مواد جو تنقيدي تجزيو
Critical analysis of source of data
دستاويزي تحقيق ۾ ضروري هوندو آهي ته تجزئي ڪرڻ وقت مواد جي
درجي بندي صاف ۽ لکيل لفظن ۾ بيان ڪئي وڃي ته جيئن
ٻيا تحقيق ڪندڙ جڏهن انهن تجزين کي مطالعي ۾ آڻين
ته ساڳيو نتيجو ڪڍي سگهن ۽ انهيءَ مان مڪمل فائدو
حاصل ڪري سگهن. مواد جي درجي بندي ابتدائي بنياد
تي يا منطقي خيالن جي مدد سان اڳين دستاويزن کي
ڏسي ڪئي وڃي. موجوده دور ۾ دستاويزي تحقيق ۾ پرک
لاءِ اهو ئي طريقو استعمال ڪيو
وڃي ٿو. پر
مواد جي درجي بندي ابتدائي مواد جي پرک کان پوءِ
ڪنهن خاص ترتيب تي به ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري
دستاويزي تحقيق لاءِ اهو ضروري آهي ته مواد جي
درجي بندي ڪنهن خاص مقرر ڪيل اصولن تي ڪئي وڃي ۽
اها درجي بندي مقرر ڪيل عنوانن سان هئڻ گهرجي؛ ۽
اهڙي مواد کي ڇڏي ڏجي جيڪو عنوان سان واسطو رکندڙ
نه هجي.
دستاويزي تحقيق لاءِ ضروري هوندو آهي ته اهڙو مواد لکيل يا ڇپيل
هئڻ گهرجي، جنهن تي تحقيق جو بنياد هوندو آهي، ۽
جنهن جي مدد سان ڪنهن عنوان تي تحقيق ڪئي ويندي
آهي.
دستاويزي تحقيق ۾ ڪنهن به لکيت لاءِ هيٺيون ڳالهيون جاچڻ ضروري
هونديون آهن:-
1-
دستاويز يا لکيت جو مصنف يا لکندڙ ڪير آهي؟
هر دستاويز ۽ لکيت يا ڪتاب جي مصنف جي مڪمل معلومات هئڻ گهرجي
ته، لکندڙ ڪير آهي؟ سندس قوميت ڪهڙي آهي؟ هن جو
لهجو، هن جون حالتون ۽ درجو ڪهڙو آهي؟ ۽ ڪهڙي
تحريڪ، مذهب، يا ترعيب سان واسطو رکي ٿو. انهيءَ
کان سواءِ ٻيون عام حالتون به تحقيق ڪندڙ جي علم ۾
هئڻ گهرجن، ته جيئن تحقيق ڪندڙ ڪٿي به، ڪنهن حالت
تي پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهي. انهيءَ کان سواءِ
لکندڙ جي اهليت هن جي تربيت، ذهني خاصيتن، سماجي
حالتن، هن جي دلچسپين ۽ لساني عادتن کان به تحقيق
ڪندڙ واقف هجي ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهي ته جيڪا
تصنيف تحقيق هيٺ آهي، سا انهيءَ مصنف جي آهي.اهڙي
طرح تحقيق هيٺ آيل دستاويز جي مصنف جو، سچو هجڻ يا
ڪوڙو هجڻ، معلوم ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ مان اهو به
ثابت ٿي سگهي ٿو ته صحيح حالتن کي لڪائي، ڪوڙ کي
سچ جو جامو پهرائي، پنهنجي مقصد کي ڪامياب ته نه
بنايو ويو آهي.
ڪنهن به دستاويز کي مڃڻ لاءِ مصنف بابت هيٺيان سوال ڪجن ته جيئن
ڪتاب جو مقصد، مصنف جي ايمانداري ۽ صحيح هجڻ بابت
راءِ قائم ڪري سگهجي.
1-
لکيت مان مصنف جي حقيقي معنيٰ ڇا آهي؟
2-
لکيت ۾ مصنف دستاويز ڇو ڪم آندا آهن؟
3-
لکيت ۾ مصنف حقيقتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪانه
ڪئي آهي؟
4-
لکيتن ۾ مصنف سچ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا
نه؟
5-
ڇا تحقيق ڪندڙ پنهنجي نگران جي ڪوشش بابت ڪجهه
لکيو آهي؟
6-
ڇا ليکڪ ڪنهن مذهب يا سياسي تحريڪ بابت ڪجهه لکيو
آهي، يا ڪنهن گروه سان بنيادي تعلق رکي ٿو؟
7-
ڇا ليکڪ پنهنجا جذبا پڙهندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ
استعمال ڪيا آهن؟
8-
ڇا ليکڪ علم ادب جي مدد سان سچ کي ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي؟
9-
ڇا ليکڪ هڪ سٺو تجزيو ڪندڙ آهي؟
10-ليکڪ
ڪهڙي وقت اهي ڳالهيون تجزئي هيٺ آنديون آهن؟ ڇو ته
انهي قسم جون حقيقتون بنا تجزئي جي پڙهي نه
سگهبيون آهن.
11-
جيڪڏهن ليکڪ زنده آهي ته انهيءَ بابت هن کان سوال
پڇي سگهجن ٿا.
12-ڪيتري قدر گم نام ۽ نامعلوم
خبرون بيان ٿيل آهن؟
13-ڪي
وڏيون حقيقتون ته دستاويزن ۾ ڏنل نه آهن جن جون
غلطيون ڪڍڻ مشڪل هجن؟
14-ڪي
اهڙي قسم جون حقيقتون ته دستاويزن ۾ ڏنل آهن جن جي
ڪري ڪن غلط خيال پيدا ٿين؟
ليکڪ بابت مٿين سوالن ڪرڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿي ويندو ته لکيت
۾ ڪيتري حقيقت ۽ سچ پيش ٿيل آهي، جنهن جي آڌار تي
تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيق ۾ انهيءَ دستاويز بابت ڪا
راءِ قائم ڪري سگهي.
1-
تحقيق ٿيندڙ لکيت ڪڏهن لکي ويئي آهي؟
اهو معلوم ڪيو وڃي ته ڪتاب ڪهڙي وقت لکيو ويو آهي ۽ ڪڏهن ڇپجي
ظاهر ٿيو آهي. پر جيڪڏهن اهو ڏنل نه هجي ته پوءِ
اهو مواد مان معلوم ڪيو وڃي ته ڪهڙي وقت جو لکيل
آهي. اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۾ لکيل مواد ۾ ڏنل
اشارن، سنن، يا روايتن جي بيان يا لکڻ جي انداز ۽
نموني مان به ڪنهن دستاويز جي لکجڻ يا وقت جو
اندازوڪري سگهجي ٿو.
