سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:10 

پروفيسر قاسم حيدر

 

 

 

 

شاهه جو رسالو

           شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو روحاني اڀياس

 

َحدَهُ لاشرِيڪَ لھُ، اِيءُ وِهائِج وِيءُ،
کَٽِين جي هاراِئيين، هَنڌُ تنھنجو هِيءُ،
پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنتَ جو.


 

الله پاڪ هِڪُ آهي، اُن جو ڪو به شريڪُ ڪونھي، تُون هميشه اِهو، تَوحيد ۽ وحدانيت واري خيال جو خزانو ڳوليندو رھه،  هِن جھان مان، کٽي وڃين، توڙي هارائي وڃين، پر تنھنجي لاءِ هنڌُ فقط هِيءُ آهي،  جي هِن جھان مان ڪامياب زندگيءَ گُذاري وئين، ته اڳُوتر ۾ توکي سڏي، پاڻھي چوندا ”هِي جنت جو پيالو پاڪ شراب مان ڀري پِيءُ.“

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت ۾ توحيد جو ذڪر آهي ۽ هن جھان ۾ بھترين اعمال ڪرڻ جي تاڪيد ٿيل آهي ۽ سٺن اعمالن جي عيوض آخرت ۾ جنت جي خوشخبري ڏنل آهي. توحيد جي باري ۾ ڪجهه پھرين بيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ هتي اسان آخرت جي حوالي سان، آخرت جو ڏينھن اچڻ، حساب ڪتاب ۽ جن ۽ دوزخ جو ذڪر ڪنداسين ۽ خاص طور ان حوالي سان جيڪي نيڪ ماڻھن کي آخرت ۾ انعام ملندا ۽ بدڪارن کي جيڪي سزائون ملنديون انھن جو ذڪر ڪنداسين ته جيئن هن بيت کي سمجھڻ ۾ مدد ملي.

هتي اهي آيتون بيان ڪريون ٿا، جن ۾ انھن گنھگار ماڻھن جو احوال آهي، جن جي باري ۾ قرآن مجيد واضح طور تي ٻڌايو آهي ته انھن کي جھنم ۾ وڌو ويندو. انھن لاءِ ”عذاب عظيم“ ۽ ”سقر“ وغيره جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. شال الله تعالى اسان سڀني کي انھن وڏن وڏن گناهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ جھنم جي عذاب کان محفوظ رکي- آمين.

مشرڪ :      مشرڪ  کي ڪڏهن به جنت نصيب نه ٿيندي ۽ اهو ابدي طور تي جھنم ۾ ئي رهندو. شرڪ، الله جي ويجھو اهڙو واحد گناهه آهي، جنھن جي مغفرت نه ٿي ٿي سگهي. شرڪ جي گناهه ۽ عذاب کان بچڻ جو واحد رستو توبھه ۽ توحيد آهي.

”جنھن الله سان ڪنھن ٻئي کي شريڪ ڪيو، ان تي الله جنت حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جو ٺڪاڻو جھنم آهي.“ (المائده: 72)

نبي ڪريم ﷺ جي مخالفت ڪرڻ وارا: ”جيڪو رسول ﷺ جي مخالفت تي سندرو ٻڌندو ۽ اهل ايمان جي طريقي کان سواءِ ڪنھن ٻئي طريقي تي هلندو، جڏهن ته ان تي سڌي واٽ واضح ٿي چڪي هجي، ته ان کي اسان انھيءَ طرف ئي موڪلينداسين، جنھن طرف هو پاڻ ڦري ويندو ۽ ان کي جھنم ۾ اڇلائينداسون، جيڪا بدترين رهڻ جي جاءِ آهي.“ (النساء: 115)

”جيڪي ماڻھو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا. اهي ساڳي طرح ذليل ۽ خوار ڪيا ويندا، جھڙي طرح انھن کان اڳي وارا ماڻھو ذليل ۽ خوار ڪيا ويا آهن. اسان پڌريون آيتون لاٿيون آهن ۽ ڪافرن لاءِ ذلت وارو عذاب آهي.“ (المجادلھ: 5)

”۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪندو ۽ ان جي مقرر ڪيل حدن کان اڳتي ويندو. ان کي الله باهه ۾ وجھندو، جنھن ۾ هو رهندو ۽ ان لاءِ بي عزت ڪندڙ عذاب آهي.“ (النساء: 14)

(هتي اها ڳالھه ياد رهي ته، اهي آيتون وراثت جي حڪمن کان پوءِ آيون آهن ۽ الله تعالى وراثت جي حڪمن کي ”حدود الله“ سڏيو آهي.)

منافق جھنمي آهي: ”يقين ڄاڻو ته منافق، جھنم جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ ويندا ۽ توهان ڪنھن کي انھن منافقن جو مددگار نه ڏسندا.“ (النساء: 145)

هو (الله تعالى) هڪ آهي، سندس ٻيو ڪو مٽ (ثاني )۽ شريڪ ڪونھي (خدا کان سواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي). (اي انسان) تون  اهوئي وڏو نفعي وارو سودو خريد ڪر (اهائي سيڙپ ڪر). (ياد رک) تنھنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو هنڌ ۽ ماڳ اهو (موجوده جھان) ئي آهي. (ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ملائڪ) ضرور توکي جنت ۾ پيالو ڀري ڏيندا ۽ چوندا ته اچي وٺ ۽ پيءُ!

شاهه لطيف جي بيت جي حوالي سان مطالعو ڪجي ته ’سورة لقمان‘ جو هيٺيون آيتون اسان کي غور ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون.

”البت جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ۽ نيڪ عمل ڪن، انھن لاءِ نعمتن سان جنتون ڀريل آهن. جن ۾ اهي سدائين رهندا. هيءُ الله جو سچو وعدو آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. ان آسمانن کي پيدا ڪيو آهي بنا تنڀي ٿوڻيءَ جي جو اهي کڻي توهان کي نظر اچن ٿا. ان زمين ۾ جبل کوڙي ڇڏيا ته جيئن اها توهان کي کڻي ڪاڏي ٿڙي نه وڃي ان هر قسم جا جانور زمين ۾ پکيڙي ڇڏيا ۽ آسمانن مان پاڻي، مينھن وسايوسين ۽ زمين ۾ قسمين قسمين جون عمديون شيون ڦٽايوسين، اهو ته آهي الله جو پيدا ڪيل سامان، هاڻ ڀلا مون کي ڏيکاريو ته سھي ته انھن ٻين ڇا پيدا ڪيو آهي. اصل ڳالھه هيءَ آهي ته اهي ظالم کلئي کلائي گمراهي ۾ پيل آهن. اسان لقمان کي حڪمت ڏني هئي ته الله جو شڪرگذار ٿيءُ جيڪو شڪر ڪندو ته سندس شڪر کيس ئي فائدو پھچائيندو. جيڪو ڪفر ڪري ته حقيقت ۾ الله بي نياز ۽ پاڻ ئي پاڻ واکاڻيل آهي.“ (سورة لقمان: 8 کان12).

تشريح: ائين نه فرمايائين ته انھن لاءِ جنت جون نعمتون آهن، بلڪه هي فرمايائين ته انھن لاءِ نعمتن ڀريون جنتون آهن. جيڪڏهن پھرين ڳالھه فرمائي وڃي ها ته ان جو مطلب هي هجي ها ته اهي انھن نعمتن سان لطف اندوز ته ضرور ٿيندا، پر اهي جنتون انھن جون پنھنجو نه هونديون. ان جي بدران جڏهن هيئن چيو ويو ته “انھن لاءِ نعمتن ڀريون جنتون آهن“ ته ان مان پاڻ ئي پاڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سموريون جنتون سندن حوالي ڪيون وينديون ۽ اهي انھن جي نعمتن مان ائين فائدو وٺندا جيئن هڪ مالڪ پنھنجي شيءِ مان وٺندو آهي، نه ان شخص وانگر جنھن کي ملڪيت جا حق ڏيڻ کان سواءِ هڪ مالڪ طور پنھنجي شيءِ مان فائدي وٺڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي.

