|
بيدل مسرور بدوي

(سخي سائين قبول محمد چوٿون)
واقفيت:
انٽرنيٽ ۽ وائرليس فون جي ذريعي سموري دنيا سان
گهر ويٺي رابطي ۾ رهڻ واري ايجاد، جديد دنيا جي
تمام وڏي ايجاد آهي، جنھن دنيا کي ننڍڙي ڳوٺ ۾
تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنھن جي وسيلي ماڻھو ماڻھوءَ
جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو آهي. ڪنھن دوست جڏهن فيس بُڪ
تي پنھنجي سڃاڻپ جو صفحو ٺاهيو ته ان فيس بوڪ جا
ائين چئي ٿورا مڃيا ته ان ذريعي هن پنھنجي انھن
پرين پيارن کي ڳولھي لڌو آهي، جن سان ٻيھر رابطو
ڪرڻ ناممڪن هو.
بيشڪ! منھنجو سخي سائين قبول محمد سان ملڻ جو ڪو
رستو ئي ڪونه هو، پر اهو فيس بوڪ هو جنھن مون کي
ساڻس عقيدت ۽ ادب جي جھان جوڙڻ جو موقعو فراهم
ڪيو.
مان دلي طور تي سخي سائينءَ جي علمي حيثيت جو
معترف ته هئس، ان ڪري هڪ ٻه ڀيرا ساڻس ملڻ لاءِ
درازين به ويو هئس. ٻڌو هيم ته پڙهيل ڳڙهيل آهي،
ايم.اي
پوليٽيڪل سائنس، ايل.ايل.بي، ۽ شاهه لطيف
يونيورسٽي خيرپور مان جو پي.ايڇ.ڊي به ڪيل اٿس ۽
پندرهن روزه عبرت مگزين جي ڪنھن شماري ۾ مٿس لکيل
ڪو ليک به پڙهيو هو، جنھن ۾ کيس هند، سنڌ ،
پاڪستان ۽ آمريڪا مان مليل اعزازن ۽ ايوارڊز جي به
ڊگهي فھرست ڏنل هئي.
شروع ۾ اٽڪل1978ع ڌاري جڏهن سخي سائينءَ کي درگاهه
سچل سرمست جو سجاده نشين مقرر ڪيو ويو هو ته مون
کي شڪارپور وارن ڪجهه دوستن ٻڌايو، ته سخي سائين
شڪارپور جي مريدن جي لائبريرين مان ڪتاب کڻائي ويو
آهي. ان وقت ته اها ڳالھه دل کي ڪانه آئڙي هئي، پر
جڏهن سخي سائينءَ جي علم سان دلچسپي واري ڳالھه
ٻڌي ته دل کي آٿت ٿي ته چڱو ٿيو جو اهي ناياب ڪتاب
ڪنھن جاءِ تي محفوظ ته ٿيا، نه ته شڪارپور جي
ڪيترن ئي علمي شخصيتن جي پونيرن جي لاپرواهيءَ سبب
هزارين ڪتاب اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي وڃن ها.
پر هاڻي جڏهن انھن ايترن سارن انمول ڪتابن کي سخي
سائينءَ سان وصل جون گهڙيون نصيب ٿيون آهن، ته
انھن ڪتابن جي سنڀالڻ جو ذمو هاڻوڪي سجاده نشين
سندس لائق فرزند خواجه عبدالحق فاروقيءَ تي آهي،
ته انھن مان علمي لاڀ حاصل ڪري ۽ ان علم فضل جو
ٻين سان به ونڊ ڪري ۽ انمول ڪتابن کي ٻيھر شايع
ڪرائڻ جو ڪو طريقو اختيار ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب
بھرحال سچل سائينءَ جي انھن مريدن جي محبتن جي
امانت ئي آهن، جن جي مصرف ۾ اچڻ سان انھن مريدن کي
به اجر ملندو رهندو.
ان ۾ شڪ نه آهي ته، سنڌ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا
سجادهه نشين سڀئي معتبر ۽ عزت لائق آهن، پر سخي
سائين پنھنجي علمي فضيلت سبب منفرد حيثيت جو مالڪ
هو. هن پي ايڇ ڊيءَ جي سلسلي ۾ تصوف ۽ سچل سائينءَ
جي فلسفي متعلق انگريزيءَ ۾ ٿيسز: “Study
of Mysticism in DARAZI
SCHOOL OF SUFI THOUGHT”
لکي هئي، جيڪا پنھنجي نوعيت جي
انوکي ڪوشش آهي. ان ڪتاب جو پھريون ايڊيشن شاهه
درازا مان ئي ”درازا پبليڪيشن“ پاران 2002ع ۾ شايع
ٿيو هو، جنھن کانپوءِ اهو ئي ڪتاب 2009ع ۾ سنڌ جي
ثقافت ۽ سياحت کاتي ٻيھر شايع ڪرايو.
وائرليس ملاقات:
شايد اهو 2013ع جو سال هو جو فيس بُڪ ذريعي چيٽ
ڪندي سخي سائينءَ ٽيليفون نمبر گهريو، ته مون نمبر
ٽائيپ ڪري ڏانھنس اماڻيو. ٿوري دير نه گذري ته
منھنجي موبائيل فون جو اسڪرين، آمريڪا کان آيل
ٽيليفون نمبر سان چمڪڻ لڳو.
