سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 21

شاهه جو مزهب:

امامن لاءِ قرب، خليفي لاءِ عزت، شريعت جي پيروري، صبح جو اراد، ديني آزادگي، عشق، مذهب.

ويدانت ۽ تصوف

مذهب جا ٻه پاسا، ظاهري ۽ معنوي، معنوي مت، ويدانت، شنڪر چاريه جيو آتما ۽ پرماتما ۽ آهم برهم، آسمي ۽ سنسار مايا، اپاهه جون، اوديا، دويا، تصوف، صوفي لفظ جو اشتقاق، زهد ۽ رياضت، بايزيد بسطامي، منصور حلاج، انالحق، عشق ۽ عرفان، هستي ۽ نيستي، وحدت عالم ۽ انسان عشق جو رستو، معرفت ۽ وصال.

شاھ جو شعر ۽ شاعري

شعر جي زندگي، شاھ ۽ ٻيا شاعر، شاعر جي بزرگي، جمال ۽ حق جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ، شاعري پيغمبري جو جزو آهي. شعر جي صنعت، فصاحت، بلاغت سلاست، جدت ۽ جوش، شاھ جون مختلف لياقتون، سندس اولاد ۽ بزرگي.

شاھ جي شعر جو مضمون ۽ عبارت

شاھ جي شعر جا قسم: صوفيانو، تصوف شاھ جي شعر جو مکيه پايو آهي. صوفيانو ۽ فلسفي طريقو، پارسي شاعرن جو اثر، وحدت ۽ ڪثرت، پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ وڃائڻ، انالحق، مذهبن جي غلط فهمي.

ناصحاڻو: عمدي طرز، تواضع ۽ خاڪساري، جرات ۽ هشمت، توڪل ۽ سعيو، اخلاص ۽ وفا، چڱن جو دامن.

عاشقانه: مجازي عشق، سپرينءَ جي سونهن، معشوق جي جفا، عاشق جي وفا، قمر ۽ ڪانگل، قاصد، چانگي تي سواري، وصال، عشق ذات کي نٿو ڏسي، نوري ۽ ڄام تماچي، فارسي غزل، تمثيلي شعر، شاھ ۽ رومي، واقع نگاري، سيرت نگاري لاطمع عشق، حقيقي عشق، طبيعي، قدرت جا نظارا، انسان جي دل تي سندس اثر رزمي، ڪربلا جو قصوص، مرثيو، مديحي، قصيدو- نبين جو نعت، سنڌ جي حاڪمن، سپڙ جي ساراھ، طريقانه-شاھ جي ڳنڀيرائي، شاھ ۽ حافظ، وڳنڌ تي ٺٺولي، عبارت ۽ اشعارا.

شاھ جو نظم: شاهه جي وزن جي گهڻي وقت نه ورتي آهي. هندستاني دوهو، دوهي جي بناوت، سنڌي دوها، شاهه جو طريقو تجنيس حرفي، هندستاني راڳ ۽ راڳڻيون.

شاھ جي سنڌي: شاھ جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌي- سنڌي جو عربي ۽ فارسيءَ سان بنيادي واسطو نه آهي. عربي صورتخطي جي خامي، علم لغات جي اڻ واقفيت، لغت نويسي جون چڪون، مثال سنسڪرت جا ٽي درجا، سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون، پالي پراڪرات ۽ ابڀرنش، ٻوليءَ جي پکڙجڻ جا سبب، تلفظ جي تڪليف، تواريخي تبديليون، قومن جو لھ وچڙ، اصلوڪي لفظ جا ٻه چار قسم- جھونن لفظن جو متروڪ ٿيڻ، نون لفظن جو استعمال، ٻوليءَ جو بگاڙو، ان جو سڌارو آهي. تڌڀو تتسه، ديسي لفظ، علم لغات جي صورت.

شاھ جون نحوي بناوتون: شاھ جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرات سان مشابهت، حالتي پڇاڙيون، جنس بي جان، ضمير جي حالت، اضافت، ضمير نشانيون فعل معرفت، نعل مرڪب، اسم مرڪب، ظرف ۽ حروف، جي هاڻ مترڪ ٿي ويا آهن.

