سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  03/ 2026ع

ايديٽر: جبران زيب

ايڊيٽوريل

 

السلام عليڪم مانوارا ساٿيو!

ٽماهي  جي سڀني مانوارن ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي سڪ ڀريو سلام قبول پوي.

* کي وقت سر شايع ڪرڻ سان گڏ معياري مواد شامل ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح رهي آهي. اوهان کي ٻڌائيندي بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته معزز ليکڪن ۽ مانوارن پڙهندڙن وٽان ٽماهي  ۾ هاڻ ڪو مخصوص علائقو نه پر پوري سنڌ شايع ٿئي ٿي. مقالن کان شاعريءَ تائين تمام بھترين موٽ به ملي رهي آهي. هي شمارو منھنجي ايڊيٽر هجڻ جي حيثيت سان نائون شمارو آهي. مان ﷲ تعاليٰ جو بيحد شڪر گذار آهيان، جنھن مون ناچيز کي سدائين اهم ذميوارين سان نوازيو آهي ۽ ڀرپور ڪم ڪرڻ جو حوصلو پڻ ڏنو آهي.

سنڌ صوفين، برزگن جي سرزمين سان گڏ بھترين تحقيق نگارن، ڪھاڻيڪارن ۽ شاعرن جي به سرزمين آهي. منھنجي شروعاتي ايڊيٽرشپ جي دور ۾ اهو ٻڌايو ويو ته، رسالي کي معياري مواد ناهي ملي سگهندو! پر خوشي جي ڳالھه ته اها آهي جو مون وٽ ايترو قابلِ اشاعت مواد پھچي ٿو، جيڪو  جي مقرر ٿيل 200 صفحن ۾ شامل ٿيڻ کان وڌيڪ هوندو آهي، تنھن ڪري منظوريءَ بعد مختلف شمارن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. مانوارن ليکڪن کي مواد موڪلڻ کان پوءِ يقينن انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جنھن جو مون کي پڻ احساس آهي. پر اهو به واعدو ڪريان ٿو ته هر معياري ليک کي ضرور شامل ڪيو ويندو.

اميد آهي ته پڙهندڙن ۽ ليکڪن جو رسالي سان ڀرپور سھڪار جاري رهندو.

مواد موڪلڻ لاءِ اي ميل ايڊريس ۽ واٽس اپ نمبر

mehranmagazinesab@gmail.com

0333-2736234

 

رسالو گهرائڻ لاءِ نمبر:

فون نمبر: 0335-7482521

0345-3667266

 

جبران زيب

ايڊيٽر، ٽماهي ”مھراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

 

وکر سو وهاءِ

 

شمشيرالحيدري

(جنم 1931ع: وفات: 2012ع)نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ حڪيم، شمشيرالحيدريءَ جو پورو نالو شمشير علي ولد رسول بخش خواجه هو . سندس جنم 15 سيپٽمبر 1931ع تي شھر ڪڍڻ، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شمشيرالحيدري ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ 1948ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، سال 1950ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي.اي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ايم.اي (سنڌي ادب) ۾ ڪيائين. ايم.اي آخري سال لاءِ  هن ’پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري‘ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. شمشيرالحيدريءَ عملي طور تي ڪيترن ئي کاتن ۾ ملازمت جا فرض سر انجام ڏنا، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي ’مھراڻ‘ ۾ ڪلارڪ، پوءِ مھراڻ رسالي ۾ 1956ع کان 1966ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن بيورو ۾ پراونشل چيف جي عھدي تان رٽائر ٿيو. شمشير1993ع کان 1995ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. شمشيرالحيدري هونئن ته عروض جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو، پر آزاد نظم نھايت ئي ڪاميابيءَ سان لکيائين. شمشيرالحيدريءَ کي آزاد نظم جي باني شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. هن غزل کي به نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو. هن مرزا قليچ بيگ جي پھرئين ناول ’زينت‘ کي ڊراماٽائيز ڪيو. شمشيرالحيدري ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) انسان ڪامل (شخصيتون: 1953ع)، (2) ڪاروان ڪربلا (تاريخ: 1954ع)، (3) پورس جا هاٿي (ڪھاڻيون: 1958ع)، (4) تنھنجون ڳالھيون سڄڻ (ترتيب:1961ع)، (5) لاٽ (شاعري: 1962ع)، (6) تاريخ سنڌ: ڪلھوڙا دور (ٻه جلد: ترجمو: 1963ع)، (7) سوکڙي (ترتيب: سنڌي شعبي جو مخزن: 1964ع)، (8)آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو: 1963ع)، (9) بھترين سنڌي ادب (افسانا: 1669ع)، (10) سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر (1964ع)، (10) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، (11) ڪاڪ محل (ڊرامو: 1988ع)، (11) تاريخ جو ڪچرو (1995ع)، (12) سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر: ترتيب)، (13) Flame & Flute انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾ شاهه لطيف بابت سھيڙيل: 2003ع)، (14) پيار جا نو گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو)، (15) Sindh Update (2003)، (16) روشن تارا، (17) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (2012ع وغيره قابل ذڪر آهن. شمشير الحيدريءَ کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ پرائڊ آف پرفارمنس ڪيترائي ايوارڊ مليا.

