|
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

جھول ماڙي
(ڄام تماچيءَ جي ماڙي)
سنڌ ساڻيھه ماضيءَ ۾ گهڻو سکيو ستابو رهيو آهي،
تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان به گهڻو مانائتو ۽
مٿانھون رهيو آهي. اڄ به ڪيترائي قديم ڪوٽ، قلعا،
محل، ماڙيون، بھترين رٿابنديءَ سان جوڙيل شھر ۽
وسنديون، هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ جا چٽا ثبوت ڏين
ٿيون. سنڌ ساڻيھه جي ٻين هنڌن وانگر ننگر ٺٽي وارو
علائقو به انھيءَ لحاظ کان گهڻو اڳڀرو رهيو آهي.
اڄ به اونگر، ٻڌڪا، جهرڪ، ماجيراءِ ماڙي، سونڊا،
سونھري، هيلايا، پليجاڻو، ڪينجهر ڪنارن تي ڪوٽن،
قلعن، محلن ۽ ماڙين جا نشان، هيم ڪوٽ،رود مڪان،جنت
واريون بٺيون، پليجاڻو، چليا، جهول وارو ٺڪراٺو،
جهول ماڙي، مڪلي،ساموئي، هالاٺ، ڪلاڪوٽ، گجو،
ڀنڀور، پير پٺي وارو ديول، محمد طور، رڙي، نند
ڪوٽ، رتو ڪوٽ، قديم سامونڊي بندرن ۽ ٻين ماڳن
مڪانن جا آثار اڃان تائين به ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ
موجود آهن. هتي
موضوع جهول ماڙي آهي، جنھن کي ڄام تماچيءَ جي ماڙي
به چيو وڃي ٿو.
درياھه بادشاهه (سنڌوءَ) جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ
وهڪرو چليا ٽڪريءَ جي ڏکڻ ڇيڙهي تي سُونھڻي واري
لٺ بٺيءَ وٽان الڳ ٿي، مريد فقير جي درگاهه جي ڏکڻ
اولھه کان ڦرندو، ساريجي ٽڪري(1) کوهي
ڍنڍ ۽ ڄاڃڪي کان موڙ کائيندو، هن ڍنڍ وٽان وڪڙ
ڪندو، اڳتي وڃي ساموئيءَ کان ٿيندو،گهاري وٽان
گذري، ڀنڀور وٽان ڦرندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
هي وهڪرو ڪلريءَ جي نالي سان مشھور هو. هي اهو ئي
وهڪرو آهي، روايتن موجب جنھن مان سسئي صندوق ۾
لڙهندي، ڀنڀور وٽ ڪناري لڳي ۽ محمد کٽيءَ جي هٿن
تائين پھتي. هي اهو ئي وهڪرو آهي، جيڪو پندرهين
صديءَ جي آخر ۾ جڏهن گهٽجي ويو هو تڏهن هن جي منھن
وٽان ڄام نظام الدين سمي جي وزير دولھه دريا خان
واهه کوٽائي پاڻي اڳتي ساڪري تائين رسايو هو. هي
واهه ’خان واهه‘ جي نالي سان مشھور ٿيو.(2)
اهو وهڪرو نه رُڳو آڳاٽن نقشن ۽ تاريخ جي ڪتابن
۾ڏيکاريل آهي پر انھيءَ سڄي وهڪري جا نشان اڄ به
چٽا ۽ ۽ پڌرا آهن. جنھن هنڌ تي هيءَ ڍنڍ موجود
آهي، اُتي ٻئي پاسي يعني اُتر طرف کان جبل آهي،
انھيءَ وڪڙ ۾ درياھه اچي جهول هڻندو هو. هيءُ
علائقو هيٺانھون ٿي هڪ ڍنڍ بڻجي پيو. هي وهڪرو سما
دور ۾ پندرهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن تائين وهندو
رهيو. جڏهن درياهه اهو وهڪرو تبديل ڪري ويو ته
انھيءَ هنڌ تي هڪ سھڻي ڍنڍ جُڙي پئي. توڙي جو
درياهه گهڻو آڳاٽو اهو وهڪرو تبديل ڪري ڏکڻ طرف
وهڻ لڳو هو، پر سانوڻيءَ جي مند ۾ انھيءَ وهڪري
وٽان هڪ ڇاڙهه وهي، اچي جهول ڍنڍ کي ڀريندي، هالاٺ
۽ گُجي کان ڦرندي، اڳتي نڪري ويندي هئي. جڏهن
1918ع واري زلزلي جي نتيجي ۾ سامونڊي ۽ درياهي
ڦيرڦار ٿي ته اها ڇاڙهه اڳتي وڃڻ ته بند ٿي وئي،
پر جهول ڍنڍ تائين پوءِ به هر سال سانوڻيءَ جي مند
۾ وهي اچي، هن ڍنڍ ۾ پوندي هُئي ۽ مينھوڳيءَ جي
مند ۾ مينھن جو پاڻي به جبلن تان وهي اچي، هن ڍنڍ
۾ پوندو هو. اهڙيءَ ريت هيءَ ڍنڍ سدائين مٺي
پاڻيءَ سان ڀري پئي ڇوليون هڻندي هُئي.سن 1932ع
کان پوءِ اها ڇاڙهه به بند ٿي وئي،پوءِ رڳوبرساتن
جو پاڻي ايندو رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن درياهه ڇاڙهه
به اچي پوندي هئي. 1957ع ۾ جڏهن غلام محمد بئراج
ڪنجهر ۾ وجهي، ڪينجهر ڍنڍ جي اولھه طرف کان درياهه
جي پراڻي ڦٽل نار کي سڌاري واهه ڪڍيو ويو، تڏهن
جهول ڍنڍ ۽ هن علائقي ۾ گهڻي ڦير ڦار آئي، تنھنڪري
سانوڻيءَ جي مند ۾ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن درياهه جو پاڻي
وهي اچي جهول ڍنڍ کي ڀري سائو سڻائو ڪندو هو، سو
به رُڪجي ويو،پوءِ نه ئي ڪي اُهي مينھن به رهيا،
جيڪي هن ڍنڍ کي ڀرڻ ۾ گهڻي مدد ڪندا هئا. اهڙيءَ
ريت هيءَ سھڻي ڍنڍ 1958ع کان پوءِ رڳو پنهنجي
تباهيءَ ڏانھن وڌندي رهي آهي. ۽ هاڻي ته سنسان
بڻجي وئي آهي. هاڻي هن ڍنڍ ۾ فقط ٿورو گهڻو مينھن
جو پاڻي پئي ٿو، باقي رڳو سم جو گندو پاڻي پئجي
ڍنڍ ته ڍنڍ پر آسپاس کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
جهول ماڙي ڪٿي آهي؟ اسان جا ڪي دوست، سونڊا شھر
کان ست ڪلو ميٽر اُتر طرف، سونھري ڍنڍ جي ڪناري
وارن قديم آثارن کي جهول ماڙي لکي ۽ ڄاڻائي چڪا
آهن. اُهي آثار جيڪي 1957ع ۾ غلام محمد بئراج کي
ڪينجهر ۾ ڇڏڻ، بچاءُ بند ٻڌي، ڪينجهر ۽ سونھريءَ
کي ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪري هاڻي پاڻيءَ جي وچ ۾ آهن.
هاڻي انھن آثارن تائين پھچڻ لاءِ گندرا ڳوٺ کان
ٻيڙيءَ رستي وڃڻو پوندو. حقيقت ۾ اُهي آثار به
گهڻو آڳاٽا آهن، اهي جهول ماڙيءَ جا نه پر هڪٻئي
ماڳ جا آثار آهن. سن 1957ع کان اڳ ۾ جن ماڻھن اُهي
آثار چٽيءَ طرح ڏٺا هئا، تن جي شاهدين موجب ۽ پڻ
هاڻوڪي صورتحال جانچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي
آثار اهڙا آهن جنھن جو ڪافي حصو زيرِ زمين سُرنگهه
نما جڙيل آهي. جڏهن ته هاڻ ان ٽڪريءَ وارا آثار ۽
سُرنگهه وارو حصو ئي وڃي باقي رهيو آهي. هتي هيءَ
حقيقت به چٽي ڪجي ته، جهول ماڙي جهول ڍنڍ تي هئي،
جنھن جا آثار اڄ به موجود آهن.
حقيقت ۾ ’جهول ماڙي‘ ڪينجهر ڍنڍ کان اٽڪل چار ڪلو
ميٽر اولھه ۾ قديم ماڳ ’چليا‘ کان به ڇھه ڪلو ميٽر
اُتر اولھه طرف ۽ ڇتي چنڊ کان پنج ڪلوميٽر اُتر
طرف جهول
ڍنڍ جي ڪناري تي هئي،جتي سندس آثار اڄ به چٽا
موجود آهن. جهول ماڙيءَ جي اُتي هئڻ جو وڏو ثبوت
اهو به آهي ته اُتي ئي اٽڪل پنجٽيھن ايڪڙن تي
مشتمل هڪ قديم ڍنڍ اڄ به موجود آهي،جنھن جو نالو
ئي ’جهول ڍنڍ‘ آهي سرڪاري رڪارڊ ۾ به ساڳي نالي
سان درج ٿيل آهي. جھول ڍنڍ جي نسبت سان ئي هن کي
’جهول ماڙي‘سڏيو وڃي ٿو.
