سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:6 

آڪاش آسواڻي

 

 

 

 

    صوفي آسُورام: حياتي ۽ ڪلام بابت اختلافن جو تنقيدي جائزو

 

ماستر آسومل عرف صوفي آسورام فقير (1854ع ــ 1941ع)  سنڌ جي ويدانتي شاعري ۾ اھم حيثيت رکي ٿو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد ھئا ۽ تعليم کاتي ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندي 1909ع ڌاري ھيڊماستر جي عھدي تان رٽائر ٿيا. صوفي صاحب اعليٰ پائي جا حڪيم، عالم، سَنت ۽ صوفي شاعر ھئا. پاڻ سنڌي، ھندي، اردو، سرائڪي ۽ فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪيائون. شاعري جا ڪل ٽي مجموعا سندن ھٿ اکرين جوڙيل آھن. جن مان پھريون ڪتاب ’ديوانِ آسو‘ سن 1897ع ۾ لکجي پورو ٿيو  ۽ پھريون دفعو سال 35-1934ع  ڌاري ويڙھومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏھن ته ھن جو ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 2025ع ۾ صوفي آسورام جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل کتري ۽ سندس ڪٽنب (ھالا نوان) پاران شايع ٿيو آھي. ھن جي سنوار سڌار، ترتيب ۽ مٿس جامع مقدمو سندس ئي تڙپوٽي راقم (آڪاش آسواڻيءَ) لکيو آھي. فقير صاحب جا باقي ٻه ڪتاب: ’ويراڳ نامو عرف پريم غنچه‘ ۽ ’رسالو آسومل صوفي‘ اڃا اڻڇپيل آھن.

سنڌي ادب جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته صوفي آسورام جي حياتي توڙي سندن ڪلام بابت ڪو ٿورڙو  ئي مواد موجود آھي، جڏھن ته ان ۾ پڻ ڪي تاريخي ۽ ادبي غلطيون شامل ٿي ويون آھن. جيڪي وقت بوقت بغير ڇنڊ ڇاڻ جي ورجايون ويون. ڪن جاين تي سندن ڪلام سان به ھٿ چراند ٿي، ڪٿي سندن ڪلام ٻين شاعرن ڏانھن منسوب ٿيو ته ڪٿي ٻين جي ڪلام کي صوفي آسورام جو نالو ڏنو ويو. ھيٺ انھن اھم غلطين جو تحقيقي جائزو پيش ڪجي ٿو:

1. جنم جو سال: 

صوفي آسُورام جي حياتي ۽ ڪلام بابت پھريون جامع احوال خانبھادر محمد صديق ميمڻ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ پيش ڪيو، جيڪو تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ بعد وارن محققن لاءِ بنيادي ماخذ پڻ بڻيو. ميمڻ صاحب جتي گهڻو تڻو مستند مواد ڏنو، اتي کانئس هڪ سھو ٿي وئي. هن صوفي آسُورام جي جنم جي سنڌي تاريخ 21 اسُو 1910 وڪرمي سنبت برابر 1824ع ڄاڻائي آهي. جڏهن ته ساڳي تاريخ کي عيسوي ڪئلينڊر سان ڀيٽڻ تي اها 8 آڪٽوبر 1853ع سان ٺھڪي اچي ٿي، جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عيسوي سال ۾ لڳ ڀڳ 29 سالن جو فرق آهي. جيڪا پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، اياز قادري، ڊاڪٽر وندنا رامواڻي، پروفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين، مختيار احمد ملاح، ميان مير چانڊيو ۽ اَي. جَي. اُتم سميت ٻين ڪيترن ئي ليکڪن بغير ڇنڊڇاڻ جي ورجائي آهي.

ان جي ابتڙ، ٻين محققن مختلف سال ڏنا آهن. جھڙوڪ: ڊاڪٽر ديال آشا 1855ع، پروفيسر لال سنگهه اجواڻي 1853ع، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مورُومل ڌانڌا 1854ع ڄاڻايو آهي. خانداني روايتن ۽ دستاويزن جي بنياد تي صوفي آسُورام جي جنم جو سال 1854ع (برابر 1910 وڪرمي سنبت) وڌيڪ معتبر نظر اچي ٿو (ڏسو: ديوانِ آسو، 2025ع، ص 23–25).

2. وفات جي تاريخ: 

صوفي آسُورام جن جي وفات بابت پڻ اختلاف ملي ٿو. سندن پھريون سوانح نگار محمد صديق ميمڻ هن حوالي سان خاموش آهي، جڏهن ته بعد وارن ڪيترن ئي ليکڪن، جن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ميان مير چانڊيو ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سندن وفات جو سال 1897ع ڄاڻايو آهي. جڏھن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي لوڪ ادب وارن ڪتابن ۾ سندن وصال جي تاريخ 15 فيبروري 1941ع ڏني آهي، جيڪا درست آھي ۽ خانداني روايتن توڙي دستاويزن سان پڻ مطابقت رکي ٿي.

3. خانداني نسبت:

ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي پنھنجي ڪتاب ’يادِ ايام‘ (ص 166) ۾  سمن سرڪار جي خدمتگار فقير گلاب راءِ عرف حاجي گلاب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سندس (گلاب) جي خاندان مان ھڪ ٻيو سَنت آسورام ٿي گذريو آھي“. ھتي ھن ڳالھه جي وضاحت ۽ درستگي ڪندا ھلون ته گلاب راءِ ذات جو کتري ۽ ھالن پراڻن ۾ کترين (مھاجرن) جي پاڙي  ۾ رھندو ھو. جڏھن ته فقير صاحب ذات جا برھم کتري ھئا. گلاب راءِ جو سندن خاندان سان ڪو واضح تعلق ثابت نه ٿو ٿئي. فقير صاحب کي ھڪ پوٽو گلاب راءِ نالي به ھو، ممڪن آھي ته قريشي صاحب ڀُل سبب تنھن کي حاجي گلاب سمجهيو ھجي. قريشي صاحب جو ڏنل ٻيو احوال به غير مستند معلوم ٿئي ٿو.

