سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2026ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

سچل جي شاعري ۾ هير رانجهي جو آلاپ

 

ڪردارنگاري توڙي پيڪر نويسي جي حوالي سان رانجهي ۽ جوڳين بابت سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن شاعرن شاهه لطيف، بابا بلھا شاهه، مولابخش ڪُشته، وارث شاهه، نواب ولي محمد لغاري، شاهه عنايت رضوي ۽ سچل سرمست، ’هير رانجهي‘ جي عشقيه داستان کي ڏاڍي اُتساهه سان بيان ڪيو آهي. سچل سرمست هن سُر کي پورب ۽ جوڳ جي راڳ راڳڻين ۾ اظھاريو ۽ ٻين سڀني هير رانجهي کي ڀيروين راڳ ۾، صرف شاهه لطيف هن سُر کي راڳ سنڌي ڀيروين جي چالي سان منفرد انداز ۾ آلاپيو آهي:

چولي ميلي صابڻ ٿولا، ڪِتلي ململ ڌووان،

سيني اندر داغ رانجهن دا، جيوين ديکان تيوين رووان.

ڀيروين سُر جدا جدا هنڌن تي پنھنجي روايتي انداز ۾ آلاپيو ويندو آهي. هي اهڙو سُر آهي، جنھن ۾ پرينءَ سان پيار، دلي وابستگي ۽ بي انتھا محبت جو اظھار ڪجي ٿو. هن راڳ ذريعي عبادت، پرهيزگاري، ڀڳتي ڀاءُ ۽ دلي لاڳاپن کي اظھاري سگهبو آهي.

ڀيروين پاڻ ٺاٺ نه آهي، پر هي ٽوڙي يا برالِ ميل سمپورڻ راڳڻي آهي ۽ اڄڪلھه هن کي ٺاٺ به چوندا آهن. هي واحد راڳڻي آهي، جنھن کي سدا سھاڳڻ جو خطاب به مليل آهي. يعني هي راڳڻي وقت جي محتاج ناهي، جنھن وقت ڳائبي ته هن جو رنگ ڦڪو نه پوندو. هن راڳ جي هڪ خوبي اِها به آهي ته هن ۾ مختلف طريقن سان ٻارهن ئي سُر استعمال ۾ اچن ٿا.

(خان، امير علي، استاد، سُر شاهه سمنڊ)

سچل سرمست جي پورب ۽ جوڳ راڳ جي سنگيت کي ڏسبو ته انھن سُرن ۾ به اهڙي ڀڳتي ڀاءُ ۽ پرهيزگاري سان گڏ ڀڳتي تحريڪ مطابق جوڳ جو عملي رنگ به موجود آهي. اها ننڍي کنڊ ۾ روايتي اصولن کان ٿوري مختلف آهي. اهڙين جوڳين جي آزاد دنيا ۽ هلت چلت بابت شاهه سائين جي سُر رامڪلي ۾ چِٽا اشارا ڏنل آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”پوربي ٺاٺ جي راڳڻي آهي ۽ اها کاڊو- سمپورڻ راڳڻي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت رات جو پھريون پھر آهي. جوڳ راڳ جون به گهڻيون صورتون آهن. مالڪونس جي هڪ شڪل به جوڳ ڪونس آهي. هن راڳني کي راڳ مالا ۾ جوڳيا جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ڀيروين ٺاٺ جي راڳڻي آهي. هي اوڊو- سمپورڻ راڳڻي آهي ۽ هن جي ڳائڻ جو وقت رات جو ابتدائي پھر آهي. (جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر، 2010ع، ص 36-35).

برصغير جي اڪثر شاعرن رانجهي کي جوڳيءَ جي روپ ۾ اظھاريو آهي. وارث شاهه هجي، شاهه حسين، بابا بلھي شاهه، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست، سڀني رانجهي کي جوڳي جي ويس ۾ هڪ سگهارو ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي. شاهه سائين وٽ به پوربي جوڳين ۽ سامين جو احوال رسالي ۾ بيان ڪيل آهي. سُر مانجهه ۽ جوڳ جي حوالي سان ڪجهه سرائڪي شاعريءَ جا مثالي بيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف جي سُر هير رانجهي مان ورتا آهن. انھن ۾ گهڻائي اهڙن بيتن جي آهي جنھن ۾ مجازي محبت جي دانائي جا نُڪتا بيان ڪيل آهن. (بلوچ نبي بخش، ڊاڪٽر، 2015ع، ص 439)

جيئن ته وڇوڙو ويراڳ، سُر هير رانجهو جو متاءُ ۽ مقصد آهي. انڪري هن سُر کي ويراڳي ڪلام به چئي سگهجي ٿو. هير رانجهي جي روح کي سورن، دردن ۽ وڇوڙي جي ورلاپن، ويراڳ بڻجي وڪوڙي ڇڏيو هو، اهڙن ويراڳي ورلاپن کي سچل ڪيئن ٿو آلاپي.

عشق ديان باتيان، سُڻو مين آکان، ساري لوڪ سڻائين،

عشق دا ماريا، ڪوئي نه ڇُٽا، ڳالھه ساري سمجهائين،

عاشق نام جھين دا، تنھن ڪون پيرين مين پورائين،

صدقي صدقي ٿِيوان تنھن تون، جو دم يار جوائين،

مين ٻانھي تون ميڏا سائين، سھڻا صدقي وڃائين.

جنھن جي اندر ۾ عشق جي چڻنگ مچي آڙاهه بڻجي ٿي، اُهي پنھنجي محبوب اڳيان پَچڻ کامڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. بابا بلھي شاهه پنھنجي مرشد شاهه عنايت آرائين جي عشق ۾ پاڻ کي هير بڻائي پيش ڪري ٿو:

اِڪ رانجها مينون لوڙيدا،

ڪن فيڪون اڳي ديان لڳيان، نينھن نه لڳڙا چوريدا،

رانجهي جيھا مينون هور نه ڪوئي، مِنتان ڪَرڪَر موڙيدا،

مان واليان دي نَين سلوني، سُوها دوپٽا گوريدا،

احد احمد وچ فرق نه بلھيا، اِڪ رَتي پيد مروڙيدا،

اِڪ رانجها مينون لوڙيدا.

(فقير محمد، ڪليات بلھا شاهه، ڪافي 9)

بابا بلھا شاهه جي ڪافي جو مفھوم ازلي سچ ۽ واعدي ڏانھن اشارو آهي. ’هير رانجهو‘ هڪ جسم ۽ جان آهن. احد ۽ احمد جي ’م‘ کي سمجهڻو آهي. ٻنھي ۾ ڪا جدائي ناهي. پراڻيون ۽ پياريون يادون عاشق جي من ۾ پيڙا ۽ رنج بڻجي اُڀرن ٿيون، انھن جي ياد بيتابي جو سبب بڻجي ٿي. قرب جون يادون جڏهن هير جي هنيانءُ تي هُريون ته شاهه لطيف ان هجر جي وارداتن کي هير بڻجي ڪيڏي نه اثرائتي انداز ۾ آلاپيو:

رانجهن والا زهر پيالا، ڳُجهڙي آيم ڀاڄي،

ماءُ پيءُ ڪنون، چوري پيتم، ڪيتم روح راضي،

دل دي قضا دل جاني، تون ڪيا جاني قاضي.

(بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، 2015ع، ص 339)

جڏهن هير ساري جھان کان لڪي عشق جو ڪٽورو پي پُر ٿي، تڏهن رانجهو سرير جي سگهه بڻجي، هن جي هنيانءُ ۽ هِردي ۾ رَلجي ويو.

فتح الله گولن لکي ٿو ته، ”هونءَ ته مڪاشفو مجرد سچاين ۽ معنائن سان مانوسيت آهي جيڪي قدرتي طور نه ڏسڻ جوڳيون آهن.“ (گولن فتح الله، 2015ع، ص 175)

انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته انت سچ ۽ نوري شعاعون مڪاشفي (ڪشف) ۽ مشاهدي وسيلي ماڻي سگهجن ٿيون. جيڪي ماڻھو انھن نشانين جي ڄاڻ نه ٿا رکن پر اٽل سچ، روشني ۽ حقيقت جون علامتون ته موجود رهن ٿيون. اسين ڌيان ڌريون ته اسان جي هستي به ان سچ ۽ روشني جي علامت آهي.