2-
اهو ڪتاب ڪهڙي هنڌ تي لکيو يا ڇپيو ويو آهي؟
عام طور لکيل مواد جي لکجڻ يا ڇپجڻ واري جاءِ ٻڌائي ويندي آهي.
پر جيڪڏهن اهو لکيل نه هوندو ته مشڪل پئدا ٿيندي ۽
تجزيو مڪمل ٿي نه سگهندو. انهيءَ لاءِ اهو ضروري
آهي ته تحقيق ڪندڙ کي معلوم هجي ته، اها لکيت يا
ڪتاب ڪهڙي هنڌ ۽ ڪهڙين حالتن ۾ لکيو ويو ۽ ڪٿي
ڇپيو ۽ ڪٿان شايع ٿيو، ته جيئن ڪتاب جو تجزيو صحيح
اندازي سان ڪيو وڃي.
1-
تحقيق هيٺ آيل لکيت جي اهميت ڇا آهي؟
جنهن به دستاويز کي تحقيق لاءِ کنيو وڃي انهيءَ لاءِ هو ڏٺو وڃي
ته اها خود ساخت
(Original)
آهي يا ترجمو
(Translation)
آهي. جيڪڏهن ترجمو آهي ته آزاد ترجمو آهي يا لفظي
ترجمو يا ترتيب ڏنل لکيت
(Edited)
آهي، اهو ڪتاب مڪمل آهي يا اڃان مڪمل نه ڪيو ويو
آهي. يعني ڪتاب جو باقي حصو رهيل ته نه آهي.
بهرحال دستاويز جي اصليت بابت پوري معلومات هئڻ
گهرجي ته جيئن انهيءَ ۾ ڏنل راين ۽ خيالن تي ڪا
صحيح راءِ قائم ڪري سگهجي.
ڪنهن به دستاويز جي مٿين ڳالهين کان پوءِ انهيءَ جي مواد جو
تجزيو ڪيو وڃي ٿو. تجزئي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن تحقيق
ڪندڙ کي يقين ٿي وڃي ته دستاويز ۾ ڏنل سندون صحيح
آهن، ته پوءِ هن کي حقيقتون ۽ اصول ڳولڻ گهرجن
جيڪي هن جي تحقيق ۽ عنوان سان واسطو رکندڙ هجن.
انهيءَ کان پوءِ دستاويز جي حقيقتن ۾ جيڪو صحيح
معنيٰ ۾ تعلق آهي انهيءَ کي مصنف جي پيش ڪيل
حقيقتن سان ڀيٽي ڏسجي ۽ انهي مان سچ جي ڳولا ڪجي.
پر جي آزاد حقيقتن جا نتيجا ليکڪ جي حقيقتن جي
نتيجن کان بلڪل الڳ آهن ته پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ٻيا
طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن.
جيڪڏهن ڪنهن دستاويز يا تحقيق ۾ ليکڪ جي گهڻائي هڪ خيال جي هجي
۽ ٿورائي ٻئي خيال جي، ته تحقيق ڪندڙ کي گهڻائي جي
اکيون پوري پٺڀرائي ڪرڻ نه گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته
گهڻا ليکڪ غلط هجن. تنهنڪري پهريائين صحيح اندازو
ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ جي تائيد ڪئي وڃي، پوءِ ڀلي
ٿورن لکيڪن جا خيال سچ ۽
حقيقت کي
ويجهو هجن ته به انهن کي مڃڻ گهرجي ۽ انهيءَ لاءِ
پنهنجون ثابتيون ڏئي ۽ نتيجو ڪڍڻ گهرجي ۽ اهو ثابت
ڪيو وڃي ته صحيح ۽ حقيقت پسندانه راءِ ڪهڙي آهي.
حوالا
1. J. Francis Rummel. An Introduction to
Research. P,. 58
2. Ibid
3. Ibid
P. 60
4. Ibid
5. Carter. V. Good, Scates and Barr. The
Methodology of Educational Research.
P.P 64. 65
باب ستون
شهادتن جو خارجي ۽ داخلي تجزيو
External and Internal Criticirm
تحقيقي مواد جي پرک لاءِ، مواد جي خارجي ۽ داخلي حالتن جو جائزو
ورتو ويندو آهي. سند جي هر انهيءَ واسطو رکندڙ
ڳالهه کي حقيقي ثابت ڪرڻ لاءِ پرکيو وڃي ٿو ته
جيئن حقيقت جو صحيح جائزو پيش ڪري سگهجي. هر سند
جي پرک لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري هوندو آهي ته اها ڪٿي،
ڪڏهن، ڇو ۽ ڪيئن لکي ويئي هئي. انهيءَ کان سواءِ
اها ڄاڻ به ضروري هوندي آهي ته سند جو لکندڙ ڪهڙي
گروه سان واسطو رکي ٿو؛ سندس تعلق ڪهڙي قوم سان
آهي. يا ٻين ڪهڙين ڳالهين سان تعلق رکي ٿو.
مٿين ثابتين کان پوءِ اهو به معلوم ڪيو وڃي ته سند جو اصل متن
ڪٿي لکيو ويو، ڪٿي نقل ڪيو ويو، ڪٿي انهيءَ جون
غلطيون درست ڪيون ويون ۽ ڪٿي سند جي مواد ۾ ۾
گهٽتايون ۽ واڌارا ڪيا ويا آهن.
سند جي خارجي شهادتن جي پرک لاءِ هيٺين ڳالهين کي
ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
1-
جيڪڏهن ڪتاب جي ابتدا ۾ سند جي لکڻ جي تاريخ ڏنل
نه آهي ته اندر ڏنل شهادتن جي مدد سان اها پڪ ڪئي
وڃي ته سند ڪڏهن لکي ويئي آهي.
مثال:
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ڪلام گرهوڙي ۾ هڪ
نسخي جي تاريخ ڪيئن معلوم ڪئي تنهن بابت ڪلام
گرهوڙي ۾ ص 66 تي لکن ٿا ته:
”لنواري شريف واري پيرن جو نسخو، جو مون کي آنجهاني ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي هٿان پهتو ۽ آنجهاني کي پير سعيد حسن
صاحب کان مليو، هي هڪ درگاه جي معتقد حافظ يار
محمد چانڊيہ جو هٿ اکر لکيل آهي. ڪتاب جي تاريخ
ڪٿي به ڏنل ڪانهي. پر جنهن صورت ۾ لنواري جي
خواجگان جو سلسلو خواجہ محمد حسن مدني (وفات
1298هه) تي ختم ڪيو اٿس، تنهن صورت ۾ انومان ڪڍي
سگهجي ٿو، ته
هي نسخو 1298هه کان گهڻو اڳ جو لکيل آهي“.
