ڪارڊ ڪئٽلاگ
CARD CATALOGUE
ڪتب خانن لاءِ ڪارڊ ڪئٽتلاگ جي ڄاڻ رکڻ تمام ضروري
هوندو آهي ۽ انهي ڄاڻ جي مدد سان ڪتب خانن ۾ ڪتاب
آساني سان ڳولي سگهبا. ڪتب خانن ۾ پنهنجو وقت تڏهن
بچائي سگهبو جڏهن ڪارڊ ڪئٽلاگ بابت پوري معلومات
هوندي.
هر ڪتب خاني ۾ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪيو ويندو
آهي، تڏهن پهريائين اهو ڪتاب، ڪئٽلاگر وٽ موڪليو
ويندو آهي، جيڪو انهي ڪتاب کي ڏسڻ کان پوءِ ڪتاب
لاءِ ڪئٽلاگ ڪارڊ تيار ڪري ٿو. ڪئٽگلا جا ڪارڊ 3
انچ ويڪرا ۽ 5 انچ ڊگها هوندا آهن، جنهن ۾ مصنف جو
نالو، هن جي ڄم جي تاريخ، جيڪڏهن مري ويو آهي ته
هن جي موت جي تاريخ (پر اها معلومات گهڻو ڪري
پاڪستاسن جي ڪتب خانن ۾ ڪئٽگلا ڪارڊ تي نه هوندي
آهي)، ڪتاب جو عنوان، ڇپائيندڙ اداري جو پتو ۽
ڇپجڻ جو هنڌ، تاريخ جنهن تي ڪتاب ڇپجي تيار ٿيو،
ڪتاب جا صفحا ۽ ڪتاب جي سائيز لکيل هوندي آهي.
انهيءَ کان سواءِ هنن ڪارڊن ۾ ڪتاب ۾ نقشن، پليٽن
(Plates)
۽ ٻين شڪلين
(IIIustration)
يا ببلوگرافي بابت به معلومات ڏنل هوندي آهي.
اهو ڪم به ڪئٽلاگر جو هوندو آهي، ته هو ڪتاب جو
مضمون مقرر ڪري ۽ ڪارڊ تي ڪتاب جي موضوع جو نشان
(Classifioation Marks)
مقرر ڪري ته جيئن ڪتاب کي سندس خاندان واري ڪتابن
سان شامل ڪري رکي سگهجي. يعني ساڳي مضمون وارن
ڪتابن کي هڪ هنڌ تي گڏ رکيو وڃي. انهي کان سواءِ
ڪارڊ جي آخري ڇيڙي تي ڪئٽلاگر ڪتاب جو مضمون اهڙي
انداز ۾ لکندو آهي، جو اهو مضمون ڪتاب جي پوري
مواد کي پاڻ ۾ سمائيندو آهي، جنهن ڪري جيڪڏهن
تحقيق ڪندڙ کي ڪنهن ڪتاب جي مصنف ۽ عنوان جي خبر
ناهي ته مضمون جي مدد سان ڪتاب ڳولي سگهي ٿو انهي
کان سواءِ جدا جدا مصفن، مضمونن ۽ عنوانن جي لحاظ
کان به ڪارڊ تيار ڪيا ويندا آهن ۽ اهي ڪارڊ الف -
بي جي ترتيب تي ڪئٽلاگ ۾ رکيا ويندا آهن، ۽ اهڙي
طرح تحقيق ڪندڙ کي ڪتاب ڳولڻ لاءِ سهوليت ڪري ڏني
ويندي آهي.
ڪئٽلاگ ڪارڊ پنجن قسمن جا هوندا آهن:
(1) مصنف جو ڪارڊ
Authors Card
(2) عنوان وارو ڪارڊ Tittle
Card
(3) موضوع وارو ڪارڊ Subject
Card
(4) بابن وارو ڪارڊ
Analytic Card
(5) حوالو ڏيندڙ ڪارڊ Cross-Reference
Card
مثالي ڪارڊ جو نمونو
مصنف جو نالو ڄمجي تاريخ - موت جي تاريخ
ڪتاب جو عنوان
ڇپجڻ جي جاءِ - ڇپائيندڙ ادارو - پريس - ڇپجڻ جو
وقت، صفحا - ڪتاب جي ڊيگهه.
ڪتاب ۾ ڏنل ببلو گرافي - نقشا - چارٽ وغيره.
