|
مير چند اوڏ
اوڏ برادريءَ جي رهڻي ڪهڻي
ڪنھن به قوم ۽ قبيلي جي ترقيءَ لاءِ ثقافت اهم
ڪردار ادا ڪندي آهي. ثقافت ۾ رهڻي ڪھڻي، هلت چلت،
ريتون رسمون ۽ ٻي سڃاڻپ هوندي آهي. رهڻي ڪھڻي جو
مطلب روزمره جي زندگي گذارڻ جو انداز، اخلاقي قدر
۽ سماجي برتاءُ آهي. رهڻي ڪھڻي جو اصل مرڪز ٻھراڙي
هوندي آهي. رهڻي ڪھڻي کي ثقافتي سڃاڻپ (Cultural
Identity)
جو اهم حصو سمجهيو وڃي ٿو. رهڻي ڪھڻي انسان جي
زندگي گذارڻ جي طريقي سان گڏوگڏ انسان جي روزمره
جي زندگيءَ جو مڪمل انداز بيان ڪري ٿي. اوڏ
برادريءَ جي رهڻي ڪھڻي جو احوال مختصر طور تي بيان
ڪجي ٿو.
اوڏن ۾ ملڻ ۽ سلام ڪرڻ جو طريقو:
اوڏ برادريءَ ۾ ملڻ ۽ سلام دعا ڪرڻ جو پنھنجو هڪ
خاص انداز آهي. مرد جڏھن ھڪٻئي سان ملندا آھن، ته
ھڪ شخص اوڏڪي ٻوليءَ ۾”او! سائين مانڇا“ (او!
سائين منھنجا) يا ”سائين! رام رام“چوندو آھي.
تنھن تي ٻيو شخص ورندِي ڏيندي ”سائين! سدائين رام“
چوندو آھي ۽ ٻئي ڄڻا احترام طور ٿورو ڪنڌ جهڪائي
پنھنجا ٻئي ھٿ ٻڌي ھڪٻئي سان ملائڻ بعد پنھنجي
سيني طرف ڪري ھٿ ٻڌي اڀا ڪندا آھن. ٻه ڀيرا ”رام
رام“ جو مطلب آھي ته پھريون ”رام“ ڀگوان رام جو
نالو ورتو ويندو آھي ۽ ٻيو ”رام“ روحاني توانائي ۽
پاڪيزگيءَ جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ھندو فلسفي
موجب ”رام رام“ چوڻ نه فقط سلام ڪرڻ آھي، پر ھي ھڪ
دعائيه اظھار به آھي، جيڪو ٻئي لاءِ ڀلائي، امن
روحاني پاڪيزگيءَ کي پڻ ظاھر ڪري ٿو. سلام ڪرڻ جي
ھن طريقي کي اوڏ ”رامست“ چوندا آھن.
اوڏ برادريءَ ۾ عورتن جي سلام ڪرڻ وقت عمر ۽ رشتن-
ناتن جي حيثيت مطابق انداز تبديل ٿئي ٿو. اوڏن جي
روايت موجب عورتن جي سلام ۾ ھٿ ملائڻ جو رواج بلڪل
به ناھي. ھڪ اوڏڻ جڏھن ڪنھن وڏي عمر واري عورت سان
ملندي آھي، ته وڏي عمر واري عورت کيس مٿي تي ھٿ
رکندي آھي. ڏير، سس ۽ سھري سان ملڻ وقت عورت ھيٺ
جهڪي پيرن کي ڇُھندي آھي،جيڪو نھايت ئي ادب ۽
احترام جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. پير ڇھڻ مان اھا
مراد حاصل ڪئي وڃي ٿي ته عورت انھن کان دعائون
حاصل ڪندي آھي، جنھن کي اوڏ ”پَگين پڙڻ“ سڏيندا
آھن. پيرن ڇھڻ جي جواب ۾ سندس مٿي تي ھٿ رکي
آشيرواد (برڪت) ڏيندا آھن. اوڏ برادريءَ جا ڪافي
خاندان اھڙا به آھن جتي اڄ به عورت سھري جي سامھون
گهونگهٽ ڪڍندي آھي، جيڪو سندس شائستگي ۽ سھري لاءِ
احترام جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڏير
۽ سھري جي موجودگيءَ ۾ عورت پنھنجي مٿي تي پوتي
ضرور رکندي آھي. آڳاٽي وقت ۾ ھڪ عورت جڏھن ڪافي
وقت کانپوءِ پيڪن وٽ ويندي ھئي، ته سندس ماءُ ۽
ڀينرون کيس گلي لڳائي پار ڪڍڻ جو رواج هوندو ھو،
جو هاڻي بلڪل به ختم ٿي چڪو آھي. اڄڪلھه جديد
ثقافتي اثرن جي ڪري پار ڪڍڻ بجاءِ ڀاڪر پائي ملڻ
جو رواج آھي. عورتن جي سلام ڪرڻ جي ھن طريقي کي
اوڏ ”مِڙڻ“
سڏيندا آھن.
مردن جو لباس: اوڏ برادريءَ جي مردن جي اصلوڪي
لباس ۾، گوڏ، شلوار، قميص ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌڻ شامل
آهي. پيرن ۾ بوٽ پائڻ جو رواج رهيو آهي. ململ يا
چائنا جي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌندا ھئا. آڳاٽي دور ۾
ٽوپي پائڻ جو رواج نه ھوندو ھو، جيڪڏھن ڪو ٽوپي
پائيندو ھو ته ان کي ٽوڪيندا ھئا. جيڪو پنھنجي
ثقافت سان محبت جو ثبوت ھوندو ھو. جيئن جيئن پٽڪي
ٻڌڻ جو رواج گهٽجندو ويو، تيئن تيئن اوڏ برادريءَ
۾ ٽوپي پائڻ جو رواج داخل ٿيندو ويو. اوڏ برادري ۾
اڄڪلھه فقط وڏي عمر جا ماڻھو پٽڪو ٻڌندا آھن يا
وري شادي وھانءَ جي موقعي تي پٽڪو ٻڌو وڃي ٿو. ڪو
به اوڏ مٿي اگهاڙو نه ھوندو ھو، جيڪو مٿي اگهاڙو
ھوندو ھو، ته ان ڳالھه جي اھا نشاني سمجهي ويندي
ھئي ته سندس گهر ۾ ڪو قضيو ٿيو آھي يا ائين کڻي
چئجي ته قضيي ٿيڻ جي صورت ۾ مرد مٿو اگهاڙو ڪندا
ھئا. اڄڪلھه اوڏ برادريءَ جي مردن ۾ اڪثر ڪري
شلوار قميص، پينٽ شرٽ ۽ جينز پائڻ جو به رواج وڌيو
آهي.