رسالي جي تصنيف ۽ تاليف:‎ رسالي کي ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ - وري لکجڻ - ٻين شاعرن بابت ساڳيون روايتون- شاعر پنهنجو ڪلام هرگز ضايع نه ڪندو، رسالي ۾ ٻين شاعرن ۽ سگھڙن جي بيتن جو وچور. ٽرمپ صاحب جو ڇاپو، سرڪاري ڇاپو، بمبئي وارو ڇاپو، مرزا قليچ بيگ جو ڇاپو، مراز صاحب جو رسالي نسبت رايو، هي ڇاپو.

مٿي ڏنل مقدمي جي ترتيب کان پوءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ اهو مقدمو پنهنجي اعليٰ حيثيت ۽ اهميت اڄ تائين مقدمي نگاري ۾ قائم رکيو اچي هن مقدمي ۾ مقدمي نگاري جون اهي خوبيون موجود آهن جيڪي اسين بيان ڪري چڪا آهيون. هن ۾ شاعر جي زندگي جي مڪمل عڪاسي، سندس شعر جي مڪمل ڇند ڇاڻ ڪري شاعري جي هر پهلو کي ظاهر ڪري پڙهندڙن جي اڳيان آندو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ اهو پهريون مقدمو آهي جيڪو شاعر ۽ سندس ڪلام بابت مڪمل مواد پڙهندڙن کي ڏئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هن مقدمي ۾ شاھ بابت ڪيتريون نيون ڳالهيون ۽ ڪيترا لڪل پهلو ظاهر ڪيا ويا آهن. مقدمي ۾ زبان اهڙي ته سادي ۽ آسان ڪم آندي وئي آهي جو هر عام ماڻهو انهيءَ کي پڙهي ۽ سمجھي سگھي ٿو. هن ۾ نه رڳو مواد سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو ڪم سرانجام ڏنو ويو آهي پر تحقيق ۽ تنقيد جا به سڀ پهلو تمام عمدي نموني ۾ نڀايا ويا آهن.

بهرحال مقدمو ڪتاب جو مڪمل تعارف هوندو آهي جنهن ۾ حالتن ۽ سيرت تي روشني وجھڻ کان پوءِ زبر نظر تصنيف يا تاليف جو تعارف ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ پهريائين اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته اهو ڪيئن ۽ ڇو لکيو ويو ۽ پوءِ انهيءَ جو موضوع ۽ خاڪو پيش ڪيو وڃي ٿو.

مقدمي ۾ پڙهندڙ کي تصنيف بابت مڪمل تعارف تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسلوب بيان سادو ۽ خيال سلجھيل، تنقيد ۽ تحقيق گڏوگڏ هوندي آهي يا ائين چئجي ته تعارف مڪمل ۽ سٺو اهو ٿي سگھي ٿو جنهن ۾ مٿي ڏنل خاصيتون موجود هونديون.

حوالا

(1)  ڊاڪٽر انصار الله نظر”تدوين ڪي اصول و مدارج“ سمه ماهي

اردو شمارھ 403

(2)  ايضاً

(3) ڊاڪٽر عبارت بريلوي، مقدمات عبدالحق، لاهور اردو

مرڪز 1923ع ص 5

(4) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، مقدم لطيفي، حيدرآباد عدالستار عبدالله ڀٽي آزاد بڪ ڊيپو 1936ع ديپاچو ص؟

باب ٻارهون

بيهڪ جون نشانيون

PUNCTUATION

مقصد ۽ اهميت

بيهڪ جون نشانيون ٻولي جي مقصد ۽ معنيٰ سمجھڻ جو وسيلو آهن. ٻولي يا زبان جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ ڍار هر ڪنهن زبان وارن جو الڳ الڳ آهي ۽ انهيءَ ڍنگ ۽ ڍار يا لاهن چاڙهن جي مدد سان ٻولي جي بيهڪ جو اندازو يا انهيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد کي مقرر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ٻڌندڙ، انهيءَ آواز کي سمجھي سگھن، اهڙيءَ طرح هڪ ماڻهو جي وات مان آواز ڪڍڻ ۽ ٻئي جو ڪنن جي رستي انهيءَ آواز کي صحيح سمجھڻ، ڪنهن زبان يا ٻولي جي اهميت کي به ظاهر ڪندو آهي.