ڪتاب ۾ ڏنل موضوع
ڪانگريس لئبرري ڪئٽلاگ نمبر
ڊيوي ڊسيمل ڪئٽلاگ نمبر
سنڌ يونيورسٽي نمبر
موضوع جي لحاظ کان ڪارڊ هن طرح لکيل هوندو آهي:-
سنڌ. قديم ويدڪ دور
قديم سنڌ
حيدرآباد (سنڌ)، ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون 1957ع
سنڌي زبان ۾
قديم ويدڪ تاريخ، قديم علم ادب، قديم تهذيب و
تمدن.
بابن وارو ڪارڊ هن طرح لکيل هوندو آهي:-
قديم تهذيب
آڏواڻي ڀيرومل مهرچند
قديم سنڌ
حيدرآباد (سنڌ)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع
صفحا 477
عنوان جي لحاظ کان ڪارڊ:-
قديم سنڌ
آڏواڻي ڀيرومل مهر چند 1853 - 1956ع
حيدرآباد (سنڌ)، سنڌي ادبي بورڊ، نئين سنڌ پريس
ڪراچي
صفحو 477 ڇاپو پهريون 1957ع
(هن ۾ ببلوگرافي ڏنل نه آهي)
1- قديم تاريخ ويدڪ دور 2- قديم علمي ادبي تاريخ
40355 954076
تحقيقي مواد لاءِ ڪتاب ڳولڻ
ڪنهن به موضوع تي ڪتاب ڳولڻ لاءِ ڪئٽلاگ ڪارد جي
ٽري
(Tray)
معلومات ڏيندي آهي، جنهن جي مدد سان اهو معلوم ڪيو
ويندو اهي ته ڪو ڪتاب ڪهڙن ڪهڙن موضوعن وارن
عنوانن لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو، يعني ڪئٽلاگ ۾ ڏنل
ڪارڊن ۾ اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته مکيه مضمونن کان
سواءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا مضمون ڪنهن ڪتاب ۾ شامل آهن.
عام طور تحقيق ڪندڙ انهيءَ داخلا کي نظرانداز ڪري
ڇڏين. پر اُهي جيڪي پنهنجي تحقيق جي عنوان لاءِ
وڌيڪ مواد گڏڪرڻ جيڪوشس ڪندا آهن، انهن لاءِ اها
داخلا وڌ ۾ وڌ مواد ڏيندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾
“Tracing”
۽ سنڌي ۾ ”کوج“ يا ”ڳولا“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح
اها داخلا جيڪا مضمون کي ظاهر ڪري ٿي سا تحقيق
ڪندڙ جي سڀ کان وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري
تحقيق ڪندڙ کي گهرجي ته جيئن ڪنهن ڪئٽلاگ جو
مطالعو ڪري تڏهن ڪارڊن تي ڏنل اهڙي معلومات کي
پنهنجي لاءِ ڪارآمد سمجهي؛ انهي جي داخلا ضرور پاڻ
وٽ رکي ته جيئن هو وڌ ۾ وڌ مواد پاڻ وٽ گڏ ڪري
سگهي. اهڙي داخلا ببلوگرافي وارن تحقيق ڪندڙن کي
ٻين کان وڌيڪ فائدو ڏئي سگهي ٿي. اهڙي طرح مضمون
کي ڪئٽلاگ ڪارڊ ۾ داخل ڪرڻ سان ڪتب خانن ۾ وسيع
مواد هجڻ به ظاهر ٿيندو آهي. اهڙي قسم جو مثالي
ڪارڊ هيٺ ڏجي ٿو. (هي ڪارڊ
Eugen and Danie جي ڪتاب مان ورتل آهي) (5).
D- 14
PEDERDSEN, HDGER, 1867 1488 The Discovery of Language,
Lingistic science in nineteenth Century,
translated by John Webester Spargo,
Bloomington Indiana
university Press. [1962, 1931] 160P. Illus,
Posts, maps. 2
Km
(Midland
books MB. 40)
(1) Philology, Hists (2) Philology Comparative
Hist.