”سبحان الله!“
ان ئي پل دل ۾ سوچيم ته اسان ته درازا جا دربان
آهيون سخي سائينءَ ڪيئن قرب فرمايو آهي.
مون فون تي ئي، وڏي هيج وچان کيس سلام ڪيو ته پاڻ
به سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪندي ”حق موجود“ چيائين. مون
”سدا موجود“ ته چيو پر سخي سائينءَ جو مَنُ
ڪچھريءَ لاءِ ڪوصفا ٽمٽار ٿي چڪو هو. موضوع مٿان
موضوع پئي بدليا، پر سڀني ڳالھين جو بنيادي نڪتو
سنڌي ماڻھن جو ”انسانيت ۽ تصوف کان دوري“،
”علمي ادبي لڏي جو خود پذيرائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي
پوڻ“، ”درگاهن ۽ مدرسن جي منفي ڪارڪردگي“ ۽ ٻيو به
گهڻو ڪجهه، حالانڪ سخي سائينءَ به سمجهيو پئي ته
مان سندس ڳالھيون دل و جان سان پيو ٻڌان. پر پوءِ
به پنھنجو تڪيو ڪلام جاري رکيائين ”سمجهو ٿا نه
قبلا“...
مان سخي سائينءَ جي ڳالھين جي سحر ۾ ئي جڪڙيل هئس
ته موڪلائيندي چوڻ لڳو: ”قبلا ڪھڙيون ڪھڙيون
ڳالھيون ڪجن، اوهان به پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف
هوندَءُ، سو وري ڳالھائينداسين، پر هڪڙو ڪم ڪريو،
اهو جيڪو مون ڪتاب لکيو آهي، ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪريو، اوهان کانسواءِ مون کي ڪو ٻيو نه ٿو سُجهي
جيڪو سچل سائينءَ جي ڏنل تصوف واري خيال کي سمجهي
ترجمو ڪري سگهي...“
مون انڪساريءَ وچان پنھنجي بجاءِ ڪجهه ٻين دانشورن
جا نالا ورتا ته وري چوڻ لڳو:
”قبلا پڙهيل لکيل ماڻھو سنڌ ۾ تمام گهڻا موجود
آهن، پر ڪنھن کي ”سَڪر“ جي به پوري خبر نه آهي، بس
قبلا اهو ڪم ضرور ڪجو.“
فون بند ٿيڻ کانپوءِ مون ڏٺو ته سخي سائينءَ اٽڪل
ستٽيھه منٽ ڳالھايو هو. سخي سائينءَ جي اهڙي خمار
ڏيندڙ گفتگو کي بار بار ٻڌڻ جي شوق ۾ روزاني ٻن
ڪلاڪن جو پيڪيج وٺي ورتو ته جيئن مان پاڻ سخي
سائينءَ کي فون ڪري، ساڻس قرب واري ڪچھريءَ جو لطف
وٺندو رهان.
هڪ ايس ايم ايس:
”سائين!
شام درازن جي سجاده نشين سائين سخي قبول محمد جي
طويل علالت جي حوالي سان شام جو سائينءَ جي صحت
لاءِ انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران اجتماعي دعا گهرڻ
لاءِ دوستن کي گڏ ٿيڻ جو عرض آهي، ته شام ستين وڳي
انيس انصاري اڪيڊمي جي آفيس، راشدي ڳوٺ ۾ شريڪ ٿيڻ
جي مھرباني فرمائيندا.
اسحاق انصاري.
ايس.ايم.ايس پڙهندي ئي ماضيءَ جا ڪي اڻ وسرندڙ پل
تصور جي پردي تي اڀري آيا.
حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن... اونھاري جي موسم هئي،
سال اٽڪل اڻويھه سؤ ستر (1970ع) هو. رات جو اٽڪل
ڏهه پئي ٿيا، ۽ مون کي شڪارپور لاءِ ڪراچيءَ کان
ايندڙ گاڏيءَ جو انتظار هو.
ريل ڪافي ليٽ ٿي وئي هئي، انڪري مان پليٽفارم جي
وچ تي هڪڙي سيمينٽ جي خالي بينچ تي ليٽيو پيو هئس.
اوسيئڙي جي ڪري ننڊ به نه پئي آئي پر اڃان اک مس
لڳي ته ڪو شخص منھنجي مٿن کان اچي ويٺو. مون ستي
ئي اک ٽيٽ ڪري ڏانھنس نھاريو، ڏٺل ڏٺل شخص لڳو، ته
اٿي ويٺس.
سوچڻ لڳس ته آهي ته سچل سائينءَ جو سجاده نشين
”خواجه عبدالحق درازي“، شڪ ۾ ان ڪري هئس ته سندس
اوسي پاسي ڪو مريد به ساڻس گڏ نظر نه ٿي آيو، پوءِ
جڏهن شڪارپور اچي ادا احمد بخش کان پڇيم، ته هنن
پارن پتن سان حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي هڪ ڄاتل
سڃاتل شخص مليو هو ته ادا پڪ ڏني هئي، ته اهو
واقعي سچل سائينءَ جو سجاده نشين ”سائين عبدالحق
فاروقي“ ئي هو.
