|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

علامه
اقبال ۽ سنڌ
سنڌ تي انگريزن 1843ع ۾ قبضو ڪيو ۽ فاتح جرنيل
چارلس نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هو
چئن سالن کان وڌيڪ سنڌ جو انتظامي سربراهه رهيو پر
مالي لحاظ کان سنڌ جو ڏيوالو نڪري ويو(1).
اهوئي مکيه سبب هو جو آڪٽوبر 1847ع ۾ نيپيئر کي
رخصت ڪري سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي ماتحت رکيو
ويو ۽ سنڌ ۾ انتظامي لحاظ کان فقط هڪ ڪمشنر کي
ڪافي سمجهيو ويو، جنھن کي انتظامي اختيار ڏنا ويا.
پھريون ڪمشنر پرنگل مقرر ٿيو پر اڍائي سالن ۾ ڪا
خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. جنھن ڪري استعفا
ڏئي هليو ويو. هن کانپوءِ 1851ع ۾ بارٽل فريئر کي
35 سالن جي عمر ۾ اها ذميواري ڏني وئي، هو اَٺ سال
سنڌ جو ڪامياب ڪمشنر رهيو. اهو فريئر ئي هو جنھن
نيپيئر جي انتظامي صلاحيتن بابت هينئن لکيو هو(2).
”مون کي سنڌ جو سول انتظام ڏسي سخت مايوسي ٿي آهي
منھنجو اهو گمان يقين ۾ بدلجي ويو آهي ته سر چارلس
نيپيئر سول توڻي فوجي معاملن ۾ ڪنھن قابل ذڪر
لياقت ۽ مھارت جو مظاهرو نه ڪري سگهيو آهي.“
اڻويھين صديءَ جي خاتمي يعني پنجاهه سالن دوران
ڪُل سورنھن ڪمشنر مقرر ٿيا جن انگريز حڪمرانن جي
ترجيحات ۽ مفادات کي اڳتي وڌائيندي سنڌ ۾ ترقياتي
ڪم ڪرايا جن ۾ ريلوي، ڪراچي بندر، پليون وغيره
شامل آهن ۽ 1899ع ۾ روهڙيءَ ۽ سکر درميان درياءَ
تي لئنسڊائون لوهي پل جي تعمير وغيره شامل آهن(3).
انھيءَ دوران 1868ع ۾ محسوس ڪيو ويو ته سنڌ جي
ڪمشنر کي سڄي هندستان جي ٻين ڪمشنرن جي مقابلي ۾
اضافي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن هو انتظامي لحاظ کان
وڌيڪ مؤثر ثابت ٿي سگهي حالانڪ 1861ع ۾ ان مقصد
لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام قائم ڪيو ويو هو.
ويھين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان پوري هندستان ۾ سياسي
سجاڳيءَ جو آغاز ٿي ويو، جنھن جو بنياد هڪ لحاظ
سان 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس قائم ڪرڻ سان
پيو. اها جماعت هيوم نالي رٽائرڊ انگريز سول سرونٽ
جي ڪوشش سان قائم ٿي هئي جنھن جو مقصد عوامي سطح
تي سرڪار جو اعتماد بحال ڪرڻ هو ۽ کين شموليت جو
احساس ڏيارڻ هو.
سال 1905ع ۾ ڍاڪا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ قائم ڪئي
وئي جنھن جو مقصد مسلمانن جي سياسي مسئلن کي اجاگر
ڪرڻ ۽ سندن نمائندگي ڪرڻ هو. هندستان اندر اهڙي
سجاڳيءَ کي محسوس ڪندي انگريز حڪومت 1919ع ۾ منٽو-
مورلي سڌارن تحت گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو
جنھن تحت بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ نمائندن جو ڪل
تعداد 86 مقرر ڪيو ويو، جن مان 15 سيٽون سنڌ لاءِ
مخصوص هيون. سنڌ مان سڀ کان پھريون ماڻھو جيڪو
اڳيئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، اهو غلام محمد
ڀرڳڙي هو جيڪو 1910ع کان 1920ع تائين رهيو ۽
انھيءَ ساڳي زماني ۾ هندن مان هرچندراءِ پڻ ميمبر
هو. اهي ٻئي ڄڻا هئا جن محسوس ڪيو ته بمبئي
ليجسليٽو ڪائونسل، بمبئي سرڪار ذريعي سنڌ جي عوام
جا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي. دراصل 1913ع ۾
ڪانگريس جو هڪ اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو جنھن ۾
هرچندراءِ وشنداس پنھنجي رپورٽ ۾ ڏيکاريو، ته سنڌ
بمبئي کان هر حال ۾ مختلف آهي. انھيءَ ڪري خود
بمبئي سرڪار پنھنجا اختيار ڪمشنر سنڌ کي ڏيئي ڇڏيا
آهن، جو هڪ ڊڪٽيٽر ٿي سنڌ تي حڪم هلائي ٿو. اڳتي
هلي سنڌ جو هڪ وفد هرچندراءِ جي اڳواڻيءَ ۾
مانٽيگو نالي برطانيه سرڪار جي نمائندي سان ملي،
سنڌ جي آزاديءَ جو مطالبو پيش ڪيو(4)،
جنھن اهو تسليم ڪيو ته سنڌ بمبئي کي وڌيڪ فنڊ ڏئي
رهي آهي، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ کي گهٽ فنڊ ملن
ٿا.
سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ان وقت
نئون روح پئجي ويو جڏهن 1919ع واري ايڪٽ تحت
لاڙڪاڻي مان محمد ايوب کھڙو ٻاويھن سالن جي عمر ۾
1924ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿي
ويو(5). هو جڏهن ٻن ڏينھن جي
ريلوي جي مسافريءَ کانپوءِ سنڌ جي ٻين ميمبرن سان
گڏ بمبئيءَ پھتو ۽ اجلاسن ۾ شرڪت ڪيائين ته کيس
احساس ٿيو ته ڇو سنڌ جا مسئلا بمبئي ۾ حل نٿا ٿي
سگهن. ظاهر آهي ته 86 ميمبرن جي ايوان ۾ سنڌ جا 15
ميمبر ڇا ٿي ڪري سگهيا. اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جي
آزاديءَ جو سوال سنڌ جي سطح تي ته ڇڏيو پر هندستان
جي سڀني وڏين سياسي پارٽين جي ايجنڊا تي اچي چڪو
هو. سال 1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس
عليڳڙهه ۾ ٿيو جتي سنڌ جي علحدگيءَ جو مطالبو شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو. اهڙيءَ
طرح ڊسمبر 1927ع ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس سنڌ جي
جدائي جي مطالبي کي تسليم ڪيو. ان کان پوءِ مارچ
1928ع ۾ ڪانگريس جي هڪ سب ڪميٽيءَ سنڌ جي مالي
حالتن جي جاچ ڪئي، جنھن جي آڌار تي نھرو ڪميٽي آل
پارٽيز ڪانفرنس جي سھاري هيٺ ڪجهه هندن جي مخالفت
جي باوجود ان جي منظوري ڏني(6).
