|
زاهد منگي

ويران ويڙهن جا پاڇا
ٻنين جي سنھڙن ٻنن تي هلندي، ماڪ سان ڀريل سائي
گاهه رستم جي پيرن کي اهڙو آلو ڪيو جو سندس روح ۽
دل تازا ٿي ويا.
گاهه جو تيلو پٽي ساڄي هٿ سان هوا ۾ گهمائيندي،
پچندڙ سارين جي سنگن کي ڏسي، محنت کي سجايو محسوس
ڪيائين، ته دل ۾ اڻڄاتل سڪون لھڻ لڳس. ابي ڏاڏي
کان مليل اهي ٻنيءَ جا ٻه ٽي جريب ئي سندس ميڙي
چونڊي ۽ گذر جو وسيلو هئا.
ڳپل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، ڦيرو کائي ٻئي طرف کان
پويان پير ڪندي، هو پنھنجي اباڻي اوطاق کان نڪتو.
ماڪ ۾ ڀنل ۽ گپ ۾ خراب ٿيل پيرن کي نلڪي تان ڌوئي،
منھن کي پاڻيءَ لپ هڻي، رومال سان اگهڻ مھل هن جي
نظر ويران اوطاق جي ڊٺل ڀتين ۽ ڀڳل ڇت تي پئي ته
سندس اندر جو سور جاڳي پيو.
هي اوطاق، جيڪا ”علي محمد جي اوطاق“ سڏبي هئي. علي
محمد تر جو مشھور جراح حڪيم هوندو هو. ڦٽ ڦرڙي کان
ويندي ڪيترن مرضن جو علاج ڪندو هو. اچڻ وڃڻ جي
تڪليف کان بچڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو وٽس ترسي پوندا
هئا. اتي مھمانن جو به ميلو متل هوندو هو. ڪو به
ٻاهران آيل مھمان توڙي فقير خالي پيٽ واپس نه
ورندو هو.
علي محمد جي مرڻ پڄاڻان سندس اولاد لڏي شھر هليو
ويو. پويان هيءَ اوطاق ننڌڻڪي ٿي، هوريان هوريان
ڀڄي ڀري پئي. ٿوري دير اڳ واري دل جي تازگي ڀڙڪا
ڏئي اڏامي ويس.
مايوسيءَ ۾ قدم ڀريندو، هو گهٽيءَ ۾ پھتو ته
سامھون نظر محمد جي گهر وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ مزدور
سامان رکندي نظر آيس. هن جي دل جيڪا اڳ ئي اداس
هئي، سا وڌيڪ ڪومائجي وئي.
”ادا نظر محمد، خير ته آهي؟ ڪيڏانھن ٿو سامان
ڍوئين؟“
”شھر ڏي، ڀائو.“
”شھر ڏي، خير ۾؟“
”لڏي ٿو وڃان.“
”لڏي ٿو وڃين پر ڇو؟“
”ادا، ڳوٺ ۾ ڇا آهي جو رهون؟!”
”پنھنجا اباڻا گهر، مال متاع، ٻني ٻارا.“
”هائو ادا، بيشڪ پر هاڻي شھر جون پڪيون عمارتون
ڳوٺ جي ڪچن گهرن کي ڳڙڪائي رهيون آهن.“
”ائين نه ڪر، ٻيلي. هي ٻانھون ٿو ٻڌائين، ڳوٺ نه
ڇڏ.“
”ادا رستم، سڄو ڳوٺ لڏي ويو آهي. باقي منھنجو ئي
گهر بچيو آهي پوءِ رهي ڇا ڪيان؟“
ائين نظر محمد ٽريڪٽر واري کي هلڻ جو اشارو ڪيو.
ٽريڪٽر چالو ٿيو ته نظر محمد رستم کي ڀاڪر ۾
ڀريندي چيو:
”ادا رستم، تون به ضد ڇڏ شھر هليو هل.“
رستم ڪو جواب نه ڏئي سگهيو، نظر محمد جو لڏو
هوريان هوريان هن جي اکين کان اوجهل ٿي رهيو هو يا
سندس ديد موڪلائي رهي هئي.
چار ڏينھن اڳ ئي غلام قادر لڏو کڻي ويو هو، جنھن
کي به هن ساڳي منٿ ڪئي هئي.
”ڳوٺ نه ڇڏ ادا.“
غلام قادر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا.
”ڳوٺ ڇڏڻ تي دل ته نه ٿي چوي پر ڇا ڪجي، شھر ۾
دڪان کوليو اٿم، جنھنڪري لڏڻ مجبوري ٿي پئي آهي.“
رڳو غلام قادر ڇو! ٻن ٽن سالن ۾ فدا حسين، گل حسن،
غلام سرور، علي اڪبر سميت ٻيا به ڪيترائي ماڻھو
پنھنجي اهل و عيال سميت وسندڙ وڏن ويڙهن اوطاقن ۽
گهٽين کي بي ساهو ڪري ويا هئا.
ماڻھو ڪڻو ڪڻو ٿي لڏيندا ويا، پويان گاڏين جي
اڏامندڙ ڌوڙ رستم جي روح کي لٽيندي رهي. هن هر هڪ
کي وڃي هٿ ٻڌي التجا ڪئي هئي ته ڳوٺ مان نه لڏيو.
ڳوٺ اسان جي ابن ڏاڏن جي امانت آهي. هتي ننڍا ٿي
وڏا ٿيا آهيون. سڀني جي اور هتي پوريل آهي. پنھنجي
ڳوٺ کي نه ڦٽايو. پر ڪنھن به هن جي ڳالھه نه مڃي.
رستم کي پراڻا ڏينھن ياد آيا، جڏهن ڳوٺ اڃان سڄو
سارو آباد هو. تڏهن وڏا ويڙها آباد هئا. سڄي ويڙهي
کي هڪڙو ئي وڏو ڳلو هو. ماڻھو هڪٻئي جي گهر ائين
ويندا هئا، ڄڻ سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هجن. گهر ڪچا
پر گاري سان رڱيل هئا. ڇپرين جون مِيرِيُون گاري
سان لنبيل هيون، جن ۾ ان رکبو هو. وڏن آڳرن جي
وٿاڻن ۾ مال ٻڌل هوندو هو.
شام جو دونھيون دکنديون ۽ چلھه تي ڪچھريون ٿينديون
هيون. ماسي سڀائيءَ جي ڪُنيءَ ۾ چڙهندڙ سڳداسي
چانورن جي ڀت جو هڳاءُ چوڏس ڦھلجندو هو ته ٻار اچي
ٿالھه کڻي بيھندا هئا.
”ماسي سڀائي، ٻه گرھه ته ڏي.“ هوءَ به اهڙي ڪشادي
دل واري جو ڪنھن کي خالي نه موٽائيندي هئي.
شام جو مايون ٽولين ۾ ويھي اندر جو سڄو اوٻر ٻاهر
ڪڍينديون هيون. ڪڏهن ٻارن جي ڳالھين تي وڙهي به
پونديون هيون، پر هڪڙي ڏينھن وڙهيل ٻئي ڏينھن زينب
جو چيو مڃي پرچي وينديون هيون. ائين ئي مرد به
پاڻيءَ جي واري تي ته ڪڏهن فصل جي ڀيل تان وڙهندا
هئا ته ٻن چڱن جي وچ ۾ اچڻ سان ئي ڇڏ ڇڏاءُ ٿي
ويندو هو.