2-
جيڪڏهن ڪتاب ٻن ٽن زبانن ۾ لکيل آهي ته پوءِ هر
ڪنهن زبان ۾ لکيل ڪتاب بابت مٿين ڄاڻ هئڻ ضروري
آهي.
3-
ڪتاب ۾ جيڪي به واقعا ڏنل هجن، تن کي ڀيٽي ڏسجي،
جيڪڏهن انهن واقعن جي سمجهڻ لاءِ ماهر آثار قديم
(Archaeologist) يا زبان جي ڄاڻو
(Linguist)
جي ضرورت هجي؛ ته انهن جي مدد ورتي وڃي ۽ اهڙي طرح
لکيت جي مصنف ۽ تاريخ کي ڳوليو وڃي.
4-
ڪتاب ۾ استعمال ٿيل ڪن خاص لفظن جي مدد سان به لکجڻ
جو وقت ۽ ليکڪ کي ڳولي سهجي ٿو
(Tone of A Document)
5-
جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن مصنف جي سڀني لکتن کان
واقف هوندو ته پوءِ هي اهڙين لکيتن کي، جن ۾ مصنف
جو نالو نه هوندو آهي ڳولي سگهندو آهي يا اهرين
لکيتن ۾ ڪٿي به مصنف ڪا هڪجهڙي يا ڪا اهڙي ڳالهه
ڪئي هجي جيڪا سندس ٻين لکيتن سان ملي اچي ٿي ته
اهڙي هڪجهڙائي جي مدد سان معلوم ڪري سگهبو ته سند
جو ڪير لکندڙ آهي. پر انهيءَ وقت اهو خيال رکڻ
گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻين جون تقريرون به مصنف بيان
ڪندا آهن يا پنهنجي لکيتن ۾ لکي ويندا آهن، يا ٻين
جا خيال ۽ رايا وٺي پنهنجي نالي لکي ڇڏيندا آهن.
پر اصل مصنف جو ڪوبه نالو نه ڏيندا آهن.
مختصر طور ائين چئي سگهون ٿا ته ڪتاب جي مصنف کي
هيٺين ڳالهين جي مدد سان سڃاڻي سگهجي ٿو
1-
عالمي شهرت رکندڙ شهادتن
جي استعمال مان سڃاڻڻ.
(Use of International Evidence)
2-
اضافي مواد جي استعمال مان سڃاڻڻ.
(Use of Supplementary Data)
3-
لفظن جي استعمال جي ”نست“ مان سڃاڻڻ.
(Tone of Document)
4-
هڪ جهڙين لکيتن يا
ڳالهين جي استعمال مان سڃاڻڻ.
(Comparison with other writing)
5-
مصنف جي نشاندهي.
(Clues of Authorship)
6-
ٻين جي نقل پيش ڪرڻ مان سڃاڻڻ.
(Ghost writer)
7-
مواد بابت ڏنل شهادتن ڏيڻ مان سڃاڻڻ.
(Evidence of data)
8-
غلط شهادتن جي استعمال مان سڃاڻڻ.
(Spurious documents)
9-
ٻين لکيتن کي بدلائي پيش ڪرڻ جي استعمال مان
سڃاڻڻ.
(Forgeries)
10-ٻين
جي خيالن ڏيڻ مان سڃاڻڻ.
(Plagiarism)
11-
غلطين جي مدد سان سڃاڻڻ.
(Erroneous Identification)
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ صاحب جن خارجي شهادتن جو ذڪر
ڪندي لکن ٿا ته: ”جيڪڏهن ڪنهن مصنف بابت تحقيق
ڪرڻي هجي ته پهريائين انهيءَ مصنف بابت اهي سڀ
ضروري تذڪرا ۽ تاريخون مطالعي هيٺ آنديون وڃن، جن
۾ هن جو ذڪر هجي ۽ انهن جي حالتن ۾ جيڪڏهن اختلاف
نظر اچي ته انهن کي پنهنجي تحقيق لاءِ نوٽ ڪيو وڃي
ته جيئن انهن اختلافن کي ٻين هٿ آيل شهادتن جي مدد
سان تحقيق هيٺ آندو وڃي ۽ انهن جي پرک ورتي وڃي.
انهن کان پوءِ انهيءَ مصنف جي استادن، شاگردن ۽
همعصرن جي حالتن ۽ تصنيفن جو پورو پورو اڀياس ڪيو
وڃي ۽ مصنف جو پنهنجي همعصرن استادن ۽ شاگردن سان
جيڪو اختلاف يا تفاوت هجي. انهيءَ کي ظاهر ڪيو وڃي
۽ اهو به ظاهر ڪيو وڃي ته اهو اختلاف ڇو آهي ۽
ڪهڙو آهي، ۽ انهيءَ جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟“ (1).
اهڙي طرح مصنف تي پنهنجي همعصر استادن جو اثر ۽
شاگردن ۽ همعصرن تي مصنف جو اثر به ظاهر ڪيو وڃي.
انهيءَ لاءِ مصنف جي معاشرتي، تاريخي، سياسي ۽
شخصي حالتن کي به ظاهر ڪيو وڃي ته جيئن هن جي پوري
شخصيت پڙهندڙن جي اڳيان صاف ظاهر نظر اچي. انهيءَ
ڪوشش جي ڪري مصنف جون لڪل صلاحيتون ظاهر ڪيون وڃن،
جيڪي هن جي داخلي ۽ خارجي اثرن ڪري هن ۾ پئدا ٿين
ٿيون. هن جو ذهني فڪر ۽ خارجي ڪيفيتون به اهڙي طرح
ظاهر ڪري پرکيون وڃن جو مصنف جون سڀ صلاحيتون ۽
زندگي جو پورو پس منظر هڪ نقش وانگر ظاهر ٿي پوي.
جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ ڪنهن سبب ڪري مصنف جي
صلاحيتن جي ڪنهن پهلو کي اجاگر نه ڪيو ويو ته پوءِ
اها گهٽتائي مصنف سان ظلم جي برابر ليکي ويندي.
