|
عزيز احمد ميمڻ

حيدر دريا
جديد سنڌي ادب جو هڪ حساس، باوقار ۽ فڪر
آفرين تخليقڪار
”سنڌ جي ادبي تاريخ اهڙن تخليقڪارن سان روشن آهي،
جن پنھنجي قلم وسيلي نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي ادبي
سرمايي ۾ اضافو ڪيو. پر انساني جذبن، سماجي حقيقتن
۽ فڪري شعور کي به نئين معنيٰ بخشي. اهڙن ئي معتبر
نالن مان هڪ نالو حيدر دريا جو آهي، جنھن ناول،
ڪھاڻي، شاعري ۽ نثر جي مختلف صنفن ۾ پنھنجي تخليقي
سگهه جو ثبوت ڏيندي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ نمايان
مقام حاصل ڪيو آهي.“
حيدر دريا جو اصل نالو غلام حيدر ولد عرس زئور
آهي. پاڻ ميرپور بٺوري ڀرسان ڳوٺ رئيس احمد خان جي
علمي ۽ ادبي ماحول ۾ جنم ورتو. هن ڌرتيءَ جي
ثقافتي، صوفي ۽ انساني روايتن سندن شخصيت ۽ فڪر جي
تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پيشي جي لحاظ کان پاڻ
استاد رهيا، پر سندن اصل سڃاڻپ هڪ حساس، باشعور ۽
انسان دوست اديب جي آهي. تدريس سندن روزگار هو،
جڏهن ته ادب سندن فڪري سڃاڻپ ۽ روح جي غذا بڻيو.
سندن ادبي سفر ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ شروع
ٿيو، جڏهن سنڌي ادب نون فڪري لاڙن، سماجي تبديليءَ
۽ تخليقي تجربن جي مرحلي مان گذري رهيو هو. هن
ناول، مختصر ڪھاڻي، شاعري ۽ مضمون نگاريءَ ۾
پنھنجي منفرد اسلوب وسيلي پڙهندڙن جي توجھه حاصل
ڪئي.
سندس تصنيفن ۾ پھريون ”لفظن جي خواهش“
ناول سال 2009ع ”رشتن جي آزادي“ (ناول) سال 2012ع،
”يار“ (ناول) سال 2013ع، ”ڳاڙها لفظ“ (ڪھاڻيون)
سال 2017ع، ”صحرا سمھي نٿو“ (ناول) سال 2019ع ۾
ڇپيو. سندن تصنيفن سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي الڳ
سڃاڻپ رکن ٿا. ”نئون ماڻھون“ ۽ ”صحرا سمھي نٿو“
حيدر دريا جي ادب جو سڀ کان نمايان پاسو سندس
حقيقت نگاري آهي. هو زندگيءَ کي بنا ڪنهن مصنوعي
سينگار جي پيش ڪري ٿو. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا
ڪردار روزمره جي زندگيءَ مان کنيل آهن؛ هاري،
مزدور، استاد، عورت، نوجوان ۽ عام ماڻھو سندس ادب
۾ پنھنجي اصل روپ سان موجود نظر اچن ٿا. اهي ڪردار
رڳو افسانوي وجود ناهن، پر سماجي حقيقتن جا
نمائندا آهن، جيڪي پڙهندڙ کي زندگيءَ جي مختلف
پھلوئن بابت سوچڻ تي آماده ڪن ٿا.

سندس ادب جا بنيادي موضوع محبت، انسانيت، سماجي
انصاف، اخلاقي قدر، سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ، صوفي
فڪر، رواداري ۽ انساني آزادي آهن. هو ادب کي رڳو
جمالياتي اظھار نه، پر سماج جي سڌاري ۽ شعور جي
بيداريءَ جو وسيلو سمجهي ٿو. انھيءَ ڪري سندس
تخليقن ۾ فڪر ۽ فن گڏجي هڪ اهڙو تاثر پيدا ڪن ٿا،
جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي ديرپا اثر ڇڏي ٿو.
