|
نثار لغاري
ميڪسم گورڪي جنهن تحريرن وسيلي
مظلوم انسانن کي جئيڻ سيکاريو
اسين هن وقت جن حالتن مان گذرون پيا، يورپ توڙي ٻي
دنيا لاءِ اهي نيون ناهن. جنگ بک بدحالي افلاس ۽
سماجي قدرن جو وکرجڻ وغيره، پر اتي ميڪسم گورڪي
جھڙا اديب پيدا ٿيا، جن ادب وسيلي پنھنجي تحريرن
سان جيئڻ جا نوان گس سيکاريا. هن سيکاريو ته زندگي
ڪيتري خوبصورت آھي، مشڪل کان مشڪل ترين حالتن ۾
زنده ڪئين رهجي.
سندس لکڻين ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. هن
وقت، جيتوڻيڪ هو جسماني طرح اسان کان ڪافي سال اڳ
وڇڙي ويو آھي، پر سندس تحريرون سندس انداز بيان
ايترو قھر جو آھي، جو جيڪو کيس هڪ ڀيرو پڙھي ٿو
ان کي بيچين ڪري ڇڏيندو آھي. هن وقت تمام گهڻو
پڙھيو ويندڙ اديب گورڪي آھي، روس جي آڪٽوبر انقلاب
۾ به سندس تمام وڏو ڪردار هو سندس تحريرن خاص طرح
ماءُ ناول سموري بالشويڪ پورهيت انقلاب کي ناول جي
صورت ۾ سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيو هو.
ميڪسم گورڪي هڪ يتيم لاوارث ٻار مان هڪ عظيم ليکڪ
بڻجي ٿو. اهو سندس ذاتي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙھڻ
کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، هو ڪيئن محنت مزدوري ڪندي
ڪتاب پڙھندو رهي ٿو. سخت مشقت کان پوءِ وري جيڪو
ڪتاب مليس ٿو اهو پڙھي ٿو .
هو ڪڏھن به اسڪول نه ٿو وڃي، پر سندس فڪري سطح جي
بلندي ڪردار سازي سماج توڙي ان ۾ موجود ڪردار کيس
سيکارين ٿا. هو پنھنجي زندگي ۾ آيل هڪ هڪ ڪردار کي
امر ڪري ٿو ڇڏي سندس لکڻين ۾ اهو سبق ملي ٿو، ته
زندگي ۾ ڀلي ڪيتريون به تڪليفون اچن، پر توهان کي
انھن مان پار پوڻو آھي. شڪست نالي ڪو لفظ سندس
زندگي ۾ ناهي.
گورڪي پنھنجي آتم ڪٿا ۾ جنھن عظيم هستيءَ جو بار
بار ذڪر ڪري ٿو اها سندس ناني آھي. هن کي جيڪي به
ياد آھي ان موجب هو نانيءَ کان زندگي جا ڪجهه سبق
سکي ٿو خاص طرح مظلوم مجبور انسانن سان پيار،
ماڻھن جو احساس کيس ناني سيکاري ٿي. جيڪڏھن هن جي
ناني نه هجي ها ته شايد گورڪي زندهه به نه رهي
سگهي ها ڇو ته هن بي رحم دنيا ۾ کيس اهائي عظيم
هستيءَ کيس سنڀالي ٿي.
ميڪسم گورڪي پنھنجي پيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ
پنھنجي ماءُ کي مسلسل ڏکن ۾ ڏسي ٿو ان وقت به روس
۾ ماڻھو معمولي بيمارين ۾ مري ويندا هئا يا هميشه
لاءِ بيمار ٿي ويندا هئا جئين هن وقت اسان جي سماج
۾ ٿئي ٿو هزارين انسان مليريا بک ٽي بي ڪاري سائي
۾ مري ٿا وڃن، پر حڪمران طبقن کي ڪو احساس نٿو
ٿئي.
گورڪي جي ڪھاڻين ۽ مضمونن روس ۾ انقلاب لاء زبردست
حالتون پيدا ڪيون. خود ميڪسم گورڪي بالشويڪ پارٽي
جو ميمبر ٿي ڪم ڪري ٿو هن انقلاب جي اهم خاصيت اها
هئي جو هن جي اڳواڻي اديبن پئي ڪئي.
دنيا جي مشھور ليکڪ، ناول نگار، خاص ڪري ناول
”ماءُ“ جي حوالي سان شھرت رکندڙ ميڪسم گورڪي 28
مارچ 1868ع تي جنم ورتو، ميڪسم گورڪي جو اصل نالو
اليڪسي ميڪسيمووچ پيشڪوف ھو، ھي اڃا ننڍڙو ئي هو
ته سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ ٻي شادي ڪري
ڇڏي ۽ جلد ئي بيمار ٿي وفات ڪري وئي، سندس ناني
ءَگورڪي کي گھران ڪڍي ڇڏيو، ھن پھرين جوتن جي ھڪ
دڪان تي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ ھڪ جھاز جي باورچي
خاني ۾ ٿانوَ ڌوئي پيٽ گذر ڪيائين، ان باورچي ئي
کيس ڪجهه تعليم ڏياري، ان کان پوءِ ھي ھڪ عورت وٽ
نوڪري ڪرڻ لڳو، جيڪا موسيقي ۽ شعر و شاعريءَ جو
شوق رکندڙ ھئي. گورڪي کي به ان وٽ ادب سان لڳاءُ
پيدا ٿيو، ڪجهه عرصي ۾ هن جي دوستي ڪجهه اھڙن
نوجوانن سان ٿي جن ھن کي انقلاب پسند بڻائي ڇڏيو،
ان کان پوءِ ھي ڪجهه وقت ماسڪو ۾ رھيو، اتي ھي ھڪ
وڪيل وٽ رھيو ۽ ان جي صحبت ۾ رھي ڪھاڻيون لکڻ لڳو،
سندس پھرين ڪھاڻي 1892ع ۾ ڇپي. 1898ع ۾ سندس
ڪھاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا، ان کان پوءِ ھي
پيٽرز برگ ۾ رھڻ لڳو، جتي ھن ڪارل مارڪس کي پڙهيو
۽ اشتراڪيت جي تعليم حاصل ڪئي، 1900ع ۾ کيس ملڪ
بدر ڪري نووگورود موڪليو ويو. 1905ع ۾ انقلاب روس
جي تحريڪ شروع ٿي ته کيس گرفتار ڪيو ويو، پر يورپ
سميت سڄي دنيا جي ناراضگي سبب گورڪي کي آزاد ڪيو
ويو. ان کان پوءِ گورڪي آمريڪا ھليو ويو، ان کان
پوءِ اٽلي ويو، سندس تصنيفن ۾ ”چلڪاس“ (1895ع)،
”ھمسفر“
(1896ع)، ”مالوا“ (1897ع)، ”ماءُ“ (1907ع) وغيره
شامل آهن..
ميڪسم جي زندگي ڏاڍي تلخ هئي جنھن جي ڪري هن
پنھنجو تخلص ميڪسم گورکي رکي ڇڏيو هو روسي ٻولي ۾
لفظ گورکي جو مطلب تلخ آهي جڏهن ته ميڪسم سندس
والد جو نالو هو .
ميڪسم گورڪي ادبي سرگرميون شروعاتي دور ۾ ڪري
ڇڏيون هيون ، نوجواني ۾ اُن پنھنجي زندگي جي باري
۾ ٽن حصن تي لکيو، جنھن جا عنوان هي هئا ننڍپڻ،
ماڻھن جي وچ ۾ ۽ منھنجون يونيورسٽيون .