انهيءَ ڪري ڪنهن تحقيق لاءِ نه رڳو وڏا وڏا ڪتاب
گڏ ڪيا وڃن ۽ انهن جو مطالعو ڪيو وڃي، پر تحقيق
سان واسطو رکندڙ هر اخبار، رسالي يا پمفليٽ جو به
مطالعو ڪرڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن ڪا گهٽتائي
رهجي نه وڃي تنهنڪري تحقيق ۾ اهو تمام ضروري آهي
ته ڪابه اهڙي واسطو رکندڙ ڳالهه رهجي نه وڃي، جيڪا
تحقيق لاءِ گهربل هجي. انهيءَ لاءِ مصنف جي چوطرف
جو ماحول، حالتون، تعلق رکندڙ هر ماڻهو جو مطالعو
به ڪيو وڃي ته جيئن هن جي ذهني ارتقا جي چڱي طرح
پروڙ پئجي سگهي. اهڙي طرح خارجي شهادتن جو مقصد
ٿيو، اهي شهادتون جيڪي هن جي خارجي حالتن سان
واسطو رکن ٿيون، تن کي پرکيو وڃي ۽ انهن جي مدد
سان مصنف جي ذهني اوسر، هن جي زندگي جو پس منظر،
مختلف صلاحيتن جو جائزو، امتيازي خصوصيتون، ذهني
تخليقون، ماحول، ذهني فڪر، خارجي ڪيفيتون، ماحول
سان اختلاف ۽ هم آهنگي جي پوري پوري پروڙ پئجي
سگهي ٿي.
داخلي تنقيد يا شهادتون
Internal Criticism
هن جو مقصد آهي ته تحقيق ڪندڙ جنهن ڳالهه تي تحقيق
ڪري يا جيڪو مواد هو پنهنجي تحقيق ٿيندڙ مسئلي
لاءِ چونڊي، انهيءَ کان چڱي طرح واقف هجي ۽ ائين
چئجي ته اهو ضروري آهي ته تحقيق سان تعلق رکندڙ
اهڙي هر ڳالهه کان تحقيق ڪندڙ واقف هجي جيڪا تحقيق
۾ ڪم آڻڻ چاهي.
داخلي تنقيد جو مقصد يا مطلب ڇا هئڻ گهرجي؟
داخلي تنقيد لاءِ اهو ضروري آهي ته تحقيق ڪندڙ کي
تحقيق لاءِ جنهن به زبان ۾ ڪو مواد ملي، انهيءَ کي
پڙهي سگهي ۽ چڱي طرح سمجهي سگهي. انهيءَ کان سواءِ
تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ زبان جي ماحول، محاؤن،
اصطلاحن ۽ ٻين ڳالهين کان به چڱي طرح واقفيت هئڻ
ضروري آهي ته جيئن هو هر ڳالهه جو صحيح مقصد حاصل
ڪري سگهي ۽ انهيءَ مواد تي جيڪا پنهنجي راءِ قائم
ڪري اها به صحيح ثابت ٿئي. تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو به
ضروري آهي ته انهيءَ زبان جي اچارن جي تبديلين کان
هن کي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي ته جيئن مقصد چڱي طرح
سمجهائي سگهي، ڇو ته هر ڪنهن زبان جي اچارن ۾ وقت
گذرڻ سان تبديليون اينديون رهن ٿيون.
هر ڪنهن زبان جي ادبي لکيتن ۾ ادبي ۽ حقيقي معنيٰ
يا مطلب ۾ فرق هوندو آهي، جنهن کان تحقيق ڪندڙ کي
پوري معلومات هئڻ گهرجي. ڪنهن به ادبي تحقيق
ڪندڙ کي حقيقت
سان گڏ ادبي زبان سان به واسطو هوندو آهي، تنهنڪري
هن کي ادبي تحقيق ۾ هميشه ادبي مقصد ظاهر ڪرڻ
گهرجي جيئن طنزيا انداز ۾ بيان جي، جيڪڏهن حقيقي
معنيٰ وٺنداسين ته اها ٻي هوندي ۽ ظاهري معنيٰ ٻي
هوندي، تنهنڪري اهو چوڻ ته تحقيق ۾ 2
“Misunderstanding are not easy to avoid” ته غلط نه آهي.
تاريخ ۾ هر انهيءَ شهادت کي قبول ڪيو ويندو آهي،
جيڪا اکين ڏٺل هوندي آهي، جنهن کي حقيقت سمجهيو
وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي تحقيق ڪندڙ ڪنهن شڪ جي ڪري
يا ڪنهن ليکڪ جي ڪري ڪنهن حقيقت کي نه مڃيندا آهن
ڇو ته انهيءَ ۾ غلطي جو انديشو هوندو آهي. جنهن
لاءِ هڪ مثال هي ٿي سگهي ٿو ته ”اڳي وال اسٽريٽ
نيويارڪ
(Wall street New york) شهر ۾ هڪ بم ڦاٽو هو. اٺن اکين ڏٺل شاهدن کان شهادتون ورتيون
ويون، هر ڪنهن جي شهادت ۾ فرق هو ۽ آخر ۾ خبر پئي
ته انهن مان هڪ شاهد اهڙو هو، جنهن اهو واقعو ڏٺو
هو، باقي سڀني انهيءَ کان ٻڌو ۽ پوءِ هنن پنهنجي
سوچ موجب بيان ڪيو هو.“ اهڙي طرح هر شهادت کي صحيح
سمجهڻ ٺيڪ نه هوندو آهي. تنهنڪري تحقيق ڪندڙ لاءِ
اهو ضروري آهي ته هر ڪنهن تنقيد ڪندڙ يا شاهد يا
شهادت کي چڱي طرح پرکڻ گهرجي ۽ اهو تحقيق ڪندڙ کي
يقين ڪرڻ گهرجي ته انهيءَ تي ڪنهن قسم جو اثر ته
نه آهي، جو تنقيد ڪندڙ يا شاهد تي ڪنهن قسم جي ڊپ،
خوشي، مذهب، تحريڪ يا اڻ ڄاڻائي وغيره ڪري ٿي سگهي
ٿو يا ڪنهن ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ وقت، ڪن مشڪلاتن
اچڻ ڪري ڪا تحقيق مڪمل نه ٿي سگهي هجي. عام طور
”اهو ڏٺو ويو آهي ته صحافي يا اخبار جو نمائندو
ڪنهن به شخص جا ساڳيا لفظ نه دهرائيندو آهي.