تشريح: يعني ڪا شيءِ به کيس پنھنجو وعدو پورو ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي ۽ الله تعالى جيڪي ڪجهه ڪندو آهي، پوري حڪمت ۽ عدل جي تقاضن مطابق ڪندو آهي. ”هي الله جو پڪو وعدو آهي“. چوڻ کان پوءِ الله جي انھن ٻين صفتن کي بيان ڪرڻ جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته الله تعالى نه ته ارادي سان پنھنجي وعدي جي خلاف ورزي ڪندو آهي ۽ نه وري ڪائنات ۾ ڪا طاقت اهڙي آهي جيڪا هن جي وعدي پوري ٿيڻ ۾ روڪ ٿئي، تنھن ڪري ان ڳالھه جو ڪو خطرو نٿو ٿي سگهي ته ايمان ۽ نيڪ عمل جي انعام ۾ الله جيڪي ڪجهه ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي سو ڪنھن کي نه ملي، ٻيو ته الله جي طرفان ان انعام جو اعلان به سراسر ان جي حڪمت ۽  ان جي عدل مطابق هوندو آهي، ان وٽ غلط بخشش نه آهي جو حقدار کي محروم ڪيو وڃي ۽ غير حقدار کي نوازيو وڃي. ايمان ۽ نيڪ عملن وارا ماڻھو سچ پچ ان انعام جا حقدار آهن ۽ الله اهو انعام انھن کي ئي عطا ڪندو.

تشريح: مٿين تمھيدي ڳالھين کان پوءِ هاڻي اصل مقصد يعني شرڪ جي ترديد ۽ توحيد جي دعوت تي ڳالھه شروع ٿئي ٿي.

تشريح: اصل لفظ آهن بغيرِ عَمَد تَرَونھا، ان جا ٻه مطلب ٿي سگهن ٿا، هڪ هي ته ”توهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو ته آسمان بنا ٿنڀن جي قائم آهن.“ ٻيو مطلب هي ته ”اهي اهڙن ٿنڀن تي آهن جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ”ابن عباس ۽ مجاهد ٻيو مطلب ورتو آهي ۽ ڪيترن ٻين مفسرن پھريون مطلب ورتو آهي، هاڻوڪي زماني جي طبعي علمن جي لحاظ سان جيڪڏهن ان جو مفھوم بيان ڪيو وڃي ته هي چئي سگهجي ٿو ته سموري ڪائنات ۾ اهي اڻڳڻت عظيم الشان تارا ۽ سيارا پنھنجي پنھنجي هنڌ ۽ مدار تي نظر نه ايندڙ سھارن سان قائم ڪيا ويا آهن، ڪي تارون ناهن جن انھن کي هڪ ٻئي سان ٻڌي رکيو هجي، ڪي سيخون نه آهن جيڪي انھن کي هڪ ٻئي تي ڪرڻ کان جھلينديون هجن، رڳو جذب (ڇڪ) ۽ ڪشش جو قانون ئي ان نظام کي جھليو بيٺو آهي. اها تعبير ۽ توجيه اسان جي اڄ جي علم جي لحاظ سان آهي، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي اسان جي علم ۾ ڪجهه وڌيڪ واڌارو ٿئي ۽ ان کان وڌيڪ ٺھڪندڙ ڪا تعبير ان حقيقت جي ڪري سگهجي.

تشريح: يعني انھن هستين جن کي توهان پنھنجو معبود بڻايو ويٺا آهيو، جن کي توهان پنھنجين قسمتن جا بنائيندڙ ۽ بگاڙيندڙ سمجھي رهيا آهيو، جن جي بندگيءَ تي توهان ايترو زور ڏيئي رهيا آهيو. اهي ڪجهه به ناهن صرف الله تعالى توهان جو معبود آهي.

تشريح: يعني جڏهن اهي ماڻھو الله کان سواءِ ان ڪائنات ۾ ڪنھن ٻئي جي تخليق جو ڪو ڏس نه ٿا ڏيئي سگهن ۽ ظاهر آهي ته ڏيئي به نه سگهندا، ته پوءِ انھن جو غير خالق هستين کي خدائي ۾ ڀائيوار ڪرڻ  ۽ انھن جي اڳيان سرنوائڻ، ۽ انھن کان دعائون پنڻ ۽ مرادون گهرڻ پڌري بي عقلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ۽ ڪا ٻي تاويل انھن جي هن احمقاڻي روش جي ڪري به نه ٿي ڪري سگهجي، جيستائين ڪو شخص بلڪل ئي باهڙجي نه ويو هجي ته ان کان ايتري وڏي حماقت سرزد نه ٿي ٿي سگهي جو توهان جي سامھون پاڻ پنھنجن معبودن جي غير خالق هئڻ ۽ صرف الله جي ئي خالق هئڻ جو اقرار ڪري وٺي ۽ پوءِ به انھن کي معبود مڃڻ تي پڪو بيٺو رهي؟ جنھن جي کوپڙيءَ ۾ ذرڙو به عقل هجي ته اهو لازمي هي سوچيندو ته جيڪو ڪنھن به شيءِ کي پيدا ڪرڻ تي قادر ناهي ۽ جنھن جو زمين ۽ آسمان جي ڪنھن شيءِ جي تخليق ۾ نالي ماتر به ڀاڱو ناهي سو آخر ڇو اسان جو معبود ٿئي؟ اسان ڇو ان جي آڏو مٿو گسايون ۽ ان جي قدم بوسي ۽ آستانه بوسي ڪندا وتون؟ ڪھڙي طاقت ان وٽ آهي، جو اهو اسان جي فرياد رسي ۽ حاجت روائي ڪري سگهندو؟ فرض ڪريو اهو اسان جي دعائن کي ٻڌندو به هجي ته انھن جي جواب ۾ اهو ڇا ٿو ڪري سگهي جڏهن ته اهو ڪا شيءِ جوڙڻ جا  اختيار ئي نٿو رکي؟ کريل ته اهو ٺاهي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه ٺاهي سگهندو هجي پر اهو ڇا ڪري سگهندو جيڪو ڪجهه به ناهي.

”ڪفر ڪرڻ وارن لاءِ اسان زنجيرون ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪئي آهي. نيڪ ماڻھو (جنت ۾) شراب جا اهڙا پيالا پيئندا، جن ۾ ڪافور جي پاڻي جي ملاوت هوندي. اهو هڪ وهندڙ چشمو هوندو، جنھن جي پاڻي سان گڏ الله جا بنده شراب پيئندا.” (الدهر؛ 6،5،4).

تشريح: نبين ۽ ڪتابن جي آندل اها تعليم بيشمار محسوس ۽ غير محسوس طريقن سان ايتري وڏي پئماني تي سڄي دنيا ۾ پکڙي آهي جو ڪابه انساني آبادي خدا جي تصور، آخرت جي تصور، نيڪي ۽ بديءَ جي فرق ۽ انھن جي پيش ڪيل اخلاقي اصولن ۽ قانوني حڪمن کان ناواقف نه رهي آهي، کڻي ان کي اهو معلوم هجي يا نه هجي ته اهو علم کيس نبين ۽ ڪتابن جي آندل تعليمات مان ئي حاصل ٿيو آهي. اڄ جيڪي ماڻھو نبين ۽ ڪتابن جا منڪر آهن، يا انھن کان بلڪل بي خبر آهن، سي به ڪيترن ئي انھن ڳالھين جي پيروي ڪري رهيا آهن، جيڪي اصل ۾ انھن جي تعليم مان ڇڻي ڪري انھن تائين پھتيون آهن ۽ اهي نٿا ڄاڻن ته انھن شين جو اصل ماخذ ڪھڙو آهي.