 

نوٽ: هي پروفائيل سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي ويب سائيٽ تان کنيل آهي.

غزل

اڄ وري تاريخ جا دفتر کُليا،

اڄ وري انسان جا جوهر کُليا.

اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،

اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.

اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،

اڄ وري زندان جو ٺهراءُ ٿيو.

اڄ وري اظهار تي پهرو لڳو،

اڄ وري منصور ڦاهيءَ تي چڙهيو.

اڄ وري لٽجي ويو فطرت جو باغ،

اڄ وري ڦاٽي پيو هستيءَ جو داغ.

اڄ وري تهذيب کي ٺوڪر لڳي،

اڄ وري زخمي ٿيا دل جا ڌڻي.

اڄ وري مهراڻ آيو موج ۾،

اڄ وري ڌرتي ٻُڏي وئي کوج ۾.

اڄ وري احساس جي پالوٽ ٿي،

اڄ وري جذبا اُٿيا اڻموٽ ٿي.

ڪتاب ”لاٽ“ ڇاپو ٽيون 2012ع ڇپيندڙ: نئون نياپو تان ورتل


 

قمر شهباز

(جنم: 1938ع- وفات: 2009ع)

قمر شھباز جو اصل نالو قمرالدين ولد محمد مقبول ٻگهيو آهي. هن 13 اپريل 1938ع تي نوابشاھه ۾ جنم ورتو. پرائمري کان بي.اي تائين تعيلم نوابشاھه ۾ حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪيائين. هن ليڪچرار طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ جو پرنسپال ٿيو. بعد ۾ ايئرفورس ۾ ويو ۽ تربيت حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ وزارت صحت، ايڪسپورٽ، پروموشن بيورو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ۾ نوڪريون ڪيائين. 1985ع ۾ گيھه ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي تي پھتو ۽ اتان ئي رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. سندس شادي 1969ع ۾ ارشاد سومرو سان ٿي. جنھن ارشاد قمر جي نالي سان ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پڻ لکيون.

قمر شھباز شاعري ۽ ڪھاڻين کانسواءِ ٽيليويزن ۽ ريڊيو لاءِ پڻ ڊراما لکيا. ڊرامن لکڻ سان گڏ ڊرامن ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري به ڪيائين. ريڊيو لاءِ سندس لکيل ڊرامن مان ’واچوڙن ۾ لاٽ‘، ’ڪاري‘، ’قرض مرض فرض‘، ’رشتا‘ ۽ ’تنھنجيون ڳالھيون‘ ۽ ٽيليويزن لاءِ لکيل ڊرامن مان ’راهون جدا جدا‘، ’واريءَ سندو ڪوٽ‘ ۽
’شڪست‘ مقبول ٿيا. ان کانسواءِ هن اسٽيج ڊراما، مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون پڻ ٺاهيون، هن جي مزاحيا ڪالمن پڻ گهڻي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ’ڄڃ پرائي‘ ۽ ’احمق نچي‘ شامل آهن.

