|
ادل سومرو
تخليقڪارن جو
فڪري مرڪز
سنڌ جي جديد ثقافتي، ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾
17 مئي 2015ع جو ڏينھن، نھايت اهم ۽ يادگار ڏينھن
طور سدائين ياد رکيو ويندو، جو انھيءَ تاريخ تي،
”خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي“ جو افتتاح ڪري، بنياد
رکيو ويو. انھن ڏينھن ۾ ڪجهه تاثر اهڙو به اُڀريو
ته هي به شايد ڪو عام رواجي فورم آهي، جنھن جون
سرگرميون، ڪجهه وقت هلي پوءِ آهستي آهستي جهڪيون
ٿي وينديون. اڳتي هلي ليکڪن جي هن ڪيفي پنھنجين
ڀرپور ۽ لاڀائتين سرگرمين وسيلي انھيءَ تاثر تي
منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو. امرسنڌوءَ ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح
پھريون ڏيئو ٻاريو ۽ اسٽور نما هڪ اُجاڙ ڪمري ۾
جمالياتي رنگ ڀري، اُن کي علمي، ادبي ۽ فڪري
اُجالن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو، جنھن جي سُھائي
چؤڏسائن ۾ ڦھلجي وئي. لاهور جي پاڪ ٽي هائوس کان،
حيدرآباد جو هي رائيٽرس ڪيفي گهڻو مختلف ۽ پنھنجي
ايجنڊا ۾ وسعت رکندڙ آهي.
خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي گذريل يارهن سالن جي
ڪارڪردگيءَ جو اڄ جڏهن تجزيو ڪجي ٿو ته حيرت گاڏڙ
خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو به غير سرڪاري فورم
آهي، جنھن تي اسان بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا.
اديبن جو هي آستانو اڄ پاڪستان جي عالمن، اديبن،
شاعرن، فنڪارن، راڳين ۽ دانشورن جي ڌيان جو مرڪز
بڻيل آهي.
§
علمي، ادبي ۽ فڪري نشستون
§
ليکڪن ۽ ڏاهن سان ڪچھريون
§
ڪتابن جون مھورتون
§
مختلف موضوعن تي مذاڪرا ۽ ليڪچر
§
ٻارن ۽ عورتن لاءِ اُتساهيندڙ ماحول جي فراهمي
§
راڳين ۽ لوڪ ڪلاڪارن سان رهاڻيون
§
نامور علمي، ادبي شخصيتن جون ورسيون
§
پاڪستان جي مختلف ٻولين جي ليکڪن سان، سندن ٻوليءَ
۽ ادب بابت ڪچھريون
§
نئين ٽھيءَ جي ڪلاڪارن جي همت افزائي ۽ انھن کي
اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ نون آوازن جي آجيان
§
ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب تي فڪري ويھڪون
§
نامور شخصيتن جا جنم ڏينھن ملھائڻ
§
ٻين روشن خيال ۽ فڪري فورمن کي سھولتون ۽ پليٽ
فارم مھيا ڪرڻ؛ جيئن:
§
سنڌي ادبي سنگت عورتن جي شاخ
§
سنڌي ادبي سنگت، حيدرآباد شاخ
§
وومين ايڪشن فورم
§
وومين ڊيمو ڪريٽڪ فرنٽ
§
مختلف موضوعن تي فڪري نشستون
§
پرڏيھي عالمن سان فڪري مڪالمو ۽ سنجيده ڳالھه
ٻولھه کي هٿي وٺرائڻ
§
عالمي ڏينھن ملھائڻ
§
”اياز ميلو“ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي منفرد ۽
نَمايان سُڃاڻپ
اهي مٿي ڄاڻايل پروگرام، هن ڪيفي جي اهميت ۽ ڪارج
جو دليل آهن.
ڪنھن به فورم جي ايجنڊا ۾ ايتري وسعت، انھيءَ کي
هڪ اداري جو روپ ڏياري ٿي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي
ته ”خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي“ اَڄُ هڪ فڪري ۽ اداري
جو روپ اختيار ڪري چُڪو آهي. هڪ ئي وقت تسلسل سان
تخليقي ادب بابت ايتريون لاڀائتيون ويھڪون هن ڪيفي
ئي ڪرايون آهن. خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن ۾
مزاحمت ۽ جاڳرتا جو شعور اُڀاريندي انھن لاءِ
اظھاري وسعتن جا نوان رستا متعارف رايا آهن.
تخليقي ادب جي اتساهه جي اهم مرڪز ۽ مورچي طور
”خانه بدوشن“ نه فقط حيدرآباد پر سڄي سنڌ جي سڃاڻپ
بڻجي چُڪو آهي. ڪنھن به تنظيم يا اداري سان ڀيٽ
نٿي ڪجي پر خانه بدوش جي ايجنڊا منفرد ۽ مختلف
آهي. هن فورم، روايتي تصور کان هٽي ڪري، جيڪو
پيغام سنڌ واسين تائين پھچايو آهي، اهو ڪنھن
ڪارنامي کان گهٽ ناهي.
امرسنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ سندس ساٿين مٿان
ڪجهه آزمائش جا ڏينھن به آيا، جڏهن خانه بدوشن جي
خيمي جون رسيون ڪٽيون ويون. هڪڙو تيز طوفان اُٿيو،
جنھن ”ڪيفي“ جي فانوسَ کي اُجهائڻ ٿي چاهيو. اهڙين
پريشان ڪندڙ حالتن ۾ انھن اڏول عورتن، حوصلو نه
هاريو پر مزاحمت جو علم بلند ڪندي آڏو آيون ۽
”ڪيفي“ جي
”خانه بندوشن“ ڪارا ڪڪر هٽائي. ”فڪري فانوس“ کي
اُجهامڻ نه ڏنو ۽ پنھنجي قافلي کي ساڳئي انداز ۽
وقار سان اڳتي وٺي آيون.
”خانه بدوش“ جو سڀ کان بلند آواز ”اياز ميلو“ آهي.
جيڪو هاڻي ڏيھهَ توڙي پرڏيھه ۾ ڪيفي جي سَڃاڻپ جو
اهم حوالو بڻجي ويو آهي. پنھنجي عظيم شاعر کي ڀيٽا
ڏيڻ جي اهڙي شاندار انداز جو مثال، ادبي تاريخ ۾
نه ٿو ملي هي ميلو، ادب، آرٽ، ڪلچر، موسيقيءَ جي
اوسر سان گڏ فڪري اُجالن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي.
سنڌ جي ٻين ادبي ميلن، اياز ميلي ”مان ئي اُتساهه
ورتو آهي. نوجوانن ۽ عورتن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت به
هن ميلي جي انفراديت آهي. لائيو اسٽريم تي ڏيکارڻ
بعد، سنڌ ۽ پرڏيھهَ ۾ رهندڙ سنڌين کي هن ميلي جو
اوسيئڙو رهندو آهي. ٻارَ ۽ ڪٽنبَ، هتان جي بھتر
ماحولَ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ٿا. پھرين ”اياز
ميلي“ کان يارهين اياز ميلي تائين، شيخ اياز سان
محبت ڪندڙ جي حيثيت ۾، مان انھن سرگرمين جو اکين
ڏٺو شاهد آهيان. پھرين اياز ميلي جي هڪ سيشن ۾
(جيڪو ڪيفي جي هال ۾ ٿيو هو) مون شيخ اياز بابت
پيپر پڙهيو هو. اسٽيج تي ٻين مھمانن سان گڏ،
فھميده رياض ۽ ڊاڪٽر فھميده حسين موجود هيون.
