|
طارق عزيز شيخ
مقصود گُل جي شاعري ۾ موضوعاتي وسعت
اوڻيھه سؤ ستر کان وٺي نوي تائين وارا ٽي ڏهاڪا،
جديد سنڌي شاعريءَ لاءِ سڄي صديءَ ۾ سڀ کان وزندار
۽ يادگار رھيا. ھيءُ دؤر سڄي صديءَ تي حاوي رھيو
بلڪ ھي دؤر نه ھو، ھڪڙو اڇلون ڏيندڙ وهڪرو هو،
جنھن جي لھر لھر الڳ الڳ رخن واري لڳي. ھن دؤر جي
سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا ٿيا، نيون صنفون آيون،
نظرياتي ٽڪراءَ ٿيا ۽ قومپرستيءَ کان وٺي تبديل
ٿيندڙ عالمي وايو منڊل جا موضوع آيا.
اھڙي طرح ھن دؤر جي شاعرن جي جهرمٽ ۾ تمام قداور
شاعر ھئا، جن جديد سنڌي شاعريءَ جي عمارت کي مضبوط
ڪيو. ان جھرمٽ تي نظر وجهون ته ان ۾ شيخ اياز،
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، استاد بخاري، عطا
محمد حامي، يوسف شاھين، نياز همايوني، تاجل بيوس،
شيخ عبدالحليم جوش، اياز قادري، تنوير عباسي،
شمشيرالحيدري، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، نشتر
ناٿن شاهي، مير محمد پيرزادو، عبدالحڪيم ارشد،
بردو سنڌي، ذوالفقار راشدي، تاج بلوچ، تاج جويو،
خاڪي جويو، امداد حسيني، قمر شھباز، نصير مرزا،
سليم ڳاڙهوي، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، سرڪش
سنڌي، راشد مورائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي،
عنايت بلوچ، احمد خان آصف مصراڻي، احمد خان مدهوش،
جمن دربدر، نواز علي شوق، انور ھالائي، سوز
ھالائي، محمد علي جوهر، محسن ڪڪڙائي، اياز گُل،
نياز پنھور، مختيار ملڪ، ادل سومرو، ذوالفقار سيال
۽ سميع بلوچ جھڙا مختلف ٽھيءَ جا شاعر مليا.
انھيءَ جھرمٽ جو ھڪڙو ستارو مقصود گُل به ھو، جنھن
کي پنھنجن برک، ھمعصرن ۽ نئين ٽھيءَ جي شاعرن ۾
جرڪندي ڏٺو ويو. ھُو پنھنجي الڳ سڃاڻپ، فڪري پختگي
۽ فني نفاست سبب نمايان رھيو.
مقصود گُل کي شاعري ورثي ۾ ملي. سندن والد قاضي
عبدالحئي قائل سرشاري پنھنجي وقت جو ناميارو شاعر،
استاد، مصور ۽ سماج سڌارڪ ھو، جنھن جو سڌو سنئون
اثر مٿس پيو ۽ مقصود گُل ۾ به ساڳيون خاصيتون عيان
ٿيون. مقصود گل جو اصل نالو قاضي مقصود حيات ھو،
پر ادبي دنيا ۾ ھُو مقصود گل جي نالي سان مشھور
ٿيو. ھُو 18 اپريل 1950ع تي رتوديري، ضلعي لاڙڪاڻي
۾ ڄائو. مقصود گل صاحب جو گهراڻو علمي ادبي حوالي
سان سڄي سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سائينءَ جي
خاندان جو ھر فرد پيڙهين کان علم، ادب ۽ آرٽ سان
وابسته آهي.

ھُن 1975ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ ادب جي
مختلف صنفن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. مقصود گُل
ڪھاڻِيڪار، مضمُون نوِيس، ڪالم نگار، ٻارڙن جي
ادِيب، مُحقق، سچل سرمسترح جي شارح،
مُترجم، ايڊيٽر ۽ پبلشر طور سموريون صلاحيتون
رکندڙ هو پر بنيادي طور تي ھُو شاعر هو. جنھن
پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌي سماج جي تڪليفن، اميدن،
محبتن، ڪيفيتن ۽ مزاحمتي جذبن کي وڏي سچائيءَ سان
اظھاريو، جيئن ھن نظم ۾ چوي ٿو:
”لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو،
باهه ڏيندڙ باغ کي، پنھنجو ته هو، ٻيو ڪونه هو.