سندس چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ’چنڊ رهين ٿو دور‘ 1988ع ۾ شايع ٿيو. قمر شھباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’قمر شھباز جون چونڊ ڪھاڻيون‘ (1983ع)، ’اٺون گهر‘ (چونڊ ڪالم)، ’ضمير جو موت‘ (1992ع)، ريڊيو، ٽي. وي ڊرامن جو مجموعو ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ (1987ع)، ۽ رام بخشاڻي جي آتم ڪھاڻي‘Taking The High Road’ جو ترجمو ’آکيرا آڪاس ۾‘ (2005ع)، بھارن کي چئجو (شاعري: 2010ع) شامل آهن. قمر شھباز 5 مئي 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ کيس 2010ع ۾ پرائڊ آف پرفارمنس ڏنو ويو.

نوٽ: هي پروفائيل سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي ويب سائيٽ تان کنيل آهي..

 

 

غزل

رات جي روح کي ڪوئي رولي ويو،

گھاءَ گھرا هئا، زخم کولي ويو.

 

ڪاتُ ڪيڏو تکو، ڪنڌ ڪاڏي ويو،

نانءُ تنهنجو ڳڌو، هانءُ هولي ويو.

 

رات جي سانت ۾، ڄڻ ته جگنو اُڏيا،

ٻول اهڙا ٻه ٽي ڪوئي ٻولي ويو.

 

هو ته جوڳي هئو، روڳ ڏيندو ويو،

پَهَرُ پويون ڏسي، گيت گھولي ويو.

 

آسَ جي واسَ تي ڀونئر ڀرندا رهيا،

ڳالهه ڪهڙي هئي، ڳوٺ ڳولي ويو.

 

سوچ جي لوچ تي ڪي ئي پهرا پيا،

جيءُ اهڙو جھريو جو جابولي ويو.

 

ڪتاب ”بھارن کي چئجو“ ڇاپو پھريون 2010ع

ڇپيندڙ: سنڌي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽي تان ورتل


 

طارق عالم ابڙو

( جنم:  1958ع- وفات:2011ع)

ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ مصور، طارق عالم ابڙو 10 اپريل 1958ع تي قنبر علي خان ضلعي قمبر ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي.سنڌي ادب هئي. سندس لکيل ڊراما پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿيا آهن. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. کيس مصوري ۽ فوٽو گرافيءَ سان گهڻي دلچسپي هئي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران هو ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر رهيو ۽ ٽماهي ”مھراڻ“ مخزن جو به ايڊيٽر رهيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”رات، سانت“ ۽ ”سوچون“ (ڪھاڻيون: 1981ع)، ”رهجي ويل منظر“ (ناول: 1985ع) (ڪيترائي ڇاپا)، ”مورن اوچا ڳاٽ“ (هائيڪا- شاعري: 1990ع)، ”لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ“ (سفرنامو: 1991ع)، ”سڃاڻپ جي ڳولا“ (ڪھاڻيون 1998ع). هن 11 جون 2011ع تي وفات ڪئي. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

نوٽ: هي پروفائيل سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي

ويب سائيٽ تان کنيل آهي.

 

غزل

 

پَسن ٿا نيڻَ نماڻا، پري پري تائين،

اوهان جا رنگ او راڻا، پري پري تائين.

 

ڪناري بيٺا هئاسين، ڪُڏيون پئي لهرون،

پکي هوا ۾ اُڏاڻا، پري پري تائين.

 

سفر ۾ ڪالهه هئا ۽ سفر ۾ اڄ آهن،

نه جن جا ٿاڪ ٺڪاڻا، پري پري تائين.

 

نگاهه عڪس کي موتئي جي ماڪ، ڌنڌلايو،

سمورا ڏيکَ اجھاڻا، پري پري تائين.