بيهڪ:
جهول ماڙي 24.858947222 ويڪرائي ۽ 67.957733333
ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. جهول ماڙي جنھن ڍنڍ تي آهي، ان
ڍنڍ جي بيھڪ به ڏاڍي خوبصورت آهي. ٻن طرفن يعني
اُتر ۽ اولھه طرفن کان جبل جون ٽڪريون آهن، فقط
ڏکڻ ۽ اوڀر وارو پاسو کليل ۽ ڪچي وارو آهي، جتان
سنڌوءَ جو وهڪرو وهي اچي منجهس پوندو هو. اوڀر طرف
اٺن ڪلوميٽرن تي ڪينجهر ڍنڍ آهي. جهول ماڙي ڍنڍ جي
اُترئين ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هئي/آهي.
وڃڻ لاءِ رستو:
جهول
ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ ٻه رستا آهن. پھريون رستو جيڪو
وڌيڪ سولو آهي، اهو ڇتي چنڊ کان نڪري ٿو. ڇتي چنڊ
کان ڪراچي ويندڙ رستي جي اوڀارين ڪناري سان پٽڙي
ڏيئي، ڳوٺ خان جاکري کان اُتر طرف جهمپير ويندڙ
روڊ وٺي اڳتي نڪري، آر،بي،او،ڊي ۽ ڪينجهر گجو
ڪئنال ٻئي واهه لنگهي، ڳوٺ حاجي عثمان هيجب ڇڏي،
ڳوٺ رمضان هيجب کان ٿورو اڳيان هڪ ڪچو روڊ اوڀر
طرف نڪري ٿو، اهو روڊ سڌو جهول ماڙيءَ واري ٽڪريءَ
وٽ وڃي رسائي ٿو. ٻيو رستو چليا کان اتر طرف ويندڙ
روڊ سان نڪري،ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ آر.بي.ڊي واهه پار
ڪري ’چليا پيپر مل‘ وٽان اولھه طرف ڀنڀرن جي ڳوٺ
ڏانھن ويندڙ رستو ڦرندو جهول ماڙيءَ تائين رسي ٿو
، اهو ئي قديم رستو آهي. ان رستي سان قديم ڄاڃڪو
قبرستان آهي.
نالو:
جهول ماڙيءَ جو نالو جهول ڍنڍ جي ڪري پيو آهي.
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ جهول جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي:
”جهول: ث. ذ. درياهه جي پاڻي يا وهڪري جي اونھي
کاڌ وارو هنڌ (جنھن ۾ درياهه جي لاٿ بعد به پاڻي
بيھي رهندو آهي)، ’نه ڪنھن جهولَ جهَلِي، هُئِي
سَمَن پُوري سُھڻِي، (شاهه)، درياهه جي وهڪ وارو
پاسو، درياهه جو اونھي پاڻي وارو هنڌ (جتان ٻيڙيءَ
کي سولائي سان ڪڍي نه سگهجي). هڪ هنڌ بيٺل اونھون
پاڻي، هيٺاهين زمين,
جِهمَ.‘ (3) مطلب ته جهول ماڙيءَ تي
جهول واري هنڌ جي نسبت سان ئي نالو پيو آهي.
جھول ماڙيءَ جا آثار:
جهول
ڍنڍ جي اُترئين ڪناري تي لڳو لڳ، سوين فوٽ اوچي
ٽڪري آهي، جنھن تي ئي جهول ماڙيءَ جا قديم آثار
آهن. انھن ئي آثارن کي هتي جا ماڻھو ’جهول ماڙي‘
يا ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ جي نالي سان سڃاڻن ٿا.
ڇاڪاڻ ته هيءَ ماڙي سنڌ ساڻيھه جي مشھور حاڪم ڄام
تماچيءَ جوڙائي هئي. سما دور ۾ سنڌ هونئن به گهڻو
سکيو ستابو ملڪ هو. ڄام تماچي هڪ عاشق مزاج، باذوق
۽ مھذب حاڪم هو. سير ۽ شڪار وغيره جو به وڏو شوقين
چيو وڃي ٿو. ڄام تماچيءَ جي زماني ۾ هيءَ ڍنڍ موج
۽ مستيءَ ۾ هئي، بلڪ اڃا هتان درياهه وهندڙ هو.
مڇي ۽ پکي به جام هوندو هو. جابلو علائقي جي ڪڇ ۾
هئڻ جي ڪري هتي جهنگ ۽ گاهه به گهٽ هو. اڄ به هن
ڍنڍ جي آثارن تي پھچي، آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو
ته آڳاٽي زماني ۾ هيءَ ڍنڍ ڪيتري اڇي اُجري، سھڻي
۽ پُر فضا هوندي. ڄام تماچي جمالياتي ذوق رکندڙ
شخص هو، تنھن کي هن هنڌ جي حسن ضرور موهيو هوندو،
تنھن ڪري ئي هن هتي پنھنجي لاءِ ماڙي ٺھرائڻ لاءِ
سوچيو ۽ رٿيو. اڄ به ماڙيءَ واري ٽڪريءَ تي پھچڻ
سان فطرت جي سونھن جو من موهيندڙ نظارو من منڊي
وجهي ٿو. مٿانھين هنڌ تي، کُلي فضا ۾ جڙيل هيءَ
ماڙي حسين نظارن ۾ گهيريل هُئي/آهي. ٽن طرفن کان
جابلو ٽڪرين جا سلسلا، ڏکڻ طرفان سنڌوءَ جو وهڪرو
۽ ڪچي جو علائقو ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو ۽ آهي.
چوڏهينءَ جي چانڊوڪي رات ۾ اڄ به اچي هتي جو حسين
منظر ڏسي سگهجي ٿو.
آسپاس جا گهڻا ماڻھو اها به ڳالھه ٻڌائين ٿا ته
هيءَ ماڙي به ڪينجهر ماڙيءَ وانگر ڄام تماچيءَ
نوريءَ جي دام محبت ۾ اچڻ کان پوءِ جوڙائي هئي.
ڇاڪاڻ ته تڏهن نوريءَ جا ڪي مائٽ (گندرا) هن ڍنڍ
تي به رهندا هئا تنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن هتي به سندن
اچڻ ٿيندو هو ۽ جڏهن نوري هتي ايندي هُئي ته ڄام
تماچي به ساڻ هوندو هو تنھنڪري هن ضرورت محسوس
ڪندي، هتي به ماڙي جوڙائي. بھرحال ڪھڙي به مقصد
سان ڄام تماچيءَ هيءَ ماڙي جوڙائي پر جوڙائي ڏاڍي
خوبصورت هنڌ تي. هتي هيءَ به حقيقت چٽي ڪجي ته
جنھن به ڍنڍ تي نوريءَ جا مائٽ رهندا هئا، ڄام
تماچيءَ انھن سڀني ڍنڍن تي پنھنجون ماڙيون اڏايون
هيون. اهڙيون ست ڍنڍيون هيون، جن ۾ ڪينجهر،
سونھري، کوهي، جهول، هڏيرو، هاليجي ۽ ونگهارو آهن.
اهو به چيو وڃي ٿو ته جڏهن سنڌ جي حاڪم ڄام
تماچيءَ، نوريءَ کي پنھنجي راڻي بڻايو، تڏهن ڄام
تماچي نوريءَ کي ساڻ ڪري هتي اچي رهندو هو پر آخري
ڏينھن به هتي ئي گهاريا هُئائون. هڪ روايت مان اهو
به معلوم ٿئي ٿو ته پھريائين نوريءَ وفات ڪئي ۽
ڄام تماچي انھيءَ کان ڪجهه وقت پوءِ وفات ڪئي. چيو
وڃي ٿو ته جڏهن نوريءَ وفات ڪئي ته نوريءَ کي
مڪليءَ تي دفن ڪرڻ کانپوءِ ڄام تماچي ڪڏهن ڪڏهن
ڪينجهر ۽ جهول تي اچي گهاريندو هو. اهو به چيو وڃي
ٿو ته ڌارين جي حملن کان بچاءُ لاءِ ٺٽي شھر، پير
پٺي ۽ ٻين هنڌن کانسواءِ هتي به هٿيارن جو گدام
هوندو هو جيڪو پوءِ ڄام نظام الدين جي حڪم سان ختم
ڪيو ويو. اهي ڳالهيون ڪيتري قدر درست آهن، سا ڄاڻ
ته شايد هاڻي ڪو به نه ڄاڻي البت اها ڳالھه چٽي
آهي ته هيءَ ماڙي ڄام تماچيءَ جوڙائي هئي. هن
خوبصورت ماڳ تي ماڙي اڏائڻ مان سندس سُٺي ذوق جي
ڄاڻ به ضرور ملي ٿي.جھول ماڙي جيڪا پکيڙ جي لحاظ
سان ته ننڍي هئي پر اها ماڙي جنھن هند تي هئي، سو
هند هر لحاظ کان دلچسپ آهي. چيو وڃي ٿو ته ڄام
تماچيءَ هيءَ ماڙي جوڙائڻ لاءِ خاص قسم جو پٿر
گهرايو هو ۽ ملڪ جا مشھور ڪاريگر آندا هُئائين،
جيڪي پٿر جي ڪم جا وڏا ماهر هُئا جن ماڙيءَ ۾
استعمال ٿيندڙ هر پٿر کي نقش و نگار سان سينگاريو
هو. انھن ڪاريگرن ڏينھن رات لڳاتار ڪم ڪندي چوڏهن
مھينن ۾ هيءَ عمارت تيار ڪئي. انھيءَ ماڙيءَ کي
تيار ڪرڻ متعلق ڪيتريون ئي روايتون ٻڌايون وڃن
ٿيون، جن مان گهڻيون ته اعتبار ڪرڻ جھڙيون نه ٿيون
لڳن، تنھنڪري انھن کي هتي لکڻ فقط طوالت جو سبب
ٿيندو.