سج اڀري هر ڪو ٻني ٻاري، مال متاع توڙي گذر جي ٻين
ڪمن سان نڪري ويندو هو.
شام ٿيندي ئي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي راندين جا آواز
پکڙجي ويندا هئا. مرد سج لھڻ کان پوءِ اچي علي
محمد جي اوطاق ۾ گڏ ٿيندا ته احوالن جا تاڪيا
کلندا هئا. علي محمد گهڻو ڪري کٽ تي ڪانڀ ٻڌي
ويھندو هو. سگهڙ ڏور، بيت ۽ ڳجهارتون ٻڌائيندا
هئا، ته الھرکيو وري شرنائي جا الاپ ڇيڙيندو هو.
ڳوٺ جي مسجد ۾ جمعي جي رات درود، مولود ۽ يارهين
ملھائي ويندي هئي.
پوءِ هوريان هوريان، الائي ڪھڙي طرف کان واءُ
گهليو جو شھر چقمق وانگر ماڻھن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳا.
هڪڙو، ٻيو، ٽيون، آهستي آهستي ڳوٺ مان ماڻھو لڏڻ
لڳا. جن گهرن ۾ عورتن جا لاڏا، مردن جا ٽھڪ ۽ ٻارن
جون کيچلون هونديون هيون، اتي ويرانيون به بيزار
ٿي پيون. ڀتين تان گارو ڇڻي ويو. ڇتيون بي چينيءَ
مان ٽمڻ لڳيون ته ڪاٺ جا در جهڪي ويا.
ڪنھن کي شھر ۾ نوڪري ملي، ڪنھن دڪان کوليو، ڪنھن
کي ٻار پڙهائڻا هئا. ڪنھن وٽ ڪھڙو بھانو ته ڪنھن
وٽ ڪھڙو. هر ماڻھوءَ سان گڏ ڳوٺ جو هڪ حصو هليو
ويندو هو.
باقي بچيل گهرن مان نظر محمد به لڏي ويو هو. هر
ويندڙ خاندان رستم جي اندر ۾ نئون خال ڪري ويندو
هو. لڏو کڻي ويندڙ سواري هن جي هيانءَ کي ڇڪيندي
ويندي هئي. هو سڀني وٽ ويندو هو.
”ادا، لڏو ڇو ٿو کڻين؟“
جواب اهو ئي: ”نوڪري، روزگار، سھولتون.“
اهي لفظ سندس ڪنن جي پردن کي ڦاڙڻ لڳندا هئا ته هو
ٻئي هٿ ڏئي زور سان بند ڪري ڇڏيندو هو. رات جو ننڊ
۾ به کيس ”نوڪري، روزگار، سھولتون“ جا آواز ٻڌڻ ۾
ايندا هئا ته ڇرڪ ڀري اٿي پوندو هو. هن جي التجا
تي ڪو ٽھڪ ڏئي مٿس چٿر ڪندو هو، ته ڪو همدرديءَ ۾
ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوندو هو. پر رڪبو ڪير به نه هو.
ايتري تائين جو هن جي پنھنجي گهر جا ڀاتي به نه
مڙيا. هن وڏا حيلا ڪيا، پر نه وٽس پٽ رهيا، نه
زال. سڀني کي آسرو هو ته اڄ نه سڀاڻي رستم به هليو
ايندو.
ڳوٺ ۾ هو اڪيلو رهجي ويو. ڳوٺ جي ويراني هن جي رڳ
رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳي. جڏهن سڀ هليا ويا ته ڌوڙ، ڪک،
ڪانا به اڏامڻ لڳا.
”ڇا هي سڀ به هتان لڏي رهيا آهن؟ نه، نه، مان هنن
کي لڏڻ نه ڏيندس.“ هو اڏامندڙ ڪکن کي پڪڙڻ لڳو.
ڌوڙ کي روڪڻ لاءِ پٺي ڀر سمھي پيو. مٿي نھاريائين
ته وڻن جا پن ۽ پکين جا ولر به اڏامندا پئي ويا.
”ڇا ڳوٺ جا مردا به؟“
ان خيال کيس ويتر پريشان ڪري ڇڏيو.
هو مقام ڏانھن ڊوڙڻ لڳو، ٿڙيو، ٿاٻڙيو، ڪريو پر
وري اٿي ڀڄندو مقام ۾ پھتو، جتي بلڪل خاموشي هئي.
مٽي، ڪک، پن، وڻ، قبرون پنھنجي جاءِ تي هيون. هن
وڏو ڊگهو ساهه کنيو دل کيس دلجاءِ ڏني.
”جن جيئري ئي ڳوٺ نه ڇڏيو، سي مرڻ پڄاڻان ڪيئن
ڇڏيندا.“
مقام ۾ رڙيون ڪري کين ڳوٺ جي اداسيءَ جو نوحو
ٻڌائڻ لڳو.
”توهان ڳوٺ سان وفا ڪئي. شھرن جي رونقن توهان کي
نه ڇڪيو، پر توهان جا پويان ويڙها ويران، گهٽيون ۽
اوطاقون سنسان ڇڏي هليا ويا.“
علي محمد، الھرکئي، زينب، زيبل، سڀائيءَ جي قبرن
تي بيھي اوڇنگارون ڏئي روئندي دانھون ڪندو رهيو.
گهڻي دير اتي ويھڻ کان پوءِ، سج لٿيءَ ڌاري اٿيو ۽
واپس ويڙهي ۾ پھتو، جتي هاڻي پکي به ڪونه هو.
رات ٿيندي ٿڌڙي هير گهلڻ لڳي. رستم آڳر تي ستي،
آسمان ۾ چنڊ کي تڪي رهيو هو، زمين تي هي ۽ آسمان ۾
چنڊ اڪيلو هو. دل ۾ سوال مندر جي گهنڊ جيان وڄي
رهيا هئس. ڇا ماڻھون موٽي ايندا؟ هي ڳوٺ وري آباد
ٿي سگهندو؟ وري ڪي ٽھڪ ٻڌڻ ۾ ايندا.؟ سوچن جي لھرن
۾ لڙهندي. اوچتو کيس سڳداسي چانورن جي خوشبو محسوس
ٿي. هيڏي هوڏي لوڻو ڦيرايائين ته پريان ماسي سڀائي
ڪني چاڙهيون ويٺي هئي.
آهستي آهستي هو اٿي بيٺو ته عورتن جي ڳالھائڻ جو
آواز ٻڌائين. غور سان ڏٺائين ته سامھون زينب ۽
زيبل پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيون آهن. هوڏانھن ڇوڪرين
”لال ڦيري“ راند پئي کيڏي، گهٽيءَ ۾ ماڻھن جي اچڻ
وڃڻ جا آواز اچڻ لڳا.