مطلبي انسان جا سڀ روپ ظاهر ٿي پيا،
جڳ ڏٺو جاچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنھن جو نه هو.
روشنيءَ جي واسطي، جيڪو ڏيئو روشن ڪيم،
سو جلائيندو جهڳيءَ کي، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.
چنڊ تي پھتو وڃي جهنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو،
عرش وارن پئي ڏٺو، انسان هو، ٻيو ڪونه هو.
هن چيو ”مذهب هجي“ ۽ مون چيو ”انسانيت“،
سمجهه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.
ٽھڪ پئي ماڻھن ڏنا، مون کي خبر ناهي، ته ڇو؟
لاش هو فوٽ پاٿ تي، بس ٻيو ته ڪو رؤنشو نه هو.
هورڙيان پيرن منجهان ڌرتي وڃي ٿي کسڪندي،
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا الڪو نه هو.
ڪاغذي گل کوڙ گڏ گلدان ۾ مُرڪن پيا،
پر ڪٿي ڪمري ۾ ڪو سرهاڻ جو سونچو نه هو."
(ٽماھي مھراڻ 1989)
مقصود گُل جو واسطو سنڌ جي اُن فڪري روايت سان هو،
جيڪا شاهه لطيف، سچل سرمست، کان ھلندي شيخ اياز ۽
استاد بخاريءَ جھڙن شاعرن جي دور تائين پهتي آهي.
ھُن وٽ سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف "ڪافي" جو ڀرپور
انداز ملي ٿو. ڪافيءَ کي ادبي تاريخ جي ماھرن،
پنھنجي پنھنجي تحقيق موجب مختلف دؤرن کان جوڙيو
آھي پر ان صنف کي سچل سائينءَ سھڻو ڳايو ۽ وڌايو.
مقصود گل جيئن ته پاڻ به سچل شناس ھو ۽ سندس ڪلام
تي تعريف لائق پورهيو ڪيل آهي، پاڻ به ڪافيءَ جو
بھترين شاعر هو، ان جو ھڪڙو اسم ڏسو:
ڪافي
ڏاها پنھنجي ڏات ڏيا کي، شاعر ڪجهه ڇاڇول
ٻول وري ڪي ٻول
کاڻ کٿوريءَ، من ماٽيءَ جي ڍولا ڍڪڻي کول
ٻول وري ڪي ٻول
ساڻا ساڻا ساهه سڀيئي، سڏڪن جو سيلاب،
هر هڪ اک ۾ آب
اهڙي ڪوتا ڇيڙ ڪوي، جيئن مرڪي پئي ماحول
ٻول وري ڪي ٻول
گيتن ۾ غم، بيتن ۾ پڻ، سٽ سٽ ۾ سوداءُ
پلپل ڇو پڇتاءُ؟
سورن ساڻ سٿيل آ سارو تنھنجو ڪوي ڪشڪول
ٻول وري ڪي ٻول
ٿر، ڪاڇي ۽ لاڙ، سري جا، مارو سڀ مجبور
دردن جو دستور
تند تپائي، چنگ کي چوري، چارڻ ڪر چؤٻول
ٻول وري ڪي ٻول
هر ڪنھن هينئڙي، هر کر هورا، نيڻن منجهه نراس
پلڪن منجهه پياس
مکڙيون ۽ ”گل“ ميڙي ڀرتون جهانگيئڙن جا جهول
ٻول وري ڪي ٻول.
(ٽماهي مھراڻ 1986ع)
ھر شاعر حساس ھوندو آھي، جيڪو عام ماڻھوءَ جي اھا
سوچ جنھن کي بيان ڪرڻ جا لفظ ڪونه ملندا آهن، سو
اظھار ڪري ڇڏيندو آهي. ھُن جي شاعريءَ ۾ انسان
دوستي، وطن سان محبت، سماجي انصاف ۽ فرد جي داخلي
ڪيفيتن جو گھرو احساس نمايان ملي ٿو. هو رڳو
رومانوي شاعر نه، پر هڪ سماجي شعور رکندڙ حساس
شاعر جو آواز پڻ هو جيڪو ھنن سٽن مان اڀري ٿو:
”ڪيڏو سستو سودو مون سان يار ڪري ويو آهي،
پنھنجا درد ڏئي هو مون کان چين کسي ويو آهي.