4. غير مستند سوانحي بيان:

ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب پنھنجي ڪتاب
’عظيم سنڌي انسان‘ ۾ صوفي آسُورام بابت جيڪو احوال ڏنو آهي، ان ۾ ڪيترائي غير مستند نڪتا شامل آهن. جن ۾ جنم جو سال، والد جو نالو ۽ ٻين تفصيلن ۾ تضاد نظر اچي ٿو. مستند معلومات موجب صوفي آسُورام 1854ع ۾ هالا پراڻا ۾ ڏاندومل برهم کتري جي گهر ۾ پيدا ٿيا.

5. ديوانِ آسو جو ڇپجڻ:

ڪتاب ’ديوانِ آسو‘ جي پھرين ڇاپي جي ڇپجڻ بابت به غير يقيني صورتحال ملي ٿي. محمد صديق ميمڻ صاحب، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ديوان آسو 1897ع ۾ لکي تيار ڪيو ھئائين ۽ سندس(آسورام جي) ئي حياتي ۾ ڇاپجي چڪو آھي“. جڏھن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا توڙي ٻين ڪتابن ۾ بغير ڪنھن تحقيق جي ھن ڪتاب جي ڇپائي جو سال 1897ع ڄاڻايو ويو آھي. تحقيقي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته، 1933ع ڌاري ويڙھومل کٽڻ مل طرفان ڇپايل ’ديوانِ احسن‘ جي ٽائٽل ڪوَر پٺيان سندس ڇپايل ڪتابن جي لسٽ ۾ ’ديوان آسو‘ شامل نه آھي. جڏھن ته سندس ڇپايل ٻئي ڪتاب ’ٻال يوگ سکيا‘ جي ٽائٽل ڪوَر تي ڪنھن لائبريري جي ٺپي تي تاريخ 20 مئي 1935ع ڏنل آھي، ھن جي بئڪ ڪوَر تي ’ديوان آسو‘ جو ذڪر آھي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ’ديوان آسو‘ پھريون ڀيرو 1934ع يا 1935ع ۾ ڇپيو ھوندو، جڏھن ته 1936ع ڌاري مٿس ھڪ مضمون پڻ شايع ٿيو. (ڏسو: ديوانِ آسُو، 2025ع، ص 112-119)

6.طالبن/چيلن بابت غلط فهميون:

مانَ واري سائين ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنھنجي ڪتاب ’صوفي شاه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ سوامي گوالانند ۽ ڪوي رام سوامي کي صوفي آسورام جو  طالب ڪري لکيو آھي. جڏھن ته انھن جي حوالن ۾ اھڙو ڪو به ذڪر نه آھي. حقيقت ۾ ھي ٻئي شاعر، آسورام سائينءَ جا طالب نه ھئا. گوالانند، پنھنجي ڀاءَ سنت ٽيئونرام جو طالب ھو، جنھن لاءِ چوي ٿو ته: ”ٽيئونرام گُرُو پُورَن پايا، انتر آتم مانھين سمايا“ (سوامي گوالانند گرنٿ، ص 214). ڪوي رام سوامي پنھنجي نوجواني واري دور ۾ ’پرڀ‘ نالي ڪنھن بزرگ جو چيلو بڻيو، مگر بعد ۾ ان ٻنڌڻ مان آزاد ٿي سمجهيائين ته رب پاڻ ئي سندس روحاني رھنمائي ڪري ٿو. پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”پرميشور سواءِ ٻيو گرو بڻيو به ڪو نه “(شري رام شبداولي، ص27).

7. سَنت ٽيئون رام  بابت غلط نسبت:

پريم پرڪاش پنٿ ويب بلاگ ۽ ٻين ذريعن ۾ سَنت ٽيئون رام کي صوفي آسُورام جن جو پوٽو ڄاڻايو  ويو آھي، جيڪا ڳالھه درست نه آھي. ٽيئون رام ذات جو کتري (سندس جيوڻي مطابق) ۽ فقير صاحب برھم کتري ھئا. سَنت ٽيئون رام جي ڏاڏَي جو نالو آسن داس ھو، ھي نالو آسورام سائين جي نالي سان مشابھت رکي ٿو. ان ڪري ۽ عقيدت وچان ٽيئون رام توڙي سندس طالب کين ’ڏاڏا آسُورام‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. باقي ڀڳت صاحب جو صوفيءَ سان خانداني رشتو ڪو نه ھو.

8. ڇپيل ڪلام ۾ تبديليون:

فقير سائين جن جو ھڪ مدحيه ڪلام، جنھن جو ٿل آھي: ’اندر ۾ طلب رک مومن، سدا الله اڪبر جِي‘ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ۾ نعتيه شاعري (ص 174)‘ ۾ شامل ڪيو. جيڪو اصل ھٿ اکري نسخي کان گهڻو مختلف آھي. منجهس ڪجهه بَند ڪٽيل ۽ لفظن جي پڻ مٽا سَٽا نظر اچي ٿي. (ڏسو: ديوانِ آسُو، 2025ع، ص 112-119).

ساڳيءَ طرح سان، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ محمد صديق ميمڻ ۽ ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ ۾ مختيار ملاح صاحب، فقير آسورام جن جي احوال سان ھي بيت ڏنو آھي:

ٻل ٻيڙيءَ ڇڏيو، ڏنگو پيس ڏنگو،

آلات الري ’آسو‘ چوي، ڍيري ٿيس ڍنگو،

شال م ٿئي دنگو، ڦرھو ھن ڦٿل جو.

 اِھو بيت فقير صاحب جي ڪنھن به ڪتاب ۾ موجود نه آھي، يا ٿي سگهي ٿو تبديل ٿيل ھيٺيون شعر ھجي:

ٻَلُ ٻيڙيءَ ڇڏيو، ڏِنگو پئس ڏَنگو،

ٽُنگ ٽَاري نه سگهيئس، درياه ڪيو دنگو،

شڪر جو پَٺنگو، ٿئم سکاڻي سڌر سين.