اوچتو اوطاق مان شرنائيءَ جو آواز ٻڌائين ته
ڊوڙندو ويو. اوطاق ماڻھن سان ڀري پئي هئي. علي
محمد کٽ تي ڪانڀ ٻڌيون ويٺو هو. الھرکي شرنائي پئي
وڄائي. سگهڙ ڏور بيت ٻڌائي رهيا هئا. ويران ويڙهن،
سنسان گهٽين ۽ اوطاقن ۾ ساهه پئجي ويو. اهي منظر
پسي رستم مرڪي پيو. سندس ڳوٺ ٻيھر آباد ٿي ويو هو.


همت راءِ شرما
(عالمي ادب)
سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

ســـوکــــڙي
همت راءِ شرما ڀارت جو هاڪارو ڪھاڻيڪار، مضمون
نويس ۽ فلمي گيت نگار هو. سندس ادبي سڃاڻپ جو
بنيادي حوالو مختصر افساني نگاري آهي. پاڻ انھن
افساني نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جن عام پڙهندڙن لاءِ
بيحد سادا، پر نھايت اثرائتا افسانا لکيا. سندس
افسانن جو انداز سادو ۽ ٻولي صفا سولڙي ۽ روان
آهي. جذباتي ۽ علامتي ڪھاڻي پُڻو به سندس افسانن
جي هڪ مکيه خوبي آهي. فطرت ۽ انساني رشتن جي عڪاسي
به ڀرپور نموني سان سندس افسانن ۾ ملي ٿي. سندس
لکيل افسانن جي پڄاڻي عام ڪري ڪنھن اخلاقي پيغام
يا انساني پيڙا تي ٿيندي آهي.
همت راءِ شرما 23 نومبر 1919ع تي سيالڪوٽ ۾ ڄائو
هو. پوءِ وري هو ممبئيءَ لڏي ويو، جتي هن هڪ ادبي
شخصيت طور پنھنجي
زبردست سڃاڻپ بڻائي. پاڻ هاڪاري هندستاني فلم
ڊائريڪٽر ڪيدار شرما جو ننڍو ڀاءُ هو. ساڻس گڏجي
هن ڪيترين ئي وڏين فلمن جي منصوبن تي ڪم ڪيو هو.
اسڪرين رائيٽر ۽ گيت نگار طور ڪيل سندس ڪم هندي
فلم انڊسٽريءَ جي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والاري ٿو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”هندو مسلمان“ (1980ع)، ”نڪات
زبان داني“ (1982ع)، ”شھاب ثاقب“ (1984ع) ۽ ”ميان
آزاد ڪا سفر ناما“ (1990ع) اردو ادب ۾ بيحد اهم
ليکيا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ پاڻ وڏن ادبي حلقن جھڙوڪ
ترقي پسند تحريڪ جي مرڪزي اديبن جي قطار ۾ ڪڏهن به
شامل نه ٿيو، پر سندس ڪم مقبول ادب
[Popular Fiction]
۾ هڪ نرم، پر سگهاري آواز طور ڏٺو وڃي ٿو. سندس
افسانو ”سوغات“ سندس فنڪاراڻي حساسيت ۽ انساني
جذبن جي هڪ گھري تفھيم جو هڪ عمدو نمونو آهي، جيڪو
پڙهندڙن جي خدمت ۾ هڪ سوکڙيءَ طور پيش ڪجي ٿو.-
سنڌيڪار[
پنجاب ۾ بابا گرونانڪ جي ديري کان ڪجهه پرڀَرو
راوي درياءَ جي ڪناري بيٺل ٽالھيءَ جي هڪ وڻ تي هڪ
ڳيريءَ جو آکيرو هو. ان آکيري ۾ ڳيريءَ جا ٻه
ننڍڙا ٻچا ويٺل هوندا هئا. روزانو باک ڦٽندي ئي
جڏهن سج جا ڪِرڻا راوي درياءَ جي پاڻيءَ تي پوندا
هئا ته هوءَ درياءَ پار ڪري، جسمڙ ڳوٺ ڏانھن
اُڏامي ايندي هئي ۽ ٻنين، گهرن ۽ رستي تي پيل ڪڻو
داڻو چُڳي شام ٿيندي ئي پنھنجي ٻچڙن لاءِ چوڳو
کنيو واپس پنھنجي آکيري ۾ اچي ويندي هئي.
هر پکيءَ وانگر هيءَ ڳيري به هڪ آزاد پکي هئي.
جيڏانھن وڻندو هئس، اوڏانھن اُڏامي ويندي هئي. کيس
ڪا جَهل پَل ته هئي ڪونه. راوي درياءَ جي ننڍين
ننڍين ڇولين تي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا جي جُهوٽن سان گڏ
پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پنھنجيون کنڀڙاٽيون پکيڙي،
هوءَ هوا ۾ ترندي وتندي هئي. نه اڄ جو ڪو فڪر ۽ نه
ئي وري سڀاڻي جي ڪا ڳڻتي، وهندڙ پاڻيءَ مٿان
”گهُو... گهُو“ ڪرڻ سندس معمول هو.
۽ پوءِ هڪ ڏينھن صبح جو ساجهر اها ڳيري جسمڙ ڳوٺ
کان جو اُڏاڻي ته اُڏامندي اُڏامندي نارو وال اچي
پھتي. نارو وال سرحد پار پاڪستان جو هڪ مشھور ضلعو
آهي. ڳيريءَ لاءِ اها هڪ نئين جاءِ هئي. ڪجهه دير
ته هوءَ وڻن جي شاخن ۽ ٽارين تي ٽپا ڏيندي رهي،
پوءِ توت جي هڪ وڻ جي شاخ تي ويھي جهولا کائڻ لڳي.
ڪجهه دير کانپوءِ ڪجهه ٻيون ڳيريون به ساڻس اچي
مليون ۽ پوءِ اهي گڏجي اُڏامڻ لڳيون. ڪڏهن ٻٻرن جي
وڻن تي، ڪڏهن ٽالھيءَ جي وڻن تي ۽ ڪڏهن وري تُوتن
جي وڻن تي ٺينگ پئي ڏنائون. انھن ڳيرين کيس اهو
محسوس به ڪونه ڪرايو ته هوءَ ڪا اجنبي ڳيري آهي.
اهي ساڻس ائين گڏجي سڏجي ويون، ڄڻ اهي سڀ هڪ هجن ۽
هڪ ئي ديس ۾ رهنديون هجن.
پري پري تائين ڪڻڪ جون پوکون ٿي ڏسڻ ۾ آيون. ڪڻڪ
ڪڏوهڪو نِسري چڪي هئي ۽ هَوا گهُلڻ ڪري ائين ٿي
لڳو، ڄڻ سونھري سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هجي. ڪڻڪ جي
سنگن ۾ داڻا پچي رهيا هئا. سڄو ڏينھن اهي ڳيريون
هيڏي هوڏي اُڏامنديون رهيون. هاڻي شام ٿيڻ واري
هئي. اولھه پاسي رڙهندڙ سج سون جي ٿالھه وانگيان
زمين ۾ لھندو ٿي ويو. شفق جي لالاڻ به پکڙبي ٿي
وئي.
