تحقيق ٿيل مواد جي آخرين تياري
ابتدائي جائزي کان پوءِ مواد جو آخرين جائزو ورتو
وڃي ٿو. تحقيق ڪندڙ لاءِ هي مرحلو تمام مشڪل ۽ خفي
ڪندڙ هوندو آهي، ڇو ته هن جائزي کان پوءِ مواد ۾
ڪابه درستي ڪري نٿي سگھجي ۽ اهو ئي تحقيقي مواد
پنهنجي آخرين شڪل ۾ پڙهندڙ جي اڳيان اچي ٿو. تنهن
ڪري هن مرحلي ۾ تحقيق ڪندڙ کي تمام خبرداري سان هر
ڳالهه کي جاچڻو هوندو آهي ۽ هن مرحلي ۾ جيڪا غلطي
رهجي وڃي ٿي اها تحقيق ۾ هميشه خامي سمجھي وڃي ٿي.
تحقيقي مسئلي جي ترتيب يا رٿا ابتدائي خاڪي ۾ اڳي
ئي ڏني ويندي آهي جنهن تي عمل ڪندي مواد کي گڏ ڪري
ترتيب ڏني ويندي آهي. ابتدائي خاڪي ۾ ڏنل ترتيب ڪا
آخرين نه هوندي آهي، انهيءَ ۾ گڏ ڪيل مواد ۽ نڪتل
نتيجن جي ڪري تبديلي آڻي سگھجي ٿي.
تحقيقي مسئلي جي آخرين ترتيب جو مقصد هوندو آهي ته
گڏ ٿيل مواد کي اهڙي انداز ۽ صورت ۾ ترتيب ڏني وڃي
جو تحقيق ٿيل مواد جي هر خيال ۽ ڳالھ پڙهندڙن کي
آساني سان سمجھ ۾ اچي سگھي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ
پنهنجا خيال ۽ تجزيو جيڪو هي ٻين تائين پهچائڻ
چاهيندو آهي، تنهن کي پهچائڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏيندو
آهي ته جيئن پڙهندڙ تحقيق مان مڪمل معلومات حاصل
ڪري سگھن. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته تحقيق جو مڪمل
بيان سادي ۽ سليس زبان ۾ هئڻ گهرجي، سوالن جا جواب
پوري طرح ڏنل هجن ۽ جوابن لاءِ جيڪو مواد گهربل
هجي اهو ڏنو وڃي.
تحقيق ٿيل مواد جي لاءِ خاص ضرورت ترتيب جي هوندي
آهي جيڪا تحقيق جي اصولن تي ڏني ويندي آهي ۽ جنهن
کي تحقيق جي ٽيڪنڪ چئي سگھجي ٿو. تحقيق ڪندڙ کي
پنهنجي ابتدائي خاڪي جي مدد سان مواد گڏ ڪرڻ گهرجي
پر آخر ترتيب ابتدائي خاڪي سان نه ڏني وڃي، پر
انهي لاءِ گڏ ٿيل مواد کي نظر ۾ رکيو وڃي آخرين
ترتيب ۾ عنوان سان واسطو رکندڙ مواد جيڪو اهميت
وارو هوندو آهي تنهن کي ترتيب ڏئي رکيو ويندو آهي
۽ باقي مواد کي خارج ڪيو ويندو آهي. جيڪو مواد
تحقيق دوران غلط يا بي مقصد نظر ايندو آهي تنهن کي
عنوان جي دائري اندر نه ڏسي رد ڪيو ويندو آهي.
مختصر طور ائين چئجي ته تحقيقي مواد جو آخرين بيان
سليس زباني، سلجھيل خيالن، منطقي، اعليٰ ترتيب ۽
بلڪل صاف بيان ۾ لکيو وڃي ته جيئن مواد جي اهميت ۽
مقصد پڙهندڙن کي سمجھ ۾ اچي سگھي. انهيءَ لاءِ ٽي
ڳالهيون تمام ضروري هونديون آهن.
(1)
مواد صفائي سان لکيل يا پيش ٿيل هجي
(NEATNESS)
(2)
مواد چٽائي سان بيان ٿيل هجي (LEGIBILITY)
(3)
مواد ۾ ايڪو يا سلسلو قائم ٿيل هجي (UNIFORMITY)
تحقيق جو جيڪڏهن هڪ لفظ ۾ مطلب بيان ڪيو وڃي ته
اهو ٿيندو ”اطلاع ڏيڻ“ باقي ٻيون ڳالهيون ڏنل مواد
کي آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ ڪم آنديون وڃن ٿيون.
انهيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي ته مواد کي اهڙي
انداز سان لکيو وڃي جو پڙهندڙ انهي کي غلط نه
سمجھي، نڪي پڙهندڙ کي ڪٿي خال نظر اچي. زبان بلڪل
عام فهم ۽ جيترو ٿي سگھي اوترو لفظ، محاورا ۽
اصطلاح آسان استعمال ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪٿي ڪي خاص
لفظ ٽيڪنيڪل اصطلاح ڏيڻ ضروري هجن ته انهن کي اهڙي
طرح پيش ڪيو وڃي جو پڙهندڙ انهيءَ لفظ يا اصطلاح
جي ڪري مونجھاري ۾ نه پوي. تحقيق ۾ ڪنهن طرح ڪٿي
به الجھاءَ پئدا نه ڪيو وڃي ۽ هر ڳالهه کي سڌي طرح
بيان ڪيو وڃي.
تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ کان روڪي نٿو سگھجي ته هو
پڙهندڙ کي پنهنجي ڪنهن خاص انداز کان متاثر نه ڪري
جنهن ۾ هن جي پڙهندڙن ۽ هن جي دلچسپي هجي، پر سندس
انهيءَ انفراديت سان گڏ اهو خيال رکڻ به ضروري آهي
ته تحقيق پڙهندڙن کي سمجھ اچي سگھي. انهيءَ معيار
تي آڻڻ لاءِ تحقيق جي اصولن جي ڄاڻ ضروري آهي.
”پنو“
تحقيقي مواد کي لکڻ لاءِ بانڊ پني جي ڊيگھ 11 انچ
۽ ويڪر 8 انچ هئڻ گهرجي ٻن سٽن جي وچ ۾ فاصلي کان
ٻيڻو فاصلو ڇڏڻ گهرجي. جنهن کي ٽائيپ ڪرڻ واري
اصطلاح ۾
Double
space
چيو وڃي ٿو. پني جو هڪ طرف
استعمال ڪيو وڃي. پني تي گھٽ ۾ گھٽ عام حالت ۾ مٿي
ڏيڍ انچ حاشيو ۽ انگريزي لاءِ کاٻي پاسي سنڌي لاءِ
ساڄي طرف ڏيڍ انچ ۽ هيٺان، هڪ انچ حاشيو، ڇڏيو
وڃي. پر جي حوالن ۽ فٽ نوٽن لاءِ جاءِ گهربل آهي
ته هڪ انچ حاشي کان اڳي گهربل جاءِ ڇڏي وڃي ته مٿي
ڏنل حوالا ۽ فٽ نوٽ لکيا وڃن، جديد ٽيڪنڪ جي لحاظ
کان حوالا ۽ فٽ نوٽ باب جي آخر ۾ ڏنا وڃن ٿا جنهن
ڪري رڳو هڪ انچ هيٺان حاشو ڇڏڻ گهرجي . ڪو عنوان
اڌ پني کان شروع نه ڪيو وڃي.
تحقيق ٿيل مواد جي ابتدا ۾ عنوان ۽ انهيءَ جي
تشريح ۽ تعريف بيان ڪئي وڃي جنهن کي اڳتي تحقيقي
شڪل ۾ سمجهيو وڃي. اها سمجهاڻي اهڙي انداز سان
بيان ڪئي وڃي جو پڙهندڙن کي اڳتي تحقيق ٿيل مواد
کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪري سگهجي.
تحقيق جي ٻئي حصي ۾ مواد بابت شهادتون ڏنيون
وينديون آهن. انهيءَ کان سواءِ هن حصي ۾ تحقيق
لاءِ گڏ ڪيل مواد يا مسئلي جي تجزئي جي پرک
گَهرائي سان ورتي ويندي آهي. هن حصي ۾ انهيءَ
ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته ڪنهن شهادت يا
مواد کي ڇڏيو نه وڃي. مختصر طور ائين چئجي ته هن
حصي ۾ مسئلي جي حل لاءِ ورتل شهادتون جيڪي هٿ ڪيون
ويون آهن، مواد جي هٿ اچڻ جا ذريعا ۽ شهادتن جي
تجزئي جي پرک ورتي ويندي آهي.
هن
حصي ۾ شهادتن ۽ شهادتن جي تجزئي کي ترتيب ڏيڻ کان
اڳي شهادتن ۽ شهادتن جي تجزئي جو صحيح هجڻ ثابت
ڪرڻ لاءِ هيٺين سوالن تي شهادتن ۽ شهادتن جي تجزئي
کي پرکيو وڃي.
1-
سوالن جا جواب مڪمل ڏنل آهن؟
2-
سوالن ۽ جوابن تي پورو توجهه ڏنل آهي؟
3-
سوالن جا جواب رواجي انداز ۾ ته نه ڏنل آهن؟
4-
معمولي سوالن جا جواب ته شامل نه ڪيا ويا آهن؟
5-
سوالن يا جوابن ۾ تحقيق ڪندڙ جي پنهنجي دلچسپي يا
قدامت پسندي شامل ته نه آهي؟
6-
جوابن ۾ غير ضروري مواد ته نه رهجي ويو آهي؟
7-
تحقيق ۾ گهربل نقشا، چارٽ ۽ انگ اکر ڏنل آهن؟ اهي
نقشا، چارٽ ۽ انگ اکر سوالن جي جوابن جو پورائو ڪن
ٿا يا پڙهندڙن جي سمجهه لاءِ صحيح ثابت ٿيندا؟
جڏهن شهادتن ۽ شهادتن جي تجزئي کي مٿين سوالن جي
مدد سان صحيح ثابت ڪيو وڃي تڏهن انهيءَ کي آخرين
شڪل ڏني وڃي.
