|
شاعري

(جنم:1919ع وفات: 1990ع
’لوڪ ادب‘ جي صنفن ۾ ’سينگار‘ جي صنف وڏي اهميت
رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته محبوب جي حُسن و جمال، باڪمال ۽
بيمثال جو بيان اهڙي ته نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل
آهي، جو شاعرن ۽ سگهڙن جي بلند خيالي ۽ ذهني ذوق
جو پورو پورو پتو پوي ٿو. ’سينگار‘ جو ڪھڙو به بيت
هوندو، ته به اُن ۾ اهڙا ته سھائيندڙ ۽ سيبائيندڙ
لفط، تشبيھون ۽ استعارا ڪم آيل هوندا، جو محبوب جو
سارو نقشو، نَنَھن کان چوٽيءَ تائين عين بين اچيو
اڳيان بيھي. شاعرن ۽ سگهڙن جنھن نموني بيتن جي
ٻَڌَ ٻَڌي آهي، تنھن مان محبوب جي سونھن ۽ سوڀيا
جي تصوير هڪ طرف چٽي ٿي بيھي ٿي، ته ٻئي طرف وري
بيت بذات خود سُھڻي پوچ ۽ نفاست جي ڪري سينگار
بڻجيو پون. مطلب ته اهو ٻِٽو سينگار، ’سينگار جي
بيتن‘ جي خاص ۽ نمايان
خوبي آهي، جنھن بنان بيت ٻُسا ۽ ڪُرَسا پيا معلوم
ٿين. اهي بيت محبوب جي وصفن بيان ڪرڻ، توڙي سِٽا
جي نقطئه نگاهه کان ساڳئي سَطح تي بيٺل آهن. لفظن،
تشبيھن ۽ استعارن ۾ جيترو زور هوندو اوتروئي بيت
چمڪندا. انھيءَ ڪري ’سينگار جا بيت‘ ادبي، لغوي ۽
معنوي لحاظ کان لوڪ ادب جي جان آهن.
سينگار جا بيت جيڪي سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ڳايا
آهن، سي دراصل هِندي بيتن جو تَتَبَعُ آهن. پوءِ
جڏهن بيت عام ٿي ويا، تڏهن شاعرن پنھنجي ماحول کي
گَھري نظر سان ڏسي، سھڻيون سھڻيون تشبيھون تلاش
ڪري پنھنجي بيتن ۾ آنديون. اِها به هڪ وِير هئي
وَهي ويئي!
اسان جي سنڌي شاعرن، هندي عشقيه شاعري کان متاثر
ٿي پنھنجي واٽ ورتي. جيتوڻيڪ طرز نرالي آهي، پر
تڏهن به سينگار جي بيتن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا گهڻا
الفاظ آيل آهن؛ ڇاڪاڻ ته اهي ئي لفظ، اهي ئي
تشبيھون، اهي ئي استعارا، انھن ئي جاين تي آڻڻ عين
مناسب هو، ورنه بيتن ۾ اهو رَسُ نه رهي ها. هونئن
به اها شاعرانه گتَ پئي رهي آهي ته پروارين ٻولين
مان، هنن رَڄُ جيترو فائدو پئي ورتو آهي. اُهي ئي
عروجِ ڪھڪشان تي پھتل آهن، جن ٻين ٻولين کان گهڻو
ڪجهه ورتو. جيڪڏهن دائرو تنگ رکيو ويو ته زبانن ۾
اها وسعت پيدا ٿي نه سگهندي، جا ٻين زبانن سان
ادبي ميدان ۾ برميچِي سگهي. سنسڪرت زبان، جو اڄ
مرده ليکي وڃي ٿي، تنھن جو به هڪ اهوئي ڪارڻ آهي.
سينگار جي بيتن ۾ به انھيءَ ڪري ئي ايڏي وسعت پيدا
ٿي، جو اسان جو مورن، هندي شاعرن جي تتبع ڪرڻ کان
موشو نه ڪيو، ۽ هندي بيتن جي ڀران دل کولي بيت
چيا. ڪن حالتن ۾ سنڌي شاعرن، هندي تشبيھن سان گڏ
پنھنجي ترَ جون تشبيھون آڻي، اهڙي ته نازڪ انداز ۾
سينگار جي بيتن جو شيرازو ٻڌو آهي، جو صدين گذرڻ
تڪ به ڪٿان شگاف نظر نه ٿو اچي. جلال کٽيءَ جا بيت
اڄ به داد لاءِ حاضر آهن، تنھنڪري انھيءَ چوڻ ۾ ڪو
وڌاءُ نه ٿيندو ته اها لفظن جي ڏي وٺ، مختلف زبانن
کي پاڻ ۾ روشناس ڪرائڻ جو بھترين وسيلو آهي.