        (قلمي: رسالو آسُومل صوفي، سُر راڳ، بيت: 7)

9. ٻين شاعرن ڏانهن منسوب ڪلام:

صوفي آسورام جن جو ھڪ غزل ان زماني ۾ گهڻو مشھور ٿيو. جنھن جو مطلع آهي: ”لاغرض ساڻ لاغَمَ لاشڪ مون نينھن لاتو جيڏيون دعا ڪجو، تان نبھي اچيم ناتو“. ھي غزل پھريون دفعو مارچ 1928ع ڌاري ڀيرُومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ’چونڊ ڪلام‘ (ص 84) ۾ ’ڀائي آسرداس‘ جي نالي سان شامل ڪيو. جنھن کان پوءِ لطف الله بدوي، پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ ۽  غلام قادر سومري سميت ٻين ڪيترن ئي صاحبن ھن کي ئي پنھنجي لکڻين ۾ ورجايو. ان کان علاوه محترمه ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻيءَ پنھنجي پي.ايڇ.ڊي. ٿيسز ’سامي-ھڪ ويدانتي شاعر‘ ۽ مير حاجن مير صاحبَ سندس ڪتاب’سيوھڻ جون ادبي شخصيتون‘(ص 85) ۾ مٿئين غزل کي صوفي دلپت جي نالي منسوب ڪيو آھي. حقيقت ۾ مٿين مطلع وارو غزل صوفي آسُومل جو آھي، جيڪو سندن ھٿ اکر لکيل مسوَدي ۾ به موجود آھي ۽ پڻ پھرين ڇاپي ۾ صفحي نمبر 195-197 تي ڇپجي چڪو آھي. انھيءَ طرز تي ٻيا غزل ۽ ڪافيون به چيل اٿن. (ڏسو: ديوانِ آسُو، 2025ع، ص 129).

10. ڀائي آسرداس جو بيت:

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي آن لائين ڊڪشنري ۾ ’آسو ج آسو‘ جي معنى توڙي عام روايتن ۾ ڀائي آسرداس جي ھيٺين بيت کي صوفي آسورام جن جي نالي منسوب ڪيو ويوآھي:

تو جا ڀانئي توڙ جي، سا وڃي وھاڻي،

 ڪنھن سان نيبھه نه ٿئي ڌن، جوڀن، جواڻي،

’آسو‘ آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو

ھيءُ بيت فقير آسورام جو نه پر صوفي دلپترام جي مرشد ڀائي آسرداس جو آھي. جنھن جو تخلص  ’آسر‘ يا ’آسو‘
ھو. ھي بيت صوفي آسورام جن جي جنم کان به اڳ 1853ع ۾ ديوان پرڀداس انندرام درسي ڪتاب ’سنڌي ٽيون ڪتاب‘ (سبق 41) ۾ شامل ڪيو . جنھن مان ظاھر آھي ته ’آسو‘ تخلص جي ڪري ئي ھي بيت صوفي آسورام جي نالي سان منسوب ٿيو.

11. صوفي آسورام ۽ ڀائي آسرداس:

’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو خيال ٿو ڏيکاري ته، ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام ھڪ ئي شخص آھي. جُلد ٻئي ۾ صوفي دلپترام جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”ھو(دلپت) اندازاً 1777ع ۾ ڄائو ۽ ميرن جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد آيو ۽ صوفي آسورام يا آسرداس جي ست سنگ ۾ شامل ٿيو“. اڳتي ان جي حاشيي ۾ لکي ٿو: ”آسرداس بابت تذڪري جي ٻئي جلد ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ جيڪو آسرداس جو ڪلام: ”لاغرض ساڻ لاشڪ لاغم مون نينھن لاتو“ (غزل) به ڏنو ويو آھي. سو ’ديوان آسو‘ ۾ صفحي 195 تي ڇپيل آھي. ان مان ھي ظاھر ٿئي ٿو ته آسرداس ڪو ٻيو نه آھي. ماستر آسورام ئي آھي“. آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي (A.J. Utam) ته صوفي آسورام کي باقائده دلپت صوفيءَ جو گرُو ڪري پيش ڪيو آھي. پنھنجي انگريزي مقالي ۾ لکي ٿو:

“The last 2 Hindi poets were named as Sufi Asoram and Sufi Dalpatrai. The 1st was elder one and Guru to the later one. Asoram was born in 1824”

 اِھا روايت مير حاجن مير به پنھنجي ڪتاب ’سيوھڻ جون ادبي شخصيتون‘ (ص 85) ۾ قائم رکي آھي. ڊاڪٽر جوڻيجي، اَي. جَي. اُتم ۽ مير صاحب جي راءِ کي سامھون رکندي واضح ڪندا ھلون ته صوفي دلپت جو جنم 1769ع ۽ ديھانت 80 سالن جي عمر ۾ 1849ع ۾ ٿيو ۽ صوفي آسورام جو جنم ئي 1854ع يعني 5 سالن کان پوءِ ٿيو آھي. ضرور ڀائي آسرداس ته ان کان به گهڻو اڳ گذريو ھوندو. بلاشڪ ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام ٻه الڳ الڳ شاعر آھن.

مٿين احوال مان واضح ٿئي ٿو ته صوفي آسُورام بابت سنڌي ادب ۾ موجود ڪيترائي احوال بغير تحقيق جي ورجايا ويا آهن، جنھن سبب تاريخي، سوانحي ۽ ادبي غلطيون پيدا ٿيون آهن. ان ڪري ضروري آهي ته اهڙين شخصيتن بابت تحقيق ڪندي اصل ماخذن، قلمي نسخن ۽ مستند دستاويزن کي بنياد بڻايو وڃي، ته جيئن صحيح ادبي تاريخ مرتب ٿي سگهي.