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي پليٽفارم واري بينچ تي
مان ادب وچان سڌو ٿي کيس سلام ڪيو. هلڪي آواز ۾
جواب ڏنائين، جنھن مان مون اندازو لڳايو ته
سائينءَ سان وڌيڪ ڳالھائڻ مناسب ناهي، پوءِ
تيستائين پنھنجي منھن ڪجهه ڳالھائيندو رهيو يا ڪو
ذڪر ٿي ڪيائين، پر ريل آئي ته هٿ کان وٺي، گاڏيءَ
تي چڙهي پنھنجي ڀر ۾ ويھاريائين. رات جو سفر هو،
سو مون کي ته ننڊ کڻي وئي پر خواجو عبدالحق هڪ
ڪنڊي تي ويٺو رهيو، پوءِ خبر ناهي ته راڻيپور ۾ يا
خيرپور ۾ ڪٿي ۽ ڪھڙيءَ مھل ريل مان لھي ويو.
اجتماعي دعا واري گڏجاڻي:
مانواري ليکڪ ۽ انيس انصاري اڪيڊميءَ جي سرواڻ
سائين اسحاق انصاريءَ جي سڏايل اجتماعي دعا واري
گڏجاڻيءَ ۾ مان ٿوري دير سان پھتس، شايد گڏجاڻي ۾
آيل ليکڪ ۽ دانشور سائين سخي قبول محمد بابت اڳ ۾
ڳالھائي چڪا هئا، ان ڪري ايندي ئي مون کي دعا لاءِ
چيائون..
پر دعا کان اڳ ۾ مون درگاهه سچل سرمست سان وابستگي
۽ خواجه عبدالحق فاروقي رح جي پنھنجي
مريدن سان قرب جي متعلق ڳالھايو، ساڻ ساڻ انھن
بزرگن جو به ذڪر ڪيم، جن جي صوفياڻي صحبت ۽ تربيت
۾ گذاريو هيم، پر اتي اها ڳالھه ٻڌائڻ وسري وئي
هئي ته اسان جي صوفي لڏي جو چوڻ آهي، ته بيدل کي
ٽي ويءَ جي نوڪري خواجه عبدالحق فاورقيءَ جي دعا
سان ملي هئي. جي ها! مان اها ڳالھه دل وجان سان
قبول ٿو ڪريان ته مون کي ٽيليويزن تي ملازمت انھن
درويشن جي دعائن سان ئي ملي هئي، ڇاڪاڻ ته ظاهري
طور مون کي نه هئي مُٺُ ۽ پُٺُ!
پوءِ اسان ويٺل سمورن دوستن سائين سخي قبول محمد
جي تندرستي ۽ سندس دراز عمر جي دعا لاءِ هٿ کنيا،
الله سائينءَ کي ٻاڏايوسين، ان کي ئي سندس پياري
حبيب محمد مصطفي صلي الله عليھ وسلم جا واسطا
وڌاسين.
مون سخي سائين جي ان انداز تي تمام گهڻو سوچيو، ته
آخر اهڙي پڙهيل لکيل شخص سان ماڻھن جو ورتاءُ ائين
ڇو آهي، جيڪڏهن هو درگاهه جو پير مرشد ٿي ويھي ها،
۽ عام ماڻھن توڙي مريدن سان برابريءَ جي بنيادن تي
سلوڪ نه ڪري ها، هٿ پير چمائي، ڪنھن جي مٿي تي هٿ
ڦيري روان ڪندو رهي ها ته شايد سندس عزت ۾ اضافو
ٿئي ها! ڇاڪاڻ ته اسان جي ايشيا جي ملڪن ۾ ماڻھو
پيرن مرشدن جي ناجائز ڳالھين ۽ ڪارنامن تي به ڪجهه
نه ڪڇندا آهن، ٻيو ته ٺھيو پر
پاڻ سان ٿيندڙ استحصال تي به وات سبايو پير مرشد
جي رضا لاءِ ڪنڌ جهڪايو بيٺا هوندا آهن.
پر سخي سائين ائين ڪونه هو، هن ڪڏهن سچل جي درگاهه
تي پير بڻجي ويھڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي سبب هو
جو سخي سائين اسان جي ڪيترن ڀرپاسي وارن درگاهن جي
سجاده نشينن کان مختلف ۽ منفرد هو.
کلڻ لڳو: ”سچ ٿا چئو، بس نانيءَ ويڙهو لڳو پيو
آهي، توھان سچ ٿا چئو، سچ پڇو ته ڪانفرنس جي سلسلي
۾ به مون کان ڪا صلاح به نه وٺندا آهن، پر مون کي
ان جي پرواهه نه آهي، نه ئي مان ڪا دخل اندازي
ڪندو آهيان. خود اوقاف کاتو به درگاهه جي رينوويشن
(renovation)
۾ ڪو سٺو ڪم نه ٿو ڪري، بس رکيل لوهي پيتيون ڀرجن
ٿيون ته ملازم پاڻ ۾ ئي ورهائي ٿا ڇڏين، اوڳرائي
به نه ٿا ڏين.“
”توهان کي دخل اندازي ڪرڻ گهرجي سرڪار.“
کلڻ لڳو، ”قبلا هي زور آهن، هاڻي ڏسو، مون اڃان
گاڏي مس ورتي ته مون کان ڦري ورتائون.“
مون سواليه نگاهن سان ڏانھنس نھاريو.