تحقيق جو ٽيون حصو هوندو آهي مجموعي خيالن جو
مختصر جائزو يا نچوڙ. هن حصي ۾ مٿي بيان ٿيل مواد
جو اختصار ڏنو ويندو آهي ۽ نتيجي لاءِ مڪمل مواد
شهادتن جي مدد سان پيش ڪيو ويندو آهي. هي حصو اهڙي
انداز سان لکيو ويندو آهي جو پڙهندڙ پوري تحقيق
ٿيل مواد کان واقف ٿيو وڃي، جنهن ۾ مواد جي
فراهمي، تحقيق جي اصولن لاءِ قبول ڪيل سفارش،
تحقيق جي پوري رپورٽ هوندي آهي. يعني هن حصي ۾ مٿي
ڏنل ٻنهي حصن جو نچوڙ ڏنو ويندو آهي.
آخر
۾ مسئلي جي نتيجي تائين پهچڻ لاءِ جيڪا تحقيق لاءِ
جدوجهد ڪئي ويندي آهي، انهيءَ جي هر پهلو کي
تحقيق ڪندڙ نظر ۾ رکندو آهي ته جيئن پيش ٿيل حقيقت
کي چڱي طرح سمجهي ۽ پيش ڪري سگهي. انهيءَ لاءِ
تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي ئي گڏ ڪيل مواد تي تنقيدي
نظر وجهڻي پوندي آهي. ۽ انهيءَ لاءِ هن کي هيٺيان
سوال پنهنجي مواد تي ڪرڻ گهرجن:
1-
هر ڪنهن شهادت جي نتيجي لاءِ مواد مڪمل آهي؟
2-
جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي اهو تجزئي لاءِ ڪافي
آهي؟
3-
ڇا ڪو مواد رهجي ته نه ويو آهي. جنهن ڪري تحقيق
ڪمزور نظر اچي.
4-
ڪنهن شهادت کي ڪڍي ڪنهن مسئلي جو نتيجو ته نه ڏنو
ويو آهي.
5-
تحقيق دوران ڪنهن به سبب ۽ اثر کي حالتن جي تحت ته
نه پيش ڪيو ويو آهي جيڪو موجود وقت نه هجي.
تحقيق جو نتيجو شهادتن جي مدد سان پيش ڪيو ويندو
آهي نه ڪي شخصي راين، عام خيالن ۽ سمجهاڻين سان.
تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي عنوان جي دائري جي اندر
تحقيق ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح جيڪو مواد مسئلي جي حل
لاءِ آخرين صورت ۾ ڏنو وڃي اهو نه مسئلي جي عنوان
جي دائري کان ٻاهر هجي، نه وري تحقيق ڪندڙ بيان کي
ايترو مختصر ڪري جنهن ۾ تحقيق جو مقصد چڱي طرح
ظاهر نه ٿئي. انهيءَ لاءِ اهڙن راين خيالن ۽
شهادتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي مسئلي جي حل لاءِ
مددگار نه هجن. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي
نگران کان تحقيق بابت وڌيڪ خبر هئڻ گهرجي.
تحقيق ڪندي جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ کي ڪي اهڙيون
ڳالهيون يا مسئلا اڳيان اچن جيڪي تحقيق دوران ته
ضروري نه هجن پر اهڙا مسئلا حل ڪرڻ ضروري هجن ته
اهڙين ڳالهين يا مسئلن جي نشاندهي پنهنجي تحقيق ۾
جتي ضروري سمجهي ضرور ڪري ۽ اهڙين ڳالهين کي ”راز“
۾ رکي. يا اهڙيون ڳالهيون جيڪي مسئلي ۽ موضوع جي
دائري اندر نه اينديون آهن پر عنوان کان خارج
هونديون آهن ته اهڙين ڳالهين کي راز ۾ نه رکيو
وڃي، پر انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن آئنده جي
تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي ٿي سگهي.
مٿين ڳالهين کان سواءِ تحقيق ڪندڙ کي هيٺين ڳالهين
کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
1-
تحقيق ۾ ڪنهن به نتيجي کي ”راز“ ۾ نه رکيو وڃي.
2-
تحقيق ۾ احتساب، هنجو نگاري ۽ انتقام نه هئڻ
گهرجي.
مٿيون ٻئي ڳالهيون تحقيق ڪندڙ کي اخلاقيات جي
دائري ۾ رکنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن
مسئلي جي حل لاءِ مڪمل معلومات حاصل نه ڪري سگهندو
آهي ته اڌوري معلومات تي ئي نتيجو ڏئي ڇڏيندو آهي
۽ وڌيڪ محنت کان جند ڇڏائيندو آهي، يا اهڙيون
ڳالهيون جيڪي ٻين تحقيقن ڪندڙن لاءِ ڪنهن طرح به
فائديمند هونديون آهن تن کي ظاهر ڪرڻ بدران لڪائي
ڇڏيندو آهي. اهو عمل تحقيق ۾ اخلاقي لحاظ کان غلط
سمجهيو ويندو آهي. ٻيو ڪڏهن ڪڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن
تي طنز يا راءِ ڏيندو آهي يا ڪنهن تي بلڪل بي جاءِ
انتقامي تنقيد ڪندو آهي. جيڪا به تحقيق ۾ اخلاقي
لحاظ کان غلط ليکي ويندي آهي. تنهنڪري تحقيق ڪندڙ
لاءِ آخر ۾ اهو ضروري هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن
هنڌ تي اهڙي ڪابه ڳالهه هجي يا اچي ويئي هجي ته
انهيءَ کي مواد کان خارج سمجهي ڪڍيو وڃي ۽ پنهنجي
تحقيق کي اخلاقي دائري اندر آڻي پيش ڪيو وڃي.