هتي اها ڳالھه قابل ذڪر آهي ته جيتوڻيڪ ملڪي سطح
تي مسلم ليگ توڻي ڪانگريس طرفان سنڌ جي بمبئي کان
علحدگيءَ کي تاريخي ۽ حقيقي بنيادن تي تسليم ڪيو
ويو. پر ان وقت سنڌ ۾ هندن جو هڪ خاص گروهه اهڙو
پيدا ٿي چڪو هو، جيڪو ان جي هر قيمت تي ۽ هر فورم
تي مخالفت ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي بيٺو هو جن جو اڳواڻ
پروفيسر ڇٻلاڻي هو. هتي اهو ٻڌائي ڇڏجي ته سنڌ ۾
هندو ڪل آباديءَ جو 25 سيڪڙو کان مٿي نه هئا، جنھن
ڪري هو مسلمانن جي اڪثريت کان خائف هئا(7).
انھيءَ ماحول ۾ برطانيه سرڪار هندستان ۾ سياسي
اصلاحات جي مقصد خاطر 1927ع ۾ اعليٰ اختياراتي
’سائمن ڪميشن‘ قائم ڪئي، ڪانگريس اهو چئي ان ڪميشن
جو بائڪاٽ ڪيو ته ان ۾ هندستانين کي نمائندگي ڪونه
هئي. سائمن ڪميشن جو هڪ اجلاس نومبر 1928ع ۾
ڪراچيءَ ۾ ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي علحدگيءَ واري مسئلي
تي بمبئي ليجسليٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي موجودگيءَ
۾ غور خوض ڪيو ويو. ان ڪميٽيءَ آڏو سنڌ محمدن
ايسوسيئيشن طرفان سنڌ جي علحدگيءَ جو ڪيس محمد
ايوب کھڙي نھايت زوردار نموني پيش ڪيو. ان مقصد
لاءِ هن جاگرافيائي، تاريخي، سياسي، سماجي، ثقافتي
۽ جدا ٻولي هجڻ کان سواءِ مالي انگ اکر پيش ڪيا ته
ڪيئن سنڌ صوبو پنھنجي علحده حيثيت ۾ خودڪفيل آهي(8).
هن کي خبر هئي ته سندس مخالفن جو وڏي ۾ وڏو دليل
سنڌ کي مالي لحاظ کان کوٽ وارو صوبو ظاهر ڪرڻ آهي،
ڇو ته خود بمبئي گورنمينٽ ان بنياد تي مخالفت ڪري
رهي هئي، ٿيو به ائين ڪميٽيءَ ۾ هندن طرفان
نمائندگيءَ خاطر پروفيسر ڇٻلاڻيءَ کي ٻڌو ويو جنھن
جو وڏي ۾ وڏو دليل سنڌ کي خساري وارو صوبو ظاهر
ڪرڻ هو. سائمن ڪميشن آخر ۾ فيصلو ڏنو ته سنڌ جي
آزاديءَ لاءِ هي مناسب وقت ناهي، ميران محمد شاهه
جيڪو هن ڪميٽيءَ جو رُڪن هو، تنھن پنھنجو يادگار
اختلافي نوٽ لکيو جنھن ۾ هن بمبئي سرڪار جي مالي
انگن اکرن جو رد ڏنو(9).
ساڳئي سال دهليءَ ۾ ڊسمبر 1928ع ۾ آل انڊيا مسلم
ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو جنھن جي صدارت سر آغا خان
ڪئي. ان اجلاس ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جي باري ۾ هڪ
نھايت پُرزور ۽ واضح مطالبو متفق راءِ سان منظور
ڪيو ويو، جنھن جي ٻين اڳواڻن سان گڏ علامه اقبال
پڻ تائيد ڪئي، جيڪو ظاهر آهي ته ان اجلاس ۾ موجود
هو. مارچ 1929ع ۾ قائداعظم هندستان جي مستقبل جي
دستور جي باري ۾ مشھور چوڏهن نُڪتا
(Fourteen Points)
پيش
ڪيا جنھن جو نائون نُڪتو سنڌ جي علحدگيءَ جي باري
۾ هو.
سنڌ جي تناظر ۾ سائمن ڪميشن جي ناڪاميءَ کانپوءِ
ايوب کھڙي 26 مارچ 1930ع تي ’سنڌ جا سور‘
(Sufferings of Sindh)
(10).
نالي ڪتابڙو مرتب ڪيو، جنھن ۾ تاريخي ۽ ٻين دليلن
سان گڏ بمبئي سرڪار جي آمدني ۽ خرچ جو تفصيل ۽ سنڌ
مان ٿيندڙ آمدني ۽ خرچ، مستقبل ۾ سنڌ جي خودڪفيل
ٿيڻ بابت ناقابل ترديد حقائق پيش ڪيا. اهو ڪتاب
سنڌ هند کان ٻاهر انگلنڊ ۾ به پھچي ويو جنھن جو
پروپئگنڊا جي لحاظ کان وڏو اثر ٿيو. پروفيسر
ڇٻلاڻي وري ان جو رد
(Rejoinder)
لکي
شايع ڪرايو(11).
کھڙي هن ڪتاب ۾ جذباتي ۽ عقلي انداز اختيار ڪيو،
ڇو ته ان جو پيش لفظ ڪجهه هن ريت هو:
”بمبئي پريزيڊنسي ٽياسي سالن کان سنڌ کي هضم ڪيو
ويٺي آهي پر سنڌ وارن به طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هو
پنھنجي مادر وطن کي ائين ڪنھن کي ڳِھڻ نه ڏيندا،
سنڌ کي ان غير فطري ڳنڍجڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ
وارن جو اهو فطري حق آهي ته هو بمبئي جي غلاميءَ
کان نجات حاصل ڪندا، هن ڪتاب ۾ مون سنڌ جي
آزاديءَ واري حق کي ثابت ڪيو آهي، آءٌ برطانيه
سرڪار ۽ پارليامينٽ کي پُرزور اپيل ٿو ڪريان ته
سنڌ کي تقريباً هڪ صديءَ کان غلاميءَ جي زنجيرن ۾
جڪڙيو ويو آهي، انصاف جي تقاضا آهي ته اهي بند
هاڻي ڀڳا وڃن(12).
