سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:15 

علامه قاضي هدايت الله ”مشتاق“ صديقي

جناب امام التارڪين قدوت السالڪين

سيد عبداللطيف حسيني شاهه ڀٽائي قدس الله سره

توضيح: علامه قاضي هدايت الله ”مشتاق“ مٽياروي مرحوم، سنڌ جو ماياناز عالم ٿي گذريو آهي. جنھن جا ڪتاب مناقب سادات، ان جي شرح ۾ لکيل ”ڪواڪب السعادات في شرح مناقب السادات“ جا ڇھه جلد، مناقب غوثيه، هدايت الانشاءِ مشھور رهيا آهن. ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب لکيل اٿس، جن جو تفصيل مون پنھنجي ڪتاب ”تاريخ مٽياري“ ۾ قاضي صاحب جي احوال ۾ ڏنو آهي. پويون ڪتاب ”هدايت الانشاءِ“ ته سنڌي ادبي بورڊ پاران به ٽي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. علامه قاضي هدايت الله جي ڪتابن ۾ عالمِ اسلام جي عالمن کان سواءِ سنڌ جي آڳاٽن عالمن جا به ڪيترا ئي واقعا محفوظ ٿيل آهن. مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنھنجي تصنيف ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ انھن تصنيفن مان ڪيترائي واقعا کنيا آهن. موضوع ۾ آيل عنوان سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح بابت علامه هدايت الله ”مشتاق“ جي تحرير سندس ڪتاب ”مناقبِ غوثيه“ جي 260 کان 263 صفحن تائين ڏنل آهي. هن بيان ۾ آيل روايتون پنھنجي نوعيت جون منفرد روايتون آهن. جيڪي ٻين ماخذن ۾ نه ٿيون ملن، نه ئي هن ڪتاب تان نقل ڪيون ويون آهن. انھن ۾ خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو مختلف سلسلن سان تعلق ۽ قادري سلسلي جي مفصل سند اهم آهي. وتائي فقير جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ جيڪا روايت ڏنل آهي، اها زباني طور تي هلندڙ روايت کان مَٽيل آهي ۽ لوڪ جي زبان تي اچي ڦري وڃڻ کان بچيل آهي. هن مواد ۾ لطيف سرڪار جو وتائي فقير جي دور ۾ سمجهه ڀريو هجڻ واري روايت موجود آهي.

اها روايت به نئين آهي ته، لطيف سرڪار جو ڀٽ تي لڏي وڃڻ به حضرت سخي هاشم شاهه رحمة الله عليھ جي صلاح تحت ٿيو. سخي هاشم شاهه رحمة الله عليھ جي وفات 12 ربيع الاول 1120هه تي ٿي هئي. جيڪڏهن اها روايت صحيح مڃجي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته لطيف سرڪار 17 يا 18 سالن جي ڄمار ۾ ڀٽ تي اچي آباد ٿيو هوندو. ان معاملي ۾ هن آڳاٽي روايت ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل تحقيق کي سامھون رکي وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿي.

هن مواد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ولادت جو سال شايد ڪتابت مھل لکجڻ کان رهجي ويو آهي، هتي اهو شامل ڪيو ويو آهي. باقي وفات جو سال صحيح لکيل آهي. اڳتي ڪتاب ۾ موجود حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح بابت اصل مواد پيش ڪجي ٿو.

قاضي مقصود احمد

 

 

 

هي سڳورو سنڌ جي وڏن مشھور اوليائن، برگزيده اصفيائن مان، تارڪن جو پيشوا، سالڪن جو مقتدا، عارفن جو سرتاج، ڪاملن جو سراج وهاج، ولايت جو سردار، واصلن جو سالار، زاهد جو سينگار، عابدن جو جنسار، نفس سان مجاهد، انوارِ الاهي جو مشاهد، جذبي ۽ سلوڪ جو عارف، وحدت جي درياء جو عارف، سرِ مڪنون جو واقف، علم مخزون جو ڪاشف، عالي مقامات، متعالي درجات، ڪشفن ۽ ڪرامات جو صاحب، پنھنجي جد امجد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو حسبي، نسبي، ظاهري، باطني وارث ۽ نائب آهي.