ٻوليءَ جي حوالي سان حيدر دريا جو اسلوب نھايت
سادو، شسته، روان ۽ اثرائتو آهي. هو بنا تصنع جي
عام زندگيءَ جي منظرن، احساسن ۽ ڪردارن کي اهڙي
انداز سان پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ پاڻ کي ڪھاڻيءَ
جو حصو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. سندس بيان ۾ سلاست،
منظرنگاريءَ ۾ جاذبيت ۽ ڪردارنگاريءَ ۾ نفسياتي
گھرائي سندس فن جون اهم خوبيون آهن.
حيدر دريا رڳو تخليقڪار نه، پر سنڌ جي ادبي ۽
ثقافتي سرگرمين سان به سرگرم لاڳاپيل رهيا آهن.
نوجوان ليکڪن جي رهنمائي، ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ۽
سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سندن خدمتون قابلِ قدر
آهن. هن پنھنجي ادبي سفر دوران ادب کي سماجي
ذميواريءَ سان ڳنڍي رکيو، جيڪو سندن شخصيت ۽ فن
ٻنھي جي نمايان وصف آهي.
سندن فن بابت ڪيترن ئي نامور اديبن مثبت رايا ڏنا
آهن. سائين اسحاق انصاري، مراد علي مرزا، مھر علي
شاهه ۽ حيدر زرياب سڀني هن ڳالھه تي اتفاق ڪيو آهي
ته حيدر دريا جي تخليقن ۾ انساني احساس، سماجي
شعور، فڪري پختگي ۽ فني سچائي نمايان نظر اچي ٿي.
انھن جي راءِ موجب، سندس ناول ۽ ڪھاڻيون سنڌي ادب
۾ هڪ منفرد حيثيت رکن ٿيون ۽ جديد سنڌي افسانوي
ادب جي اهم سرمائي ۾ شمار ٿين ٿيون.
تنقيدي نقطئه نظر کان ڏسجي ته حيدر دريا جو وڏو
ڪارنامو اهو آهي ته هن پنھنجي ادب کي زندگيءَ جي
حقيقي تجربن سان ڳنڍيو. سندس تخليقن ۾ جذباتيت
ضرور موجود آهي، پر اها حقيقت نگاريءَ کان الڳ نه
ٿي ٿئي. هن پنھنجي ڪردارن وسيلي انساني نفسيات،
سماجي تضادن ۽ اخلاقي قدرن کي اهڙي فنڪاراڻي انداز
سان پيش ڪيو آهي، جو سندس ادب پڙهندڙ لاءِ فڪري
گفتگو جو موضوع بڻجي وڃي ٿو.
بيشڪ، هر تخليقڪار وانگر حيدر دريا جي ادب تي
تنقيدي بحث جا در به کليل آهن، ڇاڪاڻ
ته وڏو ادب هميشه سوال پيدا ڪندو آهي. بھرحال، اهو
چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هن جديد سنڌي افسانوي
ادب کي فڪري گھرائي، انسان دوستي ۽ سماجي شعور جا
نوان پاسا عطا ڪيا آهن.
آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته حيدر دريا انھن اديبن مان
آهي، جن پنھنجي قلم کي رڳو اظھار جو وسيلو نه، پر
انسان ۽ سماج جي بھتريءَ جو ذريعو بڻايو. سندس ادب
محبت، رواداري، شعور ۽ انساني عظمت جو ترجمان آهي.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سندس نالو هڪ باوقار، حساس ۽
ذميوار تخليقڪار طور هميشه احترام سان ياد رکيو
ويندو.


ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

نثار بزمي
هڪ دؤر- هڪ روايت
جڏهن به ڪراچيءَ کان ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته لاڙڪاڻي
کانپوءِ نئين ديري، مدئجيءَ ۽ مرزاپور وٽان ضرور
گذربو آهي ۽ واپسي به ائين ٿيندي آهي. مرزاپور
وٽان لنگهندي منھنجي دل بي اختيار ڌڙڪڻ شروع ڪندي
آهي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان بيٺل بيد مشڪ جا وڻ،
روڊ وٽان مختلف ڳوٺن ڏانھن نڪرندڙ ڪچا رستا، ٻنين
مان ايندڙ تازي هَوا ۽ ڪٿان پري کان ايندڙ ڪوئل جي
ڪُوڪ مون کي ڪيترائي سال پوئتي وٺي ويندي آهي.
