سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 7

مثال:-

سنڌي ۾ ڪنهن ڪتاب بابت معلومات هن طرح ڏني ويندي آهي.

1-      آڏواڻي ڀيرومل.سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1956ع.

انگيرزي ۾ هن طرح لکيو ويندو.

One author: Edgar H. Sturtevant. An Introducation to Linguistic Science.New Haven: Yale University Press, First Ed. 1974.

Two author: March Wardt, Albert H. The Fature of English.

New-uork: Charles Scribmer;s Sons, First Ed. 1949.

ترجمو ٿيل ڪتاب جو مثال:

قانع علي شير مير، ٺٽوي، تحفته الڪرام. فارسي مان ترجمو امير احمد، مخدوم. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1957ع

انگريزي جو مثال:

Silone, I. Bread and Wine, translated from the Italian by Gwenela David and Eric Mosbasher. New-york: Harper & Brothers First Ed. 1937.

مرتب ٿيل ڪتاب جو مثال:-

1-      شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه جو رسالو، مولف شهواڻي غلام محمد. حيدرآباد: آر- ايڇ - احمد ائنڊ برادرس، پهريون ڇاپو، 1961ع.

AN EDITION OF THE WORKS OF AN AUTHOR:

1- WORDS WORTH, W. The Compete Works of William Words Worth, edited by Andrew J. Gedrage. Boston: Boston: Houghton Mifflin, First Ed. 1904.

گهڻن جلدن ۾ ڇپيل ڪتاب:-

حڪيم محمد جعفر مرحُم. فرهنگ جعفري. سڌاريل همايوني نياز حسين حڪيم. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي جلد پهريون 196ع.

MULTI-VOLUME WORK:

1- Cummins, S. and Linscott, R. N. Eds. The Word’s Great Ghinkers. New-york: Random House, 1V Vols. First Ed. 1947.

2- Wyld, H.C. A Short History of English. London: John Murray, 3rd. Ed. 1937.

ENCYCLOPAEDIA:

Encyclopaedia Americana, American Corporation, New-uork: 1929-1855, Vols II.

لغت:-

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان. اردو سنڌي لغت. حيدرآباد سنڌ: سنڌ يونيورستي، پهريون ڇاپو، 1960ع.

DICTIONARIES:

Carter, V. Goold. Dictionary of Education. Newyork: Mc Graw, Hill, Inc, Mac Millan co. First Ed. 1960.

رسالا يا مخزن

1-      سماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورد، حيدرآباد سنڌ: جلد اونهارو، سال 1955ع.

2-     نذر لطيف، محڪمہ اطلاعاتسنڌ، گورنمينت پاڪستان حيدرآباد: 1954ع

Huxley, J.S. “The Growth of a group mind in Britain”. The Yale Review 30: 669-684 (June, 1941).

پر جيڪڏهن انهي ۾ پهريائين مخزن جو نالو ۽ پوءِ مصنف يا ايڊيٽر کي لکجي ته لکي سگهجي ٿو. اهڙي حالت ۾ هن طرح لکيو ويندو:-

مثال

Huxley, J.S. The Yale Review 30: 669-684 (June. 1941).

پر جيڪڏهن ڪنهن رسالي مان ڪنهن مضمون جو حوالو هوندو ته انهي لاءِ هن طرح لکيو ويندو.

پهريائين مصنف جنهن مضمون يا مقالو لکيو ويندو، پوءِ مضمون يا مقالي جو عنوان جيڪو ڏنگين يا واڪ جي نشانين ۾ رکڻو پوندو پوءِ رسالي جو نالو، جلد، نمبر ۽ تاريخ جنهن تي شايع ٿيو. ساڳي طرح اخبار جو حوالو به ڏنو ويندو آهي.

اخبار

ماهوار اخبار تعليم، حيدرآباد، آڪٽوبر 1942ع.

انگريزي ۾.

The New-york Tines. June 1. 1948.

پر جيڪڏهن ڪنهن خاص مضمون جو حوالو هوندو ته هن طرح لکيو ويندو.