مددي ڪتاب:

• ڀيرومل مھرچند، ”چونڊ ڪلام“، 1928ع.

• فقير بابا رام سوامي، ”شري رام شبداولي اٿوا گيان گلشن“، ڊگي چوڪ پلازا روڊ، اجمير، 1957ع.

• لطف اللھ بدوي، ”تذڪره لطفي“ (ڀاڱو ٻيو)، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، ڇاپو ٽيون: 1968ع.

• مورُومل چيتنداس ڌانڌا، ”سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس“، اجمير، 1977ع.

• ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌي ۾ نعتيه شاعري“، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو، ڇاپو پھريون: 1980ع.

• ڊاڪٽر اياز قادري، ”سنڌي غزل جي اوسر“ (ڀاڱو ٻيو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، ڇاپو پھريون: 1982ع.

• ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ڇاپو چوٿون: 1982ع.

• ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ”جھڙا گل گلاب جا“، روشن راھه سنگت ڪنڌڪوٽ، ڇاپو پھريون: 1983ع.

• ستگرو سوامي گوالانند جي مھاراج، ”ستگرو سوامي گوالانند گرنٿ“، سوامي رامڪرشن، پُونا، مھاراشٽرا، ڇاپو پھريون: 1984ع.

• ڊاڪٽر ديال آشا، ”سنڌي شعر جي تواريخ“، انجلي پرڪاش الھاس نگر، ڇاپو پھريون: 1984.

• L.H. Ajwani, “History of Sindhi Literature”, Vanguard Books Ltd Lahore, First Edition 1991.

• خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، ڇاپو چوٿون: 2000ع.

• پروفيسر رام پنجواڻي، ”سڪ جي سوغات“، رام پنجواڻي ٽرسٽ بمبئي، ڇاپو ٻيو: 2000ع.

• ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٻيو)، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي حيدرآباد، ڇاپو پھريون: 2005ع.

• ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي، ”يادِ ايام“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پھريون: 2006ع.

• ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”عظيم سنڌي انسان“، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو، ڇاپو پھريون: 1980ع.

• مختيار احمد ملاح، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪاٺياواڙ اسٽور ڪراچي، ڇاپو پھريون: 2006ع.

• ميان مير چانڊيو، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پھريون 2007ع.

• Asghar Ali Engineer, Sufism and Inter-Religious Understanding, Hope India Publisher, 2008.

• ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻي، ”سامي ھڪ ويدانتي شاعر“، رونق انٽرپرائيزز اُلھاس نگر، ڇاپو پھريون: 2010ع.

• ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ”صوفي شاه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“، ثقافت کاتو سنڌ، ڇاپو ٻيو: 2014ع.

• مير حاجن مير، ”سيوھڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت گهر دڙو، ڇاپو پھريون: 2014ع.

• آسومل ڏاندومل فقير صوفي (صوفي آسورام)، ”ديوانِ آسو“، مرتب: آڪاش آسواڻي، حڪيم ليکراج مل کتري ۽ ڪٽنب ھالا نوان، ڇاپو ٻيو: 2025ع.

• ڊاڪٽر ديال آشا، ”سنڌ جا سَنت“.

 

ڪهاڻيون

(جنم:  1939ع وفات: 2017ع

 

ادب ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا ازخود پيدا ٿي وئي هجي ۽ ان جو تاڃي پيٽو گذشته ادب سان اُڻيل نه هجي. جديد افساني Modern Fiction کان اڳ يورپ ۾ رومانن جو عام رواج هو. رومانن ۾ سورمن جون ڪھاڻيون هونديون هيون ۽ اهي رومان شھزادن، وزيرن توڙي اميرن، سردارن ۽ مذهبي پيشوائن جي پُرشوڪت زندگي ۽ سندن مشغولين سان وابسته هوندا هئا. انھن ۾ اعليٰ طبقي جي فردن جا باهمي معاملات ۽ بھادريءَ ۽ عشق جا واقعات بيان ٿيل هوندا هئا. بقول هڊسن: ”انھن ۾ ڪوڙي بھادري، فرضي تاريخ ۽ هڪ برخود غلط سوسائٽيءَ جي ببانگ بلند مدح

 

سرائي ڪيل آهي ۽ ان کانسواءِ منجهن ٻيو ڪي ڪين آهي.“

جيتوڻيڪ مغرب ۾ پنڌرهين صديءَ ۾ ڇاپخانا ڪم ڪرڻ لڳا هئا، پر جيئن ته ڪتابن تي جاگيردارن ۽ مقدس پادرين جي مڪمل اجاره داري هئي، انڪري ادب اندر جمھوريت اچڻ ۾ وڏي رنڊڪ پيل هئي. ناول يورپ ۾ ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. هن زماني ۾ وڏن وڏن جاگيردارن ۽ رياستن جو زور پؤڻو پئجي رهيو هو. ڪارخانن لڳڻ سان دولت جي فراواني ٿي رهي هئي. ٻھراڙيءَ جي ڇڙ وڇڙ ڳوٺن جي ورڇيل آبادي شھرن ۾ ڳاهٺ ٿي رهي هئي. ان وقت تعليم به عام ٿي رهي هئي. ووٽ، اسيمبلي ۽ جمھوريت جو دور اچي رهيو هو. نيون ايجادون ۽ نوان سائنسي انڪشاف ٿي رهيا هئا. درسگاهن ۽ يونيورسٽين جو ڄار پکڙجي رهيو هو. عورتون ۽ مرد دوش بدوش تعليم وٺي رهيا هئا. صنعتي انقلاب سان هڪ مضبوط وچولو طبقو وجود ۾ آيو. بدلجندڙ سماج ۽ نئين تھذيب هيڪاري ادب ۾ به تبديلي آندي. ۽ شعر و ادب جا سڀيئي انداز ۽ پيمانا بدلجڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي رائج الوقت رومان ادب جي سرزمين تان حرف غلط وانگر ميسارجي ويا ۽ انھن جي جاءِ ناول والاري، جنھن کي فقط نؤپڻي باعث ’ناول‘ جو نالو ڏنو ويو. مٿي ذڪر ڪيل زمانو هو، جنھن ۾ ناول رواج پاتو ۽ ان کي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ڪي نقاد ناول جي مقبوليت جو نفسياتي جواز پيش ڪندي کل جديدٌ لذيذٌ جو مثال پيش ڪن ٿا. سندن چوڻ آهي ته ناول ان وقت ادب ۾ هڪ نئين شيءِ هو، انڪري ماڻھن ۾ اهو هڪدم مقبول ٿي ويو. پر اهو جواز به پنھنجي جاءِ تي معقول ناهي. ڇاڪاڻ ته هرڪا نئين شيءِ نه ته لذيذ ٿئي ٿي ۽ ته وري ڪنھن پراڻي دلچسپ شيءِ تي فوري طور غلبو حاصل ڪري ان جي جاءِ وٺي سگهي ٿي.