(3) Philologists
ڪئٽگلا ڪارڊن جو سلسلو
The Card Catalogue order
ڪئٽلاگ ڪارڊن ڳولڻ جو طريقو آسان بنائڻ لاءِ،
ڪارڊن جو هڪ سلسلو مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن
هڪ مصنف جا هڪ کان وڌيڪ مضمونن تي ڪتاب لکيل هوندا
آهن، ته پوءِ الف - بي جي لحاظ کان عنوانن جي
ترتيب وار سلسلو قائم ڪيو ويندو آهي. جدا جدا
مصنفن جا ڪتاب جيڪي شخصي ۽ اجتماعي طور لکيل هوندا
آهن، انهن جو سلسلو هن طرح ڪئٽلاگ ۾ مقررڪيل هوندو
آهي: پهرين اجتماعي لکيتون، پوءِ شخصي لکيتون
۽انهي کان پوءِ اهڙيون لکيتون جن کي ايڊٽ ڪيو
هجيس، ۽ انهي کان پوءِ مصنف بابت ٿيل ڪم ۽ آخر ۾
مصنف جي لکيتن جي ببلوگرافي رکي ويندي آهي. پر ڪن
ڪتب خانن جي ڪئٽلاگ ۾ پهرئين مصنف جي ببلوگرافي
رکي ويندي آهي. شاگردن لاءِ ڪئٽلاگ جو ٻيو طريقو
فائدي وارو هوندو آهي. ڇوته شاگردن لاءِ انهي
سلسلي تي رکيل ڪئٽلاگ جو سلسلو وڌيڪ مددگار هوندو
آهي ۽ تحقيق ڪندڙن کي هڪ هنڌ تي ڪافي مواد ملي
ويندو آهي، پر پهريئن نموني واري ڪئٽلاگ جي سلسلي
۾ مواد جدا جدا هنڌن تان ڪئٽلاگ ۾ ڳولڻو پوندو
آهي. انهي لاءِ تحقيق ڪندڙن لاءِ پنهنجي وقت جي
بچت خاطر ڪتب خانن جي ڪئٽلاگ جي ڄاڻ ضروري چئي وڃي
ٿي.
مضمون جي لحاظ کان ترتيب
Subject Headings
ڪئٽلاگ ڪارڊن کي مضمونن جي لحاظ کان به ترتيب ڏنو
ويندو آهي. مضمون جي لحاظ کان ڪئٽلاگ ڪارڊ تمام
گهڻا هوندا آهن، جيڪڏهن مضمون جي لحاظ کان ڪئٽلاگ
ڪارڊن ڳوليو ويندو ته شاگردن کي گهربل مواد کان
تمام گهڻو مواد ملي ويندو؛ ۽ تمام گهڻو مواد شاگرد
کي مونجهاري ۾ وجهي سگهي ٿو، تنهن ڪري مواد کي
مضمونن واري ڪئٽلاگ ڪارڊن ۾ ڳولڻ کان اڳي شاگرد کي
لئبرريانچارج سان ملڻ گهرجي ۽ انهي جي صلاح سان
مضمونن وارن ڪاردن مان خاص مضمونن تي لکيل ڪتاب
چونڊيا وڃن ۽ مواد کي گهڻن ڪتابن مان چونڊڻ کان
بچجي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ کي صحيح ڪارڊن کي
ڪئٽلاگ ۾ ڏسڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو وقت بچائي
سگهي.
ڇپيل ڪئٽلاگ ڪارڊ
Printed Card Catalogues
وڏن ڪتب خانن ۾ هميشہ اتي موجود ڪتابن جو ڇپيل
ڪئٽلاگ هوندو اهي. انهي کان سواءِ هي وڏي ڪتب خاني
۾ ٻين ڪتب خانن جا ڇپيل ڪئٽگلا ڪارڊ به موجود
هوندا آهن؛ جن جي مدد سان انچارج ٻڌائي سگهندا آهن
ته ڪو ڪتاب ڪٿي ڪٿي ملي سگهندو ۽ انهيءَ ڪتاب جون
اتي ڪيتريون ڪاپيون موجود آهن،جيڪي تحقيق ڪندڙن کي
ملي سگھنديون آهن.اهڙا ڇپيل ڪئٽالاگ جيڪي مشهور
آهن، سي آهن، ڪانگريس نيشنل نيشنل يونين ڪئٽالاگ
(Congress national union Actalogue)
برٽش ميوزم
(National library oF England)
هنن ڪئٽالاگن ۾ ڪتابن جي ڪتاب جي قيمت به لکيل
هوندي آهي ۽ ڪتابن جي ترتيب مضمون جي لحاظ کان ڏنل
هوندي آهي: جيئن ٻارن جا ڪتاب
(Childrens catalogue)،
انڊيڪس نمبر
(Cumulation Book Index)
افسانوي ادب
(Fiction Catalogue)
وغيره.