ڪيڏو ويچارو ٿي جڳ ۾ گهاريندو سو هوندو،
ٻار، جنھين جي ماءُ کي ٻيو ور ڪنوار ڪري ويو آهي.
ٻين جا درد رهائي دل ۾، ڪيئن ٿو ٻھڪي ويٺو،
سچو شاعر پنھنجي دل جا گهاءَ ڀري ويو آهي.
اونداهيءَ جي دل ٿي ڌڙڪي تاري لاٽ ڪئي آ،
ٽانڊاڻي جو ٽمڪو هن جو هانءُ ڦٽي ويو آهي.
آسروند ٿي ويھه نه ڪنھن لئه پير پٿاري ڀورا،
منزل دور اڳيئي ڪافي وقت لنگهي ويو آهي.
هيءَ فضا ۾ اڇا بُجَ ٿا ڇاجي ڪاڻ اڏامن؟
سوچي ڏس تون يار ڪبوتر، باز جهٽي ويو آهي.
ٻين تي ويسا گهاتي جو چئه ڪھڙو ڏوهه ڏيون جو،
پنھنجو هٿ ئي پنھنجي واتان ڄڀ ڪپي ويو آهي.
بي پاڙيءَ ڏس پاڙن واري وڻ جو ساهه سڪايو،
بي بنيادو ڏسجو ڪيڏو ساهه پٽي ويو آهي.
نينگر تيلي ٻاري آهي، بجلي ڪونھي ڪڙڪي!
ڇو اوندهه جا پربت تنھنجو ساهه ڇڏي ويو آهي.
نفرت جا هت ڪنڊا ڪيئي، الفت جا ”گل“ ڪونھن،
ڪانڊيري جو ٻج ڪو گهر گهر منجهه ڇٽي ويو آهي.
(ٽماھي مھراڻ 1987)
مقصود گُلَ پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي سياسي
حالتن، جمھوري جدوجھد ۽ قومي مسئلن تي بيباڪ انداز
۾ اظھار ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌي قوم جي حقن،
وسيلن تي قبضي ۽ آمراڻي طاقت خلاف احتجاج جو
سگهارو آواز ملي ٿو.
مقصود گُل جي دور ۾ سياسي ۽ سماجي سخت ڇڪتاڻ هلي
رهي هئي. هن پنھنجي شعرن ۾ بندشن ۽ اظھار جي
آزاديءَ جي لتاڙ خلاف واضح احتجاج ڪيو. سندس
شاعريءَ ۾ رڳو هڪ سياسي نظام نه، پر انسان جي عزت
۽ عوامي حاڪميت جي علامت طور سامھون اچي ٿي:
”سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم“.
(رت ڀنا رابيل،
1991ع، ص 50)

مقصود گُلَ جي شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي سندس
ٻوليءَ جي سادگي ۽ اثرائتو هجڻ آهي. هن ڏکين ۽
بناوٽي لفظن بدران عام فھم، روانيءَ واري سنڌي
ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا سڌي طرح پڙهندڙ جي دل تي
اثر ڪري ٿي. سندس لفظن ۾ نه فقط مٺاس آهي، پر
معنوي گھرايون پڻ آهن. هو ننڍن جملن ۽ مختصر مصرعن
۾ به وڏا فڪر سمائي ڇڏيندو هو، جيڪا ڳالھه کيس
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ منفرد حيثيت عطا ڪري ٿي.
ھُو چوي ٿو:
”ناريلن جي وڻ مان وکري جيڪا خوشبو آئي،
تنھن ۾ تنھنجو ساءُ!
بنگلن وارن باغن مان ڪويل ڪوڪو آئي،
تنھن ۾ تنھنجو ساءُ!
جهونجهڙڪي جي جھان منجهان جا ماٽيءَ جهوجهو آئي،
تنھن ۾ تنھنجو ساءُ!