هِير اُن اڻانگي سفر جي سونھين هئي، رانجهي سان رغبت هن ۾ نفس سان مھاڏو اٽڪائڻ، محبوب سان ملڻ جي تانگهه ۽ ماڻھن سان ملڻ ۾ نياز نوڙت ۽ پيار جھڙا اپار گڻ پيدا ڪيا هئا. سالڪ جڏهن مٿين خوبين سان ٽمٽار بڻجي ٿو تڏهن ويراڳپڻو (Devotion) ماڻي ٿو. سچل سائين اهڙي احساسي مڪاشفي کان مانوس آهي:

مين تان ڏيوان هو ڏيوان، سھڻي ڪون ڪيھي ڏوراپي،

اپڻا حال اڳون سَيان تي، ٻيلي نيوان هو نيوان،

وچ هزاري گوليان دي گولي، ٻيلي جيوان هو جيوان،

هنجون دي نال چاق سيني دا، ٻيلي سيوان هو سيوان،

سچو پيالا محبت والا، ٻيلي پيوان هو پيوان.

ويراڳ ۾ ورتل ئي عشق جي ڏولاون ۽ مصيبتن کي کڻي، بنا گهٻراهٽ جي محبوب ڏانھن هلندو رهي ٿو.

ويراڳ جو اصل مقصد آهي ڄاڻي سمجهي پنھنجي محبوب ڏانھن موٽڻ ۽ ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي به سھارو ۽ سگهارو نه سمجهڻ، هير جو جڏهن وڇوڙي ۽ ويراڳ جي درياءَ مان گذر ٿيو ته هن عشق جي ماري عورت رانجهي کانسواءِ ٻئي ڪنھن کيڙي ويڙي جي آسري تڳڻ بدران صرف پنھنجي محبوب رانجهي تي ڀروسو ڪري، سندس پيار پائڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي.

رانجهن نون پرچائين، کيڙا رُٺيا تي گهوليا، وو،

مين رانجهن دي، رانجهن ميڏا، کيڙا ڪُون بلائين،

لوڪان ليکي چاق مَنجهين دا، رانجهن سِر دا سائين،

نال رانجهن دي ڪيون ته چَروان، منجهيان، ڪٽيان، گائين،

ساهه سچو دا سُھڻل ڪيتي، منگدي ٻھون دعائين.

وڇوڙي کانپوءِ سالڪ کي ڪيترن ئي مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ٿو، اهي مشڪل مرحلا عاشق ۽ معشوق سان واسطو رکن ٿا. رانجهو هر حال ۾ هير کان پري نه ٿو رهڻ چاهي. هو تخت هزارا ڇڏي، هير جي شھر جهنگ ميال جي راهه اختيار ڪري ٿو.

ڇوڙ ڪي تخت هزار اُٿاهون، جهنگ سيال پڇايس،

عشق والا وَل راتيان ڏينھان، سِر تي مينھن وسايس،

برهه درياء چناهه دي ڪَنڌي، سچل ويک پڇايس،

ٻيڙي چڙهدا، ٻَھون روندا،

هنجون ان نال پيا منھن ڌوندا.

        هير به رانجهو کانسواءِ اڌوري آهي، جتي رانجهو اتي هير، رانجهي سان گڏجي مينھون چارڻ ۽ جهنگ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏي ٿي.

سِيدي کيڙي سان زوري شادي ڪرائڻ کانپوءِ به هير جي تن من ۾ رانجهو جي تانگهه ۽ اُڪير آهي. کيڙن جي لالچائڻ جي باوجود به هير انھن سان گڏ رهڻ تي راضي نه ٿي. رانجهو، هير جي پيار ۾ ايترو ته جڪڙيل هو، جو جوڳين جو جنسار ڪري، اچي کيڙن جي ويڙهي هير کي ڳولي لڌائين. جوڳيءَ جو سريلو، انوکو آواز سڻي هير سوچڻ لڳي ته هي آلاپ کيس پڪاري رهيو آهي. چيائين:

وڏي ويلي ڪون جوڳي آيا، سارا ڀاڻ مليندا،

ڳل وچ ڪفني، دست پھوڙا، مرلي محب وڃيندا،

روندا وتدا، آه ڪڍيندا، جهونا بگل هنڍيندا،

جوڳي ڪيھي ديسون آيا،

دل  وچ  اوندي  ڪھڙا  رايا.

بلھي شاهه کي به هير جي وفا ۽ نڀائڻ واري اُنھي ادا موهيو آهي. چوي ٿو ته رانجهو جوڳي جو سانگ رچائي، ڪنن ۾ والا، ڳلي ۾ ڳانا پائي، يوسف جھڙي سھڻي ۽ پوتر صورت بڻائي، هير کي ڳولي لڌو ۽ کيڙن جي ويڙهي کان ڪڍي، پاڻ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو.

واهه سانگي سانگ رچايا،

ايس جوڳي تي ايھه نشاني،

ڪن وچ مُندران، ڳل وچ ڳانِي،

صورت اس دي يوسف ثاني،

اس الفون احد بنايا،

رانجها جوڳيئڙا بن آيا.

الف مان احد ٿي وڃڻ يعني هڪ ٿي وڃڻ ئي اصل ۾ ذات ۽ حق جو جوهر (Essence) آهي، عشق جي سفر ۾ هر سالڪ پنھنجي جوهر مطابق مڪاشفي مفھوم حاصل ڪري ٿو ۽ پوءِ صوفياڻي اصطلاح ’شطحيات‘ موجب آلاپي ٿو. ابوبڪر شبلي هجي يا محي الدين ابن العربي يا منصور حلاج، بابا بلھي شاهه هجي يا سچل سائين يا ٻڍل فقير، سڀني سَرمستيءَ ۾ ساڳي ڳالھه جدا جدا لفظن ۾ ڪئي آهي. سچل سَرمست ’ديوان آشڪار‘ جي صفحي 14 تي چوي ٿو:

خيال از ڪثرت شُد دور يَڪ بار،

بيامد وحدتِ شُد ڪشفِ معنا.

معنيٰ: ڪثرت کان جڏهن ٻاهر نڪرجي ٿو، تڏهن وحدت تائين رسائي ٿئي ٿي ۽ حقيقت جو پردو عيان ٿي وڃي ٿو.

عاشق ۽ معشوق جي هڪٻئي لاءِ والھانه سپردگي ئي فنا ۽ بقا جو سبب بڻجي ٿي. هير جڏهن فنا ٿي، تڏهن بقا جو درجو ماڻيائين:

ڪنھن نـــــون مين آکـــــان ٻـــــول ڪي،

گهايـــــل ڪيتـــــي مُئـــــي سُـــــول سڄڻ دي،

چنـــــڊ جـــــو چڙهي، ڪُـــــل عالـــــم ويکي،

رانجهـــــو لـــــڌڙم ڳــــــــــول ڪـــــي،

مئن رانجهن دي، رانجهن ميڏا، کيڙا گهتڙيم گهول ڪي.

(بلوچ نبي بخش، ڊاڪٽر، 1976ع، ص 442)

’هير رانجهي‘ جو هي عشقيه داستان علامتن ۽ اشارن جو گلستان آهي. جنھن مان هر فڪري ماڻھو پنھنجي جوهر مطابق عرفان حاصل ڪري سگهي ٿو. فطرت جي گونا گونيت، حيرت ۽ هيئت وارن جھانن ۾ صوفي ۽ سائنسدان خواص بڻجي ڪائناتي مھاساگر ۾ غوطا هڻن ٿا. هرڪو پنھنجي وس آهر حيات جي ازلي ۽ ابدي رازن تائين رسائي جي ڪوشش ڪري ٿو.