سندس نسب شريف ثابت ۽ صحيح هن طرح آهي. حضرت شاهه ڀٽائي سيد عبداللطيف بن سيد حبيب الله، مشھور شاھه حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم، مشھور بلڙيءَ وارو صاحب شاهه ڪريم بن سيد لعل محمد عرف للو بن سيد عبد المومن بن سيد هاشم بن سيد حاجي بن سيد جلال بن سيد شرف الدين بن سيد مير علي بن سيد حيدر(1) بن سيد مير علي بن سيد محمد عرف حسين بن سيد علي بن سيد احمد عرف يوسف بن سيد محمد عرف حسين بن سيد ابراهيم عرف يوسف بن سيد علي الحواري بن سيد حسين الاڪبر بن سيد جعفر الحواري بن سيد امام موسيٰ ڪاظم بن سيد جعفر صادق بن سيد امام محمد باقر بن سيد امام علي زين العابدين بن سيد امام حسين بن سيد امام علي مرتضيٰ ڪرم الله وجهه و رضي الله تعالي عنھ و عنھم اجمعين.

هن سڳوري جي ولادت کان اڳي ڪن ڪاملن سندس والد ماجد قدس سره کي هن سعادتمند ازلي جي ظھور پرنور جي خبر ڏني، تنھنڪري ان بزرگوار سئي ڪندر جي درويشن جي خاندان مان شادي ڪئي. هن سڳوري جي ولادت سال1102هجريءَ ۾ ٿي ننڍپڻ کان سعادت جا آثار سندس پيشانيءَ تي نور الاهي جي نشاني مان پڌرا ۽ پيدا هئا ۽ جڳن جا جڳ ان جي جمال باڪمال تي مفتون ۽ شيدا هئا. ڪو وقت طالب علميءَ ۾ به گذاريائين، مگر جذبِ الاهي سان استادِ ازليء ڏي پاڻ سڄو ئي واريائين ۽ باطني لدني علم جي قوت قوي ٿيس ۽ رڳي ظاهري علم تي همٿ ڪوتاه نه رهيس، جھڙيءَ طرح فرمائي ٿو ته:

ڪنز ڪدوري قافيا، ڪين ڪو ڪونه پڙهيم،

جـئـان پرين ڏٺوم،  او پار ئي ڪو ٻئو.

*****

ڪنز ڪدوري قافيا، پنا پڙهيم پوڄ،

جو مھراڻ ڪئي موج، ته حرف نه مڙيو حرف کي.

*****

ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو،

تنھن ۾ تونھين تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

*****

لوڪان نحو صرف، مون مطالعه سپرين،

سو ئي سو حرف، پڙهيو، پڙهان من ۾.

