سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:19 

 

مجيب سنڌي

 

غزل

جفا نه ڄاڻون سدا نڀايون اسان ته آهيون ملير واسي،

دغا ڌڪاري نظر ملايون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

پري پري کان ڪري پڇائون اچن اڱڻ تي پرين پيارا،

ڀري ته ڀاڪر ڳلي لڳايون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

ننڍن وڏن جو پڙهڻ حوالو سڃاڻ بيشڪ ڪتاب آهن،

قدم قدم سان ملي وڌايون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

سجاڳ آهي شعور پنهنجو ڏسون ٻڌون ٿا پڪار هرڪا،

عقاب وانگي نظر گهمايون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

سڪار جھڙين علامتن سان دماغ روشن سدا رکون ٿا،

جفاڪشيءَ کي ثواب ڀانيون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

سڄو ڪراچي مثال آهي وشال آهي گڏاپ تائين،

محبتن ۾ سچا سڏايون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

ملن نٿيون ڪي سهولتون هت عذاب پل پل حڪومتن، جا.

اڻاٺ هوندي وٿاڻ ٺاهيون اسان ته آهيون ملير واسي.

 

مڃي ٿو هرڪو محبتن جا امين بيشڪ ”مجيب“ سارا ،

ملي جلي ٿا ڀٽائي ڳايون اسان ته آهيون ملير واسي..

 

 

 

رياض ڏاهري

 

 

غزل

 

اکين ۾  اداسيون لٿيون شام ڌاري،

ٻرن ياد بڻجي بٿيون شام ڌاري.

 

وڃن دردَ دونهي سان دونهانٽجي ٿيون،

پنهوارن جي پاڙي پٿيون شام ڌاري.

 

اتر جي هوا ۾ تراين ڏي ويندي،

کيون کيچِلين ٿي کٿيون شام ڌاري.

 

وڻ هيٺان چلھ تي  نينگرِ رکيون پئي،

وؤنڻاٺين جون آڻي سٿيون شام ڌاري.

 

سڄو ڏينهن سِڪائين ته ڀي توکان جاني،

ملڻ لا ٻه گهڙيون نه ٿيون شام ڌاري.

 

وٺي پاڻ ڏي سڀ رکيون سجَ هن جون،

چپن تان جو سرخيون ڊٿيون شام ڌاري.

 

روزانو اڱڻ تي  پکين ساڻ ڀرجن،

نمن جون هي ٽاريون مٿيون شام ڌاري.

 

”رياضَ“ ڪير ڪنهن جو مياري آ ڪيڏو،

ڪڏھن اچ ته ويهي ڪٿيون شام ڌاري.

 

 

علي نواز ڏاهري

 

وائي

 

دهليءَ جن جي ڌاڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

جُنبيا وڏيءَ ويڙھه ۾،   هو جي پرھه – پياڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

لڙيو  سج  لالاڻ  ٿي، لهو   لهو    ٿاڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

آتڻ  ڪل اجڙي  ويا، چڪيا   ونين  چاڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

منظر  دل جي  ديس جا، گوندر  ۾ غمناڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

 عضوا عضون کان جدا،  مٿان  پيئڙن  ماڪ،

وڳهه جا ويڙهاڪ،

ماءُ! نه منهنجا موٽيا.

 

 

اعظم ڀٽي

 

غزل

روز پنهنجا ٻچا پيا کّڄّن دوستو!

ھاڻ تن لئه ڪجي ڪو جَتَن دوستو!

 

ڪاڻ ڪهڙي اسان کان خفا ٿيا ڀلا،

ڇو الئه هۡو نٿا ڪجھه ڪُڇن دوستو!

 

مارئي سُک قبوليا نه ۽ محل هُئا،

ائين ڀلا ڪيئن ته مارو مَڃِن دوستو!

 

ڦيريو مۡنهن هۡنن پاڻ هو جابجا،

بدگمانين وچان ڪيئن پّسّن دوستو!

 

گۡم پيارا ڪيا ويا وڏي ڏاڍ سان،

جۡهد گڏجي ڪريون من وّرّن دوستو!

 

ڪاڪ جون موملون ڀيڻيون ويون ڇڏي،

”هاڻ مشڪل سي واپس اچن دوستو!“

 

سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي، ڪٽيندا وتن،

سنڌ کي ھاڻ سَوَ سر کپن دوستو!

 

جان ”اعظم“ وطن کان مٿي ناهه بس،

ڪين غٌدار هاڻي بچن دوستو!

