شخصي آزمودا Personal Experience
ماضي ۾ انسان کي رسمن، رواجن، روايتن ۽ معتبر
ماڻهن منجهيل مسئلن کي سمجهائڻ ۾ چڱي مدد ڪئي هئي.
انهي وقت ڪوبه هڪ طريقو ڪنهن به تحقيق جو استعمال
ڪيو ويندو هو. اڄ به شخصي آزمودن جي ذريعي سڀ عام
ڳالهيون جيڪي روز مره جي زندگي ۾ پيش اچن ٿيون، تن
جي معلومات ملي ٿي. موجوده دور ۾ جڏهن به ڪو مشڪل
مسئلو حل ڪرڻو هوندو آهي ته پهرئين پنهنجا شخصي
آزمودا اڳيان ايندا آهن، پوءِ جڏهن اهي مسئلي جي
حل لاءِ مڪمل نه هوندا آهن ته ٻين دوستن ۽ واسطو
رکندڙن جا آزمودا ڏٺا ويندا آهن، پر جيڪڏهن اڃان
به مسئلو حل نٿو ٿئي ته پوءِ ماضي يا حال جي ٻين
علمي هستين جا دستاويز هٿ ڪري يا انهيءَ لاءِ
گذريل وقت جون تاريخون هٿ ڪري انهي مان فائدو ورتو
ويندو آهي. ڇو ته تاريخ ۾ انساني آزمودن جي مدد
سان حال ۾ مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. پر شخصي آزمودا
جيتري اهميت وارا آهن اوتريون انهن ۾ غلطيون به
آهن جن جا سبب هي آهن.
(1) ڪنهن هڪ ياگهٽ مثالن سان متفق ٿيڻ.
(2) حمايت ڪندڙ مثال وٺڻ ۽ مخالف مثال ڇڏي ڏيڻ.
(3) خيالن سان اختلاف رکندڙ ثابتين کي ڇڏي ڏيڻ.
(4) جدا جدا حالتن ۾، اهم خيالن ۾ ناڪياب ٿيڻ.
(5) غلط نتيجو قبول ڪرڻ جنهن جي اڳي ئي خيالن ۾
بدگماني پئدا ڪيل آهي.
(6) برابري يا مناسبت ڪري متفق ٿيڻ.
(7) مادي يا غير مادي حالتن ۾ تفاوت ڪرڻ ۾ ناڪامي.
(8) جدا جدا قسمن جا غلط نتيجا ڪڍڻ.
(9) نامڪمل ثابتي مان جلدي نتيجا ڪڍڻ.
انهي کان سواءِ سوچ جي غلطين لاءِ يا عام بحث لاءِ
منطق
(Logic)
جا ڪتاب به ڪم آڻي سگهجن ٿا، جيڪي اهڙين غلطين کي
ثابت ڪن ٿا.
هنن سببن ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته شخصي آزمودا ۽
روزمره جي زندگي جون حاصل ڪيل ثابتيون اهميت
واريون نه سمجهيون ويون آهن، پر خود سائنس لاءِ
ائين سمجهيو وڃي ٿو ته انهي جو به روزمره جي زندگي
سان واسطو آهي. عام طور تحقيق ڪندڙ ڪنهن سبب جي
ڳولا نه ڪندا آهن، پر اهي هميشہ مناسبت ڏسندا آهن
۽ پنهنجا شخصي آزمودا استعمال ڪندا آهن. اهڙي طرح
پنهنجن آزمودن جي حمايت ۾ ماضي جون سٺايون يا
خرابيون ظاهر ڪندا آهن؛ پر اهي تحقيق ڪندڙ جيڪي
حقيقت پسند آهن يا جيڪي وڌيڪ صلاحيت رکن ٿا سي جن
غلطين کي سمجهن ٿا يا ڏسن ٿا تن کي تحقيق ۾ ڪڏهن
به قبول نه ڪندا آهن، پر انهن مان جيڪو آزمودو هنن
کي حاصل ٿئي ٿو تنهن کي حاصل ڪندا آهن. تحقيق
ڪندڙن لاءِ اها معلومات نه رڳو هنن جي عملي
رهنمائي ڪري ٿي، پر جيڪي هي تحقيق دوران نتيجا ڪڍن
ٿا، انهن لاءِ اهميت رکندڙ ثابتيون ۽ معلومات
ڏيندڙ هوندي آهي.