”اياز ميلو“، ڪلچرل ڊائورسٽي
(Cultural Diversity)
ثقافتي رنگن جو هڪ اهم ۽ شاندار مثال آهي. هڪ طرف
اوهان کي اصغر نديم سيد، رفعت عباس، امداد حسيني،
افضال احمد سيد، رانا محبوب، حارث خليق، پناهه
بلوچ، يوسف شاهين، ناصر عباس نير، نور الھديٰ
شاهه، تنويرانجم، مدد علي سنڌي، شاهه محمد مري،
ڊاڪٽر اباسين يوسفزئي، مھتاب اڪبر راشدي، پنھنجا
ويچار ونڊيندي نظر ايندا ته ٻئي طرف ۾ زيب سنڌي،
نصير مرزا، نياز پنھور، زوار نقوي، عطيه دائود،
ڊاڪٽر فاطمه حسن، ثروت زهره، گل محمد عمراڻي،
ناظرمحمود ڊاڪٽر نوشين علي، غازي صلاح الدين،
اعجاز منگي، وسعت الله خان، نصيرميمڻ، اياز لطيف
پليجو، عاصمه شيرازي، جامي چانڊيو، اڪبر لغاري،
انيس هارون عرفان ملڪ، آمنه بٽر، ”اياز ميلي“ جي
منچ تي اظھار ڪندي نظر ايندا.
جيڪڏهن ”اياز ميلي“ ۾ اظھار ڪندڙ، سڀني اديبن،
شاعرن ۽ دانشورن جا نالا ڳڻائجن ته ڏهه کن صفحا
صرف نالن سان ئي ڀرجي ويندا.
”اياز ميلي“ جي ساکَ ۽ شھرت جو اندازو ان مان به
لڳائي سگهجي ٿو ته هر فنڪار، ڪلاڪار انھيءَ منچ تي
اچڻ جي خواهش رکي ٿو.
بيدل مسرور، اُستاد فتح علي خان، شفيع فقير، سيف
سميجو، رجب فقير، برڪت علي ڀٽ، حميرا چنه، صنم
مارئي، برڪت فقير، رفيق فقير، ڪريم فقير، عباس
فقير، راشد حيدريءَ، شوڪت فقير، ذوالفقار علي ۽
مظھر حسين کان وٺي نوجوان ڪلاڪارن، جانب سومرو،
شڪيلانون ۽ سجاد سولنگيءَ تائين، پنھنجي ڏات ۽ ڪلا
جي ارپنا شيخ اياز کي ڪئي آهي. ان کانسواءِ
ڪيترائي لوڪ فنڪار انھيءَ اسٽيج جي سونھن بڻجي
چُڪا آهن. ”اياز ميلو“ فقط ادبي ۽ ثقافتي ميلو
ناهي پر سماجي، ثقافتي ۽ فڪري تحريڪ آهي، جنھن
ذريعي شيخ اياز جي خوابن کي حقيقت جو روپ مليو
آهي. اسان جي اهڙن راين ۾ ٿي سگهي ٿو ته شيخ اياز
سان محبت ۽ عقيدت جو اثر به شامل هجي، پر اسڪردو،
بلتستان جو دانشور افضل روش هن طرح اظھار ڪري ٿو:
”اياز ميلو“ نه صرف هڪ علمي، ادبي ميلو آهي، پر هڪ
زندهه ۽ باشعور قوم جو پنھنجي زبان، سڃاڻپَ، ثقافت
۽ پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ سان بي پناهه محبت جو عملي
مظاهرو به آهي. هن ميلي ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان
تعلق رکڻ وارا، ٻارَ، جوان، ٻُڍا مرد ۽ عورتون
شريڪ ٿين ٿا ۽ پنھنجن روايتن جي پاسداري ڪندي نظر
اچن ٿا“
ساڳئي تسلسل ۾ مشھور ليکڪ، دانشور، ناصر عباس نير،
يارهين اياز ميلي بابت لکي ٿو ته:
”يارهون اياز ميلو، ڪيترن حوالن سان اهم هو. خاص
ڳالھه هن ميلي جو تسلسل آهي. تسلسل جو مطلب ادبي
ميلي وسيلي، پيدا ڪيل هڪ متبادل اسپيس جي حفاظت به
آهي ۽ اُن کي وسيع ڪرڻ به آهي.“
17 مئي 2015ع کان وٺي اَڄُ 16 مئي 2026ع تائين
خانه بدوش ڪيفي جي علمي ادبي، ثقافتي سفر ۾ ڪٿي به
ساهي نه رهي آهي. اڄ يارهن سالن بعد، انھيءَ فڪري
مرڪز بابت سوچيندي، حيرت انگيز خوشي محسوس ٿئي ٿي.
امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح جو اهو خواب، حقيقت جو روپ
اختيار ڪري گڏيل سوچَ ۽ سھڪار سان، اَڄُ جنھن جاءِ
تي پھتو آهي، ان تي سڄي سنڌ فخر محسوس ڪري ٿي.
امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانه ۽ سندس فڪري سفر جا ساٿي؛
پروفيسر حسين مسرت، نسيم اختر جلباڻي، ڊاڪٽر
ريحانه نظير، پروفيسر ذڪيه اعجاز، ڊاڪٽر عبدالمجيد
چانڊيو، تاج جويو، ڊاڪٽر امداد چانڊيو. اڄ سرخرو
آهن. انھن جا ڳاٽَ اوچا آهن جو انھن، ادب، آرٽ ۽
ثقافت جي ترقيءَ لاءِ جيڪي گڏيل ڪاوشون ڪيون آهن،
اُهي لاڀائيتون ويو آهن. پياري خدابخش ابڙي جي ڏات
جو به انھن پروگرامن جي سونھن سجاوٽ ۾، پوسٽرن جي
ڊزائن جي صورت ۾ حصو رهيو آهي. انھن سون نوجوان،
والنٽيئرس جي ارپنا کي به وساري نه ٿو سگهجي.
رکيل مورائي
يادن کي الوداع چئي اسان سڀني کي
الوداع چوندڙ ستار رند
جيتوڻيڪ ستار رند اسان جي دلين ۾ به موجود آهي ته
اکين ۾ به موجود آهي، پر جيڪڏهن هُو جسماني طور به
اڄ اسان سان گڏ هجي ها ته، هن ناول لکڻ تي ۽ حيرت
جي حد تائين ستار رند هن ناول جي وڏي حصي ۾ پنھنجي
حافظي تان هٿ کڻڻ جي جستجو ۾ آهي ۽ وڏي خوش
اسلوبيءَ سان ان ۾ ناڪام ويو آهي، ٻيءَ طرح هو
”يادن کي الوداع“ جھڙو غضب جو ناول ڪيئن لکي سگهي
ها! جيڪو هن يادگيرين تي ئي ٻڌل آهي ۽ مڪمل طور
ماڊرن دور کي ريپرزنٽ ڪري ٿو. جنھن جو سڌو سنئون
مقصد هيءُ ٿيندو ته، ڪالھه جيڪو گذري چڪو ان جي
عشق کان آجو ۽ سڀاڻ جيڪو اچڻو آهي ان جي ڳڻتيءَ
کان آزاد ۽ اهو ماڊرن ازم/جديديت جو اهم مَتو آهي.
ائين به آهي ته سنڌي پڙهندڙ اذيت ناڪ موضوعن کي به
لست وٺي پڙهندو آهي. جنھن جو مثال اسان سميت ستار
رند جي آڏو پڻ ماڻڪ جو ناول ”لڙهندڙ نسل“ موجود
رهيو.