دراصل مٿي ذڪر ڪيل تاريخي پسمنظر جو جائزو وٺبو ته صاف نظر ايندو ته فقط ان وقت جون بدليل حالتون ئي ناول جي ترويج ۽ معاون بنيون. ماڻھو ناول ۾ صرف پيش ٿيل حقيقت نگاريءَ کان متاثر ٿيا ۽ روزمره جي زندگيءَ جي ترجماني ڏسي ان کي ذوق شوق سان پڙهڻ لڳا.

اڳي عام رواجي انسان يا سماج جي معمولي فرد کي ڪڏهن به ادب جو موضوع نه بنايو ويو هو. انشاپرداز Orator ۽ رومان نويس کين ڪنھن خاطر ۾ ئي نه آڻيندا هئا. هن دور ۾ طاقتور وچولو طبقو پيدا ٿي چڪو هو. انڪري ابتدائي دور ۾، انھيءَ طبقي جي جدوجھد ۽ عروج جو نقشو ناولن ۾ ملي ٿو. ڪيترن ئي سفيد پوش ماڻھن جي زندگين کي مثال بنائي پيش ڪيو ويو. اڃا متوسط حال ماڻھن جو ناولن ۾ چرچو عام هو، ته وري تاريخي ناول به زور شور سان لکجڻ لڳا، جن ۾ ماضيءَ جي تمدن جي عڪاسي ٿيل هئي. اڻويھين صديءَ جي شروع کان، دنيا جي وڏي ڀاڱي تي عوامي ۽ پرولتاري تحريڪون زور پونديون ويون ۽ جنھن جي نتيجي ۾ آخرڪار ڪيترن ملڪن ۾ هاري- مزدور راڄ قائم ٿيا. انھيءَ عرصي دوران لکيل ناولن ۾ تمام نادار ۽ ادنيٰ طبقي جي فردن جي معاشرتي حالت جون تصويرون ڏيکاريون ويون آهن ۽ خصوصاً روسي ناول نگارن ان دور جي روسي تھذيب جي روح کي جھڙيءَ طرح بي نقاب ڪيو آهي، تنھن جو مثال ٻئي ادب ۾ مشڪل سان ملندو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيئن ته جديد ادبي صنفون انگريزيءَ جي وسيلي آيون، انڪري عام طرح ائين سمجهيو وڃي ٿو ته ’ناول‘ به صرف انگريزي ادب جي ڪا نجي شيءِ آهي. اهوئي سبب آهي جو هر نُڪتي واسطي ڪنھن انگريزي ناول جي مثال کي آڏو رکيو ويندو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ترجمي واري دور ۾ اسان جي اديبن جي اها روش عام هوندي هئي، جا ڳالھه حقيقت جي برعڪس آهي، ڇو ته ناول جي نشو و نما ۽ اوسر ۾ ٻين ملڪن جو به وڏو حصو آهي. فرانس، جرمني ۽ روس جي اديبن ناولن کي زمين جي سطح تان کڻي، آسمان جي بلندين تائين رسايو.

شمس الدين عرساڻي

ڪتاب: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“،

ڇاپو پھريون، 1982ع، ص 65-67 تان کنيل

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،  ڄام شورو،

شبنم گل

 

 

 

ڌرتيءَ جو آخري ساهه

 

اهڙو دور، جتي آسمان جو رنگ نيرو نه، پر ميرانجهڙو ۽ ٻوساٽيل سرمائي هو. هوا ۾ خوشبوءِ بدران زهريلي ڪيميائي گيسن جي تيزابيت ڀري  بوءِ ڦھليل هئي، ۽ وڻن جا پن هوا ۾ لڏڻ بدران مصنوعي فائبرن ۽ سليڪون جي بناوتن سان جڙيل هجڻ ڪري هڪ عجيب، بي جان ۽ مشيني آواز پيدا ڪندا هئا. زمين تان وڻ، پکي، پوپٽ ۽ باغن جا اصلي گل ائين غائب ٿي چڪا هئا، ڄڻ ڪنھن پراڻي ڪتاب تان اکر ميسارجي ويا هجن.

​سائنسدانن انساني بقا لاءِ اهڙا مصنوعي وڻ ۽ نباتات تيار ڪيا هئا، جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري محدود مقدار ۾ آڪسيجن پيدا ڪندا هئا، پر انھن ۾ نه ڪا خوشبوءِ هئي، نه ئي حياتيءَ جو احساس.  ماڻھو گهرن مان نڪرڻ مھل منھن تي آڪسيجن ماسڪ چاڙهڻ ڪڏهن به نه وساريندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان ماسڪ کان سواءِ ٻاهر جو ماحول ساهه کڻڻ سان ئي ڦڦڙن کي سخت  متاثر  ڪندو هو.

​ان ئي هٿرادو ۽ بي جان شھر جي هڪ ننڍڙي گهر ۾، ڏھن سالن جي پوٽي بنفشه رهندي هئي. هن جي نالي جو مطلب جيتوڻيڪ هڪ خوبصورت گل هو، پر هن پنھنجي سڄي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو سچو گل نه ڏٺو هو.