مرزاپور ۾ هڪ اوطاق هوندي هئي. هڪ ڪچو پَڪو ڪمرو،
اڱڻ ۾ بيٺل هڪ نم جو ڪُھنو وڻ، ڪمري جي هڪ
الماريءَ ۾ رکيل ڪجهه ڪتاب ۽ ڪي پراڻا رسالا ۽ هڪ
اهڙو شخص، جنھن جي اندر هڪ پوري ادبي ڪائنات آباد
هئي ۽ اهو شخص هو نثار بزمي. منھنجي زندگيءَ ۾
ڪيترائي استاد آيا، ڪيترن ئي دانشورن سان ملاقاتون
ٿيون ۽ وڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون رهيون
پر جيڪا ويجهڙائپ نثار بزميءَ سان قائم ٿي، سا
بيمثال هئي. هو منھنجي ادبي شعور جي پھرين سِر هو
۽ منھنجي تخليقي خوابن جو اڏيندڙ هو. منھنجي
ٻوليءَ ۾ لفظن جي پھرين حرارت سندس ئي ڏنل هئي.
مون کي اڄ به ساڻس ڪيل آخري ملاقات ياد آهي. شايد
زندگيءَ جي سڀ کان دردناڪ ملاقات. مان سندس اوطاق
۾ داخل ٿيس ته هو نِم جي وڻ هيٺان کٽ تي آهليو پيو
هو. ڀرسان هڪ پراڻو ٽيپ ريڪارڊر پڪين سِرن جي
کرڪيءَ تي رکيل هو. فضا ۾ لتا منگيشڪر جو آواز
تَري رهيو هو: بہاریں
پھر بھی
آئیں
گی....
مگر ہم تم جدا ہوں
گے۔“
هوا خاموش هئي، وڻ ماٺ هو ۽ وقت چپ هو. رڳو لتا جو
آواز هو ۽ نثار بزميءَ جون بند اکيون. مان سندس
ڀرسان ٻه- ٽي منٽ بيٺو رهيس. گانو پورو ٿيو ته هن
پنھنجيون اکيون کوليون. مون کي ڏسي هڪدم کٽ تان
لٿو، ڀاڪر پاتائين، نِرڙ چميائين ۽ ٽيپ ريڪارڊر
بند ڪيائين.

اڄ سوچيان ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو گيت دراصل
سندس پنھنجي زندگيءَ جو نوحو هو. ڄڻ کيس معلوم هو
ته بھارون وري به اينديون، پر هو پاڻ انھن بھارن ۾
موجود ڪونه هوندو. مون کي ڪھڙي خبر ته اها منھنجي
ساڻس آخري ملاقات آهي ۽ مون کي ڇا معلوم ته هڪ سال
کانپوءِ خبر ملندي ته مرزاپور جو اهو ڏيئو اُجهامي
ويو آهي، جنھن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن
۽ شاعرن پنھنجيون پھريون سِٽون لکيون هيون.
هر اديب ۽ شاعر جي زندگيءَ ۾ ڪونه ڪو اهڙو شخص
ضرور هوندو آهي، جيڪو کيس لفظن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ
جو رستو ڏيکاريندو آهي. منھنجي زندگيءَ ۾ اهو شخص
نثار بزمي هو. مان ڇھين درجي ۾ پڙهندو هئس. روزانو
سائيڪل تي امروٽ شريف جي مڊل اسڪول ويندو هئس.
شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ته اسڪول جي هيڊماستر ۽
منھنجي استاد سائين محڪم الدين ابڙي مون کي صلاح
ڏني، ”پُٽ! جيڪڏهن توکي شاعري سکڻي آهي ته پوءِ
مرزاپور نثاربزميءَ وٽ وڃ.“
مان هڪ ڏينھن وٽس هليو ويس. هڪ ننڍڙو ٻار، اکين ۾
سپنا، دل ۾ ڪچا ڦِڪا شعر ۽ ذهن ۾ سوين سوال. نثار
بزمي اچرج ۾ پئجي ويو ته ايتري ننڍي وهيءَ ۾ هڪ
ڇوڪرڙو عروض سکڻ آيو آهي، پر هن ڪڏهن به منھنجي
عمر کي رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنو. هن مون کي همت ڏياري،
واٽ ڏيکاري، غلطيون درست ڪيون، شعر ٻڌي داد ڏنو ۽
ضرورت مھل تنقيد به ڪئي. اڄوڪي زماني ۾ جڏهن وڏا
ليکڪ پنھنجي شھرت بچائڻ لاءِ نَون لکندڙن کان
ڊڄندا آهن، ته نثار بزمي انھن ماڻھن مان هو، جيڪي
پنھنجي روشني ٻين ۾ ورهائڻ تي يقين رکندا آهن. کيس
خبر هئي ته ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ سان روشني گهٽ ناهي
ٿيندي، پر وڌندي آهي. شايد ان ڪري ئي وٽس سدائين
شاگردن، دوستن، اديبن، شاعرن ۽ ادب جي متوالن جو
هجوم رهندو هو.
نثار بزميءَ جي هڪ خوبي، جيڪا سدائين منھنجي دل ۾
جيئري رهندي، سا سندس غيرمعمولي ادبي ۽ شاعراڻي
بصيرت هئي. مان جڏهن اَٺين درجي ۾ پھتس ته مان
شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون، مضمون ۽ نثري خاڪا به لکڻ
شروع ڪيا هئا. مان پنھنجي هر نئين لکڻي وٽس کڻي
ويندو هئس. هو اها وڏي ڌيان سان پڙهندو هو ۽ پوءِ
ان تي راءِ ڏيندو هو. هڪ ڏينھن هن وڏي ٻاجهاري
انداز ۾ مون کي چيو، ”مصطفيٰ! تنھنجو اصل لاڙو نثر
طرف آهي. شاعريءَ سان محبت پنھنجي جاءِ تي، پر
تنھنجي نثر ۾ جيڪا رواني، مشاهدو ۽ اظھار جي سگهه
آهي، سا شاعريءَ ۾ نظر ڪونه ٿي اچي. تون نثر تي
وڌيڪ ڌيان ڏي، تنھنجو ادبي آئيندو ان ئي ميدان ۾
آهي.“ تنھن وقت شايد مان سندس ڳالھه جي گهرائيءَ
کي ڪونه سمجهي سگهيو هئس، پر اڄ مُڙي ڏسان ٿو ته
محسوس ٿئي ٿو ته هن منھنجو ادبي لاڙو پھرين ئي
سڃاڻي ورتو هو.
