اداري پاران
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، پنهنجي اشاعتي پروگرام هيٺ
جن ڪتابن ڇپائڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، ان ۾ اهڙا
ڪتاب شامل آهن، جيڪي تعليم جي واڌاري ۽ تحقيق لاءِ
مددگار ثابت ٿين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان
جي ملڪ ۾ ڪتابن جي کوٽ هجڻ وارو مسئلو اڃا تائين
حل طلب آهي، تنهن هوندي به ڪنهن اداري طرفان ڪونه
ڪو معياري ڪتاب شايع ٿيڻ خوشيءَ جي ڳالهه ليکي
ويندي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي فن تي هن کان اڳ ڪوبه ڪتاب
ڪونه ڇپيو آهي. ههڙي فني موضوع تي ڪنهن به ڪتاب جو
نه هجڻ، جيتري قدر سنڌي عالمن ۽ استادن لاءِ ڏک جو
باعث آهي، اوترو ئي تحقيق ڪندڙ شاگردن لاءِ به
تڪليف جو سبب آهي. اشد ضرورت هن ڳالهه جي هئي ته
تحقيق جي فن واري موضوع تي ڪو معياري ڪتاب سنڌي
ٻولي جي فن واري موضوع تي ڪو معياري ڪتاب سنڌي
ٻولي ۾ شايع ٿئي، جيڪو تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ
مددگار ٿي سگهي؛ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي
استاد ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ انهيءَ ضرورت کي محسوس
ڪندي هي ڪتاب لکيو ۽ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ان کي
ڇپائڻ جي ذميواري کنئي.
موضوع جي لحاظ کان ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي،
ان کي سڀ کان اڳ ڇپائڻ جو بندبست ڪري مواد پريس ۾
اماڻيو ويو، پر لاڳيتو هڪ سال جي جفاڪشي کان پوءِ
به رڳو 160 صفحا ڇپجي سگهيا. سنڌي پريسن جي انهيءَ
لاپرواهي واري هلت سبب ڪتاب جو مواد هڪ پريس کان
ٻيءَ پريس تائين رلندو رهيو ۽ اڳتي وڌڻ جي رفتار
تمام سست رهي. شهر ۾ معياري پريسن جي کوٽ سبب
ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ جيڪي ڏکيائون ۽ رڪاوٽون آڏو
اچن ٿيون، اهي سڀ هن ڪتاب جي سلسلي ۾ لاڳو رهيون.
نيٺ جيئن تيئن ڪري اڍائي سالن جي ڊگدهي مدت ۾ هي
ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي سگهيا آهيون.
ادارو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر پروفيسر
محمد الياس ابڙو صاحب جن جو ٿورائتو آهي، جن
چيئرمين، بورڊ آف گورنرز دلچسپي ڏيکاريندي ان لاءِ
مالي منظوري ڏني.
اداري جي جهوني ڪارڪن عابد بلوچ، اضافي وقت ڪڍي
ڪتاب جي ڇپائي واري ڪم جي نگراني ڪئي ۽ بروف
پڙهيا، جنهن لاءِ ادارو سندس محنت ۽ تعاون کي قدر
جي نگاه سان ڏسي ٿو.
ڊاڪٽر
محمد يعقوب مغل
ڊائريڪٽر
پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽيءَ، ڄامشورو
پيش لفظ
سنڌي علم ادب ۾ تحقيق کي اها اهمت نه ملي رهي آهي
جيڪا ٻين زبانن ۾ ملي رهي آهي؛ نه فقط ايترو پر
سنڌي زبان جي ادب ۾ تحقيق جي اصولن تي به اڃان
ڪجهه نه لکيو ويو آهي، جيتونيڪ هن موضوع تي لکڻ جي
تمام گهڻي ضرورت پئي رهي آهي. ڇو ته سنڌي ادب تي
تحقيق ڪندڙ کي تحقيق جي اصولن ۽ فن جي ڄاڻ ڏيڻ سان
هن ادب جي شاخ کي به اوتري اهميت ڏياري سگهجي ٿي.