ڪئٽالاگ ۾ شاگرد ڪتاب ڪيئن ڳولي
Procedure
تحقيق ڪندڙ کي ڪنهن ڪتاب کي ڪتب خاني ۾ ڳولڻ لاءِ
ڪئٽلاگ کي ڏسڻو پوندو آهي، جنهن ۾ ڪارڊ مصنف،
عنوان ۽ مضمون جي لحاظ کان الف- بي جي ترتيب تي
رکيل هوندا آهن. تحقيق ڪندڙن کي جيڪڏهن مصنف جو
نالو ياد آهي ته پهريائين مصنف جي نالي سان ڪتاب
کي ڳولي، پر جيڪڏهن مصنف جو نالو ياد نه آهي ته
پوءِ ڪتاب جي عنوان جي مدد سان ڪتاب کي ڳولي، پر
نه مصنف جو نالو ياد اٿس نه عنوان جي خبر اٿس ته
پوءِ مضمون جي مدد سان ڪتاب کي ڳولي ڪتاب ڳولڻ جو
سڀ کان بهتر طريقو هوندو آهي.جنهن جي مدد سان ڪتاب
آساني سان ڳولي سگھجي ٿو.
ڪتاب کي ڪئٽالاگ ڪارڊ ۾ ڳولڻ کان پوءِ تحقيق
ڪندڙن کي ڪتاب گھرندڙ سلپ
(Call Slip) تي ڪتاب جي مصنف جو نالو، عنوان ۽ انهي جي ڪلاس جو نشان
(Calss Mark) سلپ جي کٻي طرف لکڻ گھرجي ۽ پوءِ اها سلپ ڪتب خاني سان واسطو
رکندِڙ کي ڏني وڃي جيڪو ڪتاب هٿ ڪري تحقيق ڪندڙ کي
ڏيندو.
لائبرري جو نالو
ڪتاب گھرندر سلپ
مصنف جونالو
...........................................................
ڪتاب جو
عنوان........................................................
ڪتاب وٺندڙ جونالو ۽
پتو.........................................
تاريخ...............................
NAME OF LIBRAR
DEMAND SLIP
Call no
Author………………………………
Title…………………………………
Borrowers,
Nam And Adres……………......
……………………………………
Date………
ڪتاب جي ورهاڱي وارو نمبر
Classification Number or Class Mark
ڪتاب تي ورهاڱي وارا نشان ٻن نمونن جا هوندا آهن، هڪ لئبرري
آف ڪانگريس سسٽم
(The Library of CongressSystem)
ٻيو ڊيوي ڊسيمل سسٽم
(The Dewey Decimal System). پويون طريقو گهڻو ڪري هتي جي
پبلڪ ڊيوي ڊيسيمل سسٽم جي لئبررين ۾ استعمال ڪيو
وڃي ٿو. ڊيوي ڊيسيمل سسٽم ڏهن حصن ۾ ورهايل آهي ۽
لئبرري آف ڪانگريس ويهن حصن ۾. اهي حصا هي آهن:-
Dewey
Dedcimal The Library of Congress
System
System
000- General Works A- General
Works
100- Philosophy B-
Philosophy, Religion
200- Religion C-
History
300- Sociology D-
Foreign History
400- Philology E- F-
American History
500- Natural Science G-
Geography
600- Useful Arts Anthropology
706- Fine Arts H- Social
Sciences
800- Literature J-
Political Sciences
900- History and K- Law
Biography L-
Education
M- Music
N- Fine arts
P- Language
and Literature
Q- Science
R- Medicine
S-
Agriculture
T- Technology
U- Military
Science
V- Naval
Science
Z- Library
Science
Bibliography
باب پنجون
ببلوگرافي ۽ عنوان جو خاڪو
OUT LINE AND BIBLIOGRAPHY
ببلوگرافي تيار ڪرڻ
Preparing a bibliography
تحقيق ۾ ”ڪنهن به خاص مضمون سان واسطو رکندڙ ڪتابن
جي فهرست کي ببلوگرافي چيو وڃي ٿو“ (1) هر تحقيق
ڪندڙ کي پنهنجي تحقيق دوران ٻن قسمن جي ببلوگرافي
تيار ڪرڻي پوندي آهي، پهرين ابتدائي ببلوگرافي
(Preliminary Bibliography) ٻي آخرين ببلوگرافي
(Final Bibliography).