ستار رند جي ناول کي مان سچ پچ غير روايتي ناول
چوان/لکان ٿو، ڇاڪاڻ ته، ايتري غير روايتي نموني
لکڻ جو اڃا سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ رواج نه پيو
آهي، البت هند ۾اهڙي لکڻ جي شروعات منھنجي ڄمڻ
واري سال يعني 1965ع ۾ آنند کيماڻي ناول ”هڪ شخص
جي واسنا“ لکي ڪري چڪو هو ۽ پوءِ لعل پشپ ”ڪڇ نه
ٿيڻ جو حادثو“ لکي ان لکڻ کي گهڻو اڳتي آندو. پر
سنڌي ناول جي تاريخ جو اهو به وڏو سچ آهي ته، ستار
رند جو هي ناول مٿين ٻنھي ناولن کان موضوع جي
حوالي ۾ ويڪرو دائرو کڻي آيو آهي، جنھن دائري ۾
اندر ڪيترائي ننڍا ننڍا دائرا موجود آهن ۽ هر
دائرو هڪ سنجيده اڀياس جو گهرجائو آهي، جيڪو وقت
گهري ٿو.
ناول پڙهندي هڪ هنڌ مون کي اهو به ڇتي نموني محسوس
ٿيو ته جيڪڏهن هيءُ ناول اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ شايع
ٿئي ها ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿئي ها ته جيترو ۽ جھڙي
نموني ناول ۾ مارڪسزم ۽ مارڪس تي کلي طرح ڳالھايو
ويو آهي، سوشلسٽ روس دشمن سمورا ملڪ گڏجي ستار جي
ناول کي نوبل پرائيز ڏيارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ها.!
ساڳئي وقت عورت، عشق جو کليو اظھار اڄ به ڪيترن
سنڌين کي هضم ٿيندو؟ ان جو ردعمل اڳتي هلي پڪ سان
ظاهر ٿيندو ۽ هڪ مھذب لفظُ ”انارڪسٽ“ جو اعزاز ته
ستار رند جي نصيب ۾ اچڻو ئي آهي، اسان سڀ ان ڀاڳ
واري ڏينھن جي اوسيئڙي ۾ آهيون.
ستار رند سنڌي ادب جي دائري ۾ هڪ خاص لفظ استعمال
ڪيو آهي، اُهو مان اچاريندس ته لکندڙ ناراض ٿيندا
پر سچ اهو آهي ته نئين صديءَ ۾ ان ”لفظ“ جي دائري
۾ سنڌي لکندڙ نوجوانن جو هڪ وڏو حصو شامل آهي ۽
وڌيڪ شامل ڪري سگهجي ٿو. تنھن هوندي به نامياري
قانوندان فخر الدين جي ابراهيم جا اُهي لفظ مون
کان زندگيءَ ڀر نه وسرندا جيڪي هن جنگ اخبار کي
انٽرويو ڏيندي چيا هئا ته ”مون سڄي زندگيءَ ۾ سنڌي
بيوقوف نه ڏٺو آهي، ها معصوم ضرور ڏٺو آهي.“
شخص/ليکڪ جي شخصي زندگي هونئن ته سندس لکڻ ۾ هوندي
ئي آهي پر اها اظھارڻ افسانوي ادب ۾ وڌيڪ آسان
بڻجي پوندي آهي، بنسبت غير افسانوي ادب، آتم ڪٿا
وغيره جي.
جيڪي به اديب يا غير اديب ستار سان مليا يا
ڪچھريون ڪيون، اُهي آسانيءَ سان هن ناول ۾ آيل
سندس ۽ ڪردارن جي سڃاڻپ ڪر سگهن ٿا، هونئن شخص جي
آزاديءَ بابت مختلف اديبن ۽ فلسفين، مفڪرن جي آيل
حوالن کان سواءِ به ستار خود زندگيءَ ۾ اهي سڀ
رويا رکندڙ هو، سندس شخصيت ۾ اهي مڙئي ويچار هڪ ئي
وقت موجود هئا، جيڪي هن ناول ۾ موجود آهن، مون کي
سندس خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل سائين جي.ايم.سيد
صاحب بابت تقرير به ياد آهي، ساڳئي وقت ڀُٽي
صاحب لاءِ عقيدت به ته سنديلي صاحب بابت ويچار
به. ۽ اهي مان ڀايان ٿو ته سنڌ جي ننڍي تاريخ جا
وڏا جملا آهن.
ادب ۾ اهو ته قبول ڪيل آهي ته شخصَ/ليکڪَ جا ويچار
تيستائين خوبصورت آهن جيستائين اُهي، ان جي شخصيت
جي دائري ۾ بند آهن، ڀل شخصُ/ليکَڪُ ڪنھن به، خوش
فھميءَ ۾ هجي، پر انھن ويچارن جي خوبصورتي توڻي بد
صورتي ڪنھن به اظھار کان پوءِ ظاهر ٿيڻي آهي.
ويچار تيستائين خوبصورت آهن، جيستائين ڪنھن به
ڇرڻيءَ، برش، قلم، رقص يا زبان هيٺ نه اظھاريا ويا
آهن، آرٽ/فن جا مڙئي نمونا ڪنھن نه ڪنھن اظھار جا
محتاج آهن. ٻيءَ طرح ڪنھن به اعليٰ فن/آرٽ جي ڪٿ
ڪيئن ٿيندي، زندگيءَ جي بدصورتي، اذيت، بي معنويت،
عورت جي بيوفائي، رشتن جو ٽٽڻ، جيئڻ مان بيزار
ڪائنات جي ڪوجهائپ سان مُھان منھن ٿيڻ ۽ ان سڀ کي
سَچُ قبولڻ جو اظھار پڻ آرٽ جو حصو آهي.
آرٽ اهڙي ڪنھن به ويچار کان مٿي آهي، جنھن بابت
ستار رند جي ناول جي ويڪري دائري ۾ چڱو ئي اظھار
ٿيل آهي ۽ اهو عالمي ادبي اصولن موجب قبول ڪيل
آهي، پر بدنصيبيءَ سان سنڌي ادب ۾ اڻ قبوليل آهي.
ادب ۾ جنھن جرئت ۽ بھادريءَ جو اظھار هن ناول ۾
ستار رند ڪيو آهي، اهو مجموعي سنڌي تخليقي ادب ۾
شايد ملي سگهي، (سياسي ادب ۽ سياسي سلوگنس کي الڳ
برئيڪيٽ ۾ رکندي.) ائين چوڻ/لکڻ ٺيڪ ٿيندو ته ستار
رند، ڌرمن، مذهبن، عقيدتن، مفڪرن، فلسفن ۽ خود
زندگي جي باريڪين، يا حياتِ جي ڪِنِ ڳُجهن سان گڏ
عورت توڻي عشق بابت جيترو ڳالھايو آهي. هي ايترو
وڏو ۽ جرئتمنداڻو آهي جنھن جو مثال دنيا جي وڏي
ادب ۾ ئي ملي سگهندو، جيڪو بھرحال سنڌي ادب نه
آهي، سنڌي ادب ننڍو آهي، سنڌ جي تھذيب وڏي آهي.
جنھنڪري سنڌي ادب ۾ اڄ تائين وڏي فقط خود فريبي يا
خوشفھمي ٿي آهي، جنھن کان ممڪن حد تائين وڏين
ٻولين جو ادب آجو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه ٻين سميت
ستار رند آجو آهي.
جديد/ماڊرن ادب ۾ ليکڪ پاڻ سان ائين مُھان مُنھن
ٿيندو آهي، جيئن ستار رند پنھنجي ناول ۾ ٿيو آهي ۽
اهو ئي ادب، سماج جو سچ به هوندو آهي ته ليکڪ جو
سچ به! ۽ آنند کيماڻي جي لفظن ۾ شُڌُ/نج به!
