن جو ڳالھائڻ ايترو ته دلچسپ ۽ مزاحيه هو جو هوءَ پنھنجا ٽھڪ روڪي نه پئي سگهي، ۽ مان هُن جي ٽھڪن جي جادونگريءَ ۾ پنڊپھڻ ٿي وڃان ها. پر اُهو کلمک نوجوان ۽ منھنجو دوست مون ڏانھن به نه فقط متوجھه هئا پر مون کان به ڪونه ڪو رايو وٺي رهيا هئا. تنھنڪري مان پنڊپھڻ ٿيڻ کان بچندو رهيس. ڳالھين مان مستفيض ٿي، هُن اپسرا جي ٽھڪن ۽ حُسن جي جلون مان مڪمل لطف اندوز به ٿي رهيو هئس. اڄ ته هن ماهه لقا غضب به ڪري ڇڏيو هو. اُن ڏينھن صفا وائيٽ روز (اڇو گُلاب جو گُل) ٿي آئي هئي ته اڄ وري ڳاڙهو ڀرت تي وڳو پائي صفا ڳاڙهي لال ڪنوار لڳي پئي هئي.

منھنجي دل ۾ نوجوانن جھڙي هلچل مچي وئي. دل جا اُڌما، وري عقل تي حاوي ٿيڻ لڳا ۽ عشق جون چڻنگون دکڻ شروع ٿيون، پاڻ بچائڻ لاءِ مون ڳالھائڻ شروع ڪيو ته سڀ غور سان ٻڌڻ لڳا، يڪدم سوچيم سنجيده ڳالھيون نه ڪريان. هنن کي ڪجهه کلايان، پوءِ مون به ٻه ٽي مزاحيه ڳالھيون ڪيون ته هُن جي خوشيءَ جا ٽھڪ وري ٻڌم. سوچيم هيءَ ته اندر ۾ اڳي ئي موجود هئي. وائيٽ روز جي صورت ۾ پر اڄ هن جي حيثيت منھنجي اندر ۾ بلڪل ريڊروز جي ٿي وئي آهي.

ڪيتري ئي دير تائين اسان جون گڏيل ڳالھيون جاري رهيون، جيڪي ڏاڍيون دلچسپ هيون، موڪلائڻ مھل مھمان چيو، ته مان ڪنھن ٻي پاسي ٿو وڃان ۽ هنن ٻنھي مون کي هڪ گڏيل صلاح ڪئي ته اسان ٻئي هڪ فنڪشن ۾ وڃون پيا، تون به اسان سان گڏ هل. مون چيو اِهو فنڪشن هڪ ليکڪا پاران هميشه سندس گهر ۾ ئي ٿيندو آهي. جنھن ۾ اُن ليکڪا جا ۽ سندس ٻن شاعر ناٺين جا مخصوص دوست ليکڪ، صحافي ۽ فوٽوگرافر ئي شريڪ ٿيندا آهن. اسان کي ڪڏهن به اُن فنڪشن جي دعوت نه ملي آهي، نه ئي اسان کي اها سِڪ آهي ته پرائي ڪاڄ ۾ بنا ڪوٺ جي پھچي وڃون. سو به اُنھن جي گهر تي، اڃان ڪو ٻيو هنڌ هجي ها ته ڪو بھانو به ڳولجي ها. خير هو ويندي ويندي به صلاحون ڪندا رهيا. خير اسان چارئي آفيس مان گڏ نڪتاسين، مھمان پنھنجي ڪم سانگي ويو. هنن ٻنھي مون کان موڪلايو ۽ ڪار ۾ چڙهي روانا ٿي ويا.

مان پنھنجن کيسن کي هٿ لاٿو، هميشه جيان اهي اڄ به خالي هئا. پر پوءِ منھنجي مُنھن تي مسڪراهٽ هئي. هڪ ازلي مُرڪ هئي، پنھنجي شاهوڪار هجڻ جي ۽ پنھنجي ذهن ڏانھن ڦيرو کاڌم جتي مجازي عشق کان حُسن ازل تائين حسين و جميل چھرن جي يادن جا انيڪ خزانا موجود هئا. جن ۾ اڄ هڪ نئين خزاني  ريڊ روز يعني ڳاڙهي گُلاب جو اضافو به ٿي ويو هو. مان انھيءَ ڳاڙهي گُلاب جي حسين يادن کي دل ۾ سجائي دستور موجب پنڌ ئي پنڌ پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿيان ٿو.

تصور جي دنيا جا حسين خواب رستن تي هلندي منھنجي خوشنصيبيءَ ۾ واڌارو ڪندا رهن ٿا.

