باب
يارهون
مقدمو
INTRODUCTION
مقدمو لکڻ ڪنهن به تحقيقي ڪتاب جي لاءِ ظاهري ۽
معنوي لحاظ کان ايترو ئي ضروري هوندو آهي، جيترو
واقف ۽ اڻ واقف سان گفتگو ڪرڻ. مقدمي ۾ زندگي ۽
ادب ٻئي دلچسپ انداز ۾ هم آهنگ نظر ايندا آهن ۽
اهڙي طرح پڙهندڙن کي مقدمي ۾ هر دلچسپي جو سامان
گڏ ملندو آهي، جنهن ۾ زندگي جي هر پهلو تهذيب،
تمدن، زبان جا اهم مسئلا، انهن جون سمجھاڻيون،
موضوع جو تجزيو، مقصد وغيره کي تمام سليس ۽ آسان
انداز ۾ ترتيب ڏيئي بيان ڪيو ويندو آهي.
مقدمي نگاري کي اڄ تائين تحقيق جي ميدان ۾
نه
فن ڪري مڃيو ويو آهي. نه ڪي هن جي لاءِ ڪي خاص
اصول ئي مقرر ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ هر تحقيقي ڪتاب
جي لاءِ مقدمو ضروري هوندو آهي. سنڌي ڪتابن ۾
مقدمي جي بدران ٻيا ڪيترا لفظ ڪم آندا آهن وڃن ٿا،
جيئن ديباچو، تعارف، ٻه لفظ، پيش لفظ، وغيرهه،
مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپور واري سچل سرمست جي
سرائڪي ڪلام کي ترتيب ڏيندي ڪلام جي اڳيان (preface)
کي مولف جي گذارش ۽
Introduction
کي تعارف ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ سچل سرمست جي زندگي
۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي اٿس! اهڙي طرح سنڌي
ڪتابن ۾
Introduction
لاءِ ڪوبه هڪ خاص لفظ مقرر نه آهي. تنهن ڪري
پڙهندڙن جي نظر ۾ مقدمو ، ديباچو، تعارف، ٻه لفظ ۽
ٻه اکر وغيره سڀ هڪ ڳالهه ڪري سمجھيا وڃن ٿا؛ ۽
انهن ۾ جيڪو مواد ڏنو وڃي ٿو انهيءَ ۾ به گهڻو ڪري
فرق نه هوندو آهي. انگريزي ۾ لکيل تحقيقي ڪتابن جي
اڳيان
preface
۽
Introduction
ضروري هوندو آهي ۽ ٻنهي جو مقصد بلڪل جداگانه ۽
انداز بلڪل مختلف هوندو آهي. پر جيڪڏهن غور سان
ڏٺو وڃي ته
preface
لاءِ سنڏي ۾ لفظ ”مصنف جي گذارش“يا رڳو لفظ
”گذارش“ هئڻ گهرجي ۽
Introduction
لاءِ مقدمو يا تعارف هئڻ گھرجي، جيڪي مقصد ۽ موضوع
جي لحاظ کان ٺهڪي اچن ٿا.
Preface
۾ مصنف پنهنجي ڪيل جدوجهد، مشڪلاتن
،
ڪتاب جي ضرورت ۽ همدردن مددگارن جي مڃتا جو ذڪر
ڪري ٿو، تنهن ڪري هر ڪتاب لاءِ ضروري آهي. پر
جيڪڏهن مصنف چاهي ته ڪتاب بابت مختصر بيان به ڪري
سگھي ٿو. پر مقدمو
Introduction
خاص تحقيقي ڪتابن لاءِ ضروري آهي.
جنهن ۾ ڪتاب جي تحقيقي مقصد تجزئي ۽ مواد جي مختصر
بيان کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جيئن
پڙهندڙن کي پوري ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت جو پتو پوي
۽ پڙهندڙن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي دلچسپي پئدا ڪري.