نثار بزمي رڳو هڪ شاعر ڪونه هو، هُو هڪ دؤر هو، هڪ
تھذيب هو ۽ هڪ مڪمل ادبي ادارو هو. سندس نالو
وٺندي ئي سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ هڪ ئي وقت
اکين آڏو اچي وڃن ٿا. غزل جو رنگ، گيت جو رنگ،
صوفياڻي شاعريءَ جو رنگ، عوامي شاعريءَ جو رنگ،
مولود جو رنگ، ٻارن جي شاعريءَ جو رنگ ۽ انھن سڀني
۾ شامل محبت جو رنگ. هن يارهن ورهين جي عمر ۾
شاعري ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. هيءَ اها عمر هوندي
آهي، جڏهن اڪثر ٻار گهٽين ۾ کيڏندا وتندا آهن. پر
نثار بزمي لفظن سان کيڏي رهيو هو، ڪافين سان دوستي
رکي رهيو هو. وزنن ۽ بحرن جا راز ڄاڻي رهيو هو ۽
ايندڙ وقت جي تياري ڪري رهيو هو. پوءِ قسمت کيس
سنڌ جي مھان ڪلاڪار ماسٽر چندر سان ملايو. اها
ملاقات رڳو ٻن ماڻھن جي ملاقات ڪونه هئي، پر اهو
موسيقيءَ ۽ شاعريءَ جو ميلاپ هو. ان ميلاپ نثار
بزميءَ جي تخليقي صلاحيتن کي اُڀاريو. هن شاعريءَ
کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هو لکندو
ويو. ائين لکندو ويو جو زندگي گهٽ ٿي وئي ۽ لفظ
وڌيڪ ٿي ويا. هو پاڻ کي ”لک پتي“ شاعر چوندو هو ۽
سچ ته اهو ڪو وڌاءُ ڪونه هو. جنھن شخص لکين شعر
چيا هجن، جنھن جي قلم پنجھٺ سالن کان به مٿي جو
عرصو لاڳيتي تخليق ڪئي هجي ۽ جنھن جي شاعري وستين
۽ واهڻن کان ريڊيو پاڪستان جي سنڌ ۾ مڙني اسٽيشنن
تائين گونجندي رهي هجي، سو ”لکي پتي“ شاعر سڏرائڻ
ضرور لَھڻي.
اڄ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نثار بزميءَ جو ذڪر رڳو هڪ
شاعر طور ٿيل ناهي، پر هڪ اهڙي اديب طور به ٿيل
آهي. جنھن ادب جي لڳ ڀڳ هر صنف ۾ ڪم ڪيو، هن
افسانا لکيا، ڊراما لکيا، مضمون لکيا، تاثر لکيا،
فيچر لکيا ۽ خاڪا لکيا. هن ٻارڙن لاءِ لکيو، وڏن
لاءِ لکيو، ريڊيو لاءِ لکيو، فلمن لاءِ لکيو ۽
عوام لاءِ لکيو. سندس مڙني لکڻين ۾ ڪتابي ۽ ادبي
ڏاهپ سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ به شامل آهي.
اهوئي سبب آهي، جو سندس سرجيل ادب بيحد سگهارو ۽
جاندار آهي، ڇو جو اهو زندگيءَ سان جڙيل ادب آهي ۽
لفظن جي راند هرگز ڪونھي.
نثار بزميءَ جي شاعريءَ جي اڀياس کانپوءِ اهو
محسوس ٿيندو ته سندس شاعريءَ جو دائرو رڳو سنڌ
هئي. سندس شعرن ۾ سنڌ جا ٻنيون ٻارا ساهه کڻندي
نظر اچن ٿا، وڻ ٽڻ ۽ واهَه ڳالھائين ٿا، پکي پکڻ
دعائون ڏين ٿا، بارشون گيت ڳائين ٿيون ۽ مٽي
پنھنجي ٻارڙن سان محبت ڪري ٿي. سندس شاعريءَ ۾
محبت آهي، پر رڳو رومانوي محبت ناهي. سندس شاعريءَ
۾ درد آهي، پر رڳو ذاتي درد ناهي. سندس شاعريءَ ۾
انسانيت جا ڏک سور به شامل آهن، وقت جي بي رحمي به
شامل آهي ۽ زندگيءَ جي ناپائيداريءَ جو شعور به
شامل آهي. پاڻ انھن شاعرن منجهان ڪونه هو، جيڪي
رڳو لفظن جي سونھن تي ڀاڙيندا آهن. وٽس احساس جي
سچائي گهڻو اهم هئي. تنھنڪري ئي سندس شاعري عوام ۾
بيحد مقبول ٿي ۽ اها ماڻھن جي دلين ۾ پيھجي وئي.
سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ نثار بزميءَ جي ذڪر کان
سواءِ مڪمل نه ٿي ٿي سگهي. ماسٽر چندر سان دوستيءَ
سندس تخليقي سفر کي نئون رُخ ڏنو. هن اهڙا گيت
لکيا، جيڪي رڳو ٻڌائي نه ويا، پر انھن گيتن تي
زندگي گذاري وئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽
خيرپور تان نشر ٿيندڙ گيت ڳوٺن جي ڌنارن پنھوارن
کان ويندي شھرن جي ڊرائنگ رومن تائين پھتا.
ڪو وقت هو، جڏهن ماڻھو شام ڌاري ريڊيو جي چوڌاري
ويھندا هئا. هَوا ۾ گوڙ شور ڪونه هوندو هو.
موبائيل فون ڪونه هوندا هئا ۽ سوشل ميڊيا ڪونه
هئي. ۽ جڏهن ريڊيو تان ڪو سنڌي ڪلام نشر ٿيندو هو
ته ماڻھو خاموشيءَ سان ويھي ٻڌندا هئا. انھن ڪلامن
مان گهڻا تڻا نثار بزميءَ جا لکيل هوندا هئا. اهي
ڪلام اڄ به سنڌ جي گڏيل حافظي جو هڪ مکيه حصو آهن.
وقت بدلجي ويو، ٽيڪنالاجي بدلجي وئي ۽ ذوق به
بدلجي ويا، پر سٺن گيتن جي عمر ڪڏهن به ختم ناهي
ٿيندي. اهڙيءَ طرح نثار بزميءَ جا گيت به سدا بھار
۽ موهيندڙ آهن.
ٻارن جي ادب ۾ نثار بزميءَ جي خدمتن جو ذڪر ڌار
ٿيڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ ٻارن
جي ادب کي گهٽ درجي جو ادب سمجهيو ويندو آهي، جڏهن
ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. ٻارن لاءِ لکڻ سڀ
کان ڏکيو ڪم آهي. ٻار ڪوڙ قبول ناهن ڪندا. مصنوعيت
برداشت ناهن ڪندا. اهي دل جي ڳالھه ٻڌندا آهن ۽
رڳو اهائي لکڻي قبول ڪندا آهن، جيڪا دل سان لکي
وئي هوندي آهي. نثار بزمي ٻارن جي دل جي زبان
ڄاڻيندو هو. تنھنڪري اڄ به سندس لکيل نظم، گيت،
ڪھاڻيون، مضمون ۽ فيچر دل سان پڙهيا وڃن ٿا. سوين
نه، پر هزارين ٻارڙن سندس لکيل شعر پڙهي ٻولي سکي،
اخلاق سکيو ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ سکي. اهو ڪو معمولي
اعزاز ڪونھي. هڪ شاعر لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي
ڀلا ڪھڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس لکيل شعر ٻارڙن جي
يادداشت جو حصو بنجي وڃن.
نثار بزميءَ جي شخصيت جي هڪ خاص وصف اها هئي ته هو
ادب کي رڳو ڪتابن تائين محدود ڪونه سمجهندو هو.
وٽس ادب زندگيءَ جو ٻيو نالو هو. هو جڏهن به
ڳالھائيندو هو ته لڳندو هو ته ڄڻ صدين جو تجربو
چند جملن ۾ سمائجي ويو هجي. سندس ڳالھين ۾ ڪو
ڏيکاءُ ويکاءُ ڪونه هوندو هو، بناوٽ ڪونه هوندي
هئي ۽ دانشوريءَ جو هٿرادو ٻوجهه ڪونه هوندو هو.