تشريح: اصل ۾ لفظ اَبرَارُ استعمال ٿيو آهي، جنھن مان مراد اهي ماڻھو آهن، جن پنھنجي رب جي اطاعت جو حق ادا ڪيو هجي، ان جا مقرر ڪيل فرض پورا ڪيا هجن، ان جي منع ڪيل ڪمن کان باز آيا هجن.

تشريح: يعني اهو ڪافور مليل پاڻي نه هوندو، بلڪه اهڙو قدرتي چشمو هوندو، جنھن جي پاڻي جي صفائي، ٿڌاڻ ۽ خوشبوءِ ڪافور سان ملندي جلندي هوندي.

ٻين آيتن جو ترجمو ڪجهه هن طرح آهي:

”۽ سندن صبر جي بدلي کين بھشت ۽ ريشمي لباس عطا ٿيندو. جتي اهي مٿاهن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا. نه کين اُس جي گرمي ستائيندي ۽ نه ڪا سخت سردي. بھشت جا پاڇا مٿن جھڪي ڇانوَ ڪري رهيا هوندا“.(سورة الدهر: 12،13).

تشريح: هتي صبر وڏي وسيع معنى ۾ استعمال ٿيو آهي. بلڪه حقيقت ۾ صالح مومنن جي سموري دنياوي زندگي کي ئي صبر جي زندگي قرار ڏنو ويو آهي. هوش سنڀالڻ يا ايمان آڻڻ کان پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪنھن شخص جو پنھنجي ناجائز خواهشن کي دٻائڻ، الله جي مقرر ڪيل حدن جي پابندي ڪرڻ، الله جي عائد ڪيل فرضن کي پورو ڪرڻ، الله جي خوشنوديءَ خاطر پنھنجو وقت، پنھنجو مال، پنھنجون محنتون، پنھنجون طاقتون، قابليتون ايستائين جو ضرورت پوڻ تي سندس جان به قربان ڪري ڇڏڻ، هر ان لالچ ۽ ترغيب کي ٺڪرائي ڇڏڻ جيڪا الله جي واٽ کان هٽائڻ لاءِ سامھون اچي، هر ان خطري ۽ تڪليف کي برداشت ڪرڻ جيڪا حق جي واٽ تي هلڻ ۾ پيش اچي، هر ان فائدي ۽ لذت کان دست بردار ٿيڻ، جيڪا حرام طريقي سان حاصل ٿئي هر ان نقصان ۽ رنج ۽ ايذاءَ کي سھي وڃڻ، جيڪو حق پرستي جي ڪري پھچي ۽ اهي سڀ ڪجهه الله تعالى جي ان وعدي تي ڀروسو ڪندي ڪرڻ، ته ان چڱي رويي جا نتيجا هن دنيا ۾ نه بلڪه مرڻ کان پوءِ ٻيءَ زندگيءَ ۾ ملندا. هي هڪ اهڙو طرز عمل آهي، جيڪو مومن جي پوري زندگيءَ کي صبر جي زندگي بڻائي ڇڏي ٿو. اهو هر وقت جو صبر آهي، دائمي صبر آهي ۽ سڄي عمر جو صبر آهي.

ان حوالي سان ٻين آيتن جو ترجمو ۽ تشريح:

”۽ ان (جنت) جا ميوا هر وقت انھن جي وس ۾ هوندا (جو جھڙيءَ طرح گهرن انھن کي پٽي وٺن) انھن جي اڳيان چاندي جا ٿانو ۽ شيشي جا پيالا ڦيرايا ويندا، شيشا به اهڙا جيڪي چاندي جي قسم جا هوندا. ۽ انھن کي (بھشت جي ڪارڪنن) پوري انداز سان ڀريو هوندو. انھن کي اتي اهڙي شراب جا جام پيارايا ويندا، جنھن ۾ سنڍ جي ملاوٽ هوندي. اهو بھشت جو هڪ چشمو هوندو، جنھن کي سلسبيل چيو ويندو آهي. سندن خدمت لاءِ اهڙا ڇوڪرا ڊوڙندا هوندا جيڪي سدائين ڇوڪرا ئي رهندا. تون انھن کي ڏسندين ته سمجھندين ته موتي آهن جيڪي پکيڙيا ويا آهن. اتي جيڏانھن به تون نظر ڊوڙائيندين ته تون نعمتون ئي نعمتون ۽ هڪ وڏي سلطنت جو ساز و سامان ڏسندين. انھن تي سنھي پَٽ جا ساوا ۽ اطلس ۽ ديبا جا ڪپڙا هوندا. کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا. ۽ سندن رب کين نھايت پاڪ شراب پياريندو. هي آهي توهان جي جزا ۽ توهان جي ڪارگذاري قدر جوڳي ٿي آهي. اي نبي اسان ئي توتي هي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي. تنھن ڪري تون پنھنجي پالڻھار جي حڪم تي صبر ڪر.“ (سورة الدهر: 14کان23)

تشريح: صورت زخرف آيت 17 ۾ ارشاد ٿيو آهي ته انھن جي اڳيان سون جا ٿانو ڦيرايا ويندا. ان مان معلوم ٿيو ته ڪڏهن اتي سون جا ٿانو استعمال ٿيندا ۽ ڪڏهن چاندي جا استعمال ۾ ايندا.

يعني اهي هوندا ته چانديءَ جا پر شيشي وانگر شفاف هوندا. چاندي جو اهو قسم دنيا ۾ موجود ناهي. اها صرف بھشت جي خصوصيت هوندي جو اتي شيشي جھڙا صاف شفاف ٿانوَ جنت وارن جي دسترخوان تي پيش ڪيا ويندا.

يعني هر شخص کي سندس خواهش مطابق پوري انداز سان جام ڀري ڏنا ويندا. اهي نه هن جي خواهش کان گهٽ هوندا ۽ نه وڌيل هوندا. ٻين لفظن ۾ جنت وارن جا خادم ايتري قدر هوشيار، تميز وارا ۽ پارکو هوندا جو اهي جنھن جي خدمت ۾ شراب جا جام پيش ڪندا، تنھن جي باري ۾ کين پورو اندازو هوندو ته هو ڪيترو شراب پيئڻ گهري ٿو.

عرب وارا جيئن ته شراب سان گڏ سنڍ مليل پاڻيءَ جي ملاوت کي پسند ڪندا هئا، تنھن ڪري فرمايو ويو ته اتي انھن کي اهو شراب پياريو ويندو، جنھن ۾ سنڍ جي ملاوٽ هوندي پر ان ملاوٽ جي صورت اها نه هوندي جو سنڍ ملائي پاڻي وڌو ويندو، بلڪه هي هڪ قدرتي چشمو هوندو، جنھن ۾ سنڍ جي خوشبوءِ ته هوندي پر ان جي ڪڙاڻ نه هوندي، ان ڪري ان جو نالو ’سلسبيل‘ هوندو. سلسبيل مان مراد اهڙو پاڻي آهي، جيڪو هلڪو مٺو، ۽ سوادي هئڻ ڪري نڙي مان سولائيءَ سان مٽي ويندو. مفسرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته هتي ’سلسبيل‘ جو لفظ ان چشمي لاءِ صفت طور استعمال ٿيو آهي ۽ نالي طور استعمال نه ٿيو آهي.