اسان جي سنڌي ادب جي وڏي حصي ۾، خواب به آهن، آدرش
به آهن، اميدون به آهن، وڏن نعرن وارا انقلاب به
موجود آهن، پر وقت جو توڻي شخص جو سُچُ ڪٿي آهي؟
اسان جو لکندڙ زندگيءَ جي رومانس مان نڪري ٿو ته
خودڪشيءَ جي رومانس ڏانھن هليو وڃي ٿو، ان کي ٻيو
ته سڀ ڪجهه سندس آدرشن ۾ نظر اچي ٿو، پر ان پل جو
سَچُ نظر نه ٿو اچي، جنھن ۾ هُو جي رهيو آهي. اهو
سڀ جدت آهي ادب ۽ زندگيءَ ۾ به!
”پوسٽ
مارڊرن ازم/جديديت پڄاڻا“ اڃا اڳتي آهي. جنھن جو
سنڌي ادب ۾ تصور اڃان به رومانوي انداز وارو آهي.
ستار جي ناول جو دور ماڊرن ازم وارو آهي، هو
پنھنجي سچ سان مُنھان مُنھن آهي. هو ناول اندر
پنھنجي کِڻن ۾ جيئي ٿو، ناول جي مک ڪردار ” علي
مراد“ ۾، ۽ علي مراد سھمتيءَ توڻي اَسھمتيءَ سميت
ستار ئي هجڻ گهرجي.
قبول ڪرڻ گهرجي ته ڪيتري به وڏي مرتبي وارو ادب
تخليق ڪندڙ شخص/ليکڪ ڪنھن به مرتبي کان گهڻو
مٿانھون هوندو آهي. هيءُ ناول سنڌي ادب ۾ ستار جو
مرتبو طئي ڪندو پر تڏهن، جڏهن سنڌي ادب تي
ڳالھايو/لکيو ويندو، اديبن تي بنھه نه! في الحال
مون کي ايترو ئي چوڻو آهي ۽ بس.
مختيار احمد ملاح

تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت
تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ واري رسالي کي
تعليم کاتي وارو شاهه جو رسالو به چيو ويندو
آهي. هي رسالو 1900ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي وارن
هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن رسالي
جو مرتب ان دور ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين جو
پرنسيپال
تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـي هو.
سماج سڌارڪ
راءِ بھادر
تارا چند شوقيرام (1850-1893ع)، سنڌ جي مشھور ڪٽنب
مان هو. ساڌو هيرانند ۽
ديـــوان نـول
راءِ سندس ڀائر هئا. تارا چند شوقيرام
ٽريننگ ڪاليج
جو ڪيترائي سال پرنسيپال رهيو ۽ سرڪار طرفان تعليم
کاتي ۾ ترجمان طور به ڪم ڪيائين. ڪيترن ضرورتمند
ماڻھن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر
وٽ پنھنجي
ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺھرايائين،
پنھنجي
ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾
ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. حـيدرآباد جـو ”هوپ
فــل فــري اسڪـول“، ”ديـــوان نـول راءِ ۽
ديــوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. بر همو
سماج وارن
ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾
هڪ سنڌي اسڪول به سندس نالي پـويان کـوليو هو.
تاراچند شوقيرام آڏاواڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾
هڪ شاهه جو رسالو به شامل آهي.
تحقيق موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سنڌ مان
پھريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو
تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو
14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي عـلائقـي جـي
سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس،
ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي رسالو ڊيمي سائيز
جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنھي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي
3316 بيت ۽ 225 وايون ڇپيل آهن. رسالي جي منڍ ۾
مرتب پنھنجي طرفان مھاڳ لکيو آهي، جنھن
مان واضح ٿئي ٿو ته مرتب قلمي ذخيرن مان توڙي
بمبئي ۽ ٽرمپ ڇاپن مان استفادو ڪيو. اهو ڪونه
ڄاڻايو ويو آهي ته مرتب جي آڏو ڀٽائيءَ جو ڪھڙو قلمي نسخو هو، يا ٻيو
’دستخطي رسالو‘ ڪھڙو هو، نه وري بمبئي ڇاپي جي سن
جو حوالو ڏنل آهي. هو ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته ”ٽرومپ
وارو رسالو جو سرڪار سنه 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ کان
پنھنجي خرچ تي تيار ڪرايو هو
سو هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ لکيل نه هو. تنھنڪري البته پڙهندڙن کي
تڪليف ٿي ٿي. تنھن کان سواءِ انھيءَ رسالي ۾ ڪي سر ڇڏيل هئا. انھيءَ
رسالي جا سڀ جلد ٿورن ڏينھن کان کپي ويا، تنھن ڪري جائلس صاحب، سنڌي
اڳوڻي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر نئين رسالي تيار ڪرائڻ
جي تجويز ڪئي.هن رسالي ۾ ٽرومپ صاحب واري رسالي ۾
ڪاپائتي سر جي پٺيان هڪ سٽ ڏنل آهي، سا پڻ ٻئي
ڇاپي ۾ سسئي آبري ۽ رامڪلي سرن جي پٺيان جي ٽيھه اکريون ڏنل آهن ، سي داخل ڪيون ويون آهن.
مطلب ته اهو ڪلام جو اڪثر ڌاريو ڪري ليکبو آهي، سو
به هن ۾ گڏيو اٿن. ان ۾ ٻيو به ڪيترو ڌاريو ڪلام
آهي.“
ان رسالي لاءِ نالي واري محقق ڀيرومل مھرچند
آڏواڻيءَ هڪ انڪشاف ڪيو ته اصل ڪم
راءِ بھادر تاراچند شوقيرام، نه پر
راءُ بھادر
ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ ڪيو هو. هو سنڌو رسالي ۾
پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته
”مون
کي ذاتي خبر آهي، ته هيءُ نئون رسالو سرڳواسي راءُ
بھادر
ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ سوڌي تيار ڪيو هو. هو
صاحب ان وقت حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال هو
۽ سنڌ جو ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر به پاڻ هو. رسالي جا
”پروف“
سرڳواسي ماستر اوڌوداس سترامداس
جاچيا
هئا، جنھن
جو جوڙيل ڪتاب
”پاٺمالا“
اڄ تائين مشھور
آهي. رسالي جو سمورو ڪم اڃا پورو ڪين ٿيو، ته
ديوان ڪوڙومل پينشن تي ويو. سندس جاءِ تي ديوان
تاراچند شوقيرام (هاڻ
”راءِ
بھادر“)
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو، جنھن
رسالي جو باقي رهيو کھيو ڪم پورو ڪري، ديباچي تي
صحيح پاتي. مون کي انھن
حقيقتن جي بروقت سڌ هئي. انھيءَ
وقت ڌاري مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل ۽ مان پنھنجا
ڪتاب
”قيصريه
پريس“
حيدرآباد ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏيندا هئاسين. انھيءَ
پريس ۾ هنن ٻنھي
سنڌي عالمن سان
منھنجي
واقفيت ٿي ۽ پوءِ پريت جو ناتو وڌيو، جو توڙ تائين
هلندو آيو. انھيءَ
پريت جي ناتي سبب مان ديوان ڪوڙيمل وٽ ٽريننگ
ڪاليج ۾ گهڻو ويندو هئس. ۽ انھن
ڳالھين
جي سڌ پيم. هيءُ نئون رسالو ڇپجي پڌرو ٿيو، ته
بروقت ٽرمپ صاحب واري رسالي ۽ بمبئي ڇاپي واري
رسالي سان ڀيٽيم، ته مون کي منجهس ڪي ڇاپي جون
چڪون ۽ ڪي نوان گهوٽالا نظر آيا. پر رسالي جي
غلطين لاءِ ڪو به هڪ ڄڻو جوابدار هئو ئي ڪو نه،
پوءِ ڏوهه ڪنھن
کي ڏجي؟
هي رسالو، ثقافت کاتي، حڪومتِ سنڌ پاران هڪ دفعو
ٻيھر
پھرين
سيپٽمبر 2021ع تي شايع ڪرايو آهي، پر ان رسالي جي
اصل حقيقت کي شامل نه ڪيو ويو آهي. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند
جھڙو
اعليٰ پائي جو محقق، جيڪو ان دور، ان دور جي تحقيق
جو اکين ڏٺو شاهد آهي، اهو غلط بياني نه ٿو ڪري
سگهي. ڇو ته اهو ليک جولاءِ 1938ع ۾ سنڌو رسالي ۾
شايع ٿيو ۽ ان دور ۾ نالي وارا عالم ۽ اديب موجود
هئا، جن جي نظر مان اهو سڀ ڪجهه گذريو هو.