ان کان علاوه مرد ڪنن ۾ ڪيوَٽِيون پائڻ، نرڙ تي
ڏينڀوڻيون ۽ چنڊ- تارن جا چِٽ پڻ ڪڍندا هئا. اهي
چِٽ اڪثر ڪري نرڙ، ڪياڙي ۽ ٻانھن تي مور، وڇون،
تتر، جهرڪي ۽ پلي مڇي وغيره جا چِٽ چٽيندا ھئا. هي
چٽ خوبصورتيءَ ۾ اضافو آڻڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. مٿي
جي سور کان بچڻ لاءِ نرڙ تي ڏينڀوڻيون علاج طور
هڻايون وينديون هيون. ڏينڀوڻيون ھڻڻ لاءِ باھه ۾
ٻرندڙ ڪوئلي کي وسائي ان کي ڪونڊي ۾ گهوٽي پيٺو
ويندو هو، ڪوئلي کي پيھڻ بعد ان پيٺل ڪوئلي کي
ڪپڙي ۾ ڇاڻي ان ۾ سرنھن جو تيل ملائي مس طور
استعمال ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ سُئي ان ۾ ٻوڙي نرڙ
تي هنئي ويندي هئي، اهڙي نموني ڏينڀوڻيون ۽ چٽ
ڪڍيا ويندا هئا. هي ڏينڀوڻيون ۽ چٽ ڪڍڻ جو فن ۽
هنر فقط عورتون ڄاڻينديون هيون ۽ اهي وري پنھنجي
گهر ڀاتين ڀاءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، ڀائٽيي ۽ ڀائٽي وغيره
کي ڏينڀوڻيون ھڻنديون ھيون ۽ چٽ چٽينديون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن مرد وري ميلن ۾ چٽ چٽيندڙن کان چٽ
چٽائيندا هئا. ڏينڀوڻيون ڇري سان هنيون وينديون
هيون. اوڏ براديءَ ۾ ڏينڀوڻيون ھڻڻ ۽ چٽ چٽڻ جو
رواج تمام گهڻو گهٽجي چڪو آھي.
عورتن جو لباس: عورتن جي لباس ۾، پوتي، گج ۽
گهاگهرو ۽ پٽي لڳل ڪانچڙي ۽ گهاگهرو هوندو هو. گج
کي زريءَ سان گول نموني جو ڀرت ڀريل هوندو هو ۽
گهاگهري جي هيٺين حصي تي ٻانھن ۽ پاسن کان به
سونھري، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جي زريءَ سان ڀرت ڀريو
ويندو هو، جو گهڻو خوبصورت ۽ دلڪش نظر ايندو هو.
هي ڀرت عورتون ڀرينديون هيون. موجوده وقت ۾ اوڏ
برادريءَ جي عورتن ۾ شلوار قميص، پينٽ شرٽ ۽ جينز
پائڻ جو رواج ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
زيور: نڪ ۾ ڪوڪو، چڻنگ يا ڦُلڙِي، چاندي جو ڪٺمال
جيڪو ڳچيءَ ۾ وجهڻ سان هيٺ دُن تائين پھچندو هو.
ھَسُ، آڳاٽي دور ۾ عورتن جو ڳچيءَ ۾ پائڻ وارو
چانديءَ جو وڏي ڪڙي جھڙو زيور هوندو هو، جنھن جو
وزن اڌ ڪلو کان ٻه ڪلو تائين هوندو هو، ان ڪڙي تي
چٽ چٽيل هوندا هئا. ٻنھي پيرن ۾ عورتون چانديءَ
جي ھڪ ھڪ ڪڙِي پائينديون ھيون جن جو وزن چار کان
پنج تولا ھوندو ھو. ٻانھن ۾ پٽي نما چار کان پنج
چوڙيون ۽ ٻانِھيون پائينديون هيون، جن جي ويڪر ھڪ
انچ کان ٻه انچ ھوندي ھئي، جنھن جي وچ ۾ ميخ لڳل
ھوندي جنھن سان چوڙِي يا ٻانھين پائڻ ۽ لاھڻ ۾
آساني ٿيندي ھئي. نٿ، چاندي ۽ سون جي استعمال ڪئي
ويندي هئي. عورتون ڪٺمال جو استعمال ڪنھن شادي
وهانءَ يا ڇٺي وغيره جي موقعي تي پائينديون هيون ۽
هس ٻارنھن ئي مھينا پائينديون هيون. چاندي جون
چوڙيون عورتن کي ڏاج ۾ ڏنيون وينديون هيون. اڄڪلھه
وري مروج زيور ڏاج ۾ ڏيڻ جو رواج آهي، خاص طور تي
نڪ جو ڪوڪو يا ڦلي ضرور ڏني ويندي آهي.
عورتون ڀرت ڀرڻ، سڳيون ۽ اڳٺ ٺاهڻ، دٻڪيون ٺاهڻ،
ماني وارا ڇٻا، رليون ٺاهڻ، ڪپڙن تي ڀرت ڀرڻ، شيشا
لڳائڻ ۽ سوڙون سبڻ جو هنر رکنديون هيون. گھوٽن
لاءِ ٻانھوٽا ٺاهڻ، شادي جي موقعي تي گهوٽ لاءِ
ڪاني جو سر ٺاهڻ ۽ ان ۾ گل وجهي سينگارڻ.
مهمان نوازي: آڳاٽي وقت ۾ جڏهن اوڏن جا پنج - اٺ
گهر گڏجي ويڙهي جي صورت ۾ رهندا هئا، ته ان کي اوڏ
”ڪارخانَي“ سڏيندا هئا. انھن وٽ جڏهن ڪو مھمان
ايندو هو ته گهر ڀاتي گهر ۾ پيل سبزي يا دال سان
ماني کارائيندا هئا، ان کان پوءِ ان گهر جو شخص
ٻين گهرن ڏي وڃي چوندو هو ته ”ڀائُو! ڪارخاني ۾
ڇَئُون، ڪُل ڀيڙي ڇَئُون، مانکن مِزمانَ آلا ھَي.“
يعني ادا! ويڙهي ۾ آهيون، مون وٽ مھمان آيو آهي.
تنھن تي اهي چوندا هئا ته ”حڪم ڪر“ ويڙهي ۾ سمورا
اوڏ اوڏڪي ڪم تي نه ويندا هئا، مھمان جي اچڻ تي
سڄو ويڙھو خوش ٿي ويندو هو ۽ ويڙهي جا مرد گڏجي
ڇيلو وٺڻ ويندا هئا، ويڙهي جا سڀئي گهر ڇيلي جي
خريداري ۾ گڏجي پيسا ڏيندا هئا. جڏهن ڇيلو وٺي
ايندا هئا، ان ڇيلي کي ڪنھن مسلمان کان ذبح ڪرائي
گهرن مطابق گوشت جا حصا ڪندا هئا، انھن منجهان
هڪڙو حصو مھمان لاءِ ڪڍيو ويندو هو، جيڪو گهر ڌڻي
ان کي رڌي کارائيندو هو. ٻئي ڏينھن تي وري ٻيو گهر
ان جي مھماني ڪندو، جنھن ۾ خاص ڪري پلي مڇيءَ سان
خاطر تواضع ڪبي هئي يا بيھه، آڙِي، مٽرن ۽ چڻن جي
پَلِي، ديسي گيھه ۾ ٺھيل بُسرِي، مکڻ غيره سان
اهڙيءَ ريت ويڙهي جا سڀئي گهر مھمان کي دعوتون
کارائيندا هئا. سڄي ويڙهي جي مھمان نوازي کان آجو
ٿي مھمان پوءِ پنھنجي ماڳ ڏانھن روانو ٿيندو هو.