سنڌي ادب جي ڪتابن ۾ هونءَ ته ڪيترائي مقدما لکيا
ويا آهن، جيڪي پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا. پر
گربخشاڻي جي مقدمي لطيفي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي
ڪتابن جي مقدمن کي جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين ته اهي
مقدما فني توڙي ادبي لحاظ کان پنهنجي خصوصيتن جي
ڪري وڏي اهمت رکن ٿا. انگريزي ڪتابن ۾ جيڪو مقدمي
جو انداز ۽ سٽاءَ پيش ٿيل هوندي آهي تنهن کان
مٿئين صاحبن جا لکيل مقدمان گهڻو اڳتي وڌيل نظر
اچن ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هر ڪتاب جو مقدمو اهڙي
انداز سان لکيو آهي جو مقدمي جو مواد، مقصد، تحقيق
ڪندي جيڪي نيون کوجنائون ڪيون آهن، تن کي بلڪل
مختصر انداز ۾ پڙهندڙن جي اڳيان هڪ ئي نظر ۾ آڻيو
ڇڏي. ائين کڻي
چئجي ته ڊاڪٽر صاحب جا مقدما سندس تحقيق جو روح
هوندا آهن. سندس انهيءَ انداز بيان ۽ سٽاءَ مان
مقدمي نگاري جي فني حيثيت ۽ اصول ظاهر نظر اچن ٿا.
جيڪڏهن لکيل مقدمن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته
معلوم ٿيندو ته مقدمي نگاري هڪ مڪمل فن آهي ۽
انهيءَ جا ڪي منطقي اصول آهن، جن کي مقدمي لکڻ وقت
مصنف کي پنهنجي خيالن ۾ ضرور رکڻ گھرجي. اهڙي طرح
ڪن ضروري ڳالهين ۽ اصولن جي مجموعي امتزاج سان، هن
فن جي تشڪيل ۽ تعمير ٿي سگھي ٿي۽ مقدمو ادبي دنيا
۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري سگھي ٿو.
مقدمو ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ محص تعارف جي صورت ۾
لکيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري مقدمي نگاري جي حيثيت
نڪي ڪنهن مستقل ادبي صنف جي لکي ويئي آهي، نڪي
ڪنهن زبان جي ادب ۾ هڪ باقاعدي ادب جي شاخ سمجھي
وڃي ٿي. عام طور ڪنهن به ڪتاب جو مقدم رسمي هوندو
آهي، جيڪو ڪڏهن مصنف خود لکي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن جي
فرمائش تي لکيو ويندو آهي. پر اهڙن فرمائشي مقدمن
۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ادبي
تحقيقي صنف لاءِ ضروري هوندي آهي. اهڙا مقدما
تعريفي هوندا آهن.
ڪنهن به ڪتاب جي مقدمي ۾ جيڪي اهميت واريون
ڳالهيون تفصيلي بيان ڪيون
وينديون آهي، تن جو تحقيق ڪندڙ مسئلي کي حل ڪرڻ
کانپوءِ تفصيل ڏيندو آهي، پر انهن اهم مسئلن کي،
هن جي نڪتي نگاهه کان ايتري اهميت هوندي آهي جو هو
انهن کي مسئلي جي شروعات ۾ ڏيندو آهي. اهڙي طرح
تحقيق ڪندڙ اهو مناسب سمجھندو آهي ته پري تحقيق ۾
جيڪا ضروري معلومات پيش ٿيل آهي تنهن کي مختصر ڪري
پڙهندڙن جي پيش نظر رکي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي
ته ”مقدمي نگار جو ڪم آهي ته ڪنهن تدوين جي انهن
مختلف شعبن کي پڙهندڙن جي نگاهه ۾ آڻي، جن مان
انهن کي معلوم ٿئي ته لکندڙ جو مقصد اصل تحقيق ۽
اصل تنقيد لاءِ، صحيح ترين مواد، عام ضروري
تفصيلات سان پيش ڪرڻ آهي“ يعني مقدمو ڪتاب جو هڪ
قسم جو روح هوندو آهي جيڪو سڄي جسم مڪمل ٿيڻ
کانپوءِ لکيو ويندو آهي. جنهن ۾ پوري مواد کي
نچوڙي انهيءَ جو خاص مقصد ڏنو ويندو آهي. ”۽ انهي
لاءِ ته ڪتاب پڙهڻ کان اڳي پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب
جو مقصد ۽ اهميت واضح هجي ته جيئن ڪتاب جي مطالعي
وقت موجھارو نه ٿئي. اهڙي طرح ”مقدمو“ ڪتاب جو
پهريون حصو آهي جيڪو پنهنجي وجود جي اعتبار کان
آخري ليڪن ڪم جي لحاظ کان اولين هوندو آهي“ (2) يا
ائين چئجي ته مقدمو پوري ڪتاب جو عڪس يا ايڪس ريز
هوندي آهي جيڪا ڪتاب جي هر سٺائي ۽ خرابي کي هڪ ئي
نظر ۾ اڳيان ڏئي ٿي. تحقيق ڪندڙ ڪهڙي طرح ۽ ڪهڙي
انداز ۾ اهو مواد تنقيد ڪندڙ ۽ پڙهندڙن جي اڳيان
پيش ڪري، جو هو بنا ڪنهن وڌيڪ جدوجهد ۽ محنت جي
ڪتاب جي اهميت ۽ مقصد کان ڪتاب پڙهڻ کان اڳي واقف
ٿي وڃن. مقدمي بابت حبيب الرحمان خان شيرواني لکي
ٿو ته: ”توهين جڏهن ڪاروبار جي ڪنهن وڏي مرڪز جي
ڀرسان لنگھندا ته ڏسندا ته دڪان جي سامهون حصو
سڀني کان اڳيان سليقي ۽ دل فريب طريقي سان
سينگاريل هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دل فريبي سان
نگاهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪندو آهي ۽ متوجهه ٿيڻ
تي جڏهن نگاهون تفصيل سان وجھيون ته ٻڌائينديون ته
توهان کي جيڪي شيون ملنديون اهي ڪهڙيون آهن. اهوئي
حال ڪتاب جي مقدمي جو هوندو آهي جو توهانکي دلڪش
نموني ذهن نشين ڪرائيندو آهي ته ڪتاب ڇا آهي“ (3).
يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪنهن ڳالهه يا شيءَ جي
لاءِ هڪ نمائش گاهه هوندي آهي جيڪا ڏسندڙن کي
انهيءَ شيءَ جون سڀ بنيادي خوبيون ظاهرڪري
ڏيکاريندي آهي ته جيئن ڏسندڙ جي دلچسپي پاڻ ۾ قائم
ڪري سگھي. انهيءَ ڪري هر تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيقي
ڪتاب مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اهو بيان ڪرڻ ضروري
سمجھندو آهي ته هو پڙهندڙن کي ٻڌائي يا اعتراف ڪري
ته هن کي تحقيق دوران ڪهڙيون تڪليفون ۽ الجھنون
درپيش آيون ۽ انهن کي هن ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني حل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ ۾ هي ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو.
تحقيق ڪندڙ اهو به ٻڌائڻ چاهيندو آهي ته هن تحقيق
دوران ڪهڙيون نيون ڳالهيون، نوان تجربا ۽ نئين
معلومات حاصل ڪئي، جنهن کي هن پنهنجي معلومات ۾
واڌارو سمجھو آهي يا ڪهڙيون ڳالهيون، تجربا ۽
معلومات هي اهميت جي لائق سمجھي ٿو ۽ ڪهڙي معلومات
اهميت جي لائق نٿو سمجھي. ڪتاب جي ابتدا ۾ پڙهندڙن
کي اهو به ذهن نشين ڪندو آهي ته تحقيق دوران
ڪهڙيون اهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿيون جيڪي آئينده جي
تحقيق ڪندڙن لاءِ فائدي مند ثابت ٿينديون. تحقيق
ڪندڙ کي تحقيق دوران گهڻو ڪري ڪن نادر لکيتن کي
ڏسڻ جو به موقعو ملندو آهي. جنهن جي ڪري هن جي
تحقيق جي اهميت وڌي ويندي آهي. اهڙن نادر لکيتن
بابت به هي ڪتاب جي ابتدا ۾ پنهنجي راءِ ظاهر ڪندو
آهي ۽ انهن نادر ڪتابن جي اهميت ۽ قدر کي پڙهندڙن
جي اڳيان ظاهر ڪندو آهي. ڇو ته اهڙن ڪتابن جي
اهميت پڙهندڙن وٽ تمام گهڻي هوندي آهي. سنڌي زبان
۾ تحقيق ٿيل ڪتابن ۾ اڪثر اهڙن ڪتابن جو مڪمل ذڪر
ملي ٿو جيڪي سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۽ لئبرريين ۾
موجود آهن.
تحقيق ڪندڙ تحقيقي مواد جي ابتدا ۾ انهيءَ کي به
ظاهر ڪرڻ ضروري سمجھندو آهي ته هي پڙهندڙن کي اهو
به ٻڌائي هن تحقيق دوران ڪهڙو مواد گڏ ڪيو جنهن هن
جي معلومات ۾ واڌارو ڪيو ۽ انهيءَ مواد جي ڪيتري ۽
ڪهڙي اهميت آهي. انهيءَ مواد کي هن ڪئين ۽ ڪهڙي
نموني ترتيب ڏنو يا مواد کي ڪيتري تفصيل سان بيان
ڪيو آهي. انهيءَ ۾ رڳو تحقيق ڪندڙ جو مقصد اهو
هوندو آهي ته هي پنهنجي تحقيق دوران ڪيل محنت جو
ٻين کان قدر ڪرائي ۽ پنهنجي تحقيقي مسئلي جي اهميت
ظاهر ڪري.