عام طور تي جيڪي شاگرد ايم- فل ۽ پي ايڇ - ڊي جي
داخلا لاءِ اچن ٿا سي نگران کي پهريائين عنوان
چونڊي ڏيڻ لاءِ چوندا آهن يا دوستن کي عنوان چونڊي
ڏيڻ لاءِ منٿ ڪندا آهن پر تحقيق جي اصولن موجب اهو
غلط آهي. تحقيق ڪندڙ کي عنوان پاڻ چونڊڻو هوندو
آهي ڇو ته تحقيق ڪندڙ لاءِ عنوان اهو بهتر ٿيندو
جنهن بابت هن کي اڳي معلومات هوندي ۽ عنوان جو
پورو دائرو هن جي ذهن ۾ هوندو. تحقيق ڪندڙ لاءِ
وقت ۽ پئسو وڏو مسئلو هوندو آهي، جنهن کي، وقت جي
اندر ۽ پنهنجي مالي حالت جي حيثيت جي اندر مڪمل
ڪري سگهجي. جي نه ته شاگرد پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري
نه سگهندو؛ ۽ اهو مسئلو سنڌي ادب ۾ ايم - فل ۽ پي
ايڇ - ڊي ڪندڙن لاءِ رهندو پئي آيو آهي. انهيءَ
کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي مضمون جي ايم
- اي جي ڪورسن ۾ تحقيق جا اصول لازمي قرار ڏنا ويا
آهن! جيئن سوشالاجي، سوشل ورڪ، ليبرري سائنس،
اڪانامڪس وغيره- پر ڪوبه سنڌي ۾ لکيل ڪتاب شاگردن
لاءِ نه آهي جنهن ڪري شاگردن کي انگريزي ۾ لکيل
ڪتابن تان مدد وٺڻي پوندي آهي. انهيءَ کوٽ کي پورو
ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي مون هن موضوع تي انگريزي
ڪتابن ۽ اردو مقالن تان مدد وٺي هي ڪتاب لکيو آهي،
هي هن موضوع تي سنڌي ۾ پهريون ڪتاب آهي جيڪو
شاگردن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
هن ڪتاب لکڻ لاءِ وڏو مشڪل مسئلو هي هو ته جدا جدا
مضمونن جي ڪورسن ۾ جدا جدا مسئلا تحقيق هيٺ ايندڙ
هئا. وڏو مسئلو علم ادب ۽ سوشل سائنس جي مختلف
تحقيق مسئلن جو هو، انهيءَ مشڪل مسئلي کي نظر ۾
رکندي تحقيق جي انهن سڀني طريقن کي مختصر ڪري ڏنو
ويو آهي جيڪي علم ادب ۽ سوشل سائنس جي تحقيق ڪندڙن
لاءِ ضروري آهن. جيئن ته علم ادب جي تحقيق ۾ وڌيڪ
اهميت ايڊيٽنگ کي آهي ۽ سوشل سائنس ۾ انگن اکرن
واري تحقيق کي، تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ ٻنهي تحقيق جي
اصولن کي ڏنو ويو آهي.