سفيد گلاب، ڳاڙهو گُلاب، يوناني اپسرا، منھنجي خوابن جون خوبرو حسين، سوچون، دلفريب سوچون. دلنشين سوچون، دلربا سوچون، پنڌ ئي پنڌ رستا ۽ مان هلندو رهان ٿو. جيسين منھنجو گهر اچي.

 

گُل ڪونڌر

 

 

 

زندگيءَ جو سراب

 

محمد نواز پنج درجا تعليم حاصل ڪري سَگهيو. سندن گهر جو ماحول سُٺو هو. وَٽن غربت ضرور هُئي، پر دِليُن جِي ڪُشادگيءَ سبب، سُٺو وقت گذاريندا هئا. پاڻ ۾ چاچا، ماما ۽ سؤٽَ ماساتَ، هڪ وَيڙهي ۾ رهندا ها. اِهو، اُهو زمانو هو، جڏهن گهرن ٻاهران لوڙها لڳل هوندا هئا، ماڻھن جِي زندگي سادگيءَ وارِي هُئي ۽ ڪا نفسا نَفسِي نه هُئي. ننڍپڻ کان محمد نواز والدَ ۽ چاچَي سان گڏ، زمين تي ويندو ۽ هارپَي جَي ڪم ۾ سندن هَٿُ ونڊائيندو هو،  جوانُ ٿيو ته سندس ڪِرتِ هارپو ئِي بَڻِي. اُنَ زماني ۾ ڪڻڪ جو اَنُ ڪڍڻ لاءِ، اڃا وِيٽِ ٿريشر نه آيا هئا، ڪڻڪ جَي وَلِ کي گَڏَنِ جِي صورت ۾، هڪ هنڌ گڏ ڪبو هو، زمين جَي ان صاف سُٿرَي ڪَيَل ٽُڪرَي کي ٻارِ ڪوٺبو هو، جنھن تي وَلِ کي وِڇائَي، اُنَ مٿان ڏاندَن جا جوڙا گُھمايا ويندا هئا، جنھن عمل کي ڳاههُ ڳاهڻ چئبو هو. ائين ڪڻڪ جَي سنگن مان اَنُ ڌار ٿي ويندو هو، ڪڻڪ جِي تِيلِي ننڍن ذرن ۾ ٽُٽِي، بُههُ بَڻجِي ويندي هئي. محمد نواز اِهَي سڀ ڪَمَ، وڏي محنت ۽ ذميواريءَ سان سرانجام ڏيندو هو.

محمد نواز جِي شادي سندس چاچَي جِي ڌيءَ سان ٿي، شاديءَ کان اڳ عشق، محبت ۽ پِيارَ پَرڻَنِ جا معاملا، اُن وقت ائين نه هُيا، جيئن هاڻ آهن، سَؤٽَ، سَؤٽِيون ته هڪ ٻئي کي، ڀائرن ڀينرن جِيان سمجهندا هئا. اِنَ جو مقصد اِهو ناهي ته، انھن جون پاڻ ۾ شاديون نه ٿينديون هُيون، شاديون ضرور ٿينديون هُيون، پر وڏن جِي مرضيءَ سان، ۽ اهڙين شادين کان پوءِ مُڙسن ۽ زالُن جَي وچ ۾، محبت ۽ پيارَ جا قصا به ٻُڌڻ ۾ ايندا هئا. محمد نواز ۽ سندس سؤٽِ زال جو پيار به، ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ وارن لاءِ مثالي هو. محمد نواز جِي زال اميد سان ٿي، ته سَڄَي ڪُٽنبَ ۾ خوشيءَ جِي لھر ڊوڙي وئي، پر اِها خوشي هميشه  لاءِ قائم رهي نه سگهي، ڇو ته ٻارَ جِي پيدائش وقتِ، مناسب طبي سھولتون موجود نه هئڻ ڪري، ٻار ته خير ۽ سلامتيءَ سان، هِن دنيا ۾ نه اچي سگهيو، پر هُو ماءُ کي به پاڻ سان گڏ، دارالبقا ڏانھن وٺي ويو، اهڙي طرح محمد نواز پنھنجِي زال ۽ ٻار، ٻنھي کان محروم ٿي ويو.