مقدمي نگار ڪنهن به ڪتاب جي موضوع تي پنهنجو اظهار
خيال انهيءَ ڪري ڪندو آهي ته جيئن ڪتاب جي اصل
حقيقت واضح ٿي وڃي. انهيءَ لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري
هونديون آهن. پهريون ترتيب ۽ ٻيو تفصيل، ۽ اهي ٻئي
پهلو مقدمي جا ذريعا آهي.
ترتيب
ترتيب جو مقصد آهي ته تحقيق دوران جيڪو به مواد هٿ
ڪيو وڃي تنهن کي دلڪش انداز ۾ لکيو وڃي ۽ اهو به
ڏٺو وڃي ته ڪهڙو مواد لکيو وڃي ۽ ڪهڙو ڇڏيو وڃي.
ڇو ته تحقيقي مواد ته گهڻو گڏ ڪيو وڃي ٿو پر
انهيءَ مان رڳو ڪجھ مقصد جو مواد اهڙو هوندو آهي
جيڪو تحقيق ۾ سڌو ڪم آندو ويندو آهي. اهڙو مواد
جيڪو سڌي طرح تحقيق ۾ آڻڻ جھڙو هوندو آهي، انهيءَ
مواد جي ترتيب وڏي اهميت رکندي آهي. يعني انهيءَ
مواد جو ڪهڙو حصو پهريائين لکيو وڃي ڪهڙو حصو
نمايان ڪيو وڃي ۽ ڪهڙو مواد تفصيل سان رکڻ ضروري
ٿيندو ۽ ڪهڙو مواد مختصر ڪري پيش ڪرڻو آهي ته جيئن
پڙهندڙن کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪو مونجھارو نه ٿئي ۽
هر ڳالهه هن جي اڳيان نمايان نظر اچي. انهيءَ
ترتيب کي مقدمي ۾ واضح ڪيو ويندو آهي.
تفصيل:
مقدمي جي خاصيت تفصيل آهي. هن جو مقصد آهي ته هر
ڳالھ کي اهڙي انداز ۽ تفصيل سان بيان ڪيو وڃي جيئن
انهيءَ ڳالھ جو هر پهلو واضح پڙهندڙن کي نظر اچي.
اهو تڏهن ڪري سگھجي ٿو جڏهن لکندڙ کي موضوع تي
پورو عبور حاصل هوندو. مقدمي نگار کي موضوع ۽ مطلب
تي بحث اهڙي تحقيقانه انداز ۾ ڪرڻ گهرجي جو مقدمو
ڪتاب کان وڌيڪ موضوع تي بهتر فيصلو هجي. جنهن مواد
جي خوبين کي اهڙي طرح ظاهر ڪيو وڃي، جو پڙهندڙن کي
راءِ قائم ڪرڻ لاءِ موقعو ضرور ملي سگھي. اهڙي طرح
مقدمي جي هن خاصيت جو مطلب آهي ته بيان اهوئي صحيح
آهي جنهن ۾ سليسائي ۽ صفائي، مقصد ۽ مهارت، زور ۽
ادب آهي.
مقدمي جي تفصيل لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن
1.
اظهار خيال ضروري هئڻ گهرجي.
2.
مواد تي تحقيق ۽ تنقيد جا سڀ پهلو نمايان هئڻ
گهرجن.
3.
تحقيق ۽ تنقيد گڏوگڏ هئڻ گهرجي.
4.
پورو بيان تمام سليس انداز ۾ هئڻ گهرجي.
مقدمي ۾ اظهار خيال ضروري هئڻ گھرجي
مقدمي ۾ ڪي به هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه هئڻ
گهرجن، هر ڳالهه سڌي سئين بيان ڪئي وڃي ۽ ڪٿي به
پڙهندڙن کي تشنگي جو احساس نه ٿئي. مقدمي لکڻ وقت
مقدمي نگار جي جذبات کي اظهار خيال ۾ ٿورو به دخل
نه هئڻ گهرجي. هر ڳالهه جو عقل ۽ شعور تي بنياد
هئڻ گهرجي. انهيءَ کان سواءِ مقدمي نگار جي موضوع
جي هر پهلو تي منطقي نڪتي نگاهه کان نظر هئڻ گهرجي
۽ هر ڪنهن ڳالھ جي هر پهلو تي بحث ڪندي ذرو پرزو
بلڪل مختصر نموني بيان ڪيو وڃي. اهڙي طرح ٿوري
بيان جي مدد سان معلومات تي تفصيلي روشني وڌي وڃي.