جهول ماڙي ته گهڻو زمانو اڳ ۾ جهوني ٿي جُهري ويئي
يا جهوري وئي پر ويھارو سال اڳ تائين جن ماڻھن هن
ماڙيءَ جي هيٺيئن حصي جون وڏيون ديواريون ڏٺيون
هُيون تن جو چوڻ آهي ته ماڙيءَ جي عمارت جي دروازن
تي لڳل ٻُنڀ جا اَٺ اَٺ فوٽ ڊگها پٿر ايڏن ته
خوبصورت نقش و نگار سان سينگاريل هئا جو ڏسڻ واري
کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هُيون. ڏکڻ واري وڏي
دروازي جي اندرين ڪنڊ تي پٿر جي وڏي ناڌ جُڙيل
هُئي جنھن تي عورتن جا خوبصورت نقش چٽيل هُئا،جن
جي مٿن تي رکيل مٽڪا ٻيلھڙن جي صورت ۾ ڏيکاريل
هئا. اُتر طرف کان وڪڙن جي صورت ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ
ڏاڪڻ ٺھيل هوندي هُئي. (4)
هن عمارت جا جيڪي نشان اسان 1996ع ۾ ڏٺا انھن جي
صورتحال هن ريت آهي؛ ماڙيءَ جي هيٺئين ڀاڱي کي ٽي
دروازا هڪ اوڀر، ٻيو اولھه کان، جڏهن ته ڏکڻ کان
وڏو مُک دروازو هو. اوڀر پاسي واري دروازي سامھون
ٿلھو ٺھيل هو/ آهي. اولھه واري دروازي سامھون کليل
اڱڻ هو/ آهي. ڪمرن جي تعداد متعلق پڪ سان چئي نه
ٿو سگهجي، البت اولھائين دروازي جي اُتر واري ڪنڊ
تي هڪ ڪمري جا نشان ملن ٿا، ٽن هزار فوٽن تي مشتمل
عمارت جي بنيادن جي موجود نشانن کان اولھه پاسي به
ڪي اڏاوت جا آثار آهن. ماڙيءَ واري هنڌ تي ڪيترائي
پٿرن جا ٽڪرا وکريل نظر اچن ٿا. ماپ ۾ ڪجهه وڏا
پٿر اهڙا به آهن جن تي سھڻن نقش و نگار سان اُڪر
ٿيل آهي، ايتريقدر جو ڪن پٿرن جي نقشن نگارن کي
ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جي ڪمال تي حيرت ٿئي ٿي.
اُتي گهڙيل لسا پٿر به پيل آهن جن مان ڪيترائي
ماڻھو کڻي ويا آهن، ته ڪي وري ڌڪي هيٺ بٺيءَ جي اڌ
۾ ڇڏيا آهن. چار فوٽ هڪ ڊگهو کُتل پٿر اهڙو به
موجود آهي، جنھن تي تمام سنهو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي.
اُن پٿر جي مٿيئن ڇيڙي تي ڀرڻي نما کوپي جو نشان
آهي جنھن مان پتو پئي ٿو ته عمارت ۾ پٿر سان پٿر
ڀچائي جڙاوت ڪيل هُئي.

جهول ماڙيءَ جي اولھه هيٺائين
پاسي مان مليل سڪا
|
مقامي ماڻھن جو چوڻ آهي ته انھيءَ عمارت جون باقي
رهيل ڀتيون وغيره ويھارو کن سال اڳ (1987ع) تائين
به موجود هيون، پر پٿر خوبصورت ۽ مضبوط هئڻ جي
ڪري، ماڻھو عمارت جون ديوارون وغيره اکوڙي، آهستي
آهستي پٿر کڻي ويا آهن. اسان انھيءَ ٽڪريءَ جي
هيٺئن پاڙ وٽ ڪجهه وڏا ۽ لسا اهڙا پٿر به ڏٺا جن
جي چوٽين ۾ کانچا ٺھيل آهن. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو
ته اهڙا پٿر به سَوَن جي تعداد ۾ ڪجهه وقت اڳ
تائين موجود هُئا پر پوءِ ڪو ڪراچيءَ جو رهاڪو پاڻ
کي قديم آثارن جو آفيسر ڄاڻائي کڻي ويو ۽ موجود
پٿر انھن مان بچيل آهن. منھنجي خيال ۾ اهي پٿر وزن
۾ گهڻا ڳرا ۽ گهڻا ڊگها هئڻ جي ڪري کڄي نه سگهڻ جي
صورت ۾ ئي اُتي ڇڏيا ويا آهن، نه ته اهي پٿر به نه
بچن ها. ٻڌايو وڃي ٿو ته پٿر جي ناڌ ۽ ڪونڊيون جن
تي پکين جون شڪليون اُڪريل هُيون، سي به اهڙو ئي
ڪو آفيسر کڻائي ويو.(5)
جھول جي آسپاس ٻيا آثار:
جهول ماڙيءَ واري ٽڪريءَ جي ڏکڻ پاسي واري هيٺائين
پوٺي ئي ڍنڍ جي اُترين (اوڀر کان اولھه) ڀر جي
مٿاهينءَ تي يعني ٽڪري ۽ ڍنڍ جي وچ واري پٽيءَ ۾
لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر جي ڊگهي ايراضيءَ ۾ هڪ آڳاٽي
وسنديءَ جا آثار موجود آهن. هتي ڪيترين ئي جڳھين
جا بنياد، پيڙهه وغيره وارا پٿر، ڳاڙهين پڪين سرن
جا اڌ ۽ ٽڪرا، مٽيءَ جي ٿانوَن اڌ ۽ ٽڪر تمام گهڻا
پکڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي ڳريل لوهه جا ٽڪرا به ملن ٿا.
جهول
ڍنڍ جي آسپاس ٻيا به ڪي تاريخي آثار آهن. اُتر طرف
جابلو هنڌ تي ٻن بزرگن موسو اصحابو ۽ عمر درويش
(جيڪو عمر ڪوليءَ جي نالي سان مشھور آهي) جون
قبرون آهن. عمر ڪوليءَ جي تمام ڊگهي قبر جي آسپاس
هڪ وڏو قبرستان ڀنڀرا ذات وارن جو آهي، جتي ويجھو
ئي سندن ڳوٺ اڄ به موجود آهي. جهول ڍنڍ جي الھندي
طرف ’گهراڻو‘ قبرستان آهي. پر اڄڪلهه هتي ڪو به
گهراڻي ذات جو ماڻھو نه ٿو رهي، هن هيڏي وڏي
قبرستان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ گهراڻي
ذات جي ماڻھن جي هتي ڪا وسندي ضرور هئي. انھيءَ
قبرستان ۾ هاڻي هيجب ذات جا ماڻھو به دفن ٿين ٿا
جيڪي هتي گهڻو پوءِ آيل ٻڌايا وڃن ٿا. ڏکڻ طرف
’ڄاڃڪو‘ (6) نالي مشھور تاريخي قبرستان
آهي، جنھن لاءِ روايت ڪندڙ چون ٿا: ”آڳاٽي زماني ۾
سنڌ ملڪ ۾ شادين جي موقعن تي پڙ ڄڃ جو رواج هوندو
هو. جنھن ۾ گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا هڪٻئي سان مذاق
ڀريون رسمون ادا ڪندا هئا. اهڙي پڙ ڄڃ ۾ ڪنھن مذاق
تان هتي منجهن جهيڙو ٿي پيو ۽ اهو جهيڙو وڌي وڃڻ
جي ڪري ڄڃ جا سمورا يا گهڻا ماڻھو مارجي ويا، انھن
ماڻھن کي هتي دفن ڪيو ويو. اهڙي ريت ’ڄاڃڪو‘
قبرستان جُڙي مشھور ٿي ويو. انھن سوين قبرن جي وچ
۾ اٽڪل ٻارهن فوٽ هڪ ڊگهو پٿر اُُڀو لڳل آهي جنھن
تي ڪا لکت به اُڪريل آهي پر سم ۽ ڪلر جي ڪري اها
لکت هاڻي پڙهي نه ٿي سگهجي ٻيو اهڙو پٿر زمين کان
ڏهه فوٽ ڊگهو اُڀو کُتل آهي.