هن داستان ۾ هير رانجهو، چوچڪ، ملڪي، ڪيدو، کيڙا ۽ قاضي حياتياتي علامتون آهن. جڏهن ته مادي علامتن ۾ تخت هزارو ۽ جهنگ سيال جا شھر اچيو وڃن ٿا. ڪي علامتون مذهبي نوعيت جون آهن. جيئن بانسري، مُرلي، جوڳي، بالاناٿ ۽ پنج پير. اهي علامتون مسلمانن توڙي هندن ۾ مروج آهن.

جيڪو ماڻھو نشانين ۽ علامتن (Symbols) جي عرفان تائين پھچي ٿو، اهوئي ڪوشش سان منزل ماڻي سگهي ٿو. اُنھيءَ لاءِ واسطن ۽ لاڳاپن جا دروازا کلندا ويندا آهن ۽ سچ قريب اچي ويندو آهي، فرد جو اهڙو وجداني احساس ئي کيس ڪامرانيءَ سان همڪنار ڪري ٿو. هير جڏهن اهڙو وجدان ماڻيو تڏهن سندس انگ انگ مان جوڳي جي مرلي جو سُر مستي بڻجي نروار ٿي رهيو هو ۽ دل جي هر ڌڙڪن مان سچ جي صدا بلند ٿي رهي هئي:

الستي آواز ڪو، منھنجي ڪن پيو،

هِردي اندر هير جي، آهي ڪونه ٻيو،

مرلي مست ڪيو، جوڳيئڙن جي جيڏيون.

نيٺ هير رانجهي درالفنا کان ثابت قدمي سان وڃي دارالبقا ماڻيو ۽ ٻئي مجاز جي راهه ۾ سچا رهيا.

اسان رانجها هڪ ٿيوسي،

ڀُُل نه ڪا ٻي ڀاوندائين.

(ٻڍل فقير، نعره حق، 2008ع، ص 158)

حوالا:

1.      گولن، محمد فتح الله، تصوف جون تجليون (مترجم: عاشق حسين بدوي) سنڌيڪا اڪيدمي ڪراچي، 2015ع.

2.     ڀٽي، امجد علي ڊاڪٽر، بلھي شاهه، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد 2014ع.

3.     خان، امير علي، استاد، سُر شاهه سمنڊ، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، 2007ع.

4.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع.

5.     سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر، نعره حق (رساله ٻڍل فقير)، ٻڍل فقير مئنجمينٽ ڪميٽي، شڪارپور، 2008ع.

6.     راڻيپوري، محمد صادق، حڪيم، سچل جو سرائڪي ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.

7.     انصاري، عثمان علي، رسالو سچل سرمست، سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد 1978ع.

8.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو (36 سُر) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1915ع.

9.     جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، زنبيل، سنڌي ادبي بورڊ 2010ع.

10. بخاري تنوير، هير وارث شاهه، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد، 2013ع.

11.  سچل سرمست، ديوان آشڪار، محڪمه اوقاف کاتو حڪومت سنڌ  حيدرآباد، 1981ع.

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

 

قطاري عدد ’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ جي ترجيحي

صورت جو اڀياس

 

·       مسئلي جو بيان (statement of  the problem)

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن مان ’ٻيو‘ لفظ ملي ٿو، جڏهن ته ’ٻيون‘ لفظ نه ٿو ملي. اهڙي ڪارِ، سنڌي لغتن ۾ به ڪيل آهي. ان باوجود، ’ٻيون‘ لفظ ڪن ڪتابن ۾ ملي به ٿو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ’ٻيو‘ کي معياري ڀانئي، ’ٻيون‘ کي رد ڪيو ويو آهي. يعني ’ٻيو‘ کي ترجيحي بنياد تي معياري ڄاتو وڃي ٿو.

دراصل، اهڙي معاملي ۾ ’ترجيحي صورت‘ وارو اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن ڪنھن لفظ جي صورتخطي، ٻن يا وڌيڪ اهڙين صورتن ۾ سامھون اچي، جن مان ڪنھن هڪ کي ترجيح ڏيڻ لاءِ اڀياس ڪرڻو پوي. ائين کڻي چئجي ته ڪنھن لفظ جون اهڙيون مستعمل صورتون، جيڪي سڀ جو سڀ ڪنھن نه ڪنھن جواز تحت درست هجن. اهڙي حالت ۾ ڪا ڪاميٽي به تشڪيل ڏئي وٺبي آهي ته جيئن لفظ جي راجح صورت اختيار ڪري سگهجي.

جنھن صورت ۾ لفظ ئي الڳ الڳ معنيٰ يا مراد سان هجن ته پوءِ اتي اهو اصطلاح ڪم آڻي نه سگهبو، جيئن: ’محل‘ ۽ ’مھل‘ ۾ آواز به ساڳيا اچارجن ٿا. ان صورت ۾ 1913ع ۾ جوڙيل ڪاميٽيءَ اهو رايو ڏنو هو ته ’مھل‘ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اهو ساڳيو لفظ مختلف مذاڪرن ۾ آيو، خاص طور 2008ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ بحث هيٺ آيو، جنھن ۾ اهي معنوي فرق تي الڳ الڳ لفظ ڪوٺيا ويا.

ائين ئي ’ڪثر‘ ۽ ’ڪسر‘ لفظن جا آواز ته ساڳيا آهن، پر معنائون  مختلف ته ان صورت ۾ ڪنھن هڪ صورت کي سنڌي صورتخطيءَ موجب ترجيح ڏيڻ مناسب ئي ناهي. يعني ان موقعي تي ’ترجيحي صورت‘ جو اصطلاح ئي ڪم نه آڻبو؛ بلڪ ان موقعي تي اهڙو اصطلاح ڪم آڻڻ ئي اڻڄاڻائي آهي. ياد رهي ته اهو اصطلاح ئي تڏهن ڪم آڻبو، جڏهن هڪ لفظ جون ٻه يا ٽي صورتون هجن، پر معنيٰ ۾ فرق نه هجي ته پوءِ چئبو ته اهڙين صورتن مان ڪا هڪ صورت متعين ڪئي وڃي، جيئن: وونئڻ يا ونئڻ مان ’ونئڻ‘ کي ترجيحي طور بھتر ڄاتو ويو. (جوکيو، 2017: 35)

هتي ’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ جي صورت ۾ ته فرق آهي، پر جي معنوي فرق سامھون اچي ٿو ته پوءِ اهو چوڻ به مناسب نه ٿيندو ته انھن مان ڪا هڪ صورت معتين ڪجي! پھرين ڳالھه ته ان قطاري عدد سان لاڳاپيل ٻين لفظن کي به ڏسجي ته جيئن معاملو واضح ٿي بيھي.

پروفيسر ڀيرومل آڏواڻيءَ به پنھنجي هڪ مضمون ’سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ‘ ۾  اهڙي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”عددن ۾ چئون پھريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون وغيره؛ ڪي ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ به چون. رواج موجب ٻئي صحيح آهن، پر لفظ کي هڪڙي بيھڪ ڏيارڻ لاءِ مان جيڪر چوان ته درسي ڪتابن ۾، توڙي بورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ ’ٻيون‘ لکجي. پھريون، ٽيون، چوٿون وغيره جي پڇاڙيءَ ۾ ’ن‘ آهن، ته هن حالت ۾ به ’ن‘ وجهجي، ته سڀني عددن جي پڇاڙيءَ وارو اچار هڪ ساريڪو ٿئي؛ ائين ڪبو ته ٻنھي لفظن جي معنيٰ کي به پوري بيھڪ ملندي، يعني ٻيو معنيٰ ساڳيو نه، علحدو، نرالو (Other, another)، ۽ ٻيون معنيٰ پھريون نه، Second، انھيءَ سبب هن حالت ۾ ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ چوڻ ۽ لکڻ چڱو ٿيندو.“  (ڀيرومل، 2007: 82- 101) پروفيسر ڀيرومل جي ڳالھه ڪرڻ ۾ وچٿرائي آهي، ان لاءِ ’ٻيون‘ کي چڱو چئي ٿو. دراصل جنھن صورت ’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ ۾ فرق به ٻڌائي ٿو، تنھن صورت ۾  اهو چوڻ به مناسب ناهي ته هِن صورت بدران هُن صورت کي چڱو چئجي! اها ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته ان معاملي  ۾ ’ترجيحي صورت‘ وارو معاملو نه ٿو ٺھي. اهڙي معاملي کي جاچڻ لاءِ اڀياس ڪرڻ لازمي آهي.