سال 1930ع ۾ 29 ڊسمبر تي الھه آباد ۾ مسلم ليگ جو
اجلاس ٿيو جنھن ۾ علامه اقبال تاريخ ساز خطاب ڪيو،
جنھن ۾ هن بلڪل واضح لفظن ۾ چيو : (13)
”هندستان جا مسلمان اهڙي ڪنھن به تبديلي ۽ ترميم
کي قبول نه ڪندا جنھن سان سنڌ کي هڪ مڪمل صوبي جو
درجو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ اُتر- اولھه صوبي کي سياسي
لحاظ کان گهٽ رکيو وڃي. مون کي ان ۾ ڪو عيب نظر نه
ٿو اچي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي هڪ علحده صوبو
ڇو نه ٿو بڻائي سگهجي. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ
سان ڪا مناسبت ڪونھي. عام رواجي زندگي ۽ تھذيب جي
لحاظ کان، رايل ڪمشنرن پڻ اها راءِ ڏني هئي، ته
سنڌ ميسوپوٽيما ۽ عرب ملڪن سان هندستان کان وڌيڪ
ويجهي آهي. مسلمان جاگرافيدان مسعودي کي اها
ويجهڙائي گهڻو زمانو اڳ محسوس ٿي هئي جڏهن هن چيو
هو: ’سنڌ جو ملڪ اسلامي سلطنت سان وڌيڪ قريب آهي.‘
مصر جي پھرئين اموي حڪمران چيو هو، مصر جي پٺي
آفريڪا ڏانھن آهي ۽ سندس منھن عرب ڏانھن آهي. اهي
الفاظ ڪجهه تبديليءَ سان سنڌ سان به لاڳو آهن، سنڌ
جي پٺي هندستان ڏي آهي ۽ منھن وچ ايشيا ڏي آهي.
سنڌ جا زرعي مسئلا اهڙا جدا نوعيت جا آهن جن لاءِ
بمبئي سرڪار وٽ ڪا همدردي پيدا نه ٿي ٿي سگهي. ان
کان سواءِ ڪراچي بندر جي ترقيءَ جي صورت ۾ سنڌ
لاءِ ناگزير بي پناهه امڪانات موجود آهن، جنھن ڪري
اها هندستان لاءِ ٻيو عظيم شھر
(Metropolis)بنجي
ويندي، ان صورت ۾ ان کي بمبئي پريزنڊنسي جي ماتحت
رکڻ اڄ ممڪن نظر اچي ٿو، پر اهو وقت گهڻو پري ناهي
جڏھن ڪراچي بمبئي جو مقابلو ڪندي. اسان کي ٻڌايو
وڃي ٿو ته سنڌ جي علحدگيءَ جي راهه ۾ مالي
مشڪلاتون آهن. مون وٽ هن سلسلي ۾ پڪي ۽ مستند
معلومات ڪونھي، پر بالفرض جيڪڏهن اهڙيون مشڪلاتون
آهن ته مون کي ان لاءِ ڪو سبب نظر نه ٿو اچي ته
هندستان جي گورنمينٽ عارضي طور مالي مدد ڇو نه ٿي
ڏئي سگهي، جنھن سان اهو صوبو پنھنجي پيرن تي بيھي
سگهي، جنھن جو مستقبل اميدن سان ڀريل آهن.“
اها حيرت انگيز ڳالھه آهي ته علامه اقبال 1930ع
واري طويل تقرير ۾ جيڪي ڪجهه سنڌ جي باري ۾ مختصر
طور چيو هو، اهو سڀ وڏي تفصيل سان کھڙي صاحب جي
پمفليٽ ’سنڌ جي سورن جي ڪھاڻي‘
(A story of the Sufferings of Sindh)
۾ موجود هو. ٻنھي جا هي چار
نُڪتا خاص طور توجھه لائق آهن، سنڌ تاريخي طور
بمبئي توڻي باقي هندستان کان مختلف آهي. هن سلسلي
۾ کھڙي، سنڌ جي تاريخ مان ڪيترا حوالا ڏنا آهن پر
ٻنھي مشھور مورخ مسعوديءَ جو حوالو ڏنو آهي. ٻيو
سنڌ جي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا بمبئي کان
قطعي مختلف آهن جيڪي هنن جي سمجهڻ کان ٻاهر آهن.
ٽيون سنڌ ۾ ڪراچي مستقبل جو شاندار بندر ۽ عظيم
شھر بنجڻ وارو آهي. چوٿون سنڌ ۽ بلوچستان کي هڪ
گڏيل صوبي جي حيثيت ڏئي سگهي ٿي. آخر ۾ سنڌ جي
مالي مسئلن بابت پختي راءِ قائم ڪرڻ واسطي
دستاويزي ثبوت گهربل آهن، پر سنڌ جي الڳ صوبائي
حيثيت بحال ٿيڻ ناگزير آهي. ان جو امڪاني سبب اهو
آهي ته کھڙي پنھنجو مذڪور پمفليٽ جيڪو هن مئي
1930ع ۾ پڌرو ڪيو هو، ان جي ڪاپي علامه اقبال
ڏانھن موڪلي هوندي جنھن الھه آباد ۾ پنھنجي تقرير
ڊسمبر 1930ع ۾ ڪئي هئي.
برطانيه سرڪار هندستان جي آئيني مسئلن جي حل لاءِ
ڪميشن جي ناڪام ٿيڻ بعد لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جو
پھريون اجلاس 1930ع، ٻيو 1931ع ۽ ٽيون 1932ع ۾ طلب
ڪيو. پھرين ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي علحدگيءَ
جي باري ۾ 19 رڪني سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنھن ۾
سر آغا خان، قائداعظم محمد علي جناح، سر غلام
حسين هدايت الله ۽ شاهنواز ڀٽو قابل ذڪر آهن. ان
ڪميٽيءَ ۾ غلام حسين هدايت الله زبردست ڪارڪردگيءَ
جو مظاهرو ڪيو. جناح صاحب ڪاميٽيءَ کي وڪيلن وارن
دليلن سان متاثر ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ کوٽ وارو صوبو
آهي ته پوءِ پاڻ بمبئي کي جلد ان مان هٿ ڪڍڻ کپن.