اهڙي ريت آس پاس ۾ وڌيڪ جانچ ڪرڻ سان پتو پئي ٿو
ته ان پسگردائيءَ ۾ ڪي ٻيا به آثار موجود آهن،
جيڪي تحقيق طلب آهن. منھنجي خيال ۾ انھن جو سلسلو
چليا جي ’سونھڻيءَ واري لٺ‘ تائين وڃي ملي ٿو.جهول
ماڙيءَ جي اتر وارين ٽڪرين تي پٿر جي دور جا آثار
به ملن ٿا. هن ئي علائقي ۾ ’ساري جي بُٺيءَ‘ نالي
هڪ اهڙو به قديم ماڳ آهي، جتي تمام گهڻو ٺڪراٺو
ملي ٿو، جيڪو تمام گهڻو اهم ۽ توجھه طلب آهن.
اُتان سنڌ جي قديم دور جي ڪاشيءَ جا تمام گھڻا
ٽڪر، ٺڪر جي هڪ مڪمل ناڌ، ڪجهه وڏا مٽ، ڇلون،
پاٽون، ڍڪڻ ۽ پوڄا جا ٿانو به مليا آهن.
جهول ماڙي ۽ ان جي آسپاس وارين ٽڪرين جي مٿاڇري جي
هڪ اهم ڳالھه هيءَ به آهي ته انھن ٽڪرين تي ڪوڏن،
سپين وغيره جا پنڊ پھڻ هزارن جي تعداد ۾ پکڙيل آهن
جيڪي جيالاجي جي شعبي سان دلچسپي رکندڙن لاءِ کلي
دعوت آهن.
حوالا ۽ حاشيا:
1.
ڏسو محقق جو مقالو ’ساريجي
بُٺي‘. ٽماهي مھراڻ 4/2025ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
2.
ڏسجي ليکڪ جو مقالو ’دولھه دريا خان جو کوٽايل خان
واهه‘ ٽماهي مھراڻ 4/2024ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
3.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ’جامع سنڌي لغات‘ جلد
ٻيو، ڇاپو ٽيون 2022ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
4.
اهي نشان 1996ع تائين به موجود هئا.
5.
مقامي ماڻھن جي گهڻي روڪڻ باوجود، چور چوري ڪري
ويا.
6.
ڏسجي ليکڪ جو مقالو ’ڄاڃڪو قبرستان‘ ڪلچرل هيريٽيج
ڪراچي.
زباني روايتون ڏيندڙ:
1. محمد عثمان هيجب. عمر 56 ورهيه(1996ع)
2. محمد ابراهيم هيجب (پرائمري استاد)، عمر 35
ورهيه
3. بصر ڀنڀرو، عمر56 ورهيه (1996ع)
نوٽ: جهول ماڙي ۽ ڍنڍ متعلق ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون
ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جو حقيقتن سان تعلق گهٽ آهي،
تنھن هوندي به هڪ روايت پيش ڪجي ٿي جنھن ۾ ڪجهه
شعر دلچسپ آهن. چيو وڃي ٿو ته جهول ڍنڍ جي ويجهو
رهندڙ موسو اصحابو فقير صاحب ڪرامت بزرگ هو، تنھن
هڪ ڏينھن اچي جهول ڍنڍ تي مڇي ماريندڙن مھاڻن
(مھاڻن جي ڳاراٺاڻي پاڙي) کان مڇي گُهري. مھاڻن
مڇي ته نه ڏني، ويتر مٿانئس مذاق ڪيو. تنھن تي
درويش ڪاوڙجي کين پٽون پاراتا ڏيندي هيٺيان بيت
چيا:
ڳاراٺاڻيءَ جي ڳوٺ کي، اَچار ڦريو اَڏ،
جهريو مغز مئيءَ جو، لڙهي ويئي لَڏَ،
جن ٿي ماريا مڏ، سي ڊينڊ نھارن ڍورن ۾.
--
ماريو ڊينڊ ڍورين ۾، ٿا ولھا ڏين ور،
موسو چئي مڇيءَ جا، فقيرن ڪڍيا ڦر،
جبل پاسي جر، ٿي کائي بود بُٺيءَ جا.
--
کايو بُود بُٺيءَ جا، چريو وٺي چَسُ،
موسو چئي مڇيءَ جا، ڏونگر مٿي ڏس،
ڪنڊا ڪليون ڪس، رهيا آهن رڻ ۾.
چيو وڃي ٿو ته (اتفاق سان) انھيءَ سال مڇي ڍنڍ مان
بنھه گهٽجي وئي. مھاڻن اهو محسوس ڪري درويش کي اچي
سرچايو ته ٻئي سال مڇي وري اڳي کان گهڻي ٿيڻ لڳي.
(هيءَ روايت ۽ بيت هتي جي سڄاڻ ۽ تاريخي ڳالھين
سان دلچسپي رکندڙ شخص مولوي محمد عثمان هيجب کان
مليا.)
نوٽ:
(الف) جهول ڍنڍ بابت محقق جو الڳ مقالو لکيل ۽
ڇپيل آهي.
(ب) جهول ماڙيءَ جا آثار
مون پھريون ڀيرو تفصيلي طرح 1996ع ۾ جانچي
ڏٺا،تنھن کان پوءِ هن وقت يعني 2003ع تائين جهول
ماڙي ۽ آسپاس وارو علائقو ڏسندو رهيو آهيان. آئون
پڪ سان چوان ٿو ته هن علائقي تي يعني جهول ماڙيءَ
کان سُونھڻيءَ جي لٺ ٽڪريءَ تائين جديد انداز سان
جڏهن به تحقيقي ڪم ٿيو، تڏهن سنڌ جي تھذيب ۽ تاريخ
جي اهم بابن جا ڪي راز ضرور کلندا.
پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
(حصو پهريون)

اوڌؤُداس جي اڻلڀ ڪويتا جو چمتڪار
سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اڻلڀ ذخيري جي ڳولھا
مان پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب شڪارپور جي
نامور انسان اوڌوداس جي ڪلام کي ظاهر ڪري مٿس
مقالو لکيو آهي. جو سنڌ جي تاريخ جي ڪن گوشن کي به
ظاهر ڪري ٿو، پر ان جي طوالت کي آڏو رکندي، ان جو
هڪ حصو هتي ڏيون ٿا. ٻيو حصو ايندڙ مھراڻ جي شماري
۾ شايع ڪيو ويندو (ايڊيٽر)
هرهڪ شخصيت پنھنجي شخصي خوبين ۽ خاصيتن سبب
مقبوليت ماڻي مَانُ پائيندي آهي. ماڻھپو، انسانيت
شرافت، وقعت، وقار، اعتبار، عزت ۽ احترام ئي
انفراديت جا اسباب ثابت ٿين ٿا. اها انفراديت
برتري، بلندي، شان ۽ عظمت جي ضمانت چئي سگهجي ٿي.
انھن خوبين ۽ عظمتن سان جيڪو ڪردار تعمير ٿئي ٿو،
تنھن جي تَعبيرَ، شخصيت جي هرهڪ رُخ کي وسيع وصفن
۽ اوصافن سان روشن ڪري ٿي.
شڪارپور جي ڪيترن ئي ماڻھن جون خوبيون، عظمتون ۽
ڪردارئي سندن ثابت قدميءَ سبب، ناقابل فراموش ٿين
ٿا. اهڙين شخصيتن ۽ هستين مان نھايت ئي بلند ڪردار
انسان راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا
به آهي.جنھن دُکين جون دانھون ٻڌي، انھن جو درد دل
سان محسوس ڪري سندن ڏُکندو ڏُور ڪرڻ لاءِ بيمثال
ڪشالا ڪاٽي، هڪ سال نون مھينن ۽ ٻن ڏينھن جي مدت ۾
شڪارپور شھر ۾ شاندار اسپتال ”راءُ بھادر
اوڌوداس تاراچند اسپتال“ جوڙائي، سنسار ۾ سيوا
جو سدا حيات مثال قائم ڪيو.
راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا جو جنم شڪارپور
جي ڇاٻڙيا پَريوار ۾ ته ٿيو، البت ڪڏهن ٿيو؟ ان
متعلق حتمي ڄاڻ پئجي ڪونه سگهي آهي. ان سلسلي ۾
توجھه رهيو آهي. ان متوجھه هجڻ سبب ڪن دستاويزن جي
مدد سان اهو نتيجو ملي ٿو ته هو 1870ع ۾ ڄائو
هوندو. اهو سال 27-1926 بڪرمي کان شروع ٿيو هو.
اوڌوداس جي وديا وٺڻ جو سلسلو به اهو معلوم پيو
ٿئي ته هو اول اوجهي ۾ پڙهيو پوءِ ڪجهه جديد
وديادين ڪرڻ لا وڌيو. ليکو چوکو به هن اوجهي ۾
سکيو. جديد وديا جي سلسلي کي هلي به ويھارو ورهيه
مس ٿيا هئا. سن 1900ع تائين شڪارپور ۾ ٻه
ورنيڪيولر اسڪول ۽ ٻه هندو سنڌي اسڪول هئا.
شڪارپور ۾ مسلمان مڪتبن ۾ ۽ هندو اوجهن ۾ شھري
تعليم ۽ وديا وٺندا هئا. ٻارن کي هرهڪ مضمون جي
ڄاڻ لاءِ پيڙهيءَ بَه پيڙهيءَ ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان
دياوان ۽ دياونت آراسته ڪندا هئا.