ڪتاب ۾ ڏنل مواد کي هن ريت ترتيب ڏنو ويو آهي:
باب پهرئين ۾ سائنسي سوچ جي سرشتي جا ذريعا، تحقيق
جي معنيٰ، اهميت، مقصد، دائرو، خاصيتون ۽ قسم بيان
ڪيا ويا آهن. باب ٻئي ۾ مسلمانن جي فن تحقيق جي
درايت ۽ روايت جا اصول ۽ انهن جي اهميت کي بيان
ڪيو ويو آهي. باب ٽئين ۾ عنوان چونڊڻ، باب چوٿين ۾
ڪتب خانن جي استعمال جو طريقو ۽ ضرورت. باب پنجين
۾ ببلوگرافي ۽ عنوان جو خاڪو ڪيئن تيار ڪجي، ٻڌايو
ويو آهي. باب ڇهين ۾ جدا جدا مواد گڏ ڪرڻ جا طريقا
جيئن شخصي ملاقاتن، بحث مباحثن، دستاويزن، سوال
نامن ۽ گڏيل طريقي کي بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ
کان سواءِ مواد ڪتابن مان ڪيئن گڏ ڪجي، مواد جو
تنقيدي جائزو ڪيئن وٺجي، فٽ نوٽ ۽ حوالا ڪيئن وٺجن
ٻڌايو ويو آهي. باب ستين ۾ شهادتن جو داخلي ۽
خارجي تجزيو، منتطقي سوچ، انومان، دليل، تحقيق جي
سوچ جا صحيح مرحلا ۽ تحقيق جو سلسلو ڪيئن قائم ڪجي
ٻڌايو ويو آهي. باب اٺين ۾ تاريخي تحقيق، سياحن ۽
سيرت جي اهميت بيان ڪئي ويئي آهي، باب نائين ۾
ڪنهن ڪتاب کي ايڊٽ ڪيئن ڪجي، ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ وقت
ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا، انهن کي ڪيئن حل ڪجي، بيان
ڪيو ويو آهي. باب ڏهين ۾ تحقيق ۾ انگ اکر ڪيئن گڏ
ڪجن ۽ ڪيئن ترتيب ڏجن ۽ انهن مان نتيجو ڪيئن ڪڍجي،
ٻڌايو ويو آهي. باب يارهين ۾ بيهڪ جي نشانين جي
تحقيق ۾ اهميت ۽ ضرورت کي بيان ڪيو ويو آهي. باب
تيرهين ۾ گڏ ڪيل مواد جي ابتدائي ۽ آخرين تياري
ڪيئن ڪجي بابت بنيادي اصول ٻڌايا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ تحقيق جي سڀني ضروري ڳالهين کي ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪتاب کي طوالت کان بچائڻ لاءِ
هر طريقو مختصر ڪيو ويو آهي ۽ اهڙيون ڳالهيون جيڪي
عام هيون انهن کي ڇڏيو ويو آهي ته جيئن هي ڪتاب
شاگردن لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿئي ۽ قوت خريد کان
وڌي نه وڃي.
جيئن ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿي
رهيو آهي تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ خاميون ۽ گهٽتايون
ضرور هونديون جيڪي اميد ته خلوص دل سان پڙهندڙ جي
رهنمائي ۾ آئينده سڌاريون وينديون.
بپوش گر خطائلآ بيني
که هيچ بشر
خالي از خطائلآ نيست
ٿورا:
هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ تائين جن سڄڻن ۽ دوستن همدردن
رهنمائن منهنجي مدد ڪئي انهن سڀني جو ٿرائتو
آهيان. خاص ڪري ڊاڪٽر حميده کهڙو ڊائريڪٽر
پاڪستان اسٽڊي سينٽر جن جو، جن هن ڪتاب جي ڇپائڻ
لاءِ مونکي همٿايو ۽ بورڊ آف گورنرس کان ڪتاب
ڇپائڻ جي اجازت وٺي ڪتاب پريس ۾ موڪليو. ٿورائتو
انچارج ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر ديدار
حسين شاهه جن جو به آهيان، جن ڇپائي ۾ گهڻين غلطين
کي نظر ۾ رکندي سنڌ پرنٽنگ پريس مان ڪتاب کي وپاس
وٺي ۽ سردار پرنٽنگ پريس ۾ ڏنو. ٿورا ڊاڪٽر مغل
صاحب موجوده ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽدي سينٽر جا به
آهن جن هن ڪتاب کي جلدي ڇپائي شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
ٿورا ڊاڪٽر هاليپوٽي صاحب؛ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي، ڊاڪٽر محمد علي قاضي، پروفيسر علي نواز
جتوئي، ڊاڪٽر نجم الاسلام چئرمين اردو ڊپارٽمينٽ
جن جا به وساري نٿو سگهان، جن ڪتابن لاءِ مفيد
مشورا ڏنا ۽ مدد ڪئي.