ايتري ۾ ٿاڻيدار جو پُٽ خليل پنھنجي نوڪر سان گڏ
هوائي بندوق کنيو ٻنيءَ تي اچي پھتو. اها هوائي
بندوق ڪالھه ئي پڻھس سندس سالگره تي تحفي طور ڏني
هئي، اها ڳيري ڪڻڪ جي سنگن مٿان لامارا ڏئي رهي
هئي. جيئن ئي خليل جي مٿس نظر پئي ته هن هڪدم
پنھنجي هوائي بندوق سنڀالي ورتي، منجهس ڇُريا وڌا
۽ پوءِ ڳيريءَ تي چِست ٻَڌي ڏانھنس بندوق هلائي.
”ٺُش...“ جو آواز آيو، ڇُريو لڳندي ئي ڳيري
چڪرائجي ٻنيءَ جي ويجهو ڪنھن فقير جي ڀڳل ڀُريل
پراڻي قبر وٽ ڦَھڪو ڏئي اچي ڪِري. خليل جو نوڪر
ڳيريءَ کي ڪِرندو ڏسي هڪ ڪَٽيل ڇُري کنيو کيس ذبح
ڪرڻ لاءِ ڏانھس وڌيو. اها مُڏي ڇُري اڄ صبح هن ان
فقير جي قبر وٽ رکيل هڪ پٿر تي تِکي ڪئي هئي.
ويچاري پرديسڻ ڳيري زمين تي ڦٿڪي رهي هئي. نوڪر کي
پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي هن هَوا ۾ ڀڙڪو ڏنو ۽ اها ٿي
وڃئي. هن پنھنجي آکيري ڏانھن مُنھن ڪيو.
هاڻي اوندهه ٿي رهي هئي، پري ڪچن گهرن مان ايندڙ
ڇيڻن جو سرمائي دونھون آسپاس جي ڊگهن وڻن ۾ گُم
ٿيندو ٿي ويو، ٽالھيءَ جي وڻن جا پاڇا پاڻيءَ ۾
اُبتا ٿي نظر آيا ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ اهي درياءَ ۾ ڦٽا
هجن. اهي پاڇا پاڻيءَ ۾ ڏَڪي رهيا هئا. چئني پاسي
هڪ عجيب اداسي ڇانئجي وئي. ويچاري ڳيري جيئن تيئن
ڪري راويءَ ڪناري پھچي وئي.
سندس کنڀڙاٽين ۾ هاڻي اُڏامڻ جي سگهه ڪونه رهي
هئي. پنھنجي آکيري جي ڀرسان هوءَ تڙپندي درياءَ جي
واريءَ تي اچي ڪِري. سندس کاٻي کنڀڙاٽي رَتو ويتا
ٿي وئي هئي. کيس ڪِرندو ڏسي درياءَ ڪناري رهندڙ
لاڏائن جي جهُڳين جي آسپاس ڦِرندڙ رولو ڪتا ڏانھس
ڊوڙيا. ڳيري پنھنجي سموري بچيل سگهه گڏ ڪري ڀڙڪو
ڏئي اُڏامي. سندس پَرن جي ڦَڙڦَڙ ٻڌي سندس ٻچڙا،
جيڪي ماءُ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا، دانھون ڪرڻ لڳا.
ڳيري پنھنجي آکيري سان ٽڪرائجي هيٺ پَٽَ تي اچي
ڪِري. اها سندس آخري اُڏام هئي. پَٽ تي ڪِرندي ئي
هن دم ڏئي ڇڏيو.
سندس بيھجي ويل اکيون آکيري کي تَڪي رهيون هيون ۽
سندس پتڪڙي چھنب، جيڪا هاڻي تائين بند هئي پاڻ
هُرتوئي کلي وئي. ان مان ڪڻڪ جا ٻه ڪچڙا داڻا هيٺ
پَٽ تي اچي ڪِريا، جيڪي هوءَ پنھنجي ٻچڙن لاءِ
ايڏو پَري کان سوکڙيءَ طور کڻي آئي هئي.


ليکڪ: گئبريل گارميا مارڪيز
(عالمي ادب)
سنڌيڪار: قربان چنا

اڱاري جي
منجهند
(Tuesday Siesta)
گئبريل گارسيا مارڪيز ڪولمبيا سان تعلق رکندڙ ويھين
صديءَ جو هڪ عظيم ۽ عالمي شھرت
يافته ناول نگار ۽ صحافي هو. هو ادبي دنيا ۾
جادوئي حقيقت نگاري (Magic Realism)
جي صنف جو اهم ترين ۽ باني اڳواڻ مڃيو وڃي ٿو.
سندس سڀ کان مشھور ۽ شاهڪار ناول ”ون هنڊريڊ يئرس آف
سوليٽيوڊ“ آهي، جنھن
کيس عالمي سطح تي بي مثال مڃتا ڏياري. سندس ٻين
لازوال ادبي تخليقن ۾ ”لو ان دي ٽائيم آف ڪالرا“ ۽
”ڪرانيڪل آف آ ڊيٿ فورٽولڊ“ شامل آهن. سندس غير
معمولي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 1982ع ۾ ادب جي
نوبل انعام سان نوازيو ويو. هن پنھنجي تحريرن ۾ لاطيني آمريڪا جي سياست،
تاريخ،
سماجي اڪيلائي ۽ رومانس کي هڪ منفرد خيالي انداز
سان جوڙي پيش ڪيو. ادبي حلقن ۽ مداحن ۾ هو محبت
مان ”گابُو“ جي نالي سان پڻ مشھور هو. هي عظيم ليکڪ 17 اپريل 2014ع تي ميڪسيڪو شھر ۾
وفات ڪري ويو.
ريل وارياسي
ٽَڪريُن
جي
ڌُڏندڙ
سرنگهه مان
ٻاھر نڪري، پري پري تائين
ھڪ جھڙي ترتيب سان پکيڙيل
ڪيلن جي باغن
مان گذرڻ لڳي.
هوا ۾ گهم وڌيل
ھئي ۽ سمنڊ
مان گهلندڙ
هير جو احساس آهستي آهستي گم
ٿيندو ويو.
انجڻ مان نڪتل دونھي جو
ڪوسو ۽
ساهه ٻوساٽيندڙ جهُوٽو دريءَ مان اندر
داخل ٿيو.
ريلوي پٽڙيءَ سان گڏو
گڏ ھلندڙ تنگ
رستي تي ڏاند گاڏيون هلي رهيون هيون، جن تي
تازن
ڪيلن جا
وزنائتا ٻورا
سٿيل هئا. رستي کان پرتي،
غير آباد
زمين جي وچ ۾ وٿيءَ وٿيءَ تي بجليءَ جي پنکن
واري آسائشن سان ڀرپور
آفيسون، ڳاڙهين سرن
سان اڏيل
عمارتون ۽ رهائشي گهر نظر پئي آيا. انھن
آفيسن ۽ عمارتن
جي
آڳرن
۾ ڪرسيون ۽ ننڍيون اڇيون ميزون
رکيل
هيون، جيڪي مٽيءَ
سان ڀريل
کجين ۽ گلاب جي ٻوٽن جي وچ ۾
رکيل
هيون.