          مجاهدي جي واٽ ۾ جيڪو به ڏکيو رستو ڏٺائون ٿي، تنھن ۾ داخل ٿيڻ تي ڪمر مضبوط ٻڌائون ٿي. جيڪا به اَهکي لُڪي معلوم ڪيائون ٿي، تنھن کي الاهي همٿ ۽ توفيق ۽ مدد سان اورانگهيائون ٿي. جبلن جي چُرن ۾، وڻن جي ڊَڍَرَن ۾، واريءَ جي بٺن ۾، سڃن رڻن پٽن ۾ گهڻيون گهڻيون مدتون رهي رياضت ڪيائون ۽ زهد ۽ قناعت، فقر ۽ فاقي کي پسند رکي نفس کي سڀ ڪنھن سڌ ۽ خواهش کان  روڪيائون. سير ۽ سياحت ۾ گهڻائي اولياء الله ڏوري ڏٺائون. پوءِ جتي جيڪو حال معلوم ٿيس ٿي، سو بروقت بيتن ۾ چئي ٿي ڏنائون. انھيءَ قسم مان درويشن جي احوالن جا مڪاشفا حضرت شاهه صاحب قدر سره کان گهڻي قدر منقول آهن. جوڳ پچائيندڙ فقيرن سان گڏجي گهميا، پوءِ سچن صوفين جوڳين جي واکاڻ ڪيائون ۽ ٺوڳين ٺلن ٺڪرن کي طرحين طرحين سِٺِيائون. هنگلاج ۾ وڃي هندن جي ناني ڏٺائون ۽ اتي پنھنجي ڪرامت ۽ تصرف سان ڪافرن کي ذليل ۽ خوار ڪيائون ۽ انھن جي غلط فھمي ظاهر ڪري ڏيکاريائون. مگر هن سلسلي ۾ جاهل مُرَڪب پاڻان عناد ۾ پيا ۽ ايذائڻ جو ارادو ڪيائون. تڏهن پاڻ اتي جو اتي ٽٻي هڻي اچي پنھنجي ملڪ مان نڪتا.  سلوڪ جي رستن ۽ مجاهدن جي طرحن ۽ تَرڪَ ۽ توڪل جي واٽن ۽ زهد ۽ تقويٰ جي صفتن ۽ حقيقتن جي معرفتن ۽ وحدت وجوديءَ جي وصفن ۽ مقام شھود جي شرطن ۽ تصوف جي اسرارن مان جيڪي به ڳولجي، سو سڀ سندن ڪلام فيض نظام ۾ موجود آهي، پر پروڙڻ جو مادو ۽ سمجهڻ جو مايو ضرور گهرجي. بيتن جون معنائون فقط قصن ۽ آکاڻين تي حمل ڪرڻ (يعني انھن کي رڳو آکاڻيون سمجهڻ) شاهه صاحب جو اصلي مقصد هرگز ناهي. سندن ڪلام ڪامل مرشد جو قائم مقام آهي. فقط ان ۾ ذڪر ٿيل امرن ۽ نھين جي تعميل ڪجي ته ڪنھن عالي درجي ۽ اعليٰ مقام تي پھچي وڃجي. سوز ۽ گداز ۾ نابوديءَ ۽ نيستيءَ، نياز  ۾ ۽ ظاهر ۾ ٻيو ذڪر ۽ باطن ۾ پنھنجي محبوب ۽ محبت جي راز بيان ڪرڻ ۾ سنڌي زبان ۾ ڪلام بي نظير ۽ لاثاني آهي. خدا تعاليٰ جل و شانھ جي پنڌ ۾ بيشڪ قرآن مجيد جو مقصود ڪلام رباني ۽ حديثن شريفن جو حاصل مضمون وحي سبحاني ۽ اصحابن ڪرامن ۽ اهلبيت جي امامن جي ارشادن جو انتخاب فيض صمداني ۽ صوفين صافين جي صفتن جو آئينو نوراني ۽ هر حال ۽ هر مقام جو بيان حقاني ۽ الھام رحماني آهي. انھيءَ ڪلام پاڪ جي هيءَ هڪڙي ئي ڪرامت بس (ڪافي) آهي جو هميشه تازو رهي ٿو ۽ جيڪو نه سمجهيس، سو به ان جي سڻڻ سان گهڻو محظوظ ٿئي ٿو.

الحاصل ته حضرت شاهه صاحب قدس سره جا فضائل بي شمار آهن. گهڻن ئي طريقن وارن مشائخن سان صحبتون ڪيائون ۽ چشتي صابري طريقي وارن بزرگوارن ڏانھن گهڻو ميل رکيائون ۽ سرود ۽ راڳ انھن کان اخذ ڪيائون ۽ پنھنجي ڪلام ۾ انھن سڳورن کي گهڻو ساراهيائون. نقشبندي، ڪُبرَوي، سھروردي، مداري، قلندري ۽ ٻين طريقي وارن بزرگن سان به  ملاقاتون ڪيائون. قادري طريقي جو خرقو پنھنجي والد هٿان ڍڪيائون ۽ انھيءَ کان تلقين ورتائون. انھيءَ خرقي جي سڄي سند شريف ۾ سڀ واسطا سادات اهلبيت حسيني ۽ حسني آهن ۽ حضرات حسنين ڪريمين رضي الله عنھما جي برڪت مان ڀريل حسينين جي آهن ۽ تبرڪ لاء اهو سلسلو هتي لکجي ٿو.

