سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 4

روايت حديث جي بيان ڪرڻ سان واسطو رکي ٿي. انهي جو اهو به مقصد ته جيڪي بيان ڪيو وڃي، انهي جي تصديق ٿئي.هر ڪنهن حديث جي سند جي سچائي کي رکڻ لاءِ اهو اهم اصول ڪري ڪم آندو وڃي ٿو. هر ڪنهن راوي کي سندس ڪردار، دورغ گوئي ۽ ڪمزور حافظي وغيره جي مدد سان پرکيو ويندو هو ۽ اهائي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته روايت رسول ڪريم جن کان جدا جدا مرحلن کان بيا ڪئي وڃي.

روايت جا هي اصول هوندا هئا.

(1) هرڪا حديث رسول ڪريم جن کان بيان ڪئي وڃي ۽ انهي جو سلسلو انهن جي نالن انهن کان ٻڌو تن جي نالن، انهن جي لقبن، اصل نسل ۽ هر ڪنهن راوي جي ڌنڌي کي چڱي طرح پرکڻ سان ڪيو وڃي.

(2) هر ڪنهن راوي جي رڪدار جي پرک ڪئي وڃي خاص ڪري هن جي سچائي ۽ صداقت کي ڏٺو وڃي.

(3) جيڪڏهن راويءَ ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهيو ته انهي جي روايت کي رد ڪيو وڃي.

(4) جيڪڏهن راوي اعليٰ ڪردار وارو آهي پر هن جو حافظو ڪمزور آهي ته هن جي روايت کي نه اهميت ڏني وڃي.

(5) جيڪڏهن راوي ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ٿيو هو يا هن ڪنهن ڳالهه ۾ ڌيان نه ڏنو هو ته انهي جي روايت کي اهميت نه ڏني وڃي.

(6) جيڪڏهن ڪنهن راوي روايت کي پنهنجي خيال يا سوچ جي مدد سان پيش ڪيو هو يا ڪنهن خاص مذهبي خيال جو هو، ته هن جي روايت کي اهميت نه ڏني وڃي.

(7) راوي اهو ضرور ظاهر ڪري ته هو اتي حاضر هو يا هن رسول ڪريم جن کان اهي لفظ پاڻ ٻڌا هئا، يا روايت جو مڪمل سلسلو بيان ڪري، جيڪو رسول ڪريم جن کان پاڻ تائين بيان ڪري.

(8) اهو به ثابت ڪيو وڃي ته هڪ راوي، جڏهن اهو بيان ٻڌو هو، تنهن وقت، هن انهي بيان کي پوري طرح بيان ڪرڻ لاءِ سمجهيو هو يا راوي جي انهي وقت ايتري عمر هئي، جو هن انهي ڳالهه کي چڱي طرح ۽ صحيح سمجهيو هو.

(9) راوي ڪنهن طرح ڄاڻ لاءِ جيڪي ياد ڪيو اهو هن چڱي طرح صحيح سمجهيو ۽ انهي کي نيڪ نيتي سان ٻين آڏو بيان ڪيو.

آخر ۾ اهي ڪتاب جن اسماءِ الرجال (Isma-ul Rigal) يعني بيان ڪندڙن جي نالن جو سلسلو، هر ڪنهن راوي جي زندگي جو مڪمل احوال ۽ انهن جي ڪردار جو مڪمل اڀياس پيش ٿيل هو، انهي کي ڪم آندو ويو، اهي ڪتاب حديث جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيا.