تنهنڪري تحقيق ڪندڙ کي گهرجي ته اهڙن شاهدن کي چڱي
طرح پرکي پوءِ انهيءَ جي شهادتن کي تحقيق ۾ ڪم
آڻي، جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته پوءِ اهو مواد
تحقيق لاءِ صحيح نه ٿيندو.“ 3
اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي تحقيق لاءِ مواد
جدا جدا هندن تان ملندو آهي، جيئن ڊائريون،
يادگيريون، سوانح حيات يا ٻين ادبي تخليقن تان ۽
انهن سڀني ۾ حقيقت جو مدار جدا جدا ڳالهين تي
هوندو آهي ۽ ليکڪ به سڀ هڪجهڙا حقيقت پسند نه
هوندا آهن، ڪي تمام چالاڪ، ڪي تمام گهڻي معلومات
رکندڙ، ڪي وري ڪنهن نه ڪنهن طرح قدامت پرست هوندا
آهن. هر ڪنهن جي لکيتن ۾ حقيقت جدا جدا انداز سان
بيان ڪئي ويندي آهي. تنهنڪري ائين چئي نٿو سگهجي
ته هر هڪ شهادت
ڪا صحيح به
هجي. جيڪڏهن ڪو ليکڪ اعتبار جي لائق به آهي پر
ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هن کي حقيقت جي خبر هجي
به، پر ڪنهن سبب ڪري انهيءَ کي ظاهر نه ڪري يا
صحيح نموني ۾ بيان نه ڪري سگهيو هجي، تنهنڪري اهو
ضروري آهي ته هر شهادت ۽ انهيءَ جي ڏيندڙ جي مڪمل
پرک ورتي وڃي. (يعني درايت ۽ روايت جي پرک)
ڪنهن داخلي شهادتن جي مدد سان مصنف جي ذهني ترقي ۽
نفسياتي اثرن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، تنهنڪري
ڪنهن به مصنف بابت داخلي شهادتن ۾ هن جي سڀني
تخليقن جو جائزو ۽ تاريخي ترتيب جو جائزو ورتو
وڃي، اهو انهيءَ ڪري ته ڪنهن به مصنف جي بيان ۽
خيالن ۾ جيڪي ڳالهيون هونديون آهن، تن جي مدد سان
ڪنهن جي سٺاين ۽ خرابين کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.
مصنف زبان ڪهڙي ڳالهائيندو هو، ڪهڙا اصطلاح،
تشبيهون، استعارا پنهنجي لکيتن ۾ استعمال ڪندو هو؛
ڪهڙا جذبا ۽ خيال هن جي دل دماغ تي اثر انداز هئا،
ڪهڙين ڳالهين کي هي پسند ڪندو هو ۽ ڪهڙين ڳالهين
کان هي نفرت ڪندو هو، ڪهڙا موضوع ۽ صنفون هي پسند
ڪندو هو ۽ ڪهڙيون صنفون ۽ موضوع هن جا ناپسند ديده
هئا. اهي سڀ ڳالهيون خيال هر ڪنهن شخص جي لکيتن
مان ملي سگهن ٿا، جن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ
اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته مصنف ڪهڙي خيالن جو
هو، سندس شخصيت ڪهڙي قسم جي هئي، مٿس ڪهڙا نفسياتي
اثر غالب هئا. انهيءَ طرح مصنف جي ظاهري ۽ لڪل
خيالن کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي تي
هجونگار هجي يا قصيدگو شاعر هجي، ٻنهي جي ذهني
اوسر کي سمجهي سگهجي ٿو. ڇو ته هر اديب پنهنجي
ماحول ۽ وقت جي اوسر جي پيدائش هوندو آهي ۽ هي
پنهنجي ماحول حالتن ۽ وقت جو عڪاس ۽ نقاد به هوندو
آهي ۽ اها عڪاسي ۽ نقادي هو پنهنجي ذهني قوت جي
مدد سان چئو طرف جي اثر هيٺ رهندي ڪري ٿو، تنهنڪري
ڪنهن اديب جي ڄاڻ هن جي ڏنل مواد ۽ لکيتن جي
مطالعي مان ملي سگهي ٿي. مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن اديب
جي خارجي شهادتن مان ڪو مواد نٿو ملي، ته پوءِ هن
جي داخلي شهادتن تي غور ڪيو وڃي يعني هن جي لکيتن
۾ ڪم آيل لفظ، محاورا، تلميحون تشبيهون، استعارا ۽
مختلف خيال وغيره گڏ ڪري ۽ پوءِ اديب جي اظهار،
گفتار ۽ ڪردار بابت معلومات هٿ ڪري سگهجي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ساڳي نالي يا تخلص وارن شاعرن يا اديبن
جي سڃاڻپ به مٿين ڳالهين جي مدد سان ڪئي ويندي آه
تحقيق ۾ سائنسي سوچ جو طريقو
تحقيق ۾ ڪنهن مسئلي جي حل کي سمجهائڻ لاءِ ڪن
حقيقتن ۽ انهن تي ڏنل راين کي سمجهڻ ضروري هوندو
آهي. حقيقت سچ هوندي آهي، پر رايا اسان جا پنهنجا
سوچيل نتيجا هوندا آهن، جيڪي اسين حقيقتن بابت
ظاهر ڪريون ٿا ۽ اهڙي طرح ڪنهن حقيقت جي بيان کي
اسين پنهنجي سوچ موجب غلط يا صحيح، ڪوڙو يا سچو
ظاهر ڪريون ٿا. پر جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڪابه غلطي نه
هوندي ته پوءِ اسين سچي فيصلي يا نتيجي تي اچي
بيهنداسين. سائنسي اصولن موجب ڪنهن به ڳالهه لاءِ
ڪابه راءِ آخري نه هوندي آهي ۽ انهيءَ کي مڃڻ يا
رد ڪرڻ ضروري نه هوندو آهي. راءِ رڳو ڪنهن ڳالهه
کي ورجائڻ يا تائيد لاءِ ڏني ويندي آهي ته جيئن
انهيءَ ڳالهه مان ڪي ٻيون ڳالهيون ورتيون وڃن.
ڪنهن حقيقت کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي شهادتون ورتيون
وينديون آهن، جن سان ڪٿي اختلاف به هوندو آهي ۽
ڪٿي انهيءَ شهادتن سان شامل راءِ به ٿيڻو پوندو
آهي ۽ اهڙي طرح شهادتن جي مدد سان ڪنهن حقيقتن جو
صحيح يا غلط هجڻ ظاهر ڪيو ويندو آهي، جنهن کي
حقيقت جي پرک چيو وڃي ٿو.
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو حقيقت کي ڪوڙو ثابت
ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون شهادتيون ورتيون وينديون آهن ۽
نتيجو پنهنجي مطلب جو ڪوڙو ثابت ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ لاءِ فقط هڪ ڳالهه غلط چئي سگهجي ٿي، حقيقت
يا شهادتون؛ جنهنڪري سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت
ڪيو ويو هجي. تنهنڪري تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو ضروري
هوندو آهي ته ڪو ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳي حقيقت
کي صحيح نموني سان پرکي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪري.