مواد
جي آخرين ورهاست
ڪنهن به تحقيقي مقالي جا عام طور تي ٽي حصا لکيا
وڃن ٿا:
پهريون تعارف
(Preliminnaries)
ٻيو مواد
(Text)
ٽيون معلومات
(Reference Matter)
تعارفي حصي ۾ هيٺيون ڳالهيون شمار ڪيون وڃن ٿيون:
(1)
تعارفي صفحو (جنهن ۾ عنوان، مصنف جو نالو ۽ ٻي
معلومات هوندي آهي)
(الف) پيش لفظ يا تعارف
(Preface).
هن ۾ مقالي لاءِ ڪيل جدوجهد، ڪوششون، ٿورا ۽ عام
ڳالهيون ڏنيون وڃن ٿيون.
(ب)
مضمونن جي فهرست
(Content).
هن ۾ عنوان ترتيب وار رکيا ويندا آهن جن کي تحقيق
دوران مسئلي جي حل لاءِ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
(ت)
نقشا، انگن اکرن جون لسٽون (جيڪڏهن مقالي ۾ ڪن
انگن اکرن جون لسٽون يا خاڪا ۽ نقشا ڏنل آهن)
(2) مواد واري حصي ۾ هيٺيون مواد ڏنو وڃي ٿو:
1- مقدمو (جنهن ۾ مقالي لاءِ ضروري معلومات ۽
انهيءَ جو تعارف هوندو آهي)
2- مواد
(Text)
يعني مسئلي جي سمجهاڻي، انهيءَ جو تجزيو ۽ نتيجو
ڏنو ويندو آهي.
(3) معلوماتي حصي ۾ هيٺيون ڳالهيون ڏنيون وڃن
ٿيون:
1- حوالا
(Reference Matter)
2- ڏسڻي
(Index)
3- ببلوگرافي
(Bibleiography)
مواد
ٽائيپ ڪرائڻ يا ڪاتب کان لکائڻ
آخرين تياري کان پوءِ مواد ڪاتب يا ٽائيپسٽ کي
ايستائين نه ڏجي جيسين اهو بلڪل صاف لکيل نه هجي.
انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين تحقيق ڪندڙ
شاگرد خود مواد جو جائزو وٺي ۽ صورتخطي جي غلطي کي
سڌاري ۽ مواد کي صاف اکرن ۾ لکي ۽ پوءِ ڪاتب ۽
ٽائيپسٽ کي ڏئي. اهڙا سڌارا ۽ غلطيون هيٺيون ٿي
سگهن ٿيون:
1-
لفظن، جملن، صورتخطي جون غلطيون.
2-
حوالن، پئراگرافن، ڏنل شهادتن، نقشن، چارٽن، ڏنل
انگن، فهرستن ۽ حاشي ۾ ڏنل معلومات ۾ غلطين کي
درست ڪيو وڃي.
3-
بيهڪ جون نشانيون.
مواد
۾ غلطيون
ڪاتب يا ٽائيپسٽ لکيل مواد کي نظر ۾ رکندو آهي ۽
جيڪڏهن مواد ۾ ڪابه غلطي هوندي آهي ته انهيءَ لاءِ
هي جوابدار نه هوندو آهي. هي جيئن به ڪو لفظ لکيل
ڏسندو آهي تيئن لکندو يا ٽائيپ ڪندو آهي. انهيءَ
لاءِ ضروري آهي ته مواد صاف ۽ درست لکيل هئڻ گهرجي
ته جيئن ڪاتب يا ٽائيپسٽ کي مونجهارو پئدا نه ٿئي
۽ نڪي ڪاتب يا ٽائيپسٽ جي مواد لکڻ کان پوءِ ڪابه
درستي ڪرڻي پوي. ٻيو مواد اهڙي ڪاتب يا ٽائيپسٽ کي
ڏيڻ گهرجي جيڪو اهڙن مقالن لکڻ جي اهليت رکندو
هجي.
ٽائيپ مشين جي چونڊ
جيڪڏهن مواد ڪنهن ٽائيپسٽ کي ڏنو ويو آهي ته اهو
به ڏسڻ ضروري آهي ته جنهن ٽائيپ تي مواد ٽائيپ ڪيو
وڃي انهي جي ڪي بورڊ تي مقالي ۾ آيل اکر، نشانيون
موجود آهن. ائين نه ٿئي ته انهيءَ ٽائيپ جي ڪي
بورڊ تي اکر يا نشانيون نه هجن جيڪي هٿ سان ڏيڻيون
پون يا ڪي بورڊ جي اکرن يا نشانين جو ڇاپو
(Impression)
هر تي ڪاپي چٽو نه اچي جنهن ڪري سڀ ڪاپيون
هڪجهڙيون چٽيون نه اچي سگهن. انهيءَ لاءِ ضروري
آهي ته مواد کي ٽائيپ ڪرائڻ لاءِ خاص ٽائيپ مشين
جي چونڊ ڪئي وڃي.