ڪنهن زبان جي سمجھڻ جي اهميت هيٺ ڏنل ٻولي جي وصفن مان ظاهر ٿئي ٿي. نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته:

”ٻولي انسان جي دل ۽ اندر جي اظهار جو ٻيو نالو آهي“ (1) زبان جي عالمن وري زبان ۽ ٻولي جي وصف هن طرح ڪئي آهي: ”زبان خود بخود اختيار ڪيل آوازن ۽ علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان واهپو رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي متاثر ڪن ٿا“ (2).

مٿين ٻن وصفن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته ٻولي اظهار جو بهترين طريقو آهي، جنهن جي مدد سان، انسان پنهنجي خواهشن، ضرورتن، احساسن، جذبن ۽ سوچن کي پنهنجي سماجي گروھ جي ٻين انسانن کي سمجھائي ٿو. اهو انساني اظهار جو طريقو ٻن قسمن جو هوندو آهي: هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ وارو ۽ ٻيو لکڻ وارو. ٻنهي اظهار جي طريقن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ، ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جو ساڳيو مقصد ۽ مطلب ڪڍي جيڪو هن جي اندر ۾ هجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي اظهار ڪرڻ مان ڪوبه فائدو نه نڪرندو. انهيءَ لاءِ ڳالهائيندڙ ڳالهائڻ وقت اهڙو ڍنگ (Tone) يا ڍار (Intonation) ۽ لکندڙ بيهڪ جون نشانيون اختيار ڪندو آهي، جو سندن اندر جو اظهار ٻين جي سمجھڻ جي لائق ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ ڳالهائڻ وقت ڍنگ يا ڍار ۽ لکڻ وق ڍنگ يا ڍار جي جدا جدا طريقن لاءِ بيهڪ جون نشانيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون.

ڳالهائڻ ۾ هر جملي ۽ فقري کي مقصد جي لحاظ کان جدا جدا ڍنگ يا ڍار سان ڳالهايو وڃي ٿو ۽ لکڻ وقت وري انهيءَ ڍنگ يا ڍار کي نشانين جي مدد سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. ڳالهائڻ وقت جي جملو بيان آهي ته انهيءَ جي هڪ ساريڪي آواز ۾ سڀ لفظ اچاريا وڃن ٿا؛ پر جي اهي لفظ لکيل صورت ۾ هوندا ته آخر ۾ پورو دم ڏنل هوندو آهي. جيڪڏهن جملي ۾ ندا جي حالت آهي ته جملي جي ابتدا ۾ لفطن تي زور ڏيڻو پوندو آهي ۽ لکيل جملي ۾ ندا جي نشاني ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن جملو سوالي آهي ته جملي جي آخرين لفظ تي زور ڏنو ويندو پر لکيت ۾ وري آخر ۾ سوال جي نشاني ڏني ويندي آهي. اهڙي طرح ڳالهائڻ وقت جملي جي بناوت جي لحاظ کان ڪٿي ٿورو ڪٿي گهڻو بيهڻو پوندو آهي ۽ ڪٿي مڪمل طرح ساھ کڻڻو پوندو آهي ۽ لکڻ وقت انهن بيهڻ جي جاين تي بيهڪ جون جدا جدا نشانيون ڏينون وينديون آهن ته جيئن لکندڙ جي لفظن جو مقصد ۽ مطلب صحيح نڪري سگھي.

لکڻ وقت بيهڪ جون نشانيون تمام اهميت رکن ٿيون ڇو ته پڙهندڙ جي اڳيان لکندڙ نه هوندو آهي، تنهن ڪري پڙهندڙ لکندڙ جي خيالن، جذبن، احساسن ۽ سوچ کي تڏهن سمجھي سگھندو جڏهن انهيءَ لکيت مان پورو ۽ صحيح مطلب ڪڍي سگھندو، انهيءَ ڪري صحيح سمجھائڻ لاءِ لکڻ وقت اهو ضروري هوندو آهي ته بيهڪ جون صحيح مطلب نشانيون ڏنيون وڃن ته جيئن پڙهندڙ لکيت مان اهوئي مطلب ڪڍي سگھي جيڪو لکندڙ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته لکندڙ جو صحيح مقصد نه نڪري سگھندو ۽ لکندڙ جو اهو فائدو پڙهندڙ کي حاصل نه ٿيندو جيڪو هن کي ٿيڻ گهرجي. انهيءَ لحاظ کان بيهڪ جون نشانيون زبان يا ٻولي ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون ۽ جملن جي صحيح مطلب ۽ معنيٰ کي بلڪل صاف ۽ آسان ڪري پڙهندڙن جي ذهن تائين پهچائين ٿيون. لکڻ وقت جيڪڏهن نشانيون نه استعمال ڪيون ويون يا غلط بيهڪ جون نشانيون استعمال ڪيون ويون ته ٿي سگھي ٿو ته ٻه فقرا، يا ٻه جملا يا ڪو جملو ۽ فقرو جيڪي جدا جدا مطلب رکن ٿا. ملي ڪو غلط مطلب نه ڪڍي وجھن يا انهيءَ جو غلط مطلب نڪري اچي. جيئن هيٺ ڏنل جملي ۾ اکرن جي اڳيان ۽ پٺيان ٿورو دم ڏيڻ سان مطلب بدلجي وڃي ٿو:

اڄ نه سڀان هلندا سين.

هن جملي جا ٻه مطلب نڪري سگھن ٿا.

اڄ هلنداسين . پر سڀاڻي نه هلنداسين.

يا

اڄ نه هلنداسين، پر سڀاڻي هلنداسين.

انهي لاءِ رڳو ”نه“ جي اڳيان پٺيان نشاني ڏيڻ يعني ٿورو دم ڏيڻ سان مطلب بدلجي وڃي ٿو، جيئن ته،

اڄ نه سڀاڻ هلنداسين.

اڄ نه، سڀاڻ هلنداسين.

ٻيو مثال:

هو نه هي گل سٺو آهي.

هو نه، هي گل سٺو آهي.

هو، نه هي گل سٺو آهي.

اهڙن جملن ۾ نشاني نه ڏيڻ ڪري پڙهندڙ منجهي پوندو آهي ته لکندڙ ڪهڙي ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪهڙي لاءِ انڪاري آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته بيهڪ جون نشانيون خيال سان ڏنيون وڃن جيئن غلط مطلب يا مونجھارو پئدا نه ٿئي، هر ڪنهن تحقيقي مقالي ۾ بيهڪ جون نشانيون ٻين لکيتن کان تمام وڌيڪ اهميت رکنديون آهن ڇو ته لکيت جو خاص مقصد ڪنهن نئين ڳالهه کي ٻين تائين پهچائڻ هوندو آهي، ۽ لکيت دوران جيڪي به رايا يا نتيجا ڏنا وڃن ٿا، سي پڙهندڙن جي لاءِ نوان هوندا آهن. جنهن لاءِ ضروري هوندو آهي ته اهڙي انداز ۽ ڍنگ ۾ لکيا وڃن، جيئن اهي هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي سگهن ۽ پڙهندڙ آساني سان انهن جو مطلب سمجهي سگهي. انهيءَ سمجهاڻي ۽ سوال سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته لکيت ۾ هر جملي، فقري ۽ حوالي وغيره کي نشانين جي مدد سان اهڙي طرح سان لکيو وڃي، جو پڙهندڙ کي بنا ڪنهن وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ جي، پورو مطلب سمجهه ۾ اچي سگهي يا ائين چئجي ته جيڪي ڪجهه لکندڙ ٻين کي ٻڌائڻ چاهي، اهو مقصد صحيح معنيٰ ۾ پڙهندڙ ڪڍي سگهي.

انهيءَ کان سواءِ بيهڪ جي نشانين کي گرامر ۽ مطلب جي لحاظ کان صوتيتي اهميت به آهي. صوتيات ۾ ”جتي جملا مختلف ڍار سان ٿين ٿا يا جنهن هنڌ تي هڪ جملو ختم ٿئي ٿو، ۽ وري ٻيو جملو شروع ٿئي ٿو، تنهن هنڌ کي پڄاڻي وارو ميلاپي هنڌ (Terminal Juncture) سڏبو آهي.اهڙي طرح گفتگو ۽ ڳالهائڻ ۾ آواز جي ميلاپي هنڌ کي صوتيتي اهميت هوندي آهي (3). اها صوتيتي اهميت قرآن ڪريم جي قرات ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن کي ”وقف““ چيو وڃي ٿو. معنيٰ جي لحاظ کان به صوتيات ۾ بيهڪ جي نشانين جي اهميت آهي جنهن کي معنيات (Semantics) چيو وڃي ٿو. معنيات جي لحاظ کان ”ٻوليءَ کي ٻه پاسا آهن، ان جو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو باطني پاسو معنيٰ ۽ مطلب سان واسطو رکي ٿو. انساني گفتگو جڏهن بامعنيٰ ٿئي ٿي تڏهن ان کي علامت (symbole) سڏجي ٿو“ (4). انهيءَ کان سواءِ نه رڳو هر لفظ هڪ کان وڌيڪ معنائون ظاهر ڪري ٿو پر ڪن حالتن ۾ساڳيو ئي لفظ ٻه مخالف معنائون به ظاهر ڪري ٿو. مثلن ڪو ماڻهو جڏهن سچ پچ پنهنجي وفادار دوست جي واقفيت ڪرائيندو آهي، تڏهن چوندو آهي ته ”هيءُ آهي منهنجو وفادار دوست محمد هاشم جنهن جي ڪالهه ڳالهه پئي ڪيم“ هن ۾ دوست کان پوءِ ٿورو دم ڏيڻ سان انهيءَ سان وفاداري ظاهر ڪئي ويئي آهي. پر جيڪڏهن دوست کان پوءِ ندا جي نشاني ڏني وڃي ته ٿيندو:-