يعني دنيا ۾ ڪو شخص سچو فقير ئي ڇو نه هجي، جڏهن اهو پنھنجي چڱن عملن جي ڪري بھشت ۾ ويندو ته اتي اهڙي ٺٺ ٺانگر سان رهندو ڄڻ هو هڪ عظيم الشان سلطنت جو مالڪ آهي.

اهوئي ساڳيو مضمون سورة ڪھف آيت 31 ۾ گذري چڪو آهي ته ”اهي (يعني بھشت وارا) سنھا پَٽَ ۽ اطلس ۽ ديبا جا ساوا ڪپڙا پائيندا ۽ مٿاهين گدين تي وهاڻا لڳائي ويھندا“. ان بنا تي انھن مفسرن جي راءِ صحيح معلوم نٿي ٿئي جن هي خيال ظاهر ڪيو آهي ته ان مان مراد اهي ڪپڙا آهن، جيڪي انھن جي گدين يا پلنگن تي لٽڪيل هوندا يا انھن ڇوڪرن جو لباس هوندو، جيڪي انھن جي خدمت ۾ ڊوڙندا هوندا.

سورة ڪھف آيت 31 ۾ فرمايو ويو آهي ته (يُحَلَّوْنَ فِيْهَا مِنْ اَسَاوِرَ مِنْ ذَهَبٍ) اهي اتي سون جي ڪنگڻن سان سينگاريا ويندا“. اهو ئي مضمون سورة حج آيت 23 ۽ سورة فاطر آيات 33 ۾ به ارشاد ٿيو آهي. انھن سڀني آيتن کي ملائي ڪري ڏٺو وڃي ته ٽي صورتون ممڪن محسوس ٿين ٿيون، هڪ هي ته ڪڏهن اهي گهرندا ته سون جا ڪنگڻ پائيندا ۽ ڪڏهن گهرندا ته چانديءَ جا پائيندا. ٻئي شيون خواهش مطابق موجود هونديون. ٻي هي ته سون ۽ چانديءَ جا ڪنگڻ اهي هڪڙي ئي وقت ۾ پائيندا. ڇو جو ٻنھي کي ملائڻ سان سونھن وڌي وڃي ٿي. ٽين هي ته جنھن جي دل گهرندي سون جا ڪنگڻ پائيندو ۽ جنھن جي دل گهرندي سو چانديءَ جا ڪنگڻ پائيندو. رهيو هي سوال ته زيور ته عورتون پائينديون آهن. مردن کي زيور پارائڻ جو ڪھڙو موقعو آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته پراڻي زماني ۾ بادشاهن ۽ رئيسن جو طريقو هي هو ته اهي هٿن، ڳچي ۽ مٿي جي تاج ۾ قسمين قسمين جا زيور استعمال ڪندا هئا، بلڪه اسان جي زماني ۾ هندستان جي راجائن ۽  نوابن ۾ به رواج رهيو آهي. سورت زخرف ۾ بيان ٿيو آهي ته حضرت موسى جڏهن پنھنجي سادي لباس ۾ صرف هڪ لَٺ ساڻ کڻي فرعون جي درٻار  ۾ پھتو ۽ هن کي چيائين ته مان رب العالمين جو موڪليل پيغمبر آهيان ته هن پنھنجي درٻارين کي چيو ته هي عجيب سفير آهي، جيڪو اهڙيءَ حالت ۾ منھنجي سامھون آيو آهي يعني ”جيڪڏهن هي زمين ۽ آسمان جي بادشاهه طرفان موڪليو ويو هجي ها ته ڇو نه هن کي سون جا ڪنگڻ پارايا ويا؟ يا فرشتن جو ڪو لشڪر ئي ساڻس گڏ اردلي ۾ اچي ها.“

اڳ ۾ ٻن شرابن جو بيان گذري چڪو اهي. هڪ اهو جنھن ۾ ڪافور جي چشمي جي پاڻيءَ جي ملاوت هوندي. ٻيو اهو جنھن ۾ زنجبيل جي چشمي جي پاڻيءَ جي ملاوت هوندي. انھن ٻن شرابن کان پوءِ هاڻي وري هڪ شراب جو بيان ڪرڻ ۽ هي فرمائڻ ته سندن رب کين نھايت پاڪ شراب پياريندو، اها معنى رکي ٿو ته اهو ڪو ٻيو بھترين قسم جو شراب هوندو جيڪو الله تعالى جي طرفان خاص فضل طور کين پياريو ويندو.

قرآن مجيد ۾ ارشاد پاڪ آهي:

”الله جي تسبيح (پاڪائي) بيان ڪري رهي آهي هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي. انھيءَ جي بادشاهي آهي ۽ انھيءَ جي ئي ساراهه آهي ۽ اهو هر شيءِ تي وسوارو آهي. اهوئي آهي جنھن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ ڪو مومن، ۽ الله اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي جيڪي به توهان ڪريو ٿا. الله تعالى زمين ۽ آسمانن کي حق تي پيدا ڪيو آهي، ۽ توهان جي صورت ٺاهيائين ۽ ڏاڍي سھڻي بنايائين ۽ انھيءَ  ڏانھن آخرڪار توهان کي موٽڻو آهي. زمين ۽ آسمانن جي هر شيءِ جو کيس علم آهي. جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا، سڀ کيس معلوم آهي ۽ اهو دلين جو حال به ڄاڻي ٿو.“ (سورة التغابن: 1کان9).

تشريح: ڪائنات ۽ انسان جي جيڪا حقيقت بيان ڪئي وئي آهي سا هي آهي ته الله ئي ان جو خالق، مالڪ ۽ فرمانروا آهي. ان اها ڪائنات بي مقصد ۽ بي حڪمت نه ٺاهي آهي. ۽ انسان هتي غير ذمي دار ڪري نه ڇڏيو ويو آهي جو جيڪي وڻي سو ڪندو وتي، ڪو کانئس پڇاڻو ڪرڻ وارو نه هجي. ۽ ان ڪائنات جو فرمانروا ڪو بي خبر بادشاهه نه آهي جو سندس بادشاهي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هجي ان جو علم کيس نه هجي. هن مضمون جي بھترين تمھيد اهائي ٿي سگهي ٿي جيڪا هن مختصر فقري ۾ ارشاد ٿي آهي. موقعي ۽ محل جي لحاظ سان ان تمھيد اهائي ٿي سگهي ٿي جيڪا هن مختصر فقري ۾ ارشاد ٿيو آهي. موقعي ۽ محل جي لحاظ سان ان جي تمھيد جو مطلب هي آهي ته زمين کان وٺي آسمانن جي انتھائي وسعتن تائين جيڏانھن به نظر ڊوڙائيندو ۽ جيڪڏهن توهان عقل جا انڌا نه آهيو ته توهان کي پڌرو محسوس ٿيندو ته هڪ ذري کان وٺي تمام وڏين ڪھڪشائن تائين هر شيءِ نه رڳو خدا جي وجود تي شاهد آهي پر ان ڳالھه جي شاهدي به ڏيئي رهي آهي ته خدا هر عيب ۽ نقص ۽ ڪمزوري ۽ غلطي کان پاڪ آهي. سندس ذات ۽ صفات، ۽ سندس ڪمن ۽ حڪمن ۾ ڪنھن عيب و خطا،  يا ڪنھن ڪمزوري ۽ نقص جو ادنى درجي ۾ به ڪو احتمال هجي ها ته اهو ڪمال درجي جو حڪمت ڀريو نظام وجود ۾ به نه اچي ها، سو وري ڪيئن ازل کان ابد تائين اهڙي مضبوط طريقي سان هلي سگهي ها.