عام طور تي شخصي آزمودن ۽ سائنسي تحقيق ۾ جيڪو
تعلق آهي، اهو بلڪل نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. گهڻين
ڳالهين ۾ سائنسي اصول رڳو آزمائش ۽ ترتيب جي
تفاوتن کي ظاهر ڪن ٿا ۽ فرضي ڳالهيون رڳو عام
آزمودن ۾ هونديون آهن، جن کي سائنسي اصولن جي مدد
سان وڌيڪ تحقيقي ۽ يقيني سمجهندڙ بنايو وڃي ٿو.
روزاني زندگي ۾ اڳي ئي لاشعوري طور تي آزمودن ۾
ترتيب هوندي آهي ۽ انهي لاشعوري روزاني زندگي جي
ترتيب تي سائنسي تحقيق جي ابتدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح
سائنسي تحقيق جو طريقو بي ترتيب شين ۾ ترتيب ۽ غلط
ڳالهين کي صحيح ۽ درست ڪري ٿو. انساني زندگي عام
خيالن جي جانچڻ ۽ سمجهائڻ ۾ ئي گذرندي رهي ٿي تنهن
ڪري خاص خيالن ۽ ڳالهين کي ڪن خاص اصولن تي پرکبو
وڃي ته جيئن انهن ۾ ڪا غلطي نه رهجي وڃي.
شخصي ثابتين جي تجويزن مان منطقي دليل
Syllogistic reasoning From
apparently self evident Proposition
هن قسم جي سوچ مان وڏو فائدو تڏهن ٿيو، جڏهن انسان
پنهنجي خيالن تي سوچڻ شروع ڪيو. ابتدا ۾ ذهني ڪوشش
سان ڪو هڪ منطقي نتيجو پئدا ڪيو ويو پوءِ انهي جي
تحقيق شروع ڪئي ويئي. پهرين اهو طريقو ارسطو
Aristotle
ظاهر ڪيو جنهن کي
Deductive logic
چيو ويو، جنهن کي پوءِ جي عالمن صحيح ثابت ڪيو، هن
Deductive
نتيجي جا ذريعا منطقي دليل هئا، جيڪي اڳين حالتن
جي سمجهڻ ۽ نتيجن مان ورتا ويندا هئا.
مثال
(1) سڀ ڏوهاري سزا جا لائق آهن.
(2) الف ۽ ب به ڏوهاري آهن.
(3) الف ۽ ب به سزا جا لائق آهن.
مٿي ڏنل منطقي دليلن جي سببن جو نچوڙ ظاهر ڪري ٿو
ته ڏنل مثال عام قانون جي اندر آهي.
وري وچين دور وارن ڪنهن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ
ساڳي اصول جي برابري وارو ٻيو اصول ٻڌايو ۽ اهو به
بلڪل برابر منطقي ٽيڪنڪ تي استعمال ٿيو ٿي. هنن
Deductive
اصول کي رد ڪيو ۽ انهي لاءِ پنهنجا دليل ڏنا.
انهي ساڳي اصول تي وري ٻيو اصول
Inductive Logic
ڳوليو ويو، جنهن جو مطلب هو ته ڪنهن خاص نتيجي جي
مدد سان ڪو عام نتيجو ڳولي ڪڍيو وڃي جيڪو
Deductive
جي ابتڙ هجي.
مثال
(1) هڪ انسان چوري ڪري ٿو.
(2) ٻيا به سڀ انسان آهن تنهن ڪري اهي به چوري ڪري
سگهن ٿا.
(3) هڪ انسان چنڊ تي پهتو.