Handler, M.S. “Yugoslavs Show Mollifying Mood”. The New-uork Times, June 1, 1948. P. 8, Col. 3.

ببلوگرافي لکڻ لاءِ مثال

BOOKS:

One author: Carter. V. Good. The Methodology of Educational Research. New-york: Appletion Century- Croftis. 1941.

Two authors: H. G. Moulton and C. Lewise. The Financial Problem of France. Newyork: The Macmillan Co. 1925.

 Three authors: H. M. Baldwin, H. lL. S. Greek and J. H. Mackes.

A Hand Book of Mordern Writing. Newyork:

Mc. Graw- Hill Book co., 1936.

More then three authors: G. M. Dutcher etc al. (G. M. Dutcher and others). Guide to Historical Literature.

New-york: The Macmillan Co. 1931.

No author: The Lottery, London: J. Watta, 1732.

Or

Anon, The Lottery, London: J. Watts, 1732.

Editor: Joseph Quincy Adams (ed). Chief Pre- Shakespearean Dramas. Boston: Houghton Mifflin co., 1924.

Translater: John Calvin. The Institutes of the Christain Religion, (trans) Henry Beveridge. Edinburgh: T. & T. Clerk, 1895.

Edition: J. Francis Rummel. An Introduction to Research Procedure in Education (2 nd ed). New-york: Harper & Brothers, 1958.

Series: G. K. Chestertion, Robert Browning. “Englis Men of letter”. New. york: The Macmillan Co., Series XXIX, 1910.

Volumes: T. C. Chamberlin, R. D. Salisbury. Geology, Vol. I, Geologic Processes and their Result, 2ad  ed, rew. Newyorak: Henary Holt & Co., 1906.

Series Volse: Edited by one author: J.H. Latan’e. Nmerica as a world power, 1897 – 1907. Vol, XXV of The American Nation: A History, ed A.B. Hart, 28 Vols: New – york: Harper & Brothers, 1904.

Componant part of Book: Arechibald. Cambridge History of American Literature, ed. By William P.Tran. John Erskine Stuart P. Sherman, and Carl Van P. New - yark: The Macmillan Co. 1931, II Part II.

Essay published in a collection: Josial Royee. “On Purpose in thought Fugitive Essay”, Cambridge: Harvard University Press, 1925.

Journal article: W.E Johnson. “The Purje Theory of Utility Curves”, Economic Journal, XXIII, Dec. 1913.

Public Documents: Great Britain, Public Record Office. Calendar of State Papers Relating to Scotland and Mary Queen of Scots, 1547-1603, Vol.VII (1586-86). Edinburgh: H. M. Stationary Office, 1914.

U.S. Bureau of the Census. Fifteenth Census of the United States: 1930. Population, Vol. II. Washington: Government Printing Office, 1933.

Reports: Medical Relations, Under Workmen’s Compensation. A report prepare by the Bureau of Medical Economics Chicago: American, Medical Association, 1933.

Encyclopeadia: Encyclopeadia Britannica. 14th, ed. Vol. VIII. Article, “Electricity”.

ARTICLES:

Books: Percy Bysshe Shelley, “A Defence of Poetry, “ Criticism: The Foundation of modrn Literary Judgment, ed. Mark Shorer, Josephine Miles, and Gordon McKenzie (New-york, 1948), P. 456.

Magazines: Josegh R. Dunlap, “The Typographical Shaw: GBS and the revival of Printing,” Bulletin of the New-york Public Library, LXIV (October 1960), 535.

Newspaper: The New-york Times, June 16, 1924, P. 16:8.

Unplished Material: Carpenter, Irene Maude. “Construction of a Self-Administretion Spelling Test.” Unpublishe Master,s thesis, Department of Education, University of Chicago, 1943.

                                Or

Miles, Ethel. “Girls Reading Interests,” Paper read before the meeting of the Scaradale Library Club Scarsdale, Newyork, March 26, 1930.

 

GAZETTEERS.