 

وڳو گھڙيال ۾ هڪ هو، جو سانت ڪمري ۾،

اوهان جا ٽهڪ ٻُڌاڻا، پري پري تائين.

 

ڇڏڻ جي لاءِ جهان کي، جڏهن به سوچيوسين،

اوهان جا سَڏ ٻُراڻا، پري پري تائين.

****

 

غزل

سمورا  سوال رهجي ويا هوا ۾،

فقط احوال رهجي ويا هوا ۾.

 

هرڻ گم ٿي ويو آ جھنگلن ۾،

۽ پويان ڇال رهجي ويا هوا ۾.

 

ٿا جاڳن ڳوٺ ڳالهين جا اکين ۾،

اڌورا حال رهجي ويا هوا ۾.

 

سُريلا ويا لڏي سنگيت ميڙي،

وساريل تال رهجي ويا هوا ۾.

 

هوا ميڙي وئي جو نيڻ هن جا،

ٻُڙيون ۽ خال رهجي ويا هوا ۾.

 

ڪتاب ”لفظن جو ناراض نسل“ ڇاپو پھريون 2012ع

ڇپيندڙ: طارق عالم اڪيڊمي ڄام شورو تان ورتل

 

تحقيق
 

(1930ع – 2020ع)

 

سومرن جو سنڌ راڄ: (1051ع- 1351ع):  سومرن متعلق تاريخ ۾ گهڻو اختلاف آهي. هڪڙيءَ راءِ مطابق، سومرا قوم سامري جي عربن مان آهي، جا ٻيءَ صدي هجري ۾، عرب جي ’تمِيمِي قبيلي‘ سان سنڌ ۾ آئي. ٻي راءِ آهي ته جن سومرن سنڌ تي حڪومت ڪئي. رايو آهي ته سومرا پرمار راجپوت هئا. سيد سليمان ندويءَ جي خيال موجب ”سومرن جو سامري شھر سان تعلق ڏيکارڻ، لفظي صنعت گري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“

اها تاريخي حقيقت آهي ته اسماعيلي داعي، تبليغ جي لاءِ، دنيا جي ٻين حصن سان گڏ، 270هجريءَ (883ع) ڌاري، سنڌ ۾ پکڙجي چڪا هئا. آسپاس جون حڪومتون اسماعيلين جي سخت خلاف هيون، انھيءَ ڪري ان وقت جا داعي جتي ويندا هئا، اتي،

اتي جي عوام سان گڏجي مسجي ويندا هئا. انھن جھڙو لباس پائيندا هئا ۽ مقامي ٻولي سکندا هئا. 372هجريءَ (982ع) تائين، اسماعيلي داعي سنڌ ۾ سنڌي عوام سان گڏ رهڻ ڪري سنڌي لباس پائڻ لڳا، ۽ پاڻ تي نالا به سنڌي رکيائون ۽ سنڌي ٻوليءَ مان واقف ٿيا؛ جنھنڪري کين تبليغ ڪرڻ ۾ گهڻي سھوليت ٿي. انھيءَ زماني ۾، ديبل بندر ۾، سومرا زور هئا. رفته رفته اُهي اسماعيلين سان ملي ويا، ۽ نيٺ اسماعيلي عقيدا اختيار ڪيائون. جيئن جيئن اسماعيلي داعي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا ويا، تيئن تيئن سلطنت جي ڳالھين ۾ به اندروني طرح بھرو وٺڻ لڳا. نيٺ 372هجريءَ (982ع) ۾ هو ڪامياب ٿي ويا، ۽ وجهه وٺي، ’منصوره‘ مان عرب حاڪم جو زور ٽوڙي، اتي پنھنجي حڪومت قائم ڪيائون. جڏهن محمود غزنويءَ (401هه/1020ع) اسماعيلين جي پٺيان وٺ پڪڙ لاٿي، تڏهن سومرا ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ اچي گڏ ٿيا. ان وقت سندن سردار ’سومرو‘ هو. سومري جي مرڻ کانپوءِ، سندس پٽ ’راجپال‘ (ابن سومر راجپال) کي ان وقت جي اسماعيلي عقيدي جي سترهين امام، ’الحاڪم بالله‘ خط لکي، ملتان ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت ٻيھر قائم ڪرڻ لاءِ همٿايو هو.