مقدمي نگاري ۾ مواد تي تحقيق ۽ تنقيد جا سڀ پهلو
نمايان هئڻ گهرجن
مقدمي جو اصل مقصد ته ڪتاب جو تعارف ڪرائڻ هوندو
آهي پر اهو به ضروري هوندو آهي ته تحقيقي مواد کي
تنقيدي نظر سان به پرکيو وڃي، ۽ اهڙي انداز سان
روشني وڌي وڃي جو مصنف جون حالتون، شخصيت، ماحول ۽
ادبي مرتبي جا سڀ پهلو پڙهندڙ کي نمايان نظر اچن.
اهڙي طرح مقدمي ۾ بيان ڪندي ڪي نيون ڳالهيون، ڪي
نوان انڪشاف ڪيا وڃن ته جيئن مقدمو به هڪ تحقيقي
مواد نظر اچي، جنهن مان پڙهندڙن کي نئين معلومات
حاصل ٿئي. مقدمي مان مصنف جي ماحول جون خاصيتون،
ادبي حالتون پڙهندڙن جي اڳيان ظاهر هجن ته جيئن
تصنيف جي قدر ۽ قيمت جو صحيح اندازو ڪري سگھجي.
مقدمي ۾ تحقيق ۽ تنقيد گڏوگڏ هئڻ گهرجي
مقدمي ۾ تحقيق ۽ تنقيد جو هئڻ ضروري آهي پر تنقيد
تحقيق سان مليل نظر اچي ۽ نه جدا هجي. هر ڪنهن
تحقيق ۽ موضوع جي لساني ۽ ادبي اهميت کي واضح ڪرڻ
لاءِ مقدمي تنقيد کان ڪم وٺندا آهن. انهيءَ ڪري
تنقيد ۽ تحقيق ٻئي مقدمي نگار وٽ گڏوگڏ هئڻ گهرجن،
انهيءَ لاءِ مقدمي نگار کي گھرجي ته هي پنهنجي
مقدمي لکڻ وقت تحقيق ۽ تنقيد ۾ توازن پيدا ڪري.
جيڪڏهن مقدمي ۾ ڪنهن تذڪره جو بيان ڪرڻو هجي ته
تذڪرو ئي پيش نظر هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ جو تفصيل پيش
ڪري ۽ انهن ۾ نين ڳالهين جو انڪشاف ڪري ۽ هر ڳالهه
اهڙي انداز سان يبان ڪري جو اها معلومات ۾ واڌارو
ڪري. اهڙي طرح مقدمي ۾ اصل تفصيل پيش ڪندي، سڀني
پهلوئن جي طرف متوجهه هئڻ گهرجي ۽ تنقيد جو سلسلو
به انهيءَ ۾ شامل هئڻ گهرجي ته جيئن ڪتاب جي اظهار
سان گڏ تحقيق جي اصل حقيقت واضح ٿي وڃي.
مقدمي جو پورو بيان سليس انداز ۾ ڪيو وڃي
تحقيق تي لکيل ڪتاب نه رڳو عالمن لاءِ هوندا آهن
پر اهي ٻين اديبن، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي معلومات
۽ دلچسپي لاءِ به هوندا آهن، تنهن ڪري هر ڳالهه جو
بيان اهڙي ته سليس ۽ آسان زبان ۾ ڪيو وڃي جيئن
پڙهندڙ هر ڳالھ بنا ڪنهن مونجھاري جي سمجھي وڃي ۽
انهيءَ مان لطف اندوز ٿي سگھي. تحقيق دوران هر
خالص تحقيقي ڳالهه به اهڙي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪئي
وڃي جو اها خشڪ نه ٿئي. جيڪڏهن تحقيق جي ڪنهن
ڳالهه تي زور ڏيڻو هجي ته به اهڙي انداز سان
انهيءَ کي بيان ڪيو وڃي جو پڙهندڙ انهيءَ کي خالص
تحقيقي هوندي به عام ڳالهه معلوم ڪري ۽ مونجھارو
محسوس نه ڪري. مقدمي ۾ بيان ڪندي ڪي به هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون بيان نه ڪيو وڃن جن جي ڪري
اصل موضوع کي سمجھڻ ۾ مونجھارو پئدا ٿئي. تنهن ڪري
موضوع کي مقدمي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ اهو به ضروري
هوندو آهي ته اصل موضوع تي روشني وڌي وڃي. ۽ اصل
موضوع جون اهميت واريون ڳالهيون ظاهر ڪيو وڃن.