Smytb, J.W. Gazetteer of the Province of Sind, District Karachi, Bombay, 1919.

                                Or

Gazetteer of The Province of Sind, District Karachi, Bombay, 1919.

REPORTS:

Census Report of Pakistan, Vol. V, Hyderabad and Khairpur Divisions, 1951.

تحقيقي عنوان جو خاڪو

OUT LINE

هر تحقيق ڪندڙ شاگرد لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو تحقيق جي شروعات ڪرڻ کان اڳي، عنوان جو خاڪو (Out Line) تيارڪري، انهي خاڪي ۾ هو پنهنجي چونڊيل مواد جي مدد سان سوچيل خيالن جي منطقي ترتيب مقرر ڪري. اهڙي طرح ڪنهن به تحقيقي خاڪي جو مقصد هوندو اهي ته ڪنهن سٺي نموني يا ترتيب سان ڪنهن مسئلي جي تحقيق ڪئي وڃي. مسئلي جي عنوان جو خاڪو، تحقيق ڪندڙ کي تحقيق جي جدا جدا مرحلن کي ترتيب سان ملائي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. انهي ڪري چيو ويو آهي ته تحقيق ٿيندڙ مسئلي جي ”خاڪي ۾ ڪنهن به عنوان جي تحقيقي عمل لاءِ جيڪي بيان ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪيا ويندا آهن، انهن کي سمجهايو ويندو آهي“ (4).

ڪنهن به تحقيق جو خاڪو تحقيقي مسئلي لاءِ هڪ نقشي جو ڪم ڏيندو اهي؛ جنهن جي مدد سان ڪنهن مسئلي جي حل جي ڳولا ڪئي ويندي آهي. يا ائين چئجي ته تحقيقي مسئلي جو خاڪو هڪ ڏسڻي يا آڳوهو هوندو آهي، جيڪو تحقيق دوران ڪنهن غلط طرف ڀٽڪڻ نه ڏيندو آهي. مواد ڪيتروئي منجهيل هجي، پر جيڪڏهن ابتدائي تحقيق لاءِ تيار ڪيل خاڪي جي مدد تي تحقيق جو سلسلو قائم ڪيو ويو ته پوءِ انهي ۾ ڪوبه مونجهارو پيدا نه ٿيندو ۽ مواد سولائي سان ترتيب وار گڏ ڪري سگهبو، موداد جو سلسلو بلڪل صحيح نموني ترتيب ڏئي، تحقيقي مسئلي جي هر پهلوءِ جو چڱي طرح تجزيو ڪري سگهبو. اهڙي طرح جنهن ڳالهه کي تحقيق ڪندڙ واقف نه هوندو، تنهن کان واقف ٿي ويندو. ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪنهن به تحقيقي مسئلي جو خاڪو هڪ سهڻي صلاح هوندو آهي، جيڪو تحقيق جو پورو ڍانچو ۽ انهيءَ جا سڀ پهلو سمجهائيندو آهي. جڏهن مسئلي جو تحقيق عمل مڪمل ٿي ويندو آهي تڏهن تحقيق جو آخرين خاڪو (Final out line or Abstract) تيار ٿي ويندو اهي، جنهن ۾ پورو مواد ظاهر نظر ايندو آهي ۽ پڙهندڙ خاڪو پڙهڻ سان ٻڌائي سگهندو ته تحقيق ۾ ڪهڙين ڳالهين جو تجزيو ڪيو ويو آهي؛ ڪهڙين ڳالهين کي قبول ڪيو ويو آهي، ۽ تحقيق ڪندڙ جي راءِ ڇا آهي؟ اهڙي طرح ڪنهن مسئلي جي خاڪي جي مدد سان ئي ڪنهن تحقيق جو مقصد ٻڌائي سگهجي ٿو.