آخر ۾ ٿورا عابد بلوچ جا به آهن جنهن ڪتاب جا پروف
ڏٺا، پريس جي مسڪل مرحلي کي منهن ڏنو ۽ ڪتاب جي
ڇپائي ۾ ماهرانه مدد ڪئي.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ.
باب پهريون
فن تحقيق جي ابتدا
آڳاٽي زماني ۾ انسانن جو پهريون ويساهه جادو
(Magic)
منتر
(Charms)،
ڏائڻين
(Witches)،
ڀوتن، پرين ۽ ٻين قدرتي نظارن ۾ هوندو هو يا ٻين
لفظن ۾ ائين چئجي ته انسان جن شين ۽ ڳالهين ۾
گهيريل هو، تن ۾ هن جو ويساهه هو. اهي ويساهه پوءِ
روايتن طور هلندا رهيا ۽ انهن جي سمجهائڻ جو ڪم
قبيلن جي داناءُ ماڻهن جو هودنو هو. جڏهن انسانن ۾
سوچ وڌيڪ پئدا ٿي، ضرورتون وڌڻ لڳيون، تڏهن انهن
قدرت سان قائم ڪيل حقيقتن، خيالن، راين ۽ تعلقاتن
کي معلوم ڪيو ۽ پرکيو. جيئن چيو ويندو هو ته
جيڪڏهن چانڊوڪي ۾ پوک ڪبي ته فصل ڀلو ٿيندو، جي
انڌاين ۾ پوک ڪبي ته فصل سٺو نه ٿيندو. اهي سڀ بي
سمجهي جا عقيدا هئا، جيڪي قومن جي آزمودن ۽ ڪوششن
۾ اڀرندا رهيا هئا. ائين چئجي ته اهو انهن انسانن
جو تجرباتي علم هو، جيڪو هر شعبي ۾ وقت به وقت
ترقي ڪندو رهيو. اڄ جو ترقي يافته دور به انهي
قديم دور جو سڌريل نمونو آهي، جنهن ۾ انهن گذريل
زندگين جو حصو آهي جن وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن،
ڪوششن سان انهن ۾ حالتن ۽ گهرجن جي لحاظ کان سڌارا
واڌارا ۽ تبدليون آنديون. اهڙي طرح مادي سائنس جو
هر اصول به تجرباتي دور جي ايجاد آهي. ابتدا ۾
انسان هر ڪنهن شيءِ جي فائدن کي نظر ۾ رکي انهن تي
اعتبار ڪري ويهي رهيو ۽ انهن شين جي ٻين اثرن کي
ڪڏهن به نه پرکيو. پر سائنس هر ڪنهن شيءِ جي مڪمل
سمجهاڻي ڏني ۽ انهن جي فائدن ۽ نقصانن کي ظاهر
ڪيو.
بهرحال ابتدا کان وٺي، انسان دنيوي لحاظ کان ڪيترن
ئي مسئلن ۾ گهريل رهيو آهي، جن کي ڪنهن طرح به حل
ڪري زندگي کي سکيو بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو.
اڄ زندگي ۾ انسان کي ايترا پيچيدا هوندا آهن،
جيترو زندگي پيچيدي آهي. انسان کي زندگي ۾ اهو
ڏينهن مشڪل ملندو آهي، جڏهن هن کي ڪو مسئلو درپيش
نه هوندو آهي؛ جنهن لاءِ هن کي ماحول کان ڪو سوال
نه پڇڻو پوي. هر ماڻهو کي پنهنجي اميدن ۽ ارادن ۾
اهو ڏسڻو پوندو آهي، تهڪٿان شروع ڪري، هن انهي ۾
ڪيتري ترقي ڪئي آهي، ۽ هي ڪيئن ٻين سان مقابلو ڪري
ته جيئن هي ڪامياب ٿي سگهي. زندگي جي هڪ مسئلي جي
حل لاءِ يا سمجهڻ لاءِ ٻيا ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي
پوندا آهن يعني مسئلي کان اڳي جي حالتن، ۽ مسئلي
تي ماضي ۾ رهيو آهي ۽انهن سڀني ڳالهين کي سمجهڻ
سان ئي پيش آيل مسئلو سمجهي سگهبو آهي. اهڙي طرح
زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلا هميشہ منجهيل حالت ۾
اڳيان ايندا آهن، جن کي حل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي.