ٽائيپ مشين جي ربن
ٽائيپ جي ربن
(Ribbon)
وچولي، بلڪل صاف ۽ مس واري هئڻ گهرجي، جيئن انهيءَ
جو ڇاپو صاف اچي سگهي ۽ پوري مواد جي ٽائيپ ڪرڻ ۾
هڪ ئي قسم جي رنگ واريون ربنون ڪم آنديون وڃن. هڪ
ربن جي خراب ٿيڻ کان اڳي ٻي نئين ربن لڳائڻ گهرجي
ته جيئن پورو مواد هڪ جهڙو ٽائيپ ٿيل نظر اچي.
ٽائيپ لاءِ ڪاربن پيپر
CARBON
PAPER
ڪاربن پيپر سٺي قسم جي آسماني رنگ جو هئڻ گهرجي.
ڪاري رنگ جو ڪاربن پيپر استعمال ڪرڻ نه گهرجي. ٽي
دفعا ڪاربن پيپر استعمال ڪرڻ کان پوءِ استعمال نه
ڪجي يعني ٽن ڪاپين کي ٽائيپ ڪرڻ کان پوءِ ٻيو نئون
ڪاربن پيپر استعمال ڪيو وڃي يا چوٿين ڪاپي جو
ڪاربن پيپر ٻن ڪاپين کان پوءِ ۽ ٽئين ڪاپي جو ٽن
ڪاپين کان پوءِ، ٻئي ڪاپي جو پنجين ڪاپين کان پوءِ
بدلايو وڃي.
پنو
PAPER
مقالي جي لکائڻ لاءِ بانڊ پيپر يا خاص قسم جو سٺو
پنو استعمال ڪيو وڃي. جنهن جي ڊيگهه 11 انچ ۽ ويڪر
سان 8 انچ هئڻ گهرجي. مقالي لکڻ لاءِ ٻن قسمن جا
پنا ملندا آهن هڪڙن تي چئني طرفن هڪ انچ جي حاشي
هوندي آهي ۽ ٻيا بلڪل صاف هوندا آهن. اهي ٻنهي
قسمن جا پنا ڪم آڻي سگهجن ٿا.
پني
تي وڇوٽي ڇڏڻ
چئني طرفن حاشي واري پني تي بلڪل مٿي ڏنل حاشي سان
ملائي لکڻو پوندو آهي ۽ بنا حاشي واري ليڪ واري
پني تي هڪ انچ ڇڏي پوءِ لکيو وڃي. ڊيگهه ۾ پني جي
ٻنهي طرف بنا حاشي جي ليڪن واري پني تي ڏيڍ انچ
ڇڏي لکڻ گهرجي ۽ هيٺ به هڪ انچ ڇڏڻ ضروري آهي، پر
جيڪڏهن پني تي هيٺ فٽ نوٽ ۽ حوالا ڏيڻا آهن ۽ انهن
لاءِ هڪ انچ کان وڌيڪ جاءِ گهربل آهي ته پوءِ
گهربل جاءِ ڇڏڻي پوندي.
جديد تحقيق ۾ جيئن ته حوالا ۽ فٽ نوٽ باب جي آخر ۾
لکيا وڃن ٿا، تنهنڪري اهڙي حالت ۾ به پني جي آخر ۾
هڪ انچ ضرور ڇڏڻو پوندو. مواد ٻيڻي فاصلي
(Double Space)
تي ۽ حوالا ۽ فٽ نوٽ عام فاصلي تي لکيا وڃن.
صفحي جي آخر ۾ جڏهن پئراگراف پورو ٿيل نه هجي ته
آخري لفظ بلڪل حاشي سان ملائي لکڻ گهرجي. ڪوبه
حوالو جو ڇهن سٽن کان مٿي هجي ته انهيءَ کي هيڪوڻي
فاصلي تي لکيو وڃي. حوالي شروع ٿيڻ ۽ پوري ٿيڻ کان
پوءِ فاصلو ٻيڻو رکيو وڃي. پر جي پنو ليڪن وارو
هجي ۽ ليڪون وڏي وڇوٽي تي ڏنل هجن ته انهن کي ليڪن
تي لکيو وڃي. هر ڪنهن عنوان ۽ مواد جي وچ ۾ وڌيڪ
فاصلو ڇڏيو وڃي. پئراگراف شروع ڪرڻ وقت ڇهن کان
اٺن سٽن جي فاصلي جيترو فاصلو ڇڏيو وڃي.