 

 

وفا جانوري

 

 

غزل

وکن گسن  تي صليب سارا مٿان اُڀا هئا،

اسان ملياسين زماني وارا مٿان اُڀا هئا.

 

هٿن ۾  خنجر هئا  ڪنين کي ۽ ساڻ پٿر،

جوان پوڙها ۽ ٻار سارا مٿان اُڀا هئا.

 

رڳو ئي دونهان عمارتن مان اُٿيا پئي،

گسن تي باهيون الا ته ڪارا مٿان  اُڀا هئا.

 

 جلائي گهرڙو ڇڏيئون ته منهنجو رڙيون هيون ۽،

امان ابو ۽ ٻچا ويچارا مٿان اُڀا هئا.

 

اُتان هليو ويس  پري ٿي آخر  وري نه موٽيس،

پٺيان ته دشمن ذليل خارا  مٿان اُڀا هئا.

 

خطا ته مون کان وڏي برابر انهي مهل ٿي،

ڪا رات ڪاري ۽ ڏور تارا مٿان اُڀا هئا.

 

عاجز ڪريم پوري

 

غزل

 

رنجايو آ هر ڪنهن، کِلايو نه ڪنهن آ،

رکي نينهُن ناتو، نڀايو نه ڪنهن آ.

 

سَري ڪين ساعت، جنين کان ٿي ڪائي،

ويا مُنهن موڙي، نهاريو نه ڪنهن آ.

 

کنيا جن قسم ٿي، سدا گڏ رهڻ جا،

ٿيا ڌارَ اڄ سي، گُذاريو نه ڪنهن آ.

 

وئي ڪا وڌي آ، محبت ۾ وائرَس،

ستايو سڀن آ، راهيو نه ڪنهن آ.

 

ڏسان پيارُ اڄ جو ٿو واپارُ جڳَ ۾،

مَري وئي آ محبت! ملهايو نه ڪنهن آ.

 

ويو پيارُ پَئسي، اڳيان هارَ کائي،

اچي ويا هوَس ۾، گھٽايو نه ڪنهن آ.

 

کَڄي ويو آ ويساهه، اڄ جي يارَن تان،

رُڳو ٺاهه ٺڳي جو، وسهايو نه ڪنهن آ.

 

قدر پيارُ جو ڪو، ڪيو ڪنهن نه ”عاجز“!

دلي طور پنهنجو، ڀانيو نه ڪنهن آ.

 

 

رابيل راهي

 

غزل

مست مڌم ڀرپور جواني،

جوڀن سان پُر نور جواني.

ڇلڪي ڇاتي ڇوھه پئي ڇرڪي،

ڳل ڳٽول انگور جواني.

پيرن ۾ پازيب پدمڻي،

وک وک ڄڻ وھلور جواني.

ڏسي پري کان مڌ ٿي وياسين،

مخموري مغرور جواني.

جوڀن جلون جهٽي ڇڏيو آ،

دل کي سا منظور جواني.

عشق لٿو ”رابيل“ اکين ۾،

خوابي چڪنا چور جواني.

 

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

 

غزل

هڪڙو نه صرف مون کي ڄارو لڳو هيو،

سچ پچ اداس گهر هي سارو لڳو هيو.

لفظن جا ٽوھَه ڳولي ٻوليو هيو اوهان،

تنهن پل اوهان جو لهجو کارو لڳو هيو.

پالي اندر ۾ هوندوَ ڪاراڻ، اُن ڪري،

ھر آدمي اوهان کي ڪارو لڳو هيو.

ڪو چنڊ ڀي لڳو هو مون کي زمين جو،

۽  آسمان  جو  ڪو  تارو لڳو هيو.

ڪيئي اجھا هيا جي پل ۾ لُڙهيا هيا،

دريا جي بند کي جو  گھارو لڳو هيو.

 

وفا ياسين آرائين

 

غزل (منقبت)

دين محمد جِي صدا ڪربلا ۾،

حسينڻ  آ  ڪئي،  وفا  ڪربلا  ۾.

 

عليؑ جي شجاعت جي روشن نشاني،

نظر  آئي  هر  دم  ضِيا  ڪربلا  ۾.

 

فراتن جي ڪنڌيءَ  اُڃارا  لب هئا،
 نه  پاڻي  مليو، بي وفا  ڪربلا ۾.

 

کڻي  مَشڪ    وڌندو  رهيو پئي غازي،

 امر  ٿي  وئي  سا،  ادا  ڪربلا  ۾.

 

جليا خيما،  آل محمد  بي  يارو مددگار ٿيو،

هئي هاءِ غم جي، ڪٿا ڪربلا ۾.