غزنوي حڪومت ڏينھون ڏينھن ويئي ڪمزور ٿيندي، ۽ نيٺ ’سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود‘ (وفات: 445هه/1051ع) جي ڪمزوريءَ جو وجهه وٺي سومرا ’ٿرڙيءَ‘ ۾ گڏ ٿيا، ۽ سومري نالي شخص کي پنھنجو سردار چونڊيائون. هن پسگردائيءَ ۾ فسادين کي ناس ڪري، ’صاد‘ نالي هڪڙي زميندار جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. هن گهراڻي جي ٽئين حاڪم ’دودي پھرئين‘ چوويھه سال حڪومت هلائي، ۽ نصرپور تائين حڪومت وڌايائين. اهڙيءَ طرح دودي جي پٽ ’سنگهار‘ جي ڏينھن ۾ ڪڇ کان وٺي هالاڪنڊيءَ تائين سڄو ملڪ سومرن جي تابع هو. هن دور جي شھرت، ’هيمو‘ ۽ ’ٻائيءَ‘ جھڙين مدبر عورتن، دودي چنيسر جي جنگ ۾ سومرن جي همت، شجاعت ۽ مردانگي؛ چنيسر جي وطن دشمني، ٻاگهل جي خود قرباني، ۽ رومانوي قصن- ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ عمر مارئيءَ جي ڪري گهڻي ٿي.

سومرن اسماعيلي عقيدو ڪڏهن ڇڏيو تنھن بابت خاطريءَ وارو سن نه ٿو ملي سگهي، البت ايترو معلوم ٿو ٿئي ته شيخ بھاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان ڪنھن بزرگ جي ڪرامت کان متاثر ٿي، سومرا سندس مريد ٿيا، ۽ اسماعيلي فرقي کي ڇڏي ڏنائون.

سومرن جو پويون حاڪم ’همير‘ هو. هن رعيت کي گهڻو آزاريو هو. اها حالت ڏسي، سما مٿس ڪاهي آيا، ۽ کيس قتل ڪري، سندس سِسي ڪوٽ جي ٻاهرئين دروازي تي ٽنگي ڇڏيائون.

سمن جي حڪومت: سومرن جي آخري حاڪم ’همير‘ کي قتل ڪري سمن سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، ۽ ’ڄام اُنڙ‘ کي (752هه/1351ع) ۾، پنھنجو سردار چونڊيائون. سما گهراڻي جي ٽئين حاڪم، ’ڄام تماچي بن ڄام اُنڙ‘ جي ڏينھن ۾ دهليءَ جي شاهي فوج سنڌ تي ڪاهي آئي، ۽ ڄام تماچي (اول) کي عيال سميت قيد ڪري، دهلي وٺي ويئي، جتي هن کي فرزند ڄاوا.

ڄام تماچيءَ جي فرزند ڄام خيرالدين (785هه/1382ع) جي دورِ حڪومت ۾ فيروزشاهه تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو،. ڄام خيرالدين مقابلي جي همٿ نه ساري پيش پيو. فيروزشاهه هن کي قيد ڪري دهلي وٺي ويو،. ڄام خيرالدين جو پٽ ڄام تماچي ثاني هو. هي ئي حاڪم هو جو شيخ حماد درويش جي دعا سان وري بادشاهه ٿيو. نوريءَ ۽ ڄام تماچي واري رومانوي داستان جو سورمو هي هو.