ادريس جتوئي
سنڌ جو گُم ٿيل ڪهاڻيڪار - ناصر مورائي
ناصر مورائي سنڌي ٻوليءَ جو نامور ڪھاڻيڪار، ناٽڪ
نويس ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس جنم، سنڌ جي
’ساهتي‘ پرڳڻي جي مشھور شھر موري ۾ 1 اپريل 1937ع
تي نامياري تعليمدان سيد جعفر علي شاهه جي گهر ۾
ٿيو. ابتدائي تعليم موري ۾ حاصل ڪيائين. ان کان
پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان پڻ ڏنائين. 1960ع ۾
حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪيائين. زندگي گذارڻ لاءِ
مختلف نوڪريون ڪيائين. روسي ايمبيسيءَ ۾ مترجم جي
حيثيت سان ڪم ڪيائين. آخر ۾ اسٽيل مل مان آفيسر جي
حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ان بعد ڪراچيءَ ۾
’ڊيلٽا ڪميونيڪشن‘ نالي ادارو قائم ڪري، پرنٽنگ جو
ڪم ڪرڻ لڳو. ان اداري پاران شاهه عبداللطيف جي
پيغام کي ڦھلائڻ لاءِ رسالي جا مختلف سُر شايع
ڪيا. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ شيخ سلطان ٽرسٽ ۾
هوٽل پڻ هلايائين ۽ محنت ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪندو
رهيو. پاڻ 31 مارچ 2001ع تي اسان کان وڇڙي ويو. هن
جو موري کان مڪليءَ تائين زندگيءَ جو سفر هڪ اڻ
وسرندڙ باب آهي. سندس شخصيت گهڻ پاسائين هئي. هُو
هڪ ئي وقت بھترين ڪھاڻيڪار هو، ته ناولسٽ به هو.
تاريخ جو ڄاڻو ۽ لطيف شناس به هو. ناٽڪ نويس به
هو، ته ادبي صحافت جي سفر ۾ ايڊيٽر به بڻيو. پر
ادب ۾ سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ ترقي پسند ڪھاڻيڪار
واري آهي. هن نه رڳو ترقي پسند ۽ وطن دوست ادب
تخليق ڪيو، پر پنھنجي پوري زندگي عملي ڪردار
ذريعي، سنڌ ۽ سنڌيت جي هلچل ۾ اڳڀرو رهيو. پاڻ
پنھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن جيان ارڏو ۽ مُحب وطن
رهيو. هُو پنھنجي تخليقي ڪردارن سان تاريخ جي عمل
۾ گڏ بيٺو رهيو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جي سفر کي جن
ڪھاڻيڪارن اڳتي وڌايو، انھن ۾ سڀ کان پھريائين شيخ
اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، حفيظ شيخ، غلام
رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، رشيد ميمڻ ۽ ٻيا
ڪھاڻيڪار رهيا. انھيءَ سفر ۾ 1957ع ڌاري ناصر
مورائي به شامل ٿيو.
هُن سڀ کان پھرين ڪھاڻي ”ماءُ“ لکي جيڪا ”هلال
پاڪستان“ جي ماهوار ايڊيشن جي سالياني نمبر ۾ شايع
ٿي. ڪھاڻي ۾ ”ماءُ“ جو ڪردار علامتي طرح سنڌ هو،
جنھن ۾ هڪ پوڙهي ماءُ، عام ماڻھن ۽ نوجوانن جو
انقلابي ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ بيٺڪي
دؤر ۾ برطانوي حڪومت پاران سنڌ جي ماڻھن تي ٿيندڙ
ڏاڍ ۽ ظلم کي چٽيو ويو آهي. ساڳئي وقت ورهاڱي سبب
سنڌ ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻھن ۽ نون مھمانن جي سنڌ
جيڪا دل جي گھراين سان آجيان ڪري ٿي ۽ نوان مھمان
ڪيئن انھيءَ جي موٽ ۾ سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي
پنھنجو نه ٿا بڻائين، ان کي موضوع بڻايو ويو آهي.
هيءَ هڪ عمل جي ردِعمل ۾ لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾
سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تھذيب سان اڻ ميو پيار
ڏيکاريل آهي. ڪھاڻي ”ماءُ“ جي پُڄاڻي هن جملي تي
ٿئي ٿي ته:
”سدا حيات رهي، اسان جي ماءُ ۽ ان جي سيکاريل
ٻولي.“
ناصر مورائيءَ جي آخري ڪھاڻي ماهوار ”سُھڻي“
جولاءِ 1974ع ۾ ڇپي. ڪھاڻيءَ جو عنوان آهي ”اجگر“،
جنھن ۾ پراڻي لوڪ ڪھاڻيءَ کي نئين دؤر سان ڳنڍي،
نئين لوڪ ڪھاڻي بڻايو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ انھيءَ
دؤر جي حاڪمن ۽ حاڪميت تي تنقيد ڪئي وئي آهي.
ڪھاڻيءَ ۾ بادشاهه، وزير، رعيت ۽ بادشاهه جي اجگر
بلا ڏيکاري وئي آهي، جنھن ۾ رنگيلي بادشاهه پاران
ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين جو تذڪرو آهي. آخر ۾
ڪھاڻيءَ ۾ اجگر بلا جي خاتمي جو ڏس ڏيندڙ ”ڪاٺير“
کي تخت تي ويھاريو وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾
پڄاڻيءَ تي ڪھاڻيڪار، پراڻي لوڪ ڪھاڻيءَ کي نئين
دور سان ڳنڍي، هيٺ ڏنل جملن سان نئين لوڪ ڪھاڻي
تخليق ڪري ٿو:
”پر ڀاءُ منھنجا، ڳالھه اتي پوري نه ٿي آهي، هر
دؤر ۾ ظالم پنھنجي ۽ پنھنجي حڪومت جي بچاءُ لاءِ
اهڙو اجگر ڌاري ٿو.“
هن ڪھاڻيءَ ۾ عام فھم انداز ۽ لوڪ ٻوليءَ ۾ پنھنجي
دؤر جي درد کي بيان ڪيو ويو آهي.
ناصر مورائي جي ڪھاڻي ”زندگي: موت ۽ حيات جي ٻه
واٽي تي“ يتيم ٻار جي احساسن، جذبن ۽ بيوسين جي
ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ماٽيلي ماءُ، پيءُ ۽ ٻار جي
ڪھاڻي بيان ڪئي وئي آهي.
”درياهه توتي دانھن“ هڪ بھترين ڪھاڻي آهي، جنھن ۾
عورت جي احساسن ۽ جذبن کي خوبصورت انداز ۾ چٽيو
ويو آهي. هن ۾ عورت جي پيار، پريت ۽ جذبن جو
اظھار آهي، ۽ اڄ جي سُھڻيءَ جي ڪاري ٿي ڪُسجڻ جي
ڪٿا آهي. ڪھاڻيءَ ۾ شاهه لطيف جي ’سُر سھڻي‘ جي
موضوع سان لاڳاپيل بيتن سان ڀرپور اظھار ڪيو ويو
آهي. نوران ۽ رجب جا ڪردار ڏنل آهن.