اهڙي محبت ۽ خلوص جي ڪري مھمان ڪيترو تڪڙو ڇو نه
هجي، مجبور ٿي ترسي پوندو هو. رات جي وقت ڪارخاني
جا سمورا مرد گڏ ٿيندا هئا ۽ ڪچھري ڪندا هئا، جنھن
کي اوڏ ”رهاڻ رس“ سڏيندا آهن، جنھن ۾ ڳجهارتون
ڏيڻ، بادشاهن جا قصا ٻڌائڻ، سڱابندي ۽ روزگار
وغيره جا موضوع هوندا شامل هوندا هئا. سياري جي
موسم ۾ مچ ٻاري به ڪچھري ڪئي ويندي هئي، جنھن کي
مچ ڪچھري سڏيو وڃي ٿو. ڪچھريءَ دوران ڳائيندا
وڄائيندا به هئا، جن ۾ ڪو ٽين جو دٻو وڄائيندو هو،
ته ڪو وري ٿالھه وڄائيندو هو، ته ڪو وري گهڙو به
وڄائيندو هو. راقم الحروف جو والد صاحب گهڙو وڄائڻ
۾ ماهر هو. راڳ- ويراڳ توڙي شعر و شاعري سنڌي
ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ڳائڻ ۽ شاعريءَ
جو بنياد سڀ کان پھرين سنڌ جي نامياري صوفي راڳي
گجڻ فقير اوڏ وڌو. گجڻ فقير اوڏ کان پوءِ سندس
شاگرد ۽ سنڌ جي مشھور صوفي راڳي فقير صاحب اوڏ
اوڏڪي ٻولِيءَ ۾ ڳائڻ ۽ شاعري ڪرڻ کي ھٿي وٺرائي.
وقت جي لاهن چاڙهن سبب هينئر مھمان نوازي جو هي
رواج پنھنجي پڄاڻي تي رسي چڪو آهي.
سنڀال ڏيڻ: جڏهن ڪو شخص پنھنجي ٻارن ٻچن سميت ڪنھن
وٽ مھمان ٿي ويندو هو، ته واپسي وقت موڪلائڻ مھل
عورتن کي نياڻيءَ کي اهميت ڏيڻ طور ڪجهه پيسا
ڏيندا هئا، جنھن کي اوڏ ”سنڀال“ سڏيندا آهن. ان
کان علاوه ڪو خاندان ڪپڙن جو وڳو به ڏيندو هو.
جيڪڏهن ڪو غريب هوندو هو ته مٿي تي پوتي ضرور
اوڍائيندو هو. هينئر ڪپڙن جو وڳو ڏيڻ مٿي تي پوتي
اوڍائڻ جو رواج تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، البته
”سنڀال ڏيڻ“ جو رواج اڄ به بدستور جاري آهي.
سَرَڪِي: آڳاٽي وقت ۾ اوڏ سَرَڪِي ۾ رهندا هئا،
هينئر تمام گهٽ اوڏ سَرَڪِي ۾ رهن ٿا. سَرَڪِي
اوڏن جي اهم سڃاڻپ جو سبب پڻ آهي. سَرَڪِي پن مان
ٺاهي ويندي آهي، پن اڪثر ڪري ڪنھن واهه ۽ ڍنڍ جي
ڪڙ سان ڦٽندي آهي. اُس ۾ سَرَڪِي ٻن قسمن جي ھوندي
آھي ھڪڙي پَنِ مان ٺھيل ۽ ٻي سرن جي تيلين مان
ٺھيل ھوندي آھي.
گرميءَ کان بچڻ لاءِ اونھاري جي موسم ۾ پکي جو
منھن اوڀر طرف ۽ سياري جي موسم ۾ اتر جي ھوا کان
بچڻ لاءِ منھن وري ڏکڻ طرف ڪيو ويندو آھي.ان کان
علاوه پکي جي پاسن کان سيءَ ۽ ھوا کان بچاءَ طور
سر يا پَنِ آڻي ان جي پَٿِي ٻڌي پکي جا جنڊا بند
ڪيا ويندا آھن.
پکو اڏڻ: پکي اڏڻ لاءِ وچ ۾ ٻه وڏيون ٿوڻيون
کوڙيون وينديون آھن، جن جي مٿان بانس يا
مانجهاندڙِي جو لڪڙو يا پَڃَرُ مٿان رکي، ان کي
نوڙي يا رسي سان ٻڌي قابو ڪيو ويندو آھي. سَرَڪِي
جي اڳيان ٻه ٿوڻيون کوڙي ان مٿان به مانجهاندڙِي
جو لڪڙو يا پَڃَرُ مٿان رکي ان کي نوڙي يا رسي سان
ٻڌي قابو ڪيو ويندو آھي، جنھن کي اوڏ ”اڏاڻ“
سڏيندا آھن. وچ واريون ۽ اڳيون ٿوڻيون برابر ماپ
جون ھونديون آھن. پٺئين طرف کان ۽ اڳيان اٽڪل ٽن
فوٽن جون ننڍيون ٿوڻيون کوڙيون وينديون آھن، ھي
ننڍيون ٿوڻيون کوڙيون وينديون آھن ته جيئن مينھن
جو پاڻي ھيٺ لھي سگهي.
آڳاٽي دور ۾ اوڏ سَرَڪِي ٺاھڻ جا ماھر ۽ ڪاريگر
ھوندا ھئا. ان کان علاوه ميربحر ۽ ملاح به سَرَڪِي
ٺاھيندا ھئا. سٺ سال اڳ سَرَڪِي جي قيمت ٻه سئو
کان ٽي سئو رپيا ھئي ۽ ھينئر چار کان پنج ھزار
آھي. قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾ زرداري ۽ ملاح
سَرَڪِي ٺاھي وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي رھيا آھن.
عيدون: آڳاٽي وقت ۾ جيڪڏھن ڪو خاندان ڪم ڪار جي
حوالي سان پنھنجي گهر جي وڏڙي يا برادري جي مکي
کان پري رھندو ھو، ته عيد برات جيئن ھولي، ڏيارِي
۽ ٿڌڙِي يا ٻئي ڪنھن تھوار تي لڏو کڻي وڃي ان وٽ
گڏجي ملھائيندا ھئا. ان مان ھو ثابت ٿو ٿئي اڳي
تھوار يا ڏڻ گڏجي ملھائي خوشيون ونڊيندا ھئا،
پنھنجي برادري جي روايتن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش
ڪندا ھئا. ھولي، ڏياري ۽ ٿڌڙي جي موقعي تي ھڪٻئي
کي عيد تي رڌل کاڌا ڏنا ۽ ورتا ويندا ھئا. تھوارن
تي مردن جي الڳ ته عورتن جي پڻ الڳ رھاڻ رس پئي
ٿيندي ھئي. تھوارن تي سمورا خاندان گڏجي ٻڪرو يا
دُنبو خريد ڪري ان جو گوشت رڌيندا هئا. تھوارن تي
اوڏ پنھنجي ڏاڏن کي يا پِترن کي گهيٽي يا ڇيلي جي
ڌوڪ ڏيندا ھئا. اوڏن ۾ اڪثر ڪري پِترن جي پوڄا ڪرڻ
رواج آھي، ڇو ته لڳ ڀڳ ھر اوڏ جي گهر ۾ پِتر ٺھيل
ھوندو آھي ، جنھن روزانو سانجهيءَ مھل پاڻي ڏنو
ويندو آھي.