محمد نواز کي هِنَ حادثي ڀَورَ ڀَورَ ڪري ڇڏيو، هُو هر وقت زال جِي ياد ۾ رهڻ لڳو، هُن کي هر شيءِ ۾ اُن جِي صورت نظر اچڻ لڳي. هُو ڳوٺ ۾ رستن ۽ پيچرن تي هلندي، کيس سڏيندو، روئندو ۽ هِنَ هُنَ کان اُن بابت پڇندو، اُسَ ۽ ڇانوَ جَي احساس بنا، پيو جهرجهنگ ۾ هلندو، سندس حالت اڌ چرين وارِي ٿي ويئي. وقت گذرڻ سان محمد نواز جِي ڪيفيت ۾ ڪجهه بھتري آئي، ائين هن ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ گذاريو، پر سندس دل کي سُڪون نه مليو، ته ڪنھن کي به ڪجهه ٻُڌائي بَغير، ڳوٺ ڇڏي هڪ وَڏَي شھر ۾ اچي ويو. سڄو ڏينھن مختلف هنڌن تي هلندي گهمندي گذاريندو هو، ۽ رات جو ريلوي اسٽيشن جَي ڀرسان، هڪ مسجد ۾ سُمھي پوندو هو، ائين هُن ڄڻ پنھنجي ماضيءَ کان، فرار اختيار ڪري ورتو هو.

محسن صاحب پاڪستان ريلوي ۾ سُٺَي عُهدي تي فائز هو. هُو نمازي هئڻ ڪري مسجد ۾ ايندو هو، اُنَ ڪيترا ڀيرا محمد نواز کي، مسجد جِي ڪُنڊَ ۾ خاموش ويٺل ڏٺو، هڪ ڏينھن محمد نواز کان پڇيائين؛ ”ڀاءُ، توهان ڪِٿان آيا آهيو، هِتي ڇا ڪندا آهيو؟“

محمد نواز شروع ۾ کيس ڪو واضح جواب نه ڏنو، پر جڏهن محسن صاحب مسلسل کانئس حال احوال پڇندو رهيو، پنھنجي گھران هِنَ لاءِ ماني ٽِڪِي به اُماڻڻ لڳو، ته آخر هڪ ڏينھن هُنَ پنھنجِي پُورِي ڪھاڻي، اُن کي ٻُڌائي ڇڏي. محمد نواز جِي ڪَٿا ٻُڌي محسن صاحب کيس چيو؛ ”سڀاڻي ريلوي اسٽيشن تي منھنجِي آفيس اچ، ته جيئن تنھنجَي روزگار جو ڪو بندو بست ڪريون.“

محمد نواز ٻئي ڏينھن سندس آفيس ويو، محسن صاحب کيس ريلوي جَي پارسل وارَي شعبي ۾، ڪَچِي ملازمت جو آرڊر ڏئي ڇڏيو، محمد نواز جِي هِي نوڪري، ٻن سالن کان پوءِ پَڪِي ٿي وڃڻي هُئي، جنھن کان پوءِ هُن کي ريلوي ڪالونيءَ ۾، ڪوارٽر به مِلي ٿَي سگهيو.

اهڙي طرح محمد نواز جِي زندگيءَ جو، هڪ نئون باب شروع ٿي ويو، محسن صاحب کيس سرونٽ ڪوارٽر ۾ رهائش ڏئي ڇڏي، هُو صاحب جَي گهر جو سودو سَلف، ڀاڄي ڀُتِي ۽ ٻيو سامان وغيره به وٺي اچڻ لڳو. محمد نواز بلڪل نارمل ۽ سمجهدار انسان هو، پر زال جِي وفات جو صدمو، کيس ڳوٺ کان پري وٺي آيو هو. ائين ڪافي عرصو گذري ويو، محمد نواز جو ٻيھر شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو، پر محسن صاحب جَي تعلق وارن ۾، هِڪُ مناسب رشتو موجود هو، جنھن سان شادي ڪرڻ لاءِ، هُنَ وڏي حڪمت سان، محمد نواز کي راضي ڪري ورتو ۽ سندس ٻي شادي ٿي وئي.

محمد نواز جِي ٻي گهروارِي سُگهڙَ هُئي، جنھن گهر جَي معاملن کي بهتر نموني هلائڻ شروع ڪيو، الله پاڪ کين فرزند جو اولاد عطا ڪيو، جنھن جو نالو اميد علي رکيائون، بعد ۾ کين ٻه ڌيئرون به ڄايون. اميد علي اسڪول وڃڻ جِي عمر کي پھتو، ته کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، وقت جَي ڦِيٿَي کيس انٽر جِي تعليم تائين پھچايو، ته سُڪون سان هلڻ وارَي گهر ۾، اَڻوَندڙ واقعو پيش آيو. محمد نواز رات جو ٺِيڪ ٺاڪ ننڊ لاءِ سُمھيو، صبح جو اُٿڻ جَي معمول کان دير ٿيڻ ڪري، کيس ڏٺو ويو ته هُو، بِسترَي تي سُتل هُيو، پر سندس رُوح پَرواز ڪري چڪو هو. محمد نواز جِي وفات وقت، اميد علي جِي عمر ارڙهن سال هُئي، محسن صاحب اڃا رٽائر نه ٿيو هو، اُن ڪوشش وٺي اميد عليءَ کي، فوتگي ڪوٽا تي پاڪستان ريلوي ۾، ڪلرڪ جِي نوڪري ڏياري ڇڏي، ۽ محمد نواز جَي بيوهه جِي، پينشن به جاري ڪرائي ڇڏيائين.