’ڳالھه ڪندا آهن ته‘ لوڪ ڪھاڻي ۽ علامتي انداز ۾
لکيل آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ وڻ جي آکيرن ۾ رهندڙ پکين
جي ڳالھه سڄي موضوع جو بنياد آهي. علامتي انداز ۾
هڪ گهڻ قومي ملڪ ۾ رهندڙ مختلف ماڻھن ۽ انھن جي
حالتن جي عڪاسي ڏاڍي فنڪارانه ۽ علامتي لھجي ۾،
بنا ڪنھن نعريبازي ۽ پروپيگنڊه جي ڪئي وئي آهي.
ڪھاڻي، لوڪ ۽ علامت نگاريءَ جو بھترين سنگم آهي.
’ڪانڌ تنھنجي پاندَ ريءَ‘ ۾ خيرل جو ڪردار ارڏو،
سرڪش ۽ جذباتي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ طبقاتي سماج جو عڪس
ڏيکاريل آهي. ’پشو پاشا‘، ’شيدو ڌاڙيل‘ ۽ ’بلو
دادا‘ جيان ناصر مورائيءَ جو ’خيرل‘ به نھايت ئي
سرڪش ۽ ارڏو آهي.
’اکڙيون مينگهه ملھار‘ ۾ سنڌي سماج جي شاهاڻي ۽
وڏيرڪي ماحول جي بربريتن ۽ غلاظتن کي بيان ڪيو ويو
آهي. اهڙيون ڪھاڻيون اڄ به ايڪھين صديءَ ۾ اسان جي
سماج ۾ گونجي رهيون آهن. اُهي سنڌي سماج جا ڦٽ ۽
ناسور آهن، جن کي ناصر بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
’پيچرو‘ ڪھاڻي 1960ع ۾ ڇپي، جنھن ۾ ناصرمورائيءَ
ٻولي، ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري ذريعي موضوع سان
سھڻو نڀايو آهي. هيءَ ڪھاڻي سنڌي هاريءَ جي ڏُکن
جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ هاريءَ جھڙي پيڙيل ۽ ڏتڙيل
طبقي جو درد چٽيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي هاريءَ
تي ورهاڱي کان اڳ واڻئي سيٺ جو ظلم ۽ ورهاڱي کان
پوءِ اها هاريءَ جي زمين وري ڪليم ۾ آيل غير مقامي
زميندار ۽ ڌارين کي ملي ٿي. هاري ويچارو ساڳي حالت
۾ رهي ٿو ۽ اُن جي زندگي ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي اچي.
’واپسي‘ ڪھاڻيءَ جو موضوع امن ۽ جنگ آهي. ڪھاڻيءَ
۾ امن سان محبت ۽ جنگ کان نفرت ۽ ڌڪار آهي.
ڪھاڻيءَ ۾ جنگ ۾ حصو وٺندڙ سپاهيءَ جو مُک ڪردار
آهي، جيڪو جنگ ۾ ڀرپور طريقي سان وڙهي ٿو، ۽
پنھنجي جان جي بازي به لڳائي ٿو. جنگ ختم ٿيڻ کان
پوءِ هُو پنھنجي ڳوٺ ’محبت ديري‘ ڏانھن موٽي ٿو.
اهڙو اطلاع خط ذريعي هُو والدين کي ڏئي چڪو آهي.
شھر کان مُڙندڙ ڳوٺ واري رستي تي جڏهن پھچي ٿو ته
سگريٽ دُکائي ٿو ۽ هوريان هوريان کيس ڳوٺ جون سڀئي
ڳالھيون ذهن تي تري اچن ٿيون. جيڪي نھايت فطري ۽
دلچسپ آهن. جيئن ڳوٺ جي ويجهو ايندو وڃي ٿو، ته
هُن کي اباڻن جي اُڪير وڌيڪ ستائي ٿي. نيٺ جڏهن
هُو ڳوٺ ۾ پھچي ٿو، ته هڪ المناڪ منظر ڏسي ٿو.
انھيءَ جنگ، جنھن ۾ سپاهيءَ حصو ورتو، ان ۾ سندس
ڳوٺ به تباهه ٿي ويو هو، سپاهيءَ جي من ۾ جنگ خلاف
سخت جذبو اُڀري ٿو، ۽ پوءِ هُو آخر ۾ فائر ڪري پاڻ
کي ماري ٿو وجهي. ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ خاموش فضا ۾ هڪ
سُڏڪو اُڀري ٿو.
موضوع، ٻولي، ڪردارنگاري ۽ منظرنگاريءَ جي حوالي
سان هيءَ ڪھاڻي ڏاڍي سگهاري آهي ۽ ڪھاڻيءَ جو
ڪلائمڪس پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏي ٿو.
’28 روپيا- 88 پئسا‘ هڪ مزاحيه آکاڻي آهي. سنڌي
ادب ۾ مزاحيه آکاڻيون تمام گهٽ لکيون ويون آهن.
علي احمد بروهي، محمد حسين ڪروڙپتي، حليم بروهي،
نُور عباسي، شمس الدين ”بلبل“، سومرو سودائي ۽ ٻيا
ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب ۽ شاعر آهن جن
مزاحيه انداز ۾ ضرور لکيو آهي. پر اهو ناڪافي آهي.
سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب کي اڃا به هڪ وک اڳتي وڌائڻ
جي سخت ضرورت آهي.
”ٻريل شمعون- ويران دل“ هڪ خوبصورت رومانوي ڪھاڻي
آهي.
ننڍڙيون ڪھاڻيون: مختصر ۽ ننڍڙيون فلئش بئڪ ڪھاڻين
جو تذڪرو اڄ سنڌي ادب ۾ گهڻو ملي ٿو. پر ناصر
مورائيءَ اهي ڪھاڻيون 1965ع ۾ لکيون، جيڪي ”روح
رهاڻ“ رسالي ۾ به ڇپيون. اهو تجربو سنڌي ادب ۾ ان
دور ۾ انوکو ۽ منفرد هو. ’آخري وصيت‘،
’اخبار‘، ’زندگيءَ جو ساٿي‘ ۽ ’سچ ٿا مرد چون‘
ناصر مورائيءَ جون مختصر بنيادي ڪھاڻيون آهن، جن ۾
زندگيءَ جا مسئلا مختصر لفظن ۽ جملن ۾ بيان ڪيا
ويا آهن. ڪھاڻيون مختصر هوندي به پڙهندڙ تي ڀرپور
اثر ڇڏين ٿيون.
’ڪارو چنڊ‘ ناصر مورائيءَ جي بھترين ڪھاڻين منجهان
هڪ آهي، جنھن ۾ سندس فن بُلندين تي پھتل آهي.
ڪھاڻيءَ ۾ غُربت ۽ اُن جي ذلت کي نھايت ئي
ڪاميابيءَ سان فنڪاراڻي ڍنگ ۾ اظھار ڪيو ويو آهي.
هيءَ ڪھاڻي فن ۽ موضوع جو بھترين سنگم آهي.