وچ ۾
لفظ لکڻ، لفظ ڪاٽڻ ۽ ڪڍڻ
INTERLINEATION
ٽائيپ ٿيل مواد جي وچ ۾ ڪٿي به سٽن جي وچ ۾ لکڻ نه
گهرجي، نڪي لفظن يا اکرن کي وچ ۾ لکڻ، ڪاٽڻ ۽
مٽائڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙي درستي ڪرڻي آهي ته اهو
پنو وري لکيو وڃي يا ٽائيپ ڪرايو وڃي. اهڙي حالت ۾
اهو خيال ڪيو وڃي ته پني تي آخر ۾ مواد ساڳي جاءِ
تي اچي ختم ٿئي، يعني پني تي جيڪي به لفظ گهٽايا
وڃن يا وڌايا وڃن اهي اهڙي طرح لکيا وڃن يا ٽائيپ
ڪيا وڃن جو آخر ۾ ساڳي جاءِ تي اچي مواد پورو ٿئي
۽ اڳئين ۽ پوئين مواد ۾ وڌيڪ فاصلو نظر نه اچي.
جيڪڏهن ڪنهن لفظ يا اکر کي مٽائڻو هجي ته اهڙي طرح
اهو اکر يا لفظ مٽائجي جو پڙهندڙ کي اها ڊاٺ نظر
نه اچي. ٽائيپ ۾ اهڙيون درستيون پني کي ٽائيپ مشين
مان ڪڍڻ کان اڳي ڪرڻ گهرجن. پر جي پنو ٽائيپ مشين
مان ڪڍڻ کان پوءِ درستيون ڪرڻيون پون ته پوءِ هر
هڪ ڪاپي کي جدا جدا مشين تي چاڙهي درست ڪيو وڃي.
ڪاتب يا ٽائيپسٽ کي به مواد لکڻ وقت صفائي جو وڌيڪ
خيال رکڻ گهرجي. ڪٿي به پني تي ڪاربن پيپر جو نشان
يا ڪو ٻيو داغ نظر نه اچي، هر پنو بلڪل صاف لکيل
نظر اچي.
مقالي لکڻ وقت هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏنو وڃي
عنوان يا سرنامو
هر
ڪنهن خاص عنوان يعني پيش لفظ، مقدمو، باب،
ببلوگرافي، وغيره لاءِ نئون صفحو استعمال ڪيو وڃي
۽ هر عنوان کي حاشي کان پوءِ به هڪ انچ وڌيڪ ڇڏي
پوءِ لکيو وڃي. وڏن اکرن ۾ لکيو وڃي. انهيءَ ۾
ڪابه بيهڪ جي نشاني استعمال نه ڪئي وڃي.
حوالي ۾ نشانيون ڏيڻ ۽ مواد ۽ حوالي ڏيڻ جو اصول
1-
نثر جو سڌو حوالو جيڪو مختصر هجي، اهو مواد جي وچ
۾ ٻٽين واڪ جي نشانين
(Double Quotation Marks)
۾ رکيو وڃي.
2-
جيڪڏهن حوالو ٻن يا وڌيڪ جملن جو هجي ۽ ٽائيپ جون
چار يا وڌيڪ سٽون والاري ته انهيءَ کي مواد کان
جدا ڪري هيٺ ڏنو وڃي. اهڙي حوالي کي عام ٻن سٽن جي
وچ ۾ ڇڏيل وڇوٽي کان چوڻي وڇوٽي ڇڏي پوءِ لکيو وڃي
۽ هر هڪ سٽ جي وچ ۾ عام سٽن جي وڇوٽي جيتري وڇوٽي
ڇڏي وڃي. حوالي جي ابتدا ۽ آخر ۾ واڪ جون نشانيون
نه ڏنيون وينديون.
3-
جيڪڏهن حوالي طور ڪنهن مواد جو ڪو مڪمل پئراگراف
ڏيڻو هجي ته انهيءَ کي نئين پئراگراف وانگر رکيو
وڃي. انگريزي ۾ اهڙي حوالي کي سنهن اکرن ۾ لکيو
وڃي ٿو.
4-
جيڪڏهن ساڳي ڳالهه لاءِ ٻيو حوالو ڏيڻو هجي ته
انهيءَ کي اڪيلين واڪ جي نشانين
(Single Quotation Mark)
۾ رکيو ويندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مصنف يا ساڳي
مصنف جي ٻئي ڳالهه جو حوالو ڏيڻو هجي ته انهيءَ کي
ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ لکيو وڃي ۽ انهن جي وچ ۾ عام
سٽن جي وڇوٽي ڇڏي وڃي.
5-
جيڪڏهن ڪٿي ڀيٽ جي لاءِ يا وڌيڪ زور ڏيڻ لاءِ ڪو
حوالو ڏيڻو هجي ته انهيءَ کي به سٽن جي عام وڇوٽي
تي لکيو وڃي.
6-
نظم مان جيڪڏهن ڪو حوالو ڏنو وڃي ته انهيءَ کي به
پني تي وچ ۾ لکيو وڃي يعني پني جي ٻنهي پاسن جي
حاشين کان پوءِ هڪ جيتري وڇوٽي ڇڏي پني جي وچ ۾
لکيو وڃي. اهڙي حوالي جي ابتدا ۽ آخر ۾ بيهڪ جي
نشاني نه ڏني وڃي.