”چون پيا ته هيءَ خطرناڪ گاڏي آهي، توهان رکي نه
ٿا سگهو. مون چيو بابا ان دڪاندار کي چئو جنھن کان
مون خريد ڪئي آهي ته اهڙي غير قانوني گاڏي هن دڪان
تي وڪري لاءِ رکي ڇو آهي؟.... پر سائين وڏي سرڪار
آهي، ڪير چوي!!... اڃان ته شاهه دراز تي ٿيندڙ
ميلي دوران وڏ ماڻھن جي آمد وقت کيل تماشا توهان
نه ڏٺا آهن... مان ڪونه ڏيندو آهيان انھن کي
پروٽوڪول، ڇو؟ جو مان درگاهه جو سجادهه نشين
آهيان، جو پٽيوالو ناهيان جو انھن جي حاضريءَ ۾
بيٺو هجان، افتتاح ڪندا، پٽيون ڪاٽيندا، الائي ته
ڇا ڇا ڪندا، پر سچل جي پيغام تي عمل نه ڪندا....
سمجهو ٿا نه!“
ڳالھائيندي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو، جو سپاهي
فقير کيس موبائيل فون اچي ڏني، سخي سائين کانئس
فون وٺي، مونس ۽ مون کي مخاطب ٿيندي چيو: ”سائين
اجازت هجي ته فون تي ڳالھايان.“
اسان مرڪي ادب سان چيل جملي جو جواب به سيني تي هٿ
رکي، ادب واري اشاري سان ڏنو.
ائين چوندي اٿي ۽ اسان کي وٺي پنھنجي سمھڻ واري
ڪمري ۾ آيو. سخي سائينءَ مونس ۽ پارس کي به پاڻ
سان اچڻ لاءِ چيو. ڪمري جون ديوارون سچل سائينءَ
جي سجاده نشينن ۽ سخي سائينءَ جي والد خواجه
عبدالحق جي تصويرن سان سينگاريل هيون. ڪمري ۾ اچي
مون انھن سڀني بزرگن کي سلام ڪيو.
سخي سائينءَ پنھنجو ليپ ٽاپ کوليو، ته مون پنھنجي
پٽ پارس کي چيو ته:
”مون وٽ ڪمپيوٽر وارو چشمو ناهي، تون سائينءَ کي
سنڌي ڊائون لوڊ ڪري ڏي.“
پارس ٿوري دير ۾ ڀرڳڙي صاحب جي سائيٽ تي ڪلڪ ڪيو ۽
گهڙيءَ ۾ سنڌي ڪي بورڊ جو آپشن ليپ ٽاپ تي اچي ويو
ته سخي سائين خوشيءَ کان ٻھڪڻ لڳو، هلڪي مرڪندڙ
آواز سان سندس آواز ڀيڪوڙيل ڏندن مان نڪرندي جهرڻن
جھڙو پئي ٻڌڻ ۾ آيو.
موبائيل فون تي گفتگو:
فون ڪيم ته آواز آيو: ”صارف ٻي لائين تي گفتگو ڪري
رهيو آهي.“
جملو اردوءَ ۾ هو ۽ ڪمپيوٽرائيز هو، ان ڪري مان ان
تي ويساهه ڪري فون بند ڪيم. وري هڪ ڏينھن فون ڪيم
ته ساڳيو جواب. پر ٿوري دير کانپوءِ سخي سائينءَ
پاڻ فون ڪئي ۽ ٻڌايائين ته: ”اهو ڪمپيوٽرائيز جملو
منھنجي هن موبائيل ۾ لوڊ (load)
ٿيل آهي، ان جو فائدو اهو آهي ته مون ڏي رنگ ايندي
آهي، تيستائين مان به ڏسي وٺندو آهيان ته ڪنھن جو
فون آهي.“
مون مرڪندي سخي سائينءَ کي حق موجود چيو، ۽ کيس
ٻڌايم ته ائين هڪڙي دوست جي موبائيل ۾ وري اهو
جملو لوڊ ٿيل آهي ته:
”هم معذرت خواهه هين، اس ڪال ڪي ليئي، آپ ڪا بئلنس
ناڪافي هئي، مگر آپ ڪي محبت ۾ هم آپ ڪو يه ڪال
ملاديتي هين.“
منھنجي ڳالھه ٻڌي هلڪو ٽھڪ ڏيندي چوڻ لڳو:
”بيدل سائين اهو ته مون کي به لوڊ ڪرائي ڏيو.“
پر تصوير مان لڳو ٿي ته سائين بس ڪجهه ڏينھن جو
مھمان آهي. فون ڪري حال احوال وٺڻ جي ڏاڍي ڪوشش
ڪيم، پر سخي سائينءَ سان ڪو رابطو ڪونه پئي ٿيو، ۽
خبر به ڪانه ٿي پئي ته سخي سائين ڪراچيءَ ۾ آهي يا
شاهه درازا هليو ويو آهي. پوءِ جڏهن دل صفا ديدار
لاءِ ڀرجي آئي ته ايس.ايم.ايس ڪيم پر جواب پوءِ به
نه مليو. وري منظور اڄڻ کان سندس فرزند خواجه
عبدالحق ثانيءَ جو فون نمبر گهريم. پر ان به ڪا