مقدمي لاءِ ضروري ڳالهيون جيڪي مٿي ڏنل بحث مان
ظاهر ٿين ٿيون
(1)
مقدمي ۾ ترتيب هئڻ گهرجي.
(2)
مقدمو ادبي ۽ لساني تحقيقي هئڻ گهرجي.
(3)
مقدمي ۾ وسعت ۽ گهرائي هئڻ گهرجي.
(4)
مقدمون لکڻ کان اڳي موضوع جو واضح تصور ذهن ۾ هئڻ
گهرجي.
(5)
مقدمو ادبي تنقيد ۽ تبصرو هئڻ گهجي.
(6)
مقدمي ۾ خيال، نظريا، فڪر ۽ تصور هئڻ گهرجي.
(7)
مقدمي ۾ مرڪزي خيال جي نوعيت قومي، معاشرتي تهذيبي
هئڻ گهجي.
(8)
مقدمو ڪتاب جي اهميت جو مڪمل اظهار هئڻ گهرجي.
(9)
مقدمي ۾ بلڪل مفصل ۽ تفصيل سان مختصر بيان هئڻ
گهرجي.
(10)
مقدمي ۾ صداقت بيان ٿيل هئڻ گهرجي، نڪي مداح هئڻ
گھرجي.
(11)
مقدمو اعليٰ درجي جو تحقيقي ۽ تنقيدي مقالو هئڻ
گهرجي جنهن ۾ تاريخي، مذهبي، معاشرتي، تهذيبي،
لساني، ادبي ۽ تنقيدي موضوع تي تمام عالمانه بحث
هئڻ گهرجي.
(12)
اهم پيچيدھ پهلو مقدمي ۾ پڙهندڙن جي اڳيان اچڻ
گهرجي
(13)
مقدمي ۾ نئين معلومات هئڻ گهرجي.
(14)
مقدمي ۾ نئون تنقيدي شعور هئڻ گهرجي.
(15)
مقدمي جي اسلوب ۾ نئون جمالياتي شان هئڻ گهرجي.
(16)
مقدمي ۾ فني انفراديت نظر اچڻ گهرجي.
مقدمي جي مٿين اهم ڳالهين تي نظر وجھڻ کان پوءِ
معلوم ٿيندو ته مقدمي جو مقصد آهي تحقيق ڪندڙ
تنقيد ڪندڙ لاءِ صحيح مواد پوري تفصيل سان پيش
ڪري. مقدمي نگار جي حيثيت مقدمي ۾ هڪ عظيم انسان،
محقق، ماهر زبان، نقاد ۽ قومي رهنماءَ وانگر نظر
اچي. اهڙي طرح مقدمو انهيءَ لکيت کي چئبو جنهن ۾
ڪنهن ڪتاب ۾ تحقيق ٿيل مواد جي نمائش ڪئي وڃي،
جنهن ۾ مواد جون اهم ڳالهيون بيان ڪيون وڃن، انهن
جي اهميت کي نمايان ڪيو وڃي. اهي ڳالهيون تحقيق
مڪمل ٿيڻ کان پوءِ لکيون وڃن ۽ پڙهندڙن جي لاءِ
ضروري معلومات ڏيڻ لاءِ اهي ڪتاب جي اڳيان ڏنيون
وڃن.