        اها سموري ڪائنات اڪيلي انھيءَ جي سلطنت آهي. اهو رڳو ان کي ٺاهي ۽ هڪ ڀيرو حرڪت ۾ آڻي ويھي نه رهيو آهي، پر ان تي هر گهڙي حڪومت ڪري رهيو آهي. ان حڪومت ۽ فرمانروائي ۾ ڪنھن ٻئي جو هرگز ڪو دخل يا ڀاڱو نه آهي. ٻين کي جيڪڏهن عارضي طرح ۽ محدود پيماني تي هن ڪائنات ۾ ڪنھن هنڌ تصرف (ڦير گهير) يا ملڪيت يا حڪمراني جا اختيار حاصل آهن ته اهي انھن جا ذاتي اختيار نه آهن جيڪي کين پنھنجي زور تي حاصل ٿيا هجن، پر اهي الله تعالى جا ڏنل آهن، جيستائين الله گهري اهي کين حاصل رهندا آهن ۽ جڏهن گهري اهو انھن کان کسي سگهي ٿو. الله تعالى اڪيلو تعريف جو حقدار آهي، ٻي جنھن هستي ۾ به ڪا تعريف جوڳي خوبي آهي سا انھيءَ جي عطا ڪيل آهي. ۽ جيڪڏهن حمد کي شڪر جي معنى ۾ ورتو وڃي ته شڪر جو به اصلي حقدار اهوئي آهي، ڇاڪاڻ جو سموريون نعمتون انھيءَ جون پيدا ڪيل آهن ۽ سموري مخلوق جو حقيقي محسن ان کان سواءِ ڪوبه ناهي. ٻي ڪنھن هستي جي ڪنھن احسان جو اسان ٿورو مڃيندا آهيون ته ان ڪري جو الله پنھنجي نعمت ان جي هٿان اسان تائين پھچائي، نه ته اهو خود نه نعمت جو پيدا ڪندڙ آهي، نه ئي الله جي توفيق کان سواءِ اهو اها نعمت اسان تائين پھچائي سگهندو. الله قادر مطلق آهي. جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهري، ڪري سگهي ٿو. ڪا طاقت ان جي قدرت کي محدود ڪرڻ واري ناهي. الله توهان جو خالق آهي، پوءِ توهان مان ڪو ان جي خالق هئڻ جو انڪار ڪري ٿو ۽ ڪو ان حقيقت کي مڃي ٿو. اهو مفھوم پھرين ۽ ٻئي فقري کي ملائي پڙهڻ سان پڌرو ٿئي ٿو. الله تعالى توهان کي اهڙي ريت خلقيو آهي جو توهان ڪفر اختيار ڪرڻ گهرو ته ڪري سگهو ٿا، ۽ ايمان آڻڻ گهرو ته آڻي سگهو ٿا. ايمان ۽ ڪفر مان ڪو اختيار ڪرڻ تي به ان توهان کي مجبور نه ڪيو آهي. ان ڪري پنھنجي ايمان ۽ ڪفر، ٻنھي جا توهان پاڻ ذميدار آهيو. ان مفھوم جي تائيد بعد وارو اهو فقرو ڪري ٿو ته ”الله اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي جيڪو توهان ڪريو ٿا.“ يعني ان اهو اختيار ڏيئي توهان کي امتحان ۾ وڌو آهي ۽ اهو ڏسي رهيو آهي ته توهان پنھنجي ان اختيار کي ڪھڙي ريت استعمال ڪريو ٿا.

        الله تعالى ته توهان کي سليم فطرت تي پيدا ڪيو هو جنھن جي تقاضا هي هئي ته توهان سڀ تي ايمان جي واٽ اختيار ڪريو ها، پر ان صحيح فطرت تي پيدا ٿيڻ کان پوءِ توهان مان ڪن ماڻھن ڪفر اختيار ڪيو جيڪو سندن خلقڻ ۽ پيدائش جي خلاف هو ۽ ڪن ايمان جي واٽ اختيار ڪئي جيڪا انھن جي فطرت جي مطابق هئي. اهو مضمون هن آيت کي سورة روم جي آيت 30 سان ملائي پڙهڻ سان سمجهه ۾ اچي  ٿو جنھن ۾ فرمايو ويو آهي ته ”هڪ منا ٿي پنھنجو رخ ان ڏانھن ڪريو، قائم ٿيو ان فطرت تي جنھن تي الله انسانن کي پيدا ڪيو آهي، الله جي بڻايل بناوٽ کي مٽيو نه وڃي، اهوئي بلڪل سڌو ۽ سچو دين آهي.“ ۽ انھيءَ مضمون تي اهي ڪيتريون حديثون روشني وجهن ٿيون جن ۾ نبي ﷺ جن هر هر هي فرمايو آهي ته هر انسان فطرت تي پيدا ٿئي ٿو ۽ بعد ۾ ٻاهران ڪفر، شرڪ ۽ گمراهي ان تي طاري ٿيندي آهي.

        هتي اها ڳالھه بيان جوڳي آهي ته، آسماني ڪتابن ڪڏهن به انسان جي پيدائشي گنھگار هئڻ جو اهو تصور پيش نه ڪيو آهي، جيڪو ڏيڍ هزار ورهين کان عيسائين پنھنجو عقيدو بنايو آهي. اڄ خود ڪيٿولڪ عالم هي چوڻ لڳا آهن ته بائيبل ۾ هن عقيدي جو ڪو بنياد موجود نه آهي. جيئن بائيبل جو هڪ مشھور جرمن عالم ريو رينڊ هربرٽ هاگ (Haag) پنھنجي تازي ڪتاب Is Original Sin in Scripture ۾ لکي ٿو ته شروعاتي دور جي عيسائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽين صدي تائين اهو عقيدو ماڳهين موجود ئي نه هو ته انسان پيدائشي گنھگار آهي ۽ جڏهن اهو خيال ماڻھن ۾ پکڙجڻ لڳو ته ٻن صدين تائن عيسائي ان جي ترديد ڪندا رهيا. پر آخرڪار پنجين صدي ۾ سينٽ آگسٽائن پنھنجي منطق جي زوي سان ان ڳالھه کي مسيحيت  جي بنيادي عقيدن ۾ شامل ڪري ڇڏيو: ”انسان ذات کي آدم جي گناهه جو بار ورثي ۾ مليو آهي ۽ مسيح جي ڪفاري جي صدقي ڇوٽڪارو لھڻ کان سواءِ ڇوٽڪاري جي ڪابه واٽ ناهي.“

        چوٿون مفھوم هي آهي ته، الله ئي توهان کي عدم کان وجود ۾ آندو آهي. توهان نه هئا ۽ پوءِ ٿي پيا. اهو هڪ اهڙو معاملو هو جو جيڪڏهن توهان ان تي سنئين ۽ صاف طريقي سان سوچ ويچار ڪريو ها ۽ هي ڏسو ها ته وجود ئي اها اصلي نعمت آهي جنھن جي صدقي توهان دنيا جي باقي ٻين نعمتن مان نفعو وٺي رهيا آهيو، ته توهان مان ڪو شخص به پنھنجي خالق جي مقابلي ۾ ڪفر ۽ بغاوت جو رويو اختيار نه ڪري ها. پر توهان مان ڪن ته سوچيو ئي نه، يا غلط طريقي سان سوچيو ۽ ڪفر جي واٽ اختيار ڪري ورتي، ۽ ڪن ايمان جو اهوئي رستو اختيار ڪيو جيڪو صحيح فڪر جي تقاضا هئي.