تنهنڪري هر ڪنهن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري
ٿيندو آهي ته هن سان واسطو رکندڙ حالتن کي چڱي طرح
سمجهيو وڃي ته جيئن اڳتي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾
مونجهارو پئدا نه ٿئي ۽ مسئلي جي هر پهلو کي چڱي
طرح سمجهي سگهجي ۽ مسئلي جو صحيح حل ڳولي ڪڍجي. پر
جيڪڏهن مسئلي جي حالتن کي چکي طرح نه سمجهيو ويو
ته مسئلي جو صحيح هل ڳولي نه سگهبو.
زندگي جي هر شعبي ۾ يعني سماجي، اقتصادي، سياسي ۽
تعيلمي مسئلن ۽ هرطرف کان لڪ ٿيندي رهندي آهي،
جيڪا مسئلي کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ
آماده ڪندي رهندي آهي ۽ اهڙي طرح هر شخص کي وڌيڪ
تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پوندي رهي ٿي. انهيءَ جدوجهد
کي تحقيق چيو وڃي ٿو.
سائنسي اصول تحت ابتدائي سمجهاڻي ۾ ڪنهن تحقيق
بابت سندس قدرتي ترقي جا سڀ مرحلا سمجهايا وڃن ٿا
۽ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تحقيق ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون حقيقتون
اچي وڃن ٿيون. سائنسي تحقيق ۾ ڪنهن به شيءِ جي
تحقيق ڪيل هڪ جهڙائي ايستائين سمجهائي نه سگهبي
جيستائين اسين انهن جو تعلق ڪيترين ٻين شين سان
ظاهر نه ڪريون. سائنسي اصولن تي ايستاسئين تحقيق
ٿيندي رهندي، جيستائين اسين ڪنهن آخرين ثابتي کي
وڃي لهون ۽ اهو به سمجهي سگهون ته اهو عمل ڪيئن
ٿئي ٿو ۽ ڇو ٿئي ٿو. جيسائين تحقيق ڪندڙ ڪنهن شيءَ
جي مشابهت معلوم ڪري نه سگهندو ايستائين ڪنهن
ڳالهه جي سمجهاڻي، يا سبب، يا ڪو يقيني اصول رکندڙ
ڳالهه سان مشابهت ڳولي ڪڍندو تڏهن مڪمل معلومات
ڏئي سگهندو. اهوئي سائنسي تحقيق جو آخرين مقصد
هوندو آهي، فلاسافرن ۽ سائنس دانن جو به اهو چوڻ
آهي ته ”ڪنهن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري هوندو
آهي، ته حالتن کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي، نه ته ڪهن
مسئلي کي اڳتي سمجهي نه سگهبو“. مقصد ته جيسائين
تحقيق ڪندڙ مسئلي جي اصلاحي مطلب کان واقف نه
هوندا تيسائين انهي سان واسطو رکندڙ سوالن جي هنن
کي خبر نه پوندي جن جا جواب (مسئلي جي حل لاءِ)
ڏيڻا هوندا آهن.
تحقيق ڪندڙ ڪوبه مسئلو تحقيق لاءِ چونڊڻ کان پوءِ
مسئلي جي ببلوگرافي ۽ تحقيق جي گهربل ضرورتن کي
چڱي طرح جاچي ڏسندو آهي، هن لاءِ اهو به ضروري
هوندو آهي ته ڪهڙي تحقيق جي طريقي کي استعمال ڪري
جو هي پنهنجي تحقيق لاءِ صحيح نتيجو ڪڍي سگهي ۽
سوچيل گمان کي صحيح ثابت ڪري سگهي.