چڱين شين جو هرڪو ڪانکي رهي ٿو. اسان جي سدا ملوڪ
شاعرن ۽ سگهڙن، هندي شاعري ۾ جيڪي سھڻيون ۽
پياريون تشبيھون ڏٺيون سي کنيون باقي پنھنجيءَ مان
پورت ڪيائون. مثلاً: هندي شاعري ۾ ’پستان‘ جي
تشبيھه لاءِ ’ليمون‘ (تنھن کان مٿي)، ’ڏاڙهون‘،
(تنھن کان مٿي) ’ناريل‘، (تنھن کان مٿي) ’ڪِنگرُ‘
يا ’لوٽو‘ اختيار ڪيو، ليڪن اسان جي سجاڳ سر مورن،
پويون ٻه تشبيھون- ناريل ۽ ڪنگر يا لوٽو- ڪڏهن به
استعمال نه ڪيون. هن مان سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جي
ظاهري صفائي، اَڇائي ۽ اُجرائيءَ کان سواءِ ذهني
صفائي ۽ سٺائي به معلوم ڪري سگهجي ٿي. حالانڪ اهي
تشبيھون به ڪم آڻي پئي سگهيا، پر هن مناسب ۽ موزون
نه سمجهيو؛ ڇاڪاڻ ته تَرَ جي اها تقاضا نه هئي.
بھرحال ايترو چئي سگهبو ته سينگار جي بيتن ۾ جيڪي
تشبيھون پيش ٿيل آهن، تن جو مثال دنيا ڀر جي
شاعريءَ ۾ ملڻ محال آهي. هيٺ اهڙا ٻه ٽي مثال ڏجن
ٿا، جن مان هندي شاعري جو سنڌي شاعريءَ تي اثر
نمايان نظر ايندو.
(1) هَنسَ چَلَن، کَدَ ليھَه، ڄَنگَهه، کَٽِ،
کيھََ، ...............مُکيَه سِسَھَرَ کھنجرَ
نَيَنَ کُچَ شِرِي پَھل کَنڻَھنه وينَ
]هَنَس=
هَنجهه، کدليھه
=
ڪيوڙو. جنگهه=
ڄنگهه. کٽ مُکھه=
مُنھن. سسھر=
چنڊ. کھنجر=
خنجر. نين=
اکيون. کُچَ=
اُڀريل ڇاتي. شري پھل=
ناريل. کنٽ=
نِڙي، گلو. وين=
آو......[
هلڻ هنجهه جھڙو، ڄنگهون ڪيوڙي جھڙيون (لسيون ۽
سڌيون)، چيلھه شينھن جھڙي (پتلي)؛ چھرو چنڊ جھڙو؛
اکيون خنجر جھڙيون؛ ڇاتي ناريل جھڙي (اُڀريل،
اُٿيل) ۽ گلو ڪوئل جھڙو.
ان هندي دوهي کان متاثر ٿي، جمال شاعر پنھنجو خيال
هيئن پيش ڪري ٿو:
هنج هلڻِي، ڪَرَ ڪيلا، ڪٽِ ڪيھَرَ، آلِيھرَ ڍارَ،
چنڊ مُکِ، خنجرَ، نيڻ، سُچَ آنار، ڪوئل گفتار،
قد سروان سُوڌو نڪُّ آسي جي ڦار،
اِهي هِن اَطوار، جانب جا ته ”جمال“ چئي.
]ڪر=
هٿ. اليھر=
نانگ. سچ=
پستان. انار=
ڏاڙهون.[
هلڻي هنجهه جھڙي؛ هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جھڙا؛ ڪمر
شينھن جھڙي ۽ اليھر نانگ جيان (ڊگها ڪارا وار بدن
تي) ڍرندڙ؛ مُنھن چنڊ جھڙو؛ اکيون خنجر جھڙيون؛
ڇاتي ڏاڙهونءَ وانگر، لات ڪوئل جھڙي؛ قد سرو کان
سڌو ۽ نڪ انب جي ڦار (وانگر سنھو ۽ وريل).
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ڇاپو پھريون
1986ع
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو،
ص 129-131
مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“

غزل
جنهن
۾ تون ناهين صنم ان ڪاروان سان منهنجو
ڇا،
جو هجي تنهنجو
مخالف ان جهان
سان منهنجو
ڇا.
جنهن
مان تو کي رنج ملي ان بوستان سان منهنجو
ڇا،
جيڪو گھر
تولءِ نه آ تنهن
آشيان سان منهنجو
ڇا.
منهنجي
دل جي تون ئي ڌڙڪن ساهه توسان ئي سندم،
ڇو رکان دنيا جي خواهش مهربان
سان منهنجو
ڇا.
تون سندم دل ۾، اکين ۾ ٿو رهين اي نازور،
منهنجي
دل آهي چمن پو گلستان سان منهنجو
ڇا.
مون محبت آهي ڪئي ساري جهان
کي سڀ خبر،
پو ڀلا ڪيئن ٿا چون آهه و فغان سان منهنجو
ڇا.
آهيان عاشق ته پو ڇا لءِ ٿي فڪر زندگي،
مان چمان رستا سڄڻ جا ڪهڪشان
سان منهنجو
ڇا.
تنهنجو
منهنجو
پيار آ ڄڻ ليڪ پٿر تي لڳل،
هي حقيقت آهي ٻي ڪنهن
داستان منهنجو
ڇا.
زندگي
”عاطف“
جي گذري پئي سڄڻ جي پيار ۾،
بس مران هن وٽ پو عمر جاودان سان منهنجو
ڇا.