هي آهي منهنجو وفادار دوست! جنهن جي ڪالهه مون ڳالهه پئي ڪئي؛ هن جملي ۾ ”ندا“ جي نشاني ڏيڻ سان جملي جو مقصد طنزيا ٿي وڃي ٿو، جنهن مان ٽوڪ ظاهر ٿئي ٿي. اهڙي طرح نشانين ڏيڻ سان مطلب بدلجو وڃي ۽ لفظن جي معنيٰ ابتڙ ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ لفظ اچارڻ ۾ ساڳيا هوندا آهن. اهڙي طرح هر زبان جي ڳالهائيندڙ جو آواز، انهن جو ڍنگ (Tone) يا ڍار (Intonation) جدا جدا هوندا آهي جنهن جي مدد سان لفظن ۽ پدن کي معنيٰ جي لحاظ کان مختلف جملن ۾ جدا جدا نموني ادا ڪيو وڃي ٿو. اهو ڍار جملي جي لحاظ کان ٽن قسمن جو هوندو آهي. بياني جملو، سوالي جملو، تعجبي جملو. اهي ٽئي جملا الڳ الڳ ڍنگ سان ادا ڪيا وڃن ٿا، پر لفظ جملن ۾ ساڳيا هوندا آهن“ (5).

(1)        توکي ڪاوڙ آهي، بياني جملو

(2)       توکي ڪاوڙ آهي؟ سوالي جملو

(3)       توکي ڪاوڙ آهي! ندائي جملو

مٿئين ٽنهي جملن ۾ لفظ ساڳيا آهن پر جملن جو ڍار جدا جدا آهي، جنهن جي ڪري مطلب هر ڪنهن جملي جو جدا نڪري ٿو، پر لکڻ وقت انهن جملن جي ادائگي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ يا صحيح مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ، بيهڪ جون نشانيون ڏنيون وڃن ٿيون. پر جيڪڏهن لکڻ وقت اهو ڍار (Intonation) نشانين جي مدد سان ادا نه ڪيو وڃي ته پڙهندڙ ڪڏهن به انهن جو صحيح مطلب ڪڍي نه سگهندو. انهيءَ مان ڍار جي بدلجڻ سان (نشانين جي نه ڏيڻ سان) ڇاڪاڻ ته مطلب ڦري وڃي ٿو، تنهن ڪري انهن کي صوتيتي اهميت ڏني ويئي آهي. ”انهيءَ لحاظ کان لسانيات جي عالمن دم (.)، اڌ دم (؛) ٿورو دم (،) سوال جي نشاني (؟) ۽ عجب جي نشاني (!) کي صوتيتي درجو ڏنو آهي“ (6)

اهي ڍار جا نمونا هي ٻڌايا وڃن ٿا:

”ڍار جا عموما چار نمونا آهن. هڪ چڙهندڙ (Rising) ٻيو ڪرندڙ (Falling) ٽيون چڙهندڙ ڪرندڙ ۽ چوٿون ڪرندڙ چرهندڙ. ڍار جا اهي نمونا جملي ۾ مختلف هنڌن تي واقع ٿين ٿا ۽ معنيٰ ۾ فرق پئدا ڪن ٿا“ (7)، جن کي لکڻ وقت نشانين جي مدد سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو.