تحقيق جي ڪنهن به نتيجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيل
مواد
(Data)
جو تجزيو ڪن اصولن جي مدد سان ڪيو ويندو آهي
انهيءَ کي تحقيق ۾ مواد جي پرک چيو وڃي ٿو. مواد
جي پرک کان پوءِ مسئلي جو صحيح حل ڪڍي سگهيو آهي.
اوائلي دور ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ ڇپيل مواد تمام گهٽ
هوندو هو. پر موجوده دور ۾ ڪيترائي تحقيق ڪندڙ آهن
۽ ڪيتريون تحقيق ڪرڻ لاءِ ٽيڪنڪون وجود ۾ اچي ويون
آهن. جنهنڪري انهن کي چونڊڻ ۾ انهن تي عمل ڪرڻ وقت
تحقيق ڪندڙ منجهاري ۾ اچيو وڃي.
تحقيق جا موضوع ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا.
اصطلاحي لحاظ کان تحقيق جا عام طور هيٺيان موضوع
ٻڌايا وڃن ٿا.
فلاسافيڪل
Philosophical
سائنسي
Scientific
تاريخي
Historical
شمارياتي يا اسٽيٽسيڪل
Statistical
سائنسي سوچ جي سرشتي جا ذريعا
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو آهي تيئن تيئن سائنسي
تحقيق جا اصول به ترقي ڪندا رهيا آهن ۽ انهن ۾ وقت
به وقت تبديليون اينديون رهنديون آهن. اهڙيون
تبديليون ڪي دائمي رهيون ۽ ڪي وقت گذرڻ ڪري يا
نئين تحقيق ڪري ختم ٿي ويون يا وقتي نوان تحقيقي
اصول اختلاف جو سبب بنيا ۽ سندن اهميت ختم ٿي
ويئي. اهڙي طرح صحيح تحقيقي اصولن جا ڪارآمد هجڻ
ثابت ٿيو.
ڪنهن به تحقيق جي صحيح نتيجي حاصل ڪرڻ لاءِ تحقيق
ڪندڙ کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. تحقيق ڪندڙ
جو صحيح نتيجو حاصل ڪرڻ ارادي تي به مدار رکي ٿو
ته هي تحقيق جي صحيح نتيجي ڪڍڻ لاءِ ڪيترو پڪو
ارادو رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته سائنسي تحقيق جي مڪمل
ڪارروائي سلسلي وار خيالن جي بنياد تي ٻڌل هوندي
آهي تنهن ڪري نتيجو تمام خبرداري سان ڪڍيو ويندو
آهي ته جيئن ان ۾ ڪا خامي يا ڪمي رهجي نه وڃي.
دنيا ۾ هن وقت وڌ ۾ وڌ تحقيق سائنس ۾ ٿي آهي ۽ ٻئي
نمبر تي سماجي سائنس ترقي ڪئي آهي. سائنسي تحقيق
جي تاريخ جا تحقيق ڪندڙن جدا جدا دور مقرر ڪيا
آهن.
Rater. V. good
سائنسي تحقيق جا پنج دور مقرر ڪيا آهن، جي هي آهن:
1- ريتون رسمون
Customs and Traditions
2- معتبرن جا آزمودا
Authority
3- شخصي آزمودا
Personal Experience
4- ظاهر شخصي ثابتين مان
Syllogistic reasoning from
رٿون ۽ منطقي دليل
appareutly self-evident propostions
5- سائنسي تحقيقات
Scientific inqniry
J.Francis Ruammel وري سائنسي تحقيق جا چار مرحلا ٻڌايا آهن.
1- پرک يا غلطي
Trial or Error
2- معتبرن جا آزمودا ۽ روايتون
Authority and Tradition
3- خيال مناظر بحث ۽ مباحثا
Speculationand Argumenta tion
4- قياس انومان ۽ تجربا
Hypothesis and experiment taticn
جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته قريب قريب هر ڪنهن
تحقيق ڪندڙ تاريخي مرحلا ساڳيا ٻڌايا آهن جي هيٺ
ڏجن ٿا.