انهيءَ ڪري سائنسي سوچ جي اصولن جي مدد سان تحقيق
ڪندڙ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو هر ڪنهن
شهادت ۽ حقيقت کي صحيح نموني ۾ پرکي ۽ صحيح راءِ
قائم ڪري. انهي قائم ڪيل راءِ کي به وري پرکيو
وڃي ۽ اهو ثابت ڪيو وڃي ته اها صحيح آهي يا نه؟
تحقيق لاءِ سائنسي سوچ جو طريقو هڪ تمام اعليٰ قسم
جو طريقو آهي، جنهن جي مدد سان مشڪل کان مشڪل
مسئلي جو حل ڪاميابي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
سائنسي تحقيقي اصولن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ سجاڳ،
ڦڙت، لچڪدار ۽ ڪشاده دماغ جي ضرورت هوندي آهي،
جيڪو هر ڪنهن جذبات کان آزاد هجي(Free
from Emotion).
تحقيق لاءِ قدامت پسند ذهن نه هئڻ گهرجي، پر اهڙو
ذهن هئڻ گهرجي جيڪو لاڳيتن نون خيالن جي ڳولا لاءِ
هر وقت تيار هجي. تحقيق ڪندڙ جو ذهن ايترو ته
لچڪدار هجي ۽ شهادت جي مدد سان پنهنجي پراڻن جو
نت نون خيالن کي رد ڪري، نوان خيال ۽ شهادتون حاصل
ڪري. هن کي خود پسندي جو ڪوبه خيال نه هئڻ گهرجي.
اهڙي طرح سائنسي تحقيق ۾ هر خيال کي پنهنجي شخصيت
۽ جذباتي اثر کان آجو رکڻ گهرجي. سائنسي تحقيق ۾
پهريائين ڪنهن مسئلي جو بلڪل پوري پيماني جي
اوزارن سان ظاهري ۽ باطني تجزيو ڪيو وڃي ٿو ته
جيئن نتيجو صحيح نڪري اچي. ٻي سائنسي تحقيق جي
سڃاڻپ انهيءَ جا انگ اکر هوندا آهن. تنهنڪري بلڪل
صحيح اندازي سان انهن انگن اکرن جي حسابي انداز
سان رکيو ويندو آهي.
(Theuses of quantitative method in the treatment
of data)
جيئن ڪنهن به حساب ۾ جيڪڏهن ڪو هڪ عدد به غلط ٿيو
ته پورو حساب غلط ٿي ويندو، تيئن سائنسي تحقيق ۾
به جيڪڏهن ڪٿي به انگن يا اکرن ۾ ڪو تفاوت آيو ته
پوري تحقيق جو نتيجو غلط ٿي ويندو. ٽيون هن طريقي
۾ منطقي سوچ ضروري هوندي آهي جنهن جي مدد سان
مسئلي جي حل لاءِ صحيح ثابت ڪيو ويندو آهي.
انگريزي اصطلاح ۾ منطقي سوچ کي ثابت ڪيو ويندو
آهي. انگريزي اطلاح ۾ منطقي سوچ کي
Syllogism Reasoning
چيو وڃي ٿو. هن جو انگريزي ۾ مطلب آهي:
“Logical form of every argument consisting of three
propositions, of which the first two are called
the premises and the last, which follows from
them, the conclusion” (4)
يعني منطقي سوچ ۾ ٽي ڳالهيون اچي وڃن ٿيون، ٻه اهي
جيڪي هن جي دائري ۾ هونديون آهن يعني جن تي عمل
ڪيو ويندو آهي ته ڪا ڳالهه ڪيتري قدر سچي آهي ۽
ٽئين اها ڳالهه هوندي آهي جيڪا انهن ٻن دائرن جي
مدد سان حاصل ڪئي وڃي ٿي جا آهي نتيجو.
انهن کي ٽڪنڊي سان مشابهت ڏئي سگهجي ٿي جا هئين
ٿيندي:
حقيقت
Fact
Conclusion
نتيجو شهادت
Evidence
جيڪڏهن حقيقت نه هوندي ۽ انهيءَ کي حقيقت ڪري ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ انهيءَ لاءِ ڪوڙيون
شهادتون ڏئي ثابت ڪيو ويو ته نتيجو شهادتن جي لحاظ
کان درست هوندو پر حقيقت جي لحاظ کان غلط هوندو.
پر جي حقيقت صحيح هوندي آهي. انهيءَ کي ڪوڙين
شهادتن جي مدد سان نئون رخ ڏنو ويو ته به نتيجو
غلط نڪرندو، يا جيڪڏهن حقيقت صحيح آهي شهادتون به
صحيح آهن پر نتيجو غلط سوچيو ويو ته حقيقت جي
اصليت ختم ٿي ويندي. اهڙي طرح ڪنهن ته تحقيق جو
مدار ٽن ڳالهين تي هوندو آهي پهريون حقيقت هجي،
ٻيو شهادتون صحيح هجن، ٽيون نتيجو صحيح سوچيو وڃي.
انهيءَ لاءِ منطقي سوچ جا هي اصول ڪم ايندا آهن:
منطقي سوچ The Syllogism Reasoning
منطقي سوچ جي اصول کي
Inductive method of Reasoning and Deductive
Method of Reasonong
چيو وڃي ٿو.
هن جو مقصد هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ ڪنهن
ٻي شيءِ سان ڪنهن هڪ ڳالهه جي ڪري برابر آهي ته
ٻين ڳالهين جي ڪري به برابر ٿي سگهي ٿي، يعني جيڪي
شيون هڪ ڳالهه جي ڪري برابر هونديون آهن، سي ٻين
ڳالهين جي ڪري به برابر هونديون آهن. پر ائين گهڻو
ڪري نه هوندو آهي تنهنڪري هن اصول جي ڪري ڪيتريون
ڳالهيون غلط نڪرنديون آهن.
هن سوچ جا ٽي حصا آهن:
وڏو دائرو
The Major premise
ننڍو دائرو
The Minor premise
نتيجو
Conclusion
پهرين دائري ۾ جيڪو بيان ڪيو ويندو آهي اهو پوري
معاشري يا گروه لاءِ هوندو آهي. ٻئي دائري ۾ ڪنهن
هڪ شخص کي معاشري جي ڪنهن فرد سان برابر ڪيو ويندو
آهي، نتيجي ۾ اهو ئي ثابت ڪيو ويندو آهي، جيڪو
سڀني لاءِ صحيح هوندو آهي ۽ اهو هڪ خاص شخص لاءِ
به صحيح هوندو آهي.
مثال پهريون
Major premise: The men are mortal.