هو عام ۽ سادي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڳالھه ڪري ويندو هو،
جو اها وڏن وڏن نقادن جي ٿلھن ٿلھن ڪتابن کان به
وڌيڪ اثر رکندي هئي. مرزاپور واري سندس ان اوطاق ۾
رڳو شاعري ڪونه سيکاري ويندي هئي، اتي زندگي
سيکاري ويندي هئي. اتي لفظن سان گڏ انسان دوستيءَ
جو سبق به پاڙهيو ويندو هو. اتي علم عروض سان گڏ
عاجزيءَ جو درس به ڏنو ويندو هو. اتي قافئي ۽ رديف
سان گڏ محبت ۽ رواداري به سيکاري ويندي هئي. مان
جڏهن به وٽس ويندو هئس ته مون کي اتي هر عمر جا
ماڻھو ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ڪو هاري، ڪو استاد، ڪو
شاگرد، ڪو شاعر، ڪو اديب، ڪو ڳائڻو. حيرت ٿيندي
هئي ته هڪ ماڻھو ڪيترن مختلف ماڻھن لاءِ هڪ جيتري
اهميت رکي سگهي ٿو. شايد ڪنھن شاعر ۽ اديب جي اصل
سڃاڻ اهائي هوندي آهي ته اهو طبقن ۾ ورهايل ناهي
هوندو. اهو انسانن کي انسانن وانگر ئي ڏسندو آهي.
مون کي اڪثر محسوس ٿيندو آهي ته نثار بزميءَ جي
اصل عظمت سندس شاعريءَ سان گڏ سندس شخصيت ۾ به
هئي. هُو شھرت جو بُکيو ڪونه هو. هو اعزازن ۽
انعامن اڪرامن جو ڳولائو ڪونه هو. پاڻ فائدن ۽
مراعتن جو طلبگار ڪونه هو. وٽس جيڪڏهن ڪا مُوڙي
هئي ته اها محبت هئي؛ شاگردن سان محبت، ادب ۽
شاعريءَ سان محبت، موسيقيءَ سان محبت ۽ سنڌ ڌرتيءَ
سان محبت، اڄ جي زماني ۾ جڏهن هر ماڻھو پنھنجي
تشھير ۾ مصروف آهي ته نثار بزمي اهڙي صورتحال ۾
ڪنھن ٻئي زماني جو ماڻھو لڳي ٿو. هو ماٺ ميٺ ۾
پنھنجو ڪم ڪندو رهيو، خاموشيءَ سان قلمي پورهيو
ڪندو رهيو، سڪون سان پنھنجي شاگردن جي تربيت ڪندو
رهيو ۽ چُپ چاپ ۾ پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن پورا
ڪندو رهيو.
7 جولاءِ 2000ع جي اها خبر اڄ به دل کي زخمي ڪريو
ڇڏي. جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان خبر نشر ٿي
ته، ”سنڌ جو هاڪارو شاعر ۽ اديب نثار بزمي لاڏاڻو
ڪري ويو.“ هڪ گهڙيءَ لاءِ يقين ئي ڪونه آيو. ائين
لڳو ڄڻ ڪنھن سنڌ جي ادبي فضا مان هڪ گهاٽو وڻ وڍي
ڇڏيو هجي، هڪ ڏيئو اجهامي ويو هجي ۽ هڪ آواز ماٺ
ٿي ويو هجي. مان تن ڏينھن ۾ ڳوٺ ئي هئس. زندگي
پنھنجي رفتار سان هلي رهي هئي. پر ڪجهه خبرون
انسان جي اندر وقت کي بيھاري ڇڏينديون آهن. اها به
هڪ اهڙي ئي خبر هئي. مان ڳچ دير تائين خاموش رهيس
۽ بار بار مون کي اها آخري ملاقات ياد ايندي رهي.
نم جو وڻ، ٽيپ ريڪارڊر، لتا منگيشڪر جو آواز ۽
نثار بزميءَ جون بند اکيون. اڄ سوچان ٿو ته لڳي ٿو
ته شايد اهو گيت سندس زندگيءَ جو آخري استعارو هو:
”
بہاریں
پھر بھی
آئیں
گی....
مگر ہم تم جدا ہوں
گے۔“
سچ به ته بھارون آيون، ڪيتريون ئي بھارون آيون،
ٻنين ۾ فصل ڦُٽا، وڻن تي نوان پَن آيا، نوان شاعر
پيدا ٿيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا، پر نثار بزمي انھن
بھارن ۾ ڪٿي به موجود ڪونه هو.