اصل ۾ گورڪي ڪنھن به يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه
ڪئي هئي ميڪسم يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪوششون
ڪيون هنيون پر انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري سندس
کي ڪيترائي دفعا گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوليس سندس
هر وقت نگراني ڪرڻ لڳي هئي جنھن ڪري هو يونيورسٽي
۾ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. اُن ئي زماني ۾
گورڪيءَ مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سندس ڪوششون
انتھائي ڪامياب ثابت ٿيون، پنھنجي ناولن ۽ ڊرامن ۾
ميڪسم گورڪي روس جي تاريخ ۽ اُن دور جي ڏکين حالتن
۽ نئي سماج جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ تمام گهڻو
تفصيل سان لکيو آهي. اُنھن لکڻين جي ذريعي ميڪسم
کي وڏي شھرت حاصل ٿي اُن جو مشھور ترين لکيل ناول
”ماءُ“ آهي جنھن ۾ اُن نئي قسم جا ڪردار اُجاگر
ڪيا. عالمي سطح جي اديب جي حيثيت ۾ گورڪي ڪيترائي
رزميه داستان لکيا . اُن کان علاوه ڪيترائي ڊراما
جيڪي اڄ قابل توجھه آهن.
ميڪسم گورڪي کي انتھائي ڏکئي زماني ۾ جيئڻ نصيب
ٿيو هو جڏهن روس ۾ هڪ بعد ٻيون ۽ ٽيون انقلاب
برپا ٿيا. گهرو جنگ ۽ ٻيون ڪيتريون تخريب ڪاريون
ٿيون. گورڪي اشتراڪي اصلاحن جو حامي هو هڪ فنڪار
جي طور تي هن ملڪ جي نئي حاڪمن جي پاليسين کي
تنقيد جي نگاهه سان ڏسندو هو. هو ڊگهي عرصي تائين
ٻين ملڪن ۾ ايندو ويندو هو، اُن ڪري اُنھن مختلف
ملڪن ۾ ٿيڻ واري سماجي اُٿل پٿل جو جائزو وٺڻ جو
موقعو مليو هو. جنھن ڪري هن جي ذهن ۾ هو ته روس
جا نوان حڪمران ڪيتريون ئي غلطيون ڪري رهيا آهن،
اُن باوجود ته حڪومت اُن کي پنھنجي تصورن جو
ترجمان بنائڻ لاءِ ڪوشان هئي، پر پوءِ به گورڪي
حڪومت جا ڳڻ ڳائڻ ۾ ڪا به جلد بازي نه ڪئي .
ميڪسم گورڪي هڪ عظيم شخص هو، هو اخلاقي اصولن جو
وڏو قدر ڪندو هو. هڪ غريب شخص مان وڏي اديب ۾
تبديل ٿيڻ باوجود اُن جي ماڻھن سان همدردي گهٽ نه
ٿي، گورڪي عوام جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هن کي
ڪيترن ئي ماڻھن مالي ۽ نفسياتي مدد جون درخواستون
ڪيون هن جو جيترو وس هلندو هو، اُنھن سڀني جي مدد
ڪندو هو.
ميڪسم گورڪي جو نالو جيتوڻڪ سنڌ ۾ نئون ناهي،
سندس لکڻين کي اڄ به سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند
ڪيو وڃي ٿو . ميڪسم گورڪي جي لکڻين جوسنڌي ٻوليءَ
سميت ننڍي کنڊ توڙي دنيا جي بيشمار غير ملڪي
ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن مشھور اديب جي ياد
دنيا جي مّظلوم قومن توڙي ملڪن ۾ اڄ به زنده آهي
. مثال طور انڊيا جي شھر ڪلڪتا ۾ ميڪسم گورڪي جي
نالي سان هڪ روڊ منصوب ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي ڪلبن
کي ميڪسم گورڪي جو نالو ڏنو ويو آهي. روس ۾
ڪيترائي روڊ ، جھاز ۽ ٿيٽر وغيره گورڪي جي نالي
سان منصوب ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شھرن ۾ سندس
مجسما لڳايا ويا آهن.
ميڪسم گورڪي جو مشھور قول آھي ته، ”انسان چَوَرائڻ
لائق صرف اُھي ماڻھون آھن، جن پنھنجي زندگي انساني
ذھنن کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي
هجي.“
ميڪسم گورڪي چوي ٿو ته، دُنيِا ۾ چورن جا ٻه قسم
ٿيندا آهن.
1-
عام چور،
2-
سياسي چور.
1-
عام چور اُھو جيڪو پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ رقم، سون،
چوپايو مال، گھريلو سامان، گھڙيون، موبائيل فون
وغيره چوري ڪندو آهي.
2-
سياسي چور اُھو جيڪو توھان جو مُستقبل، خواب،
خواهشون، زندگيءَ، حق، تعليم، اُجورو، قابليت،
ساک، وقار، قوميءَ سرمايو ايتري قدر توھان جو ٽيڪس
به چوري ڪندو آهي. ۽ توھان کي جھالت، اونداهيءَ ۽
اذيت ڏانھن ڌڪڻ جي پوريءَ ڪوشش ڪندو آھي.
عام چور.... اوھان جو انتخاب ڪندا آهن.
سياسي چور.... جو انتخاب اوھين ڪندا آھيو.
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

گل محمد سومري جي ڪتاب ”مايا“ بابت ويچار
گل محمد سومرو گهڻي وقت کان ڪھاڻيون لکندو اچي
پيو. ان ئي تسلسل هيٺ سندس نئون ڪھاڻي-ڪتاب ”مايا“
شايع ٿيو آهي.
هڪ ليکڪ لاءِ اهو خوشيءَ جو موقعو هوندو آهي، پر
مان ان خوشيءَ کي ’دل جي لازوال خوشي‘ چوڻ چاهيان
ٿو، ڇاڪاڻ ته سومري صاحبَ پنھنجي ڪتاب جي ’ارپنا‘،
پنھنجيءَ نياڻي ”طيبه راڻيءَ“ جي نالي ڪئي آهي،
جنھن ۾ کيس ”روح جي راحت، دل جو سڪون، اکين جو ٺار
۽ زندگيءَ جو حقيقي پيار“ لکيو آهي. حقيقت ۾ سومري
صاحب جا اهڙا جذبا محبتن ۽ سُڳنڌن سان ٽِمٽار
هينئڙي جون ڌڙڪنون ئي ته آهن.
پروفيسر گل محمد سومري سان منھنجي اڳ ۾ ڪا ڪچھري
ٿيل نه آهي، نه ئي منھنجي يادگيريءَ ۾ ساڻس ٿيل ڪا
ملاقات اُڀرِي ٿي اچي. مون وٽ ته 10 مئي تائين
سندس موبائيل نمبر به موجود نه هو، پر جڏهن مون
”مايا“ جي بئڪ ٽائيٽل تي سندس تصوير ڏٺي، ته هُو
ان ۾ عڪس بند ٿيل تاثر مان، مون کي هڪ سٻاجهو
انسان محسوس ٿيو، جنھن جي اکين ۾ ڪي رهجي ويل سپنا
آهن.
لکڻ کي پورهيو چيو ويندو آهي. ان لحاظ کان سومرو
صاحب قلمي پورهيت آهي. هِڪڙا پورهيت پنھنجي ڪم کي
تَڪڙو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، جڏهن ته
ٻيا وري پورهيي کي پُورو وقت ڏيندا آهن. منھنجي
نظر ۾ گل محمد سومرو صاحب ٻئي قسم جي پورهيتن ۾
ڳڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي ”مايا“ ڪھاڻي- ڪتاب
۾ شامل ڪھاڻين منجهان اهڙو تاثر جُڙندي محسوس ٿيو.
ان ئي تسلسل ۾، ٻِي ڳالھه هيءَ پڻ ڪرڻ چاهيان ٿو
ته پورهيو ڪنھن نه ڪنھن مقصد تحت ڪيو ويندو آهي.