سڀ انسان فاني آهن. وڏو دائرو
Minor premise: Ali is a man.
علي هڪ انسان آهي. ننڍو دائرو
Conclusion: Therefore Ali is a mortal
تنهنڪري علي فاني آهي. نتيجو
ٻيو مثال
Negative Affirmative
Major premise A=B A=B
Minor premise C=A C=A
Conclusion C=B C=B
انهيءَ اصول کي هن طرح به چئي سگهجي ٿو.
عام ڳالهين مان خاص ڳالهيون ثابت ڪرڻ
Deductive Reasoning
هن سوچ ۾ ڪنهن عام ڳالهه کان ڪنهن خاص ڳالهه جي
طرف اچڻو پوندو آهي يعني ڪن هڪ قسم جي عام ڳالهين
جي نتيجي کي ملائي ڪو خاص نتيجو ڪڍيو وڃي. هن ۾
اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪنهن هڪ فرقي جي سڀني ماڻهن
جي لاءِ جيڪا حقيقت هوندي آهي انهيءَ کي انهيءَ
فرقي جي هر ڪنهن ماڻهو لاءِ حقيقت تسليم ڪيو ويندو
آهي ۽ ڪنهن خاص فرقي جي ماڻهو لاءِ به اها حقيقت
تسليم ڪئي ويندي آهي.
مثال:
سڀ ڇوڪريون گلاب جا گل پسند ڪنديون آهن.
اختر هڪ ڇوڪري آهي.
تنهنڪري اختر گلاب جا گل پسند ڪندي آهي.
يعني هن اصول موجب ڪنهن عام قانون کان خاص قانون
طرف اچڻو پوندو آهي.
Deductive
عام قانون
General Law
کان
Inductive
خاص قانون
Particular Law
هن جو ٻيو مثال هي ٿي سگهي ٿو.
(1)
جيڪي ڪجهه ڪنهن واچ لاءِ سٺو نه آهي اهو
منهنجي واچ لاءِ به سٺو نه هوندو.
(2)
واچ جو ’ڪري پوڻ‘ ڪنهن به واچ جي لاءِ سٺو نه
آهي.
(3)
تنهنڪري ’ڪري پوڻ‘ منهنجي واچ لاءِ به سٺو نه
هوندو.
بهرحال تحقيق ڪرڻ وقت هر ڪنهن مسئلي جي هر حقيقت
کي پرکڻ لاءِ، پهرئين انهيءَ کي عام اصولن جي مدد
سان پرکيو ويندو آهي ته جيئن اها حقيقت جي سچائي
جيڪا مسئلي جي سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ چونڊي ويئي
آهي، انهيءَ کي صحيح ثابت ڪيو وڃي ۽ جڏهن انهيءَ
حقيقت جي سچائي ثابت ٿي ويندي آهي ته پوءِ وري
انهيءَ حقيقت کي مخالف اصول تي به پرکيو ويندو آهي
ته جيئن انهيءَ حقيقت جي سچ کي ساڳي نتيجي تي آڻي
سگهجي.
خاص ڳالهين مان عام ڳالهيون ثابت ڪرڻ
Inductive Reasoning
هن سوچ موجب ڪنهن خاص اصول کي ڪن عام ڳالهين لاءِ
تسليم ڪيو ويندو آهي يعني ڪنهن خاص ڳالهه جي نتيجي
کي عام ڳالهين جو نتيجو ڪري مڃيو ويندو آهي. ائين
چئجي ته ڪنهن خاص ماڻهو جي ڪنهن خاصيت يا حقيقت کي
ڪنهن پوري گروه جي هر ماڻهو لاءِ تسليم ڪيو وڃي.
هن اصول کي
Deductive Reasoning
پرکڻ لاءِ يعني پهرئين اصول کي پرکڻ لاءِ استعمال
ڪيو ويندو آهي ته جيئن اها حقيقت جيڪا ثابت ڪئي
وئي آهي انهيءَ کي صحيح ثابت ڪيو وڃي.
مثال:
(1)
اختر کي گلاب جو گل پسند آهي.
(2)
اختر هڪ ڇوڪري آهي.
(3)
سڀني ڇوڪرين کي گلاب جا گل پسند آهن ڇو ته ڇوڪريون
آهن.
يعني ڪنهن ڳالهه جي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص شخص جي
خاص ڳالهين جا مثال وٺي هڪ عام قانون ٺاهيو ويندو
آهي.
In Ductive خاص قانون
Particular Law
Deductive
عام قانون
General Law
پر ڪنهن ڳالهه کي عام قانون تسليم ڪرڻ لاءِ هيٺين
ڳالهين جو خيال رکيو وڃي.
(1)
ڪهڙي طرح سڀ حقيقتون هٿ ڪيون ويون.
(2)
سڀ هٿ ڪيل واقعا صحيح ۽ واسطو رکندڙ آهن؟
(3)
واقعا چڱي انداز ۾ آهن؟
هن اصول جو واسطو ڪنهن واقعي يا حقيقت جي سببن ۽
اثرن سان هوندو آهي. جيئن روزاني حالتن جي ڪري ڪي
سبب پئدا ٿين ٿا ۽ حالتن ۽ سببن ۾ ڪو تعلق آهي ته
پوءِ حالتون انهن سببن جي پئدا ڪرڻ جو نتيجو
هونديون ۽ جيڪڏهن حالتون انهن سببن جو نتيجو نه
هونديون ته پوءِ انهن حالتن کي ڳوليو ويندو جيڪي
حالتن جو سبب هونديون.
ڪنهن به سائنسي تحقيق ۾ ڪنهن شيءِ جي ڳولا، انهي
شيءِ جي مستحڪمي، انهي شيءِ جي حالتن سان برابري
جي سمجهاڻي جو مدار
Inductive
۽
Deductive سوچ جي منطقي اصولن تي آهي. هن قسم جي تحقيق آزمودن تي
ڪئي ويندي آهي جيڪي ماضي ۾ ٿي چڪا هوندا آهن. هن ۾
ٻن قسمن جا خيال شامل هوندا آهن: پهريون
(Deductive)
يعني اهي خيال جيڪي خاص مقرر ڪيل هوندا آهن، جن جي
مدد سان اڳتي وڌبو آهي ۽ جيڪي ذريعا حاصل هوندا
آهن، انهن کي ڪم آندو ويندو آهي جيئن ماضي جون
کوجنائون، پڙهيل آزمودا، بحث مباحثا ۽ هڪ ٻئي جي
مخالف سوچون ڪم آنديون وينديون آهن ۽ انومان جي
مدد سان دنيوي تعلقات کي ظاهر ڪيو ويندو آهي ۽ خاص
ڳالهين کي عام ڳالهين سان ڪن اصولن ۽ قانونن تي
پرکيو ويندو آهي.