صبح جا يارهن ٿيا هئا ۽ گرميءَ اڃا پنھنجو پورو زور نه
ڏيکاريو
هو.
”دري
بند ڪري ڇڏ،“ عورت چيو، ”نه ته تنھنجا وار
دونھين
جي
ڪارنھن سان ڀرجي ويندا.“
ڇوڪريءَ دريءَ
جي لوھي چادر
هيٺ
ڇڪڻ
جي ڪوشش ڪئي، پر زنگ
لڳڻ
سبب اھا چُري نه سگهي.
ٽئين درجي جي ان دٻي ۾
اھي
ٻئي
اڪيليون
مسافر هيون. انجڻ جو دونھو لاڳيتو دريءَ مان اندر
اچي رهيو هو، تنھنڪري ڇوڪري پنھنجي جاءِ تان اٿي ۽
پنھنجو
سمورو سامان هيٺ
لاھي
رکيائين،
جن ۾
پلاسٽڪ جي
ھڪ
ٿيلھيءَ
۾ ڪجهه
کاڌو
رکيل
هو ۽ اخبار ۾ ويڙهيل
ٿورا گل موجود ھئا.
هوءَ دريءَ کان پري،
ٻئي پاسي
واري سيٽ تي پنھنجي ماءُ جي آمھون سامھون ويھي
رهي.
ٻنھي کي
انتھائي
سادو
۽
غريباڻو
ماتمي لباس پھريل ھو.
ڇوڪري ٻارهن ورهين جي هئي ۽ زندگيءَ ۾
پھريون ڀيرو ريل ۾ سفر ڪري رهي هئي. عورت سندس
ماءُ
جي عمر
کان وڌيڪ پوڙهي لڳي
رھي ھئي.
سندس پنبڻين تي نيريون رڳون چٽيون
نظر اچي رھيون
هيون ۽ سندس ننڍڙو، نرم ۽
اڻ ڊولائتو
جسم هڪ اهڙي ڊگهي لباس ۾ ويڙهيل هو، جنھن
جو نمونو
پادريءَ جي
جُبي
سان
ملندڙ جلندڙ ھو.
هوءَ سيٽ سان پنھنجي پُٺي سڌي ڪري، ٽيڪ ڏئي ويٺي هئي. سندس جهوليءَ ۾ هڪ
پراڻو، هنڌان هنڌان
چَتيون لڳل
چمڙي جو هينڊ بيگ
رکيل
هو، جنھن کي هوءَ ٻنھي هٿن سان جهلي ويٺي هئي. سندس چھري تي هڪ اهڙو پروقار سڪون
نظر اچي رھيو
هو، جيڪو صرف ان ماڻھوءَ ۾ هوندو
آهي جيڪو غربت جو عادي هجي.
ٻارنھن وڳي تائين گرمي شروع ٿي چڪي هئي. ريل هڪ اهڙي اسٽيشن تي
ڏهن منٽن لاءِ پاڻي ڀرڻ خاطر بيٺي، جنھن جي چوڌاري
ڪنھن شھر يا وسنديءَ جو
ڪو
نالو نشان نه
ھو.
ٻاهر، ڪيلن جي باغن جي
پراسرار ماٺ ۾، وڻن جا پاڇا
ڏاڍا
صاف
۽ چٽا نظر پئي
آيا،
پر دٻي اندر
ڦھلجي ويل
هوا مان
ڪچي
چمڙي جھڙي بوءِ ٿي آئي.
ريل
جي
رفتار
به سست رھي. اها ٻن اهڙن
علائقن
۾ بيٺي، جيڪي هڪٻئي جا
عڪس لڳي رھيا ھئا، جن جا
ڪاٺ
سان ٺھيل
گهر تيز ۽
چمڪندڙ
رنگن سان رڱيل هئا.
عورت جو مٿو آهستي آهستي جهڪيو ۽ هوءَ ننڊ
پئجي
وئي. ڇوڪريءَ بوٽ لاهي
ڇڏيا،
پوءِ
گلن
کي
پاڻي ۾ ڀِڄائڻ
لاءِ غسلخاني ڏانھن وئي.
جڏهن هوءَ موٽي آئي،
ته کاڌي تي
سندس ماءُ
ھن جو
انتظار ڪري رهي هئي. عورت کيس پنير جو هڪ ٽڪرو، مڪئي
جي اٽي جي ٽڪيءَ جو اڌ ۽ هڪ
بسڪوٽ
ڏنو. پوءِ ٿيلھيءَ مان اوترو ئي حصو پاڻ لاءِ ڪڍيائين.
اھي
جڏهن
کاڌو
کائي رهيون هيون، تڏهن ريل نھايت آهستي هڪ لوهي پل تان گذري
۽ پوءِ هڪ اهڙي شھر وٽان لنگهي، جيڪو اڳين شھرن
جھڙو ئي هو،
فرق رڳو ايترو هو ته هتي
وچين چوڪ ۾ ماڻھن جو ميڙ
متل
هو.
تپندڙ
سج هيٺ موسيقارن جو هڪ ٽولو خوشيءَ ڀري ڌن وڄائي رهيو هو.
شھر جي ٻئي ڇيڙي تي ڪيلن جا باغ ختم ٿي ويا ۽ انھن
جي جاءِ هڪ اهڙي ميدان والاري، جنھن
جي زمين ڏڪار سبب هنڌان هنڌان
ڏري پئي هئي.
عورت کائڻ ڇڏي ڏنو.
”بوٽ پاءِ،“ هن چيو.
ڇوڪريءَ ٻاهر
نھاريو. سُڃي
ميدان کان سواءِ کيس ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. ريل ٻيھر
رفتار وٺڻ لڳي،
پر هن
بسڪوٽ
جو بچيل ٽڪرو ٿيلھيءَ ۾ وجهي
ڇڏيو
۽ تڪڙ ۾
پنھنجو
بوٽ پائڻ لڳي.
عورت کيس ڦڻي ڏني.
”وار سنواري وٺ،“
هن چيو.
جڏهن ڇوڪري
ڪنگيءَ
سان
پنھنجا وار
ٺاهي رهي هئي، تڏهن انجڻ جي سيٽي وڄڻ لڳي. عورت
پنھنجي ڳچيءَ تان پگهر اگهيو
۽
سڻڀو
چھرو
پڻ
صاف ڪيائين.
ڇوڪريءَ جڏهن ڦڻي ڏيڻ بند ڪئي، تڏهن ريل هڪ اهڙي
شھر جي ٻاهرين گهرن وٽان گذري رهي هئي، جيڪو
گذريل
شھرن کان وڏو
ته ھو پر
وڌيڪ اٻاڻڪو
لڳي رھيو
هو.
”جيڪڏهن
ڪجهه ڪرڻو اٿئي ته هينئر ئي ڪري وٺ،“ عورت چيو. ”بعد
۾
اڃ سبب
ڀلي
سينو سُڪي وڃئي،
ڪٿي به پاڻي
ناھي پيئڻو
۽
ھا، سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھه
ته
روئڻو
بلڪل به ناهي.“
ڇوڪريءَ ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
انجڻ جي سيٽيءَ
جي آواز ۽ پراڻن دٻن جي کڙکڙ سان گڏ هڪ سڪل ۽ ساڙيندڙ هوا جو جهُوٽو
دريءَ مان اندر آيو.