(4) ٻيا به سڀ انسان آهن تنهن ڪري چنڊ تي پهچي
سگهن ٿا.
بهرحال هي دور خيالن ۽ مناظرن
(Speculation and Argumentation)
جو هو جنهن ۾ اڳين معتبر تحقيقن تي شڪ ڪيو ويو ۽
هر هڪ تحقيق سان ٻئي تحقيق جو مقابلو ڪيو ويو ۽
جيڪا صحيح تحقيق هئي تنهن کي مڃيو ويو، باقي کي
غلط ثابت ڪيو ويو. اهڙي طرح سان انساني ارتقا کان
وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي تحقيقون ٿيون، جن جي مدد
سان ڪيترائي اهم اصول ڳولهي ڪڍيا ويا، جيڪي وقت ۽
حالتن جي لحاظ کان بلڪل صحيح هئا. اهوئي دور خيالن
جي گهرائي بحث ۽ تصور جو هو.
پهريان تحقيق ڪندڙ رڳو سببن ۽ منطقي اصولن تي ڪنهن
ڳالهه جو نتيجو ڪڍندا هئا. پر موجوده دور ۾ اهو
ثابت ٿي چڪو آهي ته فلاسافيڪل ۽ سائنسي ٻئي تحقيق
جا طريقا انساني زندگي جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۾ ڪم
آڻن ضروري آهن. اهڙي طرح
Inductive Logic and Deductive Logic
جا اصول جيئن ابتدائي دور ۾ تحقيق ۾ مدد ڏيندا
رهيا آهن تيئن اڄ جي منطقي دليلن ۾ به ڪم ايندا
رهن ٿا. هي ٻئي سوچ جا طريقا ڪنهن منطقي دليلن
واري سوچ جي اصولن لاءِ تمام ضروري آهي.
انومان ۽ تجربو Hypothesis
and Experimentation
موجوده سائنسي تحقيق جو اهم اصول آهي ته جڏهن به
ڪنهن ڳالهه جي تحقيق ڪئي وڃي ته پهرئين مرحلي ۾ هر
ڳالهه جو انومان يا تجربو ڪيو وڇي. اهو سائنسي
تحقيق ۾ تمام خبرداري وارو مرحلو هوندو آهي.
انومان يا تجربي ۾ تحقيق جو نتيجو لڪل هوندو آهي.
جنهن کي طاهر ڪيو ويندو آهي. اهو نتيجو ڪنهن
تعميري ۽ تخليقي خيال جو يا سائنسي تجربو هوندو
آهي. تاريخي تحقيق ۾ پراڻا دستاويز ڪنهن نتيجي جو
سبب هوندا آهن يا ڪن خارجي انگن اکرن گڏ ڪرڻ سان
تحقيق جو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. پر اهو نتيجو تمام
خيال سان ڪڍيو ويندو آهي ته جيئن انهي ۾ ڪا خامي
رهجي نه وڃي. تحقيق هڪ اهڙو مشڪل حسابي ڪم هوندو
آهي جنهن جهڙو ڪو ٻيو مشڪل حسابي ڪم نه آهي. خارجي
تحقيق جي به اهميت ايتري هوندي آهي جيتري ڪنهن
ڳالهه جي انگن اکرن جي هوندي آهي.
تحقيق جي معنيٰ ۽ مقصد
Meaning and purpose of research
انگريزي ۾
Search
لفظ جي لفظي معنيٰ ڳولا ڪرڻ ۽
Research
معنيٰ واري ڳولا ڪرڻ يا خبرداري سان ڳولا ڪرڻ آهي.
اصطلاحي لحاظ کان معنيٰ اٿس نئين معلومات بابت
ڳولا ڪرڻ يا ائين چئجي ته ٿيل ڳالهه جي تصديق ڪرڻ.