تحقيق جو حقيقي مقصد هي هوندو آهي ته جنهن مسئلي تي جيڪي ڪجهه گهڻي انداز ۾ پڙهيو وڃي، تنهن کي مختصر ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ انهي مان جيڪو مرڪزي خيال (Central Idea) ڪڍيو وڃي، انهيءَ جي وضاحت ڪئي وڃي. انهي لاءِ ضروري هوندو آهي ته گهڻي مواد کي مختصر ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ترتيب مقرر ڪئي وڃي ۽ اها ترتيب ئي مسئلي جي حل جي جان هوندي آهي، جيڪا مرڪزي خيال کي اُڀاري ظاهر ڪندي آهي. انهي لاءِ تحقيق ڪندڙ مسئلي جي هر پهلوءَ کي ترتيب ڏئي، هڪ ابتدائي خاڪو تيار ڪندو آهي. جنهن جي مدد سان اڳتي مواد جو تجزيو پيش ڪندو آهي.

تحقيق ڪندڙ جڏهن ڪنهن مسئلي جي تحقق لاءِ پورو مواد هٿ ڪري وٺي ٿو، تڏهن مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه وڌيڪ مواد (نوٽ) مطالعي دوران پاڻ وٽ گڏ ڪري ٿو. انهي کان اڳ جو هو مسئلي جي حل بابت ڪجهه لکي، انهي وڌيڪ مواد جي ترتيب لا3 هڪ اخڪو تيار ڪري ٿو، جنهن ۾ انهي مواد جي ترتيب لاءِ هڪ خاڪو تيار ڪري ٿو، جنهن ۾ انهي مواد جي ترتيب جو سلسلو قائم ڪري مسئلي جو حل تلاش ڪري ٿو. مطلب ته جيڪي ڪجهه هو گڏ ڪيل مواد جي مدد سان پيش ڪرڻ چاهيندو آهي انهي پيشڪش جي ترتيب لاءِ خاڪو تيار ڪندو آهي ته جيئن پڙهندڙ کي حل ٿيل مسئلو سولائي سان سمجهه ۾ اچي سگهي. انهي ڪري سٺو خاڪو اهو هوندو آهي ”جنهن ۾ تحقيق ٿيل مواد جو ڍانچو ۽ مضمونن جي فهرست بلڪل واضح بيان ٿيل هجن“ (5).

(The out line should indicate clearly both the structure and contant of the article)

 بنا خاڪي جي جيڪڏهن مواد کي ترتيب ڏنو ويو ته انهي ۾ هڪ ته مونجهارو پيدا ٿيندو ۽ ٻيو ترتيب غلط ٿي سگهي ٿي، جنهن ڪري وڌيڪ وقت خراب ٿيندو. تحقيق ۾ ٿيل غلطين کي سڌارڻ تمام مشڪل ٿيندو آهي، پر اهو آسمان هوندو آهي ته ڪنهن خاڪي ۾ ڪابه تبديلي ڪئي وڃي.

 ڪنهن به مسئلي جي مواد جي ترتيب يا خاڪو تيار ڪرڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي. جيڪڏهن مسئلي جي عنوان جو مطلب ذهن ۾ واضح آهي. يعني ”اسين ڇا ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن کان سواءِ چڱي طرح واقف هجون“ (6). ته پوءِ خاڪو ڪيئن به تيار ڪري سگهجي ٿو.

(We fully understand what we want to do)

ڪنهن مسئلي جي حل جو مرڪزي خيال (مقصد) تحقيق ڪندڙ جي ذهن ۾ واضح هئڻ گهرجي ته جيئن هو مسئلي جي حل ڳولڻ لاءِ مواد سولائي سان گڏ ڪري ۽ مسئلي جو حل پيش ڪري سگهي. مسئلي جو مرڪزي خيال يا تحقيق ڪرڻ جو مقصد، ابتدائي خاڪي جو تمام مختصر ۽ واضح لفظن ۾ لکڻ گهرجي ۽ پوءِ تحقيق ۽ ٻي ايندڙ هر ڳالهه انهي مرڪزي مقصد جي پٺڀرائي ۾ ڏني وڃي. هر سمجهاڻي، مثال ۽ دستاويز ڪنهن نه ڪنهن طرح انهيءَ مرڪزي خيال جي پٺڀرائي ڪن. اهڙي طرح مرڪزي خيال مسئلي جي حل جي ڪنجي هجي، جيڪو سڄي تحقيق دوران پوري مواد تي ڇانيل هجي، تحقيق ۾ پيش ٿيل هر بيان ۽ خيال پيش ڪيل دستاويزن ۽ حوالن سان تعلق رکندڙ هجي.