ڏِياري: ڏياري (ديوالي) هندن جو سڀ کان وڏو ۽
خوشين ڀريو تھوار آهي، جيڪو نه صرف مذهبي عقيدي
سان پر ثقافتي، اخلاقي ۽ خانداني وابستگيءَ سان پڻ
ڳنڍيل آهي. ڏياريءَ کي (Deepavali)
به سڏيو وڃي ٿو، جنھن جو سنسڪرتي مطلب آهي "چراغن
جي قطار"، يعني اهڙو ڏينھن جتي روشنيءَ جا ڏيئا
اونداهيءَ تي فتح ماڻين ٿا. سنڌي ڪئلينڊر موجب
ڏياري اَسُو يا ڪتِي مھيني جي ستاويھين ۽ اٺاويھين
تاريخ تي ملھائي وڃي ٿي. عام طور تي اها تاريخ
آڪٽوبر جي آخر يا نومبر جي شروعات ۾ ايندي آهي.
هندن جي عقيدي مطابق، ڏياري جو آغاز رام چندر جي
ايوڌيا ۾ واپس اچڻ سان ٿيو، جڏھن هو 14 سالن جي
جلاوطني ۽ راوڻ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ موٽيو. ايو
وڌيا جي رھواسين سندس استقبال ۾ شھر کي ڏيئن سان
روشن ڪيو ۽ پوءِ هر سال يادگيريءَ طور ملھائبا
رهيا. ٻئي طرف وري جين مت وارا ڏيارِيءَ کي ”ڀگوان
مھاوير جي موڪشا جي ڏينھن“ طور ملھائين ٿا، جڏهن
ته سِک برادري گُرو هَرگوبِند جي آزاديءَ جو ڏينھن
ڪري ملھائيندي آهي. ڏياريءَ جي رات سڀ کان اهم رسم
دولت جي ديوي لکشمِي ماتا جي ”لکشمي پوڄا“ آهي.
ڏِياريءَ جي موقعي تي رات جو مختلف قسم جا کاڌا
رڌا ويندا آھن، جن ۾ سيرو، حلوو، پڪوڙا، مال پڙا،
دال، ڀت، گوشت، وغيره شامل ھوندو آھي. پرڻيل
نياڻيون پنھنجي پيڪن وٽ ڏِياري توڙي ٿڌڙِيءَ جا
تھوار ملھائينديون آھن. اولاد ٿيڻ کان پوءِ قسمت
پيڪن وٽ تھوار ملھائن نه ته پنھنجي گهر ۾
ملھائينديون آھن. ھن تھوار جي اھم نشاني ڏيئا آھن.
اوڏ برادريءَ وارا به پنھنجي گهرن ۾ ڏيئا ٻاريندا
آھن. سرنديءَ وارا خاندان بازار مان ٺڪر جا ڏيئا
خريد ڪري ٻاريندا آھن، باقي عام طور تي ڪڻڪ جو اٽو
ڳوھي ڏيئا ٺاھيا ويندا آھن. انھن ڏيئن ۾ سرنھن جو
تيل وجهي ڪپھه جي وٽ ٺاھي ان کي ٻاريو وينديو آھي.
ھي ڏيئا خاندان مطابق وڏي پيتي يا ٽرنڪ، اوڏڪي
ڪوڏر،مٽ يا دلي تي، ڪمري ٻاھران، کٽ جي پائي تي
ٻاريو ويندو آهي جڏهن ته ھڪ وڏو ڏيئو پِترن تي
ٻاريو ويندو آھي. جيڪي اوڏ اوڏڪو ڪم ڪن ٿا اھي
گڏهه جي ڪلي تي ۽ سَرَڪِيءَ مٿان به ڏيئو ٻاري
رکندا آھن. ٻار ڏِياٽيون ٻاريندا آھن. ھي ڏياٽيون
سر جي ڪاني يا ڪمند جي ڳني جي ھڪ ڇيڙي وٽ ڪپھه يا
اڳڙيون ٻڌي ان تي سرنھن جو تيل لڳائي باھه ڏئي
ڏياٽي ٺاھي ويندي آھي اڄڪلھه ڏياٽي جو رواج خاص
طور ٻھراڙيءَ ۾ وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو ۽ شھرن ۾ وري
ڦٽاڪا ۽ چڻنگائي تيلين جو رواج عام ٿي پيو آھي.
صبح ٿيڻ سان ديسي گيھه ۾ بُسريون پچائي اوڏ پنھنجي
سرگواسي وڏڙن ۽ پِترن کي ڌوڪ ڏيندا آھن. جتي اوڏن
جو گڏيل ويڙهو آباد هوندو آهي، اتي سڀئي گڏجي
خاندانن جي تعداد مطابق (هڪ يا ان کان وڌيڪ) ڇيلو/
ٻڪر ضرور ڪري ذبح ڪندا آهن ۽ گوشت ورهائي کڻندا
آهن. جڏهن ته الڳ الڳ جڳھن تي رهندڙ خاندان، بازار
مان ڇيلي جو گوشت خريد ڪري ايندا آھن. ڏياري نه
فقط ڏيئا ٻارڻ ۽ آتشبازيءَ جو موقعو آهي، پر اها
روشنيءَ جي اها علامت آهي جيڪا دلين مان اونداهين
۽ نفرتن کي ختم ڪري، اميد، امن ۽ انسانيت کي روشن
ڪري ٿي. اوڏ برادري هن تھوار کي پنھنجي ثقافتي
وجود جو حصو سمجهي، سماجي ڀائيچاري کي زنده رکڻ ۾
ڪردار ادا ڪري ٿي.
ٿڌڙِي: اوڏ برادري پنھنجي ثقافت ۽ ريتن رسمن ۽
ڪِرت جي ڪري سُڃاتي وڃي ٿي. اوڏ برادريءَ جي
تھوارن ۾ ”ٿڌڙي“ هڪ اهڙو تھوار آهي، جنھن ۾ نه رڳو
عقيدت جو اظھار آهي، پر ان ۾ فطرت سان هم آهنگي ۽
صحت جي حوالي سان هڪ گھرو پيغام پڻ سمايل آهي.
”ٿڌڙي“ جو مطلب آهي ”ٿڌي“. هي تھوار اوڏ برادري هر
سال وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھائيندي آهي. ھي
تھوار سنڌي ڪئلينڊر جي سانوڻ مھيني جي اوڻيھين ۽
ويھين تاريخ تي ملھايو ويندو آھي. ھي تھوار عام
طور تي آگسٽ جي مھيني ۾ رکشا ٻنڌڻ (رکڙِي) کان
اٽڪل ست يا اٺ ڏينھن بعد ۾ ملھايو ويندو آهي.
هي تھوار ھندو ڌرم موجب بنيادي طور تي شيتلا ماتا
سان منسوب ٿيل آهي. شيتلا ماتا کي بيمارين خاص طور
تي (Smallpox)،
ماتا (Chickenpox)
۽ گرميءَ سبب نڪرندڙ ڦٽن ڦرڙين کان بچائيندڙ ديوي
مڃيو وڃي ٿو. جڏھن برساتن ۽ گرميءَ جي ڪري بيمارين
جو خطرو وڌي ويندو آهي، تڏهن هي تھوار ملھائي
خاندان جي صحت ۽ سلامتي لاءِ دعا گهري ويندي آهي.