7-
ڪنهن حوال جو پهريون اکر
(ELLIPSES)
انگريزي ۾ وڏو نه لکيو ويندو جيئن انگريزي جي عام
لکيت ۾ لکيو وڃي ٿو. سنڌي ۾ جيئن اهڙا اکر نه
هوندا آهن تنهن ڪري اتي اهڙي ڳالهه جي ضرورت نه
هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن حوالي ۾ مصنف جا ساڳيا
لفظ ورجائڻا هوندا ته اهڙي حالت ۾ حوالي طور ڏنل
جملي جو پهريون لفظ انگريزي ۾ وڏن اکرن ۾ لکيو
ويندو.
8-
حوالي ۾ بيهڪ جي نشانين جو استعمال:
(الف) پورو دم ۽ ٿورو دم واڪ جي نشانين جي اندر
ڏنو ويندو.
(ب)
اڌ دم ۽ دم، واڪ جي نشانين کان ٻاهر ڏنيون وڃن.
(ت)
سوال جي نشاني ۽ عجب جي نشاني واڪ جي نشانين جي
اندر تڏهن ڏني ويندي جڏهن انهن مان ڪو مطلب نڪرندو
هجي. جيڪڏهن نه ته پوءِ اهي نشانيون نه ڏنيون وڃن.
فٽ
نوٽ
فٽ
نوٽ پني جي هيٺين حصي ۾ لکيا وڃن يعني مٿي مواد
ڏنو وڃي ۽ باقي فٽ نوٽ جيتري جاءِ هيٺ ڇڏي، مواد ۽
فٽ نوٽ جي وچ ۾ ليڪ ڏيئي ۽ هيٺ فٽ نوٽ لکيو وڃي.
اهو بهتر طريقو آهي پر مواد جي وچ ۾ فٽ نوٽ نه
لکيو وڃي. جديد طريقي موجب فٽ نوٽ باب جي آخر ۾
حوالن سان گڏ ڏنا وڃن ٿا. اهڙن فٽ نوٽن لاءِ ڪڏهن
حوالن نمبر وارو جو سلسلو قائم رکيو وڃي ٿو يعني
جيڪڏهن چئن حوالن کان پوءِ فٽ نوٽ آهي ته فٽ نوٽ
کي پنجون نمبر ڏنو وڃي ٿو يا فٽ نوٽ لاءِ ڪا ٻي
نشاني ڏني وڃي ٿي مثلن تارو وغيره جيڪا فٽ نوٽ جي
جاءِ تي نشاني ڏني ويندي ۽ اهائي حوالن جي سلسلي ۾
رکي ويندي.
1-
فٽ نوٽ کي مواد کان پوءِ عام وڇوٽي جيڪا سٽن جي وچ
۾ هوندي آهي انهيءَ جيتري وڇوٽي ڇڏي پوءِ نئين
پئرا وانگر ٻٽي فاصلي کان پوءِ شروع ڪيو وڃي ۽
پورو فٽ نوٽ عام وڇوٽي تي لکيو وڃي. پر جيڪڏهن
انهيءَ کان پوءِ ٻيو فٽ نوٽ لکڻو آهي ته انهيءَ کي
ٻيڻي وڇوٽي ڇڏي پوءِ لکڻو پوندو.
2-
ڪنهن فٽ نوٽ کان پوءِ وچ ۾ يا اڳيان هڪ سٽ کان
وڌيڪ فاصلو خالي نه ڇڏيو وڃي. پر نه رڳو فٽ نوٽ پر
پوري مقالي ۾ مواد جي وچ ۾ ڪٿي به مقرر ڪيل وڇوٽي
کان پوءِ وڌيڪ وڇوٽي نه ڇڏي وڃي.
3-
فٽ نوٽن کي جدا جدا نمبر ڏنا وڃن. اهي نمبر بابن
جي لحاظ کان به ڏئي سگهجن ٿا ۽ پوري ڪتاب جي لحاظ
به ڏئي سگهجن ٿا. يعني هر باب جي فٽ نوٽن جا نمبر
جدا جدا هجن يا پوري ڪتاب ۾ ڏنل فٽ نوٽ شروع کان
آخر تائين سلسليوار رکيا وڃن. بهتر طريقو فٽ نوٽن
لاءِ نشانيون مقرر ڪرڻ آهي جيڪي مٿين سلسلي تي
رکيون وڃن.
وڏا اکر يا ٿلها اکر
جيئن ته انگريزي ٽائيپ ۾ هڪڙا وڏا اکر ٻيا ننڍا
اکر هوندا آهن. تنهنڪري انگريزي ۾ جملي جي پهرئين
لفظ جي پهرئين اکر، يا خاص اکرن يا نالن ۽ صفن
وغيره کي جتي ضروري هوندو آهي وڏي اکر سان شروع
ڪيو ويندو آهي يا ڪنهن لفظ يا نالي جي اهميت کي
ظاهر ڪرڻ لاءِ به لفظ جو پهريون اکر وڏو لکيو
ويندو آهي. پر سنڌي ۾ جيئن ته وڏا اکر نه هوندا
آهن تنهن ڪري اهڙن لفظن ۽ نالن جي اهميت ظاهر ڪرڻ
لاءِ پوري لفظ يا نالي کي ٿلهن اکرن ۾ لکيو ويندو
آهي.