سومري صاحب ڪھاڻين جي صورت ۾ ڪيل پورهيي جو مقصد
هنن لفظن ۾ ٻڌايو آهي: ”هن ڪتاب ۾ ڪھاڻين ذريعي
مون اهو پيغام ڏيڻ چاهيو آهي ته زندگيءَ کي زندگي
سمجهندي، زندگيءَ مان بھتر انداز ۾ فائدو حاصل ڪرڻ
گهرجي.“ (ص 12) يا اڳتي لکي ٿو: ”ڪھاڻين ۾ زندگيءَ
۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي مختلف پھلوئن ۾
ڪيترين ئي مشڪلاتن سان مُنھن ڏيڻ بابت هڪ حقيقي
پيغام پيش ڪيو ويو آهي.“ (ص 13) انھن خيالن مان
پڌرو آهي ته سومرو صاحب زندگيءَ ڏانھن سٺي سوچ
وارو رويو رکندڙ شخص آهي ۽ زندگيءَ ۾ آڏو ايندڙ
ڏکن، تڪليفن ۽ مشڪلن کي همت سان مُنھن ڏئي حل ڪرڻ
جو خواهشمند آهي. هُو ماڻھن ۾ ناڪاري روين کي
نظرانداز ڪري، هاڪاري سوچون ۽ عمل آڻڻ چاهي ٿو ۽
ان لاءِ پنھنجي قلم کي ڪتب آڻي ٿو.
”مايا“ ڪتاب جون، مون ڪجهه ڪھاڻيون پڙهيون آهن.
انھن ڪھاڻين بابت منھنجو رايو هِن ريت آهي:
ٽائيٽل ڪھاڻي ”مايا“، ملڪيت جي لالچ ۽ ملڪيت کي
غلط طريقن سان حاصل ڪرڻ جي نتيجي طور هڪ ڪٽنب جي
برباديءَ جو داستان ٻڌائي ٿي. ليکڪ پنھنجي مقصد
هيٺ، ان ڪھاڻيءَ مان اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪنھن جو
به حق نه کائجي، پوءِ اهو ڀاءُ يا ڀيڻ ئي ڇو نه
هجي. جيڪڏهن ڪنھن سان ناحقي ڪبي، ته پاڻ سان به
ناحقي ٿيندي. يعني: جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي. جيڪو
ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو، اهو پاڻ ان ۾ ڪِرندو. ڪھاڻي
سادي آهي، پر ليکڪ چڱائيءَ جي پرچار هيٺ اها ڪھاڻي
لکي آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار اسان جي سماج ۾ تمام
گهڻا آهن.
ڪھاڻي ”نياڻيون“ پڻ ليکڪ جي اهڙن اُتم جذبن جي
عڪاسي ڪندڙ آهي جنھن ۾ انھن جي اُوچي رُتبي کي
ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي روايتي سماج ۾ پُٽن
کي ڌِيئن تي هر لحاظ کان فوقيت ڏني ويندي آهي. اها
نھايت سٺي ڳالھه آهي ته گل محمد سومرو پنھنجين
ڪھاڻين ۾ نياڻين کي اهميت ڏيڻ، انھن کي تعليم
يافته بڻائڻ، پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۽ برابريءَ جي
ڳالھه ڪري ٿو. هيءَ پڻ هڪ بامقصد ڪھاڻي آهي.
ڪھاڻي ”ذهني مريض“ بنھه ويجهن رشتن جي ناقدريءَ ۽
بي وقعتيءَ کي بيان ڪندڙ آهي، جنھن ۾ اولاد جي
روين ۽ اوليتن کي قلمبند ڪيو ويو آهي، جن لاءِ
بيمار پيءُ ۽ بيوَس ماءُ ڪا حيثيت نه ٿا رکن، ۽
اولاد ڄڻ ته پيءُ جي لاڏاڻي جي انتظار ۾ آهي. وٽن
پيءُ لاءِ ڪو به احساس نه آهي، نه ئي کين وقت آهي
ته ماءُ کي آٿت ڏئي سگهن.
”انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا“ روايتي ظالم ماڻھن جي سوچن ۽
روين کي ظاهر ڪندڙ ڪھاڻي آهي. ان ڪھاڻيءَ ۾ ڳوٺاڻن
کي ڏاڍو سادڙو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي ظالمن جي
تِرڪتالين کي سمجهي نه ٿا سگهن، جنھنڪري انصاف
ماڻي نه ٿا سگهن. ان ڪھاڻيءَ ۾ اهو سبق پڻ سمايل
آهي ته جيڪڏهن ڪنھن ناواجبيءَ تي ٻئي جو ساٿ نه
ڏبو، ته سڀاڻي اها ناواجبي اسان سان پڻ ٿي سگهي
ٿي.
”احساس“ ڪھاڻي مثبت سوچ واري سماجي ڪھاڻي آهي،
جنھن ۾ هڪ غريب پر سٺو سوچيندڙ فقير جي ڪٿا ٻڌايل
آهي، جنھن سان جڏهن هڪُ سٺي سوچ رکندڙ ماڻھو ملي
ٿو، ته ان فقير کي روزگار ملي ٿو ۽ فقير جو ڪٽنب
فقيراڻين حالتن مان نڪري سٺي زندگيءَ جي راهه تي
قدم رکي ٿو. ان ڪھاڻيءَ مان اهو پيغام پڻ ملي ٿو
ته سٺي ماڻهوءَ لاءِ سُٺائي آهي، جيڪا زندگيءَ جي
ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي ملي ٿي.
گل محمد سومري صاحب جي ڪھاڻين بابت مون کي ڪي
مجموعي رايا پڻ ذهن ۾ اچن ٿا، جيڪي نيڪ نيتيءَ هيٺ
ٻڌائڻ گُهران ٿو:
1.
ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيءَ جا بنيادي جُزا موجود آهن،
جھڙوڪ: موضوع، واقعو، ماحول، ڪردار، ڊائلاگ وغيره.
2.
ڪھاڻين ۾ مضمون نويسيءَ جو احساس اُڀري ٿو، جيڪو
نه هئڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾، ڪھاڻيءَ کي ڪھاڻي رهڻ
ڏجي.
3.
ڪھاڻين ۾ غير ضروري ڊيگهه محسوس ٿئي ٿي، جڏهن ته
ڪھاڻيءَ ۾ ڪو به واڌارو جملو نه هئڻ گهرجي.
4.
ڪھاڻين ۾، گهڻن واقعن بدران، هڪ ئي واقعي تي فوڪس
ڪرڻ گهرجي.
5.
ڪھاڻين جي ڊائلاگن کي، ڊرامي جي ڊائلاگن وانگر پيش
ڪرڻ نه گهرجي.
6.
ڪھاڻين ۾ مذڪر-مونث لفظن کي اردو ٻوليءَ جي اثر
کان آجو ڪري، سنڌي ٻوليءَ موجب لکڻ گهرجي.
”مايا“ جي بئڪ ٽائيٽل تي، سنڌ جي نامياري شخصيت
بيدِل مسرور جي راءِ ڏنل آهي. آءٌ پنھنجي ليکَ جي
پڄاڻي بيدِل صاحب جي ان آخري جملي سان ڪرڻ چاهيندس
ته ”اسان کي اهڙين يعني گل محمد سومري صاحب جھڙين
باصلاحيت، تخليقي شخصيتن جو قدر ڪرڻ گهرجي.“
ڊاڪٽر
درِشهوار سيد

شاهه عبداللطيف جي شاعري
۽ ڊاڪٽر درِشهوار سيد
]شاهه
صاحب جي فڪر بابت ڪتاب جو لکيل مھاڳ[
هي ڪتاب اصل ۾ پي.ايڇ.ڊي جي پورائي طور لکي 1984ع
۾ ايڊمبرا يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. هن ڪتاب
۾ شاهه عبداللطيف (1752ع – 1689ع) جي ڪلام وارن
انھن پاسن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنھن
تي اڳ ڪنھن به عالم ۽ اديب قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪانه
ڪئي آهي. ڪتاب جي پھرئين تعارفي باب کان پوءِ، خاص
طور عورت جي اڏول سڀاءَ جي گھرائيءَ سان ڇنڊڇاڻ
ڪئي وئي آهي. جنھن جي بلند خيالي، اٽل ارادي،
ڌيرج، دليري ۽ اعليٰ ظرف بابت هن مھان ڪويءَ
ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو
عورت جي وڏائي ۽ واکاڻ سان ڀريو پيو آهي.
شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ شاعري بابت هندو ۽
مسلمان عالمن وچ ۾ خيالن جو اختلاف پئي رهيو آهي.
مسلمان عالم ۽ اديب کيس اسلامي شاعر تصور ڪن ٿا ۽
هندو عالم جو خيال هو ته شاهه صاحب ويدانتي فلسفي
کان متاثر ٿيل مھان شاعر آهي.
مون ان دور جي ڌرمي ۽ سڀيتا واري وايومنڊل کي تڪي
توري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ماحول ۾ اسان
جو شاعر ننڍو ٿي وڏو ٿيو ۽ سندس شاعريءَ وارو شوق
پروان چڙهيو. ان کانسواءِ اهو پڻ ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي ته مٿس جوڳين جي محبت واري جڙاءَ جو
ڪھڙو اثر ٿيو.
ڪتاب جي پوين بابن ۾ فارسيءَ جي ٻن وڏن شاعرن شيخ
فريدالدين عطار، مولانا جلال الدين روميءَ جي ڪلام
۽ شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ هڪجھڙائين ۽ اختلافن
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انھن بابن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ تي
فارسي شاعريءَ جو اثر هو، تنھن هوندي به هن عظيم
شاعر مقامي سنڌي تھذيب ۽ مروج لوڪ ڪھاڻين منجهان
ڪيئن نه ڀرپور حِظ حاصل ڪيو. سندس صوفياڻي ڪلام جي
پيڙهه وارو پٿر اهي ئي سماج ۾ مروج لوڪ ڪھاڻيون
آهن.
هن
ڪتاب ۾ موجود سمورو حوالاجاتي مواد ۽ شاهه صاحب جي
ڪلام جو ترجمو (انگريزيءَ ۾) مون پاڻ ڪيو آهي. اهو
مواد رڳو لفظي ترجمو نه آهي. پر ان جي روح تائين
پھچڻ لاءِ، ان کان ڪجهه وڌيڪ ڪيو آهي. ڪن حالتن ۾
ترجمو ڪرڻ وقت، اهڙو مونجهارو پيدا ٿيندو آهي، جو
ٻي زبان ۾ اهڙا تز لفطه نه ملي سگهندا آهن. ان وقت
متبادل لفظ پيش ڪرڻ وڏو ڏکيو ٿي پوندو آهي. اهڙي
حالت ۾ گهربل معنيٰ سان ويجهي کان ويجهي مفھوم
وارو لفظ پيش ڪرڻو پوندو آهي.
ڪنھن شاعر جي ڪلام کي ترجمو ڪرڻ يا ان بابت ڪنھن
ٻي ٻوليءَ ۾ لکڻ وقت ڏکيو مسئلو اهو به هوندو آهي،
ته ٻنھي ثقافتن وچ ۾ موجود ويڇي واري واٽ کي ڪيئن
هڪٻئي سان هم آهنگ ڪجي. ڇاڪاڻ ته شاعري رڳو ڪنھن
به ٻوليءَ جي لفظن جي سُندر بيھڪ ڪانه هوندي آهي،
پر اها اُن خاص طور سان لاڳاپيل سماج اندر موجود
ڪي ڳڻن ڀريو ڳالھيون جھڙوڪ: ’ست سيل‘، ’سام جهلڻ‘،
’نينھن نڀائڻ‘، ’بھادري‘، ’سخا‘ ۽ ڌرتي سان
’محبت‘، ’وفاداري‘ موجود هونديون آهن. جن بابت
شاعر لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري، مذڪوره ڳڻن جي حوالي
سان ڪن آس اميدن، ڀُون ڀولاوَن، تعريفن ۽ تنقيدن
جي نازڪ خيالي جي اظھار جو وسيلو بنائيندا آهن.
اهو به ممڪن آهي ته هڪ انساني معاشري جا اڻ ملھا
قدر ٻئي انساني معاشري لاءِ تڇ سمان سمجهيا ويندا
هجن. مثال طور لوئيءَ جي لڄ يا پڳ جو، ننگ يا سام
جهلڻ، جيڪي گُڻ سنڌي سماج ۾ وڏي معنيٰ ۽ مفھوم رکن
ٿا، انھن جي اهميت کي مغربي معاشري جا ماڻھو سمجهي
نه سگهندا هجن، تنھنڪري انھن جي اهميت کولي
سمجهائڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان کان سواءِ اهڙيون به
ڪي شيون آهن، جن کي هڪ معاشري ۾ سٺو ته ٻئي ۾ خراب
تصور ڪيو وڃي ٿو. مثال طور جيئن چٻرو آهي، مغربي
معاشري ۾ ان کي سڀاڳو پکي سمجهيو ويندو آهي، پر
سنڌي ان کي نڀاڳو پکي سمجهندا آهن. مشرق ۾ جيڪڏهن
ڪنھن ڇوڪريءَ کي چئبو ته سندس مُنھن چوڏهين جي چنڊ
جھڙو آهي، ته هوءَ خوشيءَ کان گُلاب جي گُل جيان
ٽِڙي ۽ کِڙي پوندي، پر جي مغربي ڇوڪريءَ کي ائين
چئبو ته، اها پنھنجي توهين تصور ڪندي. انڪري مون
وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن پنھنجو مواد پيش ڪرڻ
وقت اهڙين تضاد وارين ڳالھين کي سھڻي انداز ۾ پيش
ڪري سگهان.
مان اهڙي هام ڪانه ٿي هڻان ته، هيءُ ڪتاب ايڏو
جامع آهي، جو شاهه عبداللطيف تي ٿيل سموري کوجنا
کي هن ۾ سمايو ويو آهي. جيتوڻيڪ پنھنجي پَرِ ۾ مون
وسئون ڪونه گهٽايو آهي. ان ڏَس ۾ شاهه عبداللطيف
جي سڀني ڇاپي رسالن، دستخط نسخن، لاڳاپيل ٻين
ڪتابن، مئگزينن، مختلف سيمينارن ۾ پڙهيل مقالن،
برطانيه جي لائبريرين ۽ عجائب گهرن ۾ رکيل ڪتابن ۽
ٻئي اهڙي قسم جي مواد تان ڀرپور استفادو حاصل ڪيو
اٿم. مٽن مائٽن ۽ دوست احبابن به ان دور سان
لاڳاپيل گهربل مواد موڪلي منھنجي ڏاڍي سھائتا ڪئي.
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
مان سنڌي ادبي بورڊ جي ٿورائتي آهيان، جنھن هن
ڪتاب جي ڇپائيءَ جي خرچ جو بار پنھنجي ڪلھن تي
کنيو. بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر حبيب الله صديقيءَ جي
به شڪرگذار آهيان، جنھن هن ڪتاب کي ڇاپڻ ۾ گھري
دلچسپي ورتي. سائين ابراهيم جويي صاحب جي احسانمند
آهيان، جنھن پنھنجو قيمتي وقت سيڙائي، هن ڪتاب جي
مسودي کي نظر مان ڪڍيو ۽ پروف ڏسڻ جي تڪليف به
گواره ڪئي.
مان هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر اينميري شيمل ۽
لنڊن يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل جي
به ٿورائتي آهيان، جن جا حوالا، هن ڪتاب ۾ درج ڪيا
آهن. هن ڪتاب جي ڏس ۾ انھن ٻنھي برک عالمن جي
رهبري ۽ خاص دلچسپي وٺڻ لاءِ سندن شڪرگذار آهيان.