اوڌوداس تاراچند پنھنجي پتا ۽ پريوار جي روايتن جي
پيروي ڪندي، واپار وَهِنوار ڪرڻ لڳو، کنڊ جي
واپاريءَ جي حيثيت سان هو سنڌ هندُ ۾ ڄاتو سڃاتو
ويندو هو. شڪارپور ۽ ڪراچي ۾ سندس ڪاروبار هلندو
رهيو، جتي دڪان دڙيون ۽ مرڪز موجود هئا. ڪراچيءَ ۾
سندس ڪاروبار پٽھنس هريري لعل هلائيندو هو. کيس
ٻيو پٽ گوبندرام ۽ هڪ ڌيءُ گنگا هئي، جنھن جو پُٽ
شام شروف چگهه دهليءَ ۾ وڏو واپاري آهي. ۽ هريري
لعل لاءِ سن 1944ع ۾
“Colourful Personaltes of Sind and The Sindh
Year book”
۾ لکيو ويو آهي ته:
“Seth Harilal, R.B. Udhavdas J.P, is a Municipal
concillor of Karachi Mumicipal corporation and a
counciller of Shikarpur Municipalty. Seth
Harilal taken keen interest in Municipal affairs
and is the Chairman of Public Health and Markets
committee of Karachi Municipal Corportion (P.
53)
اوڌوداس تاراچند، گرمکي ۽ سنڌيءَ جو ودوان هو، کيس
ليکي چوکي، بندي ڀرڻ ۽ رکڻ کان سواءِ دنيا ۾ ٿيندڙ
سياسي ۽ سماجي واقعن ۽ ايندڙ اُٿل پٿل ڏي به توجھه
هوندو هو. روزانو پنھنجي نوٽ بوڪ تي اهڙي معلومات
درج ڪندو رهندو هو. متوجھه ٿيڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي
حِسُّ، حواس، جذبو ۽ احساس اُتم قوت طور موجود
هئا، انھيءَ ڪري ڌرمي پستڪن جي لئي- تار تي به ماٺ
ٿي، ڪنھن مھا ساگر ۾ غوطئه زن ٿي ويندو هو. اهڙين
ڪيفيتن کيس ڪويتا جي ڪونج ۽ ڪوئل جي لاتين ۽ تاتين
ڪَويسَرُ ۽ ڪوي ڪري ڪويتائن جي پوٿين ۽ پُنيت
(نرمل) جو پَنٿُ اختيار ڪرايو.
اوڌوداس جي شاعريءَ جي پوٿي مون کي 14 مارچ 2026ع
تي سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر محمد
ادريس سومري السندي جي سھڪار سان ملي ته مون کي
بيحد خوشي ٿي. ان لاءِ مان ڊاڪٽر سومري صاحب جو
مشڪور آهيان. اهو مجموعو هڪ سَؤ چوراسي صفحن جو
آهي.
اُنَ پَنٿَ تَنُ تِيَاڳي، پَرَاُپَڪارَ سان پريت
جو پيوند ڪيو. جيئن ’سامي‘ سمجهايو:
ڀانئِڻُ ڀَڃِي ڇَڏِ، متان ڄاڻ وَجهيئِي ڄار ۾،
آهيون اَسَين جن جا، تنين وٽون اَڏ،
پاڻ تنين سان گڏِ، نينھن جن جو نانھن سان.
هو ڌَنَ تان ڌيان ڇڏي، دکين جي دلين جا درد ۽ سور
پي سُورَ پَچار ڪرڻ لڳو.
سَچائي پريم سان شيوا ڪرڻ گهرجي بيمارن جي،
اهو انسان جِيءُ آيو ڪري خدمت انسانن جي،
وڻي ٿو سک سڄڻ توکي تون لھه سُڌڙي ڏکوين جي،
ڪندو مالڪ مدد ’اوڌو‘ تون ڪر سيوا سَتاين جي.
اوڌوداس جي ڪويتائن ۽ ڪجهه تحريرن جي مطالعي مان
اهو ڄاڻي ٻجهي سگهجي ٿو ته هو اَٺارهن- ويھن ورهين
جي وهيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳو هوندو. 5 سيپٽمبر 1896ع
کان هن پنھنجو ڪلام ڪَٺو ڪرڻ لاءِ جنھن نوٽ بُڪ تي
لکڻ شروع ڪيو هو، تنھن تي ”دل چراغ“ نالو لکيائين.
جنھن جو مطلب آهي ته هن پنھنجي شاعريءَ جي مجموعي
جو نالو ”دل چراغ“ لکيو، سندس دل چراغ نالي نوٽ
بُڪ جهونو ٿيڻ ڪري 2 آڪٽوبر 1900ع کان نئين نوٽ ۾
ٻيھر ”دل چراغ“ جو سمورو ڪلام ۽ ٻيو تخليق ٿيندڙ
ڪلام لکندو آيو، نئين نوٽ بوڪ ۾ هڪ سَؤ سَتَ غزل،
هڪ سَؤ ستر ڪافيون ۽ شبد لکيل آهن. هڪ سي حرفي،
بيت، دوها، سورٺا وغيره لکيل ملن ٿا. لوڪ ادب ۾
پرولين جو ڄاڻو هئڻ ڪري هڪ سَؤ ٽيويھه پروليون به
آهن. جن مان ڪن جا جواب به لکيا ويا آهن.
اهڙيءَ ريت هڪ سَؤ ڇويھه خبرون چارون ۽ نقطا رقم
ڪيل آهن. ڪاپيءَ تي تحرير
14x17
چورس سينٽي ميٽرن جي آهي. هر هڪ صنف فني لحاظ کان
پختي محسوس ٿئي ٿي. ڪافين جي مٿان راڳ ۽ سُر پڻ
لکيل آهن. هندن جي ڌرمي روايتن موجب ڪٿا ۽ ڪيرتن
سنگيت جي سنگت ۽ سُر تارَ توجھه ڇڪي هيانءَ سان
همنوائي ڪري، انحد جي اتاهينءَ تائين تاريندو آهي.
فڪري اثرات ويدانت، اپنشد جي فلسفي موجب آتما، جڳت
۽ ويراڳ جو وِستار محسوس ٿئي ٿو. هُو نانڪ پنٿي هو
اسان جي شھر شڪارپور تي گرونانڪ جو اثر گهڻو رهيو
آهي. گرونانڪ جي جنم ساکي نمبر 166 ۾ ڄاڻايل آهي
ته: ”پوءِ گرونانڪ شڪارپور جي سرزمين تي آيو، اتي
نور نشتر نالي ڪاسائي ٻڪريون پئي چاريون، تنھن کي
دعا ڪيائين. دائود نالي هڪ شخص هڪ غاليچو اُڻي کڻي
آيو، جنھن کي گرو چيو ته، ڪُتي جي ٻچن مٿان وجهه
جو سيءَ ٿا مرن، ۽ انھن کي ڪٽي ۽ مليدو کاراءِ ته
تنھنجي آس پوري ٿئي، دائود جي دلي تمنا هئي ته
منھنجي ”گهر اولاد گهڻو ٿئي ۽ آءٌ سکي ٿيان“ گروءَ
چيس ته ساڌن جي شيوا ڪندو رهه.(1) ان
ساکيءَ جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ادبي
تاريخ ۾ ڪيو هو. اهڙيون ساکيون ساڌٻيلي جي“ مندر
جي لئبرريءَ ۾ موجود آهن. سامي هرنامداس سوامي 108
جي گرساکيءَ ۾ گهڻن شڪاپورين جون ساکيون آهن.
گرونانڪ ديو 15 اپرل 1469ع تي راءِ ڀوئي جي
تلونڊيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ مھتا ڪالو ۽ ماءُ
ترپتا هئي، سندس ڀيڻ نانڪيءَ کيس ننڍپڻ ۾ ڀانپي
ورتو ته هي عام انسان کان مختلف سوچ ۽ لوچ وارو
پرش آهي، هن ننڍپڻ ۾ ئي عدد ’هڪ‘ جي اهڙي توحيدي
رمز الاهي بيان ڪئي ته معلم ماٺ ٿي ويا. هن ماتا
سُلط کھنيءَ سان شادي ڪئي، جنھن جي پيٽان ٻه پُٽ
سري چند ۽ لکمي چند ڄاوا. گرونانڪ ’اداسي‘ سلسلي ۾
پيڙهه پائي پڌري ڪئي. ان فرقي جي بنياد مھل سندس
ڄمار ٽيھه ورهيه هئي اڳتي هلي سندس تحريڪ ”سک مت“
ٿي اڀري. نانڪ ۽ نانڪيءَ جي معنيٰ ڪومل ۽ حساس
آهي. گرونانڪ جي منظوم ارشادات ۾ ”گرو گرنٿ صاحب“،
”جپ صاحب“، ”آسادي وار“ ۽ ”سڌ گوسٽ“ کي مٿاهون
مقام حاصل آهي.
گرونانڪ 22 سيپٽمبر 1539ع تي ڪرتارپور ۾ جھان ڇڏي
ويو. هتي هڪ نُڪتو نروار ٿئي ٿو ته گرونانڪ ديو
(1469ع کان 1539ع) جي حياتيءَ واري عرصي ۾ شڪارپور
جو وجود ته نظرئي نه ٿو اچي ته پوءِ هي درويش هِتي
ڪيئن آيو هوندو؟
مٿئين نُڪتي جو جواب اهو آهي ته شڪارپور جو وجود
ته سن 1617ع ۾ مھرن ۽ دائودپوٽن جي جنگي نتيجي جو
يادگار آهي. ان کان اڳ ته ان خطي ۾ آباديءَ کان
ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ٻي ڳالھه اها آهي ته
هڪ ڀيري ساماڌاآشرم جي سائين شو ڀڄن صاحب سان
منھنجي رهاڻ سماڌا آشرم ۾ ٿلھي تي ٿي. سيارو هو
تنھنڪري تڙڪي جي تاوَ تي ويٺي رهاڻ ڪئي سون. سائين
پاڻ ’اداسين‘ هو ۽ وڏي ويدانت جي مت جو مھان هو.