​هڪ شام، جڏهن ٻاهر  غير فطري ماحول ۾ زندگي روان دوان ھئي  ۽  روشنيون چمڪي رهيون هيون، هوءَ پنھنجي ڏاڏيءَ جي جهوليءَ ۾ ليٽي  پئي . هن پنھنجو ماسڪ هڪ پاسي رکيو، ڇاڪاڻ ته گهر جي اندر هوا کي صاف ڪندڙ وڏا فلٽر لڳل هئا.ڏاڏي زينب جي چھري تي ڏاھپ جو عڪس وکريل ھو. ڏاڏي کيس اڻ ڏٺل دنيائن جون آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي . 

​”ڏاڏي امان...“ ھن پنھنجي وڏين، حيران اکين سان ڏاڏيءَ ڏانھن نھاريندي پڇيو، ”مون اڄ هڪ پراڻي ڊجيٽل ڪتاب ۾ پڙهيو ته ماڻھو اڳي بغير ماسڪ جي رھندا هئا؟ اهي باغن ۾ گهمندا هئا... اُھي  پراڻا دور ڪھڙا هئا ڏاڏي؟“

​ڏاڏيءَ جي گهنجيل چھري  تي هڪ گھرو پڇتاءُ ۽ ماضيءَ جي يادن جو عڪس تري آيو. هن بنفشه جي نرم وارن ۾ هٿ ڦيريندي هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو:

”ها، .. اهي ڏينھن سچ پچ تمام مختلف هئڻ سان گڏ تمام خوبصورت هئا. هي جيڪي وڏيون وڏيون بارود جون جنگيون لڳيون انھن کان اڳي دنيا هڪ جنت هئي. هر پاسي پاڻي هوندو هو، ائين نقلي بوتلن يا فلٽرن ۾ بند نه، پر ندين ۽ تلائن ۾ وهندو هو، جنھن کي هٿ لڳائڻ سان روح ۾ تازگي ڀرجي ويندي ھئي.“

بنفشه حيرت مان پڇيو، ”ندين ۾ وهندڙ پاڻي؟ ڇا ان تي ڪو پھرو نه هوندو هو؟“

”نه، منھنجي ٻچڙي! اهو سڀني لاءِ عام هوندو هو. هوا هئي، جيڪا اسان جي چھرن کي ڇھي گذرندي هئي ته اسان کي ماسڪ جي ضرورت ئي نه پوندي هئي. ۽ فطري زندگي جي ڇا ڳالھه ڪجي ... اوه! جڏهن بھار ايندي هئي ته سچا پچا پوپٽ باغن جي گلن تي ائين ناچ ڪندا هئا، ڄڻ آسمان تان رنگ ٽٽي زمين تي ڪري پيا هجن. پکي صبح جو پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ سان اسان کي اٿاريندا هئا، ڪنھن الارم جي ضرورت نه هوندي هئي.“

​ڏاڏيءَ جي اکين مان هڪ ڳوڙهو ڳڙي هن جي ڳل تي آيو. هن چيو:

”پر انسان ان سڀ جو قدر نه ڪيو، انسان وڌيڪ طاقت، وڌيڪ دولت ۽ لامحدود اقتدار جي هوس ۾ فطرت کي پاڻ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. هنن بارود سان آسمان کي ڪارو ڪيو، ڪيميائي زهر سان سمنڊن ۽ ندين کي ماري ڇڏيو، ۽ گلن کان انھن جي خوشبو کسي ورتي. اڄ اسان جيڪي ساهه کڻون ٿا، اهو به سائنس جي نقلي وڻن جي خيرات آهي.“

​بنفشه ڪجهه دير خاموش رهي، هن  ڏاڏيءَ جو هٿ پنھنجي ننڍڙي هٿ ۾ ورتو ۽ ٻاهر  نظر ايندڙ چمڪندڙ، پر بي جان نقلي  گلن کي ڏسندي چيو:

”ڏاڏي امان! ڪاش مان به ان دور ۾ هجان ها، جتي انسان فطرت سان گڏ ساهه کڻندو هو. ڇا اهي ڏينھن ڪڏهن واپس نه ايندا؟“

​ڏاڏيءَ وٽ ان سوال جو ڪو جواب نه هو. هن رڳو بنفشه کي پنھنجي هنج ۾ وڌيڪ ويجهو ڪري ورتو، جڏهن ته ٻاهر گهٽيءَ ۾  وڻ تان مصنوعي پن ٽٽي، بي جان  زمين تي ڪري رهيو هو.

​اسان جي پيڙهي دنيا جا سمورا  رنگ کسي ورتا. ھنن اھو نه سوچيو ته ايندڙ نسل سندن حرص ۽ اڻڄاڻائيءَ جي سزا ڀو ڳيندي. اڄ جو ٻار  ھڪ محدود ۽ محتاط زندگي گذاري رھيو ھو ، جنھن ۾ پوپٽن جا رنگين پر ۽ پکين جون مٺڙيون لاتيون نه ھيون . زمين جي محدود حصن تي پوک ٿي سگهندي ھئي ۽ انسان ليبارٽريز ۾ تيار ٿيل کاڌو کائيندو ھو . ٻار به ماءُ جي ھنج بدران مصنوعي رحم ۾ پيدا ٿيڻ لڳا آھن .

ڏاڏي ھڪ ڊگهو ٿڌو ساھه ڀريو .

گهر جي ڪنڊ ۾ رکيل اها پراڻي، الماري اڄ به ان ڳالھه جي شاهدي ڏئي رهي هئي ته اڃا تائين ماضيءَ جي ڪجهه ساهه کڻندڙ يادن کي انسان ساھه ۾  سانڍي رکيو آهي. ڏاڏي، آهستي آهستي اٿي ۽ ان جي هڪ ڳجهي خاني مان هڪ چمڙي جو ٿيلھو ڪڍي آئي. ان دور ۾، جتي سڀ ڪجهه ڊجيٽل اسڪرينن ۽ هولوگرامز ۾ تبديل ٿي چڪو هو، ڪاغذ جي سچي پچي تصوير جو هجڻ ڪنھن معجزي کان گهٽ نه هو.