ڪنهن به تحقيق ٿيندڙ مسئلي جي عنوان جي لحاظ کان ابتدائي خاڪي (First out line) تيار ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تاريخي مسئلي تي تحقيق ڪرڻي آهي ته پهريائين هر واقع يا ڳالهه کي تاريخي ترتيب جي لحاظ کان رکيو وڃي، جنهن ۾ پهريائين وڏا واقعا ۽ پوءِ ننڍا واقعا رکيا وڃن. پر جيڪڏهن ڪنهن جي آتم ڪهاڻي آهي ته به تاريخي ترتيب ڏني وڃي يا جيڪڏهن ڪنهن مصنف تگي لکڻو آهي ته پهريائين مصنف جي جدا جدا لکيتن کي مضمون وار رکيو وڃي ۽ هر مضمون جي لکيتن کي وري اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن پهريائين اهم لکيتون ۽ پوءِ گهٽ اهميت واريون لکيتون اچن. جيڪڏهن سلسليوار لکيتن کي ترتيب ڏيڻي آهي ته پوءِ تاريخ وار رکيو وڃي يعني جيڪي پهريائين لکيون ويون آهن سي پهريائين رکيون وڃن ۽ جيڪي پوءِ لکيون ويون آهن. تن کي آخر ۾ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن ڪنهن مصنف جي خاص خيالن يا سوچ تي لکڻو آهي ته پوءِ مصنف جي انهي خيال ۽ سوچ کي پهريائين ڏنو وڃي جيڪو تحقيق لاءِ چونڊيو وڃي. ۽ پوءِ سندس ٻين خيالن ۽ سوچن کي پيش ڪيو وڃي. اهڙي طرح تحقيق ۾ پهريائين وڌيڪ اهميت واريون ڳالهين کي بيان ڪيو وڃي ۽ پوءِ گهٽ اهميت وارين ڳالهين کي بيان ڪيو وڃي.

تحقيقي خاڪي جي ابتدائي تياري لاءِ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

(1) تحقيقي مسئلي جي عنوان جو مطلب ذهن ۾ واضح هئڻ گفهرجي.

(2) تحقيقي مسئلي جي مقصد ۽ ڍانچي لاءِ ڪا را3 مقرر ڪئي وڃي، يعني تحقيقي مسئلي جي نتيجو ڇا هئڻ گهرجي، انهي نتيجي ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن؛ انهن طريقن لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ذهن ۾ هئڻ گهرجن.

(3) تحقيق ڪندڙ جو انهي تحقيق ڪرڻ لاءِ مقصد ڪهڙو آهي. انهي کي صاف بيان ڪيو وڃي.

(4) تحقيق جا جدا جدا ڀاڱا بيان ڪيا وڃن ۽ هر ڪنهن ڀاڱي کي وري جدا جدا ڀاڱن ۾ پرهايو وڃي. اهو ورهاڱو تحقيق ڪندڙ کي پڙهندڙن جي لحاظ کان ڪرڻ گهرجي، نه پنهنجي سهولت جي لحاط کان ڪرڻ گهرجي.

(5) تحقيق جو هر هڪ ڀاڱو اهڙي طرح ورهايو وڃي، جو اهي مکي مسئلي جو هڪ ڀاڱو نظر اچن، پر ائين نه ئي جو هر هڪ ڀاڱو جدا جدا مسئلو هجي، جنهن جو مکي مسئلي سان ڪوبه واسطو نه هجي.

(6) هر ڪنهن ڀاڱي جو مقصد بيان ڪيو وڃي ۽ انهي جي بيان جو تعلق مکي مسئلي جي مقصد سان لاڳاپو ضروري رکندو هجي.