ورندي ڪانه ڏني، پوءِ مون پنھنجو تعارف به کيس
اماڻيو ته سائين اسان درگاهه جا غلام آهيون، پر ان
جو جواب به بھرحال نه مليو،
پوءِ
خواجه صاحب کي فون ڪيم ته متان ايس.ايم.ايس نه
پڙهندو هجي. هڪ ٻه ڀيرا ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ سان
آخرڪار خواجه صاحب فون کنئي، پر منھنجي ڳالھه ٻڌڻ
کانسواءِ ئي فرمايائين ته: ”مان ٻاهر نڪتل آهيان،
مون سان پوءِ رابطو ڪجو.“
ڪو زمانو هو جو درازن جي ميلي تي وڃبو هو ۽ ساندهه
ٽي ڏينھن ميلو گهمي، ڳانا ڳچيءَ ۾ پائي، ڦلا ڀڳڙا
کڻي موٽندا هئاسين، ڌمالن ۾ پير پير اسان به کڻندا
هئاسين، سجاده نشين خواجه عبدالحق جي پويان سرگس ۾
به هلندا هئاسين، ته سندس سامھون ويھي راڳي فقيرن
جي ٽوليءَ سان ڪورس جي انداز ۾ ڳائيندا به هئاسين:
”گهُنڊ کول ديدار وکائو، مئن آيا مک ويکڻ.“
يا سچل سائينءَ جي پَڙ مبارڪ جي تبديليءَ وقت اسان
جي بابا جي پراڻي سنگت گوورڌن داس ۽ ڄيٺانند ۽
اسان جي مربي ڀائرن ادا مٺل سائين ۽ ادا ميران بخش
سميت سڀني فقيرن سان گڏجي ڳائبو هو:
”ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.“
هڪ پاسي ذهن ۾ ننگڙا نماڻي دا پئي گونجيو ته ٻئي
پاسي سخي سائينءَ جو اهو جملو گونجڻ لڳو، جيڪو
ڪراچيءَ واري فليٽ مان ٻاهر تائين رخصت ڪرڻ لاءِ
آيو هو ته پنھنجي ٻنھي فرزندن سان منھنجو تعارف
ڪرائيندي چيو هئائين:
”بابا هي اوهان جي ڏاڏي جي نشاني اٿوَ.“
شاهه درازا جي ايندڙ وقت جا سجاده نوجوان هئا،
پڙهيل لکيل ٿي لڳا، مليا به پڙهيل لکيل نوجوانن
وانگر.... پر انھن ۾ اها مڻيا مون کي نظر نه آئي
جيڪا ڏيا سندن ڏاڏي خواجه عبدالحق ۾ هئي ۽ جا سخي
سائين قبول محمد چوٿين ۾ هئي.
بس هو ويو، ته پاڻ به دل پَلي ورتي، هاڻي سچل جي
سلاميءَ تي وڃبو آهي، پر سجاده نشينن جي حاضريءَ
کان گُسائي ويندو آهيان. الله وڏي ڄمار ڏئين، ڪي
سچل سائينءَ وارا پير ڏيکارن ته ڪو مريدن جو ڀلو
ٿئي.
نصير مرزا

خانه بدوش
رائٽرز ڪيفي
]ادبي
۽ ثقافتي منظرنامو[
اڄ هر ڪنھن جو هي رايو آ،
تو نينھن اياز نڀايو آ،
تو ڳاتا گيت محبت جا،
تو لاٿا زنگ ضميرن جا.
مانواري ادي نورالھديٰ شاهه، محبوب دوست ادل
سومرو، ادي امر سنڌو، ڀيڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ناظر
محمود صاحب ۽ خانه بدوش رائٽرز ڪيفي جي ايوان ۾
موجود دوستو... حق موجود!
ساٿيو! هر ڏيئي کي خبر هوندي آهي ته ان ۾ ڪيتري
روشني آهي. ممڪن آهي ته مون ۾ به ڪا ٿوري گهڻي
روشني هجي پر منھنجي صلاحيتن ۾ مقالي، خطابت يا
تقرير واري روشني ناپيد آهي. سيد سليمان شاهه جي
ڳايل هڪ ڪلام جي سٽ آهي:
گُل هو وي ته خوشبو هو وي، نه ته خوشبو بنان ول گل
ڪيا.
سو اگرچه مون ۾ تحقيقي مقالي لکڻ واري، نه خوشبو
نه روشني. پر ادي امر سنڌوءَ جي خواهش ته، ٻه چار
اکر لکي اچي ڳالھايو، ته سندن ان صلاح تي اسم اعظم
علي المرتضيٰ جو، چپن ۾ چئي ڳالھه شروع ٿو ڪريان.
پر گفتگوءَ جي آغاز ۾ آئون ادي نورالھديٰ شاهه جو
هڪ مختصر نظم به پڙهندس، جنھن ۾ خانه بدوش رائيٽرز
ڪيفي جو منشور ائين سمايل آهي جيئن گل ۾ خوشبو...