عورت بچيل کاڌي واري پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ کي ويڙهي هينڊ بيگ ۾
وڌو. آگسٽ جي ان روشن اڱاري
جي ڏينھن تي،
کن پَل
لاءِ سڄو شھر دريءَ جي شيشي ۾ چمڪي اڀريو.
ڇوڪريءَ
گلن
کي ڀنل اخبار ۾
ٻيھر
ويڙهيو، دريءَ کان ٿورو
پري ٿي ويٺي ۽ پنھنجي ماءُ ڏانھن نھارڻ لڳي. ماءُ
به کيس نرم
۽
دلجاءِ ڏيندڙ نگاھه
سان ڏٺو.
ريل سيٽي وڄائيندي آهستي
ٿي ۽ ٿوري دير کان پوءِ بيھي رهي.
اسٽيشن تي ڪوبه ماڻھو
موجود
نه هو. رستي جي ٻئي پاسي، بادام جي وڻن جي ڇانوَ هيٺ، رڳو
پول ھال
کليل هو. سڄو شھر
ڄڻ ته
گرميءَ ۾ ترندو پئي ويو.
عورت ۽ ڇوڪري ريل مان
ھيٺ لٿيون ۽ ويران
اسٽيشن پار ڪري، رستي جي ڇانوَ واري پاسي
تي ھلنديون رھيون.
اسٽيشن جي فرش جون سِرون
وچ ۾
ڦُٽندڙ گاهه سبب هنڌان هنڌان ڌار ٿي ويون هيون.
منجهند جا
ٻه
وڄڻ
وارا هئا. ان وقت سڄو شھر ننڊ جي
گهري خمار
هيٺ ٻپھريءَ جو آرام ڪري رهيو هو.
دڪان، سرڪاري آفيسون ۽ اسڪول يارهين وڳي بند ٿي
ويا هئا
جيڪي
چئين وڳي کان ٿورو اڳ، واپسيءَ واري ريل جي وقت،
ٻيھر
کلڻا هئا.
اسٽيشن جي سامھون واري
هوٽل، ان
جي ڀر وارو پول ھال ۽ چوڪ جي هڪ پاسي
واقع ٽيگراف آفيس
کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه بند هو.
اڪثر
گهر
بنانا
ڪمپنيءَ جي هڪ
جھڙي
طرز جا ٺھيل هئا. انھن جا دروازا اندران بند
ھئا جڏھن ته
دريون پردن سان ڍڪيل هيون. ڪن گهرن ۾
سخت
گرمي
ھجڻ ڪارڻ
ماڻھو منجهند جي ماني اڱڻ ۾ ويھي کائي
رھيا
هئا.
ڪجهه ماڻھو
بادام جي وڻن جي ڇانوَ هيٺ ڀت سان
ڪرسي ٽيڪائي، گهٽيءَ ۾ ئي ٻپھريءَ جي ننڊ
ڪري رھيا
هئا.
عورت ۽ ڇوڪري بادام جي وڻن جي پناهه ڏيندڙ
ڇانوَ هيٺان هلنديون شھر ۾ داخل ٿيون. سندن قدمن
شھرين جي
آرام
۾ ڪوبه خلل نه وڌو.
اهي سڌيون پادريءَ جي رهائشگاهه ڏانھن ويون.
عورت دروازي جي لوهي ڄاريءَ تي ننھن سان
رھڙ ڏني ۽ ڪجهه دير
ترسي ۽ ڄاريءَ
تي ٻيھر
ننھن
رھڙيائين.
اندران
بجليءَ
جي پنکي جو آواز اچي
رهيو هو. هنن ڪنھن جي
به
قدمن جو آواز نه ٻڌو.
کين
رڳو دروازي
جو ھلڪو
چرڙاٽ
ٻڌڻ ۾ آيو ۽ پوءِ لوهي ڄاريءَ جي بلڪل ڀرسان هڪ محتاط آواز
ٻڌڻ ۾
آيو:
”ڪير
آهي؟“
عورت ڄاريءَ مان اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مون کي پادري صاحب سان ملڻو آهي،“ هن چيو.
”هو هن وقت ستو پيو آهي.“
”منھنجو
تمام ضروري ڪم آهي.“
عورت
جو آواز پختو ھو.
ھن جي
آواز ۾
نرميءَ سان گڏو گڏ ھڪ پختو
ارادو
پڻ ھو،
جنھن
کي آسانيءَ سان ٽاري نه
پيو
سگهجي.
بنا ڪنھن آواز جي
دروازو
ٿورو
کليو. ان مان هڪ ٿلھي
متاري،
وڏي عمر جي عورت ظاهر ٿي. سندس چمڙي غيرمعمولي حد تائين اڇي
۽ وار لوهه جھڙي رنگ جا هئا. ٿلھن
شيشن واري عينڪ پٺيان سندس اکيون تمام ننڍڙيون
لڳي رھيون ھيون.
”اندر
اچو،“ هن چيو ۽
پورو
دروازو کولي ڇڏيو.
هو ٻئي
ڄڻيون
هڪ اهڙي ڪمري ۾ داخل ٿيون، جنھن
۾ پراڻن گلن جي باس رچيل هئي.
اھا
عورت کين ڪاٺ جي هڪ بينچ
ڏانھن
وٺي وئي ۽ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. ڇوڪري ويھي رهي، پر
سندس ماءُ ڄڻ ڪنھن گھري
سوچ ۾ گم، ٻنھي هٿن سان هينڊ بيگ کي
سُڪ جهلي بيٺي رهي.
بجليءَ جي پنکي جي آواز کان سواءِ ٻيو
ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.
اھا
عورت ڪمري جي ٻئي ڇيڙي واري دروازي وٽ
ٻيھر
ظاهر ٿي.
”هو
چوي ٿو ته اوهين ٽين وڳي کان پوءِ اچو،“ هن نھايت
آهستي چيو. ”هن کي
سمھندي
اڃا پنج منٽ
مس
ٿيا آهن.“
”ريل
گاڏي ساڍي ٽين وڳي رواني ٿيندي،“ عورت چيو.
سندس
جواب مختصر ۽ پُراعتماد هو، پر سندس آواز جي نرميءَ ۾
ڪيترائي غير واضح
مطلب
لڪل
هئا.
اھا
عورت پھريون ڀيرو مرڪي.
”چڱو
ڀلا،“ هن چيو.
ڏورانھون
دروازو ٻيھر بند ٿيو ته عورت پنھنجي ڌيءَ جي ڀرسان
ويھي رهي.
انتظار
گاھه وارو ڪمرو
سوڙهو
۽
غريباڻو
ھو، پر
ڏاڍو
صاف سٿرو
ھو. ڪمري کي ورھائيندڙ ڪاٺ جي ڪٽھڙي جي ٻئي پاسي
ھڪ
سادي ميز رکيل هئي، جنھن تي ڪپڙي جو پوش
وڇايل
هو.
ميز تي هڪ پراڻو ٽائيپ رائيٽر ۽ ان جي ڀرسان گلدان رکيل هو.