تحقيق ۾ هر بيان، ڪنهن نه ڪنهن شهادت يا شهادتن تي
مدار رکندو آهي، يعني هر اظهار کي ٻين جي شهادتن
جي مدد سان قابل فهم بنايو وڃي ٿو. تحقيق ۾ هر
بيان جي تصديق به ٻين جي شهادتن جي مدد سان ڪئي
وڃي ٿي؛ ته جيئن ان کي تحقيق جوڳو بنائي سگهجي يا
ائين چئجي ته اها باترتيب ڪنهن ڳالهه جي ڳولا،
جنهن ۾ معلومات جي واڌاري جو پڪو ارادو هجي ۽ جيڪا
قابل اظهار ۽ تصديق جوڳي هجي يعني تحقيق ٿيل مواد
جو نتيجو اهڙي انداز سان ڪڍجي جو ٻين لاءِ قابل
فهم هئڻ گهرجي.
J.F. Rummel
تحقيق جي وصف بيان ڪندي چوي ٿو ته ”تحقيق ڪنهن
ڳالهه جي ڳجهن رازن کي ڳولڻ، ڪنهن ڳالهه جي ترقي ۽
علم کي وڌيڪ پروڙڻ کي چيو وڃي ٿو. اهو هڪ ذهني
ڪوشش جو سلسلو آهي جيڪو سون سالن کان هلندو اچي ٿو
۽ سچ يا حقيقت جي ڳولا ۾ مقصد ۽ هئيت کي تبديل
ڪندو رهي ٿو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”تحقيق نون طريقن
سان نئين معلومات حاصل ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو“ (2)
ڪنهن به ڳالهه جي حقيقت ۽ سچ جي ڳولا واسطي يا
علمي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي شهادتن جي
وسيلن کي استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جيئن ريتن رسمن،
رواجن جي وجود ۽ انهن جي تصديق بابت علم، انهيءَ
معلومات کان اسين پنهنجي وڏن جي ڪري اڳي واقف
هوندا آهيون. انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي
ورثي ۾ مليل آزمودا به هوندا آهن؛ پر حالتن جي ڪري
جيڪي انهن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ انهن مان جيڪي
نتيجا نڪرن ٿا، انهن جي معلومات، انهن جون
شهادتون، انهن جا مقصد ۽ هئيت جي تبديلي جا سبب
ڳولڻا پوندا آهن. موجوده دور ۾ انهي تحقيق لاءِ
ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا جيئن: منطقي
دليل، شخصي رايا ۽ سائنسي تحقيقي اصول. اهي طريقا
انهي ڪري به استعمال ڪيا وڃن ٿا ته جيئن سچ ۽
حقيقت کي ڳولي سگهجي. ڪنهن مسئلي جي سچ ۽ حقيقت جي
ڳولا انسان پنهنجي اصلاح واسطي ڪري ٿو. جيئن
J.F. Rummle
لکي ٿو ته ”تحقيق هڪ قسم جي معلومات واسطي تلاش
آهي، جيڪا ڪن منطقي اصولن تي يا سائنسي جديد طريقن
تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو ڪو خاص مقصد هوندو آهي.“
(3)
تحقيق جي خاص مقصد جي وضاحت
John W.Best هن طرح ڪئي آهي ته ”اها نئين معلومات جيڪا موجود معلومات ۾
واڌارو آڻي.“ (4) تنهن ڪري تحقيق جو مقصد ٿيو ماضي
جي ڪيل تحقيقن جي غلطين کي رد ڪرڻ، نوان اصول،
نيون ڳالهيون، نوان خيال، نئوان گمان معلوم ڪرڻ ته
جيئن پراڻين تحقيقتن کي مائيدار يا وسيع بنائي
ڪنهن نئين تعلق ۽ نئين ترتيب سان پيش ڪيو وڃي،
جنهن ۾ نيون شهادتون ڏنيون وڃن.پر عام طور تي
تحقيق جو مقصد انسان ذات جي ذهني، جسماني ۽ روحاني
اصلاح هئڻ گهرجي، پوءِ چاهي اها ڪهڙي قسم جي هجي ۽
ڪهڙن اصولن تي ڪئي وڃي.