ساڻس گرونانڪ جي آمد جي سلسلي ۾ ان روايت جي ڳالھه
هلي. پاڻ وراڻيائين ته: ”ها! ابا نانڪ آيوئي هن
درٻار ۾ هو ۽ جتي پاڻ ويٺا آهيون اتي هن بڙ جي وڻ
وٽ ويٺو، ان ڪري هن وڻ تي اڄ به ”اداسي“، باسون
باسيندا ۽ ڌاڳا ٻڌندا آهن. اتي اصل شمشان ڀومي
هوندي هئي جتي گورپوٽا سيسڪاريا ويندا هئا. هي
سماڌا آشرم 1796ع ۾ بابا هري ڀڄن صاحب قائم ڪيو،
جو اصل امرتسر جو هو. سندس ’چمٽو‘ ۽ هٿين لکيل
’گرو گرنٿ‘ ڪُٽيا ۾ موجود آهن ۽ هر ديواليءَ ڏڻ ان
جو درشن ڪرايو ويندو آهي.“ 2007ع ۾ ڀڳوان داس
واڌواڻي جو ڪتاب ”پوج اداسين سماڌا آشرم“ شڪارپور
ڇپيو هو، جو اڄ ته ملڻ محال آهي. بھرحال ان ۾ جي
تصويرون ڏنل آهن، تن ۾ هرڀڄن صاحب جي به ڇپيل
هوندي.
گرونانڪ جو ”نانڪ پنٿ“ شڪارپور جي ڌرمي دنيا تي
شروع کان ئي اثرانداز ٿيندو آيو آهي، پر ان جو
عملي شڪل ۾ باني شري ڪنھيالال ڀاٽيه هو، جنھن کٽ
واري ڌرم سال جو بنياد وجهي، پاڻ کي ڀائي گرداس
سڏايو. هو گرو تيغ بھادر سنگهه (ڄم 10 اپريل 1621ع
مرتيو: 11 نومبر 1675ع) جو شش هو، جنھن جي چوڻ تي
هن اها ڌرمسال قائم ڪئي هئي. هي گرونانڪ جي سلسلي
جو ڇھون گرو هو، هن سلسلي ۾ نسل درنسل ماڻھو شامل
ٿيندا رهيا.
راءُ بھادر اوڌوداس ان ئي سلسلي ۽ ڌرمسال ۾ اچي
مٿو ٽيڪي وچن وٺي، اداسين سڏائيندو هو. هڪ هندي
ڪويتا ۾ چوي ٿو ته:
مھر ڪر مھراج گرو نچ نام نرنجن جام پلايو،
پيو تھي جس سانت ڀئي من پاپ نسي نج آنند آيو،
گاوت رات دني ست سوهنگ رومئون روم سو ديپ جگايو،
تيغ بھادر پاءِ گرونت ’اوڌوداس‘ يھه گاون گايو.
راءُ بھادر اوڌوداس، سنڌ جي نامور ويدانتي شاعر
سامي چين راءِ لُنڊ جي مرتيي (1850ع) کان لڳ ڀڳ
ويھارو ورهيه پوءِ ڄائو. سامي ڪبير پنٿي هو ۽ اوڌو
نانڪ پنٿي- ساميءَ جي اظھار جو ذريعو رڳو سلوڪ هو
۽ هن جي اظھار جو ذريعو غزل ۽ ڪافيءَ کانسواءِ
دوهو، سورٺو، بيت، سي حرفي وغيره هو. سامي سلوڪ
لکي مَٽَ ۾ وجهندو ويندو هو ته اوڌو پنھنجو شعر
”دل چراغ“ نوٽ بوڪ تي لکندو رهندو هو. فڪري لحاظ
کان ٻنھي جو پنڌ پرڀؤَ ڏانھن ئي هو، پر پنٿ پنھنجي
اوتارن وارو هو. ٻنھي جي لاتين جي لھجي ۾ شڪارپور
جي ٿڌي ۽ ٿانھري مٽيءَ جي مھڪ ۽ ٻھڪ سندن فطرت جي
اهڙي علامت آهي جا مُڌر ٻاڻي ٻوليندي جيءَ جون
جوتيون پئي پسائي. ٻنھي جي ڪويتا شڪارپور ۽ سنڌ جي
ادبي ذخيري جو قيمتي حصو آهي.
شاعر جو شعر احساساتي موج ۽ مست ساگر جي اهڙي ڇوهه
ڀري ڇولي هوندوآهي، جنھن جي زور ۽ زبردستيءَ جي
مَپَ ۽ مَپُ ڪي سرت ڀريا ئي سُونجهن. هرڪو ساڃائون
پنھنجي ساڃھه ساروئي مَنجهُه لھندو، جيئن ساميءَ
سمجهايو:
اَنڀيءَ جوت اندر ۾، ستھ سِڌ ٻَري.
اوڌوءَ جي اندر مان اظھار ٿيو ته:
ڀو ساگر ڀاري لھرن سان لوڏا ڏئي،
جنھن ۾ ڪُنَ ڪاري اوڌو تاڻن پاڻ ڏي.
اوڌوداس تاراچند ۽ سامي جي شاعري وقت ۽ حالتن موجب
اهڙو اظھار آهي، جنھن کي ويدانتي ڪلاسيڪيت ۾ منفرد
۽ مٿاهون مقام ملي سگهي ٿو، اوڌوداس جي شاعريءَ
متعلق هي مختصر تعارفي مضمون آهي، اڳتي هلي سندس
فن ۽ فڪر جي اپٽار لازمي ڪبي. هن مضمون جي پڇاڙيءَ
۾ انتخاب ڏجي ٿو، هتي هن جو اهم ڪارنامو شڪارپور ۾
اڏايل شاندار اسپتال جو مختصر تاريخي پسمنظر ڏيڻ
ضروري آهي، جيڪو سندس شخصيت ۽ ڪردار جي خاص الخاص
سڃاڻپ آهي.
راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال:
اوڌوداس تاراچند حساس انسان هئڻ ڪري پنھنجي سوچ ۽
لوچ ۾ به پنھنجو رويو رکندڙ هو. هن وٽ هرهڪ انسان
بنا ڀيد ڀاوَ جي اول انسان هو، پوءِ ٻيو سڀ ڪجهه
هو، ظاهر آهي ته هن هندن جي گهر ۾ اکيون کوليون ته
هو اول آخر هندوئي هو ۽ رهيو، پر سماجي لحاظ کان
هو اجتماعيت جي سوچ رکندڙ هو، هونئن به شڪارپور جي
هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ۽ ڌرمي انتھا پسندي ڪونه
هوندي هئي. شڪارپور جا اڪابر اهو چوندا هئا ته،
جيئن مصيبت مذهب ۽ ڌرم پڇي نه ايندي آهي، تيئن
همدردي به نه ڌرم جي محتاج ۽ مذهب کان ڏور! انسان
ڄمڻ وقت جيئن آزاد آهي، تيئن تھذيبي ۽ تمدني طور
به. مطلب ته اهڙن اصولن ۽ آدرشن شڪارپور جي سماجي
ترقيءَ ۾ تڪڙي تيزي آندي. انگريزن پنھنجي مفاد
خاطر شڪارپور جي هندن ۽ مسلمانن کي ويڙهايو ۽
حڪومت ڪريو
Devoid & Rolls
جا جَتن ڪيا ۽ ورنيڪيولر اسڪول ۽ هندو سنڌي اسڪول
ڪري قائم ڪيا. تعليم سان اهو رويو سموري سنڌ لاءِ
هو. بھرحال انساني سماج ۾ انسانيت جون تقاضائون
اوليت جون حامل هئڻ لازم آهن. انسانيت جي شيوا ۾
راءُ بھادر اوڌوداس انساني تن ۽ تندرستيءَ جي شيوا
۾ ششدر رهندو هو، سندس فطري فضيلت آخري عملي جھد ۽
جفاڪشيءَ تي آماده ڪري ٺوس قدم کڻي اڳتي هلايو.
شڪارپور ۾ سنڌي طبي علاج کان پوءِ انگريزن جي دور
۾ ايلوپيٿي علاج ٿيڻ شروع ٿيو. 20 ۽ 21 جون 1887ع
تي راڻي وڪٽوريا جي گولڊن جوبلي ملھائڻ جي موقعي
تي انگريز گورنمينٽ جيڪي سکيا گهر ۽ صحت گهر قائم
ڪيا، تن ۾ شڪارپور ۾ وڪٽوريا ڊسپينسريءَ جو بنياد
وجهي، ان جو انتظام شڪارپور ميونسپالٽيءَ جي حوالي
ڪيو، ان ڊسپينسريءَ جي سنڀال ۽ مريضن جي کاڌي ۽
خوراڪ تي ميونسپل جا ڇھه هزار روپيه ساليانو خرچ
ايندو هو. اها اسپتال لکيدر تي ان بلڊنگ ۾ هئي
جنھن ۾ هاڻي گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول قائم
آهي. هڪ ڊسپينسريءَ جي نئين بلڊنگ لکميچند ٽيڪچند
1910ع ۾ جوڙائي، تڏهن مٿس نالو به لکميچند ٽيڪچند
ڊسپينسري ڌريو ويو اها به منيونسپالٽي جي هٿ ۽
انتظام ۾ رهندي آئي ۽ هاڻي سنڌ سرڪار ان جي نئين
بلڊنگ تيار ڪرائي آهي.