ٿڌڙي جي سڀ کان اهم ۽ منفرد ڳالھه اها آهي، ته هن
ڏينھن تي گهر ۾ چلھو (Stove)
ناهي ٻاريو ويندو ۽ ٿڌو کاڌو کائبو آهي. هن تھوار
جون تياريون هڪ ڏينھن اڳ ڪيون وينديون آهن. ٿڌڙي
کان هڪ ڏينھن اڳ گهر جون عورتون صبح جو سوير اٿي،
وهنجي سھنجي رڌ پچاءُ ۾ لڳي وينديون آهن. ھن تھوار
تي خاص طور تي ’مٺو لولو‘ ڳڙ ۽ کنڊ ملايل ٿلھي
ماني، وڏي مقدار ۾ پچائي ويندي آهي. ان کانسواءِ
ڪڻڪ جو اٽو ڳوھي ان کي ٿپڦڻيءَ تي ويلڻ سان مانيءَ
وانگر گول شڪل ڏئي ڇريءَ سان ٽڪنڊي جي شڪل ۾ ڪٽي،
اُس ۾ سُڪايو ويندو آھي. اُس ۾ سُڪائڻ کان پوءِ ان
کي گيھه يا تيل ۾ تريو ويندو ويندو آھي، جنھن کي
”سينواڻِي“ سڏيندا آھن. سينواڻِي ۽ مٺي لولي جي
اٽي ۾ ڪشمش، سونف ۽ بادام به ملايا ويندا آھن،
جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ۽ مذيدار ھوندا آھن. ان کان
علاوه ڀاڄيون پٽاٽا، ڀينڊيون، پڪوڙا ۽ ٻيون اهڙيون
شيون ٺاهيون وينديون آهن، جيڪي ٻئي ڏينھن تائين
خراب نه ٿين. سڄو ڏينھن رڌ پچاءَ ڪرڻ کان پوءِ رات
جو دير سان عورتون چلھي کي مڪمل طور تي صاف ڪنديون
آهن. ٿڌڙيءَ جي ڏينھن جو سڀ کان اهم اصول اهو آهي
ته گهر ۾ ڪنھن به قسم جي باھ ناهي ٻاري ويندي. نه
چانھه ٺھندي آهي ۽ نه وري ماني پچندي آهي، سڄو
خاندان هڪ ڏينھن اڳ تيار ٿيل کاڌو کائيندو آهي.
هولي: هولي هندن جي اهم ۽ قديم ڏڻن مان هڪ آهي،
جنھن کي ”رنگن جو ڏڻ“ به سڏيو وڃي ٿو. هن ڏڻ کي
اوڏ برادري ۾ اهميت حاصل آهي. ھوليءَ جي حوالي سان
ڪيترائي قصا ۽ روايتون موجود آهن، جن مان سڀ کان
مشھور قصو پھلاج ڀڳت ۽ هولڪا جو آهي.
پھلاج ڀڳت جيڪو ڀڳوان وشنو جو وڏو ڀڳت هو، پنھنجي
پيءُ راجا هرڻا ڪش جي ظلم ۽ ضد جي باوجود ڌرمي
راھه تي قائم رهيو.
راجا هرڻا ڪش پنھنجي ڀيڻ هولڪا جي مدد سان پھلاج
ڀڳت کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هولڪا پاڻ باهه ۾
ساڙي وئي ۽ پھلاج ڀڳت بچي ويو. انھيءَ واقعي کي
نيڪي جي فتح ۽ بدي جي شڪست جي علامت طور ياد ڪري
ملھايو ويندو آهي..
اوڏ برادريءَ جا ماڻھو ھوليءَ جي رات پلال جون
ٻه ڳٺڙيون ٺاهي رکندا آهن ۽ پوءِ هڪ ڳٺڙي کي باھه
ڏئي، ان ڳٺڙي کي ٻي ڳٺڙي مٿان رکيو ويندو آهي. ان
کان پوءِ شادي شده مرد ۽ عورتون جن جو شادي وقت
ڦيرو ڏنل هجي ته اهي باھه ٻاھران گول دائري جي شڪل
۾ ست ڦيرا ڏيندا آهن، ٻاريل باھه کي اوڏ ”ڊانڍ“
سڏيندا آهن. ڊانڍ ٻاھران ڦيرا کائيندڙ ماڻھو
پنھنجي قميص جي جهوليءَ ۾ ڪچا چانور جنھن کي اوڏ
آنکي سڏيندا آهن، ڇوهارا ۽ ناريل وجهي باھه ٻاھران
ڦيرا کائڻ مھل واري واري سان اهي ٽيئي شيون
اڇليندا ويندا آهن. جڏهن باھه وسامي ويندي آهي، ته
پوءِ اهي شيون خاڪ مان ڪڍيون وينديون آهن ۽ تبرڪ
طور کاڌيون وينديون آهن. اوڏن ۾ اهوعقيدو آهي ته
ڊانڍ وارا ڇوهارا گهر ۾ رکڻ سان جن، ڀوت ۽ غيبات
کان محفوظ رهي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڊانڍ وارا
ڇوهارا سفر دوران پاڻ سان گڏ رکڻ سان ڪنھن به اڻ
وڻندڙ واقعي کان پڻ بچي سگهجي ٿو.
ھوليءَ جي ڏڻ تي اوڏ برادريءَ جا ماڻھو ڳڙ، کنڊ
ڪشمش، سونف، زيري ۽ ڏونگهيءَ مان مٺا لولا ۽
ٽڪنڊيون مانيون پچائيندا آهن. ان سان گڏوگڏ سيرو،
حلوو، پڪوڙا ۽ مال پڙا پڻ کاڌي طور تيار ڪيا ويندا
آهن. آڳاٽي وقت ۾ ھوليءَ جي ڏينھن اوڏ ڪپڙن کي رنگ
سان هڪڙو ننڍڙو نشان ڪندا هئا، پر هاڻي رنگ پاڻيءَ
وانگر ڪپڙن توڙي منھن تي هاريو ويندو آهي.
اوڏ، من جي مرادن جي پورائيءَ لاءِ باسون به
باسيندا آھن. جن ۾ اولاد جي باس، بيماريءَ کان شفا
وغيره جي باس شامل آھي. اوڏ برادريءَ جي وڏي
اڪثريت پيران پير دستگير جي معتقد آھي، جيڪا سندس
نانءُ تي خيرات به ڪندي آھي. اترادي اوڏن جي
اڪثريت قلندر لعل شھباز کي مڃيندڙ آھي. ان کان
علاوه راما پير جا به پوئلڳ آھن. راما پير جي
گِيارس به رکندا آھن. گِيارس سنڌي بڊي مھيني جي
پھرين تاريخ تي رکي ويندي آھي. گِيارس ۾نَوَ ڏينھن
ڏاڙھي ڪوڙائيندا ناھن، ايتري تائين جو ھٿن ۽ پيرن
جا ننھن به ناھن ڪٽيندا ته متان رت وھي پوي ۽
پنھنجي شريڪِ حيات سان ھمبستري نه ڪرڻ ۽ مڇي ماس
نه کائڻ به شامل آھي. اھو سڀ راما پير جي احترام ۽
محبت ۾ ڪندا آھن. نَوَ ڏينھن احترام ڪرڻ بعد ڏھين
ڏينھن تي گِيارس ختم ڪئي ويندي آھي ۽ مٽن مائٽن کي
به دعوت ڏني ويندي آھي. ديسي گيھه، ڳڙ ۽ ڪڻڪ جي
مانيءَ مان ڪُٽِي ٺاھيندا آھن ۽ اوڀر پاسي ڪنڊيءَ
جي وڻ جِي ٽارِي آڻي ان کي زمين ۾ اُڀي کوڙي،
ڀرسان ڳئونءَ جو سُڪل ڇيڻو دکائي اگربتيون ٻاريون
وينديون آھن، ڏونگهي آڻي ان جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪري
ھڪڙي پليٽ ۾ رکيا ويندا آھن. ان کان پوءِ گهر جو
وڏو يا بزرگ شخص ڳئونءَ جي سڪل ڇيڻي تي ديسي گيھه
مان ٺھيل ڪُٽِيءَ مان ننڍڙا ننڍڙا ٽي گرھه کڻي ان
مٿان رکي، پاڻِيءَ سان ڀريل گلاس ھاريو ويندو آھي.