 

نه جهڪيو حسينؑ ابنِ عليؑ جو سر،

 ملي  دين  کي  پوءِ  بقا  ڪربلا  ۾.

 

اڄ به وفا جي راهن جو هر مسافر،

ٻڌي هئي حسينؑ جي  صدا ڪربلا ۾.

 

 

رحيمداد جوڳي

   

 

 

وائي

هر نئين صبوح جو

چمن ۾ گلاب -

خوشبو پکيڙن ٿا!

اکين جي نور مان

هن جا حجاب -

خوشبو پکيڙن ٿا!

بسنتي - رت جا

چنچل خواب -

خوشبو پکيڙن ٿا!

مان ستو پيو ها

۽ ڀر ۾ ڪتاب -

خوشبو پکيڙن ٿا!

خوشبو پکيڙن ٿا!

 

غلام محمد ڀٽي

 

غزل

هر روز پرين تڙپائيندو،

آ منهنجو جيءُ جلائيندو.

پاڙي وارا ۽ دوست سڀئي،

آ مونتي روز کلائيندو.

بس مون کان سوا هن سان يارو،

آ ڳوٺ سڄو ڳالهائيندو.

مان روز دعائون پيو ٿو گهران،

رب مون سان پرينءَ کي ملائيندو.

مون کي پڪ ناهي هي يار ’ڀٽي‘،

هو مون سان هيل نڀائيندو.
 

 

نويد ناز ڀٽي

 

غزل

 

آ اعتراف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان،

هاڻي شفاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

هن ننڊ کي آ رهندو هر روز جاڳ سان،

ڇا اختلاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

هن رات کي لڳي ٿو ڀڙڪائي ٿو وڃي،

منهنجي خلاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

رنگين هاڻي يادون مون ڏي نه ٿيون اچن،

۽  يار صاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

هن سمنڊ چنڊ ڌرتي آڪاس جو قسم،

مان انحراف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

اوندهه جو ڄڻ اکين تي چاڙهي هليو ويو،

آهي غلاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

منهنجي اڳيان بيهاري هڪ شخص جاڳ جو،

ويو آهي ڪاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

هڪڙي ”نويد“ هستي جنهن جي پٺيان رهيو،

هر خواب زاف ڪوئي سپنو نه ٿو ڏسان.

 

 

 

وفا گل محمد جمالي

   

 

 

غزل

 

نديءَ ۾ ترندڙ ڪنهن ناءَ وانگر،

ھوا ۾ آهين ھڳاءَ وانگر.

 

ڪا ياد دل ۾ اڃا ڪري پئي،

بدن جي گهري ته گھاءَ وانگر،

 

تئي تي ٽڙڪي رھي آ منشا،

تپاڪ سورج جي تاءَ وانگر.

 

نگاھ تنهنجي شفاف شيشو،

نظر جي اجري تلاءَ وانگر.

 

مري ته ماڻهو ڇڏي وڃي ڪجھه

جيئي ته ڌرتي ڪنهن ماءَ وانگر.

 

خدا پرستيءَ ۾ گھارجي من،

سدا پيو پسجي نياءَ وانگر،

 

”وفا جمالي“ ڪجي ته جڳ سان،

ڀاءُ سان ڪنهن نڀاءَ وانگر.

 

 

امر کهاوڙ

 

غزل

چاھَ مان چاھُه وڃي ٿو نِڪتو،

ھاڻِ ويساھُه وڃي ٿو نڪتو.

 

جيستائين ڪو ٻُڌي، ۽ موٽي،

سڏَ جو ساھُه وڃي ٿو نڪتو.

 

دير ايڏي ڇو اچڻ ۾؟  يارو!

گَسَ تي گاھُه وڃي ٿو نِڪتو.

 

تُنهنجو ھفتو نه ٿئي ٿو پُورو!

ماھَه تي ماھُه وڃي ٿو نِڪتو.

 

ڪَپ ندِي ايئن ڪَٽِيندِي ٿي وڃي،

وِير سان واھُه وڃي ٿو نِڪتو.

 

گُھور ڪنهن جِي سان گُھمي ٿو گھاڻو،

ڳالهه سان ڳاھُه وڃي ٿو نِڪتو.

 

ننگُ رعيت جو کڻي زوريءَ سان،

شانَ سان شاھُه وڃي ٿو نِڪتو.

 

ڍؤ نئون ڍنگُ، نئون رنگُ آڻي،

ڏُرت ۾ ڏاھُه وڃي ٿو نڪتو.

 

حُسن اھڙو ته ڏنگيو، جو ڏسندي،

پاڻ کان ٽاھُه وڃي ٿو نڪتو.