وقت گذرڻ سان گڏ انسانن جي ياد ڌنڌلائجي ويندي
آهي، پر ڪي ماڻھو وري وقت سان گڏ اڃان به وڌيڪ
روشن ٿيندا ويندا آهن. نثار بزمي به اهڙن ئي املھه
ماڻھن ۾ شامل آهي. جڏهن به مان مرزاپور وٽان
لنگهندو آهيان ته سندس قبر تي حاضري ضرور ڀريندو
آهيان. فاتحه پڙهندو آهيان ۽ ڪجهه دير خاموش بيٺو
رهندو آهيان. ان خاموشيءَ ۾ ڪيترائي آواز ٻڌڻ ۾
ايندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ هو هاڻي به
ڪنھن نئين غزل جي مصرع تي غور ڪري رهيو آهي، ڄڻ
هاڻي به نِم جي وڻ هيٺيان ويٺو آهي، ڄڻ هاڻي به
سندس ڪو شاگرد پنھنجي شاعري وٽس اصلاح لاءِ کڻي
آيو هجي، ڄڻ هاڻي به مون کي مسڪرائي چوندو هجي:
”پڙهي ٻڌاءِ! ڇا لکيو اٿئي؟“ قبرستانن جي خاموشي
به عجيب ٿيندي آهي، اها مري ويلن جي خاموشي ناهي
هوندي. اها جيئرن ماڻھن جي بيوسيءَ جي خاموشي
هوندي آهي. اها اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته وقت
سڀ ڪجهه کڻي ويندو آهي، پر اهو سٺن انسانن جي
خوشبوءِ ناهي کڻي سگهندو.
اڄ نثار بزميءَ کي مان رڳو هڪ شاعر طور ئي ياد
ڪونه پيو ڪريان. مان کيس پنھنجي استاد طور ياد پيو
ڪريان. پنھنجي محسن طور ياد پيو ڪريان. پنھنجي
ادبي سفر جي پھرين رهنما طور ياد پيو ڪريان. مان
جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪجهه لکي سگهيو آهيان، ڪجهه پڙهي
سگهيو آهيان ۽ ادب جي دنيا ۾ پنھنجي لاءِ ڪا ننڍڙي
جاءِ ٺاهي سگهيو آهيان ته ان ۾ نثار بزميءَ جي
رهنمائيءَ، مدد ۽ دعائن جو حصو ضرور شامل آهي. هر
شاگرد جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو استاد ضرور هوندو آهي،
جيڪو سندس رستي جو پھريون ڏيئو بڻبو آهي. منھنجي
لاءِ اهو ڏيئو نثار بزمي هو.
اڄ جڏهن ادب ۽ شاعريءَ جي اُفق تي نگاهه وجهان ٿو
ته محسوس ٿئي ٿو ته نثار بزمي حقيقت ۾ مري ناهي
ويو. سندس بدن ته ڀونءِ ۾ هليو ويو آهي، پر سندس
لفظ جيئرا آهن، سندس محبت جيئري آهي، سندس تربيت
جيئري آهي، سندس شاگرد جيئرا آهن، سندس گيت جيئرا
آهن، سندس خواب جيئرا آهن ۽ جيسيتائين سنڌ جي ڪنھن
ڳوٺ ۾ ڪو ٻارڙو سندس نظم پڙهندو رهندو، جيسيتائين
ڪو ڌنار موبائل تي سندس ڪلام ٻڌندو رهندو،
جيسيتائين ڪو ڳائڻو سندس گيت ڳائيندو رهندو ۽
جيستائين ڪو نوجوان شاعر پنھنجي پھرين غزل جي
اصلاح لاءِ ڪنھن استاد جي دَر تي ويندو رهندو،
تيسيتائين نثار بزمي جيئرو رهندو.
هو مرزاپور جي قبرستان ۾ دفن ته ضرور آهي، پر سندس
اصل ماڳ سنڌ جي ماڻھن جون دليون آهن ۽ دلين ۾ دفن
ٿيندڙ ڪڏهن به ناهن مرندا، ڪڏهن به نه! |