تنھن کانپوءِ ٻانھون ھيٺ ڪري نِوڙِي سلامي ڏني
ويندي آھي. اھڙيءَ ريت راما پير کي ڌوڪ ڏئي گِيارس
ختم ڪئي ويندي آھي. ھن موقعي تي آيلن کي ڪُٽِي
ورھائي ڏني ويندي آھي. جيڪا تبرڪ طور پنھنجن مٽن
مائٽن ڏانھن به اماڻِي ويندي آھي. ڪي اوڏ گِيارس
پنجين ڏينھن، ته ڪي وري ستين ڏينھن ته ڪي وري ڏھين
ڏينھن تي ختم ڪندا آھن.
اوڏ برادريءَ جي سواري: جڏھن عوامي سواريءَ طور
موٽر گاڏيون ۽ بسون وغيره عام جام نه ھونديون
ھيون، ته انھيءَ وقت اوڏ سواري لاءِ گڏھن جو
استعمال ڪندا ھئا، گڏهه اٺن کان ڏھن ميلن واري
پانڌي گڏهه کي اوڏ ”لاسِي“ سڏيندا آھن. آڳاٽي وقت
۾ ھر اوڏ جي گهر ۾ ھڪ ”لاسِي گڏھه“ ضرور ھوندو ھو،
جيڪو فقط سواري لاءِ استعمال ھيٺ آندو ويندو ھو،
قسمت سانگي ڪو ان گڏهه تي مٽي ڍوئيندا ھئا نه ته
اھو گڏهه گهر جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪِلي ۾ ٻڌي
ڇڏيندا ھئا. ھي گڏهه پنڌ جو تکو ۽ تيز ھوندو آهي،
جنھن ڪري ھن قسم جي گڏهه جو ملھه عام گڏھن وڌيڪ
ھوندو ھو. اوڏ گڏھن جي مختلف رنگن جي مناسبت سان
مختلف قسم جا نالا به رکندا آھن جيئن سائي نما رنگ
واري گڏهه کي ساوِيئَي، ڪاري گڏهه کي ڪارڙَي،
ھلڪي سائي رنگ واري گڏهه کي ٻوڙِيئَي، نيراڻ مائل
گڏهه کي نِيرَي، ڳاڙھي رنگ واري گڏهه کي چِينِيئَي
۽ اڇي گڏهه کي ڀَگَرَي. پيسي ڏوڪڙ وارا اوڏ يا
مُکي پنھنجي گڏھن جي ڪنن ۾ شوق منجهان چانديءَ جون
ڪيوَٽِيون پارائيندا ھئا ۽ گڏھن جي نرڙ تي وري
رومال ٻڌندا ھئا. ائين کڻي چئجي ته لاسِي گڏهه
اوڏن وٽ گهوڙي جي مقابلي ۾ ھوندو ھو. هينئر اڪثر
اوڏ برادريءَ جي ماڻھن وٽ سواري طور پنھنجون
گاڏيون پڻ آهن.

ڊاڪٽر ماريه جاويد بدوي
”عزيزانِ من“
پروفيسر احسان بدوي
منھنجا پيارا ڏاڏا سائين....
اوهان جي سؤ
ساله سالگره جي موقعي تي اوهان لاءِ هي ڪجهه اکر
لکي رهي آهيان.... ۽ اوهان کي ”عزيزانِ من“ ان ڪري
مخاطب جو اوهان پنھنجي والد صاحب جا من پسند ۽
بيحد پيارا فرزند هئا ۽ ڪيترن ئي خطن کان سواءِ
ڪيترن ئي موقعن تي پرڏاڏا سائين محترم پروفيسر لطف
الله بدوي توهان کي ”عزيزانِ من“ ڪري ئي مخاطب ٿيو
آهي... ۽ ان ئي نسبت سان، اوهان جي وڏي پوٽي هئڻ
جي ناتي آءٌ به اها روايت قائم رکندي، اوهان کي
ڏاڏا سائين جيئن ئي پيار مان ياد ڪري، اوهان لاءِ
”عزيزان من“ جي عنوان سان، اوهان جو هيءُ مختصر
تعارف... چند لفظن ۾ سَرجيان ٿي.
خاندان:
پروفيسر احسان بدوي جن سائين لطف الله بدويءَ جن
جا موڀي ۽ وڏا فرزند هئا. پروفيسر لطف الله بدوي
سنڌ جا مڃتا ماڻيل وڏا اديب ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا
مصنف هئا، جن ۾ ’تذڪره لطفي‘ (ٽي جلد) وڏي اهميت
جو حامل آهي.
پروفيسر احسان بدويءَ جن جا ڏاڏا سائين حاجي امام
بخش بدوي به ادبي دنيا جا مشھور ستارا رهيا آهن،
جنھن کي ”چار درويش“ جھڙي بھترين ڪتاب جي مصنف هجڻ
جو اعزاز حاصل آهي.
پروفيسر احسان بدوي سان سندن والد پروفيسر لطف
الله بدويءَ جي بي پناهه محبت هئي... ۽ جڏهن سندن
جوان فرزند جي ڪراچيءَ ۾ اوچتو ايڪسيڊنٽ ۾ رحلت
ٿي، تڏهن اوچتي لاڏاڻي سبب سندن والد کي تمام وڏو
صدمو رسيو ۽ وڇوڙي ۾ پاڻ آهه و زاري ڪندا رهيا. ان
آه و بڪا ۽ وسندڙ اکين جي نِيرن جا، شڪارپور جا در
و ديوار گواهه آهن ۽ پاڻ آخري وقت تائين افسردگي ۽
ڏک جي حالت ۾ رهيا. ايستائين جو پاڻ به وڃي قبر
داخل ٿيا!
جنم جي تاريخ ۽ هنڌ:
پروفيسر احسان بدوي جي ولادت شڪارپور شھر ۾ 14
اپريل 1929ع تي پروفيسر لطف الله بدويءَ جي
حويليءَ ۾ ٿي.