غزل
تون ئي منهنجي
جهان
جو وارث،
جان ۽ امتحان جو وارث.
منهنجي
دنيا کي تو سنواريو آ،
تون ئي هن شان مان جو وارث.
توئي گلشن ڪيو منهنجي
دنيا کي،
تون انهيءَ
گلستان جو وارث.
تنهنجي
گلشن جو باغبان آهيان،
۽ تون هن باغبان جو وارث.
مون ئي تنهنجي
آ ميزباني ڪئي،
رهه سدا ميزبان جو وارث.
تنهنجي
الفت ئي مون کي مان ڏنو،
تون ئي
”عاطف“
جي شان جو وارث.
|
شبنم گل
|
 |
نظم
ٽيون وجود
مون کي
پهرين ڏينهن
کان ئي
ڪنهن نالي جي ضرورت نه هئي،
مون کي رڳو
هڪ هنج،
هڪ مُرڪ،
۽ هڪ اهڙي نگاهه کپندي هئي
جنهن
۾ سوال نه هجن.
پر منهنجي
پيدائش سان گڏ
هوا ۾ هڪ خاموشي پکڙجي وئي.
لفظ منهن
ڦيرائي بيهي رهيا.
۽ گهر جي ڀتين تي
ڪنهن اڻ
لکيل فيصلي جا پاڇا
ڊگها ٿيندا ويا.
مون کي ان ڏينهن
خبر نه هئي
ته ماڻهو
جسم جا نقشا پڙهندي
روح جي ٻولي وساري ويهندا
آهن.
نفسيات جي ڪتابن ۾ لکيل آهي
ته ٻار جي شخصيت
قبوليت جي مٽيءَ ۾ ڦٽي نڪرندي آهي.
پيار ذهن جي پهرين
ٻولي آهي.
۽ رد ٿيڻ
لاشعور جي اونداهين ۾
اهڙو ڪنڊو بڻجي رهجي ويندو آهي
جيڪو عمر ڀر
زخمي ڪندو رهي ٿو.
شايد ان ڪري
منهنجي
اندر
هڪ ٻار اڃا تائين ويٺو آهي،
هو هر رات ننڊ کان اڳ
وجود کي ڀاڪر پائي
پڇندو آهي:
”ڇا مان واقعي
ڪنهن جي محبت جي لائق ناهيان؟“
ماڻهو
منهنجي
کل کي به
تماشو سمجھندا آهن،
۽ منهنجي خاموشيءَ کي گناهه.
انسان جي سڃاڻپ
رڳو جسم جو معاملو ناهي.
اهو يادگيرين،
احساسن،خواهشن،
خوف ۽ اندر جي ڊگهي گفتگوءَ مان ٺهندو آهي.
پر سماج اڃان
تائين
صرف جسم پڙهڻ سکيو آهي،
روح پڙهڻ نه.
منهنجي ٽئين وجود ۾
پريشانيءَ جو هڪ پکي
هميشه ڦٿڪندو رهي ٿو.
ڊپريشن ڪنهن اونهي
کوهه وانگر
مون کي سڏيندو رهي ٿو.
مون کي انسان سڏيو.
ڇاڪاڻ
ته منهنجي
دل به
اوترائي دفعا ڌڙڪي ٿي
جيتري توهان جي
۽ منهنجا خواب به هر رات
ساڳئي آسمان هيٺ
تعبير جي روشني ڳوليندا آهن.
ª
|
ادل سومرو
|
 |
نظم
اسان بَس سنڌُ لکنداسين!
اھا پنهنجي سُڃاڻپ آ
اُتم ان کي ئي رکنداسين
اسان کان نانءُ جي پُڇندا
اسان بس سنڌ لکنداسين..
رھي ٿي رُوح ۾ سنڌڙي
اُھا ئي جاڳَ ۽ جندڙي
اسان جي ساھَه جو سڳڙو
اسان جي ڀاڳَ جو رستو
ملي سڀ ماڳ رسنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
قبيلا ڪيترا پنهنجا
وسيلا اَڻ ڳڻيا پنهنجا
حوالا گھڻ رُخا پنهنجا
سَجايا آسرا پنهنجا
اسان آزاد رھنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
اسان جا لفظ ھي سادا
اُنهن ۾ فلسفو ناھي
چون ٿا ڳالهه ڳوھي، جي
انهن تي ڀروسو ناھي
سفر ۾ ڪِين کڻنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
صفا
صُوفي او سنياسي!
ڏسين ٿو راھه جوڙڻ جي
سندءِ ڌرتي کسي توکان
چوڻ ٿا ڳالهه ٽوڙڻ جي
اُنهن سِين ڪيئن ٺهنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
ڀٽائيءَ کي نٿا سمجھن
سچل کان اوپرا آھن
اُجھامي نيٺ ھو ويندا
ڏسڻ ۾ تِرورا آھن
اسان ھر جاءِ ٻَرنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
مٽيءَ جي مانَ جا مُنڪر
ھُو دريا خانَ جا مُنڪر
ڪري جو ڳالهه ڌرتيءَ جي
انهيءَ انسانَ جا مُنڪر
اُنهن کان ڌار رھنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
ملاحن جون اکيون ڳاڙھيون
توکي هي سمنڊ ٻوڙيندو
ڪُهاڙي چنڊ جھڙي آ
ڪڏھن توتي ھو کوڙيندو
مٿي ھي ڳاٽ رکنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين..