ڪونپل ڪنواري باک بدن مان بھڪي بو آئي،
تنھن ۾ تنھنجو ساءُ!
گل گل باغ بھار ڪري اڄ واءُ وضو آئي،
تنھن
۾ تنھنجو ساءُ!“
مقصود گُلَ جي شاعريءَ ۾ موضوعاتي وسعت به واضع
ملي ٿي جيڪا يڪسانيت ختم ڪري ٿي . ھُن جي رومانوي
شاعريءَ ۾ جذباتي سچائي، نرمي ۽ داخلي درد جو حسين
ميلاپ ملي ٿو. هو محبت کي رڳو ذاتي احساس نه، پر
هڪ روحاني ۽ انساني قدر طور پيش ڪري ٿو. سندس
ڪيترن ئي شعرن ۾ محبوب صرف هڪ فرد نه، پر زندگيءَ
جي علامت بڻجي سامهون اچي ٿو:
سمنڊ ڪناري سج لھي ٿو لال شفق جي لالي،
تنھنجي بات نرالي.
مڱتو موهه مڱڻ لئه آيو، سڪ جو آهه سوالي،
تنھنجي بات نرالي.
”نازڻ“ من جو نينھن نوايو، برهه بڇي ويس بالي،
تنھنجي بات نرالي.
تو ريءَ ڪنھن سان پل نه پرتي ڌاريل دلڙي ڌالي،
تنھنجي بات نرالي.
چنڊ ستارا جڳ مڳ جهومن، جوتيون جوت جمالي،
تنھنجي بات نرالي.
تو بن ٽاڪ تتي ٿي پوندي، جهيرڻ مند جهڙالي،
تنھنجي بات نرالي.
آءُ ته گڏجي گل ورکايون، مرڪي مھڪ مثالي،
تنھنجي بات نرالي.
(ٽماھي مھراڻ 1997)
سنڌ سان محبت مقصود گُل جي شاعريءَ جو اهم جزو
آهي. هو سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان انتهائي
گھري وابستگي رکي ٿو. سندس نظمن ۽ غزلن ۾ وطن لاءِ
فخر، درد ۽ مزاحمت جو جذبو واضح نظر اچي ٿو. مقصود
گُل جي قومي شاعريءَ ۾ احتجاج سان گڏ اميد جو عنصر
به مضبوط آهي. هو مايوسي بدران جدوجھد، شعور ۽
ايڪي تي زور ڏئي ٿو. هو يقين ڏياري ٿو ته ظلم ڪڏهن
به دائمي ناهي ۽ جمھوريت، انصاف ۽ قومن جي حقن جي
فتح آخرڪار ضرور ٿيندي:
”رات رُئندي رھِي، ماڪ پوندي رھِي،
داغ ڌرتيءَ سندا، باک ڌوئندي رھي.
درد جَي ديوَ دھشت وِڌي ديسَ ۾،
سوچَ سَڙندِي رھِي، لوچَ لُڇندي رھي.
گهر ڌڻين جي مٿان، رات گوليون وسيُون،
پرھ پڙلاءَ کان، پارَ پُڇندي رھِي.
لاشَ بي ڏوھه، رستن تي نَچندا رھيا،
ڏنگَ ڏاھپ ڏِٺا، ڏات ڏُکندي رھِي.
رات کي مات سورج ڏني آ ڪٿي!
ڏند ڏائڻ ڪَڍي، کوڳَ کِلندي رھي.
پيارَ وارا پرَي، ڪيئن نه دلڙي ڪرَي،
سارَ جي سُوٽَ، ھينئڙي ۾ ھُرندي رھِي.
ڪنھن ته چُوچِي ڏنِي، باغ ڀڙڪِي پَيو،
”گل“
ڄريٽي ۾، سرھاڻ سَڙندِي رھِي.“
مقصود گُل پنھنجي شاعريءَ ۾ سماجي ناانصافين،
طبقاتي فرق ۽ انساني حقن جي لتاڙ خلاف آواز
اٿاريو. هو ظلم، جبر ۽ استحصال کي شاعراڻي انداز ۾
نروار ڪري، پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. سندس
شاعريءَ ۾ انسان جي اڪيلائي، مايوسي، اميد ۽ خود
شناسي جھڙا موضوع به گهڻي اهميت رکن ٿا. ھُو انسان
جي اندر ٽٽڻ ۽ ٻيھر جڙڻ جي ڪھاڻيءَ کي نھايت
سادگيءَ سان بيان ڪري ٿو.