·       اڀياس جا سوال (questions of study)

هن پيپر جو احاطو سوالن تي رکڻ جو مقصد، ان جي حدبندي آهي ته جيئن هِتان هُتان جون ڳالھيون شامل نه ٿي سگهن ۽ پيپر جو بحث ٻين نڪتن ڏانھن طول نه پڪڙي.

s شماري ۽ قطاري عددن ۾ ڪھڙو فرق ٿيندو آهي؟

s ڇا شماري ۽ قطاري عددن کان سواءِ ڪي ٻيا نمونا به ٿين ٿا؟

s ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀني قطاري عددن جي پڇاڙي ’اون‘، ساڳي رهندي آهي؟

s ڇا اهي قطاري عدد واحد- جمع ۽ مؤنث- مذڪر سبب نحوي صورت مٽائين ٿا؟

·       اڀياس جو عمل   (process of study)

سڀني ٻولين ۾ انگن جو هڪ نظام هوندو آهي، جنھن تحت ڳڻپ ۽ حساب ڪتاب جو سلسلو هلندو آهي. ٻين ٻولين، خاص طور انگريزي ٻوليءَ تي اهڙو ٿيل ڪم به ملندو ۽ ان لاءِ مختلف اصطلاح به ملن ٿا. انھن اصطلاحن ۾ شماري عدد (Cardinal Numbers) ۽ قطاري عدد (Ordinal Numbers) عام مروج آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪم جي کوٽ آهي. ان هنڌ ائين ڪونه چئبو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا تصور ناهن، پر اهڙي ڪم ۾ رڪاوٽون ضرور آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳڻپ جا جيڪي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن، سي هن ريت آهن:

1.      شماري عدد: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھه وغيره ۽ وري انھن جا غير ترتيبوار.

2.     قطاري عدد: ان قسم جي انگن کي ٻن حصن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي:

·       قطاري عدد: پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره ۽ انھن جا غير ترتيبوار.

·       شماري- قطاري عدد: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره ۽ انھن جا غير ترتيبوار.

(جوکيو، 2019: 159- 176)

·       شماري عدد

شمار لفظ ’ڳڻپ‘ جي معنيٰ ۾ فارسي مصدر ’شماردن‘ مان ورتل آهي. ’شماري عدد‘ مان مراد اهڙا ترتيبوار يا غير ترتيبوار انگ، جيڪي بنيادي ڳڻپ ۾ آندا ويا هجن، جيئن: هِڪُ، ٻه، ٽي، چارِ، پَنجَ، ڇھَه، سَتَ، اَٺَ، نوَ، ڏهَه، يارَهَن، ٻارَهَن، تيرَهَن، چوڏَهَن، پندرهن، سورهن، سترهن، ارڙهن، اوڻويھه، ويھه... پنجاهُه، سَو، هزارُ، لَکُ، ڪروڙُ وغيره. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا مثال ملن ٿا، جن مان سنڌي ڳڻپ جاچي سگهجي ٿي:

”خلد اَٺ، ست آسمان ۽ ڇھه طرف ٿيا، پنج حواس

چار عنصر، ٽي مواليد ۽ ٻه جڳ، هڪڙو خدا.

.....

هڪ غم، ٻه غم هجن، کڻي ٽي غم يا چار غم،

ويچاري دل ڪري ڪيئن، هت ٿيا هزار غم.“

(قليچ، 2016: 109)

مٿين شعرن ۾ قطاري عدد هڪ/ هڪڙو، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھه، ست، اٺ وغيره شامل ڪيا ويا آهن.

·       قطاري عدد

عُقابِيلَ اَکيُن ۾، توکي تِکا تِيرَ،

ساجَنَ اِنَھيءَ سِيڱ سين، ڦَٽيَئِي گهڻا فَقِيرَ،

ٻئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھريون ئِي پُورو ٿِئو.

)سُر يمن ڪلياڻ جو بيت نمبر 5(

شاهه لطيف ٻه لفظ’پھريون‘ ۽ ’ٻئو‘، هڪ ئي بيت ۾ ڪم آندا آهن. ’ٽيون‘ لفظ ڪم آندل ناهي. اهڙي صورت ۾ ’ٻيون‘ يا ’ٻيو‘ لفظ مان ڪھڙي به صورت ڪم آڻڻ ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ’ٽيون‘ لفظ ڪم آندل ناهي. جيڪڏهن ڪم آندل هجي ها ته ان صورت ۾ ’ٻئو/ ٻيو‘ ڪم آڻڻ مناسب نه رهي ها.  دراصل، شاهه صاحب جي پوري شاعريءَ ۾ ’ٽيون‘ لفظ ملي ئي نه ٿو.

هتي اهو نڪتو نروار ٿئي ٿو ته ’جيڪڏهن قطاري عددن جو تعداد ٻه هجي، تڏهن ’ٻيو يا ٻيون‘ ڪوبه ڪم آڻي سگهجي ٿو، البت، جڏهن ’ٽيون‘ يا اڳتي وارا لفظ ڪم آڻجن، ان حالت ۾ ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ ڪم آڻڻ گهرجي.

·       شماري- قطاري عدد

هڪ بَلائون، ٻيو بُکون، ٽيون بار، چوٿون بَر وڏا،

هاءِ، حيوانن حوالي، ٿيا هزارن جا هڏا،

ڪيئن جبل جهاڳي سگهن، جاني، اسان جھڙا جڏا،

لُڪ لِڱن لوساٽيو، لَڪ ۾ وِڌم لاهي لَڏا،

پيَم رڻ ۾ رات رهبرَ، يا رسول الله رَسيج.

(مولوي احمد، 2017: 148)

مولوي صاحب جي ڄاڻايل مثال ۾ ’هڪ‘، ’ٻيو‘، ’ٽيون‘ ۽ ’چوٿون‘ وارا عدد، شماري نه پر، شماري ۽ قطاري عددن جو امتزاج آهن. شماريءَ ۾ ’هڪ، ٻه، ٽي...‘ ۽ قطاريءَ ۾ ’پھريون، ٻيون، ٽيون...‘ وارو نمونو هجڻ گهرجي، پر ڄاڻايل مثال ۾ ’هڪ، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون‘، ’شماري-قطاري عدد‘ سڏبا.

استاد بخاريءَ جي هيٺئين شعر ۾ به ٻوليءَ ۾ مستعمل اهڙن شماري- قطاري عددي سرشتي جو انداز ڏسي سگهجي ٿو:

هڪ ته سمجهيو نه مون، ٻيو ٻڌايو نه تو،

دل پڪي وئــين ڪري، ديـر سان پيو پتو.

)بخاري، 1998: 88)

مولوي احمد ملاح جا اهڙا ڪافي شعر ملن ٿا، جن ۾ اهڙي ڳڻپ ملي ٿي:

هِڪ بَلائون، ٻيو بُکُون، ٽِيون بار، چوٿون بَر وَڏا،

هاءِ، حَيوانن حَوالي، ٿيا هَزارن جا هَڏا.

(مولوي احمد، 2017: 148)

مولوي ملاح مٿئين شعر ۾ ’هڪ، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون‘ لفظ قطاري نسبت، ڪم آندا آهن؛ پر انھن لفظن ۾ ’پھريون‘ وارو لفظ ڪونھي، بلڪ ’هڪ‘ سان شروع ٿئي ٿو، ان نسبت ان کي چِند قطاري نه، بلڪ ’شماري- قطاري‘ سڏبو.

اسم مون الحمد لله، لفظ پھريون لام ري،

ڇو ڀَريان ٻئي کي ڇھه آني، چئو ته ڪانيءَ مان ڪڍن.