هتي اها وضاحت به پيش ڪرڻ لازمي آهي ته هڪ
ڊسپينسريءَ لاءِ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ پاران سنڌ
سرڪار، گورنمينٽ آف انڊيا سان لکپڙهه ڪئي هئي جو
ليٽر نمبر
Letter No: 105, dated 15th May 1844
from Governor of Sindh to Government of India
۽ ٻيو
Letter No: 359, dated 13th June 1844
from Government of India to Governor of Sindh
انھن خَطن جو متن آخر ۾ ڏنو ويندو.
اڻويھين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هندستان جون
عورتون اسپتالن ۾ اثرائتو علاج نه ملڻ ڪري وڃن
پيون موت ڏي ڊوڙنديون. راڻي وڪٽوريا جيئن اهو ٻڌو
تيئن هندستان جي وائسراءِ جي زال ليڊي هريٽ ڊيفرن
Lady Harit Dufferin
کان مدد وٺي اهو مسئلو حل ڪرڻ گهريو. ليڊي هريٽ
ڊيفرن ترت عورتن ۽ ٻارن لاءِ اسپتالون برپا ڪرڻ
لاءِ جتن ڪيا ته ايڊلجي ڊنشا کيس هڪ لک روپيه عطيو
ڏنو ۽ 12 نومبر 1894ع تي ڪراچيءَ ۾ اسپتال جو سنگ
بنياد رکيو ويو، گڏوگڏ شڪارپور ۾ پڻ ليڊي هريٽ
ڊيفرن اسپتال قائم ٿي، هندستان جي ٻين شھرن ڪراچي،
حيدرآباد، ڪوئيٽه، ڪلڪتي امراوتي ۽ دهليءَ ۾ به
اهڙيون اسپتالون قائم ٿيون. هي اسپتال گرلس هاءِ
اسڪول جي ڀرسان هئي، ان اسپتال ۾ مرد ڊاڪٽرن جي
هجڻ ۽ ٻين انتظامي سببن ڪري بند ٿي ويئي. ان ڪميءَ
ڪارڻ ڊاڪٽر ڪشنچند مينڍي پنھنجي ”مينڍا ٽرسٽ“
پاران هڪ لک روپين جي سيڙپڪاريءَ سان گنگا ٻائي
هيرانند مينڍا اسپتال قائم ڪئي. اڄ به اها اسپتال
قائم آهي، ان اسپتال لاءِ مينڍا ٽرسٽ ميونسپل
شڪارپور کان ورنيڪيولر اسڪول نمبر ٻي لاءِ جوڙايل
نئين بلڊنگ خريد ڪئي هئي. ان اسپتال ۾ مريض عورتن
کي رهائڻ سان گڏ کاڌ خوراڪ به ڏني ويندي هئي.
جيتوڻيڪ دوائن ۽ آپريشنن لاءِ به ڪو پائي پيسو
ڪونه ورتو ويندو هو. اهڙن ڌنويرن ۽ دانويرن کي
تاريخ سونھري لفظن سان ياد ڪندي، جن مريضن ۽
اسپتالن توڙي دوائن جا پئسا بيمارن کي تڙپندو ڏسي
به کائي پيٽ ڀريا، تن کي ڪنھن صفحي تي جاءِ ته نه
ملندي، پر صُفحئه هستيءَ تان به ميٽجي ۽ ميسارجي
ويندا.
شڪارپور ۾ انھن باضابطه اسپتالن کان سواءِ
پرائيويٽ ڊاڪٽرن جون به ڪجهه اسپتالون هيون، جن جي
تفصيلي تاريخ اڳتي هلي واضح ڪبي.
شڪارپور ۾ بيمارن جي تسليءَ لائق خدمت نه ٿيندي
ڏسي، راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند کي سن 1909ع کان
هردي ۾ هرکر هئي ته ڪا وڏي ۽ شاندار اسپتال قائم
ٿيڻ لازمي آهي. جتي مردن، زالن، ٻارن ۽ ٻڍن جو بنا
ڪنھن فرق جي دل جي حضور سان علاج معالج، رهائش، هر
آسائش، دوائن ۽ کاڌي خوراڪ جو عمل ڏينھن رات
هڪجھڙو هلي. نه ڪنھن ڏکويل کان ڏوڪڙ ورتا وڃن نه
ڪنھن ڌنوان کان ڪا في وٺڻ لاءِ نھاريو وڃي،
شڪارپور جا رهاڪو ۽ سرڪاري عملدار پنھنجي گڏيل
ڪوشش سان وڏي اسپتال ٻيھر کولڻ لاءِ جتن ڪندا آيا
۽ لکپڙهه ذريعي ضلعي لوڪل بورڊ، ميونسپالٽي ۽ مخير
ماڻھو گڏجي ڪم ڪندا رهيا. سرڪار پاران سرد مھري
محسوس ڪندي راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جي
عمارت جوڙائڻ لاءِ سٺي لوڪيشن جي ڳولھا ۾ رهندي
وڃي ميونسپل ڊاڪ بنگلو ۽ سرهندي پيرن جو خانگي باغ
يڪراءِ منتخب ڪري سرهندي پيرن کان ٽيويھن هزارن ۾
باغ خريد ڪيو. اسپتال جي اڏاوت لاءِ هڪ ڪاميٽي
”راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جي اڏاوتي
ڪاميٽي“ هيٺينءَ ريت جوڙي وئي:
1)
ديوان بھادر مرليڌر جي
پنجابي چيئرمين
2)
خانبھادر الله بخش سومرو
3)
اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور يا سندس عيوضي
4)
مسٽر ڊريو ايڊمنسٽريٽر شڪارپور ميونسپالٽي
5)
راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا
6)
سيٺ هر ڀڳوانداس ڌنومل بٺيجا
7)
راءِ بھادر ڪشن سنگهه چمن سنگهه لالا
8)
سيٺ دولترام موهنداس ڇاٻڙيا
9)
سيٺ ايسر سنگهه چيلا سنگهه
سب ڪاميٽي
مٿين ڪاميٽيءَ، اسپتال جي اڏاوت جو ڪم
هيٺينءَ سب ڪاميٽيءَ حوالي ڪيو:
1.
راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا
2.
راءِ صاحب ڪشن سنگهه چمن سنگهه
3.
خانبھادر الله بخش سومرو
سب ڪاميٽي-2
هن سب ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ مٿين ڪاميٽيءَ ڪري ان کي
اسپتال جو سمورو اڏاوتي ڪم سونپيو:
(1)
سيٺ ڀاشا سنگهه چمن سنگهه
(2)
سيٺ گوبند رام موتي رام
(3)
شولداس ڀوڄراج
(4)
سيٺ سترام سنگهه چمن سنگهه
(5)
سيٺ هري لال اوڌوداس
اسپتال جي شاندار عمارت جي هرهڪ ڀاڱي جي اڏاوت جي
جوڙجڪ ۽ رٿابندي ڪري، عملي طور ڪم جي شروعات ڪئي
وئي. ان کان پوءِ جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ اسپتال
هلائڻ لاءِ خرچ ڪرڻ لاءِ ناڻو حاصل ڪرڻ جا ذريعا
ڪھڙا هوندا؟ ان لاءِ ميونسپل ۽ سرڪار سان لکپڙهه
هلي ته سرڪار جي خط ڊي: 1985 تاريخ 3 سيپٽمبر
1924ع تحت مڃيو ته ميونسپالٽي، رٿيل بلڊنگ جو خرچ
چندي ڪٺي ڪرڻ ۽ ڪٽوتي پڄاڻان اڌ ۾ ڀاڱي ڀائيوار
رهندي، جيئن ان ئي جي.آر، جي فقره نمبر ٻي ۾ چٽو
ڪيل آهي. پوءِ سرڪار اڌ جي برابر واري شرط تي
-/12000 (اکرين ٻارهن هزار روپيا) جي ڏيڻ جوڳو
هوندو. سڄا سارا ڏهاڪو ورهيه سرڪار ۽ ميونسپالٽي
جي خاموشيءَ سان ڀائيواري هلي. پوءِ حالتن جي
خرابيءَ سبب سرڪار 1929ع ۾ اهو اظھار ڪيو ته
تعميري ڀاڱي ڀائيواري جي وعدي مطابق سگهه ڪين ٿا
سارين.