آخر ۾ ڪميٽي سنڌ جي علحدگيءَ سان اصولي اتقاق ڪيو
پر سنڌ جي مالي خود ڪفالت بابت وڌيڪ غور و خوض
لاءِ جاچ ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. اها ٻه رڪني
ڪميٽي جڏهن سنڌ ۾ آئي ته کھڙي سنڌ جي مالي حالت
بابت انگن اکرن جي حقيقت پيش ڪندي کين قائل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، ٻي گول ميز ڪانفرنس جي فيصلي موجب اپريل
1932ع ۾ سنڌ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن جو صدر مسٽر
برين هو، هڪ دفعو ٻيھر کھڙي ان ڪميٽيءَ جي آڏو سنڌ
جو مضبوط ڪيس پيش ڪيو. هوڏانھن سندس مخالفت ۾ ٽي
هندو حضرات جن جي اڳواڻي پروفيسر ڇٻلاڻي ڪري رهيو،
سنڌ جي علحدگيءَ خلاف ڳالھايو ته سنڌ مالي لحاظ
کان نقصان وارو صوبو آهي. جنھن ڪري ان جو قيام
ناممڪن آهي.
ٻي گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ 16 آگسٽ 1932ع تي
وزيراعظم برطانيه فرقيوارانه فيصلي
(Communal Award)
جو اعلان ڪيو. ٽين گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ 27
نومبر تي منعقد ٿي جيڪا 24 ڊسمبر 1932ع تي ختم ٿي(14).
انھيءَ آخري توڙي ٻي ڪانفرنس ۾ علامه محمد اقبال
شريڪ ٿيو هو. ظاهر آهي ته اها خبر ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾
پھچي چڪي هئي. کھڙو هڪ سجاڳ سياستدان جي طور تي
سنڌ بابت علامه اقبال جي مضبوط موقف کان آگاهه هو،
جنھن جو اظھار هن الھه آباد واري تاريخي تقرير ۾
ڪيو هو. بلڪ ان کان اڳ 1928ع ۾ آل انڊيا مسلم
ڪانفرنس جيڪا دهليءَ ۾ آغا خان جي صدارت هيٺ ٿي
هئي ۽ جنھن ۾ علامه اقبال شريڪ ٿيو هو، ان موقعي
تي به سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ بابت هڪ اهم
ٺھراءَ منظور ڪيو ويو هو. ان جو مطلب اهو هو ته
علامه اقبال سنڌ جي انھيءَ قضيي کان چڱيءَ طرح
واقف هو، هاڻي جو کھڙي کي معلوم ٿيو ته علامه
اقبال ٻي ڪانفرنس کانپوءِ ٽينءَ ۾ به شرڪت لاءِ
مدعو آهي ته هن سنڌ جو ڪيس نھايت تفصيل سان خط جي
صورت ۾ لکي موڪليو، هن خط ۾ کھڙي علامه صاحب کي
الھ آباد واري تقرير ۾ سنڌ جي مالي حالت بابت
اُٿاريل سوال جي جواب ۾ باقاعدي انگ اکر لکي
موڪليا ۽ هر لحاظ کان کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته
گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي ضرورت پوڻ تي پيش ڪيا
وڃن، هن موقعي تي کھڙي جيڪو خط لکيو اهو هن ريت
آهي(15):
لاڙڪاڻو ، سنڌ
21 نومبر 1932ع
پيارا سائين (سر) محمد (اقبال)
سنڌ جا مسلمان توهان، آغا خان ۽ ٻين مسلمان
مندوبين جيڪي هندستان بابت گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيا هئا، انھن جا تمام گهڻا شڪرگذار آهن. جو هنن
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري مسئلي تي ايڏي
دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو. مون کي ’ٽائيمس آف انڊيا‘
جي اها خبر پڙهي گهڻي خوشي ٿي آهي جڏهن توهان ان
جي لنڊن ۾ نمائندي کي اهو ٻڌايو آهي ته توهان
سنڌجي علحدگيءَ واري مسئلي ۾ گهڻي دلچسپي رکو ٿا ۽
توهان ان باري ۾ ڇپيل لٽريچر کي ٻين تائين پھچائڻ
گهرو ٿا، ان کانسواءِ توهان سنڌ جي فوري علحدگيءَ
جي گهُر ڪريو ٿا.
هن مھيني نومبر جي شروعات ۾ مون ويھه ڪاپيون ’ سنڌ
جي علحدگيءَ خلاف ڪميٽيءَ جي اعتراضات جا جواب
يعني
A Rejoinder to the criticsm of Anti- Sindh
Separtoin Committee’‘
ايئرميل ذريعي هزهائينس آغا خان ڏانھن موڪليون
هيون ته هو اهي هندستاني مندوبين ۾ تقسيم ڪري، مون
ڪجهه ڪاپيون برطانيه جي مندوبين ڏانھن به سڌو
موڪليون آهن.
تازو مون چاليھه ڪاپيون پنھنجي نئين پمفليٽ بعنوان
’سنڌ جي جدائي بابت
A Convincing case for Separation of Sindh‘
سر آغا خان ۽ ڊاڪٽر شفاعت احمد خان ڏانھن روانيون
ڪيون آهن، جيڪي اميد آهي ته ڊسمبر جي شروعات ۾ ملي
وينديون ته جيئن اهي گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ
حضرات ۾ ورهائي سگهن. مان انھيءَ پمفليٽ جون ٻه
ڪاپيون توهان جي مطالعي لاءِ موڪلي رهيو آهيان ۽
ان مان توهان يقين ڪري سگهندا ته سنڌ جي بمبئي کان
جدائي ڪيڏي اڻٽر آهي.
توهان کي خبر آهي ته هن مھيني جي 15 ۽ 16 تاريخ
سنڌ آزاد ڪانفرنس جو اجلاس حيدرآباد ۾ منعقد
ٿيو هو. سنڌ ۾ اهو اجلاس هر لحاظ کان پرڀور
نمائندگيءَ وارو هو جنھن جو هن کان اڳ اهڙو ڪو ٻيو
مثال نه ٿو ملي.
هن سان گڏ مان ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اخبار ’اينگلو-
انڊين‘ جا ڪجهه تراشا
(Cuttings)
موڪلي رهيو آهيان جن مان توهان کي هن ڪانفرنس بابت
بلڪل غيرجانبدار ۽ آزاد راءِ جو احساس ٿيندو ۽ ان
سان گڏ ڪانفرنس جي ڪاروائي جو مڪمل تفصيل ۽ ان جي
ٺھرائن بابت معلومات ملي ويندي. منھنجو توهان کي
عرض آهي ته اهي اخباري تراشا گول ميز ڪانفرنس جي
اهڙن خاص معزز نمائندن تائين پھچائجن جيڪي اسان جي
هن مسئلي ۾ دلچسپي رکندا هجن.
ان ڪانفرنس ۾ منھنجي طرفان پيش ڪيل ٺھراءَ جو مڪمل
متن جيڪو سنڌ جي جدائي بابت آهي، برطانيه جي
وزيراعظم، ان کان سواءِ برطانيه ۾ هندستان معاملي
بابت وزير ۽ سر آغا خان کي به اهو ٺھراءَ تار
ذريعي ڪانفرنس جي سيڪريٽري ميران محمد شاهه طرفان
اُماڻيو ويو آهي.