منڊيءَ ۾ ٽڪ. ڪوزيءَ ۾ سمونڊ.
بقول ادي نورالھديٰ! ٺيڪ آ... گهڻو ڪجهه پاڻ کان
ڌارين ڦُري ورتو آ. تڏهن به پاڻ ڪيڏا نه خوش نصيب
آهيون، گهٽ ۾ گهٽ ڪوئي ائين ته نه ٿو چوي توکي
هيءَ... هيءَ... هيءَ تنھنجي ڌرتي ناهي. نورالھديٰ
شاهه تنھنجي ماءُ ناهي.
۽ گڏوگڏ هي به ته:
”اي منھنجي قوم! اڃا ڪيستائين....
زنجيرن جي سرگم تي
تون رقص ڪندينءَ
هاڻ ته بس ڪر
غلاميءَ جو هي وحشي ناچ بند ڪر
هاڻي ته، ناچ بند ڪر
دانھن ڪر... احتجاج ڪر
هاڻي زمين ۾ دفن ٿيل
تنھنجون آهون ۽ دانھون
زمين جي ڇاتي چيري
توتي اُلرون ڪَن ٿيون
هاڻي ته انڪار ڪر
--
اي منھنجي قوم
انڪار ڪر ۽ اُٿي بيھي.
هاڻي ته چئي ڏي
چئي ڏي ته
هيءَ ’ڌرتي‘ تنھنجي آهي.
--
تنھنجي پيءُ جي آهي
تنھنجي ڏاڏي جي آهي.

دوستو! هتي خانه بدوش رائٽرز ڪيفي جي ايوان ۾
گذريل يارهن سالن دوران پيش ٿيندڙ پروگرامن ۽ سنڌ
جي سماج تي انھن جي جيءَ جياريندڙ اثرن تي اچڻ ۽
ڳالھائڻ کان اڳ، انتھائي اختصار سان ئي سھي، سنڌ
اندر ماضيءَ ۾ ٿيندڙ روشن خيال ادبي ۽ ثقافتي
اجتماعن جو ذڪر به ضرور ڪندس. مثال طور سائين
جي.ايم.سيد پاران شاهه عبداللطيف جا ميلا ۽ ان جون
ادبي ڪانفرنسون. سنڌ جي مادر علمي درسگاهن ۾ ون
يونٽ دؤران ان جي خلاف ادبي شامون. بزم صوفياءِ
سنڌ پاران ڳوٺ ڳوٺ انقلابي مزاحمتي رهاڻيون. پوءِ
سنڌي ادبي سنگت پاران، سنڌي ٻولي ۽ پنھنجي حقن
لاءِ ريليون ۽ ادبي گڏجاڻيون، جن سنڌ اندر سجاڳيءَ
جي وڏي لھر پيدا ڪئي ۽ ان ڏس ۾ انفرادي طرح سان
”جشن روح رهاڻ“ جا جيءُ جياريندڙ اجتماع هر حال ۾
ڳڻائي سگهجن ٿا.
۽ دوستو! اهڙو سارو زمانو بلآخر جڏهن خواب بنجي
ويو ۽ ماٺ جي لھر ڇانئجي وئي. جنھن لاءِ امداد
حسينيءَ هڪ شعر ۾ لکيو:
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو،
ائين چپ چاپ ڪيستائين رهندا، ڪجهه ته ڳالھايو.
تڏهن.... اڄ کان يارهن کن سال اڳ اسان جون هي ٻه
بھادر ڀيڻون، نوان آدرش، نوان خواب ۽ سجاڳيءَ جا
نوان ارادا کڻي ظاهر ٿيون جنھن جو ثمر، هيءَ ڪيفي
خانه بدوش رائيٽرز ڪيفي آهي. ابتدا ۾ صرف هي ٻه
هيون پر ان بعد هڪ پورو زمانو، هنن سان گڏجندو
ويو.