 

 

غلام حسين’مشتاق‘سچاروي

 

نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو

 

محبت جو سفر مشڪل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو،

اڙائي ويٺاسون ٻئي دل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

پرين جنهن پير پاتو عشق ۾ ويو عمر ڀر اڙجي،

هي دلدل آهي يا منزل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

اوهان جو حسن منهن جو عشق آهن بحر بي پايان،

ٻنهي جي ناه ڪا ساحل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

نڪا تلوار هٿ ۾ هئي نه نڪتو تير ترڪش مان،

ڪيا هڪ گھور ڪيئي گهايل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

اڏائي عشق ٿو فهم و فراست عقل وارن جي،

هتي عاقل به ڄڻ جاهل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

عدالت عشق جي ۾ فيصلا هر وقت هڪ طرفا،

رهي مدهوش ٿي محفل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

هزارن ۾ اچن ٿا مرڪندا ”مشتاق“ مقتل ڏي،

مگر مقتول يا قاتل نه تو سمجھيو نه مون سمجھيو.

 

محمد رفيق خاڪي مغيري

 

ڪافي

 

منهنجو سهڻو سڄڻ سڀ جو سردار آ،

وڃي ڳوليو ڀلي هي سڄو سنسار آ.

 

حُسن يوسفي جو هو هاڪ هتي،

مگر محب منهنجي جو مٽ آ ڪٿي،

سڄڻ سونهن ۾ سڀني جو سالار آ.

 

دلڙي ديواني پئي دانهون ڪري،

عشق انهي جي ۾ آهون ڀري،

نيهن تهين جي نچڻ لاءِ ڪيو نروار آ.

 

سدائين سڄڻ توکي ساريون پيا،

هجر ۾ هزارين هنجھون هاريون پيا،

اندر ۾ عشق جو لڳيل آزار آ.

 

”خاڪي“ سڄڻ آ ساٿي سارن جو،

محب منٺار مٺڙو مون پارن جو،

سپرين سچو اڙين جو آڌار آ.

 

ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

 

                 غزل

 

ظاھري   پاڻ   خان    ٿو  لڳين،

پر  اندر  ۾  شيطان  ٿو    لڳين.

 

پاڻ     آثار قديمه   جو    بلڪل،

عبرتي   ھڪ   نشان   ٿو   لڳين.

 

گل  نه  ٻوٽا  چمن  ۾ ڪي مٺڙا،

اُجڙيل   ڄڻ  گلستان  ٿو  لڳين.

 

سونهن پڻ بي مثالي آ تنهنجي،

مهڪ  ۾  گل خندان  ٿو  لڳين.

 

خامين    ۽    خرابين    ھوندي،

پوء  به  تون  سائبان  ٿو  لڳين.

 

تون   ٺڳي  ۽   فراڊ   ۾   جاني،

فرد   ته نه   خاندان   ٿو  لڳين.

 

سچ ۾ ”عادل“ مشاعرن جو تون،

پاڻ    شاعر   مهان   ٿو    لڳين.

 

امداد ”عاجز“ نصيراڻي

 

 

 

غزل

نـفــــرتــن ۾ دفـــن مـحـبــتـون ٿي ويـون،

فـــــاصـــلن ۾ خـــتـــم قربتون ٿـي ويـون.

 

سڀ گهڙا ڄڻ ڪــچــــا محبتن جا مٺـــــا،

بــــي اثــــــــر بي خبر چاهتون ٿي ويون.

 

پيـــــــار جـــو آ تسلسل نــــــڪي ساڳيو،

زور آور پـــــــــرين نفرتــــون ٿي ويون.

 

ٿــــــــا پيا ڳوليون چين ســـــــک شانتي،

خاڪ سڀ روح جون راحتون ٿي ويون.

 

مــــــــــــاڳ توڙي نه منزل ملي جان من،

خـــــــــــواب ۽ دربدر حسرتون ٿي ويون.

 

واقـــــــعا روز ٿــــــا رونمــــــــا هت ٿين،

عــــزت بي آبـــــــرو عصمتون ٿي ويون.

 

خــــــــــواب ڀي ساڀيان ڪو نه هرگز ٿيا،

هـــــــاءِ ويڳــــــاڻيون قسمتون ٿي ويون.

 

ماريا ٿا وڃـــن روز ”عـــــاجــز“ جوان،

ڪک بـــــرابــر سندن قيمتون ٿي ويون.