*

اميد علي باوقار نوجوان هو، ريلوي ڪالونيءَ جَي ڪوارٽرن ۾، سندس پاڙيسري ڇوڪرِي صنم، جيڪا سندس هم عمر هئي، کيس ننڍائيءَ کان پسند ڪندي هُئي. هاڻي ٻاروتڻ جِيان هِي هڪٻئي سان نه ملندا هئا، پر گَهرُ، گَهرَ سان گڏ هئڻ ڪري، سندن مُکا مَيل ٿيندو رهندو هو. اميد علي پيءُ جِي وفات، ۽ پڙهائيءَ سان دلچسپي نه هئڻ ڪري، تعليم جَي سلسلي کي جاري نه رکيو. صنم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهي هُئي، اميد علي ملازمت ڪري رهيو هو، ٻنھي جَي گهر وارن کي، سندن پسند جِي خبر هُئي، ان ڪري هِنَن جِي شادي ڪرائي ڇڏيائون.

صنم ايم اي ڪئي ته کيس اُتَي ئي، ريسرچ ايسوسيئيٽ طور مقرر ڪيو ويو، جلد ئي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر جِي آسامي خالي ٿي، ته ميرٽ تي اُها حاصل ڪري ورتائين. صنم ملازمت ۾ اڳتي کان اڳتي وڌڻ ۾، ڪا ڪَسَرَ نه ڇڏي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو، مقابلي وارو امتحان ڏنائين، ته اُهو به سُٺن نمبرن سان پاس ڪيائين، ائين ٽريننگ وغيره جا سڀ مرحلا طئه ٿيڻ کان پوءِ، سندس هِڪَ اهم پوسٽ تي مُقرري ٿي وئي، جنھن سان هُن جِي سماجي حيثيت بدلجي ويئي. اميد عليءَ سان شاديءَ کان پوءِ، ستن اٺن سالن واري عرصي ۾، کيس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿِي چُڪو هو.

صنم جون سڀ ڪاميابيون، سندس محنت جو نتيجو هُيون، پر اِها به حقيقت هُئي ته، اميد عليءَ جَي ساٿ سان ئِي صنم، اِن مقام تي پھتي هُئي. صنم کي ضلعي جي اهم آفيسر هئڻ ڪري، سرڪاري آفيسرس ڪالونيءَ ۾ بنگلو مليو، ته هُوءَ پنھنجي ٻارن سميت، اوڏانھن مُنتَقل ٿي ويئي. اميد علي والده ۽ ڀينرن سان گڏ به رهندو هو ۽ صنم وٽ به اچي ويندو هو. ظاهري طور ٻنھي جَي وچ ۾ ڪو اختلاف نه هو، زندگي معمول مطابق هلي رَهِي هُئي، پر صنم هاڻي پنھنجي حيثيت کي، الڳ سان محسوس ڪرڻ لَڳِي هُئِي، ٻئي پاسي اميد علي به پاڻ کي، سندس مقابلي ۾ گهٽ سمجهڻ لڳو هو. اِهو ئِي سبب هو جو، صنم بيحد سمجهدار هئڻ باوجود، هڪ سينيئر آفيسر جَي وَرغلائَي ۾ اَچِي وَيئي، ائين سندس زندگيءَ ۾ عجيب مَوڙُ اچي ويو. پھريان صنم جِي اُنَ آفيسر سان رَسمِي دوستي ٿي، پوءِ سندن آشنائي اَڳِين منزل تي پھتي ۽ آخر ۾ هُنن جو تعلق، جذباتي ڪَشش تائين پھچي ويو. اُهو آفيسر شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو هو، پر جڏهن اِنسانُ نَفسَ جَي فَريبَ ۾ اچي وڃي ٿو، ته صحيح ۽ غلط جِي تَمِيزَ، مُشڪل ٿِي وڃي ٿِي.