”ڪنھن ماڻھوءَ جي وئي کانپوءِ سنسان شھر ٿي ويندو
آهي،
ساري بستي سور سميٽي دردنگر ٿي ويندو آهي.
ڪي ڪي ماڻھو ساري جڳ لئه آٿت بڻجي ايندا آهن،
تن جي موت پڄاڻا هي سنسار زهر ٿي ويندو آهي.
بڙ جي ٿڌڙي ڇانوَ برابر سڀ کي ڇانو ڏين ٿا جيڪي،
تن جو جيون انسانن لئه ڇانوَ ڇپر ٿي ويندو آهي.
ميويدار وڻن جي وانگر مٺڙا ماڻھو ميٺ ورهائن،
هر هڪ پل تن پريت وندن جو ڄڻ ثمر ٿي ويندو آهي.
موت کان مرڻا ناهن جيڪي قوم مٿان قربان ٿين ٿا،
جيڪو ارپي سر ڌرتيءَ کي سو ته امر ٿي ويندو آهي.
ماڻھو سارا سھڻا ناهن، ڪونه پکي سڀ هنج ٿين ٿا،
ڪو ڪو ماڻھو ”شاهه“ چواڻي مشڪ عنبر ٿي ويندو آهي.
موت پَوئي ڪو موت ندورا، مٺڙا ماڻھو ڌار ڪرين ٿو،
تنھنجو ويڻ حياتي ڀر لئه زخمِ جگري ٿي ويندو آهي.
شال نه شفقت وارا هٿڙا ڪنھن جي سر تان دور ٿين جو،
اوڍر ڌاران اس ۾ ماڻھو پاڻ پگهر ٿي ويندو آهي.
گل ٿو هردم غم ۾ گهاري، سڪ مان سانگي روز سنڀاري،
روئي روئي راهه نھاري، سور سڄر ٿي ويندو آهي."
(ٽماھي مھراڻ 1995)
فني لحاظ کان مقصود گُل جديد سنڌي شاعريءَ جي
روايت سان ڳنڍيل آهي، پر ساڳئي وقت ۾ قديم انداز
جي ڪلاسيڪي سونھن کي به گڏ کڻي ھلي ٿو. سندس
شاعريءَ جون اهم فني خوبيون هي آهن: علامت نگاريءَ
جو حسين استعمال، تشبيھن ۽ استعارن جي نفيس چونڊ،
موسيقيت، خيال ۽ احساس جو فطري توازن، جيئن ھن ھيٺ
ڏنل گيت ۾ چوي ٿو:
”پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، وڻ وڻ مان واکاڻ،
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
هر هڪ اڪُ ٿو عنبر اوتي، سَر سَر ۾ سرهاڻ،
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
ڪينجهر ۾ ٿو ڪنڌ نوائي، جهومي پائي جهاتيون،
پاڻ ڏسڻ لئه چنڊ جون آهن اکيون ڄڻ ٿيون آتيون،
وستيءَ وستيءَ ورهائي ٿو، چمڪي سو چانڊاڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
بادل برسائي ٿو سارنگ ڌرتيءَ جي دل ٺاري،
مينھن پوڻ سان ڀونءِ ڀلاري، خوشبو کوڙ اٿاري،
هر هڪ من کي بھلائي ٿي، امبرت جي آلاڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
منڇر تي ٿو مينھن ڪري اڄ موتين جون ورکائون،
بوند پٻڻ جي پن تي هيرا، برسن ٿيون برکائون،
ڳاڙهن ڳلڙن تي آهي ڄڻ، موهيڙن جي داڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
ڪاڇي تان اڄ پلٽي آيو، آهه پلر جو پاڻي،
گاج، سندي ڏس ٺوٺ جواني سرجي ۽ ساماڻي،
جوڀن ان جو جرڪي پيو ۽ ٿي پئي جوان جماڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
موسم پنھنجي چپڙن تي آ سڪ مان سرخي لاتي،
سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ لئه، انڊ لٺ اڀ تي اّتي،
موسم جي ڳٽڙن تي آئي، لاک مکي لالاڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.