ٿورو پرتي گرجا گهر جا
ڪجهه
رجسٽر پيل هئا.
ڪمري جي ترتيب مان صاف ظاهر هو ته اها آفيس ڪنھن
ڪنواري ۽
سليقي واري عورت جي سنڀال هيٺ هئي.
ڏورانھون
دروازو کليو ۽ هن ڀيري پادري ظاهر ٿيو. هو رومال
سان پنھنجي عينڪ صاف ڪري رهيو هو. جڏهن هن عينڪ
نڪ
تي رکي،
ته
معلوم ٿيو ته دروازو کوليندڙ عورت سندس ڀيڻ هئي.
”مان
اوهان جي ڪھڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟“ هن پڇيو.
”مون کي
قبرستان جون چاٻيون گهرجن،“ عورت چيو.
ڇوڪري بينچ تي ويٺي
رھي.
گل سندس جهوليءَ ۾
پيا رھيا، جڏھن ته ھن جا
پير بينچ هيٺان هڪ ٻئي مٿان
رکيل
هئا.
پادريءَ پھرين ڇوڪريءَ ڏانھن ڏٺو، پوءِ
عورت ڏانھن، ۽ پوءِ دريءَ جي ڄاريءَ مان روشن
۽
ڪڪرن کان خالي آسمان ڏانھن نھاريو.
”ھھڙي
گرميءَ ۾؟“ هن چيو. ”اوهين
ڏينھن ٺرڻ
تائين ترسي به سگهيون ٿي.“
عورت بنا ڪجهه چوڻ جي ڪنڌ لوڏيو.
پادري
ڪٽھڙي
جي ٻئي پاسي ويو. هن ڪٻٽ مان ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪ
رجسٽر، ڪاٺ جو قلمدان ۽ دوات ڪڍي
ميز وٽ ويھي رهيو.
ھن جي
هٿن تي ايترا ته گهاٽا وار هئا، جو ائين پئي لڳو ڄڻ
سندس مٿي تان غائب ٿيل وار به اتي اچي
ڦٽا ھجن.
”اوهين
ڪھڙي قبر تي وڃڻ ٿيون چاهيو؟“ هن پڇيو.
”ڪارلوس
سينتينو جي قبر تي،“ عورت
وراڻيو.
”ڪنھن
جي
قبر تي؟“
”ڪارلوس
سينتينو،“ عورت ورجايو.
پادريءَ کي اڃا ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي.
”اهو
چور، جيڪو
ھتي
گذريل هفتي مارجي ويو هو،“ عورت ساڳئي لھجي ۾ چيو. ”مان سندس
ماءُ آهيان.“
پادريءَ غور سان عورت ڏانھن ڏٺو.
عورت نھايت ضبط ۽ وقار سان سندس اکين ۾ اکيون وجهي کيس
ڏسندي
رهي.
پادريءَ جو چھرو ڳاڙهو ٿي ويو. هن ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽
رجسٽر ۾
ڪجهه
لکڻ لڳو.
صفحي
تي لکندي
هن عورت کان سندس سڃاڻپ جا تفصيل
ورتا. عورت بنا ڪنھن هٻڪ جي صحيح ۽ مڪمل جواب ڏيندي
رھي، ڄڻ اهي ڪنھن لکيل ڪاغذ تان پڙهي رهي هجي.
پادريءَ کي پگهر اچڻ لڳو.
ڇوڪري پنھنجي کاٻي بوٽ
جي ڪھي
کولي،
کُڙي
ٻاهر ڪڍي ۽ پير بينچ جي فٽ پيريءَ تي رکي
ڇڏيائين.
اھڙي ريت ساڄو پير به اتي رکي ڇڏيائين.
اهو سڀ ڪجهه گذريل هفتي سومر
تي
رات جي ٽين وڳي، هتان کان چند گهٽين جي
مفاصلي تي
ٿيو هو.
ربيڪا نالي
ھڪ بيواهه
عورت
پراڻين شين
سان ڀريل گهر ۾
اڪيلي
رهندي هئي،
ھن مينھن جي
هلڪي
ڦُڙ ڦُڙ جي آواز ۾ ڪنھن ماڻھوءَ کي
ٻاهران سندس گهر جو دروازو زبردستي
کولڻ جي ڪوشش ڪندي ٻڌو.
هوءَ بستري تان اٿي،
ڪٻٽ مان هڪ تمام پراڻو
ريوالور
ڳولي
ڪڍيائين، جيڪو ڪرنل اوريليانو بوئينديا جي زماني
کان پوءِ ڪنھن نه هلايو هو.
هوءَ بتي ٻارڻ کان سواءِ
ئي ديوان خاني
۾ هلي وئي.
تالي جي کڙڪي کان وڌيڪ، هن اٺاويھن سالن جي اڪيلائيءَ مان
پيدا ٿيل خوف جي سھاري پنھنجي ذهن ۾ نه صرف دروازي جي جاءِ پر تالي جي بلڪل
صحيح اوچائيءَ جو اندازو به لڳائي ورتو.
هن ٻنھي هٿن سان ريوالور جهليو، اکيون بند ڪيون ۽ گهوڙو دٻائي ڇڏيو.
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو هن
ھٿيار
هلايو
ھو. گولي ڇٽڻ جي ٺڪاءَ
کان پوءِ کيس
ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو،
سواءِ مينھن جي ڪڻين جي، جيڪي
جست جي ڇت تي
ھلڪي موسيقي وکيري رھيون ھيون.
پوءِ هن سيمينٽ جي
اڱڻ
تي ڪنھن
لوھي نما
شيءِ جي ڪرڻ جو
هلڪو آواز ٻڌو. ان کان پوءِ هڪ تمام
جهيڻو، مٺو ۽
وڻندڙ، پر
تمام گهڻو ٿڪل آواز
ٻڌڻ ۾ آيو،
”آه، امان!“
صبح جو ماڻھن کي
ان
گهر جي سامھون
هڪ
شخص
جو لاش مليو.
گولي
لڳڻ
سبب سندس نڪ چچرجي ويو هو.
هن کي رنگين پٽين واري فلالين جي قميص ۽ عام
پاجامو
پاتل هو. چيلھه ۾ پٽيءَ بدران رسو ٻڌل هئس ۽ سندس پير اگهاڙا هئا.
شھر
جو
ڪوبه ماڻھو کيس
نه
سڃاڻندو هو.
”ته
ھن جو
نالو ڪارلوس سينتينو هو،“ پادري رجسٽر ۾
لکت
مڪمل ڪرڻ کان پوءِ آهستي چيو.
”سينتينو
اَيالا،“ عورت
درستگي ڪندي
چيو. ”هو منھنجو
اڪيلو پٽ
ھو.“
پادري
ٻيھر
ڪٻٽ ڏانھن ويو.
ڪٻٽ جي دروازي جي اندرين پاسي زنگ لڳل ٻه
وڏيون چاٻيون ٽنگيل هيون. ڇوڪريءَ تصور ڪيو ته اهي
سينٽ پيٽر جون چاٻيون آهن،
بلڪل ائين
جيئن سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ سوچيو هوندو ۽ شايد
پادريءَ به ڪنھن زماني ۾ ائين ئي سوچيو هجي.