سنڌوءَ سان عشق جو آھي
علم اُوچو زمانن کان
اسان جو پيار ڇو ڇرڪي
تنهنجن سکڻن بيانن کان؟
توکي پيرن ۾ ڏسنداسين
اسان بس سنڌ لکنداسين!
|
خادم حسين علوي
|

|
غزل
وعدو اچڻ جو ٿي نه وفا ٿي نه ٿو سگھي،
مون سان نه ملي هُو صفا ٿي نه ٿو سگھي.
ڀل ڇا به ٿي پوي مگر ٿو برملا چوان،
مون جهڙو هُن مٿان ڪو فدا ٿي نه ٿو سگھي.
دلبر ته هر گھڙي ٿو رهي مهربانُ مگر،
مون تي ڪري هُو جور و جفا ٿي نه ٿو سگھي.
بادِ صبا ٻڌايو سڄڻ ڄاڻ ڪي آيو،
سهڻل سِواءِ جشن بپا ٿي نه ٿو سگھي.
هُن جي ملڻ سان دوستو ڄڻ زندگي ملي،
ڪهڙي طرح ڪيان پو دغا ٿي نه ٿو سگھي.
حسن و جمال مست نگاهن لئه ڇا چوان،
”تيرِ نظر صنم جو خطا ٿي نه ٿو سگھي.“
دلبر ڏنو آ حڪم رهان هر گھڙي پري،
مون کي ۽ وري اهڙي سزا ٿي نه ٿو سگھي.
ظلم و ستم جي راهه تي جيڪو آ گامزن،
لطف و ڪرم تنهن کي عطا ٿي نه ٿو سگھي.
مون کي ته دلربا جي ادائن جو آ قسم،
مون کان ته فرضِ عشق ادا ٿي نه ٿو سگھي.
غيرن جي ڇا مجال جو گھاري کڻي وجھن،
”همدم“ ڪڏهين به مون کان جدا ٿي نه ٿو سگھي.
|
آزاد قاضي |
 |
غزل
نه ٿو ڳالهه دل جي ٻڌائين اڃان،
اسان کي نه پنهنجو ٿو ڀائين اڃان.
ڪڏهن ڳالهه ڪائي چئي ڇڏبي آهي،
ڀلا ڇو رڳو پيو لڪائين اڃان.
محبت ۾ ليکا ڪبا يار ناهن،
تون ڳالهين کي ويٺو وڌائين اڃان.
سدائين ته ڪاوڙ چڱي يار ناهي،
ڀلا ڇو پيو پل پل ستائين اڃان.
ڏسي عجب مان هُن چيو ڪالهه هو،
اڃان ٿو پيو تون نِڀائين اڃان.
وفا آههِ پنهنجي رڳن ۾ سمايل،
اجايو پيو آزمائين اڃان.
غزل
جڏهن راتِ چنڊ ڏي نهاريم پئي،
تڏهن يار توکي اي ساريم پئي.
الائي ڪڏهن يار ورندين وري،
صبح شام سڪ مان نهاريم پئي.
سڄو ڏينهن ساري نهاري نهاري،
اندر آس پنهنجيءَ کي ماريم پئي.
اوهان ريءَ جيڪي به گھارڻ ٿيا،
کنگھر ڏينهن راتيون سي گھاريم پئي.
ڪيل قرب واريون ڪچهريون نه وسرن،
ورائـــــــــــي ورائــــــــي
وســــــاريــــــم پئي.
اندر درد واري جا دونهين دُکيل آ،
تنهنجي ياد سان تنهن کي ٻاريم پئي.
سهي سُور سختيون سڀئي سِرَ مٿان،
ڪيل قول پنهنجي کي پاريم پئي.
|
ڊاڪٽر رضا چانڊيو
|
 |
موٽي وڃ!!
اوهان سڄا،
خوشبوءُ،خوشبوءُ!
خوشبوءُ
ماڻهو!!
اسان جي پگهر ۾
ٻوٽن ۽ ٻڪرين جي،
هواڙ!
هوبهو اسان،
ڄڻ نازبوءُ،
ماڻهو!!
اوهان اجرا، اجرا،
ھرک جهڙا
،
اڇڙا ماڻهو!
اوهان جون نظرون،
عقابن وانگي،
اسان ڊڄڻا،
ڪمزور،
هيڻا!
ڳوٺن جا ڄڻ ڳيرا ماڻهو!
اسان مٽي هاڻا ،
ميرا ماڻهو!!
توهان جا،
وڏا محل!
توهان
ناز نکرن سان پليل!!
ٿڌا پاڻي،
ٿڌا ڪمرا!
گهر ۾ نرم،گرم، بسترا،
پلنگ،
بيڊ رکيل!!
اسان دکن جا ديرا،
اسان جا گهر،
ڄڻ پکين جا آکيرا!
اسان،
دکيل! دکيل! ماڻهو!!
ڪنهن ڪنڊ پاسي،
ڪکن ۾،
لڪل، رکيل ماڻهو!!