پرک يا غلطي
Trialro
Error
ابتدائي تحقيق جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته
ابتدائي سائنسي دور ۾ ڪنهن تحقيق کي اتفاقي ۽
قدرتي طور پرکيو ويندو هو، پوءِ جيئن انهي ڪنهن
ڳالهه کي پرکيو تئين بيان ڪيو. اهڙي طرح هر ڳالهه
جا جدا جدا نتيجا ڪڍيا ويا. انسان سچ کي ڳولي ڪڍڻ
لاءِ اڃان ڪي به خاص تحقيق جا اصول ڳولي نه ڪڍيا
هئا، پر ابتدائي تحقيق جا اصول ڪم آندا ۽ پوءِ
آهستي آهستي وقت جي رفتار سان انهن ۾ سڌارا ايندا
رهيا ۽ آخر ۾ ڪو اهڙو نتيجو ڪڍيو ويو، جنهن کي
آخرين نتيجو مڃيو ويو. اهڙا نتيجا جيڪي اطمينان
جهڙا نه هئا سي ختم ڪيا ويا يا بدلايا ويا. اهڙي
طرح رسمن، روايتن، معتبر ذريعن ۽ شخصي آزمودن مان
جيڪا سچ ۽ حقيقت جي ثابتي ملي ٿي سابه ڪنهن قدر
اهميت کان گهٽ ڪانه هئي ۽ پوءِ جيئن وقت گذرندو
ويو تئين ٻيا به ذريعا ڳولي ڪڍيا ويا، جن ۾ نئين
معلومات جي تهه تائين پهچڻ لاءِ راهه ملڻ لڳي.
آهستي آهستي ابتدائي تحقيق جا اصول مرتب ٿيندا
رهيا جن ڪنهن آخرين اصول کي ظاهر ڪيو. جيئن منطقي
دليل ۽ سائنسي تحقيقات، جنهن جي مدد سان سچ ۽
حقيقت کي ڳولي ڪڍڻ جا نوان اصول جيڪي اڄ تائين
مقرر ٿيا آهن اهي مقرر ڪيا ويا. انهي طرح انسان
قدرت جي اسرارن کي حل ڪرڻ لاءِ پيش ايندڙ مسئلن کي
ذهانت جي مدد سان پرکيندو رهيو ۽ نوان اصول مرتب
ڪندو رهيو
(Testand Verify)
انهي ڪري پرک ۽ غلطين کي سائنسي تحقيق ۾ اصولن
ٺاهڻ جو پهريون دور چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ابتدائي
تحقيق جا اصول مرتب ٿيا جن خاص تحقيق جي اصولن کي
جنم ڏنو.
ريتون ۽ رسمون
Customs
& Traditions
سچي زندگي انسان پنهنجي عملن جي لياقت جي حد منطقي
طور مقرر ڪندو آهي ۽ جن عملن جي حد هي مقرر ڪندو
آهي اهي عمل هن کي زندگي ۾ ياد هوندا آهن، جن عملن
۽ راين ۾ هي گهٽتائي سمجهندو آهي، انهن کي وساري
ڇڏيندو آهي ۽ جن عملن کي قدر ۽ اهميت جي لائق
سمجهي ٿو انهن کي ٻين جي اڳيان پيش ڪندو آهي. اهڙي
طرح انسان پنهنجي گهٽتائين کي لڪائي ۽ سٺاين کي
ظاهر ڪندو آهي. انسان پنهنجون خواهشون به خود
ڄاڻندو آهي. اهڙي طرح پنهنجو گهڻو وقت به پنهنجي
اهميت ۽ قدر وارين خواهشن جي حاصل ڪرڻ ۾ گذاري ٿو.