”هي ڏس، بنفشه...“ ڏاڏي زينب چيو، هن جو آواز گھرو ۽ يادن جي خوشبوءِ سان ٽمٽار هو. هن بنفشه جي اڳيان زرد ٿي ويل ڪاغذن جو هڪ البم رکيو. ”هي اهي ڏينھن آهن جڏهن دنيا کي ماسڪ جي ضرورت نه هئي. هيءَ تصوير ڏس.“

​بنفشه پنھنجي وڏين چمڪندڙ اکين سان ان تصوير کي نھارڻ لڳي. تصوير ۾ هڪ تمام سھڻي، نوجوان عورت ۽ هڪ مضبوط چھري وارو مرد، سندر مرڪ سان ڪيمرا ڏانھن ڏسي رهيا هئا. انھن جي پٺيان هڪ تمام وڏو، گهڻو ڦھليل ۽ گهاٽو وڻ هو، جنھن جا پن سچا پچا هئا ۽ زمين تي سائو گاهه هو، جنھن تي رنگ برنگي گل ٽڙيل هئا.بنفشه اھڙو منظر اڳي نه ڏٺو ھو . 

”ڏاڏي، هي ڪير آهن؟“ ھُن تصوير تي ننڍڙي  آڱر رکندي پڇيو.

”هي تنھنجا ڏاڏا سائين ۽ مان آهيون، بنفشه!“ ڏاڏي زينب جي چھري تي هڪ پراڻي ٻالڪپڻ واري سونھن موٽي آئي. ”هي تصوير ان دور جي  آهي جڏهن اسان جي شادي ٿي هئي. اسان هڪ وڏي باغ ۾ بيھي هيءَ تصوير ڪڍرائي هئي. ڏس، منھنجي ھٿن ۾  گجرا  آهن، اهي نقلي پلاسٽڪ جا نه هئا، اهي چنبيليءَ جا سچا گل هئا. انھن جي خوشبوءِ ايتري ته هٻڪار واري هئي،جو دل ۾ سڪون ۽ روح ۾ راحت لھي ايندي ھئي.  منھنجا هٿ ڏس، انھن ۾ ميندي لڳل هئي، جيڪا زمين مان نڪتل پنن مان ٺاهي وئي هئي.“

”ميندي !“ اھو لفظ بنفشه کي اوپرو لڳو.

​ھوءَ تصوير کي پنھنجي چپن جي ويجهو کڻي آئي، ڄڻ هوءَ ان مان مينديءَ جي خوشبوءِ کي ساهه ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.

”پر ڏاڏي، هتي ته ڪو ماسڪ ناهي! توهان ٻئي ايترو ويجهو بيٺا آهيو ۽ توهان جا چھرا ڪيترا روشن آهن.“

”ها ڌيءَ، ڇاڪاڻ ته تڏهن هوا ۾ زهر نه هو. تڏهن هوا هڪ ماءُ جي هنج وانگر هئي، جيڪا اسان کي لولي ڏيندي هئي. اسان کي ساهه کڻڻ لاءِ ڪنھن هٿرادو مشين يا سلينڊر جي ضرورت نه هوندي هئي. انسان کي خدا جيڪا بھشت زمين تي ڏني هئي، اسان ان جا محافظ هئاسين.“

ڏاڏي البم جو ٻيو صفحو اٿلائيندي چيو.

​ٻئي صفحي تي هڪ ٻي تصوير هئي، جنھن ۾ هڪ وڏو اسڪول نظر اچي رهيو هو، جنھن جي عمارت جي چوڌاري سايون ٻنيون ھيون  ۽ آسمان ۾ سفيد ڪڪر ائين اڏامي  رهيا هئا، جيئن برفاني ٽڪرين تي برف جرڪندي آھي. تصوير ۾ ڏاڏي زينب تمام نوجوان هئي، هن سان گڏ سندس ماءُ پيءُ (بنفشه جا پڙڏاڏا ۽ پڙڏاڏي) بيٺا هئا، ۽ انھن جي پاسي ۾ ڪجهه تمام شفيق ۽ علم وارا استاد بيٺا هئا.

”هي تنھنجا پڙڏاڏا ۽ پڙڏاڏي آهن، بنفشه. ۽ هي منھنجا استاد هئا، جڏهن مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئس.“ ڏاڏي ٻڌايو.

”ڏاڏي، تنھنجا ماءُ پيءُ ڪيترا خوش هئا. ۽ هي استاد؟ اهي توهان کي ڪھڙو سبق پڙهائيندا هئا؟ ڇا اهي به توهان کي نقلي ٻوٽن بابت پڙهائيندا هئا؟“ بنفشه تجسس مان پڇيو.

”نه، منھنجي جان! تڏهن سائنسدانن مصنوعي وڻ ايجاد نه ڪيا هئا. منھنجا استاد اسان کي نباتيات (Botany) پڙهائيندا هئا. اسين سچن گلن، وڻن ۽ ٻوٽن جي بناوت، واڌ ويجهه ۽ فطري حسن جو مشاهدو ڪندا هئاسين. استاد اسان کي ٻيلن ۾ وٺي ويندا هئا، جتي اسين وڻن کي ڀاڪر پائيندا هئاسين. هو چوندو هو: ’زينب، وڻ اسان جا محسن آهن. جيڪڏهن وڻ جيئرا رهندا ته انسان به جيئرو رهندو، ۽ جيڪڏهن وڻ ختم ٿي ويا ته انسان جي بقا به خطري ۾ پئجي ويندي.“