(مولوي احمد، 2017: 673)

مٿئين شعر ۾ ’پھريون ۽ ٻئي‘ ۾ ’پھريون ته بيشڪ قطاري عدد آهي، پر ’ٻئي‘ مان مراد ’ڌاريو‘، ’ان کان سواءِ‘، ’ان کان هٽي ڪري‘  يا ’ان کان الڳ‘ ٿئي ٿي. يعني اتي ’ٻئي‘ جو لفظ عدد لاءِ ڪم نه آيو آهي. لفظ ’ٻئي‘، ’ٻيو‘ جي ’گرداني صورت‘ (Inflected) ۾ ڪم آندل آهي.

مٿين چند مثالن مان واضح ٿئي ٿو ته لفظ ’ٻيو‘ ٻنھي معنائن يا مرادن سان ڪم آندو ويو آهي. هڪ ترتيبوار: ’هڪ، ٻيو، ٽيون، چوٿون‘ ۽ ٻيو: ’ڌاريو‘ يا ’ان کان سواءِ‘. ان لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته ان موقعي تي ’ٽيون‘ يا ’چوٿون‘ واري ترتيب مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي لفظ ’قطاري‘ عددن جا آهن. جڏهن ته هتي ’هڪ‘ سان ’ٻيو/ ٻئو‘، ’ٽيو/ ٽئو‘، ’چوٿو‘ وغيره ڪم آڻڻ گهرجي.

·       قطاري عددن جي انگن ۽ اکرن ۾ لکت

سنڌي نثري ٻوليءَ ۾ قطاري عددن کي انگن ۽ اکرن جي امتزاج سان به لکيو ويندو آهي، جيئن: 10هون (ڏهون)، 19هون (اوڻويھون)، 20هون (ويھون). ان هنڌ بنيادي ڳڻپ جون صورتون به متعين ڪرڻ جي گهرج آهي، جيئن: 1يون (پھريون)، 2يون (ٻيون)، 3يون (ٽيون)، 4اون (چوٿون)، 5اون (پنجون)، 6اون (ڇھون)، 10اون (ڏهون)، 11اون (يارهون)، 12اون (ٻارهون)، 21هون (ايڪيھون)، 22هون (ٻاويھون)، 31هون (ايڪٽيھون) وغيره.

·       ٻَئي، ٽَئي، چارئي، پَنجئي، ڇَھئي، سَتئي، اَٺئي، نوَئي، ڏَهئي، يارهنئي، ٻارهنئي وغيره.

هڪ محب، ٻيو مَھه منور، ٻَئي مقابل ٿي بيٺا،

چنڊ کان چؤڻو لڳو، تجلو سندس تخمين سان.

(مولوي احمد)

سنڌي ٻوليءَ ۾ عدد جي ڳڻپ جا ٻه نمونا نوٽ ڪيا ويا: شماري عدد (هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھه...) ۽ قطاري عدد (پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون...). قطاري عدد جو ٻيو اهڙو نمونو به سامھون اچي ٿو، جيڪو شماري ۽  قطاريءَ جو ميلاپ آهي، جيئن:  هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو، ڏهو، ٻارهو، چاليھو وغيره.

·       اُُوڻ(one less from) ، اِيڻ  (tuple) ۽ اُتر/ اڻپور(fraction)  وارا انگ

×   اُوڻ (one less from) مان مراد اهڙا انگ، جنھن مان هڪ گهٽ هجي، جيئن: اُڻويھه- اُڻٽيھه- اُڻيتاليھه- اُڻونجاهه- اُڻھٺ- اُڻھتر- اُڻاسي- اُڻانوي. اهي ئي اکرن ۾ شماري انگ آهن، جيڪي سَوَن هَزارن ۾ ڪم ايندا آهن. اهڙن لفظن ۾ ’اُڻ‘ جي اڳياڙي لڳائي ويندي آهي.

×   اِيڻ (tuple) مان مراد اهڙا انگ، جنھن کي بار بار واڌو (ضرب) ڪرڻ جي حالت ۾ ڪم آيا هجن، جيئن: هيڪوڻ- ٻيڻ- ٽيڻ- چئوڻ- پنجوڻ- ڇھُوڻ- ستُوڻ- اٺُوڻ- نائوڻ- ڏهُوڻ- يارهُوڻ- ٻارهُُوڻ- تيرهُوڻ- چوڏهُوڻ- يارهُوڻ- ويھُوڻ- ٽيھُوڻ- سَئُوڻ- هزارُوڻ وغيره.

×   اُتر/ اڻپور (fraction) مان مراد اهڙا انگ، جيڪي اڻپور ۽ سالم انگ سان گڏ ڪم آندا وڃن، جيئن: چوٿو- اڌ- مُنو- سَوا (هڪ)- ڏيڍ- پوڻا (ٻه)- سوا ٻه- اڍائي- ساڍا (ٽي). انھن اتر ۽ اڻپور ۾ ’چوٿو‘، ’اَڌُ‘، ’مُنو‘، ’سَوا‘، ’ڏيڍ‘، ’پوڻا‘، ’اڍائي‘ اهڙا لفظ آهن، جيڪي حساب سان، مفرد يا مرڪب طور ڪم آندا ويندا آهن.

×   انگن سان ’ئي‘ پڇاڙي: لفظ ’سڀئي‘ وانگر، اهڙا شماري انگ، جن جي آخر ۾ ’ئي‘ پڇاڙي لڳائي، مجموعي حالت واضح ڪجي، جيئن: هڪُئِي- ٻَئِي- ٽَئِي- چارَئِي- پنجَئِي- ڇَھَئِي- سَتَئِي- اَٺَئِي- نَوَئِي- ڏَهَئِي وغيره. اهي لفظ اهڙا هوندا آهن، جيڪي تعداد اندر موجود ڳاڻيٽي جي شموليت لاءِ زور ڀريندا آهن. اهڙن لفظن جي ٻي صورت هن ريت به هوندي آهي: ٻنھي، ٽنھي، چارنھي، پنجنھي، ڇھنئي، ستنھي، اٺنھي، نَوَنھي- ڏَھَنَھي وغيره. اهي لفظ صفت طور ته ڪم اچن ٿا، پر زمان جي حوالي سان استعمال ۾ ڪجهه فرق رکڻو پوي ٿو، جيئن:

o     ٻَئِي ڇوڪرا ڪتاب پڙهن ٿا.

o     ٻنھي ڇوڪرن ڪتاب پڙهيو.

مٿيان مثال ان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انھن مان ’ٻيون‘ يا ’ٻيو‘ سان مماثلت رکندڙ لفظ نروار ٿي سگهن. مٿين مثالن مان ’ٻِيڻِ‘، ’ٻَئِي‘ ۽ ’ٻنھي‘ لفظ ملي سگهيا آهن.