اميد علي سٺو انسان، وفادار مڙس ۽ ذميوار پيءُ هو، صنم ساڻس، ماءُ پيءُ جِي مرضيءَ سان، پِيارَ جِي شادي ڪَئي هُئي، پر هاڻ حيثيت جَي لحاظ کان اميد علي، سندس برابر نه رهيو هو. ٻئي پاسي هُو آفيسر، صنم کان به مٿانھون درجو رکندڙ هو، حالانڪ اسان جَي معاشري ۾، اهڙا اُونچ نِيچ وارا معاملا عام آهن، پر ڪِٿي ڪِٿي اِهَي هيٺ مٿانھيون، گهرن جِي برباديءَ جو، سبب بڻجي وڃن ٿيون. اُن آفيسر سان تعلق ۾ اچڻ کان پوءِ صنم، اميد عليءَ کان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري چُڪي هُئي، ان ڪري هڪ ڏينھن رِٿيَل منصوبي تحت کيس، پاڻ سان گڏ دعوت ۾ وٺي وئي، جتي اُهو آفيسر به موجود هو. صنم اميد عليءَ کي اُنَ سان ملائيندي چيو؛ ”اميد علي آئون ڳالھه کي ڊگهو ڪرڻ نه ٿِي چاهيان، بس مختصر اهو ته مان، هِن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، اِنَ ڪري توهان مون کي طلاق ڏيو، ته جيئن اسان جو نڪاح ٿي سگهي.“

صنم جَي انھن لفظن سان، اميد عليءَ تي ڄڻ کِنوِڻِ ڪِري پَيئي، هونئن ته کيس اڳ کان ئي اندازو هو، ته صنم هاڻ پھريان جھڙي نه رهي آهي، پر پوءِ به هُو اڄ پيش آيل صورتحال جو، تَصوُر به نه پيو ڪري سگهي، ته صنم کيس هِڪَ اجنبي شخص اڳيان، ائين رُسوا ڪَندِي. ان وقت اميد عليءَ تحمل جو مظاهرو ڪندي، صنم کي مختصر جواب ڏنو؛ ”آئون ان معاملي تي غور ڪندس.“

اِنَ وارتا کان پوءِ اميد علي خاموش رهيو، واپسيءَ تي ڏکايل لھجي ۾، صنم کي چيائين؛ ”اڄ توهان جيڪِي ڪجهه ڪيو، اُهو مناسب نه هو، ها.. جيڪڏهن اوهان طلاق وٺڻ جو فيصلو، ڪري ئِي ڇڏيو هو، ته اُنَ جو اظھار مون سان، اڪيلائيءَ ۾ ڪريو ها. بھرحال تنھنجَي اڄ وارَي رَوَيَي کي ڏسندي، مون تو کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.“

صنم خوش ٿيندي؛ ”پر طلاق کان پوءِ به، ٻار مون سان گڏ رهندا، توهان چاهيو ته ٻي شادي ڪري سگهو ٿا.“

ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ، اميد عليءَ آخري سمجھاڻيءَ طور کيس چيو؛ ”صنم، جيڪو شخص پنھنجي زال ۽ ٻارن جو نه ٿي سگهيو، اُهو تنھنجو ڪيئن ٿِي سگهندو..! اڄ هُن جِي صورت ۾ تو کي جيڪا، حَسِين زندگي نظر اچي رَهِي آهي، اها حقيقت نه پر نظر جو دوکو آهي، هُو مَڪارُ پھرين زال جِيان، تو سان به وفا نه ڪندو. آئون اڃا به تو کي مَشورو ڏيان ٿو، ته پنھنجي ٻچڙن جَي خوشين کي برباد نه ڪر.“

صنم، اميد عليءَ کي ڪو جواب نه ڏنو، ڇو ته هُن جَي ذهن تي، سماجي حيثيت جو ڀُوتُ سَوارُ هو. اميد عليءَ والده کي صنم جِي حقيقت ٻُڌائي، جنھن تي کيس امڙ چيو؛ ”اميد علي تون غم نه ڪر، جيڪا عورت ٻئي مرد اڳيان، مُڙس جِي ائين عزت لاهَي سگهي ٿِي، اُها اڳتي ٻيو به، گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿِي، ان ڪري کيس مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ ڏيو.“