        ”ڏسڻ“ جو مطلب رڳو ڏسڻ ئي نه آهي، پر ان مان پاڻهي پاڻ اهو مفھوم نڪري ٿو ته جھڙا توهان جا عمل آهن، انھن مطابق توهان کي جزا يا سزا ڏني ويندي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ڪو حاڪم جيڪڏهن ڪنھن شخص کي پنھنجي نوڪري ۾ وٺي هي چئي ته ”مان ڏسان ٿو ته تون ڪھڙي ريت ڪم ڪرين ٿو“ ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته چڱي ريت ڪم ڪندين ته توکي انعام ۽ ترقي سان نوازيندس، نه ته تنھنجي سخت پڪڙ ٿيندي. هتي ٽي ڳالھيون ترتيب سان بيان ڪيون ويون آهن جن جي وچ ۾ هڪ تمام ڳوڙهو منطقي ربط آهي.

        پھرين ڳالھه اها فرمائي وئي ته، الله تعالى هي ڪائنات برحق پيدا ڪئي آهي. ”برحق“ جو لفظ جڏهن خبر لاءِ ڳالھايو ويندو آهي ته مراد هوندي آهي سچي خبر. حڪم لاءِ ڳالھايو ويندو آهي ته مطلب هوندو آهي، عدل ۽ انصاف تي مبني حڪم. قول (ڳالھه) لاءِ ڳالھائبو آهي ته مقصود هوندو آهي سچو ۽ درست قول ۽ جڏهن ڪنھن فعل لاءِ اهو لفظ استعمال ٿيندو آهي ته مراد اهڙو فعل هوندو آهي جيڪو حڪمت ڀريو ۽ معقول هجي ۽ اجايو ۽ فضول نه هجي. هاڻي هي ظاهر آهي ته خلق (پيدا ڪرڻ) هڪ فعل آهي، ان ڪري ڪائنات جي تخليق کي برحق چوڻ جو مطلب لازمي هي آهي ته اها ڪائنات ڪا راند خاطر نه ٺاهي وئي آهي پر اها حڪيم (حڪمت واري) خالق جو نھايت سنجيده ڪم آهي. ان جي سڀڪا شيءِ پنھنجي پويان هڪ معقول مقصد رکي ٿي، ۽ اهو مقصد ان ۾ ايترو ته پڌرو آهي ته جيڪڏهن ڪو عقلمند انسان ڪنھن شيءِ جي نوعيت کي چڱي ريت سمجهي وٺي ته اهو ڄاڻڻ ان لاءِ مشڪل نٿو رهي ته اهڙي هڪ شيءِ جي خلقڻ جو معقول ۽ حڪمت ڀريو مقصد ڪھڙو ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ انسان جي سموري سائنٽيفڪ ترقي ان ڳالھه جي شاهدي ڏيئي رهي آهي ته جنھن شيءِ جي نوعيت کي به انسان غور و فڪر ۽ کوجنا ۽ جاچ جونچ سان سمجھي ورتو ته ان جي باري ۾ اها ڳالھه کيس آخر معلوم ٿي وئي ته اها ڪھڙي مقصد لاءِ ٺاهي وئي آهي، ۽ ان مقصد کي سمجھي ڪري ئي انسان اهي بيشمار شيون ايجاد ڪري ورتيون جيڪي اڄ انساني تمدن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. اها ڳالھه هرگز ممڪن نه هجي ها، جيڪڏهن اها ڪائنات ڪنھن رانديگر جو رانديڪو هجي ها، جنھن ۾ ڪا حڪمت ۽ مقصد ڪم ڪندڙ نه هجي ها.

        ٻي ڳالھه هي فرمائي وئي ته هن ڪائنات ۾ الله تعالى انسان کي بھترين صورت تي پيدا ڪيو آهي. صورت مان مراد رڳو انسان جو چھرو (مھانڊو) نه آهي، پر ان مان مراد ان جي پوري جسماني بناوت آهي. ۽ اهي قوتون ۽ صلاحيتون پڻ ان جي مفھوم ۾ شامل آهن جيڪي هن دنيا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھو کي بخشيون ويون آهن. انھن ٻنھي حيثيتن سان انسان کي زمين جي مخلوق ۾ سڀني کان بھترين بنايو ويو آهي، ۽ انھيءَ ڪري اهو ان لائق ٿيو آهي جو ان سڀ موجودات تي حڪمراني ڪري جيڪا زمين ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ آهي. کيس اُڀو قد ڏنو ويو. کيس هلڻ لاءِ تمام مناسب پير ڏنا ويا. کيس ڪم ڪرڻ لاءِ موزون ترين هٿ ڏنا ويا.  کيس اهڙا حواس ۽ اهڙا علم جا اوزار ڏنا ويا جن جي وسيلي اهو هر قسم جي معلومات حاصل ڪندو آهي. کيس سوچڻ سمجهڻ ۽ معلومات کي گڏ ڪري ان مان نتيجا ڪڍڻ لاءِ  هڪ اعلى درجي جو ذهن ڏنو ويو. کيس هڪ اخلاقي حس ۽ تميز ۽ فرق ڪرڻ جي قوت ڏني وئي، جنھن جي ڪري اهو ڀلائي ۽ برائي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪندو آهي. ان کي فيصلي جي هڪ قوت ڏني وئي آهي، جنھن مان ڪم وٺي اهو پنھنجي عمل جي واٽ پاڻ چونڊيندو آهي ۽ هي طئي ڪندو آهي ته پنھنجي ڪوششن کي ڪھڙي رستي تي لڳائي ۽ ڪھڙي تي نه لڳائي. کيس ايتري قدر آزادي ڏني وئي آهي جو وڻيس ته پنھنجي خالق کي مڃي ۽ سندس بندگي ڪري ۽ نه ته انڪار ڪري ڇڏي، يا جن کي وڻي پنھنجو خدا بنائي وٺي، يا جنھن کي خدا مڃيندو هجي ان جي خلاف به بغاوت ڪرڻ گهري ته ڪري ويھي. ان سڀني قوتن ۽ انھن اختيارن سان گڏ کيس خدا پنھنجي پيدا ڪيل بيشمار مخلوق تي تصرف ڪرڻ (اختيار هلائڻ) جو اقتدار ڏنو آهي ۽ اهو عملي طرح ان اقتدار کي استعمال ڪري رهيو آهي.