ابتدائي ببلوگرافي
Preliminary Bibliography
تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيقي مسئلي لاءِ مواد هٿ ڪرڻ
کان اڳ اهڙن ڪتابن جي فهرست تيار ڪندو آهي، جن مان
مواد حاصل ڪرڻ ضروري سمجهندو آهي يا اهڙن ڪتابن جي
فهرست تيار ڪندو آهي جن جو تعلق سڌي توڙي اڻسڌي
طرح تحقيق ڪندڙ جي تحقيقي مسئلي سان هوندو آهي.
اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ عنوان واري مسئلي کي حل ڪرڻ
لاءِ،جن ڪتابن جي مدد سان مواد هٿ ڪري ٿو، تن
ڪتابن جي فهرست کي ابتدائي ببلوگرافي چيو وڃي ٿو“
(2).
ابتدائي ببلوگرافي مان تحقيق ڪندڙ شاگرد جي لياقت
جو به پتو پوندو آهي ته ڪتاب هن جي نظر ۾ آهن،
جيڪي هن جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن
ٿا. هيءَ ببلوگرافي تحقيق ٿيندڙ مسئلي جي مواد
بابت ابتدائي معلومات ڏيندي آهي.
آخرين ببلوگرافي
Final Bibliography
هيءَ ببلوگرافي هر تحقييق ڪندڙ پنهنجي تحقيقي
مسئلي جي لکيل مواد جي آخر ۾ شامل ڪندو آهي. ”هن
ببلوگرافي ۾ تحقيق ڪندڙ انهن سڀني ڪتابن، رسالن،
اخبارن ۽ دستاويزن کي شامل ڪندو آهي، جيڪي تحقيق
دوران پڙهيا هوندا آهن“ (2)؛ يا جن مان مسئلي جي
حل بابت مواد ورتل هوندو آهي.
ببلوگرافي تيار ڪرڻ وارو عمل
The Process of Bibliogrophy
ڪنهن به مسئلي جي حل جي مواد چونڊڻ کان اڳي تحقيق ڪندڙ
کي ٻه سوال ذهن ۾ رکڻ ضروري هوندا آهن: پهريون ته
مسئلي لاءِ مواد ڪهڙي قسم جو گهربل آهي، ٻيو ته
ڪهڙي خاص جاءِ تان اهو مواد ملي سگهندو؟ ڇو ته جدا
جدا جاين تان جدا جدا موضوعن تي مواد ملندو آهي،
تنهنڪري صحيح جاءِ جو ذهن ۾ هئڻ به ضروري آهي.
جيڪڏهن جديد دور جي ڪنهن مسئلي تي تحقيق ڪرڻي آهي
ته پوءِ لئبرري ڪارڊ ڪئٽلاگ ايترو ضروري نه هوندو
آهي ڇو ته ويجهڙائي واروين تحقيقون اڃان لکيل صورت
۾ نه هونديون آهن. ڪنهن به تحقيق تي سالن کان پوءِ
ڪتاب لکيا ويندا آهن. اهڙن مسئلن لاءِ مواد اخبارن
۽ رسالن مان ملندو آهي، جيڪي جديد دور جي تحقيق تي
لکندا رهندا آهن. اهڙن رسالن ۽ اخبارن بابت
معلومات لاءِ انڊيڪس
(Index)
شايع ٿيندا رهندا آهن جن مان معلومات ملي سگهي ٿي؛
يا مضمونن جي فهرست مان به معلومات ملي سگهي ٿي.
ببلوگرافي تيار ڪرڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ
گهرجن
(1) سڀني واسطو رکندڙ رسالن، اخبارن،
انسائيڪلوپيڊيا، انڊيڪس نمبر، وغيره مان معلومات
حاصل ڪئي وڃي.
(2) سڀني واسطو رکندڙ ڪتابن کي لئبرري ڪئٽلاگ ۾
ڳوليو وڃي ۽ انهن مان پنهنجي ڪم جو مواد حاصل ڪيو
وڃي.
(3) جيڪو به مواد ڪتابن، اخبارن، رسالن وغيره مان
ملي، پوءِ چاهي اهو خاص قسم جو مواد هجي يا عام
قسم جو، تنهنکي جانچيو وڃي ۽ ان مان اهم مواد کي
پاڻ وٽ نوٽ ڪيو وڃي.