ساهه سرءُ جو مٺ ۾ آهي، مرڪي مست بھاري،
ڌرتيءَ جي آڳر تي ڏي ٿي، ٻھڪي واءُ ٻھاري،
گيت گلابي ’گل‘ ٿا ڳائن، پار ڪڍيا پيلاڻ.
ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.“
(ٽماھي مھراڻ 1985)
مقصود گل جو ھڪڙو مشھور نظم ”وقت گذري نه ٿو“
وڇوڙي ۽ انتظار جي ڪيفيت جو انتھائي اثرائتو ۽
جمالياتي اظھار آهي. نظم ۾ جدائيءَ سبب پيدا ٿيل
داخلي ڪرب کي مقصود گل فطرت جي مختلف علامتن ۽
استعارن وسيلي پيش ڪيو آهي. چنڊ، تارا، گل، غنچا ۽
موسم سڀ ھن جي اداس احساسن جا ترجمان بڻجي وڃن ٿا.
نظم ۾ ”وقت گذري نٿو“ جي مسلسل ورجاءُ انتظار جي
شدت ۽ نفسياتي بيچيني کي وڌيڪ احساس ڏياري ٿو.
مقصود گل سادي پر شاعراڻي ٻولي، خوبصورت منظرنگاري
۽ جذبن جي سچائيءَ ذريعي وڇوڙي جي احساس کي نھايت
مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنھن سبب هي نظم سنڌي
رومانوي شاعريءَ جو هڪ يادگار نمونو بڻجي اڀري ٿو،
ان ڪري ھتي نظم پيش ڪجي ٿو:
وقت گذري نٿو، وقت گذري نٿو،
تو سوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو.
چنڊ جي روشني ٿي وئي آ جهڪي،
مرڪ تارن کان ڪنھن ڄڻ کسي آ وتي،
ڀاڳ جو ڪو ستارو به اڀري نٿو وقت گذري نٿو.
ڄڻ ته موسم کي وئي آهه ڪينسر وٺي،
مرڪ گلڙن جي منھن تي نه ڪنھن آ ڏٺي،
ڪوبه غنچو خوشيءَ جو ته نسري نٿو وقت گذري نٿو.
وقت جي پيرڙن ۾ لڦون ٿي پيون،
وقت کان اڄ وکون ڄڻ ته وسري ويون،
فاصلو وقت کان ڪو به نبري نٿو وقت گذري نٿو.
”گل ۽ مکڙيون ويون ڄڻ ته ڪومائجي،
ڀاڳ جي عرش تي وئي غمي ڇانئجي،
تنھنجو نالو مٺا يار وسري نٿو وقت گذري نٿو.
(ٽماھي مھراڻ 1984)
مقصود گل جي شاعري ۾ رومانوي رنگ ھر موضوع سان گڏ
ملي ٿو ۽ اوترو ئي سندس ڪلام ۾ منظر نگاري جو دخل
آھي. ھُن جي موضوعن جي خيال تي غور ڪبو ته ٻين
خوبين سان اھو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. ان کان
علاوه مقصود گل صاحب شاعريءَ ۾ اھو اثر آهي ته
ڪلام پڙھندي پڙھندي، سندس بيان سان اھو محسوس ٿئي
ٿو ڄڻ چيل سٽن ۾ ساهه پئجي ويو آھي. اھوئي ھڪ وڏي
شاعر جو ڪمال فن آھي، ان جو مثال ھن گيت ۾ آھي:
”برکا برسي، تن ٿو ترسي، تو لئه من ٿو تاڻي يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
راتيان روئان، منھن کي ڌوئان، ڀورل آ تون ڀاڻي
يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
ٿڌڙيون هيرون، ڏين ٿيون جهيرون، چوماسو ڏي دل کي
چير،
بوند وجهي ٿي لوڻ ڦٽن تي، هر هر ڏنڀ ڏئي ٿي هير،
پلپل پڄران کامان ويٺي، گهايو گهورن گهاڻي يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
هيکل هينئڙو توکي ساري، ساجن واڳ ورائي آءُ،
تو ريءَ مٺڙا مينگهه ملھاريون ڪين ڏين ٿيون سھڻل
ساءُ،
واجهايان ٿي واٽون ويٺي مالڪ توکي آڻي يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
ڪاريون راتيون، بادل ڪڙڪن، ڪيھر شينھن گجي ٿو مور،
تو ريءَ منھنجي من جا ما رون منھنجو هانءُ ڇڄي ٿو
مور،
ٻول ٻڌي وئين، واهه وڻي وئين، ماريو تنھن جي ماڻي
يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
کنوڻيون کجڪن، ٽھڪن ٽمڪن، تو لئه راهه نھارن نيڻ،
لاٽ ڏياٽيون، واٽ سندءِ ٿا، ويچارا پيا ٻارن نيڻ،
مٺڙا مون کي وارن پنھنجن ساڻ وئين تون واڻي يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.