پنهنجو
ميل ڪيئن ٿي سگهندو؟!
ٽٽي پوندين،
آخر کٽي پوندين!!
پنهنجو
پيار،
هلي ڪون سگھندو!
ضد تان لهي وڃ!
”رضا“
موٽي وڃ!!
ڏکيو ٿي پوندين!!
|
زيد پيرزادو
|
 |
ھڪ عام ڏينهن
ھڪ عام ڏينهن
ڪيڏو خاص ٿيندو آھي
تنهن
جي خبر تڏھن پوندي آھي
جڏھن ڪا پريشاني در کڙڪائيندي آھي
ڪنهن
پياري سان گڏ اسپتال ۾ ساھه اٽڪيل رھندو آھي
ڪو حادثو اجاڙي ڇڏيندو آهي
ڪا جنگ تباھي مچائيندي آهي
تڏھن امن ڪيڏو اھم لڳندو آهي
سڪون ڪيترو قيمتي ٿي ويندو آهي
جيڪو ھڪ عام ڏينهن
کي به
خاص بڻائي ڇڏيندو آهي
ª
|
رخسانه پريت
|
 |
غزل
چانڊوڪيءَ ۾ نار ستل آ،
من ۾ ڪنهن جي سار ستل آ.
جي اک کلندي، ڳل تان لڙندي،
ھڪڙي لڙڪن لار ستل آ.
دل تي گھاءُ لڳو ٿس، شايد،
دلبر کان جو ڌار ستل آ.
کڙندي مکڙي جڳ واسيندي،
موھيندڙ مهڪار ستل آ.
ميوزم ۾ سمبارا، ڀانئيم،
عرصن کان جھنڪار ستل آ.
اُڀ تي ڪيڏو چنڊ چريو ٿيو،
کولي ڪارا وار ستل آ.
من جو ساز نه ڇيڙ اڃان تون،
ھر ڪا ساڻي تاار، ستل آ.
غزل
اڏندڙ، پکيءَ جيئن خيال ڪو، جھٽجي نه ٿو سگھي،
ويندڙ، عمر مان سال ڪو رڪجي نه ٿو سگھي.
ڪئي مصلحتون ھيون ۽ ڀرم ڀي انيڪ ھئا،
سچ ھر ڪو ھن حيات جو لکجي نه ٿو سگھي.
ھي عشق جو اڀياس آ ھر ڀيري نت نئون،
ساڳئي سبق جيان، ڀيرا ڏئي رٽجي نه ٿو سگھي!
ھو تن تنها پيو ھلي پائيندو ڪٿ
نجات،
جو ڪنهن سان ڪنهن ڀي ساٿ ۾ جڙجي نه ٿو سگھي.
سوچيوسين آشائون سڀئي ھاڻي پلي ڇڏيئون،
پر من ندورو آ بنهه، پلجي نه ٿو
سگھي.
جي پيار ٿو ڪنهن لئه پرين پالوٽجي پوي،
پوءِ ڪيڏيون ڪاوشون ڪجن گھٽجي نه ٿو سگھي.
اکڙين کان ٿي تون اوجھل، گم ٿئين الئي
ڪٿي،
پر عڪس تنهنجو من منجھان مِٽجي نه ٿو سگھي.
|
روبينه ابڙو
|
 |
غزل
رُوحُ ڀي آ رنجيده، دل به ڏاڍي ٻاڙِي آ،
ھاءِ! مَنَ جي مُومل جي اڄُ اُداس ماڙِي آ.
هَڏ ڀَڳل ڪهاڻيءَ
کي ڪيئن لکان وري ٻيهر،
ڪيرُ مون کي ميڙيندو؟ ڪيرُ هت ڪَٻاڙِي آ.
سڀُ ڊھي ويا ڪَتبا ڪيئن سُڃاڻجن قبرون؟
وقت بي وڙو آهي ۽ زمانُ ڀاڙِي آ.
اَڌ گرھ جي عيوض ۾ هئي سڄي ٻني گِروي،
پيٽَ کي پَٽيون ڏيئي، بُکَ مون چٻاڙِي آ.
منهنجي
رُوحَ جو راڳِي ٿو پيو جَبلَ جهاڳي،
ڌُن به آهي ڪوهياري راڳ ڀي پهاڙِي
آ.
هر زبان اَٽڪي ٿي ڪُجھه
نه ٿو ٻُڌي ڪوئي،
ڇو چَپن تي چُپِ آهي ڇو ڪَنن تي تاڙِي آ.
مقتلن جي راهن جا مُرڪندڙ سڀئي رَمتا،
سِنڌُ! توسان نسبت ۾ ڪنڌَ تي ڪُهاڙِي
آ.
آئون پنهنجي
لهجي
۾ اجنبي ڪٿي آھيان!
عشقُ منهنجو
اُترادي دردُ منهنجو
لاڙي آ.
|
محمد علي پٺاڻ
|
 |
غزل
سورُ سيني ۾ نه سرچائي سگهيس،
لُڙڪَ نيڻن ڏي نه موٽائي سگهيس!
پيارَ جا دَرَ ٻيڪِڙيلَ، خاموش ھو،
راز دل جو ڪين سَلِرائي سگهيس!