اميد عليءَ صنم کي طلاق ڏئي ڇڏي، اها خبر آفيسر کي پئي، پر هاڻي صورتحال بدلجي چُڪِي هُئي، ڇو ته آفيسر جِي پھرين زال ۽ ٻارن کي، سندس صنم سان هلندڙ، معاشقَي جِي خبر پئجي وئي هُئي، جنھن تي انھن سخت ردِ عمل ظاهر ڪيو هو، ان ڪري آفيسر لاءِ هاڻِ حالتون، اڳ جھڙيون نه رهيون هُيون. اِهو ئِي سبب هو جو هاڻ هُو، صنم سان شادي نه ڪرڻ جا، بھانا ڳولڻ لڳو هو. صنم طلاق وٺڻ کان پوءِ، اُن آفيسر سان شاديءَ لاءِ اِصرارُ ڪيو، ته هُن صنم کي چيو؛ ”ها بلڪل پاڻ شادي ڪري ٿا وٺون، پر توهان پنھنجا ٻارَ، سندن والد ڏانھن موڪلي ڏيو، ڇو ته اُهي شاديءَ کان پوءِ، اسان سان نه رهندا.“

اِهو ٻُڌي صنم حيران ٿي ويئي، چيائينس؛ ”اها ڳالھه توهان اڳ ته، ڪڏهن به نه چئي هُئي..! اِهو مون لاءِ نامُمڪِن آهي، ٻارَ مون سان ئِي رهندا، آئون انھن کان جدا رهڻ جو، سَوچَي به نه ٿِي سگهان.“

اصل ۾ اِهو ئِي اُنَ آفيسر جِي، مَنشا مطابق جواب هو، ڇو ته اِن صورتحال ۾ هُو، پاڻ انڪار ڪرڻ نه پيو چاهَي، اِنَ ڪري اهڙو شرط رکيائين، جنھن کي صنم قبول نه ڪري سگهي. آفيسر پنھنجِي هَليَل چالِ ۾ ڪامياب ويو، صنم اهو شرط نه قبوليو، نتيجي ۾ سندن شادي نه ٿي سگهي. اميد عليءَ کان هُوءَ، طلاق وٺي چُڪِي هُئي، ائين سَماجِي بَرتريءَ جو شڪارُ، پڙهيل لِکيَل صنم، ڪنهن جِي نه ٿِي سَگهي. سچ اهو آهي ته صنم، جنھن کي مَحبَت سمجهي وَيٺِي هُئي، اُها حقيقت نه پر هِڪُ سَرابُ هو، جنھن پويان ڊوڙندي، هُن پنھنجون خوشيون، مُٺِ مان واريءَ جِيان وَهائَي ڇڏيون.

 

يار محمد چانڊيو

 

 

 

درد نگر جي آخري شام!

 

درد نگر درياهه جي ڪنڌيءَ تي ساھه کڻندڙ آخري ڳوٺ هو! اڳ ۾ هن سان گڏ ڳوٺ ته ٻيا به ڪيترائي هئا، پر درياھه جي خاموشي انھن سمورن ڳوٺن جا خواب ۽ نقشا ڳڙڪائي وئي هئي. درياهه هو ته اتي ئي، پر ان مان اڏامندڙ واريءَ تي ڳوٺن جي بقا مشڪل ٿي پئي هئي. بُک ۽ بدحالي عام ٿي ته هڪ هڪ خاندان ٿي وڇڙندو ويو، ڳوٺ خالي ٿيندا ويا...لڙڪن جي وسڪاري سان درياھه جي وهڪرن ۾ ڪھڙو اضافو اچي ها؟ درياهه خاموش ٿيو ته ماڻھن جي زبان مان به لفظ موڪلائي ويا... هر پاسي رڳو خاموشي هئي.

درياھه فقط نالي جو بادشاهه بچيو هو. خوشحاليءَ جا ڏينھن سندس حصي ۾ نه رهيا هئا. پاڻي کي سڪندي پورو مھينو ٿي ويو هو، پر درد نگر جا ٽي ڀائر اڃا تائين اميدن جي دامن کي پڪڙي ويٺا هئا. خاموش درياهه ۾ هنن کي آخري آس نظر ايندي هئي، پر اها آس به دم ٽوڙيندي طوفان ۾ اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ جھڙي ٿي ويندي هئي. جتي نه زندگي هئي، نه اميد ، نه ڳوٺ جا ماڻھو؛ رڳو پاڻيءَ جي ياد ۾ جيئرا هئا ۽  هاشم ملاح، پريم ۽ مھراڻ، ٽيئي ڀائر، هڪ ڄار، هڪ ٻيڙي ۽ هڪ ئي اميد جي ڇانوَ هيٺ هئا:

   ”اڄ ڄار مڇيءَ سان ڀرجي ايندو…! اڄ لڙڪن جي لھندڙ سج کي ٽھڪن جا پڙاڏا روڪي رکندا!“

پر درياھه سندن دعائن کان اڳ ئي خاموش ٿي چڪو هو. حسرتون ڪٿان ساڀيا ماڻين ها؟

هڪ اداس شام، سڪل درياھه جي ڪنڌيءَ تي بيھي مھراڻ ٻنھي ڀائرن آڏو سڏڪو ڀريو ھو، ”ڀاءُ!… هي درياھه ڪڏهن ساھ کڻندو؟ ڪڏهن لھرن جي لوڏ سمنڊ کي ڀاڪرن ۾ ڀريندي؟“

”هي درياھه جڏهن  ٻيھر ساھه کڻي، تيستائين شايد اسان جو هي درياھه جي ڪنڌيءَ تي اڏيل آخري ڳوٺ به خالي ٿي ويندو!“

    پريم جي بند چپن مان نااميدي ظاهر ٿي  پئي هئي ته هاشم سندس اکين ۾ غور ڪري نھاريو،  ته اُتي به درياھه جھڙي ويراني هئي:

   خالي درياھه!

   سڪي ويل مٽي،

   لھندڙ سج جي مرندڙ   اُميد،

 وساڻل نگاهون.

   هاشم وقت جي سموري پيڙا محسوس ڪئي، پر چيو ڪجهه به نه. هن پنھنجن هٿن ڏانھن ڏٺو، اهي هٿ، جيڪي ڪڏهن مڇيءَ جي سڳنڌ سان ڀرپور هوندا هئا، سي هاڻي خالي هئا.

”مان شھر ويندس، مزدوري ڪندس، هتي رهڻ سِسڪي سِسڪي مرڻ برابر ٿيندو.“

    پريم جي لفظن ۾ درد کي ويجهو ڏسي مھراڻ به وچڙندڙ لفظن سان ڳالھايو هو :

   ” درياهه... مئو آهي... پر مان زندھه آهيان... مان ڳوٺ جي هن ڪنڌيءَ کي نه ڇڏيندس! اسان درياھه جي هن ڪنڌي جا ماڻھو ئي درياھه جي وهڪرن کي واپس آڻينداسين“.

ان رات ٽيئي ڀائر خالي ٻيڙي وٽ بيٺا هئا.

 ٻيڙي سڪيءَ تي سمنڊ برابر لڳي رهي هئي.

    ”جڏهن ماڻھوءَ وٽ ڪجهه نه رهي، تڏهن وڃڻ ڏوھه ناهي!“پريم جي لھجي ۾ مايوسي هئي .

   ”پر جڏهن ڌرتي سَڏي، پيرَ پڪڙي، وَچَنُ گُهري، تڏهن ڌرتيءَ کي پٺي ڏئي، ڇڏي وڃڻ ڏوھه بڻجي ويندو آهي!“ هاشم جي بند چپن ڳالھايو هو ، ”مون وٽ ته نه وڃڻ جو حوصلو آهي ۽ نه رهڻ جو ساهَسُ!!“

    سمورو ماحول وڇوڙي جي غم ۾ ورتل هو .

   ”جيڪڏهن مان پنھنجي هن ڳوٺ ڏي جلدي موٽي نه سگهان ته سمجهجو ته شھر مون کي ڳڙڪائي ويو! “

    ”۽ جيڪڏهن مان توهان سان  ملي نه سگهان ته سمجهجو درياهه مون کي پاڻ ۾ سموئي ڇڏيو!“

   هاشم جي اکين ۾ تري آيل پاڻي درياھه وانگر وهڻ کان قاصر هو. سندس سڪل پنبڻين جي ويراني، سڪي ٺوٺ ٿيل  درياھه جي ڪنارن جھڙي هئي.

   ڳوٺ ۾ هاشم جي شاديءَ جون ڳالھيون ٿيون هيون، پر جڏهن سندن قسمت ۾ مڇي نه رهي، ته سندن رشتيدارن جا واعدا به سڪي ويا هئا، چيائون ته، ”اسان ڌيءَ کي بک سان پرڻائڻ نه ٿا چاهيون.“

   هاشم ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. بک ۽ بدحالي اميدن جا گل مروٽي ڇڏيا هئا. هن سمجهي ورتو هو ته غربت  دليل نه ٿي ڏئي، اها رڳو خاموشي ورجائي ٿي.

پريم شھر هليو ويو. مھراڻ درياھه جي ڪنڌيءَ تي رهجي ويو ۽  هاشم ٻنھي جي وچ ۾ ٽنگيل رهيو. درد نگر ۾ هاڻي ٽي ڀائر نه، ٽي رستا هئا... سُڪل درياھه وقت جي علامت بنجي  ويو.