بلبل گل کان دور رهي ڇو، منھنجي دل مجبور رهي ڇو،
گهايل گهايل منڙو منھنجو سھڻا هيڏا سور سھي ڇو،
موٽي آءُ اڱڻ تي منھنجي سھڻا پاڻ سڃاڻي يار،
آءُ هليو تون هاڻي يار.“
(ٽماھي مھراڻ 1982)
مقصود گُل جديد سنڌي شاعريءَ جي اُن نسل سان تعلق
رکي ٿو، جنھن روايتي غزل کي نون فڪري رنگن سان
مالا مال ڪيو. هن پنھنجي شاعريءَ وسيلي نوجوان نسل
کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ
جو درس ڏنو. ان جو مثال سندس ھن غزل ۾ ملي ٿو:
”اختلافن جي فضا ۾ هوش سان گهارڻ سکون،
همتن سان وقت واري واڳ کي وارڻ سکون.
مورڇل بڻجي نه سڀ تي هير ٿڌڙي ٿي گُهلون،
واهروءَ، ويري وچان ڪائي وٿي وارڻ سکون.
عزم همت حوصلي جا پير چمنديون منزلون،
ڪشٽ مان ڪاٽي ڪشالا، مشڪليون مارڻ سکون.
علم وارو سوجهرو اخلاق سان اُجرو ڪري،
خلق جا ڏيئا ڏهاڙي، ڏيھه ۾ ٻارڻ سکون.
”شاهه“ جا ۽ ”شيخ“ جا هي بيت آهن روشنيون،
تن منجهان جلوا جهٽي ڪا جوت جيئارڻ سکون.
پاڻ ٻاري ۽ سڄو ڪمرو سُھائو ٿي ڪري،
ميڻ بتڙيءَ جان ٻين لئه پاڻ کي ٻارڻ سکون.
سونھن کي ۽ سنڌ کي ”استاد“ جيئن ارپيو قلم،
تيئن سڄڻ ساڻيھه کي هر ساهه سان سارڻ سکون.
منتشر ڇاڪاڻ آهن ذهن، سوچون ۽ خيال،
يڪ وجودا ٿي ڪڏهن وهنوار ويچارڻ سکون.
ساهه سان گڏ ٿو سُري پر ڪونه آ ڄاتو اسان،
ويٺڙو آهي ونين ۾ سو سڄڻ سارڻ سکون.
سنڌ ڌرتيءَ تي رکون هٿ سُنھن کڻون منڇر مٿي،
اڄ بلاول جان وطن تان ساهه سر وارڻ سکون.
هار ”گل“ کي کار مان ڀل يار خارن جا وجهون،
پر چمن کي سونھن سرسيءَ ساڻ سينگارڻ سکون.“
(ٽماھي مھراڻ، 1995ع)
هو ڪڏهن به لفظي سينگار لاءِ شعر نه ٿو چوي، پر
سندس هر شعر پٺيان ڪو نه ڪو فڪري، تاريخي يا سياسي
پسمنظر ضرور هوندو آهي. ان حوالي سان سندن جي
چؤسٽو ڏسو:
گهر گهر ۾ جتي ظُلم جو گهاڻو هوندو،
هر شخص اتي ڇو نه ڏُکاڻو هوندو،
ان شھر ۾ آ عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنھن شھر جو مفتي جَي وڪاڻو هوندو.