’موهن جي دڙي جو خزانو‘ ڪھاڻي اردوءَ جي نامور
ترقي پسند ڪھاڻيڪار ڪرشن چندر کان متاثر ٿي، اُن
جي ڪھاڻيءَ جي تسلسل ۾ لکيل آهي، ڪرشن چندر جي
ڪھاڻيءَ جو ڪردار موهن جي دڙي مان آخر مائيءَ جو
خزانو ڳولي لھي ٿو. پر ناصر مورائيءَ جي ڪھاڻيءَ
جو ڪردار موهن جي دڙي مان عظيم سنڌي تھذيب جو
خزانو ڳولي لھي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ ڪرشن چندر جو بھترين
ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. باقي ٽي ڪردار جيڪي ملڪي
سطح جا آهن، اُهي سنڌي تھذيب ۽ ڪلچر جي ٽڪراءَ ۾
ڏيکاريل آهن. سنڌي تھذيب کان اوپرا آهن. ڪھاڻيءَ ۾
ليکڪ سنڌ ۾ ٻاهران لڏي آيل اڪثر اديبن ۽ دانشورن
جي ڪردار کي ننديو آهي ۽ انھن کي نالي ماتر سوشلسٽ
سڏيو آهي. جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي جڙن ۽ مزاج سان نه
ٿا ٺھڪن. ردِعمل ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ
بيروزگار سنڌي مزدور اديب جو ڪردار به ڏيکاريو ويو
آهي. جيڪو سنڌ جي تھذيب سان بيحد پيار ڪري ٿو ۽
ڪرشن چندر سان ڳالھه ٻولھه به ڪري ٿو ۽ موهن جي
دڙي جي کوٽائيءَ ۾ به مصروف رهي ٿو.
’عشق جي راند‘ ناصر مورائيءَ جي تاريخي ڪھاڻي آهي.
اهو تاريخ جو هڪ وساريل ورق آهي. جنھن ۾ ماضيءَ جي
ارغونن ۽ مغلن خلاف سنڌ جي سورمن جي جدوجھد ڏيکاري
وئي آهي ته حال ۾ بنگال ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ
جدوجھد کي به بيان ڪيو ويو آهي. تاريخ جي پسمنظر ۾
ڪھاڻيءَ اسماعيل، سارنگ ۽ شھمير جا ڪردار ڏنل آهن،
جيڪي هر دؤر ۾ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سرگرم آهن.
’هيڏي بُلندي هيڏي پستي‘ 1974ع جي ”سھڻي“
رسالي ۾ ڇپي. ڪھاڻيءَ ۾ طارق اشرف جي گرفتاري ۽
”سھڻيءَ“ جي بند ٿيڻ وقت سنڌي اديبن پاران ادا ڪيل
مثبت ۽ منفي ڪردار کي موضوع بڻايو ويو آهي. طارق ۽
سندس ماءُ جي بھادر ڪردار کي اُجاگر ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي هڪ نامياري اديب طارق جي آزاديءَ لاءِ ڪڍيل
بيان تي صحيح نه ڪئي، اُن تي تنقيد ڪئي وئي آهي.
جڏهن ته هڪ اديب، جيڪو سٺي ڪردار وارو آهي، اهو
طارق جي آزاديءَ جي ٺھراءَ تي صحيح ڪندي هيٺ ڏنل
لفظ چئي ٿو:
”بلڪل مان انھن مان نه آهيان، جيڪي روسي اديب
سولزي نٽسن جي قلم جي آزاديءَ لاءِ ته ڪالم لکن
ٿا، پر هت سندن اديب ڀاءُ جي قلم تي جيڪي پھرا
آهن. ان لاءِ ٻِڙڪ به نه ٿا ٻولين. صحيح ڪبي- بلڪل
ڪبي.“
هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪافي جذباتي لھجو ڇانيل آهي. ناصر
مورائيءَ جي انھيءَ سلسلي ۾ ادا ڪيل ڪردار بابت
”سھڻي“ جي انھيءَ پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ طارق اشرف
خود اعتراف ڪيو آهي ته: ”اديبن مان رڳو ناصرمورائي
۽ نجم عباسيءَ پوري طرح ساٿ ڏنو.“
ناصر مورائيءَ جون اُهي ڪھاڻيون 1957ع کان 1974ع
تائين ڇپيل آهن. هڪ ڪھاڻي سائين بشير هيسباڻيءَ
موجب اڻلڀ آهي. ’ماءُ‘، ’زندگي موت ۽ حيات جي ٻه
واٽي تي‘، ’درياهه توتي دانھن‘، ڳالھه ڪندا آهن ته
(لوڪ ڪھاڻي) ’ڪانڌ تنھنجي پاندريءَ!‘ ’اکڙيون
مينگهه ملھار‘، ’پيچرو‘، ’تصوير‘، ’28 روپيا 88
پئسا‘، ’ڪارو چنڊ‘، ’ٻريل شمعون- ويران دل‘،
’ننڍڙيون ڪھاڻيون: آخري وصيت‘ ’اخبار، زندگيءَ جو
ساٿي ۽ سچ ٿا مرد چون‘، ’واپسي‘، ’موهن جي دڙي جو
خزانو‘، ’عشق جي راند (تاريخ جا وساريل ورق)،
’ڪيڏي بُلندي ڪيڏي پَستي‘ ۽ ’اجگر‘ ڪھاڻين
کانسواءِ ناصر مورائيءَ جا ناول ’راتيون جاڳن جي‘
1960ع جي ڏهاڪي ۾ حميد سنڌيءَ ’زندگي پبليڪيشن‘
پاران ڇپايو. سندس ناٽڪ ’اسپتال‘ پڻ رسالن ۾ ڇپيو.
ناصر جون ڪھاڻيون، جن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون.
اُهي هن ريت آهن: روزاني ”هلال پاڪستان“، هفتيوار
”انسان“، ماهوار ”نئين زندگي“، ”مارئي“، ”روح
رهاڻ“، ”سوجهرو“، ”سھڻي“ ۽ ٻيا شامل آهن.
ناصر مورائيءَ جون هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻيون سن وار
ترتيب سان ڏنل آهن، جيڪي سنڌ جي نامور رسالن ۽
اخبارن ۾ مختلف وقتن تي ڇپجنديون رهيون آهن. اُهي
ڪھاڻيون ارڙهن سالن ۾ لکيون ويون آهن، انھن ارڙهن
سالن ۾ سنڌ گهڻو عرصو ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ قيد رهي؛
سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌ جو وجود خطرن هيٺ رهيو.
بنگال جو واقعو ٿيو، انھن سڀني واقعن ۽ حادثن جو
اثر ناصر مورائيءَ تي پڻ پيو، جيڪو هن ڪھاڻين جي
روپ ۾ ڏنو آهي. آخري چئن سالن جي ڪھاڻين ۾ به سنڌ
سان جيڪي ويل وهايا، اُهي ظلم به موضوع بڻيل آهن.
ان کان علاوه زندگيءَ ۽ سنڌي سماج جا ڪيترائي
موضوع ۽ ڪردار سندس ڪھاڻين ۾ موجود آهن. اُهي
ڪھاڻيون طويل به آهن، ته مختصر ڪھاڻيءَ جا تجربا
به شامل آهن. اسٽائل ۾ بيانيه به آهن، ته مڪالمن
تي ٻڌل به آهن. علامتي، اشاراتي ۽ تجريدي به آهن،
ته کُليل، سڌيون ۽ واضح به آهن، مطلب ته انھن
ڪھاڻين ۾ ناصر مورائيءَ موضوع، ٻولي، اسٽائل ۽ فن
جي حوالي سان به ڪيترائي تجربا ڪيا آهن. ڪھاڻيءَ ۾
نج ترقي پسند، روشن خيال ۽ انساني زندگيءَ جي
ڳوڙهن تجربن، خيالن ۽ جذبن جو اظھار آهي. ڪھاڻين ۾
جتي وطن دوستي، بين الاقواميت ۽ طبقاتي اوچ نيچ جي
مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي. اُتي پيار ۽ محبت جي
مامرن ۽ نزاڪتن کي به نه وساريو ويو آهي. زندگيءَ
جا جيترا به رنگ، روپ ۽ عڪس آهن، ناصر جي ڪھاڻين ۾
اُهي موجود آهن.