حضرت شاهه ڀٽائيءَ جو قادري طريقي ۾ خرقي ڍڪڻ جو سلسلو: حضرت شاھه ڀٽائي سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ قدس الله سره تلقين ورتي ۽ قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو. پنھنجي والد ماجد سيد حبيب الله عرف شاهه حبيب قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد سيد شاهه عبدالقدوس قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شاهه جمال قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي مرشد  حضرت سيد شاهه ابراهيم بخاري قدس سره کان  انھيءَ پنھنجي مرشد  حضرت سيد شاهه  احمد قادري حسني حموي قدس سره کان، جنھن جي سڪونت شام ملڪ جي شھر حماه، مشھور حامي شريف ۾ هئي ۽ هن وقت به حماه شريف ۾ مسند جو صاحب نقيب پاڳارو انھيءَ سڳوري جي اولاد مان آهي ۽ انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شاهه علي هاشمي قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شھاب الدين احمد قدس سره کان ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شرف الدين قاسم قدس سره کان ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد بدرالدين محي الدين يحيٰ قدس سره کان ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد نور الدين حسين قدس سره کان ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد علاء الدين علي قدس سره کان ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد شمس الدين محمد قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد سيف الدين يحيٰ کان ۽ حضرت پير رضي الله عنھ جي اولاد مان اهو پھريون آهي، جيڪو بغداد مان لڏي اچي حماه ۾ ساڪن ٿيو، ۽  انھيءَ پنھنجي والد حضرت سيد ظھير الدين احمد قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد سيد شمس الدين ابو نصر محمد قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد قاضي القضات سيد ابو صالح نصر قدس الله سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد ماجد قطب العراق سيد حافظ ابوبڪر تاج الدين عبدالرزاق قدس سره کان ۽ انھيءَ پنھنجي والد امام شيخ الاسلام سلطان الاولياءِ، برهان الاصفياءِ، قطب الاقطاب، فرد الحباب، غوث الثقلين، قطب الڪونين، ڪريم الطرفين، شريف النسبين، محبوب سبحاني، غوث صمداني، فرد رباني، هيڪل نوراني، صاحب الاشارات والمعاني حضرت سيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر حسني حسيني جيلاني رضي الله تعاليٰ عنه و عنھم اجمعين و ارضاهم عنھا آمين. باقي سلسلو ٽئين هار جي چوٿين موتيءَ ۾ ذڪر ڪيل آهي.

          الحاصل حضرت شاهه ڀٽائي صاحب قدس سره جو وطن اصلي شھر مٽاري (مٽياري) آهي. پوءِ حضرت ولايت پناه، معارف دستگاه، سر قدسي جي آگاه، حضرت سيد پير هاشم شاهه قلندر حسيني جلالي قدس سره جي اشاري موجب مڪان ڀٽ تي پنھنجو مسڪن اختيار فرمايائون ۽ اتي جن (ماڻھن) نه ٿي سٺو، تن تي پنھنجي ولايت جو تصرف هلايائون. نيٺ مڃي مخلص ٿيا ۽ محبت جي ڪمال کان پاڻ ۾ کير کنڊ  ٿيا ۽ جڏهن حضرت شاهه صاحب قدس الله تعاليٰ سره جو حال ڪمال ۽ تڪميل جي اعليٰ درجي کي رسيو ۽ جذب جو جوش اطمينان سان مُبدل ٿيو ۽ هر وقت الاهي انوارن جو شھود رهيو ۽ فنا في الله بعد بقا بالله جو پرتوو پيو ۽ پنھنجي والد بزرگوار تي ڀٽ ۾ گنبد تيار ڪرايائون ۽ ٻنهي درگاهن، فيض جي بارگاهن تي ٻه مسجدون اڏايائون، جي چارئي عمارتون هن وقت تائين موجود آهن. انھن جي ڪاشيءَ ڏي نھاري اهل دل درويش خيال ڪندا آهن ته هن تي حضرت شاهه صاحب جو نظر ڪيمياءِ اثر پيل آهي.

آخري وقت ۾ ساز سان راڳ کي به ڇڏي ڏنائون. سندن باطن ته اڳي به شرع شريف سان مربوط ۽ مضبوط هو، پر آخري عمر شريف جو گهڻو حصو ظاهر ۾ به شريعت محمدي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي سڀني احڪامن سان پابند رکيائون ۽ روز و شب عبادت ۽ اطاعت، سنت نبوي جي متابعت، خلق الله جي ارشاد ۽ هدايت، باطني فيض جي عام سخاوت ۾ گذاري عمر نبوي 63 ورهين ۾ صفر جي مھيني جي تاريخ 14 سال 1165 هجري ۾ مڪان شريف ڀٽ ۾ وصال الاهي جو پر جام نوش ڪيائون. سندن زيارت گاهه خلقن لاءِ قبلهءِ حاجات آهي.