        انھن ٻن ڳالھين مان جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن، بلڪل هڪ منطقي نتيجي طور اها ٽين ڳالھه ازخود نڪري ٿي، جيڪا آيت جي ٽين فقري ۾ ارشاد ٿي آهي ته ”انھيءَ ڏانھن آخرڪار توهان کي موٽڻو آهي.“ ظاهر ڳالھه آهي ته، جڏهن ڪائنات جي بامقصد ۽ حڪمت ڀريي نظام ۾ هڪ اهڙي بااختيار مخلوق پيدا ڪئي وئي آهي، ته حڪمت جي تقاضا هرگز اها ناهي ته ان کي هتي ڇڙواڳ اٺ وانگر غيرذميدار بنائي ڇڏيو وڃي. پر ان جي لازمي تقاضا اها آهي ته هي مخلوق ان هستي جي سامھون جوابده هجي، جنھن کيس انھن اختيارن سان پنھنجي ڪائنات ۾ اهو مقام ۽ مرتبو عطا ڪيو آهي. ”موٽڻ“ مان مراد هن آيت ۾ رڳو موٽڻ ناهي پر جواب دهي لاءِ موٽڻ آهي، ۽ بعد وارين آيتن ۾ پڌرائي ڪئي وئي آهي ته اهو موٽڻ هن حياتي ۾ ناهي، پر مرڻ کان پوءِ ٻي حياتي ۾ هوندو ۽ ان جو اصلي وقت اهو هوندو جڏهن پوري انسان ذات کي نئين سر زنده ڪري هڪ ئي وقت ۾ پڇاڻي لاءِ گڏ ڪيو ويندو، ۽ ان پڇاڻي جي نتيجي ۾ جزا ۽ سزا ان بنياد تي هوندي ته انسان خدا جي ڏنل اختيارن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو يا غلط طريقي سان. باقي رهيو اهو سوال ته اها جواب دهي دنيا جي موجوده زندگي ۾ ڇونٿي ٿي سگهي؟ ۽ ان جو صحيح وقت مرڻ کان پوءِ ٻي زندگي ۾ ئي ڇو آهي؟ ۽ اهو ڇو ضروري آهي ته اها جواب دهي ان وقت ٿئي جڏهن سموري انسان ذات هن دنيا ۾ ختم ٿي وڃي ۽ سڀني پھرين ۽ پوين کي هڪ ئي وقت ۾ ٻيھر زنده ڪري گڏ ڪيو وڃي؟ انسان ٿورڙو به عقل کان ڪم وٺي ته اهو سمجهي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه سراسر معقول آهي ۽ حڪمت ۽ دانش جي تقاضا اهائي آهي ته پڇاڻو ٻي حياتي ۾ ئي ٿئي ۽ سڀني انسانن جو هيڪاندو ٿئي. ان جو پھريون ڪارڻ هي آهي ته انسان پنھنجي پوري حياتي جي ڪارنامن لاءِ جوابدهه آهي. ان ڪري ان جي جواب دهي جو صحيح وقت لازمي اهو ئي هئڻ گهرجي جڏهن ان جي زندگي جو ڪارنامو مڪمل ٿي ويو هجي ۽ ٻيو ڪارڻ هي آهي ته انسان انھن سڀني اثرن ۽ نتيجن جو ذميدار آهي جيڪي ان جي فعلن سان ٻين جي زندگي تي مرتب ٿيا هجن، ۽ اهي اثر ۽ نتيجا ان جي مرڻ سان ختم نه ٿي ويندا آهن پر ان کان پوءِ ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن. ان ڪري صحيح محاسبو (پڇاڻو) انھيءَ وقت ٿي سگهندو جڏهن پوري انسان ذات جي زندگي جو ڪارنامو پورو ٿي وڃي ۽ سڀ اولين ۽ آخرين هڪ ئي وقت ۾ جوابدهي لاءِ گڏ ڪيا وڃن. ٻيو ترجمو هي به ٿي سگهي ٿو ته ”جيڪي ڪجهه توهان لڪي ڪريو ٿا ۽ جيڪي ڪجهه توهان کليو کلايو ڪري ٿا.“

        يعني الله تعالى انسان جي رڳو انھن عملن کان ئي واقف ناهي جيڪي ماڻھن جي علم ۾ ايندا آهن پر انھن عملن کي به ڄاڻي ٿو، جيڪي سڀني کان لڪل رهندا آهن. وڌيڪ اهو رڳو عملن جي ظاهري شڪل کي ئي نه ٿو ڏسي پر اهو به ڄاڻي ٿو ته انسان جي هر عمل جي پويان ڪھڙو ارادو ۽ ڪھڙو مقصد ڪم ڪري رهيو هو ۽  جيڪي ڪجهه ان ڪيو، ڪھڙي نيت سان ڪيو ۽ ڇا سمجھندي ڪيو، اها هڪ اهڙي حقيقت آهي،  جنھن تي انسان غور ڪري ته کيس اندازو ٿي سگهي ٿو ته انصاف رڳو آخرت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ رڳو خدا جي عدالت ۾ ئي صحيح انصاف ٿيڻ ممڪن آهي. انسان جو عقل خود اها تقاضا ڪري ٿو ته ماڻھوءَ کي سندس هر ڏوهه جي سزا ملڻ گهرجي، پر آخر اها ڳالھه ڪير نٿو ڄاڻي ته دنيا ۾ گهڻائي ڏوهه يا ته لڪل رهجي وڃن ٿا يا انھن جي پوري شاهدي نه ملڻ سببان ڏوهي ڇٽي ويندو آهي، يا ڏوهه پڌرو به ٿي ويندو آهي ته ڏوهي ايترو با اثر ۽ طاقتور هوندو آهي جو کيس سزا نه ٿي ڏني وڃي. وري انسان جو عقل هي گهري ٿو ته ماڻھوءَ کي رڳو ان ڪري سزا نه ملڻ گهرجي ته ان جي فعل جي صورت هڪ ڏوهه جي فعل جھڙي آهي، پر اها تحقيق ٿيڻ گهرجي ته جيڪو فعل ان ڪيو، سو ارادي سان سوچي سمجهي ڪيو آهي. اهو ڪرڻ وقت هو هڪ ذميدار عامل جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو، سندس نيت سچ پچ ڏوهه ڪرڻ جي هئي، ۽ اهو ڄاڻندو هو ته جيڪي اهو ڪري رهيو آهي سو ڏوهه آهي. انھيءَ ڪري دنيا جون عدالتون ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ ۾ انھن ڳالھين جي تحقيق ڪنديون آهن، ۽ انھن جي تحقيق کي انصاف جي اصول جي تقاضا مڃيو وڃي ٿو. پر ڇا واقعي دنيا ۾ ڪو ذريعو اهڙو آهي جنھن سان انھن جي پوري پوري تحقيق ٿي سگهي جيڪا هر شڪ ۽ شبھي کان مٿاهين هجي؟ ان لحاظ سان ڏٺو وڃي ته اها آيت به الله تعالى جي ان ارشاد سان ڳوڙهو ربط رکي ٿي ته ”ان زمين ۽ آسمان کي برحق پيدا ڪيو آهي.“ برحق پيدا ڪرڻ جي لازمي تقاضا هي آهي ته هن ڪائنات ۾ صحيح ۽ پورو عدل هجي. اهو عدل انھيءَ صورت ۾ ئي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن عدل ڪرڻ واري جي نظر کان انسان جھڙي ذميدار مخلوق جو نه رڳو هي ته ڪو فعل لڪل نه رهي بلڪه اها نيت به ان کان لڪل نه رهي جنھن سان ڪنھن ماڻھو ڪو فعل ڪيو هجي ۽ ظاهر آهي ته ڪائنات جي خالق کان سواءِ ڪا ٻي هستي اهڙي نه ٿي ٿي سگهي جيڪا ان قسم جو عدل ڪري سگهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص الله ۽ آخرت جو انڪار ڪري ته اهو ڄڻ اها دعوى ڪري ٿو ته اسان هڪ اهڙي ڪائنات ۾ رهون ٿا جيڪا حقيقت ۾ انصاف کان خالي آهي، بلڪه جنھن ۾ ماڳھين انصاف جو ڪو تصور ئي نه آهي. ان بيوقوفاني خيال تي جنھن شخص جو عقل ۽ جنھن جي دل ۽ ضمير مطمئن هجي، سو وڏو ئي نادان آهي جيڪڏهن اهو پنھنجو پاڻ کي ترقي پسند يا عقليت پسند سمجھندو هجي ۽ انھن ماڻھن کي تاريڪ خيال يا رجعت پسند سمجھي جيڪي ڪائنات جي ان انتھائي معقول (Rational) تصور کي قبول ڪندا آهن جنھن کي قرآن پيش ڪري رهيو آهي.