ھَٿَ غصو تنهنجو
تڪيندا ئي رھيا،
ڪين گجرا توکي پارائي سگهيس!
لفظَ ھا بيوس ۽ گونگي التجا،
گيت توکان ڪو نه ڳارائي سگهيس!
مرڪ تنهنجيءَ
ساڻ چاھڻ باوجود،
ڏيئڙو دل جو نه ٻارائي سگهيس!
غزل
زخمَ وڇڙڻ جا جيئاري ٿو جيئان،
لڙڪ لاڙي، توکي ساري ٿو جيئان!
خواب جنهن
۾ ويا ٻُڏي، تنهن سمنڊ ۾،
غمن جا آڙاھَه
تاري ٿو جيئان!
تو رکي جن تي قدم، گلزار ڪيا،
سيرَ سي سرھا نِهاري ٿو جيئان!
مَنَ اندرَ جي گهُگهُه انڌاري ۾ ڏيئو،
نانوَ تنهنجي ساڻ ٻاري ٿو جيئان!
توڙي ڪنهن
ڀي موڙ تي گڏبينءَ نه تون،
پوءِ به ساھن سِجَ اُڀاري ٿو جيئان!
|
شميم سومرو
|
 |
صوفي ڪلام
ماڻهو
کان وڏو سرتيون انسان آھي،
مالڪ مٺي جو ان تي وڏو احسان آھي.
ڇا چوان مان ڪيئن چوان مان،
راز رب جو جوڙيل ٻئي جهان
آھي.
قربن ڀري ڪامل قرب ڪيا سڀ تي،
سهڻي
نبي جي امت جو وڏو شان آھي.
ظالم ظلم ڪري ٿو مسڪينن تي،
آ فرمان خدا جو ھو وڏو حيوان آھي.
ڪهل
ناھي جي
”شميم“
ڪنهن
۾،
روئڻ ان لئي اکڙين جو
زيان
آھي.
|
ملهار سنڌي
|
 |
غزل
درد مون سان ھمسفر آھن اڃان،
حال کان سڀ بي خبر آھن اڃان.
تو جي گھورن سان ڪري گھايل ڇڏيا،
شهر ۾ سي دربدر آھن اڃان.
توسان گھاريل وقت ڪيئن وسري سگھي،
ياد سي شام و سحر آھن اڃان.
خوب سڪندا نيڻ سالن کان رھيا،
پيار لئي پر منتظر آھن اڃان.
تو سوا ”ملهار“ ڪهڙو ٿا جيئون،
بس مڙيئي دم گذر آھن اڃان.
|
رجب ٻگهيو
|
 |
غزل
چَنگُ وڳو ھو، چَنڊُ لٿو ھو ۔ تو نه ڏِٺو
ھو!
تُنهنجَي دَرَ تي ڪَيرُ پُڳو ھو ۔ تو نه
ڏِٺو ھو!؟
شَفَقَ اکيُنِ ۾ شامَ لَٿِي ھُئِي، تانگَهه
لُڇِي ھُئِي،
اَوسِيئڙي جو مِينهن وُٺو ھو۔ تو نه ڏِٺو ھو!
دَيسُ پَکيُنِ کان خالِي ٿي ويو، خاموشِي
ٿِي،
وڻ وڻ سانجِهيءَ سوڳُ سُتو ھو۔ تو نه ڏٺِو
ھو!
ساڀِيائُن جو پَنڌُ پَري ھو، پَنڌَ پُٺيان
ڪو،
خوابُ اکيُنِ جو ڪالهه ڪُٺو ھو۔ تو نه ڏِٺو
ھو!
تو ته ڀَڳو ھو آرَسُ تُنهنجَي، انگ انگ
جوڀَنُ،
لِيئو پائي ڪِيئن لُڇيو ھو ۔ تو نه ڏِٺو
ھو!
چوماسِيءَ جي راتِ سَجايَلَ، تارَنِ ھَيٺان،
نَيڻَنِ آڇِيو مَڌُ وَٽو ھو ۔ تو نه ڏِٺو
ھو!
غزل
وڻن جا ٽارَ جُھومَن ٿا!
سَندا ڄڻ يارَ جُھومَنِ
ٿا!
ھِتي رُومِي، قلندر ڪَئِين،
سَوين سَنِسارَ جُھومَنِ ٿا!
جُدا ٿِي مَيڙ ماڻُهنِ کان،
ڌُرِيان ئِي ڌارَ جُھومَنِ ٿا!
گُلَنِ جا کَيتَ آھنِ، يا،
وطن جا ٻارَ جُھومن ٿا!
ڪَڪَرَ ڪاڪُلَ ڪُلهَنِ تي اَڄُ،
ڀَنڀا ھي وارَ جُھومَنِ ٿا!
پَريان پاتِي اوھان جَهاتِي،
پِرھَ ه جا پار جُھومَنِ ٿا!
سَڄو آ سوڳَ جو منظر،
دَرَنِ تي دارَ جُھومَنِ ٿا!
ڳَلَنِ تي لُڙڪَ مالهائون،
ھَٿَنِ ۾ ھارَ جُھومَنِ ٿا!
|
وسيم سومرو
|
 |
وائي
شام لهي آئي،
ساري هڪڙو واعدو.