مٿين بحث مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته بيهڪ جي نشانين کي نه رڳو ڳالهائڻ جي ڍار ۽ ڍنگ جي لحاظ کان اهميت آهي پر جملي ۾ لفظن جي صحيح معنيٰ ڪرڻ جي ڪري به وڏي اهميت آهي. جيئن هيٺين ڏنل وصفن مان ظاهر ٿئي ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ۾ بيهڪ جي نشانين جي وصف هن طرح ڏني ويئي آهي؛ ”بيهڪ جون نشانيون جملن ۾ فاصلي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن جيڪي رسمي نشانيون آهن ۽ ڪنهن خاص رٿا موجب مقرر ٿيل آهن، جن جي مدد سان ڪنهن لکيت کي دل ۾ يا ڏاڍي سمجهي يا صحيح پڙهي سگهجي ٿو“ (8).

John W. Clerk & Eric Partridge پنهنجي ڪتاب You Have A Point There ۾ بيهڪ جي نشانين جي اهميت هن طرح بيان ڪئي آهي؛

”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي ته لفظ مطلب جي لحاظ کان صحيح اچاريا وڃن ۽ اهڙي طرح لفظن جي معنيٰ ۽ مقصد جو مدار بيهڪ جي نشانين تي هوندو آهي، جيڪي لفظن جي وچ ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. بيهڪ جي نشانين کي نظرانداز ڪرڻ سان لکيت جي مطلب کي بگاڙيو وڃي ٿو. جيڪڏهن غلط نشانيون ڏنيون ويون ته پڙهندڙ صحيح خيال کي سمجهي نه سگهندو ۽ پڙهندڙ جو ذهن منجهي پوندو. انهيءَ لاءِ ڪنهن صحيح خيال کي سمجهائڻ لاءِ بيهڪ جون نشانيون ضروري آهن. ڇو ته بيهڪ جي نشانين جو مطلب هوندو آهي ته لکندڙ جو مطلب ظاهرڪرڻ ۽ انهيءَ جي سمجهاڻي ڏيڻ ۾ پڙهڻ ۾ جيڪو مونجهارو هجي انهيءَ کي دور ڪرڻ.“ (9)

بيهڪ جي نشانين جي ساڳي وصف L. A. G Strang پنهنجي ڪتاب An Informal English Grammar ۾ هيءَ ڪئي آهي:

We indicate time by means of stops, known as punctua tion marks, also help to make the sense clear, to show the explanation and avoid confusion in reading.”

يعني جن کي اسين بيهڪ جون نشانيون چئون ٿا سي وقفن کي ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ مقصد واضح ڪرڻ، سمجهائڻ ۽ پڙهڻ جي مونجهاري کي دور ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

Robert Brittanin بيهڪ جي نشانين جو مقصد وري هنن طرح بيان ڪيو آهي ته ”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي، جيڪي ڪجهه ڳالهايو يا لکيو وڃي، انهيءَ جو مقصد پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي صاف ۽ صحيح سمجهه ۾ اچي ته لکندڙ يا ڳالهائيندڙ جي لفظن جو صحيح مقصد ڇا آهي“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”بيهڪ جي نشانين جو مقصد هوندو آهي، لفظن جي معنيٰ جو صحيح مفهوم پڙهندڙن تائين پهچائين.“ (10) اهڙي طرح هر هڪ بيهڪ جي نشاني جي ڪا خاص معنيٰ هوندي آهي جيڪا جملي ۾ ادا ٿئي ٿي. جيڪڏهن لکندڙ پنهنجي خيالن کي مڪمل ۽ صحيح نموني ۾ سمجهائڻ چاهي ٿو ته هن کي بيهڪ جون نشانيون صحيح نموني ۾ ادا ڪرڻيون پونديون. بنا بيهڪ جي نشانين جي ڪابه لکيت تمام منجهيل ۽ بي مقصد نظر ايندي.

مٿين وصفن کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به لکيت کي سمجهڻ ۽ صحيح پڙهڻ ۾ نشانيون ضروري آهن. بيهڪ جون نشانيون لکيت جو ساٿي، جز يا حصو آهن، جيڪي جملن جو ڍانچو تيار ڪن ٿيون. بيهڪ جي نشانين کانسواءِ جملي جو ڍانچو بنا مقصد ٿي سگهي ٿو، جنهن مان ڪو مقصد به نڪري اهڙي طرح بيهڪ جي نشانين کي لکيتن ۾ وڏي اهميت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org