پادريءَ چاٻيون لاٿيون ۽
ڪٽھڙي
تي کليل رجسٽر مٿان رکي
ڇڏيون.
پوءِ هن تازي لکيل صفحي تي هڪ هنڌ آڱر رکي، عورت
ڏانھن نھاريندي چيو.
”هتي
صحيح ڪريو.“
عورت هينڊ بيگ کي
بغل ۾
جهلي پنھنجو نالو
لکيو.
ڇوڪري گل
کڻندي
بوٽن کي فرش تي
سيريندي ڪٽھڙي
وٽ آئي ۽ ڌيان سان ماءُ ڏانھن ڏسڻ لڳي.
پادريءَ
ٿڌو ساهه ڀريو.
”ڇا تو ڪڏهن پنھنجي پٽ کي سڌي رستي
تي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي
ھئي؟“
هن پڇيو.
عورت صحيح ڪرڻ کان پوءِ جواب ڏنو،
”هو تمام سٺو ماڻھو هو.“
پادريءَ پھريان
عورت ۽ پوءِ ڇوڪريءَ ڏانھن ڏٺو. کيس رحم ڀريو احساس ٿيو ته انھن ٻنھي مان ڪابه روئڻ
ھارڪي ڪانه
هئي.
عورت ساڳئي لھجي ۾ ڳالھائڻ جاري رکيو:
”مون
کيس چيو هو ته ڪڏهن به اهڙي شيءِ چوري نه ڪجانءِ،
جيڪا ڪنھن جي کائڻ جي ڪم اچي، ۽ هن منھنجي
ڳالھه مڃي هئي. پر اڳي، جڏهن هو
باڪسنگ
ڪندو هو، تڏهن مُڪن جي مار کان ايترو ته ساڻو ٿي
پوندو هو، جو ٽي ٽي ڏينھن
بستري تي پيو هوندو هو.“
”ھن کي پنھنجا سڀئي
ڏند ڪڍرائڻا پيا هئا،“ ڇوڪري وچ ۾
ڳالھايو.
”ها،
اها ڳالھه سچي آهي،“ عورت چيو. ”انھن ڏينھن ۾
مان جيڪو به ڳڀو کائيندي ھئس
تنھن
مان
مون کي ڇنڇر جي راتين
۾
پنھنجي پٽ
تي پوندڙ مار
جو ذائقو محسوس ٿيندو هو.“
”انسان
خدا جي
رازن کان اڻڄاڻ
ھوندو آھي،“ پادري چيو.
پر سندس آواز
پُر اعتماد ڪونه ھو. ان جو هڪ سبب اهو هو ته زندگيءَ جي تجربن
کيس ٿورو
گهڻو
شڪي بڻائي ڇڏيو هو، ۽ ٻيو سبب سخت گرمي
به
هئي.
هن عورت ۽ ڇوڪريءَ کي صلاح ڏني ته
لُڪَ کان بچڻ لاءِ پنھنجا مٿا ڍڪي ڇڏين.
اوٻاسيون ڏيندي، ۽
لڳ ڀڳ جهُوٽا کائيندي،
هن کين ڪارلوس سينتينو جي قبر
جون نشانيون ٻڌايون ته جيئن ھو ان کي آسانيءَ سان
ڳولي سگهن.
هن
وڌيڪ ٻڌايو
ته واپسيءَ تي کين دروازو کڙڪائڻ جي ضرورت نه پوندي،
ڀلي ھو چاٻيون دروازي جي هيٺان اندر سرڪائي ڇڏين. جيڪڏهن
سَري سگهين
ته ساڳئي هنڌ گرجا گهر لاءِ ڪجهه چندو به رکي ڇڏين.
عورت سندس سڀ هدايتون وڏي ڌيان سان ٻڌيون ۽ بنا مرڪڻ جي
شڪريو ادا ڪيو.
پادريءَ گهٽيءَ وارو دروازو کولڻ کان اڳ ئي ڏسي
ورتو هو ته ڪو ماڻھو لوهي ڄاريءَ مان اندر جهاتي
پائي رهيو هو ۽ سندس نڪ ڄاريءَ سان
گسي رھيو ھو.
ٻاهر ٻارن جو
ميڙ
بيٺو هو.
جڏھن
دروازو
مڪمل طور
کليو ته ٻار ڊوڙي
هيڏانھن هوڏانھن
ڇڙ وڇڙ ٿي
ويا.
عام
طور تي
ان وقت گهٽيءَ ۾ ڪوبه ماڻھو نه هوندو هو، پر هاڻي
اتي رڳو ٻار نه هئا،
پر
بادام جي وڻن هيٺ ماڻھن
جا ننڍا ننڍا ميڙ
اچي گڏ ٿيا
هئا.
پادريءَ گرميءَ ۾ سڙندڙ گهٽيءَ جو جائزو ورتو،
تڏھن کيس پوري
ماجرا سمجهه
۾ اچي وئي.
هن
آھستگيءَ
سان ٻيھر
دروازو بند ڪري ڇڏيو.
”ٿوري دير
ترسو،“ هن عورت ڏانھن ڏسڻ
بغير
چيو.
سندس ڀيڻ ڪمري جي
اندرئين
دروازي وٽ ظاهر ٿي.
کيس
رات واري قميص مٿان ڪارو ڪوٽ پاتل
هو ۽ سندس کليل وار ڪُلھن
تي پکڙيل هئا.
هن خاموشيءَ سان پادريءَ ڏانھن ڏٺو.
”ڇا ٿيو آهي؟“ پادريءَ پڇيو.
”ماڻھن
کي خبر پئجي وئي آهي،“ سندس ڀيڻ آهستي
وراڻيو.
”بھتر آهي ته اوهين اڱڻ واري دروازي مان ٻاهر
وڃو،“ پادريءَ، عورت کي چيو.
”اتي به ساڳي حالت آهي،“ سندس ڀيڻ چيو. ”سڀ ماڻھو
پنھنجي پنھنجي
درين
وٽ
بيٺا آهن.“
ان مھل
عورت ڄڻ پھريون ڀيرو ڳالھه
کي سمجهيو ھجي.
هن لوهي ڄاريءَ مان گهٽيءَ ڏانھن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوءِ ڇوڪريءَ کان گل ورتائين ۽ دروازي ڏانھن وڌڻ
لڳي.
ڇوڪري به سندس پٺيان
ھلڻ لڳي.
”سج
لھڻ
جو انتظار ڪري وٺو ھا،“ پادري چيو.
”ھيءَ
گرمي اوھان
کي ساڙي ڇڏيندي،“
سندس ڀيڻ ڪمري جي پٺئين پاسي بيٺي چيو. ”ترسو،
مان
اوهان
لاءِ
ڇٽي کڻي ٿي اچان.“
”نه،
مھرباني،“ عورت چيو. ”اسان ائين ئي ٺيڪ
آهيون.“
هن ڇوڪريءَ
کي
هٿ
کان جهليو
۽ ٻئي گهٽيءَ
ڏانھن نڪري ويون.

 |