·       نون گهُڻي کان سواءِ قطاري ڳڻپ جو تصور

هتي اها ڳالھه به غور طلب آهي ته جتي لفظَ ’پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڇھون، ستون وغيره‘ ڪم آندا ويندا آهن، اتي ’هڪ، ٻيو، ٽيو وغيره‘ به استعمال ۾ آهن. هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ’ڇا نون گهُڻي جي پڇاڙيءَ کان سواءِ به ڳڻپ وارا لفظ ڪم آندا ويندا آهن؟‘

بلڪل ٻوليءَ ۾ ان جو استعمال به ملي ٿو، جيئن: مٿي مولوي احمد يا استاد بخاريءَ جا شعر پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ ’هڪ‘ ۽ ’ٻيو‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن، جيئن:’هڪ بَلائون، ٻيو بُکون، ٽيون بار، چوٿون بَر وڏا‘ (ملاح)، ’هڪ ته سمجهيو نه مون، ٻيو ٻڌايو نه تو‘ (بخاري)

اها ڳڻپ، ٻوليءَ جو انداز رهي آهي. اتي اهو نُڪتو به اهم آهي ته اهڙي قسم جي ڳڻپ جي شروعات ’پھريون‘ بدران ’هڪ‘ سان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻين لفظن جي پڇاڙي نون گهُڻي سان نه ٿيڻ گهرجي، جيئن: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره. اهڙي نون گهُڻي واري پڇاڙيءَ کان سواءِ به استعمال ملي ٿو ۽ اهي ٻوليءَ جي لغت جو جز پڻ آهن. ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شماري ڀاڱن ۾ ’جلد پھريون‘، ’جلد ٻئو‘ ۽ ’جلد ٽئو‘ ڪم آندو آهي، جيڪو ڪنھن حد تي ٺيڪ پيو لڳي. ان ۾ هڪ شماري- قطاري عدد ’پھريون، ٻئو ۽ ٽئو‘ ڀاڱن کي واضح ڪن ٿا. (بلوچ، 2004- 2007) ٿيڻ ته اهو کپندو هو ته ’پھريون‘ بدران ’هڪ‘ ڪم آندل هجي ها، پر شروعاتي ڀاڱي تي ’پھريون‘ لکڻ پوءِ به مناسب آهي. اهڙي ترتيب ۾ ’ٽيون‘ بدران ’ٽئو‘ لفظ واضح ڪري ٿو ته اهي ڳڻپ وارا لفظ قطاري ناهن، بلڪ شماري- قطاري آهن. پتين/ حصن ۾ ڪم ايندڙ شماري- قطاري عددن جو اندازو هيٺئين فقري مان ڪري سگهجي ٿو:

’اسان جي تعليم جي بگڙجڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، جن جي اسبابن ۾ هيٺيان ڪردار اهم آهن، هڪ: استاد، ٻيو: شاگرد، ٽيو: والدين، چوٿو: معاشرو، پنجو: رياست.‘

’چوٿو، پنجو، اٺو، ڏهو، ٻارهو، چاليھو وغيره اهڙا لفظ آهن، جيڪي عام استعمال ۾ آهن ۽ لغتن جي زينت پڻ بڻيل آهن، جن مان ڳڻپ جي نمونن جو اندازو ٿئي ٿو.

 مٿيان لفظ ۽ تصور سامھون رکي، ’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ لفظن جون واحد- جمع، مؤنث- مذڪر ۽ نحوي صورتون رکجن ٿيون:

·       ’ٻيون‘ قطاري عدد جو وچور

واحد مذڪر

واحد مؤنث

جمع مذڪر

جمع مؤنث

 

ٻيونْ ڪتابُ

ٻِينْ ڪتابڙِي

ٻيانْ ڪتابَ

ٻيُونْ ڪتابڙيون

 

نحوي صورت ۾

واحد مذڪر

واحد مؤنث

جمع مذڪر

جمع مؤنث

 

ٻئينْ ڪتاب ۾

ٻِينْ ڪتابڙيءَ ۾

ٻِئيَن ڪتابن ۾

 ٻئيُن ڪتابڙين ۾

 

ٻئينْ ۾

ٻِينْءَ ۾

ٻِئيَن ۾

ٻِئيُن ۾

 

 اهي قطاري اٺ لفظ اهڙا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي سڀ جو سڀ استعمال ۾ نه ٿا اچن، ان لاءِ اهڙن لفظن ڏانھن ڌيان به گهٽ ٿو وڃي. هيءُ لفظ ان ڪارڻ به مونجهارو ڪري ٿو، جو هن سان گڏ ’ٻيو‘ به هلي ٿو. لفظ ’ٻيو‘ جي بيھڪ رکجي ٿي:

·       ’ٻيو‘ ڄاڻايل قطاري عدد جو وچور

واحد مذڪر

واحد مؤنث

جمع مذڪر

جمع مؤنث

ٻيو ڪتابُ

ٻِي ڪتابڙِي

ٻيا ڪتابَ

 ٻئيُونْ ڪتابڙيون

نحوي صورت ۾

واحد مذڪر

واحد مؤنث

جمع مذڪر

جمع مؤنث

ٻئي ڪتاب ۾

ٻي ڪتابڙيءَ ۾

ٻيَن ڪتابن ۾

 ٻيُن ڪتابڙين ۾

ٻئي ۾

ٻيءَ ۾

ٻيَن ۾

ٻيُن ۾

·       قطاري ۽ ڄاڻايل قطاري عددن جون صورتون

لفظن جي وچور کي، تقابل نسبت، هڪ جدول ۾ رکجي ٿو:

واحد مذڪر

واحد مؤنث

جمع مذڪر

جمع مؤنث

 ٻيونْ

ٻِينْ

ٻيانْ

ٻيُونْ

ٻِئينْ ۾

ٻِينْءَ ۾

ٻِئيَن ۾

 ٻِئيُن ۾

ٻيو

ٻِي

ٻيا

ٻئيُونْ

ٻِئي ۾

ٻِيءَ ۾

ٻيَن ۾

ٻيُن ۾

·       لفظن جو صوتي ڇيد

·       لفظن جو پد (syllable) ۾ ڇيد ۽ هِجي

لفظ

پدن ۾ ڇيد

لفظ جي هِجي

ٻيونْ

ٻيون (هڪ پد)

ٻ، ي، و، ن = ٻيونْ

ٻِينْ

ٻِينْ (هڪ پد)

ٻ، ي، ن زير  = ٻِينْ

ٻيانْ

ٻيانْ (هڪ پد)

ٻ، ي، الف، ن = ٻيانْ

ٻيُونْ

ٻيُونْ (هڪ پد)

ٻ، ي، و، ن پيش = ٻيُونْ

ٻِئينْ

ٻِ + ئينْ (ٻه پد)

ٻ زير ٻِ، همزو ي ن ئينْ= ٻِئينْ

ٻِينْءَ

ٻِين + ءَ (ٻه پد)

ٻِ ي ن زير ٻِين + همزو زبر ءَ = ٻِينءَ

ٻِئيَن

ٻِئـ، يَن (ٻه پد)

ٻ همزو زير ٻِئـ + ي ن زبر يَن= ٻِئيَن

ٻِئيُن

ٻِئـ، يُن (ٻه پد)

ٻ همزو زير ٻِئـ + ي ن پيش يُن= ٻِئيُن

ٻيو

ٻيو

ٻ ي و = ٻيو

ٻِي

ٻِي (هڪ پد)

ٻ ي زير = ٻِي

ٻيا

ٻيا (هڪ پد)

 ٻ ي الف = ٻيا

ٻِئيُونْ

ٻئـ + يُونْ

ٻ همزو زير ٻئـ + ي و ن پيش يُُون = ٻِئيُونْ

ٻِيءَ

ٻِي + ءَ (ٻه پد)

ٻ ي زير ٻِي + همزو زبر ءَ = ٻِيءَ

ٻيَن

ٻيَن (هڪ پد)

 ٻ ي ن زبر = ٻيَن

ٻيُن

ٻيُن (هڪ پد)

 ٻ ي ن پيش = ٻيُن

مٿين لفظن جو، آوازن جي نسبت، هيٺين ريت ڇيد ڪري سگهجي ٿو:

·       لفظن جو آواز (sound)۾ ڇيد ۽ وچور

لفظ

آواز ۾ ڇيد

آوازن جو وچور

ٻيونْ

 ٻ+ي+ اونْ

ٽي آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ي) ۽ هڪ وچٿرو گهُڻو سُر (اونْ)

ٻِينْ

ٻ + اِينْ

ٻه آواز: هڪ وينجن (ٻ) ۽ هڪ ڊگهو گهُڻو سُر (اِينْ)

ٻيانْ

ٻ + ي + آنْ

 ٽي آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ي) هڪ ڊگهو گهُڻو سُر (آنْ)

ٻيُونْ

ٻ + ي + اُونْ

ٽي آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ي) هڪ ڊگهو گهُڻو سُر (اُونْ)

ٻِئينْ

ٻ + اِ، ء + اينْ

چار آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ء)، ٻه سُر، ڇوٽو ۽ وچٿرو گهُڻو سُر (اِ ۽ اينْ)