تعليم و تربيت ۽ ذريعهء معاش:
سندن علمي ۽ ادبي تربيت جو سلسلو پنھنجي والد ماجد
جي سرپرستي هيٺ رهيو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم
شڪارپور مان حاصل ڪيائون ۽ سن 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس
ڪرڻ کان پوءِ سن 1945ع ۾ سي.ايس گورنمينٽ ڪاليج
مان انٽر پاس ڪيائون. جنھن انٽر پاس ڪرڻ بعد بي.اي
آنرس ايس.ايم ڪاليج ڪراچي مان ڪيائون ۽ اردو
ٻوليءَ ۾ ايم.اي پاس ڪيائون. پاڻ اردو ٻوليءَ ۾
ايم.اي ڪرڻ وارا پھريان سنڌي شاگرد هئا. ان
کانسواءِ پاڻ ايم.اي سنڌيءَ ۾ پڻ ڊگري حاصل
ڪيائون. تعليم حاصل ڪرڻ دوران شمس العلماء علامه
دائودپوٽو ۽ آغا محمد يعقوب صاحب سندن رهنمائي
ڪندا رهيا.
پاڻ ڪجهه وقت ڪمشنر آفيس ۾ بطور ڪلارڪ ڪم ڪيائون ۽
ترقي ماڻي سينئر ڪلارڪ ٿيا. ان کان پوءِ روينيو
کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳا. آخرڪار پنھنجي شفيق ۽
مھربان استاد پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي
مشوري سان روينيو کاتي کي خيرباد چئي ايس.ايم
سائنس ڪاليج ڪراچي ۽ ايس.ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾
استاد جي حيثيت سان پنھنجي آخري دم تائين پنھنجون
خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.
پروفيسر احسان بدوي پنھنجي زندگيءَ جي آخري پندرهن
سالن تائين ايس.ايم ڪاليج ڪراچي ۾ استاد جي پيشي
سان سلھاڙيل رهيا.
شادي ۽ اولاد:
سندن شادي سردار بيگم سان سن 1956ع ۾ ٿي، جنھن مان
کين ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيا. پروفيسر
احسان بدوي جي وفات بعد سندن گهرواري ۽ ٻار ڪجهه
وقت شڪارپور رهيا ۽ پوءِ مستقل طور ڪراچي ۾ قيام
پذير ٿيا.
پروفيسر احسان بدوي جا وڏا فرزند ڊاڪٽر جاويد احمد
بدوي
MBBS. M.Phil, Ph.D
ڪرڻ بعد ڊاڪٽري پيشي سان
وابسته رهيا ۽ سن 2025ع ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان
بطور پروفيسر پئٿالاجي ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رٽائرڊ
ٿيا. ڊاڪٽر جاويد جي شادي لاڙڪاڻي جي مشھور ادبي
شخصيت پروفيسر محمد حسن ”محسن“ چنه جي نياڻي ڊاڪٽر
اُمه ڪلثوم سان ٿي، جن مان کين ٻن پُٽن ۽ ٻن
نياڻين جي اولاد آهي.
ادبي خدمتون:
سائين بدوي کي سنڌي ادبي سنگت جو پھريون سيڪريٽري
هئڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ سندن شمار سنڌي ادبي سنگت
جي شروعاتي ميمبرن ۾ پڻ ٿئي ٿو. پاڻ هميشه ان سان
وابسته رهيا، بلڪه باقاعده طور تي علمي ادبي
گڏجاڻيون، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ مذاڪرن جا اهم
رڪن رهيا.
پاڻ ايس.ايم ڪاليج جي سالياني ميگزين جا منتظم
ايڊيٽر رهيا. هي ميگزين هر سال باقاعدگيءَ سان
ميڪلوڊ روڊ ڪراچي مان شايع ٿيندي هئي. پاڻ ٻاراڻي
ادب تي به لکيائون. سندن سنڌي ادب کي ارپيل ڪتاب
ڪجهه هن ريت آهن:
1.
تنقيد ۽ تنقيد نگاري (1959ع)
2.
سانگي
3.
ڊان ويسٽ ۽ اِن جي شاعري
4.
انقلاب جو فلسفو
5.
ناظم حڪمت (1969ع)
6.
تاريخ ۽ شھريت (1962ع)
7.
وڻندڙ آکاڻيون (1963ع) ٻاراڻو ادب
8.
سنڌي ڇھون ڪتاب (1971ع)
9.
اسلامي تعليم
10.
سير ۽ سفر
11.
مذهبي تعليم
12.
ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون) (2005ع)
13.
ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو) (2006ع)
شخصيت ۽ اندازِِ بيان ۽ دوست:
پروفيسر احسان بدوي گهُڻ رخي شخصيت، سٺي سڀاءُ ۽
وڻندڙ گفتگو جا مالڪ هئا. پاڻ علاقائي لباس سان
گڏوگڏ پينٽ ڪوٽ ۽ ٽاءِ به زيب تن ڪندا هئا،.پاڻ
باذوق هئا ۽ سندن نرم لھجو دل کي وڻندڙ.... ۽ گهٽ
ڳالھائڻ ۽ هر لفظ کي توري تڪي استعمال ڪندڙ طبيعت
جا مالڪ هئا. نفيس ۽ خوبصورت قلم رکڻ جا بيحد ئي
شوقين هئا. پارڪر پينون هميشه سندن ميز تي جهجهي
تعداد ۾ موجود هونديون هيون. تاحيات تبسُم ۽
خوبصورت مسڪراهٽ سندن شخصيت کي نمايان ڪندي رهي.
سندن خاص دوستن ۾ شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو،
ابنِ حيات پنھور ۽ ڪيترائي ٻيا ساٿي اديب دوست،
آخري وقت تائين ساٿ نڀائيندا رهيا. سندن وفات تي
شڪارپور هر اک کي اشڪبار ٿيندي ڏٺو. فريئر هال جي
آڏو ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ سال 1965ع تي ڪراچي ۾ وصال ٿيو
۽ شڪارپور ۾ تُربت مبارڪ آهي.
فيض سومرو

سنڌ جي سينڌ جهڙي خوبصورت شاعره مريم مجيدي
سنڌ کي شاعرن جي سرزمين چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه
ٿيندو. سنڌ ھن ڪائنات ۾ پنھنجي وجود جي اندر پيار،
محبت، سچ، ساڃاھه ۽ سپت جا خزانا سانڍيو ٿي رکي.
اھو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڌرتيءَ جي جر مان نڪرندڙ
پاڪ پاڻي جڏھن سنڌ جي سرزمين تي رھندڙ ماڻھو پيئن
ٿا ته انھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جو پاڪ ۽ پر تاثير
پاڻي پاڻ ۾ شامل پيار محبت سچ ساڃاھه، سپت فطرتي
طور شامل ڪري ٿو ڇڏي. ان ڪري ئي ھي ڳالھه ازل کان
عالم آشڪار آهي ته ھر سنڌي جي خون ۾ پيار محبت سچ
ساڃاھه ۽ سپت ھر وقت گردش ۾ رھي ٿي ۽ سنڌي ماڻھن
کي مھمان نواز ۽ پيار ڪندڙ ڪوٺيو وڃي ٿو.
دنيا جي حسين خطي سنڌ جا شاعر به اوترا ئي حسين
آھن، جيتري حسين ھي ڌرتي آھي.
شاعري جي جھان جڏھن اسين ڪاھي ھلنداسون ته اسان کي
وري شاعرن جي جھان ۾ عورت شاعرائون وري ٻه قدم
اڳتي ئي نظر اينديون. ڇو ته سنڌ جي شاعره جي تخيل
جي اڏام تمام گھري ۽ خوبصورت ھوندي آهي ان ڏَس ۾
اسان جي سنڌي شاعرائن پاڻ ملھايو به آھي. ان فھرست
۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جي پار جي شاعره مريم
مجيدي تمام نمايان نظر اچي ٿي. سندس شاعري جي
جيڪڏھن سنجيدگي سان پرک ڪبي ته سندس فڪر ۽ تخيل جي
اُڏام تمام اوچي نظر اچي ٿي.