(4) تنقيدي انسائيڪلو پيڊيا کي ڏٺو وڃي جنهن ۾
واسطو رکندڙ مواد جي صحيح يا غلط هجڻ بابت معلومات
ملي سگهي ٿي.
جيڪو به ڪتاب مواد حاصل ڪرڻ لاءِ ببلوگرافي ۾ داخل
ڪيو وڃي، انهي کي چڱي طرح جانچيو وڃي ته انهي مان
ڪهڙو مواد ملي سگهي ٿو. اهو به ڏسڻ گهرجي ته
چونڊيل ڪتاب تمام پراڻو ته نه آهي، جنهن جي تحقيق
۾ ڪابه اهميت نه هجي. اهڙي طرح هر هڪ اهڙو ڪتاب
ابتدائي ببلوگرافي ۾ داخل ڪيو وڃي، جيڪو ڪنهن نه
ڪنهن طرح سان تحقيق ۾ مواد ڏيندڙ هجي. انهي لاءِ
تحقيق ڪندڙ کي ذهني چالاڪي کان ڪم وٺڻو پوندو آهي.
جيڪڏهن ببلوگرافي لاءِ ڪتاب اهڙا چونڊيا ويا جيڪي
تحقيق لاءِ مڪمل مواد ڏيندا ته پوءِ انهيءَ ۾
تحقيق ڪندڙ جو تمام گهڻو وقت بچي پوندو، جيڪڏهن نه
ته تحقيق ڪندڙ جو تمام گهڻو مواد گڏ ڪرڻ ۾ خراب
ٿيندو.
تحقيق ڪندڙ کي مسئلي جي مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ
ببلوگرافي ڪارڊن لاءِ هيٺيون ڳالهيون عملي طور ذهن
۾ رکڻ گهرجن.
(1) جيڪو به مواد ببلوگرافي جي مدد سان گڏ ڪيو وڃي
انهي کي جانچيو وڃي ۽ ابتدائي ببلوگرافي تيار ڪئي
وڃي.
(2) پهرئين انهي پوري گڏ ڪيل مواد جو مڪمل جائزو
ورتو وڃي پر نوٽ نه لکيا وڃن.
(3) ورتل مواد واري مضمون جو عام مطالعو ڪيو وڃي،
پر انهي جون واسطو رکندڙ ڳالهيون مطالعي هيٺ نه
آنديون وڃن.
(4) جڏهن تحقيق ڪندڙ کي اها بلڪل پڪ ٿي وڃي، ته هن
بلڪل پورو مطالعو ڪيو آهي، تڏهن نوٽ ورتا وڃن، پر
نوٽ مختصر ڪري ورتا وڃن.
(5) مسئلي تي گڏ ڪيل مواد مان نوٽ وٺڻ کان پوءِ
باقي بچيل يا رهيل مواد هٿ ڪيو وڃي، ۽ جڏهن مواد
مڪمل طور گڏ ٿي وڃي، تڏهن مسئلي جي عنوان جو خاڪو
(Out Line)
تيار ڪيو وڃي ۽ پنهنجو تحريري ڪم شروع ڪيو وڃي،
يعني مواد مڪمل ٿي وڃي، تڏهن اهو سوچڻ گهرجي ته
وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي. تحقيق ڪندڙ جيترو جلد انهي جاءِ
تي پهچندو اوترو جلدي هو مواد کي مڪمل ڪري وٺندو
آهي.
ببلوگرافي ڪارڊن تي ڪنهن ڪتاب بابت معلومات ڪيئن
ڏني وڃي
ببلوگرافي ڪارڊ 5 انچ ڊگهو ۽ 3 انچ ويڪرو هئڻ
گهرجي، جنهن ۾ پهريائين مصنف جو نالو. ذات، تخلص
يا ٻيو ڪو نالو (جي هجي ته) لکيو وڃي. اهو به لکيو
وڃي ته ڪتاب ڇپيل آهي يا هٿ جو لکيل
(Manuseript)
آهي.
جيڪڏهن ڇپيل آهي ته انهي بابت معلومات ڏني وڃي
(جاءِ ڇاپيندڙ ۽ تاريخ). جيڪڏهن ڪنهن ايڊٽ ڪيو آهي
ته ايڊيٽر جو نالو به ڏنو وڃي. پر جيڪڏهن ڪتاب جدا
جدا جلدن ۾ آهي ته جلد نمبر، ايڊيشن نمبر ڏنو وڃي.