جنت جي باري ۾ قرآني آيتون ۽ حديثون:

(1) جنت هڪ حيرت انگيز جاءِ آهي: قيامت ۽ جھنم جو احوال توهان پڙهيو. هاڻ جنت جو (جيڪا مومنن جي ابدي آرمگاهه آهي) قرآني آيتن جي روشني ۾ نظارو ڪريون.

(2)”جنت وارا جيڪي چاهيندا سو ملندن“، ”۽ جيڪي هو گهرندا، سو کين ملندو.“ (النحل: 31)

(3) جنت وارن لاءِ حيرت انگيز نعمتون لڪائي رکيل آهي. ”ڪوبه نه ٿو ڄاڻي ته انھن جي اکين جي ٺار جون ڪھڙيون شيون، انھن لاءِ لڪائي رکيون ويون آهن. سندن عملن جي بدلي ۾ ڀرپور انعام طور.“ (سورة السجده: 17)

(4) جنت وارن کي اهي نعمتون ڏنيون وينديون، جيڪي انھن جي وهم، گمان ۽ خواب خيال ۾ به نه هونديون ”جنھن کي نه ڪنھن اک ڏٺو هوندو نه ڪنھن ڪن ٻڌو هوندو ۽ نه ڪنھن  ماڻھوءَ جي دل ۾ ان جو خيال آيو هوندو.“ (الصحيح بخاري).

(5)جنت وارا پنھنجي ڪٽنب سان گڏ خوشيون ملھائيندا. ”۽ هو خوشي خوشي پنھنجن گهروارن ڏانھن موٽندا.“ (الانشقاق: 9).

”سندن اولاد به (ڪنھن درجي ۾) سندن ايمان جي پيروي ڪئي هوندي ته اسان سندن اولاد کي به انھن سان گڏي ڇڏينداسون.“ (الطور: 21)

”اتي توهان جي دل جيڪو چاهيندي، توهان کي ملندو توهين جيڪي به گهرندا، سو توهان جو هوندو.“ (حم السجده: 31)

(6) معلوم انعامن کان سواءِ نامعلوم انعام به ڏنا ويندا. ”۽ اسان وٽ، ان کان به وڌيڪ (ڏيڻ لاءِ) آهي.“ ( ق: 35)

(7)جنت جون مادي نعمتون: جنت ابدي زندگي ۽ لازوال بادشاهيءَ جو نالو آهي. ”ڇا توهان کي هميشه جي زندگي ۽ لازوال بادشاهيءَ جو اهو وڻ نه ٻڌايان.“ (طٰـــھٰ: 120)

(8) جنت هميشه رهڻ ۽ بيشمار بخششن جو نالو آهي. ”اهي هميشه ان ۾ رهندا“ (النساء: 169)

”ابدي ۽ هميشه جو ٺڪاڻو آهي.“ (الکھف: 3)

”کين اهڙي بخشش ملندي، جنھن جو سلسلو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.“ (هود: 108)

(9) جنت ۾ دائمي ميوا ۽ دائمي ڇانوَ هوندي. ”ان جا ميوا ۽ ڇانوَ دائمي آهي“. (الرعد: 35)

(10) جنت ۾ بنا جھل پل ميوا، هر وقت ۽ هر  موسم ۾ ملندا. ”۽ جهجها ميوا جيڪي نه ڪڏهن ختم ٿيندا ۽ نه روڪيا ويندا.“ (نه ٿعة: 32،33)

(11) جنت وارن لاءِ نه ختم ٿيندڙ  اجر آهي.”انھن لاءِ نه ختم ٿيندڙ اجر آهي.“ (التين: 6)

(12) جنت وارن لاءِ جنت ۾ ڪو به غم نه هوندو. ”انھن کي اتي ڪا به تڪليف نه ٿيندي“. (الحجر: 48)

(13) جنت جون روحاني نعمتون.جنت ۾ مادي نعمتن (ميون، محلن، اهم طعامن شرابن جون نھرون وغيره) کانسواءِ روحاني نعمتون به آهن جن ۾ سڀ کان اهم شيءِ الله جو قرب ۽ الله جو ديدار آهي.

(14) جنت ۾ حسد ۽ ساڙ نه هوندو.

”(ان جنت ۾) اهي امن ۽ سلامتي کان سواءِ ڪا به (ٻي) بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا.“ (مريم: 62)

”۽ انھن جنت واسين جي دلين ۾ جيڪو ڪينو هوندو ته اهو اسين ڪڍي ڇڏينداسون. اهي پاڻ ۾ ڀائر ٿي تختن تي هڪٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا.“ (الحجر: 47)

(15) جنت، رحمت جي جاءِ آهي. ”۽ اهي ماڻھو جن جا منھن ٻھڪندڙ هوندا سي الله جي رحمت ۾ هوندا.“ (آل عمران: 107)

(16) جنت سلامتي جو گهر. ”انھن لاءِ سندس رب وٽ سلامتي جو گهر آهي“. (الانعام: 127)

”۽ الله توهان کي سلامتيءَ جي گهر (جنت) ڏانھن سڏي ٿو.” (يونس: 25)

”اهي رڳو سلام سلام ئي چوندا رهندا.“ (نه ٿعة: 26)

(17) جنت نور جي جاءِ آهي.”انھن جو نور سندن اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان ڊوڙندو رهندو.“ (التحريم: 8)

(18) جنتين لاءِ پاڪ جوڙا هوندا. ”۽ انھن کي اتي پاڪ جوڙا ميسر هوندا.“ (آل عمران: 15)

(19)جنت ۾ ”پاڪ شراب“ سان سندن مھمان نوازي ڪئي ويندي. جنتين جي پاڪ شراب سان تواضع ڪئي ويندي، سوره الدهر ۾ ان مھمان نوازي جا ٽي درجا بيان ڪيا ويا آهن. پھرين درجي وارن لاءِ ”يشربون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي يعني جنت ۾ شراب رکيل هوندو ۽  ماڻھو پاڻ اتان کڻي استعمال ڪندا. ٻئي درجي وارن لاءِ ”يسقون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي يعني خدمتگار انھن کي شراب پياريندا. ٽئين درجي يعني سڀ کان اعلى درجي وارن ماڻھن کي الله تعالى شراب پياريندو. جنھن جي لاءِ ”سقھم ربھم“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.

”شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جنھن ۾ ڪافور جي ملاوٽ هوندي.“ (الدهر: 5)

”انھن کي اتي اهڙي شراب جا جام پياريا ويندا، جنھن ۾ سُنڍ جي ملاوٽ هوندي.“ (الدهر: 17)

”۽ انھن جو رب کين پاڪ شراب پياريندو.“ (الدهر: 21)

(20) جنت ۾ الله جو قرب نصيب ٿيندو . ”بيشڪ متقي باغن ۽ نھرن ۾ هوندا ۽ قادر مطلق بادشاهه (الله) وٽ عزت واري جاءِ ۾ (هوندا)“.  (القمر؛ 54،55)

جنت ۾ ديدارِ الاهي مان فيضياب ٿيندا.  ”ان ڏينھن ڪي منھن تازه نوان هوندا. پنھنجي رب ڏانھن ڏسي رهيا هوندا.“ (القيامة: 22،23)

        شال الله تعالى اسان سڀني کي جنت جون مادي ۽ روحاني نعمتون نصيب فرمائي. نبي ڪريم ﷺ جن جي قربت ۽ پنھنجي ديدار جو شرف عطا فرمائي ۽ اهڙن عملن جي توفيق عطا فرمائي جن سان اهو مرتبو حاصل  ٿي سگهي. آمين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org