ناصر مورائيءَ جون ڪافي ڪھاڻيون قومي، تھذيبي ۽
تاريخي رنگ ۾ رڱيل آهن. انھن ۾ سنڌيت جي سُڳنڌ
ڇانيل آهي. سندس لھجو ڪٿي ڪٿي جذباتي ۽ حالتن جي
ردِعمل جو شڪار به بڻيل آهن. هُو ڪن هنڌن تي وقتي
مسئلن تي لکندي ڪجهه فني پاسن کان وڌيڪ موضوعاتي
پروپيگنڊه تي ڌيان ڏئي ٿو، جنھن ۾ ڪجهه ڪھاڻيون
پرچارڪ به بڻجن ٿيون. پر ناصر مورائيءَ جون کوڙ
ساريون ڪھاڻيون اهڙيون آهن، جن ۾ فن ۽ موضوع سان
مثالي طرح نڀايو ويو آهي. ڪھاڻين ۾ عورتن جي
مظلوميت، ڪارو ڪاري، وڏيرڪي ۽ شاهاڻي بربريت کي به
ڀير تي ڏونڪو هڻي بيان ڪيو ويو آهي ۽ انھن براين
کي ننديو ويو آهي.
سنڌي ادب جي تاريخ نويسن ناصر مورائيءَ سان انصاف
نه ڪيو آهي. ناصر مورائي، جمال ابڙي ۽ امر جليل جي
وچ واري دور جو نھايت ئي اهم ڪھاڻيڪار آهي. ادبي
تاريخن ۾ سندس تذڪرو فقط هڪ نالي طور شامل ڪيو ويو
آهي. جڏهن ته هُن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ جيڪو ڪردار ادا
ڪيو آهي، اُن کي اُجاگر بلڪل نه ڪيو ويو آهي. ناصر
مورائيءَ ڪھاڻيڪار کان سواءِ متحرڪ ادبي سرواڻ به
رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو عھديدار، حيدرآباد سنگت جو
سيڪريٽري، ڪراچي سنگت ۾ متحرڪ رهنما ۽ موري شاخ جو
باني رهيو آهي. پر انھن به سندس ادب ۽ فن تي
نمايان ڪم نه ڪيو آهي. رُڳو ڪراچي ادبي سنگت هڪ
سال اڳ سندس ڪھاڻين تي هڪ سيشن رکيو هو، جنھن ۾
مون سندس ڪھاڻين تي هڪ مقالو به پڙهيو هو.
ناصر مورائيءَ جي ادبي سفر جو ويجهو ساٿي ۽ نامور
اديب حميد سنڌي، هُن بابت پنھنجي تاثر ’هم سفر ۽
هم رڪاب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ناصر اڄ زنده ڪونھي، ڪوشش
اها آهي ته مئي کان پوءِ به تاريخ جي صفحن تي کيس
ماري ڇڏجي. ناصر مورائي ڪير هو؟ هُو ته اسان جو
پنھنجو ناصر هو. ون يونٽ واري دور جو هڪ جيالو
ڪارڪن. هُن سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ پمفليٽ ۽
پوسٽر ورهايا، دوستن سان گڏجي صحيحون ورتيون ۽
گهٽيءَ گهٽيءَ، گام گام تي اهي پمفليٽ کڻي سجاڳيءَ
جو سڏ ڏيڻ لاءِ پھتو. سرڪاري يا يونيورسٽين جي
جلسي گاهن ۾ ٻه چار دوست ساڻ ڪري اسٽيج تي چڙهي
وقت جي حاڪمن آڏو بيھي نعرا هنيا. سزاوار بڻيو.
ڪڏهن ڪلارڪيءَ واري نوڪري چَٽُ، ته ڪڏهن آفيسري
چَٽ، ته ڪڏهن اوقاف کاتي جي اڪائونٽنٽ ۽ ڪيشئر
واري نوڪري ختم.“
جڏهن ته ناصر مورائيءَ جي شخصيت ۽ ڪردار بابت سنڌ
جي نامياري دانشور ۽ سنڌ دوست اڳواڻ عبدالواحد
آريسر پنھنجي لکيل خاڪي ’ائين به وڃبو آهي ڇا؟‘ ۾
ناصر جي عظمت ۽ سنڌ دوستيءَ بابت لکندي، ناصر
مورائيءَ سان اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ حافظ محمد
پنھور وٽ روپوشيءَ جي حالت ۾ ڪيل پھرين ملاقات جو
منظر هن ريت بيان ڪيو آهي:
”ٿوريءَ دير کان پوءِ درَ کُليو، منھنجي سامھون
ڊگهي قد، خوبصورت مُھانڊي ۽ جسم وارو هڪ شخص بيٺو
هو. هن ويھندي شرط ون يونٽ جي خلاف جدوجھد ۽ ان ۾
اديبن جي ڪردار تي ڳالھائڻ شروع ڪيو. ڳؤرو آواز،
لھجي ۾ ڌيرج سان گڏ رواني، لفظن ۾ سنڌ جي ذڪر اچڻ
تي ميٺاج ۽ ظالمن جي ذڪر اچڻ تي ڪروڌ ۽ نفرت جا
شعلا ٿي ڀڙڪيو ٿي. ڪڏهن گُلاب جي ٽاريءَ وانگر
جهلڪيو ٿي ۽ ڪڏهن بَھار جي ڪڪر وانگر اُڀو ٿيو ٿي.
ڄڻ ته هن جي رڳ ۽ ريشمي ۾ موسمن جون سڀئي
خوبصورتيون ۽ قھرمانيون شامل هيون. انھن سڀني رنگن
۽ روپن سميت سنڌ ۽ سيد جو اڻٽُٽ حصو لڳو پئي. آءٌ
هن جي ڳالھين ۾ پنھنجو سمورو علم ۽ خطابت وساري
محو ٿي ويس. مون چاهيو ٿي ته آءٌ هن کي پنھنجي
تازي جدوجھد ۽ نئين علم ذريعي شڪار ڪندس، پر آءٌ
هن جي ماضي جي ڳالھين جي ۽ جدوجھد جو ذڪر ٻُڌي،
خود هن جو شڪار ٿي ويس ۽ اهو شڪار ڪندڙ شخص هو
ناصر مورائي.“
ناصر مورائيءَ جو ڪھاڻين کان سواءِ ”روح رهاڻ، ۽
”روح رهاڻ“ جا جشن منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ حميد سنڌي
۽ ٻين اديبن سان گڏ وڏو ڪردار رهيو آهي. ماهوار
”سھڻي“ ۾ طارق اشرف سان گڏ رهيو، ته ماهوار
”برسات“ جو ايڊيٽر بڻيو ۽ يوسف شاهين سان گڏ ڪردار
ادا ڪيائين ۽ رسالي ۾ سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان
سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت بابت يادگار انٽرويو ڪيائين.
هُو لطيف سائينءَ جو به وڏو پارکو هو. آخر ۾
پنھنجي پينشن جا پئسا شاهه لطيف جي پيغام بابت
ڪتاب ڇپائڻ ۾ خرچ ڪيائين.
ناصر مورائي سنڌ جو سچو، کرو، محب وطن ۽ ترقي پسند
اديب رهيو. جنھن کي تاريخ هڪ ڏينھن ضرور مانُ
ڏيندي. ناصر مورائيءَ جون ڪھاڻيون گڏ ڪرڻ ۾ سنڌ جي
بيمثال محقق ۽ عالم بشير هيسباڻيءَ جو وڏو ڪردار
آهي، جنھن مختلف رسالن مان ڪھاڻيون گڏ ڪري هيءُ
مجموعو تيار ڪيو آهي. ناصر جي ڪھاڻين جي هن مجموعي
ڇپجڻ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ هڪ گم ٿيل اهم ڪھاڻيڪار
جو ظھور ٿيندو ۽ اهو احساس اُڀرندو ته ”مارُ! اسان
اهڙي اهم ڪھاڻيڪار ۽ اديب کي ڇو وساري ڇڏيو هو؟ هن
جون ڪھاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ اڳ ۾ ڇونه ڇپيا.“ |