هر ڪنهن ببلوگرافي ڪارڊ تي مصنف جو نالو، عنوان
صفحي جو نمبر ڏيڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن مڪمل
معلومات ملي سگهي. هر ڪنهن نوٽ لاءِ ڪارڊ جدا جدا
هئڻ گهرجي ته جيئن مسئلي جي هر عنوان لاءِ ڪارڊ
جدا جدا رکي سگهجن.
Author Call Number
Pooley, Roberte
428.3
P8-22-t
Teaching English Usage
New york, Appleter Century 1946
Contains Chapter on evolvating
Usage Teaching Good Bibliography
ڪنهن ابتدائي ببلوگرافي جي نوٽ وٺڻ جو مقصد رڳو
وڏو نوٽ وٺڻ نه هوندو آهي، پر انهي جو مقصد هوندو
آهي ڪنهن نوٽ جي آفاديت حاصل ڪرڻ؛ جنهن کي جيترو
مختصر ڪري پيش ڪجي اوترو بهتر ٿيندو. انهي لاءِ
ببلوگرافي ڪارڊ تي پورو تفصيل نه ڏنو وڃي، پر انهي
جي بدران رڳو ايترو لکيو وڃي ته ڪهڙيون ڳالهيون
توجہ ڏين جوڳيون آهن، جيڪي مسئلي جي حل لاءِ ضروري
آهن.
ببلوگرافي تيار ڪرڻ جي مطالعي جا ذريعا
ڪنهن به تحقيقي مسئلي لاءِ ببلوگرافي تمام ضروري
هوندي آهي ڇو ته ببلوگرافي جي مدد سان ڪنهن قسم جي
مواد جي ٻيهر اچڻ جي گنجائش نٿي رهي ۽ تحقيق لاءِ
ڪيترائي مسئلا ۽ ڪيترائي رايا ۽ صلاحون ملي سگهن
ٿيون. انهي کان سواءِ وڌيڪ تحقيق لاءِ ڪيترائي
خيال ملي سگهن ٿا.
ڪنهن به تحقيق جي ببلوگرافي تيار ڪرڻ لاءِ هيٺيان ذريعا ٿي سگهن ٿعا:-
انسائيڪلوپيڊيا ۽ نعتون
Encyclopedia, Dictioneries
هنن ڪتابن ۾ هر ڪنهن موصوع تي چڱي انداز ۾ معلومات
ملي ٿي، خاص ڪري هر ڪنهن موضوع جي ماضي جي تاريخ
ابت وڏن وڏن عالمن جي جيڪا راءِ ڏنل وندي آهي.
انهي کان سواءِ هر موضوع تي ٿيل تحقيق بابت به
ڪافي معلومات ڏنل هوندي آهي.
خاص جرنل
Review of Research in Journals
هر ڪنهن موصوع تي خاص جنرل لکيا وڃن ٿا، جن ۾
ڪيترن ئي موضوعن تي معلومات ڏنل هوندي آهي،
تنهنڪري اهڙن جرنلن جو مطالعو به ببلوگرافي لاءِ
ضروري آهي. هنن رسالن ۾ اهڙين تحقيقن بابت معلومات
يا انهن تحقيقن بابت رايا ڏنل هوندا آهن، ۽ جيڪي
غلطيون تحقيق ۾ هونديون آهن، انهن کي ظاهر ڪبو
ويندو آهي. اهڙن خاص جرنلن يا رسالن مان تحقيقن
بابت سٺي معلومات ملي سگهي ٿي.
ٿيسز
Prevous thesis
اهي جيڪي به انهي موضوع تي لکيل ٿيسز هجن، تن کي
ڏسڻ گهري ۽ انهن جي نتيجن ۽ راين کي نظر مان ڪڍڻ
گهرجي. انهي کان سواءِ اهڙين ٿيسز جي آخر ۾ ڏنل
ببلوگرافي به ڏسڻ گهرجي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ مددگار
ٿي سگهي ٿي.
ڪتاب ۽ رسالا
Books and Periodicals
ڪتابن ۽ رسالن ۾ آيل تحقيقي مضمونن کي به نظر مان
ڪڍڻ گهرجي ته جيئن انهن مان به گهربل مواد ۽
معلومات حاصل ڪري سگهجي، ۽ انهن تحقيقن تي ڏنل ريا
ڪڍي اختلاف کي واضح ڪري سگهجي. انهن مضمونن ۽
مقالن جي پٺيان ڏنل ببلوگرافي يا حوالن مان به
موضوع سان واسطو رکندڙ تحقيقي مواد حاصل ٿي سگهي.