ايدمبرا يونيورسٽي جي پروفيسر منٽگمري واٽ،
آنجهاني پروفيسر ايلويل سلٽن
Elvell Sultan
۽ ڊاڪٽر ڪئرول هِلن برانڊ جي شڪرگذار آهيان، هن
ٿيسز جي تحقيق دوران مٿيان صاحب منھنجا نگران هئا.
ڊاڪٽر احمد طاهر ۽ ڊاڪٽر فيلسوف جو گهڻيون
مھربانيون آهن، جن ايراني نقطئه نظر کان تصوف ۽
فارسي شاعري سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.
انھن دوستن احبابن ۽ استادن جي به ٿورائتي آهيان،
جن مون کي ولايت ۾ رهڻ دوران سڌي اڻسڌي طرح امداد
سان نوازيو، ڪن مون ڏانھن گهربل مواد موڪلي ڏنو،
ڪن دوستن همت افزائي لاءِ ٻه ٻول لکي موڪليا. مسز
دائودپوٽو، مسز ممتاز شيخ، مس تنوير جوڻيجو، مسٽر
۽ مسز خان، ثريا دست غيب، عابده اعواڻ، مس پالن
وينز، مس ڪرافورڊ، وڊاڊ لاراڊي، چارلس نڪوڊيمي ۽
ٻيا به اهڙا گهڻا دوست آهن، جن جي مون تي اهڙي
نوازش رهي.
مون کي اڻ ملھه موتين ۽ ماڻڪن جھڙا ٻول ئي ڪونه ٿا
ملن، جن سان پنھنجي بابا جي مھربانين جو حق ادا
ڪري سگهان. جنھن هستيءَ مون کي بلند اخلاقي وارن
گُڻن سان سينگاريو، منھنجي همت افزائي ڪئي ۽ ولايت
۾ رهڻ ۽ پڙهڻ جو ڳرو خرچ برداشت ڪيو. يورپ ۾ رهائش
دوران پاڻ دل کولي منھنجي سھائتا ڪيائون. سندن
صلاح مشورن ۽ پدري شفقت ڪري، منھنجي لاءِ هر
ناممڪن شيءِ نه رڳو ممڪن بڻجي پئي، پر ڏاڍي سولي
سھنجي ٿي پئي. جنھن جي آءٌ لاري لڳس ۽ منزل ماڻي
ورتم. پنھنجي ڀيڻ زرينه تاج جي به نھايت شڪرگذار
آهيان، جنھن مون ڏانھن لڳاتار خط لکيا. ٻين ڀينرن
ڀائرن جي به احسانمند آهيان، جن ولايت ۾ رهڻ دوران
پنھنجي پيار پاٻوهه ۽ سھائتا کان ڪونه وساريو.
آخر ۾ مان مانائتن پڙهندڙن سان مخاطب ٿيڻ گهران
ٿي، مون کي پورو ويساهه آهي ته، شاهه عبداللطيف جي
ڪلام ۽ پيغام سان لاڳاپيل ڪيترن ڪتابن مان منھنجو
هي به هڪ ڪتاب آهي. هي اهو الھامي ۽ الستي آواز
آهي، جيڪو اول کان اڄ ڏينھن تائين ماکيءَ جي آر
واري لار جي روپ ۾ سنڌين جي چپن سان چھٽي ويو آهي،
ائين جيئن صبح جي هير سان ٿڌاڻ ۽ گُلاب جي گُل سان
سڳنڌ پيوست هوندي آهي. ٻڍا ٻار مرد عورتون پڙهيا
اڻ پڙهيا، ان آسڻ جا آسائتا ۽ ان ڪلام جا سوالي
آهن ۽ سمجهن ٿا ته شاهه عبداللطيف سندن قومي ثقافت
جو سھارو، ڪنڌي ۽ ڪنارو آهي، سندس شاعري، هڪ حالت
۽ سڀاءُ آهي، جنھن جي چوڌاري سنڌين جون دليون
طواف ڪنديون رهنديون آهن. سنڌين جي قومي ٻڌي ۽
ٻڌيءَ جي تاڃي پيٽي جو وسيلو به شاهه عبداللطيف
آهي. شاهه عبداللطيف اهو اڪيلو ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي
آهي، جنھن سنڌين کي سمجهيو، سندن شعور کي اُجاري
اڇو ڪيو. منزل کي پھچڻ لاءِ ڏونگر ڏاري، روهه
رتيون ڪري، ڇِپون ڇني سڌو رستو تيار ڪيو ۽ اهو
رستو هن سنڌين لاءِ صحيح سڃاتو هو. سندس اک ڏاڍي
گھري ۽ وسيع هئي، سنڌين جي تاريخ جو کيس پورو پورو
پتو هو. سنڌ ڌرتيءَ کان باخبر هو. سنڌين جي ڀاوَ
کان پوري ريت واقف هو. انھن کي وڙين وصفين خوب
ڄاتائين سڃاتائين ٿي. کين سندن ئي پنھنجي ٻوليءَ ۾
ڏات ۽ ڏاهه وارو سنيھو ڏنائين. اهو سڪ ڀريو سنيھو
اهڙيءَ شڪل ۽ ڀاشا ۾ ڏنائين، جيڪو انوکو ۽ بينظير
آهي ۽ چڱيءَ پر سمجهي ۽ پروڙي به سگهن ٿا. ان ڪلام
جو ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ بيان ڪري ٻڌائڻ ۽ ڳائڻ کين دلي
سڪون ۽ روحاني راحت ۽ خوشي بخشي ٿو. هن الھامي
پيغام سونھاري سنڌ کي مغلن جي ٻه سؤ ساله ڪاري
غلاميءَ مان نڪري، آزادي سھائتي صبح ۾ سک ڀريو
ساهه کڻندي ڏٺو. آجپي وارو اهو عرصو ڏيڍ سؤ سال مس
هليو ۽ 1843ع کان وٺي پوري صدي غلاميءَ جي ڏاڍ
واري اونداهي دور ۾ رهي. غلاميءَ واري ان زماني ۾
سنڌين جو پنھنجي قومي شاعر ۾ ويساهه ويتر به پڪو ۽
پختو ٿي ويو. اڄڪلھه ته ان کان ٻه رتيون اڳتي آهي.
شاهه عبداللطيف رح سنڌ دوستي، ڏات، ۽
ٻين ڪيترين ئي خوبين سبب سنڌ ۽ ڏيساور جي عالمن کي
گهڻو متاثر ڪيو آهي. مان به لطيف سائين کان متاثر
ٿي هيءَ نماڻي ڪوشش ڪئي آهي. منھنجي دعويٰ آهي ته
شاهه سائين جي جنھن پھلوءَ کي، مون اجاگر ڪرڻ جا
جتن ڪيا آهن، تنھن کي پنھنجي جاءِ تي وڏي اهميت
آهي. جنھن جو ذڪر آءٌ شروعات ۾ ڪري آئي آهيان.
جيڪڏهن پڙهندڙ کي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ان جي اهيمت
جي ٿوري جهلڪ به پلئه پئي ته مان سمجهنديس ته لايا
سجايا ٿيا ۽ مون کي ڏوڻا ڏاڻ ملي ويا.
ڪراچي 23 جون 1988ع درِشھوار سيد

ابراهيم کوسو

غلام نبي سومري جو ناياب ڪتاب
ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار
پکين جي ٻولي ٻڌي ائين محسوس ٿيندو آھي ته دنيا کي
لفظن جي نه پر سُر ۽ سنگيت جي ضرورت آھي.
مون اڪثر پکين کي بکئي پيٽ خوشيون ملھائيندي ڏٺو
آھي.