انھن اخباري تراشن مان توهان کي اهو پڻ روز روشن
ٿيندو ته سنڌ جا مسلمان ڪنھن به ريت سنڌ جي هندن
کان دٻجي اهي شرط هرگز قبول نه ڪندا جيڪي هنن نام
نھاد الھه آباد اتحاد ڪانفرنس جي موقعي تي اختيار
ڪيا آهن، ڇو ته اهي ٻين لفظن ۾ سنڌ جي علحدگيءَ کي
ناممڪن بڻائن ٿا. اسان جي پُرزور خواهش آهي ته اهو
سوال پنھنجي حقيقي نوعيت جي لحاظ کان طئي ٿيڻ
گهرجي ۽ سنڌ ڪنھن به شرطن کانسواءِ فوري طور بمبئي
پريزيڊنسيءَ کان علحده ٿيڻ گهرجي جنھن کي الڳ صوبي
جو درجو ملڻ گهرجي.
انھيءَ ڪري آءٌ سنڌ جي مسلمانن پاران توهان کي عرض
ڪريان ٿو ته توهان برطانيه سرڪار تي زور ڀريو ته
هو سنڌ کي بنا دير علحده ڪن. سنڌ جي علحدگيءَ جو
ڪيس نھايت مضبوط آهي ۽ مالي خساري جي ڳالھه محض
شرارت آهي ته جيئن اسان سنڌين کي جائز حقن کان
محروم رکي سگهجي. هتي آءٌ مختصر طور اوهان کي
ٻڌائڻ گهرندس ته وفاقي مالياتي ڪميٽي پنھنجي رپورٽ
جي صفحي 22 (جدول 4 الف) تي اهو بلڪل واضح ڪيو آهي
ته سنڌ هن وقت بمبئي سرڪار تي 155 لک لھڻي ٿي (سنڌ
جا بمبئي ڏانھن نڪرن ٿا.) ان حساب سان جيڪڏهن انڪم
ٽيڪس مڪمل طور بمبئي جي حوالي ڪجي ته پوءِ به سنڌ
جا بمبئي ڏانھن 35 لک واجب نڪرن ٿا. ان جو مطلب ته
ڪميٽي انھيءَ مفروضي جي بنياد تي حساب ڪيو آهي ته
سنڌ کي الڳ صوبو ٺاهيو ويندو. ان صورت ۾ ڪميٽيءَ
اهو واضح ڪيو آهي ته انڪم ٽيڪس جو پورو حصو ڏيڻ جي
حالت ۾ بمبئي کي 54 لک واڌو ٿين ٿا. هِتان اهو پڻ
واضح ٿيو ته سنڌ جي علحدگي بمبئي جي مفاد ۾ آهي ڇو
ته ان سان بمبئي کي پنھنجي ناقابل گرفت خساري کي
ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هتي اهو پڻ ذهن نشين ڪرڻ
گهرجي ته علحدگيءَ جو اضافي خرچ ڪُل 10 کان 12 لک
آهي ۽ انھيءَ خرچ کي پوري ڪرڻ لاءِ ’سنڌ
ڪانفرنس‘ جي موقعي تي سنڌ جي نمائندن ڪجهه
آسان محصولن جي تجويز ڏني هئي، جنھن جي صدارت
اي.ايف.ايل.برين گذريل اپريل ۽ مئي مھيني ۾ ڪئي
هئي ۽ هن اهي تجويزون پنھنجي رپورٽ ۾ قبول ڪيون
آهن. بلڪه انھن نين ٽيڪسن جي متوقع آمدني علحدگيءَ
جي خرچ کان زياده آهي. انھيءَ ڪري اهو بلڪل واضح
آهي ته سنڌ جي علحدگي ڪري هندستان جي ٽيڪس ڏيندڙ
مٿان ڪوبه اضافي بار ڪونه پوندو. جيڪڏهن بمبئي
گورنمينٽ مرڪزي سرڪار جي مدد کانسواءِ پنھنجو
نقصان ۽ خسارو پورو نه ٿي ڪري سگهي ته ان لاءِ سنڌ
کي ڪيئن ٿو ڏوهه ڏئي سگهجي. بلڪه اسان ته چئون ٿا
ته هونئن جيڪا رقم اسان صرف بمبئي کي ڏيون ٿا، ان
جو ڪجهه حصو بمبئي کي ۽ باقي حصو سنڌ کي سندن
ضرورت مطابق ملڻ گهرجي. بھرحال اهو ڪنھن به ريت
مرڪزي سرڪار جي خزاني تي بار نه سمجهڻ گهرجي.
آءٌ نھايت پُراعتماد آهيان ته اوهان اسان جو اهو
بلڪل جائز ۽ مناسب مطالبو پنھنجي پوري طاقت ۽ زور
سان اڳتي پيش ڪندا.
ايڊريس:
انتھائي نيڪ خواهشن ۽ سلامن سان
ڊاڪٽر سر محمد اقبال
آءٌ آهيان اوهان
جو مخلص
ايم.اي، پي.ايڇ.ڊي، بار ايٽ لا
محمد ايوب کُھڙو
ميمبر انڊيا رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس، لنڊن.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته سال 1931ع ۾
سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ٻي گول ميز ڪانفرنس منعقد
ٿي جنھن ۾ سنڌ مان ساڳيا نمائندا ويا. ان ڪانفرنس
۾ علامه اقبال به شريڪ ٿيو هو. ڪانفرنس ڪنھن خاص
نتيجي تي نه پھچي سگهي. البت برطانيه جي وزيراعظم
آگسٽ 1932ع ۾ فرقيوارانه فيصلي
(Communal Award)
جو اعلان ڪيو جنھن ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ کي
تسليم ڪيو ويو هو.
جيئن شروع ۾ بيان ٿي چڪو ته سنڌ جي بمبئي کان
علحدگيءَ جي مسئلي تي سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ سخت
اختلاف هلندڙ هو ۽ انھيءَ سلسلي ۾ ٻئي ڌريون
پنھنجي موقف تي سختيءَ سان قائم هيون ۽ ڪتابن،
پمفليٽن کانسواءِ جلسن ڪرڻ تي به سندن زور هو.