مجموعي طور تي تحقيق جو مقصد انسان ذات جي ذهني،
جسماني ۽ روحاني اصلاح هئڻ گهرجي، پوءِ چاهي اها
ڪهڙي قسم جي هجي ۽ ڪهڙن اصولن تي ڪئي وڃي.
مجموعي طور تحقيق جو مقصد ٿيو لڪل ڳالهين جي تلاش
ڪرڻ، غلط ڳالهين جي لاءِ صحيح اصول ڳولڻ، تحقيق
ڪندڙن لاءِ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ، لڪل رازن کي
ظاهر ڪرڻ، اهڙين ڳالهين کي ظاهر ۽ صاف ڪرڻ جيڪي
مونجهاري جو سبب آهن، يا اهڙين ڳالهين کان انسان
ذات کي بچائڻ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح تباهي جو سبب
هجن يا اهڙين ڳالهين لاءِ حل يا طريقو يا ڪو رستو
ڳولي ڪڍڻ جيڪي اڃان تائين حل ٿي نه سگهيون آهن.نون
اعتقادن کي پرکڻ، نون اصولن جو تجزيو ڪرڻ، غلط
رجهان رد ڪرڻ، نوان سودمند رجحان پئدا ڪرڻ وغيره.
ادبي تحقيق جي وصف
J.F Rummel
هن طرح ڪئي آهي ته ”تحقيق معنيٰ قديم ۽ ذخيم لکييت
کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ يا ائين چيو وڃي ٿو ته
خاص اهميت واري تحقيق جيڪا عالم ڪن ٿا.“ (5)
جديد سائنسي اصولن موجب تحقيق جي وصف هي ڪئي وڃي
ٿي ته ”سچ لاءِ سچ جي کوجنا ڪئي وڃي
(To discover truth for truth)
۽ انهي سچ جي ڳولا لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار وڃي
تنهن بابت هي راءِ ڏني وڃي ٿي ته ”ٺوس ۽ غير
جانبدارنه حقيقت جو تجزيو ڪيو وڃي“ (6) انهي لحاظ
کان تحقيق جي دائري ۾ وسيع تجرباتي علمي معلومات
اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن مسئلي جي بيان، نتيجي ۽
سمجهاڻي کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، جنهن جي مدد سان
نيون حقيقتون، نوان اصول، ۽ نوان طريقا ڳوليا وڃن
ٿا. انهي لحاظ کان آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (1933) ۾
ڏنل تحقيق معنيٰ معلومات
(Knowledge)
جيڪا ڪنهن سچ، حقيقت ۽ اصول کي ثابت ڪرڻ لاءِ حاصل
ڪئي وڃي“.
تحقيق جو دائرو
SCOPE OF RESEARCH
دائري جو مقصد آهي ته اها حد جنهن جي اندر تحقيق
ڪئي وڃي. انهي کان اڳي جو تحقيق جي دائري کي
سمجهايو وڃي اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته ڪنهن مسئلي
جو دائرو ڇا هئڻ گهرجي. ڪنهن مسئلي جي تحقيق ڪرڻ
لاءِ دائرو، هر ڪنهن موضوع ۽ عنوان جي مدد سان
مقرر ڪيو ويندو آهي، ته مسئلي جي ڪهڙين واسطو
رکندڙ ڳالهين جي تحقيق ڪرڻ، عنوان جي لاءِ ضروري
آهي، جن جي تحقيق نه ڪرڻ سان عنوان جي تحقيق ۾ ڪا
گهٽتائي رهجي ويندي. اڪثر تحقيق ڪرڻ وقت ڪيتريون
واسطو رکندڙ نيون ڳالهيون تحقيق هيٺ اچي وينديون
آهن؛ جن لاءِ عنوان کي قبول ڪرڻ وقت ڪجهه به سوچيو
نه ويندو آهي. اهڙي طرح ۾ نين ڳالهين جي تحقيق
ظاهر ٿيڻ ڪري، عنوان جو دائرو تحقيقي ڳالهين جي
ڪري وڌي ويندو آهي ۽ نيون ڳالهيون ظاهر ٿي، تحقيق
ڪندڙ اڳيان اينديون آهن. تنهن ڪري ڪنهن به عنوان
جو آخرين دائرو ابتدا ۾ مقرر ڪرڻ مشڪل آهي، پر
ڪنهن مسئلي جي تحقيق جو دائرو تحقيق مڪمل ٿيڻ کان
پوءِ مقرر ٿيندو آهي. مسئلي جي دائري کي سمجهڻ
کانپوءِ اهو ظاهر نظر ايندو ته تحقيق جو دائرو
ڪهڙو هوندو يا تحقيق جي دائري ۾ ڪهڙا موضوع اچي
وڃن ٿا؛ تنهن لاءِ هيٺ ڏنل راءِ سمجهڻ لاءِ ڪافي
ٿيندي.