فطرتي مانڊاڻ ڪنھن محبتي لفظن جي محتاج ناھي
ھوندي، پاڻي سواءِ جيوت جو رھڻ ممڪن ئي نه آھي، ۽
جيوت بنا پاڻي جي اھميت ئي نه رھندي، سمنڊ جي
سلامتي به پاڻي ۽ زندگي سان ئي قائم آھي، فطرت جا
انيڪ منظر حسن کي نروار ڪندي نشانبر ھوندا آھن،
اکين جي زبان پکين جي ٻولن جھڙي ھوندي آھي، ملم جو
استعمال ھميشه زخم تي ئي ٿيندو رھيو آھي، درد جي
دوا ڪنھن ڏاھي پاران تجويز ڪيل، دلاسو به ٿي سگھي
ٿي، اجائي ڊوڙ ۽ دنياوي خفي ۾ لڳي پاڻ کي مٿڀري
ڪرڻ واري عمل ۾ وڌي اڳتي نڪرڻ جا به نادر نمونا
ھوندا آھن؟؟؟ انھن ڳالھين کان پاڻ کي پاسو ڏياري
وڏي وک کڻڻ بجائي پنھنجي مخصوص انداز سان آھستي
منزل طرف ويندڙ ھن محبوب ماڻھوکي ڏٺو وڃي ته سندس
انتھائي شفقت ڀري موٽ ماڻھن کي متاثر ڪندڙ ھوندي
آھي.
۽ وري کيس متاثر ڪندڙ ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار، جي
چوٽ ئي ٿي سگهي ٿي؟
غلام نبي سومرو پنھنجي قد ڪاٺ ۽ سموري سگهه سميت
سنڌي ادب ۾ نمايان نالو جنھن کي جيئن ۽ جتي به
ورجايو ويندو آھي ته ادب ۽ احترام سان ئي پيش ڪيو
وڃي ٿو!
ڪتاب نئين يا پراڻي جو تصور ڇڏي ڪتاب کي ته ڪتاب
ئي چئبو آھي. ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2017ع ۾
غلام نبي سومري جو ڪتاب ’ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار‘
ڇاپي پڌرو ڪيو، شاندار ۽ بھترين نموني ڇپائي ۾ آيل
ھن ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ 212 صفحا موجودآھن.
انھن ئي ڏينھن مانائتي ۽ محبوب محترم سائين غلام
نبي سومري پنھنجي ادبي پورھئي کي مون ڏي موڪلي
محبتون ارپيون ھنيون.

آئون سندس محبتن جو قرضي آھيان، ڪھاڻين تي مشتمل
ھن ڪتاب جي ارپنا امرجليل، موھن ڪلپنا ۽ مير محمد
پيرزادي کي ارپي ڪتابي اعزاز کي اڃان به اعليٰ ڪيو
ويو آھي.
اداراتي نوٽ موھن مدھوش جي پلئي پيل اڪبر سومري
جي لکيل مھاڳ ۾ ھن ڪتاب ماڊل گرل محبت ۽ چتر ڪار
جي بيئڪ ٽائيٽل کي چمڪائيندڙ نصيرمرزا جي نوازش به
نرالي رنگ ۾ اکين اوتڻ جھڙي آھي.
خود ليکڪ دلي ڪيفيت کي دل جي ڳالھه تحت دل سان
اوري پنھنجي احساسن کي آسان ڪري ڇڏيو آھي،
سترهن ڪھاڻيون گڏجي ڪتابي صورت اختيار ڪري ’ماڊل
گرل محبت ۽ چترڪار‘ جو عڪس اوتيو بيٺيون آھن، دل
کي ڇھندڙ احساساتي عنوانن ۾ خوب صورت ڪرداري
ڪٿائون ھيئن ۾ ھنڍائڻ جھڙيون آھن، ترتيب ۽ تفصيل ۾
ڪھاڻين جا نالا ھن ريت آھن،
(1) فوٽو گراف، (2) اڏام ، (3) نصيب ، (4) گذري
ويل ڪجهه منظر، (5) ھڪ وڻ جي گولا ، (6) ڌنڌ ، (7)
فرار ، (8) رات ھڪ طوفان جي، (9) ٻانھن کان ٻانھن
تائين، (10) تابوت، (11) اجرو آھي من درپن، (12)
رات ھو ۽ ياسمين، (13) جانديءَ جو بدن، (14) صليبن
ڏانھن سفر، (15) اڏارون انڌڪار ۾، (16) ڊوئل ۽
(17) ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار .
ھي ڪتاب نئين نسل لاءِ شفاءِ عشق اڪثير ثابت ٿي
سگھي ٿو. سرت سانڃاهه سميت راھ روان منزل تلاش بي
فڪر آساني سان منزل مقصود رسي ويندؤ.
عشق کي سمجھڻ ۽ عشق کي پوڄڻ ۽ عشق کي پھچڻ به ڪو
ڪمال کان گھٽ ته نه ٿيندو، عشق جو علم ھميشه
مٿاھون ئي رھيو آھي.
عشق جي پالوٽ به ڪن خوش نصيبن مٿي ئي ٿيندي آھي،
جيڪي عشق جي عظمت کي خوب ڄاڻي وٺندا آھن، ادب جي
ميدان ۾ پنھنجي اھميت تسليم ڪرائيندڙ سينئر
ڪھاڻيڪار غلام نبي سومري جي شخصيت ڪنھن تعارف جي
محتاج ته ھرگز نه آھي.
انتھائي برد بار ھمالياتي حوصلي مالڪ ھن محبوب مٽي
کي پنھنجو الڳ سڃاڻپي دڳ حاصل آھي، پيشي لحاظ کان
ذرعي ترقياتي بيئنڪ تلھار کي ميئنجري منسب جو
اعزاز به ارپيائين جيڪو اسان تلھار واسين لاءِ
ھڪ سونھرو دؤر ثابت ٿيو آھي.
ادارن جي اھميت ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھو ئي ڪرائيندا
آھن، اصول پرست مرڪندڙ چھري واري ھن محبوب ماڻھو
سدائين محبتون ڏيئي ماڻھن کي پنھنجي قريب آندو ۽
انھن جو ڀرجھلو به ٿيندو رھيو.
نسيم نگر قاسم آباد حيدر چوڪ بسنت حال سنڌ ميوزيم
پريس ڪلب سنگت ادب آفيس، ليئنگويج اٿارٽي، ريڊيو
حيدر آباد سندس محبتن جا منتظر رستا ۽ راھون کيس
کلي کيڪاريندا رھندا آھن.
ڪشاده دلي پيار ارپيندڙ انمول محبتي موٽ به ملوڪ
ئي چئي سگھجي ٿي.
ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آهي ته
99%
سيڪڙو پڙھي،
1%
سيڪڙو لکڻ بھتر ٿيندو آھي.
اسان وٽ اڪثر
1%
سيڪڙو پڙھي
99%
سيڪڙو لکيو ويندو آھي، جڏھن ته
غلام نبي سومري
99%
سيڪڙو پڙھي صرف
1%
سيڪڙو ئي لکيو آھي. جيڪو لکيو آھي سو لاجواب لکيو
آھي، انھي کان انڪاري ٿيڻ جو ڪو جواز ئي نه ٿو
رھي.
سندس تخليقي سگهه تاج بلوچ جھڙي ادبي استاد شخص
کي قابل قدر متاثر ڪندڙ رھي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو
ته سندس نثر شاھڪار فني گھرجون پوريون ڪندڙ ھڪ
باڪمال ادبي اثاثو آھي.