پھرين ’سنڌ ڪانفرنس‘ 18 اپريل 1932ع تي
ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. آخر ۾ 15 نومبر 1932ع تي
حيدرآباد سنڌ ۾ وڏي ڪانفرنس ٿي جنھن جي صدارت
علامه عبدالله يوسف علي ڪئي، هو جيئن ته جنوري
1931ع ۾ لنڊن ۾ ٿيل پھرين گول ميز ڪانفرنس جي
ڪاروائي کان واقف هو، تنھنڪري هن ان جو حوالو پڻ
ڏنو هن پنھنجي تقرير ۾ چيو: (16)
’جڏهن اسين چئون ٿا ته سنڌ جو صوبو جدا ٿئي، تڏهن
اها ڳالھه وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ اڳيئي جدا صوبو
آهي، اسان جو مطلب فقط اهو آهي ته في الحال بمبئي
جي هيٺ، جو هن صوبي کي غير فطري طور رکيو ويو آهي،
تنھن مان کيس آزادي ملڻ گهرجي. سنڌ اهڙيءَ طرح
بمبئي جو حصو آهي، جھڙيءَ طرح سان عدن سندس حصو
هو.‘
’پر سنڌ جو سوال ته انھيءَ کان به وڏو آهي، انھيءَ
جو واسطو قريب چاليھه لک بھادر ماڻھن سان آهي ۽
سنڌ جي پکيڙ به ٽيونجاھه هزار چورس ميلن ۾ آهي،
هيءُ صوبو سرحدي صوبي کان به وڏو آهي. سنڌ لاءِ
جدا قانون آهن ۽ سنڌ جا روينيو، آبپاشي ۽ عدالتي
قانون بلڪل الڳ آهن ۽ بمبئي صوبي ۽ بمبئي هاءِ
ڪورٽ سان بلڪل واسطو ڪونه اٿن، سنڌ جي ٻولي پنھنجي
آهي ۽ ماڻھن جي دل انھيءَ ٻوليءَ سان گهڻي آهي.‘
ٽين گول ميز ڪانفرنس جي بي نتيجي ختم ٿيڻ سبب سنڌ
۾ هندن ۽ مسلمانن درميان سنڌ جي علحدگيءَ جي مسئلي
تي پاڻ شدت ۾ اضافو ٿي ويو. مارچ 1933ع ۾ انگلنڊ
جي پارليامينٽ هڪ جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي مقرر
ڪئي، جنھن اپريل ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس ڏانھن تار
موڪلي ته پنھنجو نمائندو موڪليو، جو ڪميٽيءَ اڳيان
سنڌ جي مسلمانن پاران پيش ٿئي. انھيءَ ڪم لاءِ
محمد ايوب کھڙي کي نامزد ڪيو ويو جيڪو هوائي جھاز
رستي روانو ٿيو. اهو جھاز ايران جي دشت ۾ ڪِري پيو
پر قدرت کيس بچايو جو هو پوءِ ڪنھن ريت بندر عباس
پھتو ۽ اتان ٻئي جھاز ۾ سوار ٿيو ۽ آخر ريل رستي
لنڊن پھتو، (17) جتي جولاءِ ۾
ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿيو، ۽ نھايت قابليت جو مظاهرو
ڪيائين، ۽ پنھنجو ڇپايل ميمورنڊم ورهايائين.
هوڏانھن ڇٻلاڻي ۽ هيرانند هندن طرفان پيش ٿيا. آخر
سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ کي قابل عمل تسليم ڪندي
هڪ ڪميٽي مسٽر هيوڊئو جي چيئرمني هيٺ مقرر ٿي جنھن
جو ڪم هو ته اهي انتظامي تفصيل طي ڪري جنھن سان
سنڌ صوبي کي الڳ حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي. سنڌ صوبي
جي الڳ صورت ۾ قائم ٿيڻ سان انتظامي معاملا جھڙوڪ:
آفيسون، نوان عھدا ۽ رهائش وغيره جا مسئلا شامل
هئا. پر انھن سڀني کان وڌيڪ کھڙي کي سنڌ ۾ تعليم
جي ترقي ۽ مستقبل جي ڳڻتي هئي. ان سلسلي ۾ هن
پنھنجي ڪاليج جي قابل استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي کان
اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڇا بمبئي کان
علحدگيءَ جي صورت ۾ سنڌ کي پنجاب يونيورسٽيءَ سان
وابسته
(Affiliation)
ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ ڊگهي خط ۾ جواب لکي
موڪليو، ته بمبئي يونيورسٽي سنڌ وارن لاءِ تحقيق
جي لحاظ کان ڪنھن به طرح مددگار نه ٿي آهي ۽ ان جو
حل سنڌ کي پنھنجي الڳ يونيورسٽي قائم ڪرڻ گهرجي ۽
تيستائين بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڪاليجن جو الحاق
برقرار رکڻ گهرجي(18). پنجاب
يونيورسٽي جو معيار بمبئي کان گهٽ آهي، ان کي
اهميت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن سلسلي ۾ ٻيو اهم سوال
سنڌ ۾ آفيسرن جي ڪيڊر جو هو ته ڇا اهو به بمبئي
سان واڳيل هجي يا ان کي بدلائي پنجاب جي آفيسرن
سان وابسته ڪيو وڃي.
هن سلسلي ۾ کھڙي جي نظر ۾ ملڪي سطح تي علامه اقبال
کان وڌيڪ سنڌ وارن جو ٻيو ڪو سڄڻ ۽ ماهر ڪونه هو
جيڪو تعليمي ادارن جي الحاق وغيره جھڙن معاملن تي
راءِ ڏئي سگهي ۽ جنھن تي اعتماد ڪري سگهجي. اهوئي
سبب هو جو کھڙي سال 1934ع جي شروعات ۾ هي خط لکيو:
(19)
My dear Sir Mohammad,
8-1-1934
You are aware that
the Government of India have appointed an
Administrative Committee which will make
recommendstions regarding certain administrative
problems incidental to Separation of Sind. The
Committee is now holding its sessions in Karachi
and I happen to be one of its members. There is
a proposal that the Sind Arts, Engineering, and
other institutions should after separation be
affiliated with the University of Punjab. This
demand has been put forth by the Moslems of Sind
perhaps as they feel that it will be more
economical and beneficial from the Moslem point
of view. I would like to know your views in this
regard and if possible, you may even kindly
direct somebody connected with the University of
Punjab to send me a note describing the
outstanding features of that University on which
I may base my case for affiliation. He may also
apprise me of the possible terms on which the
University would take up the Sind institutions.
I feel that by coming in close touch with the
Moslems of Punjab our people might get a better
training. We are also thinking of connecting the
Sind cadre of superior services with that of the
Punjab but we are told that the Punjab civilians
are more autocratic in their outlook and it
might be difficult for the people of Sind to
manage them. I shall be grateful if you kindly
let me know your views on this question as well.
These are two very important points and I hope
you will kindly favour me with your views at
your earliest convenience.