اسپتال کي حالتن جو شڪار ٿيندو ڏسي شڪارپور جي
ڌنوانن مان اول چيلا سنگهه سترام سنگهه (جنھن جي
نالي سان سي اينڊ ايس ڪاليج منسوب آهي) پنجويھه
هزار روپيا چندو ان غرض سان آڇيو ته اسپتال سندس
نالي سان منسوب ڪئي وڃي. اهڙيءَ ريت هاسا سنگهه
ٽھل سنگهه پڻ پنجونجاهه هزار روپين جي آڇ سان
اسپتال جو انتساب پنھنجي نالي چاهيو. وڏي ويچار
کان پوءِ رڪيل رٿا 1932ع ۾ تڏهن متحرڪ ٿي، جڏهن
راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند هڪ لک روپيه -/100000
پاند ۾ پائي اچي حاضر ٿيو ۽ آئينده ايندڙ خرچ ۾ پڻ
اڏاوت ۾ ساهِسُ سان سارسنڀال ڪندو ايندو. کيس اِڇا
۽ آڇ جي جذبي جو اهو عالم هو جو هن سيٺ چيلا سنگهه
۽ گوبند سنگهه جن جي آڇن کي اکين تي رکي قبوليو،
پر ٻنھي ديوانن کُليءَ دل سان پنھنجي شرطن تان هٿ
کنيا ۽ ان مھل ئي چندي ڏيڻ سان گڏ اوڌوداس جي نالي
نشانبر ڪرڻ واري راءِ کي جيءُ جيءُ ڪري قبول ڪري
ورتو.
اسپتال لاءِ جيڪي هڪ لک پنجھتر هزار روپيه جمع
ٿيا، تن جا دانوير آهن، راءُ بھادر اوڌوداس
تاراچند هڪ لک روپيه -/100000، سيٺ هر ڀڳوانداس
ڌنومل -/25000 پنجويھه هزار روپيه، سيٺ گوبند سنگه
-/20000 ويھه هزار روپيه، دولت رام موهن داس
-/15000 پنڌرهن هزار روپيه، سيٺ ايسر سنگهه ۽ لڇمڻ
سنگهه (چيلا سنگهه جا پُٽ( پنڌرهن هزار -/15000
روپيه.
شڪارپور ۾ اڏائڻ لاءِ رٿيل شاندار اسپتال لاءِ جمع
ٿيل پئسن سان اڏاوتي ڪم جي شروعات لاءِ هن تاريخي
عمارت جي تاريخ 30 اپريل 1933ع مطابق 18 ويساک
1989 بڪرمي ڇنڇر ڏينھن تِٿ ٻڌي وئي. اها رسم ان
وقت جي سکر جي ڪليڪٽر ايڇ.ٽي سورلي (ڊاڪٽر هربرٽ
ٽاور سورلي
Herbart Tower Sorly)
ڄم 12 اپريل 1892ع، فوتي 17 آگسٽ 1965ع) جي هٿان
ٿي. سورلي اسڪاٽلينڊ ۾ ڄائو هو ۽ 1914ع ۾ انڊين
سول سروس جو امتحان پاس ڪري بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾
نوڪري ڪيائين. سورلي جي يادگار ڪارنامن ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي تي پي.ايڇ.ڊي لاءِ لکيل تحقيقي
ٿيسز بعنوان:
Shah Abdul Latif of Bhit: His Poetry life and
time, a study of literacy and economic condition
in 18th century Sindh
وڏي وٿ آهي.
ڊاڪٽر سورلي کي پوپٽن گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. هن
سن 1954ع ۾ رٽائر ٿيڻ وقت ويھه هزار پوپٽ ڪٻٽن
سوڌا سنڌ سرڪار کي وڪيا هئا. شڪارپور جي ڪن خاص
لکيل پڙهيل ماڻھن سان هن جا دوستاڻا تعلقات به
هئا. سورلي وانگر مسٽر گبسن آءِ.سي.ايس. سي.آءِ اي
سنڌ جي ڪمشنر پڻ اسپتال لاءِ هڪ لک روپيه چندو گڏ
ڪرڻ ۾ اُتساهيو. اهڙيءَ طرح مسٽر ڪي.وي جوشي بي.اي
(سول) ايم.آر.سي.آءِ (لنڊن) چيف آفيسري انجنيئر
شڪارپور ميونسپالٽي پنھنجي سڀني صلاحيتن سان صلاحن
سميت سھائتا ڪئي. سندس قابليت سان شڪارپور جون
ڪجهه تاريخي عمارتون جُڙي بلند ٿيون. اسپتال جي
اڏاوت لاءِ سالن جا سال سرگرمي ۽ سرجوشيءَ سان
هرهڪ هڏ ڏوکيءَ پاڻ پتوڙي پئسي پيد اڪرڻ سان گڏ
هڙئون ۽ وڙئون گهڻو ڪجهه ڏنو ته اڏاوت جو ڪم شروع
ٿيو، جو هڪ سال نون مھينن ۽ ٻن ڏينھن جي مدت ۾
مڪمل ٿيو ۽ 2 فيبروري 1935ع مطابق 21 ماگهه 1991
بڪرمي ڇنڇر ڏينھن بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر لارڊ
برابورن جي.سي.آءِ.اي.ايم.سي افتتاح ڪيو. ان موقعي
تي اڏاوتي ڪاميٽيءَ هڪ سپاسنامو انگريزيءَ ۾ پيش
ڪيو جو هن کان پوءِ ڏجي ٿو جيئن تاريخي دستاويز
تاريخ جي حفاظت ۾ رهي.
لارڊ برابورن (8 مئي 1895ع- 23 فيبروري 1939ع) هي
1914ع کان 1920ع تائين برٽش آرميءَ ۾ ميجر رهيو،
پھرين عالمي ويڙهه ۾ هئڻ سبب کيس ”ملٽري ڪراس“
ايوارڊ مليو، 9 ڊسمبر 1933ع کان 30 مئي 1937ع
تائين بمبئيءَ جو گورنر هو. سن 1938ع ۾ هي چئن
مھينن لاءِ ائڪٽينگ وائسراءِ رهيو، ڇاڪاڻ ته لارڊ
لن لٿگو موڪل تي انگلنڊ ويو هو. هو ڪُل عرصو 25
جون کان 22 آڪٽوبر 1938ع تائين ان عھدي تي رهيو.
اسپتال راءُ بھادر اوڌوداس جي ان گھري سوچ ۽ لوچ
جو اهڙو منطقي نتيجو آهي جو ڪي ٿورا ماڻھو روح جي
روشنيءَ سان واٽ نھاري، ان کي يقيني ڄاڻي وڃي منزل
ماڻيندا آهن. ان حاصلات سندس سيني ۾ اها اِڇا
اُڀاري ته هو اسپتال جي اولين ٻنڍي
Mengate
جي چائنٺ وٽ، پنھنجو نالو نصب ڪرائي، جتان مريضن،
عام ۽ خاص جي اچ وڃ هجي ۽ نالي کي لتاڙيندا پيا
اچن ۽ وڃن. ان ٻنڍي مٿان پنھنجي اندر مان اٿليل
آسيس جو ڪتب لڳرايائين.
ڪلرفل پرسنلٽيز ۾ لکيو ويو آهي ته:
Late R.B. Udhavdas Tarachan was a Presonality of
Shikorpur and Karachi. His heart want out for
sick and Suffering. He bvilt best Hospital in
Upper Sind by Spending alakh of Rupees. The
Hospital to day bears his name as R.B.Udhavdast.
Hospital in Shiparpur. The Unveiling ceremony of
the Statue of Late R.B. Udhavdas was Performer
by H.E Sir Lancelot Graham then Governor of
Bomby Presidance. (p. 53)
سڀني جا دُکَ دُور ڪَرِ، سَڀَ جو ڪر ڪلياڻ،
دانھون دُکين جُون ٻُڌي مَالِڪ ٿِي مَھِربَان،
معافي ڪر منھنجا ڌڻي، عيبَ ڀَريو انسان،
عرضي ’اوڌوءَ‘ جي اگهاءِ ڏي تندرستي دان.
اسپتال جي مختصر تاريخ کان پوءِ اوڌاداس جي
شاعريءَ جو انتخاب ڏجي ٿو:
غزل 25
|
مٺا منٺار موهن ملي محبوب وڃ جاني، |
|
آهي محبت تنھنجيءَ مَنَ ۾ ڪئي دن رات
حيراني، |
|
جاني يار توسان رکي ياري عجب نياري، |
|
ورد برلب آهي هردم تنھنجي تصوير
صبحاني، |
|
ڪائون عقل جو نه آهي ويو سڀ هوش هردي
مان، |
|
ڌتاري دل ڪيئي قبضي بَکن حالا
مھرباني، |
|
اصل ۾ قول جو ڪيڙيءَ نه ياريئي مور سو
پيارا، |
|
ورج ساجهر اچي لھه سُڌ ڪري ڪا يار
احساني، |
|
رڙان راتيان ڏينھان تنھنجيءَ طَب ۾
ماهر و مُنور، |
|
درد دارون پياري وڃُ بخود دست دُر
افشاني، |
|
اٿم من جي مرادون جي ڪندين پوريون
سڀئي سُھڻا، |
|
آهي هن سارئي دنيا ۾ نه ٻيو ڪو تنھنجو
مَٽ ثاني، |
|
مثل مھتاب روشن ٿي ڏنئي جلوو سڄي جڳ
کي، |
|
سڪايئي ڇو صرف ”اوڌو“ ڪئي جنھن جان
قرباني. |
 |