سندس شاعري اڄ به ادبي محفلن، مشاعرن ۽ ڪتابن
وسيلي زندهه آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فڪري ورثو
بڻيل رهندي. مقصود گُل جي شاعري سنڌي ادب ۾ احساس،
فڪر ۽ سچائيءَ جو حسين سنگم آهي. هو اهڙو شاعر هو،
جنھن لفظن کي رڳو خوبصورت آواز نه، پر سماجي
ذميواريءَ جو روپ ڏنو. سندس شاعري پڙهندڙ جي دل کي
ڇھي ٿي، ذهن کي جاڳائي ٿي ۽ روح کي روشني بخشي ٿي.

مقصُود گُل جي ڇپيل ڪتابَن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر
عطا مُحمّد ”حاميءَ“ جي مقالن جي ترتيب ـ شايع:
1983ع)، ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو
سنڌي ترجموـ شايع: 1985ع)، ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن
لاءِ شاعري ـ شايع: 1986ع)، ”رت ڀنا رابيل“
(مُزاحمتي شاعري ــ شايع: 1991ع)، ”هٺيلي هرڻي“
(ٻارڙن لاءِ ڪھاڻيُون ــ شايع: 1993ع)، ”اندر رُوح
رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل
مضمُون ۽ مقالا ــ شايع: جُون 2002ع)، ”رتوديرو ــ
مختصر تاريخ“ (تاريخ ــ شايع: 2002ع)، ”عشق
سمندر“ (حضرت سچل سرمسترح جي فارسي
مثنوين جو منظُوم اردُو ترجموــ شايع: جُون
2003ع)، ”اي آهُو چشم کدهر“ (شيخ اياز جِي ٻن شعري
مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانھن!!“
جو اردُو ترجموــ شايع: 2010ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل
ڪنول“ (شاعري ــ شايع: 2014ع) شامل آهن.
مقصُود گل جِي صحافت سان وابستگِي پڻ رهي. پاڻ
روزانِي ”هارِي“ رتوديرو جي ادبي صفحي جي ايڊِيٽر
طور، لڳ ڀڳ 5 سال وابسته رهيو. ان کان سواءِ ٻارڙن
لاءِ ”گُلدستو“ نالي هڪ رسالو به جاري ڪيائين،
جنھن جو پاڻ پبلشر ۽ ايڊِيٽر رهيو. هي رسالو لڳ ڀڳ
ٽن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو ۽ سڄيءَ سنڌ جي
ٻارڙن جو ترجمان رسالو رهيو. پاڻ روزانِي ”عوامِي
آواز“ جي ڪالم نوِيس جي حيثيت سان 1995ع کان
پنھنجي لاڏاڻي تائِين، مختلف سياسي ۽ سماجي
موضُوعن تي ڪال لکندو رهيو ۽ ان ڏس ۾ اڪيچار ڪالم
لکيائين. مقصود گُل جي شاعري ۾ جمھوري بحاليءَ،
ڪالا باغ ڊيم خلاف مزاحمت ۽ قومي مسئلن جي شعور جو
سگهارو اظهار آهي. هو هڪ اهڙو شاعر هو، جنھن لفظن
کي قومي ذميواريءَ جو روپ ڏئي، پنھنجي دور جي
سياسي ۽ سماجي حالتن کي تاريخي دستاويز بڻائي
ڇڏيو. مقصود گل کي سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾
سچل سرمست، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي
ايوارڊن سان نوازيو ويو. هن سنڌي ادب کي مالا مال
بڻائيندي 14 فيبروري 2015ع تي هن فاني جھان مان
لاڏاڻو ڪيو.
مقصود گُل سنڌي شاعريءَ جو اهو روشن ڏيئو آهي،
جنھن جي روشني وقت گذرڻ سان گهٽجڻ بدران وڌيڪ
چمڪندي پئي وڃي. سندس شاعري سنڌي قوم لاءِ فڪري
راهه ڏيکاريندڙ مشعل جي حيثيت رکي ٿي. |