سندس عملن جو قدر مقرر ڪرڻ، پنهنجي خواهشن جي
اهميت ڄاڻڻ لاءِ هن کي سندس وقت جي رسمن، رواجن ۽
سندس رهواسين جي روايتن کي پرکڻو پوندو آهي يا
انهن کي به قبول ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي طرح هن جو
لباس، ڳالهائڻ، کاڌو خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻي جو طريقو
هن جي تهذيب مقرر ڪري ٿي. سماجي ريتن رسمن کي قبول
ڪرڻ سندس اقتصادي ضرورت به هوندي آهي جيڪا ڪڏهن
حقيقت هوندي آهي ته ڪڏهن حقيقت نه به هوندي آهي.
پر تڏهن به هن کي اهي اقتصادي ضرورتون ۽ پابنديون
قبول ڪرڻيون پونديون آهن. اهي اقتصادي ضرورتون ۽
پابنديون قبول ڪرڻيون پونديون آهن. اهي اقتصادي
پابنديون ۽ ضرورتون جڏهن هن جي خواهشن ۽ وقار سان
ٽڪرائينديون آهن، تڏهن هن کي ذهني سوچ جي رستي
ڪنهن فيصلي تي پهچڻو پوندو آهي. جيڪو هن کي انهن
غير حقيقي ڳالهين کان ڇوٽڪاري جا رستا ڏسيندو آهي
۽ هن جي ذهني گهٽتائي کي خود محسوس ڪرائيندو آهي.
اهڙي طرح ذهني سوچ انساني ترقي جي عمل کي اڳتي
وڌائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. تحقيقي اصولن جي ٺهڻ جو
اهو ٻيو مرحلو هو جڏهن روايتون ۽ رسمون حوالي طور
ڪم آنديون وينديون هيون ۽ تحقيق ڪندڙ پنهنجي غلط
نتيجي کي به صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ روايتن ۽ رسمن جا
حوالا ڏيندا هئا.
معتبر شخصيتون
Authorities
قديم زماني ۾ هر ڪنهن ملڪ ۽ قوم جو مقصد، تعليمي
رضامندي جو تعلق مذهبي رهنمائن جي چوڻ تي مقرر
ٿيندو هو. چين جي تعليم جي شروعات ۽ خاتمو ڪنفوشش
(Confucias)
جي پڙهڻ ۽ لکڻ تي هوندو هو. هندستان ۾ هندو گيتا ۽
تعليم سان، عرب ۾ مسلمان قرآن جي تعليم سان،
فلسطين ۾ يهودي
Old Testament
جي تعليم سان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ بائيبل
(Bible)
جي تعليم سان شروع ڪندا هئا. بهرحال هر ملڪ ۾
مذهبي ڪتابن سان تعليم شروع ڪئي ويندي هئي ۽ مذهبي
ڪتابن کي آخرين مڃيون ويندو هو. مذهبي عالمن کي سچ
۽ حق تي هلندڙ تصور ڪيو ويندو هو ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو
کي انهن تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو حق نه هوندو هو. پر
جڏهن ملڪن جون سرحدون وڌي ويون ۽ ملڪي معاملا
پيچيدا ٿي ويا، تڏهن مذهبي رهنمائن کان اهي حق
بدلائي سياسي حڪمرانن کي ڏنا ويا ۽ هر فيصلو ڪندڙ
بادشاهه يا پارليامينٽ ٿي. انهن کان سواءِ فيصلن
جو حق عالمن، فلاسافرن، سائنس دانن ۽ ٻين ادارن کي
به ڏنو ويو، جيڪي سچ ۽ حق لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا
هئا، اهڙي طرح ابتدائي دور کان وٺي اڄ تائين فيصلي
جي حق ذهين انسانن، چالاڪ ماڻهن، اعليٰ شخصيتن،
مذهبي رهنمائن، بادشاهن ۽ عالمن کي ڏنو ويو آهي ۽
انهن کي هر ڪنهن ڳالهه جي آخرين فيصلي جو حق به
ڏنو ويو. اهڙي طرح نئين دور جي تحقيقي اصولن جي
ٺهڻ جو ذريعو معتبر شخصيتون هيون جن کي حوالي طور
ڪم آندو ويندو هو. |