موجوده وقت تحقيق جو دائرو ڪيترو وسيع ٿي چڪو آهي
تنهن لاءِ
J.F. Rummel
لکي ٿو ته:
“The scope of Research is broad, indeed,
covering the whole arena of human interests”
(7).
يعني اسان جي ضرورت جو هر عنوان تحقيق ۾ اچي ٿو
جنهن ۾ اسان جي دلچسپي آهي، يا ائين چئجي ته اسان
جي زندگي جي هر ضرورت ۽ دلچسپي تي تحقيق ڪري سگهجي
ٿي.
تحقيق جون خاصيتون
Characteristics of Research
تحقيق جي خاص خاصيتن کي بيان ڪرڻ سان به تحقيق جو
مقصد ظاهر ٿي سگهي ٿو.
تحقيق جون خاصيتون
(1) صحيح تحقيق اها آهي جيڪا نئين معلومات ڏئي ۽
نوان نتيجا ظاهر ڪري. (انهي کي تحقيق نه چئبو جنهن
۾ ڪنهن ڳالهه کي وري گڏ ڪيو وڃي يا جيڪا ترتيب ڏني
وڃي اها اڳي لکيل صورت ۾ موجود هجي).
(2) تحقيق هر ماهر جو سلسليوار ۽ بلڪل صحيح کوجنا
کي چيو وڃي ٿو.
(3) تحقيق مقررڪيل اصولن تي ڪئي وڃي.
(4) تحقيق ڪندڙ کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته جنهن
موضوع تي تحقيق ڪري رهيو آهي، انهي موضوع تي اڳي
ڪهڙي تحقيق ٿي آهي ۽ تحقيق ڪندڙ انهي جاءِ کان
پنهنجي تحقيق شروع ڪري، جتي اڳين تحقيق ڪندڙن ڇڏي
آهي.
(5) تحقيق ڪندڙ جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته هو
پنهنجي تحقيق جا نتيجا گڏ ڪري، انهن نتيجن لاءِ
دستاويز هٿ ڪري ۽ انهن جو صحيح اندازي سان تجزيو
ڪري ۽ نتيجو ڪڍي.
(6) تحقيق منطقي ۽ خارجي ئي هئڻ گهرجي. جيڪو مواد
گڏ ڪيو ويو هجي، انهي جو تجزيو صحيح اصولن ۽ صحيح
انداز ۾ ڪيو وڃي، جنهن ۾ تحقيق ڪندڙ جي شخصي
محسوسات کي دخل هئڻ گهرجي.
(7) تحقيق ڪندڙ پنهنجي مسئلي لاءِ جيڪا انومان
(Hypothesis)
چوندي تن جي پٺڀرائي لاءِ جيڪو مواد هٿ ڪري، تنهن
تي عمل ڪري. پر وڌيڪ زور واري انومان جي پرکڻ تي
وڌيڪ توجہ ڏي ۽ انهي مان ثابتيون هٿ ڪري.
(8) تحقيق ڪندڙ جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو
پنهنجن خيالن ۽ منطق کي بلڪل صاف ۽ ظاهر پڙهندڙن
جي اڳيان ظاهر ڪري.