سوانح نگاريون
Biographical Directories
اهڙا ڪتاب جن ۾ اديبن يا ليکڪن جي زندگين جو احوال
ڏنل آهي ته مان به تحقيق سان واسطو رکندڙ مواد ملي
سگهي ٿو.
ببلوگرافيون
Bibliographies
اهڙا ڪتاب جن ۾ ڪنهن موصوع تي يا ڪنهن مصنف جي
لکيتن جي ببلوگرافي ڏنل هجي ته اهڙين ڪتابن جي
مطالعي مان به تحقيقي مسئلي جي لاءِ مواد ملي سگهي
ٿو.
انڊيڪس Index
تحقيقي ڪتابن جي پٺيان ڏنل انڊيڪس مان به تحقيق
لاءِ مواد ملي سگهي ٿو.
ببلوگرافي ۾ ڪهڙيون ڳالهيون نظر ۾ رکڻيون هونديون آهن:-
ترتيب:- ببلوگرافي ۾ مصنفن جي نالن کي الف - ب جي لحاط کان
ترتيب تي رکيو وڃي ٿو. اها ترتيب ڇپيندڙ ادارن
توڙي ڇپجڻ جي تاريخ جي لحاظ کان ڏني ويندي آهي.
(2) سٽن جي وڇوٽي
ببلوگرافي ۾ عام فاصلي تي به لکيو وڃي ٿو ۽ ٻٽي
توڙي ڏيڍوڻي فاصلي تي به لکيو ويندو آهي، پر عام
طور ٻٽو فاصلو رکيو وڃي.
(3) ساڳي مصنف جي اخلا
عام طور تي جڏهن هڪ ئي مصنف جا ٻه ٽي ڪتاب
ببلوگرافي ۾ ڏيکارڻا هوندا آهن تڏهن پهرئين ڪتاب
جي معلومات ڏيڻ کان پوءِ عام طور ٻئي داخلا ۾ مصنف
جي جاءِ ڇڏي پوءِ پوري دم ڏئي باقي معلومات ڏني
وڃي ٿي. پر ائين نه ٿيڻ گهرجي. مصنف جو نالو پورو
اچڻ گهرجي - يعني هر تصنيف جي مڪمل معومات مصنف جي
نالي سميت ڏيڻ گهرجي.
(4) مصنف جي نالي نه هجڻ جي صورت ۾ داخلا
جيڪڏهن تصنيف تي مصنف جو نالو نه هجي ته اهري حالت
۾ ڪتاب جي عنوان سان داخلا جي شروعات ڪئي وڃي ۽
پوءِ باقي معلومات داخل ڪئي وڃي.
(5) ببلوگرافي ۾ عنوانن جون نشانيون
ڪنهن ڪتاب جي عنوان ببلوگرافي ۾ هيٺيان ليڪ ڏيڻ
ضروري نه آهي، پر ڪنهن مضمون يا مقالي يا ڪنهن
ڪتاب جي باب يا حصي ڏيڻ وقت واڪ جون نشانيون ضرور
ڏيڻ گهرجن.
(6) ڇپجڻ جي معلومات
ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب ۾ ڇپجڻ واري معلومات ڏنل ته هوندي
آهي جيئن، ادارو، ڇپجڻ جي تاريخ، جاءِ وغيره. اهو
اهڙي حالت ۾ ڪيو وڃي، جڏهن اجازت هجي، نه ته
معلومات ڏيڻ ضروري هوندي آهي.
ببلوگرافي جا مثالي قسم
The Form of Bibligraphy
ڪنهن تحقيق کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ انهن ڪتابن
جي فهرست
(Bibliography)
ڏني ويندي آهي، جيڪي تحقيق دوران پڙهيا ويندا آهن.
اهڙي فهرست هن طح لکي ويندي آهي:-
1- مصنف جو نالو
(Name of author). هن ۾ پهريائين ذات
(Surname)
تنهن کان پوءِ نالو
(First Name)
۽ آخر ۾ تخلص يا ٻيو نالو
(Intials).
2- ڪتاب جو نالو يا عنوان
(Exact title of the book)
3- ڇپجڻ جي جاءِ
(Place)،
ڇپائيندڙ ادارو
(Publisher)
جلد، ڇپجڻ جو ڀيرو ۽ تاريخ ڏني ويندي آهي. |