لکيل
مقدمن مان مثال
ڪنهن ڪتاب جي مرتب ڪرڻ وقت تحقيق ڪندڙ مقدمي جي
ترتيب ۾ عام طور پهريائين ڪتاب جي مصنف جو تعارف
ڪرائيندو آهي ۽ انهيءَ تعارف ۾ مصنف جي زندگي جي
حالتن جو بيان، هن جي ڪردار جي تصوير تحقيق ڪندڙ
جي پيش لفظ هوندي آهي. انهيءَ کانسواءِ مصنف جي
علمي لياقت جون علمي حالتون هن جي حالت چلت، هن جو
مشغوليون ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون جن جو تصنيف ۽
مصنف جي علمي زندگي سان تعلق هوندو آهي تن کي بيان
ڪندوآهي، جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن جڏهن به ڪنهن
جي زندگي جو احوال يا سوانح لکي آهي ته هن صاحب
حالتن جي بيان سان گڏ سيرت نگاري اهڙي انداز سان
ملائي بيان ڪئي آهي جو حالتون ۽ سيرت هڪ ئي نظر
اچن ٿيون ۽ مقدمو هر پڙهندڙ جي لاءِ دلچسپ ٿيو
وڃي. جيئن حمل فقير جو ڪلام ۾ حمل جي زندگي، ميين
شاهه عنايت جي ڪلام ۾ ميين شاھ عنايت جي زندگي جو
احوال، خليفي صاحب جي ڪلام ۾ خليفي نبي بخش جي
زندگي جو احوال. هر ڪنهن جي زندگي جي بيان ۾ ڪا نه
ڪا انفراديت معلوم ٿيندي جنهن ڪري اهي سوانح
عمريون منفرد انداز جون ٿي پيو آهن.
جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪليات حمل
جو ڪلام جيڪو 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ڇپائي
پڌرو ڪيو تنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ديباچي ۽ مقدمي جي
ترتب هن طرح رکي آهي.
ديباچو
ديباچي ۾ ڪلام جي ڇپجڻ جي ادبي بورڊ پاران منظوري
جو ذڪر، سندس هن تحقيق سان دلچسپي ۽ تعلق، حمل جي
ڪلام جي اڳين ڇاپن جو احوال. ڪلام ڪيئن گڏ ڪيو
ويو. حمل جي پوين سان ملاقاتون، ڪليات حمل جيڪو
حمل فقير جي هٿ لکيل آهي، انهيءَ جو تفصيل سان ذڪر
ڪيو ويو آهي ته هن ۾ ڪيترا ورق آهن، ورق ڪيتري ماپ
جا آهن، ڪهڙي قسم جي پنن تي لکيل آهي، ڪهڙي صورت ۾
بياض هٿ ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ جي موجودھ ڪهڙي حالت
آهي. حمل جي هٿ لکيل ڪليات ۾ جيڪي حاشيا لکيا ويا
آهن ۽ انهن بابت لکيو ويو آهي ته اهي حاشيا
پهريائين ڪهڙي قسم جي پنن تي لکيا ويا هئا پوءِ هٿ
آيل ڪليات ۾ اهي ڪيئن لکيا ويا آهن. حمل فقير جو
ڪلام ڪنهن لکيو آهي ۽ ڪهڙي انداز ۾ لکيو آهي. حمل
فقير جي رسالي ۾ ڏنل ڪلام کي ڪهڙي طرح ترتيب ڏني
وئي آهي. ڪهڙي طرح صورتخطي کي سڌاريو ويو آهي. هن
ڇاپي جي لاءِ ڪهڙن ڪهڙن مدد ڪئي تنهن جو بيان ڏنو
ويو آهي.
مقدمو
(1)
سوانح حيات:
شجرو ۽ خاندان، ولادت، تعليم ۽ مشغليون وقت جي
حاڪمن ۽ خاندانن سان لاڳاپا، مريديءَ جو سلسلو،
شخصيت، وفات ۽ اولاد.
(2)
شعر شاعري:
شاعري جي ابتدا، استاد شاعرن جو اثر، ٻين شاعرن تي
اثر، شاعري جا دور، شاعري جا انواع. عنوان ۽ اسلوب
بيان.
(3)
خيال ۽ فڪر جي نوعيت تنقيدي راءِۡ:
ڊاڪٽر صاحب حمل فقير جي حياتي ۽ شاعري تي بحث کان
سواءِ ٻيون سڀ ڳالهيون ديباچي ۾ ڏنيون آهن پر
انهيءَ کانپوءِ شاھ لطف الله قادري ۽ خليفه صاحب
جي ڪلام ۾ وري حياتي جو احوال، شاعري ۽ تحقيق بابت
جدوجهد جو احوال مقدمي ۾ ڏنو آهي.
مهاڳ
شاھ عنايت جي ڪلام جي روايت، تحقيق جي ابتدا، ڪلام
۽ سوانح جا سرچشما، ڪلام جا ٻه قلمي نسخا، ڪلام جي
ترتيب، ڪلام جي تحقيق ۽ تصيح، شامل ڪلام جو تفصيل.
مقدمو
ميون شاهه عنايت:
دور، سوانح حيات، شاعري جا دور، شاهه عنايت جي
خاندان جا پويان شاعر.