دل جي اٿلي شاخ جيئن،
اک وهي آئي،
ساري هڪڙو واعدو.
سار پرينءَ جي چمڪندڙُ،
چنڊُ ٺهي آئي،
ساري هڪڙو واعدو.
سوچي سوچي ڀاڳ جي،
ڀت ڊهي آئي،
ساري هڪو واعدو.
اک جي ڪا ڪڪري
”وسيم“،
اپَ ڪهي آئي،
ساري هڪڙو واعدو.
|
ڊاڪٽر واحد سولنگي
|

|
غزل
روئڻ کان اڳ هلي وڃجان،
وڃڻ چاهين ڀلي وڃجان.
آ جدائي جو سبب ڪهڙو،
پڇئي جي ڪو الي وڃجان.
پنڻ جي پيار مان آيس،
ته بڻجي تون ولي وڃجان.
ٿڪائي پنڌ هي وجھندئي،
رستي ۾ آهلي وڃجان.
پيار خوشبوءُ
يار خاطر،
ته بڻجي تون ڪلي وڃجان.
سمائي سور سيني ۾،
کلڻ چاهين کلي وڃجان.
۽ راهن ۾ روشني خاطر،
پتنگ وانگي جلي وڃجان.
پڇائي پنڌ پو وڃجان،
نه راهن ۾ رلي وڃجان.
روئڻ چاهين ته مرضي ٿئي،
کلڻ چاهين کلي وڃجان.
ٿڌي ڪا هير بڻجي تون،
مٿان منهنجي گھلي
وڃجان.
سکي
سرهاڻ بڻجي تون،
هوائن ۾ کلي وڃجان.
ڏسي مهراڻ ۾ ڇوليون،
ڇلڻ چاهين ڇلي وڃجان.
وسارڻ جي اگر چاهين،
ڀلي مون کي ڀلي وڃجان.
جي اڪيلو پاڻ کي سمجھين،
ته
”واحد“
سان رلي وڃجان.
ª
|
امداد سروري
|
 |
غزل
ڏکيا آهيون، سُکيا آهيون،
اسان پنهنجي، دنيا آهيون.
خدا جي ڪارخاني ۾،
اُن جائي، بنده آهيون.
اسان آغوش، محبت ۾،
جيئرن کان، جدا آهيون.
مِلن ٿا دردَ، پنهنجن کان،
انهن تان ئي، فدا آهيون.
زندگي تو لکي ورتي،
واعدن جا، پڪا آهيون.
اسان ته عشق محبت جي،
غِذا آهيون، دوا آهيون.
ڀلي آسمانَ تي اُڏرون،
اوهان آڏو، ننڍا آهيون.
”امدادَ سروري“ سچ آ،
عملن جِي، سزا آهيون.
|
گل محمد ”گل"
سومرو
|
 |
غزل
جيون ۾ هڪ جان ٿو ڳوليان،
ماڻهن ۾ انسان ٿو ڳوليان.
ها، هر ماڻهو مانُ وارو آ،
پر محفل جو مانُ ٿو ڳوليان.
نڪتو آهيان زندگي ڳولڻ،
زندگي ڀر زندان ٿو ڳوليان.
جانان! جيءَ ۾ جھاتيون پائي،
مَن مَن ۾ مهمان ٿو ڳوليان.
ڏک جو ڏونگر ڏيهه کي ٺاهي،
هاڻي امن امان ٿو ڳوليان.
مُرجھيل مُنهن تي مُرڪ موٽايان،
اهڙو ڍارو گيان ٿو ڳوليان.
ميلن ۾ هو پيٽ سنڌو جو،
اڄ گس گھيڙ نشان ٿو ڳوليان.
هرڪو پنهنجي غرض ۾ گُم هو،
ائين لڳو ايمان ٿو ڳوليان.
هڪ پهر سَهي پيار جي نانءُ ڪر،
بس اهڙو اعلان ٿو ڳوليان.
ڏيهه ۾ ڏيئا پاڻ ٻارياسين،
پوءِ ڇو روشندان ٿو ڳوليان.
آهي منهنجي هو نشاني تي،
تير ته آهي ڪمان ٿو ڳوليان.
جنت جي لالچ تو ڏني ”گل“ کي،
حُورن گڏ غلمان ٿو ڳوليان.
|
ابراهيم کوسو
|
 |
غزل
اڳ اهڙو نه هئين،
جڳ جهڙو نه هئين.
ٿي پئي قسمت مهربان،
پڳ جهڙو نه هئين.
ٿي قوم بلي تنهنجي،
وڳ جھڙو نه هئين.
دنگ لئه وڙهبو آھي،
دڳ جهڙو نه هئين.
ڏس
”ابراهيم“
اوندهه،
ڌڳ جهڙو نه هئين.
غزل
نه آ غير سان ٺاھه
منهنجو،
سنڌو ۾ سدا ساھه
منهنجو.
ٻنيون ٻارا سرسبز ڌرتي،
چيٽي چيٽ سان چاھه
منهنجو.
سڄي قوم سورن ۾ آھي،
ٻچو بک اندر پاھه
منهنجو.