ان ڳالھه تي مجروح سلطان پوريءَ جو هي شعر ياد اچي
ويم:
میں
اکیلا
ہی
چلا تھا جانب منزل مگر،
لوگ ساتھ آتے
گئے
اور کارواں
بنتا گیا۔
ساٿيو! آگاهه رهجي ته، ڪيفي خانه بدوش، محض چٽ چيٽ
۽ چانھه جي ڪوپ تي
Gossip
يا ميل ملاقاتن لاءِ نه هئي پر، اسان جي ادين امر
سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح علم، ادب، مزاحمت، فڪر ۽
گڏوگڏ ادبي سياسي، سماجي ۽ ناانصافين جي ڪيٿارسس
لاءِ، سنڌ جي ذهين قلمڪارن، نؤخيز ذهنن جي آبياري
لاءِ ڄڻ هڪڙو منفرد پليٽ فارم مھيا ڪيو. جنھن جي
بيمثل ڪنٽريبيوشن ۾ نمايان ”شيخ اياز صاحب جا
ميلا“، جن ۾ راڳ، ويراڳ، اوپيراز.... ۽ نئين
مڪالمي لاءِ اسپيس پيدا ڪيو ويو ۽ جنھن پليٽ فارم
جي مون هي ڳالھه ڪئي اتي بقول شيخ اياز ته، جيڪا
ڳالھه خاص اسان جي توجھه جو مرڪز رهي، اها هيءَ
ته:
ميھار ملڻ جي ويلا آ،
ڪر ڳالھه گسن ۽ گهيڙن جي
مون مُرڪي پنھنجو پاند ڏٺو
رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
دوستو! انتھائي حيرت جو مقام.... ته شيخ اياز ميلن
۾ سنڌ جي چئني ڀاڱن جو عوام اٿلي ٿي پيو ۽ سنڌ جي
سڀني يونيورسٽين جا شاگرد شاگردياڻيون... ۽ انھن
سڀني لاءِ هي اياز ميلو هڪ طرف تربيت گاهه، ٻي طرف
سنڌ وطن، سنڌي ٻوليءَ جي مامرن مسئلن جي اپٽار. ۽
گڏوگڏ تفريح ئي تفريح ۾، ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ جھڙا
گيت.... يا جي هيان نه هارين ڪوهيارل هي ڏينھن به
گهاري وينداسين. ڇو پير پساري ويٺو آن اُٿ ڏونگر
ڏاري وينداسين. ائين شيخ اياز صاحب جو اوپيرا ”ڀڳت
سنگهه کي ڦاسي“، پڻ مون خانه بدوش جي اسٽيج تي ئي
ڏٺو ۽ دوستو! هتي ڇو نه هي به ٻڌايان، ته بيدل
مسرور، شفيع فقير، رجب فقير، ذوالفقار علي، مظھر
حسين، سيف سميجي، صنم مارئي... مزاحمتي شاعريءَ کي
هن ئي پليٽ فارم تان عام پئي ڪيو. ۽ دلين ۾ سنڌ
وطن لاءِ درد ۽ محبت جا دروازا پئي کوليا. شعور جي
روشنيءَ سان نوجوانن جا من موهيا ۽ منور ڪيا. ائين
شيخ اياز صاحب جي خوبصورت ترين نثر ۽ سندن هھڙا
پيغام ڏيندڙ نظم به گڏوگڏ تحت اللفظ هن ئي ايوان ۾
مون ٻڌا.
جيئن مثال طور هي سنيھو ته:
ڪنھن به آزادگي ناهي روئي وتي،
تون ٿئين تلَ تي رات تارن ڀري
آڳ جي راڳ جي ٿيءَ ڪائي ڄڀي،
مشعلون مشعلون ٿي وڃي شاعري
تون پھاڙن مٿان ڪڙڪندڙ گرج ٿي
گيت ڦولاربا، امن ايندو وري
ٻار جي ٽھڪ ۾، امن جي آرسي
ماءُ جي مھڪ ۾، امن جي تازگي
امن ايندو وري، امن ايندو وري.
ساٿيو! خانه بدوش رائيٽرز ڪيفي جي يارهن سال فڪري
جدوجھد دؤران پيش ٿيندڙ منفرد ادبي ويھڪن کي پڻ
ڪيئن آئون وساريان! جن جو مختصر ترين لفظن ۾ پوتا
ميل هي ته، عطيه دائود صاحبه جھڙي جرئت مند شاعره
کي اسان هن ايوان ۾ ئي ٻڌو. ادي نورالھديٰ شاهه جا
اڪثر افتتاحي
Key notes.
پوءِ حارث خليق ۽ نھايت اهم ڳالھه ته سنڌي ٻوليءَ
جي وساري ڇڏيل ۽ منفرد ترين ناولسٽ ۽ ڪھاڻيڪار
ماڻڪ (منير احمد) بابت هڪ ويھڪ ٿي، ۽ ياد رکو ته
ماڻڪ واحد اهڙو بي خوف ڪھاڻيڪار هو، جنھن آمر جي
دؤر تي هي ناول لکيو هو... ”ساهه مُٺ ۾“. ۽ ائين
جمال ابڙي بعد، هو واحد ڪھاڻيڪار هو جنھن ڪاروڪاري
کي موضوع بنائي هڪ شاهڪار ڪھاڻي لکي هئي ”ڪاري“. ۽
هي به شايد بلڪل ئي پھريون ڀيرو هو، جو جديد سنڌي
ڪھاڻيءَ کي نون پڙهندڙن تائين پھچائڻ لاءِ ٽن
خوبصورت ڪھاڻيڪارن غلام نبي سومري، عبيد راشدي ۽
اختر حفيظ سان مکاميلو رکيو ويو ۽ هڪ زماني بعد،
هن ايوان ۾ سنڌي ڪھاڻي بابت تعريفي ۽ تنقيدي
مڪالمو رٿيو ويو. پوءِ سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿائن کي
هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ زبردست سيشن ٿيو، جنھن ۾ نھايت
اهم نثرنگارن مدد علي سنڌي، اڪبر سومري ۽ ضراب
حيدر منفرد اسلوبن ۾ پنھنجن آتم ڪٿائن جا دلچسپ
چيپٽر پڙهي ٻڌايا هئا.