(896هه/1490ع) ۾ ڄام نندو (نظام الدين) تخت ڌڻي ٿيو. هي هڪ عالم، فاضل ۽ ديندار حاڪم هو. هن جي راڄ ۾ علم ادب جي گهڻي ترقي ٿي. ديني مدرسا کليا، ۽ عالمن جي عزت افزائي ٿي. هن حاڪم جي زماني ۾ رعيت سکت ۽ آرام سان وقت گذاريندي هئي. سياحن ۽ واپارين کي هر طرح جون سھوليتون مليل هونديون هيون. رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ، ڄام نندي، نئين شھر جو بنياد وڌو، جو ’ساموئي‘ يا ’سما ننگر‘ کان فقط ٽي ميل پري، هڪڙي ڪشادي ميدان ۾ واقع هو. انھيءَ شھر ۾ (900هه/1494ع) ۾ ڄام نندي پنھنجو تخت قائم ڪيو. هن حاڪم جي زماني ۾، بادشاهه بيگ ارغون قنڌار کان سنڌ تي ڪاھي آيو، پر دريا خان سندس پويان سيوي تائين (890هه/1981ع) ڪاهي ويو؛ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ ’ابو محمد مرزا‘ قتل ٿي ويو.

ڄام نندي جي وفات کان پوءِ (914هه/1508ع)، ڄام فيروز بادشاهه ٿيو. هي ڪمزور حاڪم هو. پنھنجي مدار المھام (دولھه دريا خان) سان به چڱا پير نه ڀريائين، ۽ پاڻ مغل ۽ ارغون نوڪريءَ ۾ رکيائين. انھيءَ مراد سان ته اُهي کيس دريا خان جي چنبي مان ڇڏائيندا. انھن مان ’مير قاسم ڪيبڪيءَ‘ (924هه/1518ع) ۾، شاهه بيگ کي خط لکي لاڙ تي حملي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.

(926هه/1519ع) ۾، شاهه بيگ ارغون ڪاهي آيو. ڄام فيروز، دريا خان کي پرچائي، مقابلي لاءِ سنڀري آيو. ٺٽي جي ويجهو خانواهه جي ڪناري وٽ جنگ لڳي، جنھن ۾ دريا خان شھيد ٿي ويو، ۽ ڄام فيروز ڪٽنب ڇڏي، ’پير آر‘ ڏانھن ڀڄي ويو. آخر ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ڄام فيروز، مرزا شاهه بيگ کي لکي موڪليو ته آءٌ اوهان کي پنھنجو حاڪم ۽ پاڻ کي اوهان جو محڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيان. اوهين جڏهن ٺٽي کان ٻاهر درٻار ڪندا، تڏهن آءٌ اچي حاضر ٿيندس. انھيءَ کان پوءِ ڄام فيروز تلوار ڳچيءَ ۾ لٽڪائي، مرزا شاهه بيگ ارغون جي درٻار ۾ آيو. اهڙيءَ طرح 1521ع ۾ سمن جي حڪومت ختم ٿي.

مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته سومرا دورِ حڪومت ۾، سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ناتا ڀر وارن خطن سان وڌيا. سما دورِ حڪومت ۾ ڪڇ، گجرات، لسٻيلي ۽ ٻين خطن سان سنڌ جا تعلقات جاري رهيا. سما سردارن جي حڪومت واري زماني ۾، گجرات ۾ مظفريه سلطانن جي حڪومت هئي. سما حاڪم مظفريه بادشاهن سان سماجي ناتا جوڙيا. ڄام جوڻي ثاني 1390ع، ڄام اُنڙ، سما حڪومت جي بانيءَ جي پٽ، پنھنجون ٻه نياڻيون بي بي مفلي ۽ بي بي مرڪي گجرات جي حاڪمن سان پرڻايون. انھن مان بي بي مفلي ۽ بي بي مرڪي، گجرات جي حاڪم محمد شاهه سان پرڻايائين. هن راڻيءَ مان شھزادو فتح خان (849هه/1445ع) ۾ ڄائو، جو بعد ۾ سلطان ’محمود ٻيڳڙي‘ (حڪومت 1459ع) جي لقب سان مشھور ٿيو. اهڙيءَ طرح لاڙ جا گجرات، ڪڇ ۽ لسٻيلي سان سياسي، سماجي ۽ مذهبي ناتا رهيا.

خواجه غلام علي الانا

ڪتاب: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڇاپو پھريون 1977ع، ص 44-48

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org