سنڌو کي لٽيندڙ ھزارين،
رکي قائم پر الله منهنجو.
لڪاءُ اڳ نه اھڙو ڏٺو سين،
وڃي سڪندو هر واھه
منهنجو.
|
امر ساهڙ
|
 |
غزل
وقت جو ويرُ، مون سان رھيو ئي رھيو،
ڦنڌُ ۽ ڦيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
ڪا خوشي ڪانه ترسي سگھي پل
گھڙي،
دَردُ ڳَچُ ديرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
پاءُ بڻجي نِڀايَمُ پَئي جنيهن
سان،
سو سَوا سيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
وَصُلَ جَي واءُ ناهي وَرڻ جي ڪئي،
ھِجرُ ئي ھيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
ھاڻ ڪا هيڪلائي ڏَنگي ڪانه ٿِي،
سنڌ جو سَئيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
سڀ ستارا تَڪيندا رهيا ڏُور کان،
چنڊُ چَئوڦيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
نفرتُون نانگ ڪارا ھُيون مگر، ڪنهن،
گـُھورَ جو گھيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
رات ڪاريءَ وِڌي روشنيءَ تي بندش،
پر صُبحُو سَويرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
عشق ھر آرزوءَ جِي رکي آبرُو،
شوق جو شيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
بي وَڙي، بي مُحابي زماني وَندو،
مَندي ۽ ميرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
تون به ناهين نَڪِي ياد تنهنجي
رھي،
پوءِ ھِيءُ ڪيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو؟
ڪنهن
به احساس کان آشنا ڪونه هو،
ڄڻ مِٽيءَ ڍيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
تون ھُئينءَ ھمسفر مگر مون کي لڳو،
گوشَئه غيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
ھارَ يا جيت ۾ حوصلي جيئن ئي،
مُڙس ڪو مَٿيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
سُورَ سِرَ تي سَهي،
خوف، خطرا کڻي،
ڪو ڀَئو بغيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
ديسُ زخمي ڏسي رُوحُ ڦَٿڪِي پيو،
”امر“!
ھِيءُ انڌيرُ، مون سان رھيو ئي رھيو.
|
عبدالغفار ’عبد‘ ميمڻ
|
 |
غزل
صبح جو انتظار آ ڪرڻو،
نه ڪنهن کي رازدار آ ڪرڻو،
ھي ڏکيا ڏينهن به ڪٽي ڇڏبا،
نه سک کي ڪو آڌار آ ڪرڻو،
ھڪڙي دل به آ ڏني توکي،
ٻئي ڪنهن سان نه پيار آ ڪرڻو،
ڏک سنڌڙي جا دل جلائن ٿا،
ھاڻي دشمن تي وار آ ڪرڻو،
ڦولَ تي جيئن جو آ پڳي شبنم،
سڄي ڌرتي گلزار آ ڪرڻو،
نه در بند ڪبا ھي چاھت جا،
ديس ”عبد“ پيار پيار ڪرڻو آ.
|
امداد سهتو
|
 |
غزل
اک آ، ڪيٽي بندر ناھي،
دلڙي منهنجي
کنڊر ناھي.
ٺاروشاھه
اداسي ڇو آن،
پرتي توکان چندر ناھي.
ڪيئن ڪندينءَ قابو ھاڻي،
تو ۾ انتر منتر ناھي.
فانوس ٻري ٿو چنڊ سندو،
روشن ڇو پر گھر گھر ناھي؟
خوابن جهڙي
سندر ڇوري،
ملڻو ھاڻي بهتر
ناھي؟
ڪنڌي ڪنهن
لئه گيت چوي ٿي،
اوفيليٰ آئي گر ناھي.
اندر جي ٿي ڪويل ڪوڪي،
ٻاھر ڪوئي محشر ناھي.
”امداد“
الهامي
ڳالهه
چئي،
پنهنجو
پر ڀي رھبر ناھي.
|
ساقي ابڙو
|
 |
غزل
مَتان چَئو
ته رڳو
جوڙَ جَڪَ آ لَفظَن ۾،
جِگر جو خُون بِه شامِل آ
منهنجي شعرن
۾!
اَگَر جي غَور سان ڏِسَندَؤ
تَه با خَبَر ٿِيندَئُو،
سَڄِي ڪهاڻِي
لِڪَلَ آهي مُنهنجي
نيڻَن ۾!
ڪَري جو واعِدو مُون سان وَيو آ موٽَڻَ جو،
رَهي ٿِي دِيدَ کُتَلَ اَڄُ بِه هُنَ جي رَستَن ۾!
وَفا جو لَفظُ جي ڪَنهن
جي زُبان تي اِيندو آ،
وَڏِي هَلچَل مَچِي وِيندِي آ دِل جي ڌَرڪَن ۾!
سَدائِين يارَ کان ئِي خارَ هِن مِليا سائِين،
تَڏَهِن آ سوزُ سَمايَل اَسان جي گِيتَن ۾!
اَڃان بِه حَوصِلا پَنهنجا
بُلَندُ هِن ”ساقِي“،
اَڃان بِه جوشُ ڏِسُ جَرڪي پَيو ٿو جَذبَن ۾! |