ميين شاهه عنايت جي شاعري ۾ عام مقبوليت، بيتن ۾
بيان جي وسعت، بيتن ۾ مجازي رنگ، سنڌي وائي جي سٽا
جي تڪميل، راڳ جي ڄاڻ. ميون شاھ عنايت ۽ شاھ
عبداللطيف.
خاتمون معنيٰ اهڙيون ڳالهيون جيڪي مقدمه لکڻ
کانپوءِ نيون ڳالهيون اڳيان آيون تن جو ذڪر.
ترتيب ۾ ڪهڙيون نيون ڳالهيون آهن، صحت جي لحاظ کان
ڪلام ڪهڙو باقي آهي. سوانح حيات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون
وڌيڪ نيون آيون تن کي بيان ڪيو ويو آهي. اهي سڀ
ڳالهيون تحقيقي بنياد تي بيان ڪيون ويون آهن.
خليفي صاحب جو رسالو جيڪو 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورد
حيدرآباد چپائي پڌرو ڪيو تنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
مهاڳ ۾ مقدمي جي ترتيب هن طرح رکي آهي.
مهاڳ
- مواد گڏ ڪرڻ بابت احوال، رسالي جا قلمي نسخا،
ڪلام جي ترتيب،
مقدمو
- سوانح حيات، خاندان، ولادت، زندگي جو پهريون
دور، زندگي جو ٻيو دور، رياضت ۽ عبادت، زندگي جو
ٽيون دور، خليفي صاحب جو اولاد.
1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ جي رسالي ۾ شاھ جي
زندگي ۽ ڪلام کي پيش ڪندي جيڪا سنڌي زبان ۾ مقدمي
نگاري جي اعليٰ فني ترتيب ڏني آهي سا ٽيڪنڪ جي
لحاظ کان سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. اهو
ساڳيون مقدمو وري 1939ع ۾ رسالي کان جدا ڪري ڇپايو
ويو ۽ نالو ڏنائين ”مقدمه لطيفي“ جيڪو آزاد بڪ
ڊيپو وارن شايع ڪيو، انهيءَ مقدمي جي ترتيب ۽
تفصيل کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان
۾ مقدمي نگاري جي سٽاءَ ڪيڏي اعليٰ فني اصول تي
1923ع ۾ مقرر ڪئي ويئي هئي، هن مقدمي ۾ شاھ جي
زندگي ۽ ڪلام جي سٽاءَ کي تفصيل سان مختصر ڪي پيش
ڪيو ويو آهي ۽ زبان تمام سليس استعمال ڪئي ويئي
آهي.
انهيءَ مقدمي جي ترتيب هن طرح آهي جيئن خود ڊاڪٽر
گر بخشاڻي لکي ٿو ته: ”هن پهرئين جلد ۾ آيل اڪثر
مضمون. مون پنهنجي تاليف ”شاھ جي رسالي“ جي پهرئين
جلد ۾ مقدمه جي سري هيٺ اڳئي شايع ڪيو آهي. اگرچه
اصلوڪي سٽا قائم ڪئي ويئي آهي تڏهن به هر هڪ مضمون
کي سجلائي ان کي اڳي کان البت سليس عبارت ۾ اوتيو
ويو آهي، ۽ پڻ ڪن نون حوالن ۽ سندن جي آڌار تي، ڪي
نيون ڳالهيون به درج ڪيون ويون آهن. عربي، فارسي ۽
سنسڪرت لفظ جملا ۽ بيت جي ٽيڪا ۽ مثال طور جاءَ
بجاءِ پکڙيل آهن تن جا سنڌي ترجما پڻ ڏنا ويا آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ جي رسالي ۾ مقدمي جي سٽاءَ هن
ريت رکي آهي.
شاھ جي سوانح عمري:
اصل ۽ نسل، ولادت، ننڍڻ ۽ تعليم، عشق ۽ نااميدي
سير ۽ سياحت، شادي، اولاد، دوست ۽ دشمن، شاهه ڪريم
جو قبو اڏائڻ. نور محمد ڪلهوڙي جي دعوت، ڀٽ وسائڻ،
رهاڻ آخرين ڏينهن ۽ وفات.
شاھ جي صورت ۽ سيرت:
شڪل شبيھ، خوراڪ ۽ آرام، بي طمعي ۽ رحمدلي. رياضت،
نوڙت، پاڪدامني ۽ گاني جو شوق. |