   ”جتي مڇي مري ختم ٿي وڃي، اتي ڀائر به ورهائجي وڃن ٿا!“

   هاشم جي اداسي درياھه جھڙي گھري هئي. هو هر شام ڪنڌيءَ تي بيھي آسمان ڏانھن تڪيندو ۽ سوچيندو هو: ”درياھه سڪي نه ها ته شايد سندس قسمت به سرسبز ۽ سائي هجي ها!“

    درد نگر ۾ ان شام کان پوءِ سڀ شامون دير سان لھڻ لڳيون، ڄڻ سج به اداس ڪنڌي کي اڪيلي ڇڏڻ نه چاهيندو هجي.

   هاشم رات به درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ويٺو هو .اڳ جتي ٻيڙي ترندي هئي، هاڻي فقط  مئل درياھه ۾  واريءَ جا دڙا هئا.

   جڏھن کان هاشم جي  شاديءَ جو ڏينھن ويجهو اچي پوئتي ڪيو ويو هو، ڄڻ ڪنڌيءَ وٽ ايندڙ لھرون ڪناري تائين پھچي موٽي ويون هيون .

   اداس ته الفت به ٿي هئي . هن ھاشم کي ساريندي راتين سان گڏجي جاڳڻ سکيو هو . شاديءَ جي اماڻيل ڪپڙن کي ڏسي هڪ لمحي ته الفت جو گونجيل سُڏڪو درياھه جي ڪنڌي به ٻڌي ورتو هو.

   ”شاديءَ سان درياھه جي پاڻي جو ڪھڙو رشتو؟ مڇين جو ڪھڙو تعلق؟ شادي ته تنھاين جي ڪرڀ کان بچائي ٿي...!“

   اُلفت جو گهر ڪنڌيءَ کان ٿورو پري هو ۽ سندس ھر نظر  هاشم واري رستي تي رهندي هئي. ڏينھن جو ماٺ، رات جو جاڳ. هڪ ڏينھن هوءَ پاڻ ڪنڌيءَ تائين هلي آئي. درياھه جي ماٺ کي تڪيندڙ ھاشم کي ڳولي هن ڳالھايو .  ”ڇا تو وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي؟“

  ”هر شيءِ جي هجڻ پويان اميدن جو زندھه ھجڻ لازمي هوندو آھي!“

 ”ڇا اسان جون اميدون درياھه جي مڇين سان گڏ ختم ٿي ويون!“

  ”ها...!“

  ”اهي مڇيون ڇو ختم ٿينديون آھن؟ “

  ”مڇيون ختم ناهن ٿينديون، ختم درياھه جون لھرون ٿينديون آھن!“

   ” اهي درياھه ۽ درياھه جو لھرون ڇو  مرنديون آھن؟“

     ”جيڪي قومون زندھه ھوندي وقت کان اڳ ۾ مري وينديون آھن، انھن جا درياھه به زندھه هوندي مري ويندا آھن!“

   ”ڇا اسان جو درياھه هاڻي هميشه لاءِ مري ويو آھي؟“

   ”نه الفت...! اسان جو درياھه آھي ته زندھه...! هو مري رهيو آھي ته فقط اسان جي ڌرتي لاءِ…! درياھه جون مڇيون اسان جي ڌرتيءَ ڏي اچڻ لاءِ منتظر آھن، پر انھن کي روڪيو ويو آھي!!  “

   ”ڇو روڪيو ويو آھي؟“

   ”جيئن اسان جي حصي جي خوشحالي انھن وٽ رهي.“

    ان ڏينھن  الفت واپس موٽي وئي. هن کي وهي ايندڙ درياھه جو انتظار هو . انتظار جا ڏينھن ڏاڍا ڀيانڪ هوندا آھن .  چنڊ جي  ٽٽل پاڇن جھڙي اميد کڻي هوءَ روز درياھه جي ڪنڌي تي وڃڻ لڳي، جتي پھچي ھوءَ هاشم سان گڏجي درياھه جي ڪنڌي تي ويھي، لڏي ويل اباڻن جي ياد ۾ راتيون ڳڻيندي هئي .  مھراڻ ڪٿي هو ۽ پريم ڪھڙو شھر وسايو هو، ڪنھن کي خبر نه هئي.

    پوءِ هڪ رات درياھه جي ڪنڌي تي واقع درد نگر جي ان ڳوٺ  ۾ هڪ طوفاني رات آئي، جنھن هاشم ۽ اُلفت کي هميشه جي لاءِ جدا ڪري ڇڏيو...!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org