ساٿيو! هتي هي به ڪيئن وساريان، ته سنڌ جي وساري
ڇڏيل باب... حشُو ڪيولراماڻي بابت، ڪليم ٻٽ جي
بھترين ناول ”سنڌ ڏانھن ويندڙ ريل“ بابت امر سنڌو
۽ مدد علي سنڌي توڻي جناب اڪبر لغاري پنھنجا
پنھنجا پيپرز پڙهيا، تڏهن اسين هڪ جلاوطن سنڌ پرست
هستيءَ جي ڪارنامن ۽ ڏکن کان آگاهه ٿيا هئاسين. هن
ناول جي پڌرائي کان علاوه خانه بدوش رائٽرز ڪيفي
پاران جلاوطن ليکڪ ۽ جديد فڪشن نگار گُني سامتاڻي
جي ڪھاڻي ڪتاب ”هڪ راهه، هڪ پٿر“ واري نشست به
ڪيڏي نه يادگار هئي ۽ ان بعد عبيد راشديءَ جي
ڪھاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جو ڪلاسيفائيڊ سچ“ متعلق پڻ
هڪ شاندار ويھڪ ٿي هئي، ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب جھڙي
بھادر ڪھاڻيڪار بابت ”ڊاڪٽر
ريحانه نذير صاحبه جي
ٿيسز جي پڌرائي، پوءِ زبردست ڪوريوگرافر افشين
ميمڻ پاران، شيخ اياز صاحب جي انقلابي گيتن ۽
درياهه سنڌ بابت سنگيت ناٽڪن تي بھترين پرفارمنس
يا بلڪل ئي پھريون ڀيرو شيخ صاحب جي خوبصورت ڪھاڻي
”کلڻيءَ“ جي ڊرامائي تشڪيل جنھن کي ”مرڪ ٿئيٽر“
پاران ڊاڪٽر آصف ميمڻ ۽ ڪزبانو صاحبه ڊائريڪٽ ڪيو
هو يا انقلابي شاعر حبيب جالب جي نياڻي طاهره جالب
سان شام....“ پر هتي خاص ذڪر آئون تاج جويي
جي جيل ڊائريءَ جو ڪندس، جنھن جو عنوان هو ”کولي
مٿان چنڊ“. ڪيئن وساريان ته ان جيل ڊائري مان هڪ
دکدائڪ ورق پڙهيو ويو هو جنھن ۾ تاج کي الف ڪيو ۽
سچ پترا هڻڻ بعد، وڌيڪ سختيءَ سان حڪم ڪيو ته
ٻڌاءِ. اها ليٿو مشين ڪٿي آهي؟ جنھن تي اسان جي
خلاف اوهان پمفليٽ ظاهر ڪندا هئا. تاج جويي کي هڪ
عجب جھڙي ڌمڪي ڏني وئي، سو بھتر آهي ته سڀ ڪجهه
ٻڌائي. پر تاج جويو اَٽل رهيو ۽ هن اهو پئرا هتي
(خانه بدوش ۾) جڏهن پڙهيو پئي ته آڊيئنس زار و
قطار مون سميت رئندا رهيا هئاسين. ڀانئيان ٿو اهڙي
ثابت قدميءَ بابت ئي.... شيخ اياز صاحب چيو هو:
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا،
مون سوريءَ تي سؤ مان ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا
جي لوئي لڄ بچائي ويا.
ساٿيو! مٿئين متعلقه موضوع بابت نھايت اختصار سان
پنھنجي ڳالھه مون پوري ڪئي ۽ گذريل يارهن سالن
دوران ادب، آرٽ، محبت ۽ مزاحمت جي فروغ لاءِ جيڪو
ڪجهه به منھنجي مشاهدي ۾ آيو، ان کي سنڌي ادب ۽
ثقافتي تاريخ جو آءٌ هڪ نئون باب ٿو سڏيان. هڪ
نئون دروازو، جتان جوان امنگن جا قافلا اڄ به
لنگهي رهيا آهن ۽ مون کي پڪ آهي، ته سنڌ جي سماج
اندر ظالمانه نظام خلاف هن خانه بدوش ڪيفي جو
ايوان، سدائين طاقت بڻجي سينا سپر ٿيندو رهندو،
ٿيندو رهندو، ٿيندو رهندو.
۽ ساٿيو! هاڻي ان حوالي سان ئي ٽي ايس ايليٽ جو هي
مشھور نظم ڏسو: ”ويسٽ لينڊ“. جنھن جون هي ڪجهه
سٽون آهن:
چيو هو ارجن کي ڪرشن!
ميدان جنگ ۾
ناهي ڪائي الوداع،
اڳتي وڌو.
تڏهن آخر ۾... نورالھديٰ شاهه صاحبه جي هڪ مختصر
نظم تي هن تاثر نما مقالي جي پڄاڻي ٿو ڪريان جيڪو
دور حاضر ۾ ادي امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح
پاران، خانه بدوش رائٽرز ڪيفي جو لائحه عمل ۽
ڪالھه کان سڀاڻي تائين سندن منشور پڻ سمجهيو وڃي.
نورالھديٰ صاحبه جا لفظ آهن:
جتي مان اُجهامي ڪِران
اُتي تُون
پنھنجون رڳون جلائجانءِ
منھنجي ئي وجود جي
آخري چڻنگ مان
آخري چڻنگ مان
سفر هلندو رهي.
سفر هلندو رهي،
ساٿيو!
سفر هلندو رهي.


 |