(9) تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي ذهن ۾ اهو پختي طرح رکڻ
گهرجي ته هن کي پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي تجزئي ۾
داخل نه ڪرڻو آهي يعني پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي
تحقيق ۾ دخل انداز ٿيڻ نه ڏئي.
(10) تحقيق ڪندڙ جي لاءِ اهو به ضروري اهي ته هو
مواد جي ترتيب لاءِ، جي ٿي سگهي ته، خاص مقرر
اصلاح
(Quantitative Terms)
ڪم آڻي ۽ انهن کي انگن اکرن وانگر بيان ڪري.
(11) تحقيق ڪندڙ کي جلد بازي کان ڪم وٺڻ نه گهرجي
۽ تڪليف ڏيندڙ ڪوشش کي قبول ڪرڻ گهرجي.
(12) تحقيق ڪندڙ کي تحقيق ڪرڻ وقت پنهنجي ذاتي
فيصلن کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ مواد ۽ مقصد جي مدد سان
ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچڻ گهرجي.
(13) تحقيق ڪندڙ کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته ڪنهن
جلدبازي ۽ بيپرواهي ڪري نتيجا ڪنهن خامي جي نذر نه
ٿين.
(14) تحقيق ۾ تحقيق ڪندڙ جي محڪم ارادي جي ضرورت
هوندي آهي.
(15) تحقيق ڪندڙ کي انهي نتجي کي قبول ڪرڻ گهرجي
جيڪو هن مواد جي تجزئي ڪرڻ کان پوءِ حاصل ڪيو آهي،
پوءِ چاهي اهو نتيجو سماج قبول نه ڪري يا اهو عام
مقبوليت وارو نه هجي.
(16) تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو تمام ضروري هوندو آهي ته
هو هر ڪنهن ڳالهه کي تمام خبرداري سان محفوظ ڪري.
(17) تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو به ضروري هوندو آهي ته
هو تحقيق جي مقرر ڪيل اصولن جي اندر مواد ۽ نتيجن
تي سوچي ۽ ويچاري.
(18) تحقيق ڪندڙ لاءِ اها به اهميت جي ڳالهه هوندي
آهي ته هو جيڪي ڳالهيون تحقيق ڪندي گڏ ڪري ٿو يا
جيڪي انساني غلطيون ڳولي ڪڍي ٿو، تن کي احتياط سان
بيان ڪري.
هر ڪنهن تحقيق ڪندڙ کي مٿي ڏنل تحقيق جي خاصيتن تي
توجہ ڏيڻ گهرجي ته جيئن سندس تحقيق اصولن جي مدد
سان عالمانه ثابت ٿئي.
تحقيق جا قسم
Types of research
بنيادي اصولن جي لحاظ کان تحقيق جا جدا جدا قسم
مقرر ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهي ڇو ته هر ڪنهن تحقيق جي
قسم ۾ بنيادي اصول ساڳيا ٻڌايا وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ
ڪي اصول ڪن ڳالهين ڪري جدا نظر اچن ٿا، پر عملي طو
راهي سڀ هڪ ٻئي سان واسطو رکندڙ ۽ ساڳيا هوندا
آهن. تنهن ڪري هر ڪنهن تحقيق ۾ تحقيق جا اصول ڪنهن
نه ڪنهن طرح لاڳاپيل هوندا آهن، جيئن
John. W Best
جو چوڻ آهي ته: ”تحقيق جو قسم يا اصول ڪهڙو به
هجي، پر انهي جي تجزئي جو قدر ڪرڻ، انهي جي دائري
جي وسعت تي مدار رکندو آهي“ (8)؛ ڇو ته خاص ڪري هر
ڪنهن تحقيق ۾ مواد جو تجزيو ۽ بيان هوندو آهي جيڪو
اهو ظاهر ڪندو آهي ته ڪهڙي حالت ۾ ڪهڙو نتيجو
نڪرندو.
عام طور تحقيق کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو وڃي ٿو. |