(7) مصمون جو ڪوبه ڀاڱو يا حصو )Sub Division) جدا نه لکيو وڃي. پر اهو ڀاکو يا حصو مکي ڀاڱي (Main heading) جو حصو هجي ڪنهن مکي مضمون جا جيڪڏهن ڀاڱا (Sub Division) ڪيا وڃن ته اهي هڪ کان وڌيڪ هئڻ گهرجن.

(8) هر ڪنهن مصمون جو نالو مختصر لفظن ۾ لکيو وڃي، جيڪو انهي مواد لاءِ موضون هجي.

(9) هر ڪنهن مضمون جي بيان ۾ وصف، سمجهاڻي ۽ تت ڏنل هجن.

(Introduction body and Conclusion)

(10) هر ڪنهن مکي مضمون جو دائرو وسيع هئڻ گهرجي جنهن ۾ سڀ ننڍا مضمون سمايل هجن.

(11) تحققي مسئلي جي ڀاڱن کي اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي، جيئن تجزئي ڪرڻ وقت هر تحقيق ٿيندڙ سوال بلڪل صاف ۽ مڪمل طور ظاهر تي اڳيان اچي.

(12) جيڪو به مواد تجزئي لاءِ استعمال ڪيو وڃي سو صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي، جنهن جو ڪو خاص مقصد هئڻ گهرجي.

(13) ڪنهن مسئلي جي خاڪي کي تحقيقي مسئلي جو مڪمل ڍانچو سمجهيو وڃي، جيڪو پاڻ ۾ چونڊيل مواد ۽ ترتيب سموهي. پر مواد ۽ ترتيب جي مقرر ڪرڻ وقت اهو ضرور خيال رکيو وڃي ته تمام گهڻا مکي عنوان (Main heading) نه ڏيڻ گهرجن، ۽ مکي عنوان اهڙا هجن. جيڪي پاڻ ۾ ننڍن ننڍن عنوانن جي مواد کي مڪمل طور سمائي سگهن.

(14) خاڪي جي ترتيب ۾ هر مضمون کي ڪا خاص اهميت واري جاءِ هئڻ گهرجي.

خاڪي جي مضمونن جي ورهاست

تحقيقي مسئلي جي مضمونن جي ورهاست هن ترتيب تي ڪئي ويندي.

(1) مکي ڀاڱن کي يا مضموننن (Main heading) رومن اکرن (سنڌي ۾ انگن کي اکرن ۾ لکيو ويندو آهي جيئن پهريون، ٻيو، ٽيون وغيره) VI ۽ I,II, III, IV V ۾ رکيو ويندو آهي.

(2) مکي ڀاڱن (Main heading) کي وري جڏهن وڌيڪ ڀاڱن ۾ (Sub heading) ۾ ورهايو ويندو آهي ته انهن کي وري انگريزي اکرن ۾ لکيو ويندو آهي مثال، C, B, A, H, G, F, E, وغيره. پر سنڌي ۾ وري سنڌي اکرن الف - ب - ت وغيره. اها ترتيب گهڻو ڪري عربي الف - بي جي لحاظ کان ڏني ويندي آهي.

(3) پر (Sub-heading) ننڍن ڀاڱن کي وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائڻو هوندو آهي ته انگريزي ۾ انهن ڀاڱن جي ترتيب انگن ۾ ڏني ويندي آهي يعني 8، 7، 6، 5، 4، 3، 2، 1، وغيره ۽ سنڌي ۾ وري سنڌي انگن ۾ 1، 2، 3، 4، 5، 6، وغيره ۽ جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ حصن ۾ ڀاڱن کي ورهائڻو هوندو آهي ته انگريزي ۾ ننڍي اي - بي - سي لکيو ويندو آهي. a, b, c, d, e, f وغيره.

هيٺ مثال ڏنو وڃي ٿو

    مکي ڀاڱا - باب پهريون   I Chapter  Main- heading`  

مکي ڀاڱا جا حصا الف                A....     Sub heading

         ب     B....