مريم مجيدي ان مٿانھين سطح جي شاعره آهي جنھن جي
شاعريءَ جا رنگ تمام چٽا ۽ خوبصورت آھن. سندس
شاعري جي اندر سڪ، سوز، درد، پيڙا ھجر، فراق،
وڇوڙا، پيار، محبت قرب، قرباني ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن
جون خوشيون، ڏک ڏوجهرا، بي ڪسيون بي وسيون ۽
ڀوڳنائون سِٽ سِٽ ۾ سمايل ملن ٿيون. سندس شاعريءَ
۾ جتي مسافتن جي ٿَڪَن جي ڳالھه آھي اتي سندس
شاعري ۾ اڳتي وڌي منزل ماڻڻ جو جنون به وڏي پئماني
تي پسي سگهجي ٿو.
مريم مجيديءَ جي شاعري جتي ھڪ عورت جي پيار محبت ۽
درد جي ڪيفيت کي جيئن جو تيئن انتھائي اثرائتي
اظھار سان ڪڍي نروار ڪيو آهي، اتي عورت جي بھادري
۽ منجهس ارڏائي جي فطرتي ڪردار کي جا بجا پڻ لکي
نروار ڪيو آهي.

ھن عورت جي گهڻي ڀاڱي با ھمت اعليٰ ڪردار ۽ پاڻ
ارپڻ جي جذبي کي به انتھائي زوردار طريقي سان
اظھاريو آهي.
مريم مجيدي سنڌ جي اھا شاعره آھي جنھن جي تعليم ۽
تربيت، علمي ادبي گهراڻي مان ٿي، سندس والد مرحوم
محمد خان مجيدي پاڻ به بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو
آھي. جنھن جي وجھه شھرت انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري
آھي. مريم مجيدي جو نالو سنڌ جي انھن خوشبخت
شاعرائن ۾ شمار ٿئي ٿو. جن جي مرھون منت ڪيترن ئي
عورت شاعرائون سندرو ٻڌي بي ڌڙڪ شاعري جي ميدان ۾
جذبي ۽ اتساھه سان لھي پيون ڇو ته مريم مجيدي ھن
وقت سنڌ جي قدآوار ۽ سينيئر شاعرن منجهان ھڪ نھايت
بھادر ۽ نرالي شاعره هئي. جنھن جي لکڻ جي انداز ۽
اسلوب بعد ۾ ايندڙ شاعرائن لاءِ اتساھه جو ذريعو
بڻجي سندن لاءِ شاعري جي پرپيچ راھن کي ڪافي حد
تائين ھموار بڻائي انھن جي ادبي سفر کي ڪافي آسان
بڻائي ڇڏيو.
مريم مجيدي جي شاعريءَ جو ڪينواس تمام وسيع ۽
ڦھليل نظر اچي ٿو، ڇو ته ھن پنھنجي شاعري جي
موضوعن کي شروع کان ئي وسيع ۽ عريض ڪري کنيو
آهي.سندس شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”سروم دکم دکم“
موضوع جي اعتبار کان نھايت جاندار مجموعو آهي.
سندس شاعريءَ جي ان پھرين مجموعي ۾ زندگي جا تمام
تر موضوع انتھائي خوبصورت انداز سان چٽيل ملن ٿا.
سندس ان مجموعي ۾ شامل سڀ غزل تمام سگهارا آھن.
ھتي نموني طور سندس ھڪ غزل کڻي ڏسبو ته پاڻ ئي ان
جي انداز معيار ۽ فڪر جي نواڻ کان محظوظ ٿيڻ کان
ھرگز نه رھي سگهنداسين.
توسان ڪھڙا حساب رکنداسين
پر جيئڻ لئه عذاب رکنداسين
تنھنجون يادون عبادتون آھن
حشر لئه ڪي ثواب رکنداسين
پاڻ آھيون جنب کان ايٿوپيا
نينھن ڪھڙا نواب رکنداسين
ڪنھن جي انڌي سوال جي آڏو
ھاڻي گونگو جواب رکنداسين
ڪيسين جيون رکال تي ھلندو
ليکو چڪتو جناب رکنداسين
ھاڻي دردن جي آجيان لئه
پنھنجي ساھن ۾ تاب رکنداسين
جيڪي اوجھڙ ۾ به ڏسي سگھجن
اھڙن جارن تي خواب رکنداسين.
مريم مجيدي پنھنجي شاعري جو انداز ۽ اسلوب به نئون
۽ نرالو کڻي آئي آھي، ڇو ته ھن جي شاعريءَ جا
موضوع نت نوان ۽ نرالا آهن
اڙي عشق ڏس تھمتن جي نگر ۾،
وڏي ڳاٽ ڪيئن وڏ گهراڻا وڃون ٿا.
ھن مارئي جيان ڪٿي به پوئتي نه ھٽڻ جو انداز
اختيار ڪري لکي ٿي ته:
نه سرمد بلاول عنايت ٿي سگهياسون پر،
اسين طوفان جي تک سان ھاڙھا ٿي لڙيا آھيون.
هوءَ سنڌ جي سينڌ کي پنھنجي سينڌ جيان ھميشه صاف
سٿرو ۽ سندر رکيو ۽ ڏٺو آهي. ان پسمنظر ۾ ھڪ شعر ۾
لکي ٿي:
ڪيڏيون ڪاھون صدين کان عزت تي،
سنڌ پوءِ به ستي جتي آھي.
هوءَ زندگي کي پيار ذريعي معنيٰ بخشي روان دوان
ڏسڻ گهري ٿي هوءَ ھڪ ھنڌ لکي ٿي ته:
ڀاڪر منجهه ڀري وٺ مون کي،
ماري ويندو ھيل سيارو.
سندس شاعري جي ٻئي مجموعي ’نيرانائي نيڻ‘ به ھڪ
مڪمل گهڻ موضوعاتي فڪرن جو مجموعو آھي، جنھن ۾
شامل شاعري ماڻھن لاءِ ڏکي سکي صورتحال ۾ حالتن جي
مد مقابل ٿيڻ لاءِ اميدن جي جذبي کي گڏ کنيو ٿي
ھلي هوءَ لکي ٿي ته:
ڀاڳ اڀاڳ جي صحرا ۾ ڪا اڻ جھل آس امنگ ڦٽي
سج ارادن جو ڪو اڀري باغي ڪا تدبير ڏئي وڃ!
مريم مجيدي جي شاعري کي جيئن جيئن پڙھبو ۽ پرجهبو
ته ھمت عزم ۽ استقلال سان گڏ اسان کي جياپي جي
جستجو، حوصلو، ھمت ۽ اڻ ٿڪ جدوجھد جا دڳ، گس ۽
فڪر جابجا ملڻ سان گڏ روشن آئيندي جون انيڪ
اميدون ۽ آشائون پڻ ملنديون وڃن ٿيون.سنڌ جي
خوبصورت شاعره 19 مئي 2026 ع تي سڄي سنڌ جي ادبي
حلقي کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي ڌرتي ماءُ جي وڃي ھنج
ستي. |