انتھائي گهڻ گهري ۽ ھن ادبي گهڻ پڙھئي اسان جي
پياري ۽ سٻاجهڙي غلام نبي سومري جو شمار انھن چند
چوٽي جي نثر نگارن ۾ ڪري سگھجي ٿو جيڪي ادبي دنيا
۾ مٿاھين مقام رسيل آھن، اھو ضروري ناھي ته جهجهو
لکي پاڻ کي وڏو ليکڪ ۽ اديب ثابت ڪرائي سگھجي؟
مختصر ۽ ٿوروئي لکجي پر بھتر ۽ معياري لکي پنھنجي
حيثت مڃائي سگهجي ٿي. اھڙي ئي ريت غلام نبي سومرو
پاڻ کي وڏن ليکڪن جي لسٽ ۾ لکائي چڪو آھي. نثر جي
وسيع ميدان ۾ ڊوڙندڙ انيڪ وجود منزل پڄڻ کان اڳ
ئي ورچي ويھي رھيا، منزل رسڻ ايترو آسان ته نه
آھي جو ھر ڪوئي اتي پھچي سگھي، جيڪي سچائي ۽ سرت
سان وکون کڻي منزل طرف وڌندا آھن ته منزلون انھن
ڏي پاڻ مرادو ويجهو اچڻ لاءِ موقعيا تلاش ڪنديون
آھن، ڳالھه رڳو سچائي ۽ حوصلي جي ھوندي آھي.
سندس ڪھاڻين مان چند سٽون:
ھو اڱڻ ۾ پيل کٽ تي چاچي جي سامھون اچي ويٺو ماني
کائيندي ھو ھلڪن آوازن ۾ ڳالھائيندا رھيا، گذري
ويل بيوفا لمحن جو درد لڪائي ڳائيندا رھيا.
سڄي ڏينھن جي مصروفيت جي انت کان پوءِ ھاڻ آفيس
خالي ھئي.
سليم جي اندر خاليپڻو ۽ مايوسي وٺي وئي لفظ جي
گونج تڏھن کان ھن جو پيڇو ڪري رھي آھي،
ھوءَ ڪلھا سوڙھا ڪري چپن کي ھڪ انداز سان ڀيڙي
ويھي رھي، پرويز ھن کي ڏاڍي عجب مان ڏٺو زندگي
سان ھن ناسمجهه ڇوڪري جو رويو ڏاڍو سطحي ھو.
پر پوءِ به ھو بلاشڪ اھڙين ڇوڪرين مان ھئي جي
ڪنھن به وقت دل جي پٿر ماڻھو کي ميڻ ڪري سگھن
ٿيون.
اھڙي
ريت سموري مواد کي ڪنھن نه ڪنھن حوالي طور پيش ڪري
شاھڪار لکڻي جو لقب ڏيئي سگھجي ٿو.
سنڌي ادب ۾ ھن ڪتاب ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار کي
افسانوي ادب جي ھڪ شاھڪار ڪتاب طور تسليم ڪيو
ويندو،
پيارا غلام نبي سومرا سائين!
ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي، اوھان جي ڪتاب تي نظر لڳي،
جنھن کي ڏسندي دل سٽ ڏيئي اوھان جي پيار خاطر ٻه
اکر لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، مون اڻڄاڻ کي ايتري طاقت
ته نه ھئي جو اوھان جي ادبي اھميت سان انصاف ڪري
سگھان، چند لفظ لکي اوھان جي شڪر ادائي جو شرف
به پورو ڪري نه سگھيس.
صرف ھڪ محبتي ڇڪ ھئي جنھن کي روڪي نه سگهيس.
اوھان لاءِ اڻميئي پيار جي پالوٽ شل ڪچن ڦڪن ٻولن
سميت اگھامي پوي.
سدائين اونچي ڳاٽ ادبي منزلون ماڻيندا رھو، قلم ۽
قوت اوھان جي آجيان ۾ ھر ٽائي ساٿ ۾ ساڻ رھي
رفيق الحسن کوکر

ڪتاب ”ساڃاهه وند
سنڌ جا“ جو تعارف
نوجوان ليکڪ ۽ استاد عبدالستار لغاري جو
ڪتاب
”ساڃاھه
وند سنڌ جا“ امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ڪيو
ويو آهي، ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽
سماجي شخصيتن تي ليک شامل ڪيا ويا آهن. ھن ڪتاب ۾
ويھه مضمون شامل ڪيا ويا آهن. جن ۾ پھرين مضمون جو
عنوان ”سنڌ جو عاشق: سائين جي.ايم.
سيد“
آھي. ان کان پوءِ ترتيبوار
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ ۽ ”سنڌ“، ”سنڌ جي تاريخ
جو املھه ھيرو رسول بخش پليجو“، ”سنڌ جو وڏو: شھيد
بشير خان قريشي“، ”ڪامريڊ مير محمد ٽالپر“، ”شيخ
اياز: ”ھڪ انقلابي شاعر“، استاد بخاري:
”حوصلن
۽ ھمتن جو شاعر“، ”برک سياستدان، اديب ۽ شاعر:
”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“، ”مولانا دين محمد
وفائي“، محقق، شاعر ۽ تاريخدان: ”سائين مشڪور
ڦلڪارو“، استاد، اديب ۽ شاعر: ”سائين ساوڻ سنڌي“،
”استاد، اديب ۽ شاعر:
”سائين شيرل لغاري“،
گمنام شاعر:
”محمد عارف چانڊيو“، علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت:
”پروفيسر عبدالله ملاح“، ”پروفيسر ڊاڪٽر محمد
اسماعيل ميمڻ جون علمي ۽ سماجي خدمتون“، مولوي
حاجي احمد ملاح جو پارکو ۽ حافظ: ”پروفيسر ضرار
رستماڻي“، ”محمد الياس 'ھمغم' جوکئي جون علمي،
ادبي ۽ سماجي خدمتون“، محنتي ۽ فرض شناس استاد:
”سائين انور لغاري“، محنتي ۽ فرض شناس استاد:
”سائين حاجي احمد علي لغاري“ ۽ ادارا اڏيندڙ شخصيت
۽ برک تعليمدان: ”پروفيسر محمد يوسف شيخ“ شامل
آھن. ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري اديب ۽ ليکڪ
پروفيسر مٺل جسڪاڻي جڏھن ته بئڪ ٽائيٽل ستار سروهي
لکيو آهي.
ڪنھن به قوم جي ادبي خواه سماجي، سياسي تاريخ رڳو
وڏن ناولن، ڪالمن، شاعريءَ جي مجموعن يا تنقيدي
ڪتابن سان نه جڙندي آهي، پر انھن سوانحي خاڪن سان
به پنھنجو وجود قائم رکندي آهي، جيڪي وقت جي چھري
تان مٽي لاهي، انسانن جي شخصيت، سندن فڪر، سندن
روين ۽ سندن دور جي سماجي ۽ ادبي ماحول کي محفوظ
ڪندا آهن. سوانحي خاڪو دراصل زندگيءَ جي وهندڙ
درياهه مان هٿن ۾ ٻڪن سان کنيل اهو پاڻي آهي، جنھن
۾ وقت جو عڪس به هوندو آهي ۽ ماڻھوءَ جي شخصيت جي
لھرن جو پاڇو به. اڄ جي دور ۾ جڏهن گهڻا ماڻھو
شخصيتن کي يا ته ضرورت کان وڌيڪ مقدس بڻائي پيش ڪن
ٿا يا وري بيجا تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا، تڏهن
رکيل مورائي جو ڪتاب ”شخصن جي آسپاس“ پنھنجي علمي
ديانت، ادبي ايمانداري ۽ انساني محبت جي ڪري هڪ
منفرد حيثيت اختيار ڪري ٿو.