وڌيڪ ڀاڱا 1 ....                       Sub - heading Divison 1.....

2.....          ..........2

3.........                       ......3

a......                 

b............                       

c............                         

هڪ دفعو ڪنهن تحقيقي مسئلي جي خاڪي کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تحقيقي خاڪي کي وري چڪاسبو ويندو آهي ته جيئن انهيءَ خاڪي موجب مسئلي جي تحقيق کي صحيح انداز سان مڪمل ڪري سگهجي.

جيڪڏهن تحقيقي خاڪو سٺو لکيل نه هوندو ته پوءِ اها تحقيق يا ته تمام گهٽ وقت وٺندي يا تمام وڌيڪ وقت وٺندي ۽ صحيح انداز سان تحقيق ڪري نه سگهبي. ڇو ته تحقيقي خاڪو مسئلي جي تحقيق جي x-ray هوندو آهي، جنهن جي مدد سان پوري مسئلي جو جائزو ورتو ويندو آهي، ته انهي ۾ ڪهڙيون خرابيون آهن ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ٺيڪ آهن، ڪهڙيون تحقيق ڪندڙ جي نظر ۾ آهن، ۽ ڪهڙيون نظر ۾ نه آهن ۽ ڇا انهي جي مدد سان اسين مسئلي جي مشڪلاتن جي حل جي تلاش ڪري سگهون ٿا.

شاگردن جي تحقيقي خاڪي کي پيش ڪرڻ کان پوءِ گائيڊ جو ڪم هوندو آهي ته هو انهي خاڪي تي محققانه نظر وجهي ۽ انهي ۾ جن ڳالهين جي شاگردن کي خبر نه آهي، شاگرد کي آهي ٻڌائي ۽ جيڪي خاڪي ۾ خرابيون آهن، تن جي شاگرد کي ڄاڻ ڏئي ۽ شاگرد کي صحيح رستي تحقيق ڪرڻ جي سکيا ڏئي.

خاڪي جي ابتدا ۾ تحقيقي مسئلي جو مقصد سمجهايو وڃي، جنهن ۾ مسئلي جي ۽ وصف انهي جي حل ڪرڻ جا سبب ڏنا وڃن. ۽ پوءِ باقي ڳالهيون يعني مکي مسئلي جا ڀاڱا بيان ڪيا وڃن. جيسين تائين ڪنهن شاگرد جي ذهن ۾ اهو واضح نه هوندو ته هن جي تحقيق جو مقصد ڇا آهي يا سندس تحقيق جو نتيجو ڪهڙي ڳالهه تي ظاهر ڪرڻو آهي 7 انهي مسئلي جي مواد جي ترتيب ڪهڙي هئڻ گهرجي، انهي مواد جا ڪهڙا ڀاڱا هئڻ گهرجن، تيسين تائين تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيق جو خاڪو تيار ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن هڪ دفعو تحقيقي مسئلي جو مقصد تحقيق ڪندڙ جي ذهن ۾ واضح ٿي ويو ته پوءِ هو پنهنجي تحقيق جي مواد جي ورهاڱي جي ترتيب جو طريقو هٿ ڪري سگهندو ۽ مسئلي جا ڀاڱا يا حصا چڱي طرح ڪري سگهندو ۽ هڪ سٺو خاڪو تيار ڪري سگهندو، جنهن تي عمل ڪرڻ سان مسئلي جو حل آساني سان ڳولي سگهندو جيئن جيمس لکي ٿو ته ”ڪنهن به مسئلي جي تحقيق جي لاءِ پهريائين انهي جو عنوان ڳوليو ويندو آهي، جنهن مان تحقيق مسئلي جو مقصد ٻئي گڏوگڏ ذهن ۾ ترتيب وٺندا آهن“ (7).

جيمس پنهنجي ڪتاب Writing with Purpose ۾ ڪنهن مسئلي جي خاڪي لاءِ هيٺيون ٽي ڳالهيون اهم ٻڌايون آهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org