Yours sincerely
M. A. Khuhro
منھنجا پيارا سر محمد (اقبال)
8 جنوري 1934ع
توهان کي خبر آهي ته هندستان جي سرڪار هڪ انتظامي
ڪميٽي
(Administrative
Committee)
قائم ڪئي آهي جيڪا سنڌ جي علحدگي جي (بمبئي کان)
صورت ۾ انتظامي مسئلن بابت پنھنجون سفارشون مرتب
ڪندي.
اها ڪميٽي ڪراچيءَ ۾ ان سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪرڻ واري
آهي ۽ آءٌ ان ڪميٽيءَ جو هڪ ميمبر آهيان. ڪميٽيءَ
جي سامھون هڪڙو سوال اهو آهي ته ڇا علحدگيءَ کان
پوءِ سنڌ ۾ آرٽس ۽ انجنيئرنگ وغيره جا ادارا پنجاب
يونيورسٽيءَ سان ملحق ڪيا وڃن، اها گهر سنڌ جي
مسلمانن طرفان ڪئي وئي آهي جيڪي سمجهن ٿا ته
اقتصادي لحاظ کان توڻي مسلمان هئڻ جي ناتي اها
ڳالھه هنن لاءِ مفيد ثابت ٿيندي. آءٌ هن سلسلي ۾
توهان جي رهنمائي جو طلبگار آهيان ۽ جيڪڏهن ممڪن
هجي ته يونيورسٽيءَ جي اهڙن معاملن بابت ڪنھن ماهر
کي هدايت ڪندا ته اهڙو وضاحتي نوٽ لکي موڪلي، جنھن
جي بنياد تي آءٌ يونيورسٽيءَ سان الحاق جو ڪيس
ٺاهي سگهان. بلڪ هو اهو پڻ واضح ڪري ته يونيورسٽي،
سنڌ جي ادارن کي ڪھڙن شرطن تحت الحاق ڏيڻ لاءِ
آماده ٿيندي. مون کي ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته پنجاب
جي مسلمانن سان گهڻو ويجهو ٿيڻ سبب اسان جا ماڻھو
بھتر تربيت يافته ٿي پوندا. اسان ان ڳالھه تي پڻ
سوچي رهيا آهيون ته سنڌ ۾ اعليٰ سرڪاري ملازمتن جي
ڪيڊر
(Cadre)
کي پنجاب وارن سان ضم يا ملايو وڃي. پر اسان کي
ٻڌايو ٿو وڃي ته پنجاب جا سِول آفيسر پنھنجي سوچ ۾
آمريت ڏي وڌيڪ مائل
(Autocratic)
آهن ۽ شايد سنڌ جي ماڻھن لاءِ اهي ڏکيا ثابت
ٿيندا. مان اوهان جو انتھائي شڪرگذار ٿيندس جيڪڏهن
توهان هن مسئلي بابت پڻ پنھنجي راءِ کان واقف
ڪندا.
هي ٻه نھايت اهم مسئلا آهن ۽ مون کي اميد آهي ته
اوهان اولين فرصت ۾ پنھنجي خيالات سان نوازيندا.
اوهان جو خلوص سان
محمد ايوب کھڙو
علامه اقبال هن مسئلي جي حساس نوعيت کي سمجهندي ۽
پاڻ کي غيرجانبدار رکندي، اهو مسئلو وقت جي وڏي
مدبر ۽ داناءَ علامه عبدالله يوسف علي ڏانھن سندس
راءِ معلوم ڪرڻ بابت موڪلي ڏنو. علامه اقبال
عبدالله يوسف علي کان مليل جواب پنجن ڏينھن اندر
کھڙي صاحب ڏانھن موڪلي ڏنو جنھن ۾ هن طرح لکيائين:
My dear Khan
Bahadur,
13-1-1934
I enclose a reply to your questions with which I
fully agree. I am glad you sent this question to
mo. Mr. Yusuf Ali, as you will see, is the best
person to judge the matter, and he happened to
be here I thought it fit to consult him. Please
note letter is meant only for private use, Not
for publication.
Yours sincerely
Mohammad Iqbal(20)
13 جنوري، 1934ع
ترجمو:
منھنجا پيارا خانبھادر
آءٌ تنھنجي سوالن جو جواب موڪلي رهيو آهيان، جنھن
سان آءٌ پوري ريت متفق آهيان، مون کي خوشي ٿي آهي
ته اوهان ان سوال بابت مون سان مشورو ڪيو آهي.
محترم يوسف علي جيئن توهان ڄاڻو ٿا ته هن مسئلي
بابت نھايت معتبر حيثيت رکي ٿو ۽ جيئن ته هو هتي
هو، تنھنڪري مون هن سان مشورو ڪرڻ مناسب سمجهيو.
مھرباني ڪري هي خط پاڻ تائين مخفي رکندا ڇو ته اهو
عام اطلاع لاءِ ناهي.
توهان جو خلوص سان
محمد اقبال
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علامه يوسف عليءَ جو خط وڏي
سوچ سمجهه سان لکيل هو ۽ نھايت فڪر انگيز هو، بلڪ
ائين چوڻ گهرجي ته علامه اقبال توڻي علامه يوسف
علي ٻنھي سنڌ وارن سان خيرخواهيءَ طور جيڪو ضروري
سمجهيو، ان راءِ جو اظھار ڪيو.
هاڻي اچو ته ڏسون ته علامه عبدالله يوسف علي
پنھنجي خط ۾ ڇا لکيو هو جنھن کي علامه اقبال جيئن
جو تيئن بلڪ ان کي پنھنجي مليل خط سان گڏ کھڙي
صاحب ڏانھن اماڻي ڏنو:
My dear Sir
Mohammad,
12-1.1934
Here is my opinion on the proposals contained in
K. B. Khuhro's letter, which I return for
reference. 
I would not advise the Muslims of Sind to
transfer the affiliation of their Arts,
Engineering, and other educational institutions
from Bombay to the Punjab.
Ultimately no doubt Sind will try to have its
own university, but for the present in order to
Save money, they would do better to keep their
affiliation to Bombay. In the matter of
Engineering, Bombay is far in advance of the
Punjab…
I would advise our Sindhi friends to have
nothing to do with the Punjab University. They
could appoint a strong Muslim Director of
Education or Education Minister to foster Muslim
as well as general education, keep the idea of
an independent. University before the people.
K.B. Khuhro is quite right in his estimate of
the Punjab Civilians. By their history and
training they would
be so autocratic
that Sind would repent of having ever asked them
to ride on its back. Here again for cadre
purposes they would do better to remain in touch
with Bombay until they can be self-sufficient in
the distant future. In the distant future I gee
Baluchistan's destiny also linked with Sind.