هي ڪتاب شخصن بابت لکيل خاڪن جي مجموعي جي صورت ۾
هڪ اهڙو ادبي آئينو آهي، جنھن ۾ انسان پنھنجين
خوبين، خامين، احساسن، دوستين ۽ ادبي سفرن سميت
نظر اچي ٿو. رکيل مورائي شخصيتن جو تعاقب ڪنھن
عدالت جي جج وانگر نه، پر ڪنھن اهڙي باغبان وانگر
ڪري ٿو، جيڪو گلن سان گڏ پنن تي لڳل مٽيءَ کي به
ڏسي ٿو، پر ان مٽيءَ سبب گل جي خوشبوءَ کان انڪار
نه ٿو ڪري. هو شخصيتن جي خوبين کي به بيان ڪري ٿو
۽ خامين کي به نظرانداز نه ٿو ڪري، پر سندس قلم ۾
ڪڏهن به دشمنيءَ جو زهر يا تعريف جي مصنوعي مٺاس
محسوس نه ٿي ٿئي. اها ئي علمي ديانت سوانحي ادب کي
مستقبل جي تاريخ جو معتبر حوالو بڻائي ٿي.
پروفيسر اصغر ڀٽي ڀريائي

هن ڪتاب جي سڀ کان نمايان خوبي اها آهي ته هتي صرف
مشھور نالا نه آهن، پر اهي ماڻھو به موجود آهن،
جيڪي ادبي دنيا جي ڪنارن تي خاموشيءَ سان پنھنجي
روشني ورهائيندا رهيا. رکيل مورائي انھن اڻڄاتل
چھرن کي به اهڙي عزت ۽ محبت سان پيش ڪيو آهي، ڄڻ
شام جو وسريل ڏيئو وري ڪنھن هٿ اچي روشن ٿيو هجي.
حقيقت ۾ اها ئي ادب جي وڏي خدمت آهي، ڇاڪاڻ
ته ادب جو اصل ڪم صرف وڏن نالن جي ساراهه ڪرڻ نه،
پر انھن خاموش ماڻھن کي به لفظن جي روشني ڏيڻ آهي،
جن جي محنت ادب جي زمين کي زرخيز بڻايو.
رکيل مورائي جي نثر ۾ هڪ خاص رواني آهي. سندس جملا
ڪنھن ڳوٺ جي واهه جي پاڻيءَ وانگر آهستي آهستي
وهندا آهن؛ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن.
سندس بيان ۾ رس به آهي، چس به آهي ۽ اهڙي قوتِ
ارتڪاز به، جو پڙهندڙ ڪنھن هڪ خاڪي جي پڙهڻ کان
پوءِ ان کي اڌ ۾ ڇڏي نه ٿو سگهي. سندس اسلوب ۾
بناوٽ نه، پر زندگي جي سادگيءَ جي اها سگهه آهي،
جيڪا دل تائين پھچي وڃي ٿي.رکيل مورائي بابت اهو
چوڻ وڌاءُ نه ٿيندو ته هو شخصيتن کي لفظن ۾ نه، پر
پنھنجي رويي ۾ به جيئرو رکي ٿو. ڪيترائي ليکڪ
پنھنجن همعصرن، دوستن يا بزرگن جو ذڪر ان ڪري نه
ٿا ڪن، جو کين انديشو هوندو آهي ته متان ٻين جي
عظمت سندن پنھنجي قد کي ننڍو ڪري ڇڏي. پر رکيل
مورائي اهڙي نفسيات کان آزاد نظر اچي ٿو. هو ٻين
جي عظمت کي قبول ڪرڻ ۾ پنھنجو وقار گهٽ محسوس نه
ٿو ڪري، بلڪه اهو ئي سندس شخصيت جو سڀ کان وڏو حسن
آهي. وڏن کي وڏو چوڻ ۽ ننڍن کي عزت ڏيڻ، اصل ۾ وڏي
انسان جي سڃاڻپ هوندي آهي.هن ڪتاب مان اهو به
محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ جي اندر هڪ صوفي منش انسان
رهندو آهي، جيڪو محبت کي مقابلي تي ترجيح ڏئي ٿو،
عزت کي حسد کان مٿانھون سمجهي ٿو، ۽ دوستيءَ کي
ادبي اختلافن جي باهه ۾ به ساڙڻ نه ٿو ڏئي. اڄ جي
ادب ۾ اهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پاڻ کي
پوئتي رکي، اهلِ قلم جي پذيرائيءَ ۾ خوشي محسوس
ڪن.
”شخصن جي آسپاس“ جي وڏي اهميت اها به آهي ته هي
ڪتاب ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ادبي حوالو بڻجي سگهي ٿو.
ايندڙ وقت جا محقق جڏهن پنھنجي دور جي ادبي فضا کي
سمجهڻ چاهيندا، تڏهن کين صرف ڪتابن جا نالا نه، پر
انھن ڪتابن جي پويان بيٺل انسانن جا چھرا به هن
ڪتاب مان نظر ايندا. انھيءَ لحاظ سان هي ڪتاب ادبي
يادگيرين کان اڳتي وڌي، تاريخي دستاويز جي صورت
اختيار ڪري ٿو. رکيل مورائي جي لکڻيءَ لاءِ ائين
چئجي ته سندس قلم مينھن کان پوءِ ٻنيءَ جي نرم پٽ
وانگر آهي، جنھن تي هر پير جو نشان به محفوظ رهي
ٿو ۽ هر ٻج کي ڦٽڻ جي جاءِ به ملي ٿي.
سندس نثر ڳوٺ جي پراڻي کوهه جي ٿڌي پاڻيءَ وانگر
آهي، جنھن مان جيترو پيئجي اوتري ئي اڃ وڌيڪ سجاڳ
ٿئي. سندس سوانحي خاڪا ڀٽ تي ويٺل سانجهيءَ جي
ڌنار جي بانسريءَ جھڙا آهن، جن جو آواز رڳو ڪنن
تائين نه، پر يادگيرين جي ويرانن تائين پھچي ٿو.
سندس لفظ ڀنڀورڙيءَ جي پرن تي ويٺل صبح جي شبنم
وانگر هلڪا به آهن ۽ چمڪندڙ به. سندس مشاهدو
هاريءَ جي هٿ ۾ رکيل ٻج وانگر آهي، جيڪو زمين ۾
لڪجي به فصل بڻجي اڀري ٿو.هي ڪتاب پڙهندي محسوس
ٿئي ٿو ته رکيل مورائي شخصيتن کي رڳو ڏٺو نه آهي،
پر انھن سان گڏ وقت به گذاريو آهي، انھن جي
خاموشين کي به ٻڌو آهي ۽ انھن جي مسڪراهٽن جا مطلب
به سمجهيا آهن. ان ڪري سندس خاڪا رڳو معلومات نه
ٿا ڏين، پر انسانن جي اندر تائين وٺي وڃن ٿا. سنڌي
ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ لکيا ويندا آهن، جيڪي هڪ ئي
وقت ادب، تاريخ، سماجيات، نفسيات ۽ انساني رشتن جي
مطالعي لاءِ ڪارآمد هجن.
”شخصن جي آسپاس“ انھن ناياب ڪتابن مان هڪ آهي،
جيڪو پڙهندڙ کي صرف شخصيتن سان نه، پر پنھنجي دور
جي روح سان به ملائي ٿو. آخر ۾ ايترو ئي چئجي ته
رکيل مورائي جو هي ڪتاب ڪنھن گلن جي هار وانگر نه،
پر هڪ اهڙي ٻنيءَ وانگر آهي، جتي هر سنگهر ۾، ھر
ڀينڊ ۾، ڀتر ۾ الڳ خوشبو، هر ٻوٽي ۾ الڳ رنگ ۽ هر
فصل ۾ الڳ ڪھاڻي موجود آهي. جيڪو پڙهندڙ هن ٻنيءَ
۾ هڪ ڀيرو لھي ٿو، اهو خالي هٿ موٽي نه ٿو سگهي.
هن ڪتاب جا سوانحي خاڪا رڳو ماڻھن جي آس پاس نه ٿا
گهمن، پر پڙهندڙ جي دل، يادگيري ۽ شعور جي آس پاس
به گهڻي دير تائين گردش ڪندا رهن ٿا. اهائي ڪنھن
به وڏي سوانحي ادب جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي.

|