 

 

اياز وگهيو

 

ڄام شوري جي هوائن جيان

نظم

تون ڄام شوري جي هوائن جيان هئين،

نرم، مٺڙي ۽ سرور ڀري،

جيئن شام جو سنڌوءَ جي ڪناري تي

ڪو خواب چپ چاپ لهي.

 

تون آئين ته دل جي ويرانين ۾

بهارن جا رنگ پکڙجي ويا،

سڪل پنن جهڙا احساس به

مرڪندي گل بڻجي ويا.

 

تون ڄام شوري جي هوائن جيان هئين،

جيڪا روح کي ڇهي وڃي،

۽ اکين ۾ بي شمار خوابن جا

روشن ڏيئا ٻاري وڃي.

 

پر پوءِ نه ڄاڻان ڪهڙي موسم آئي،

جو تنهنجو لهجو بدلجي ويو،

جيڪو دل جو ساهه بڻيل هو،

سو درد جو قصو بڻجي ويو.

 

هاڻي به جڏهن ڄامشوري جون هوائون

رات جي خاموشيءَ ۾ گهمنديون آهن،

تنهنجي ياد جا خوشبودار لمحا

دل جي در تي دستڪ ڏيندا آهن.

 

 

فراخ جانوري

 

غزل

 

دل لڳي کي ڳائبو دلبري کي ڳائبو،

دشمني پاسي رکي دوستيءَ کي ڳائبو.

 

پاڻ پانڌي آهِيُون ھُن پرھه جي پار جا،

ٻاٽ ۾ ٻاري ڏيا روشني کي ڳائبو.

 

ڪنهن ڪليءَ سان دل ڳنڍي زندگي مهڪائبي،

چنڊ سان چاھت رکي چاندني کي ڳائبو.

 

جيستائين دوستو زندگي جو ساٿ آ،

موت پاسي تي رکي زندگي کي ڳائبو.

 

سونهن وارن سان حسين ڪي رچائي محفلون ،

جھومبو جھومائبو عاشقيءَ کي ڳائبو.

 

امن الفت واسطي فڪر صوفين جو کڻي،

ھا ڪڏهن سچل ڪڏهن ڀٽ ڌڻيءَ کي ڳائبو.

 

ساھه کان وڌ جانوري پيار ڌرتيءَ سان اٿم،

ڳائبو پيو ڳائبو سنڌڙيءَ کي ڳائبو.

 

 

 

معظم علي مهيسر

 

 

غزل

مٺا محبوب تون مون سان گذاريندين ته خوش ھوندي،

اگر جي  نينهن  جو ناتو  نڀائيندين ته  خوش ھوندي.

 

ڪيو  تو آ ستم  ڏاڍو  حُسن  جي زور  تي ھردم،

ڦٽيل دلڙي اسان واري جياريندين ته خوش ھوندي.

 

ڪيا تو قرب ۾ قائل لکين ڪي ئي ته مون جهڙا،

کڻي تن ڏي نظر پيارا نهاريندين ته خوش ھوندي.

 

وري ساقي ملي مون کي ھتان تنهنجي پيالي ڪا،

پرين پنهنجي ھٿن سان تون پياريندين ته خوش ھوندي.

 

برھه  جا  بار  بدناميون  ملامت  لوڪ  جا  مهڻا،

اگر تن کان اچي مون کي بچائيندين ته خوش ھوندي.

 

رھي  آھي  صدا  رھندي  اوھان  تانگھه  اي  پيارا،

گھڙي ڪا ياد ڪو پل ڀي پڪاريندين ته خوش ھوندي.

 

اڪيلو   ٿي  پيو ”معظم“ اوھان جي ڳوٺ ۾ آھي،

ڀلا جاني سڏي ڀر ۾  وھاريندين ته خوش ھوندي.

 

 

معشوق جنجھي

 

 

غزل

 

اک آليءَ سان مون کي اُٿاري سگھي،

۽ وڇوڙي سان گڏجي ويهاري سگھي.

 

دل چريءَ جي نه ڪائي ڪٿا ٿي ٻڌي،

هن کي گهرجي ٻڌڻ جيئن سنواري سگھي.

 

نيڻ نهٺا هجن ڀل خفا ڀي هجي،

هر پڇاڻي تي مون کي پڪاري سگھي.

 

ويجھڙائپ ۾ دامن سان جڪڙِي وَڃي،

ڪنهن ڪويتا جي ڪشتي ڪناري سگھي.

 

هن جي نظرن اڳيان ڪجھه نظارا هئا،

ڀل ته جوڀن ۾ سي ئي اتاري سگھي.

 

هل ته ”معشوق“ هن لئه بهانو ٿيون،

هو وسارڻ جي چاهي وساري سگھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org