ٻيو طريقو آهي پٺتي موٽڻ جو
(Inductive)
يعني عام ڳالهين کي خاص ڳالهين ۾ پرکيو وڃي ۽ اهڙي
طرح خاص ڳالهين مان عام ڳالهين ڏانهن اڳتي وڌجي
ٿو.
هن ۾ سوچ ڪنهن حقيقت کان شروع ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن
ٻڌايل اصول، انومان ۽ ڪنهن سمجهيل ڳالهه ڏانهن وڌي
ٿي. ٻي پٺتي هلندڙ سوچ آهي جيڪا ڪنهن ڳالهه جي مدد
سان ڪنهن خاص ڳالهه جي لاءِ سوچي وڃي ٿي. هن ۾
انومان جي پرک ثابتي ڪري ورتي ويندي آهي ته حقيقت
۽ حالتون منطقي طور ڪيتري برابري رکن ٿيون. اهڙي
طرح ”سائنسي تحقيق ۾ حقيقت کان سوچ شروع ڪئي وڃي
ٿي ۽ وري واپس حقيقت تي انهيءَ جي پرک ڪئي وڃي ٿي
۽ انومان کي پرکيو وڃي ٿو“ (5).
(Scientific thinking starts with facts and continually return
to facts to test and verfy its hypothesis)
پهريون مثال
ڏٺو وڃي ٿو ته گرامر جا اصول، تاريخ جون حقيقتون،
حساب جا اصول گهڻو ڪري وسري وڃن ٿا. پر پاڻي ۾
ترڻ، موٽر هلائڻ ۽ واڍڪو ڪم ڪرڻ نٿو وسري. پهريون
انومان آزمودي کان حقيقت ڏانهن هلي ٿو. انهيءَ مان
معلوم ٿئي ٿو ته جائزي ۾ تفاوت آهي جيڪو جدا جدا
طريقن تي معلومات حاصل ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. اهي
سکڻ جا جدا جدا طريقا آهن، جن جي ڪري ائين ٿئي ٿو،
اتي سوچ بلڪل ابتو ڪم ڪري ٿي ۽ ماڻهو عام کان خاص
حالتن ڏانهن هلي ٿو.
عام ڳالهين لاءِ هيٺيون ڳالهيون سوچڻيون پونديون آهن
(1) جيڪي حقيقتون معلوم ڪيون ويون آهن، سي گهڻي
وقت کان هلي رهيون آهن.
(2) اهو تفاوت هر ڪنهن شيءِ مان ملي ٿو.
(3) هر ڪنهن سکندڙ شخص کي سکيا جي وقت ۾ ساڳي
چالاڪي يا ساڳيو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
(4) جيڪو عام طور ڪم سکيو وڃي ٿو، اهو گهڻي وقت
تائين ياد رهي ٿو، يا عام سکيا جا جدا جدا طريقا
آهن.
(5) وري وري ورجائڻ سان انهيءَ ۾ تفاوت معلوم ڪري
سگهجي ٿو.
(6) ڪنهن به خشڪي، ڪنهن به مزيداري هئڻ ڪري انهن
مان تفاوت معلوم ڪري سگهجي ٿو.0
(7) معنيٰ جي لحاظ کان انهيءَ ۾ ڪو تفاوت معلوم
ڪري سگهجي ٿو.
هر ڪنهن مٿي ڏنل ڳالهه تي بلڪل خيال سان ۽
سلسليوار تجزيو ڪرڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن جيڪي
حقيقتون موجود آهن يا جيڪي خوبيون يا حقيقتون حاصل
ڪيون ويون آهن، سي صحيح ثابت ڪيون وڃن ته جيئن سوچ
۾ ڪو واڌارو ڪيو وڃي، يا ڪا نئين ڳالهه ڳولي وڃي،
جيڪا اڳين پراڻي ڳالهه جي جاءِ وٺي سگهي ۽ وڌيڪ
صحيح سمجهاڻي ڏئي سگهي يا وڌيڪ حقيقت پسندانه هجي.
اهڙي طرح سائنسي تحقيق ۾ ايستائين مقرر انومان کي
پرکي ۽ انجو مڪمل تجزيو ڪري نٿو سگهي، جيستائين
تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيق کي ڪنهن حقيقت کان شروع
ڪري ۽ وري واپس حقيقت ڏانهن اچي. هو اهو عمل حقيقت
ثابت ٿيڻ تائين ڪندو رهندو آهي. هن لاءِ هي مثال
ڏجي ٿو:
”هڪ ماڻهو پنهنجو گهر ڇڏي وڃي ٿو ۽ جڏهن واپس گهر
۾ اچي ٿو، تڏهن ڏسي ٿو ته سندس گهر جي هر شيءِ
پکڙي پئي آهي، يڪدم هن جي ذهن ۾ گمان
(Notion)
پئدا ٿئي ٿو ته انهن شين جي پکڙڻ جو سبب ڇا آهي.
هن جي ذهن ۾ ٻه سبب پئدا ٿيا. پهريون ته ڪو چور
گهر ۾ آيو آهي يا وري ٻارن جي بدمعاشي ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ سوچ هن جي انومان ۾ مقابلو شروع ڪيو ۽ هن
پنهنجي انومانن جو نتيجو محفوظ رکيو ته جيسين صحيح
حقيقت معلوم ٿئي. انهيءَ جاءِ تي
(Deductive)
سوچ شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن وڌيڪ جانچ ڪرڻ، حالتن
کي گڏ ڪرڻ وارن سببن کي انهن ٻنهي انومانن
(Hypothesis)
جي مدد سان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ڪو چور گهر ۾
آيو هوندو ته لازمي ڪي قيمتي شيون غائب هونديون.
”اهڙي طرح ماڻهو عام ڳالهين کان خاص ڳالهين ڏانهن
هلي ٿو.
(In this thinking process, the man goes from general to the
particular)
هي ايسين ڳوليندي رهندو جيسين ڪا خاص حقيقت هٿ ڪري
جيڪا هن کي ڪا نئين حقيقت هٿ ڪري ڏئي ۽ جيڪا صحيح
هجي، تيسين هي نين حقيقتن جو جائزو وٺندو رهندو ۽
اهڙي طرح هي ڪڏهن حقيقت کان عام ڳالهين ڏانهن
هلندو ۽ ڪڏهن عام ڳالهين کان حقيقت ڏانهن هلندو ۽
اهو ايسين ڪندو رهندو جيسين هي ڪو صحيح حل ڳولي
ڪڍي“ (6). |