ٻِينْءَ

ٻ + اِينْ + ء + اَ

چار آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ء)، ٻه سُر (اِينْ ۽ اَ)

ٻِئيَن

ٻ + ء + اِ، ي + اُ+ ن

ڇھه آواز:  چار وينجن (ٻ، ء، ي ۽ ن)، ٻه سُر (اِ ۽ اَ)

ٻِئيُن

ٻ + ء + اِ، ي + اُ + ن

ڇھه آواز:  چار وينجن (ٻ، ء، ي ۽ ن)، ٻه سُر (اِ ۽ اُ)

ٻيو

ٻ + ي + او

ٽي آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ي)، هڪ وچٿرو سُر (او)

ٻِي

ٻ + اِي

ٻه آواز: هڪ وينجن (ٻ)، هڪ ڊگهو سُر (اِي)

ٻيا

ٻ + ي + آ

ٽي آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ي)، هڪ ڊگهو سُر (آ)

ٻِئيُونْ

ٻ + ء + اِ، ي + اُونْ

پنج آواز: ٽي وينجن (ٻ، ء ۽ ي)، ٻه سُر (اِ ۽ اُونْ)

ٻِئي

ٻ + اِ، ء + اي

چار آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ء)، ٻه سُر (اِ ۽ اي)

ٻِيءَ

ٻ + اِي، ء + اَ

چار آواز: ٻه وينجن (ٻ ۽ ء)، ٻه سُر (اِي ۽ اَ)

ٻيَن

’ٻ + ي + ن + اَ‘

چار آواز: ٽي وينجن (ٻ، ي ۽ ن)، هڪ سُر (اَ)

ٻيُن

’ٻ + ي + ن + اُ‘

چار آواز: ٽي وينجن (ٻ، ي ۽ ن)، هڪ سُر (اُ)

·       لفظ جو، جملي ۾ استعمال

لفظ

                                جملو

ٻيونْ

هن قطار ۾ هيءُ ٻيون نمبر ڇوڪرو آهي.

ٻِينْ

بينچ تي ويٺلن ۾ هيءَ ٻِين ڇوڪري آهي.

ٻيانْ

لائبريريءَ جي هر خاني مان ٻيان ڪتابَ ڪڍي اچ!

ٻيُونْ

هر ڍِڳڙيءَ مان ٻيُُون نمبر ڪتابڙيون کڻجان.

ٻِئينْ

ٻئين ڪتاب مان لفظ ’درياهه‘ ڳولھي ڏيکار.

ٻِينْءَ

صف ۾ بيٺل ڇوڪرين مان ٻِينءَ کي انعام ڏيو.

ٻِئيَن

ڪٻٽ جي هر خاني جي ٻِئيَن ڪتابن ۾ ڪھڙو ڪھڙو موضوع آهي؟

ٻِئيُن

مختلف سنبير سان لڳل ٻِيئُن سِرُن کي مٽائي، ٻئي رنگ جون سُرون لڳائڻ گهرجن.

ٻيو

هيءُ نه پر، ڪو ٻيو ڪتاب کڻي اچ!

ٻِي

جنھن کي انعام ڏيڻو هئو، تنھن کي نه مليو، بلڪ ٻِي ڇوڪريءَ کي مليو.

ٻيا

هن ڪم لاءِ ٻه ماڻھو ڪافي ناهن، ٻيا ٻه به وٺي اچ.

ٻِئيُونْ

ٻِِئيُُون ڪرسيون به کڻي اچ، اڃا مھمان اچڻا آهن.

ٻِئي

ڪنھن ٻِِئي ڪاريگر کي ڏس، هن همراهه کان اهو ڪم نه ٿيندو.

ٻِِيءَ

هن ڪرسيءَ تي نه، ڪنھن ٻِيءَ تي ويھه.

ٻيَن

ٻيَن ڪتابن ۾ جاچي ڏس، ممڪن آهي ته گهربل مواد ملي وڃي!

ٻيُن

هي سُڪل نارنگيون آهن، ٻيُن تازين مان رس ڪڍ.

تبصرو: ’ٻيون ۽ ٻيو‘ جون صورتون جاچيون ويون ۽ جملن ۾ استعمال به ڏٺو ته بيشڪ، اهي سڀ صورتون ڪم آڻي سگهجن ٿيون. ان مان پڪ ٿئي ٿي ته اهي ٻئي الڳ الڳ لفظ آهن. مٿين صورتن کي ڏسندي هڪڙا ننڍڙا سوال اڀرن ٿا:

s ڇا اهي ٻئي لفظ، الڳ الڳ معنادار آهن؟

s ڇا اهي ٻئي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا؟

s ڇا اسان جي درسي ڪتابن ۾ اهي ٻئي لفظ ڪم آندا وڃن ٿا؟

s ڇا انھن ٻنھي لفظن مان ڪنھن هڪ کي رد ڪري  سگهجي ٿو؟

اڀياس آهر، اها ڳالھه سامھون آئي آهي ته اهي ٻئي لفظ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ معنادار لفظ آهن. درسي ڪتابن ۾ ڪٿي به انھن لفظن جو الڳ سان استعمال ڪونه ٿو ملي. درسي ڪتابن ۾ ’ٻيو‘ لفظ ته ملي ٿو، پر ’ٻيون‘ لفظ ڳولھيو به نه ٿو ملي. ايتريقدر جو، اهو لفظ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ به نه ٿو ملي.  ان مان ائين ٿو لڳي ته لفظ ’ٻيون‘ کي سنڌي ٻوليءَ مان نيڪالي مليل آهي. يعني موجوده حالت ۾ ’ٻيو‘ لفظ کي معياري ڄاڻي، ’ٻيون‘ لفظ کي استعمال نه ڪيو ويو آهي. معياري لھجي کان هٽي ڪري، ڪنھن لھجي جي اچار واري بنياد تي هڪ لفظ کي معياري سمجهي، ٻئي لفظ کي رد ڪرڻ، ٻوليءَ جي حق ۾ ناهي.

هتي جيڪڏهن ’ٻيو‘ لفظ کي رد ڪجي، ته به اها زيادتي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’ٻيو‘ ۽ ’ٻيون‘ ٻه الڳ الڳ معنادار لفظ آهن.  ان لاءِ سمجهداري اها آهي ته ٻنھي لفظن کي ٻوليءَ جا لفظ سمجهڻ کپن ۽ ان جي الڳ الڳ صورتن کي تسليم ڪيو وڃي.

ٻوليءَ جي اصولن آهر، ڪنھن به، لفظ ’ٻيون‘ جو رد پيش نه ڪيو آهي. اهو ايترو چوڻ ڪافي ناهي ته اها فلاڻي جي راءِ آهي، ان بابت فلاڻو فرمائي ويو وغيره. ان موقعي تي لغت جو حوالو به ڪو دليل نه هوندو آهي. اهڙي قسم جا دليل يا جواز بي معنيٰ آهن. جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي معاملن کي، ڪنھن وڏي عالم يا اديب واري راءِ جي ڀيٽ ۾، مقدم نه رکيو ويو، تيستائين ٻوليءَ جي خدمت جي دعوى بيسود ٿي وڃي ٿي.