​ھوءَ تصوير ۾ استادن جي چھرن تي موجود پيار ۽ سياڻپ کي ڏسڻ لڳي. ”پر ڏاڏي، پوءِ انسان پنھنجي استادن جي ڳالھه ڇو نه مڃي؟ جيڪڏهن استادن چيو هو ته وڻ اسان جا وڏا آهن، ته پوءِ انسانن انھن کي ڇو ڪٽيو؟“

​ڏاڏي زينب جي اکين ۾ سمنڊ جھڙي اداسي لھي آئي. هن چيو، ”ڇاڪاڻ ته انسان تي لالچ ۽ وڏائيءَ جو غلبو  سوار ٿي ويو، بنفشه. جڏهن وڏيون وڏيون ڪمپنيون ۽ صنعتون ٺھيون، تڏهن انھن کي وڌيڪ زمين گهربي ها. هنن وڻن کي ڪٽي اتي سيمينٽ جا وڏا گهر ۽ فيڪٽريون ٺاهيون. ۽ ان کان پوءِ سڀ کان وڏو عذاب آيو.جنگين جي صورت! طاقتور ملڪن پنھنجي وڏائيءَ لاءِ اهڙا بم ٺاهيا، جنھن هڪ ئي جهٽڪي ۾ لکين ايڪڙن تي پکڙيل ٻيلا ساڙي ڇڏيا. ڪيميائي هٿيارن هوا کي ائين زهر آلود ڪري ڇڏيو جو پکي اڏامندي اڏامندي آسمان تان مري ڪرندا هئا. سمنڊن ۾ تيل ۽ زهر هاريو ويو، جنھن سان مڇيون ۽ سمنڊ جي سڄي حياتي ختم ٿي وئي.“

​ٻارڙيءَ تصوير تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”ڏاڏي، هي تصويرون ڏسي مونکي ائين پيو لڳي ڄڻ مان ڪو خواب ڏسي رهي آهيان. اڄ اسان جي اسڪولن ۾ رڳو هٿرادو آڪسيجن جي مقدار کي ڪنٽرول ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي. اسان کي سيکاريو ويندو آهي ته جيڪڏهن اسان جو ماسڪ خراب ٿي وڃي ته ساهه کي ڪيئن پنجن منٽن تائين روڪجي. اسان کي وڻن سان محبت ڪرڻ نه، پر وڻن جي مشينريءَ کي صاف ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي.“

​ڏاڏي کيس  پنھنجي سيني سان لڳايو. هن چيو،
”اهو ئي سبب آهي،
  هي تصويرون توکي  ڏيکاري رهي آهيان. مان چاهيان ٿي ته تون ان سچي سونھن کي پنھنجي ذهن ۾ زندهه رکي سگهين. خوبصورت تصور انسان کي اڳتي وڌڻ ۽ جيئڻ جو اتساھه ڏيندو آھي. جيتوڻيڪ اڄ دنيا نقلي وڻن ۽ گلن سان خوشنما لڳي ٿي، پر جيڪڏهن تنھنجي نسل ۾ اها تڙپ زندهه رهي ته شايد، ڪنھن ڏينھن، انسان وري زمين مان هڪ سچو گل ڦُٽائي سگهي.“

ٻاهر، گهٽيءَ ۾ هڪ زوردار سائرن وڳو، جيڪو ماڻھن کي خبردار ڪري رهيو هو ته هوا ۾ زهريلي گيسن جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي ۽ سڀني کي پنھنجا آڪسيجن ماسڪ چيڪ ڪرڻ گهرجن. ٿوري ئي دير ۾ هوا وڌيڪ ڳري ۽ آلوده محسوس ٿيڻ لڳي. گهر ۾ لڳل هوا صاف ڪندڙ فلٽر به پنھنجي ڪارڪردگي وڃائڻ لڳا. اهڙو منظر اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو.

بنفشه گهٻرائجي ممي ۽ پاپا کي فون ڪرڻ لڳي، پر هو آفيس ۾ اهم ميٽنگ ۾ مصروف هئا. ٻئي  آڪسيجن جا ماسڪ پائي ويھي رهيون. ڪجهه دير کان پوءِ ممي جو فون آيو:

”اسين آڪسيجن جا سلينڊر کڻي واپس اچي رهيا آهيون، همت نه هاريو.“

ھوءَ  بيچينيءَ سان دروازي ڏانھن نھاريندي رهي. ڏاڏيءَ جون اکيون به ساڳي انتظار ۾ کُتل هيون. کيس ڏاڏيءَ جي ان خاموشيءَ کي محسوس ڪري مونجهه ٿيڻ لڳي،  جيڪا خطري جو امڪان ظاھر ڪري رھي ھئي.

اوچتو ڏاڏي پنھنجو ماسڪ لاهي ھن ڏانھن وڌايو.

”بنفشه، هي ماسڪ تون پائي ڇڏ.“

”نه ڏاڏي! پوءِ اوهان جو ڇا ٿيندو؟“

ڏاڏي مرڪندي وراڻيو، ”مان پنھنجي زندگي گذاري چڪي آهيان، پر تنھنجي زندگي ته هاڻي شروع ٿي آهي.“

”نه ڏاڏي مان اوھان کان بنان ڪيئن رھندس.“

ھوءَ سڄي ڏڪي رھيو ھئي .

” پياري قدرت جي نظام ۾ تبديلي جو عنصر شامل آھي . تون به آھستي ان تبديليءَ کي قبول ڪري وٺندينءَ.“

ائين چئي هن ماسڪ پوٽيءَ جي چھري تي رکي ڇڏيو. بنفشه روئندي ماسڪ واپس ڏاڏي کي پارائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڏاڏي اکين جي اشاري سان کيس روڪي ڇڏيو. هن هڪ ڊگهو، ٿڌو ساهه کنيو... ۽ هميشه لاءِ خاموش ٿي وئي ..

ان لمحي سندس والدين گئس جي سلينڊر سان ڏاڏيءَ جي ڪمري ۾  داخل ٿيا.

”ڪمري ۾ فقط بي جان خاموشي سڏڪا ڀري رهي هئي،.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org