 

(1)  هي سيد حيدر، امير تيمور سان گڏجي سال 806 هه ۾ هرات کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس فرزند سيد مير علي جو اولاد سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٿر ۽ ڪڇ ۾ موجود آهي. ان جا ڪيترا ئي پاڙا آهن ۽ سڀئي سيد مٽياري (يعني مٽاريءَ وارا، مٽارڪا) سڏجن ٿا.(نوٽ: متعلوي سادات جي نسب نامي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ابن ڏاڏن مان امير تيمور سان سيد حيدر جو هندستان ۾ ۽ پوءِ سنڌ ۾ 801 هه ۾ اچڻ جو ذڪر موجود آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان تي جرح ڪندي سيد حيدر جي سنڌ ۾ اچڻ جو دور ان کان آڳاٽو هئڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. هتي وري اهو سال 806هه بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو تصديق طلب آهي.)

 

 

مرتضيٰ ناز

 

 

 

سنڌيءَ ۾ اسم مان صفت خالص ٺاهڻ جا اصول

 

سنڌي وياڪرڻ جي ڪتابن ۾ اسم، ضمير، صفت ۽ فعل وغيره جھڙن ڳالھائڻ جي لفطن بابت وصفون ۽ ڪجهه لاڳاپيل معلومات ته ملي وڃي ٿي. پر ڳالھائڻ جي ڪنھن ھڪ لفظ مان ٻين لفظن جي ٺھڻ بابت ٻوليءَ جي اصولن تي مشتمل مواد جي شديد کوٽ محسوس ٿيندي رهي آهي. درحقيقت ڳالھائڻ جي مختلف لفظن مان ٻين وياڪرڻي لفظن جي ٺھڻ جو عمل باقاعدي ٻوليءَ جي لسانياتي اصولن تحت پنھنجو ڪارج ادا ڪندو آهي. ان قسم جي اصولن ۾ اسم مان صفت ٺھڻ جا اصول ڪافي اهميت جا حامل آهن. پر سنڌي وياڪرڻ جي ڪتابن ۾ اسم مان صفت ٺھڻ جي اصولن بابت مواد ورلي ملي ٿو.

انڪري مون پنھنجي تجربي ۽ ڄاڻ آهر، هن مضمون ۾ اسم مان صفت ٺاهڻ جا اصول مرتب/متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھن اصولن کي سمجهڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي اسمن جي آخري سُرن يا آوازن تي غور ڪرڻ نھايت ضروري آهي.

ان لحاظ کان ڏسبو ته سنڌي ٻوليءَ جا اسم هيٺين ڇھن سُرن سان ختم ٿيندا آهن. (آ، اَ، اِ، اِي، اُ، او)

ڪن اسمن جي مٿي ڄاڻايل آخري آوازن ۾ ضرورت آهر نڪائين سُر يا غُني نون جو آواز به شامل ڪيو ويندو آهي، پر ان هوندي به انھن ڇھن سُرن سان ختم ٿيندڙ اسمن ۾ مختلف قسم جي پڇاڙين ڳنڍڻ سان اسم مان صفت ٺھندي آهي يا اسم صفت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هيٺ اسم مان صفت ٺاهڻ جا مجوزه اصول ڏجن ٿا. اميد ته ماهرن پاران انھن اصولن بابت مثبت راين جي روشنيءَ ۾ انھن جي حتمي صورت کي ٻوليءَ جي سانئسي اصولن طور تسليم ڪيو ويندو.