جنھن صورت ۾، ٻوليءَ جي معاملن نسبت، درست رخ نه ٿو ورتو وڃي، يا جنھن صورت ۾ هوڏ ۽ بئنش کان ڪم ورتو ٿو وڃي، تنھن صورت ۾ ڪافي معاملا سامھون اچن ٿا ۽ ايندا رهندا. هيءُ معاملو به اهڙو ئي آهي، جو هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪري، هڪ لفظ کي درسي ڪتابن يا لغتن مان ئي خارج ڪري ڇڏجي! هتي جامع سنڌي لغات جو حوالو ڏجي ٿو:

·       ٻِيو جمع ٻِيا. ذ. صفت. شمار ۾ ’پھرئين‘ کان پوءِ وارو عدد. ثاني. ڌاريو، اوپرو، اجنبي، پرائو، غير. پرديسي. ساڳيو نه، ويڳو، بدليل. نئون، نرالو، نيارو. (بلوچ، 2007: 430)

·       ٻِي جمع ٻِيُون. ث. صفت. ’ٻيو‘ جو مؤنث. نرالي، جدا، ڌاري، پرائي، ويڳي. (بلوچ، 2007: 424)

·       ٻئي. ظرف. ’ٻيو‘ جي جري يا اضافي صورت، ’ٻئي کي ڏي، ٻئي جي ڳالھه وغيره‘. (بلوچ، 2007: 424)

لغت ۾ به جيڪي معنائون ملن ٿيون، تن ۾ به اڪثريت ’ڌاريي‘ جي معنائن واري آهي. ان کان سواءِ، ان لفظ جون مختلف صورتون به لغت ۾ نه ملنديون. درحقيقت، لغت جو ڪم، مختلف لھجن نسبت، عام استعمال کي بيان ڪرڻ هوندو آهي. لغت اهو طئي نه ڪندي آهي ته اهو لفظ هيئن يا هونئن ڪم آڻڻو آهي! ان لاءِ لغت واري استعمال کي دليل طور کڻڻ به مناسب نه هوندو آهي.

هڪ لفظ کي درسي ڪتابن يا لغتن مان ڪڍي به ڇڏيو، ان باوجود اهڙا لفظ ڪٿي نه ڪٿي ڪرُ کڻي بيھندا آهن. سامھون، 2008ع ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ڇپجندڙ هڪ درسي ڪتاب پيو آهي، جنھن جي عنوان ۾ هيئن لکيو پيو آهي: ’سنڌي دَرسي ڪِتاب- ٻئين ڪلاس لاءِ‘

 ڏٺو وڃي ته ’ٻئين‘ لفظ جي صورتخطي، ’ٻيون‘ جي نحوي صورت آهي. جڏهن ته ان ئي ڪتاب جي اندر ’سبق ٻيو‘ قطاري عدد نه بلڪ، ’ڌاريو‘ جي معنيٰ ۾ ڏنل آهي. يعني ايڊيٽرن اڳيان اهو واضح ئي نه رهيو ته لفظ’ٻئين‘ لکڻو آهي يا ’ٻئي‘! (سنڌي درسي ڪتاب- ٻئين ڪلاس لاءِ. 2008ع)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ پنھنجي ڪتاب ’ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ‘ ۾ ديوناگري لپيءَ سان ٻئين ڪتاب جو عڪس ڏنو آهي، تنھن جي هيٺان عربي- سنڌي رسم الخط پٽاندر ’درسي ٻيون ڪتاب‘ جي صورتخطي ڏني آهي؛ جڏهن ته ديوناگري ڪتاب جي عڪس تي ’ٻيو ڪتاب- سنڌي‘  لکيل آهي. يعني ڊاڪٽر جيٽلي، قطاري عددن ۾ ٻيَن لفظن جيان، لفظ ’ٻيو‘ ۾ نون گهُڻي جي اضافي کي ترجيح ڏئي ٿو. (جيٽلي، 1999: 175)

ويجهر ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 2024ع ۾ ’ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس‘ ڪوٺائي. جنھن ۾ ’ٻين‘ لفظ ڪم آندو. يعني بااختيار اداري ان لفظ جي صورت کي ’ٻين‘ تسليم ڪيو. ياد رهي ته لفظ ’ٻين‘، ’ٻيون‘ جي مؤنث صورت آهي.

هتي غور طلب ڳالھه اها آهي ته جڏهن سڀني قطاري عددن ۾ ’اون‘ سُر جي پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: ’پھريون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره‘ ته ڪيئن ممڪن آهي يا ڪھڙي بنياد تي هڪ لفظ ’ٻيو‘ ۾ ’اون‘ پڇاڙيءَ بجاءِ ’او‘ پڇاڙي لڳي؟ دراصل، ان جو ڪو معقول جواب ڪونھي. قطاري عدد، ترتيبوار  ’پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڇھون، ستون وغيره‘ هئڻ گهرجن. دراصل، اهي اهڙا معاملا ٿين ٿا، جن کي گهُٽي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ هر ٻولي ڳالھائيندڙ ۽ لکندڙ توڻي پڙهندڙ کي وچٿرو ٿي، دليلن ۽ جوازن کي ڏسڻ جي گهرج آهي.

·       نتيجو

’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ جي ترجيحي صورت جاچڻ لاءِ شماري ۽ قطاري انگن جو اڀياس ڪيو ويو، جنھن مان هيٺيان اهم نڪتا نروار ٿيا:

·       ’ترجيحي صورت‘ جو اصطلاح ان صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي، جڏهن ڪنھن لفظ جون ٻه صورتون سامھون هجن؛ پر جڏهن لفظ مختلف معنائن سان ٻوليءَ ۾ ڪم ايندا هجن، ان حالت ۾ ترجيحي صورت جو اصطلاح ڪم نه آڻجي ته بھتر ٿيندو.

·       ڀيرومل آڏواڻيءَ جي راءِ آهي ته پھريون، ٽيون، چوٿون وغيره ۾ ’ن‘ جي پڇاڙي آهي ته ’ٻيو‘ ۾ به لڳائجي. ان سان سڀني عددن جي پڇاڙيءَ وارو اچار هڪ ساريڪو رهندو. ان سان لفظن جي معنيٰ کي پوري بيھڪ ملندي، يعني ٻيو معنى ساڳيو نه، علحدو، نرالو (Other, another)، ۽ ٻيون معنيٰ پھريون نه، Second، انھيءَ سبب هن حالت ۾ ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ چوڻ ۽ لکڻ چڱو ٿيندو.

·       سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳڻپ جا ٽي نمونا سامھون اچن ٿا:

1. شماري عدد: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھه وغيره.

2. قطاري عدد: پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره.

3. شماري- قطاري عدد: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره.

·       اڀياس مان واضح رهيو ته ’ٻيون‘ ۽ ’ٻيو‘ ٻه الڳ الڳ لفظ آهن، جن جون مختلف صورتون هيٺين ريت بيٺيون:

o      ٻيونْ- ٻِينْ- ٻيانْ- ٻيُونْ- ٻِئينْ ۾- ٻِينْءَ ۾- ٻِئيَن ۾- ٻِئيُن ۾

o     ٻيو- ٻِي- ٻيا- ٻئيُونْ- ٻِئي ۾- ٻِيءَ ۾- ٻيَن ۾- ٻيُن ۾

·       ’ٻيون‘ عدد ۾ شامل ٿئي ٿو، جڏهن ته ’ٻيو‘ (ڌاريو) ٻوليءَ جا معنادار لفظ آهن، ان لاءِ انھن کي ٻه الڳ الڳ لفظ سمجهڻ گهرجي. اڀياس آهر راءِ جڙي ٿي ته ٻنھي کي لغت توڻي درسي ڪتابن ۾ درست صورت سان شامل ڪرڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو ’ٻيون‘ لفظ سنڌي ٻوليءَ مان ئي خارج ٿي وڃي.

 

·       حوالا/ ذريعا

×   بخاري، استاد (1998ع) ”لھري لھري ۾ لالاڻ“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

×   بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2007ع) ”جامع سنڌي لغات“، جلد پھريون. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2017) ”عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس“، حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

×   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2019ع) ”مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’صنعت سِياقة الاعداد‘ جو جائزو“، ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ. ج (22)، ش (1)، ص: 159- 176. ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

×   جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999ع) ”سنڌي ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“،  دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.

×   سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (2008ع) ”سنڌي درسي ڪتاب- ٻئين ڪلاس لاءِ“، ڇپائيندڙ: ڪراچي، اردو اڪيڊمي سنڌ.

×   مرزا، قليچ بيگ (2016) ”علم عَروض“، مرزا قليچ بيگ چيئر، ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي.

×   ملاح، احمد، مولوي (2017) ”ڪليات احمد“، سھيڙيندڙ: پروفيسر ضرار رستماڻي. ڀاڱو پھريون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org