مقالي ۾ هر عنوان يا نالي (ڪتابن، رسالن، اخبارن،
دستاويزات، نظمن، مضمونن، رپورٽن ۽ لکندڙن يا خالص
نالن) کي هيٺيان ليڪ ڏني وڃي ته جيئن اهي پڙهندڙن
جي نظرن ۾ ظاهر اچي سگهن.
اهڙا محاورا، اصطلاح، باب، بابن جا حصا، تقريرون،
رپورٽون مضمون جن جي اهميت هجي تن کي واڪ جي
نشانين ۾ رکيو وڃي.
مقالي ۾ جلد
(Volume)،
ڪتاب، حصو،
(Part)،
ڀاڱو
(Division)،
مقدمي، پيش لفظن يا مواد کان اڳي ايندڙ صفحن تي
اکرن جي مدد سان نمبر لکيا وڃن. انگريزي ۾ رومن
انگن ۾ لکيا وڃن يعني
I, ii,
iii, iv, v
۽ سنڌي ۾ الف، ب، ت، ث، ج وغيره. مواد واري صفحن
تي انگن ۾ نمبر لڳايا وڃن يعني مقالي جي پهرين حصي
جي صفحن تي رومن انگ ٻين صفحن تي انگن ۾ صفحن تي
نمبر لڳيا وڃن.
Bibliography
1-
Carter-v- Good, The Methodology of Educational
Research, Newyork, Appletion Centnry-ncrofts,
Inc-1941
2-
Eugene
Ehrtick and Daniel Murphy, Writing and
Researching Term Papers and Reports. Newyork, A
Bantam Book- 1964,
3-
Frederic Austin, Research in the Humanitic and
Social Science.
London, 1928.
4-
Homer
Carey Hockett, The Critical Method in Historical
Research and Writing, Newyork, The Macmillan
Company, 1955:
5-
James
M. Mac. Crimmon, Writing With Purpose. Newyork,
Houghtion Mifflin Company, 1950.
6-
J.
Francis Rummel, an Introduction to Research
Procedure in Education. Newyork, Harper &
Brothers. 1958.
7-
John
W. Best - Research in Education. U. S. A.
Prentic- Hall-Inc Engle Wood Chiffs, N. J. 1959.
8-
John A
long, Conducting and Reporting Research in
Education,
Canada, Deptt.
Of Education Research 1936.
9-
J. P.
Guilford, Fundamental Statistics in Psychology
and Education. Newyork, Mc, Graw- Hill Book
Company, Inc- 1950.
10-
Jacques Barzun & Henry F. Graff, The Modern
Researcher, zrd Ed: Newyork, Harcourt Brace
Jovanovich, Inc, 1917.
11-
Kate
L. Turabian, A Manual for Writers of
Dlssertations. Chicago, the
university of
Chicago Press.’
12-
Merle
W. Tate, Statistics in Eduucation. Newyork, the
Macmillan Company, 1955.
13-Manzoor
Ahmed Hanife, A Survey of Muslim Institutions
and Culture! Sh, Muhammed Ashraf Kashmri Bazar
Lahore
1964.
14-
P. V.
Young, Scientific Survey and Research. Charles
E. Tuttle company, 1965.
15-W.
J. Goode, Method in Social Research. Newtork,
Mc, Graw Hill Book company Inc, 1952.
سنڌي ڪتابن جي فهرست
1-
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رسالو لطف الله قادري، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
2-
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رسالو ميون شاهه عنايت، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد 1923ع.
3-
شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، ڪلام
گرهوڙي، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي 1957ع.
4-
غلام محمد شهواڻي، شاهه جو رسالو، آر - ايڇ احمد
برادرس حيدرآباد، 1961ع.
5-
علامه امداد علي امام علي قاضي، شاهه جو رسالو،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1961ع.
6-
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، مقدمه لطيفي،
عبدالستار عبدالله ڀٽي حيدرآباد، 1936ع.
اردو
ڪتابن جي فهرست
1-
ڊاڪٽر ابولحث صديقي ”علمي تحقيق کا جديد طريقه“
برگ گل، 1960ع.
2-
ڊاڪٽر عبادت بريلوي ”مقدمات عبدالحق“ اردو مرکز
لاهور 1962ع.
3-
علامه شبلي نعماني، سيرت النبي صلي الله عليه وسلم
حصه اول، مولوي مسعود علي ندوي، 1332هه.
4-
مولانا مناظر حسين گيلاني قدس سره، تدوين حديث،
اداره مجلس علمي کراچي، 1956ع.
5-
نياز فتح پوري ”اسلام“ نگار رسالو جنوري فيبروري
جلد 69، 1956ع.
6-
ڊاڪٽر انصار الله نظير ”تدوين کي اصول و مدارج“ سه
ماهي اردو 1970ع.
7-
ڊاڪٽر سيد محمد عقيل ”تحقيق اور مواد کي فراهمي کا
مسئلا“ نقوش 107، 1963ع.
8-
ڊاڪٽر
نظير احمد ”تحقيق و تصحيح ستن کي مسائل“ نقوش مارچ
1963ع.
9-
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ”فن تحقيق“ نقوش 102 جنوري
1966ع. |