A. Yusuf Ali
ترجمو:
منھنجا پيارا محمد
(اقبال)
12 جنوري 1934ع
خانبھادر کھڙي جي خط ۾ اُٿاريل مسئلن بابت منھنجي
راءِ هن طرح آهي جيڪا توهان لاءِ حوالي طور موڪلجي
ٿي.
آءٌ سنڌ جي مسلمانن کي هرگز اهو مشورو نه ڏيندس ته
اهي سنڌ ۾ آرٽس ۽ انجنيئرنگ وغيره جي تعليمي ادارن
کي بمبئي کان بدلائي پنجاب سان انھن جو الحاق ڪن.
آخرڪار ۽ مون کي ان ۾ شڪ ناهي ته سنڌ وارا پنھنجي
يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. پر في الحال خرچ
بچائڻ خاطر هنن لاءِ بھتر آهي ته اهي بمبئي
يونيورسٽيءَ سان پنھنجو ناتو برقرار رکن. خاص طور
انجنيئرنگ جي تعليم ۾ بمبئي پنجاب کان گهڻو اڳتي
آهي.
آءٌ سنڌ وارن دوستن کي اها صلاح ڏيندس ته هو پنجاب
يونيورسٽيءَ سان ڪنھن به قسم جو تعلق يا واسطو نه
رکن. اهي ڪنھن سگهاري مسلمان کي سنڌ ۾ ڊئريڪٽر
ايڊيوڪيشن يا اهڙي مضبوط ماڻھوءَ کي وزيراعظم مقرر
ڪن جيڪو مسلمانن لاءِ خاص توڻي عام تعليم جي
اڳواڻي ڪري سگهي، تيستائين الڳ يونيورسٽيءَ قائم
ڪرڻ وارو خيال ملتوي رکي سگهن ٿا. خانبھادر کھڙي
پنجاب جي سِول آفيسرن جي باري ۾ صحيح اندازو لڳايو
آهي. اهي پنھنجي تاريخ ۽ تربيت جي لحاظ کان اهڙي
آمرانه ذهنيت جو مظاهرو ڪندا، جو سنڌ وارا هميشه
توبھه ڪندا ته هنن کين پنھنجي پٺيءَ تي ڇو سوار
ٿيڻ ڏنو. اهڙيءَ طرح جيستائين سرڪاري ملازمن جي
ڪيڊر جو سوال آهي ته في الحال هنن لاءِ اهوئي بھتر
آهي ته هو بمبئي سان منسلڪ رهن تان جو اڳتي هلي
مستقبل ۾ پنھنجي پيرن تي بيھڻ وارا ٿين. مون کي
مستقبل ۾ بلوچستان وارن جو مقدر به سنڌ سان ڳنڍيل
نظر اچي ٿو.
عبدالله يوسف علي
اها ڳالھه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته کھڙي صاحب
پنجاب جي ٻن وڏن سياستدانن، سر فضلي حسين ۽ سر
فيروز خان نون سان به ان باري ۾ مشورو ڪيو هو جن
کيس صلاح ڏني هئي، ته سنڌ وارن کي نه صرف پنجاب
يونيورسٽي بلڪ سرڪاري ملازمن جي سلسلي ۾ پڻ پنجاب
سان شامل ٿيڻ گهرجي. هِتان سياسي سوچ رکندڙ ذهن ۽
دانشورانه دماغ جو واضح فرق نظر اچي ٿو ته هڪ
دانشور پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪيڏو آزاد ۽ غيرجانبدار
ٿئي ٿو ۽ هن جي نگاهه ڪيڏي دوربين
(Visionary)
ٿئي ٿي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي بمبئي کان
آزاديءَ جي جدوجھد 1913ع کان شروع ٿي، جيڪا پھرين
اپريل 1936ع تي مڪمل صوبي جي صورت ۾ ظاهر ٿي. اها
به حقيقت آهي ته اها سنڌ صوبائي اسيمبلي هئي جنھن
فقط ستن سالن کانپوءِ جي.ايم.سيد جي قيادت ۾
پاڪستان جي قيام لاءِ سڄي هندستان ۾ پھرين قرارداد
منظور ڪئي ۽ چئن سالن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو.
حوالا:
1.
R.D. Choskey, The Story of Sindh, Indus,
Karachi, P.28
2.
Hamidah Khuhro, Introduction ’The History of Sir
Charles Napiers’ conquest of Sindh, OUP,
Karachi, P. xvii
3.
لُب تاريخ سنڌ، ص 228
4.
Hamidah Khuhro, Introduction
Documents on
Separation of Sindh from Bombay Presidency, P.
xxiv
5.
Hamidah Khuhro, Muhammad Ayub Khuhro, A Life of
Courage in Politics, P. 48
6.
جي.ايم.سيد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ص 60، ۽
ميران محمد شاهه، الوحيد، اسپيشل ايڊيشن، ص 144.
7.
ساڳيو، ص 116، ساڳيو ص 79.
8.
خانبھادر محمد ايوب کھڙو، ايم.ايل.سي، لاڙڪاڻو.
’سنڌ کي آزاد ۽ مستقل صوبو بنائڻ جي تحريڪ‘،
الوحيد اسپيشل ايڊيشن، ص 123.
9.
ميران محمد شاهه، سنڌ جي علحدگيءَ جي تواريخ
الوحيد ’سنڌ آزاد نمبر‘، ص 116.
Hamidah Khuhro, Documents, P. 152 to 169.
10.
Hamidah Khuhro, Documents, P. 199-254.
محمد ايوب کھڙي جو اهو ڪتاب جيئن جو تيئن شامل
آهي.
11.
Hamidah Khuhro, Documents, P. 255-325.
ڇٻلاڻي جو ڏنل رد مڪمل طور شامل آهي.
12.
Op. cit, P. 196.
13.
Latif Ahmed Sherwani, Speechs, Writings and
satements of Iqbal, 1977, P, 20-21.
14.
ڊاڪٽر جاويد اقبال- زنده رود- تلخيص، ص 39. ٽين
گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي علامه آءِ.آءِ قاضي
لنڊن ۾ موجود هو، جو هڪ تقرير ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته
ان وقت هو علامه اقبال جي اهڙي مجلس ۾ شريڪ ٿيو
هو.
15.
Hamidah, Muhammed Ayub Khuhro, P. 99-100.
16.
الوحيد، سنڌ آزاد نمبر، ص ، جي.ايم.سيد، سنڌ جي
بمبئي کان آزادي، ص 117.
17.
Hamidah Documents, Introduction, P. lvi.
18.
Op. cit, P. lx-lxi.
19.
Op. cit, P. lxii-lxiv.
20.
Op. cit, P. lxv. |