قاعدو:١- (آ + اِي)

”آ“ آواز يا ”مدَ“ جي اعراب سان ختم ٿيندڙ اسم ۾ ”اِي“ آواز يا ”الف، ي، زيرِ= اِي“ ملائڻ سان اسم مان صفت ٺھندي آهي. مثال:

اسم

صفت

صحرا

صحرائي

جهانگارا

جهانگارائي

ڪنڌرا

ڪنڌرائي

ڀريا

ڀريائي

ليبيا

ليبيائي

ڪينيا

ڪينيائي

ايشيا

ايشيائي

 قاعدو:٢- (اَ +اِي)

”زبر“ جي اعراب سان ختم ٿيندڙ ”اَ“ سُر واري اسم ۾ ”الف ي“ زيرِ ”اِي“ جو آواز ملائڻ سان اسم مان صفت ٺھندي آهي. مثال:

اسم

صفت

جهوڪ

جهوڪائي

جهرڪ

جهرڪائي

قاعدو:٣-(اِ +اِي)

”اِ“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسم  جي آخري آواز ”اِ“ کي ”اِي“ جي آواز ۾ تبديل ڪرڻ سان اسم مان صفت خالص ٺھندي آهي.

مثال: ”اِ“ کي ”اِي“ ۾ تبديل ڪرڻ سان مثال:

اسم

صفت

مصر

مصري

فلسطين

فلسطيني

حيدرآباد

حيدرآبادي

شڪارپور

شڪارپوري

محرابپور

محرابپوري

خيرپور

خيرپوري

قاعدو:٤-(اِ+ آئي)

”اِ“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسم  جي آخري آواز ”اِ“ کي ”آئي“ جي آواز ۾ تبديل ڪرڻ سان به اسم مان صفت خالص ٺھي ويندي آهي. مثال:

اسم

صفت

ڪڪڙ

ڪڪڙائي

سانگهڙ

سانگهڙائي

ميھڙ

ميھڙائي

باڊهه

باڊهائي

جانڊهه

جانڊاهي

قاعدو:٥-(اِي+ و)  ”اِي“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسم جي آخري اکر ”ي“ کان اڳ ”و“ لڳائڻ سان اسم، صفت خالص ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. مثال:

اسم

صفت

مٺياڻي

مٺياڻوي

ڪراچي

ڪراچوي

ٺيڙهي

ٺيڙهوي

مٺي

مٺوي

قاعدو:٦- (اُ+ آئي)   ”اُ“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسم  جي آخري آواز ”اُ“ کي زبر ۾ تبديل ڪري، ان ۾ ”آئي“  پڇاڙي لڳائڻ سان اسم، صفت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. مثال:

اسم

صفت

سن

سنائي

چڪ

چڪائي

ٺلھه

ٺلھائي

گنبٽ

گنبٽائي

کرڙاهه

کرڙاهي

دوڙ

دوڙائي

جهمپير

جهمپيرائي

ڪنب

ڪنبائي

ڳوٺ

ڳوٺائي

قاعدو:٧- (اُ+ اِي)  ڪن ”ا“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسمن جي آخري آواز  ”ا“ کي”اِي“ ۾ تبديل ڪرڻ سان به اسم مان صفت خالص ٺھندي آهي.  مثال:

اسم

صفت

يورپ

يورپي

سنڌ

سنڌي

هند

هندي

ملڪ

ملڪي

شھر

شھري

ٿر

ٿري

بلوچ

بلوچي

عرب

عربي

عجم

عجمي

ڪنڌڪوٽ

ڪنڌڪوٽي

قاعدو:٨- (او + اِي)    ”او“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسمن جي آخري آواز ”او“ کي”وِي“ ۾ تبديل ڪرڻ سان  اسم مان صفت خالص ٺھندي آهي. مثال:

اسم

صفت

لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻوي

ڪنڊيارو

ڪنڊياروي

ٺٽو

ٺٽوي

اوٻاوڙو

اوٻاوڙي

قاعدو:٩- (او + آئي)

”او“ جي آواز سان ختم ٿيندڙ اسم جي آخري آواز، ”او“ کي ”آئي“ جي آواز ۾ تبديل ڪرڻ سان اسم صفت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. مثال:

اسم

صفت

مورو

مورائي

بوٿرو

بوٿرائي

ڏيپلو

ڏيپلائي

سنجهورو

سنجهورائي

ٽنڊو

ٽنڊائي

دادو

دادوائي

قاعدو: ١٠- بي قاعدي (متفرقه): ڪن اسمن مان صفت خالص بنا قاعدي ٺھندي آهي. ان قسم جي صفت جي ٺھڻ کي متفرقه دائري ۾ سمجهڻ گهرجي. مثال:

اسم

صفت

مڃٺ

ماڃوٺي

برطانيا

برطانوي

سيوهڻ

سيوهاڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org