اڄ جا تحقيق ڪندڙ ڪتابن کي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا، پر روايتن کي ڪابه اهيمت نٿا ڏين. محدثين پنهنجي طويل طجربي جي بنياد تي، انهي زماني ۾ انهي نتيجي تي پهتا هئا ته ڪنهن به شيءِ جي تعلق لاءِ انهن ٻنهي ذريعن مان ڪوبه هڪ طريقو يا ذريعو اختيار ڪرڻ لاءِ ملي وڃي ته هو سمجهندا هئا ته روايت جي طريقي ۾ صحت جي توقع ڪتاب جي نبست زياده آهي. موجوده وقت ۾ تحقيق ڪندڙ جو رويو انتهائي فراخ دل آهي، جو ڪمزو کان ڪمزو روايت مان، هن جو ڪم ٿي وڃي ٿو ته انهي کي پيش ڪرڻ کان هو هٽي نٿو ۽ پڙهندڙن کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته انهيءَ تي اعتبار ڪيو وڃي. ليڪن ديانت ۽ امانت جي تقاضا اها آهي ته جيڪڏهن روايت کان ئي ڪم ورتو وڃي ته پوءِ سڀ روايتون پيش نظر رکيون وڃن، ۽ پوءِ نتيجي تي پهچڻ گهرجي. ڇا اهو به ڪو صحيح تحقيق ۽ تلاش جو طريقو آهي ته پهريائين هڪ نصب العين مقرر ڪيو وڃي، انهي کان پوءِ روايتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ انهي مفروض نصب العين جي تائيد جن روايتن سان ٿئي انهن کي آسمان تائين پهچايو وڃي، ۽ جن جي ڪري انهي طئي شده نصب العين تي مخالف اثر پوندو هجي ته اتان اکيون پوري هليو وڃجي. اهڙين حديثن جي لکڻ جي پيغمبر ممانعت ڪري ڇڏي هئي. انهي کان سواءِ هر حديث جي بيان لاءِ روايتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن شهادتن جو هجڻ ضروري هو.

رواين جي روايتن کي هٿ ڪرڻ کان پوءِ هر ڪنهن راوي تي فن جي مدد سان جرح ڪئي ويندي هئي ۽ هر روايت جي سند جي هر هڪ راوي کي ورتو ويندو هو ۽ جن ڪتابن ۾ انهن راوين جي صفحن ۽ خصوصيتن تي تحقيق ۽ تنقيع ڪيل هوندي هئي، تن جي مدد سن هر راوي جي متعلق اهو فيصلو ڪيو ويندو هو ته سندس روايت ڪيتري قبول ڪري سگهڻ جهڙي آهي. انهي تي روايت جي نوعيت متعين ڪئي ويندي هئي؛ ۽ اهڙي طرح سند جي هر راوي تي فني جرح ضروري هئي.

هر حديث جي سچائي ۽ ڪوڙ کي نه رڳو سند جي سچائي تي پرکيو ويندو هو پر حديث جي متن جي بيان کي به ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ عقل جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو هو. جن اصولن تي متن کي پرکيو ويندو هو تن کي درايت جا اصول چيو وڃي ٿو.

درايت لفظ جي معنيٰ آهي مقبوليت، درستي يا مناسبت ۽ اصطلاح ۾ درايت جي معنيٰ آهي متن تي تحقيقي نظر وجهڻ، ته انهي ۾ ڪا خرابي يا عيب ته داخل نه آهي. درايت جا اصول انهي ڳالهه جي جانچڻ ۾ مدد ڪندا آهن ته حديث ۾ بيان ٿيل لفظ يعني متن ۾ آندل لفظ رسول ڪريم جن جا بيان ڪيل لفظ آهن، يا ٿي سگهن ٿا، يا نه؟ ۽ اُهي لفظ اخلاقي اصولن، انصاف ۽ برابري جي اصولن تي پورا آهن يا نه؟

درايت جا اصول جن تي متن کي پرکيو وڃي ٿو اهي هي آهن.

1- روايت نص قرآني جي خلاف نه هجي.

2- روايت سنت متواتره جي خلاف نه هجي.

3- روايت صحابه ڪرام جي اجماع قطعي جي مخالف نه هجي.

4- روايت عقل جي خلاف نه هجي.

5- روايت اصول مسلم جي خلاف نه هجي.

6- روايت محسوسات ۽ مشاهدن جي خلاف نه هجي.

7- روايت، جنهن ۾ معمولي ڳالهه تي سخت عذاب جي ڌمڪي هجي، اعتبار جي قابل نه هوندي.

8- روايت، جنهن ۾ معمولي ڪم تي وڏي انعام جو واعدو هجي، اعتبار جي قابل نه هوندي.

9- روايت رڪيڪ المنيٰ نه هجي.

10- روايت صحيح ۽ مقبول حديث جي منافي نه هجي.

11- روايت قواعد عربيه جي خلاف نه هجي.

12- روايت، جيڪا واقعي جي خلاف هجي، قبول نه ڪئي ويندي.

13 روايت جيڪا انبيا عليہ السلام جي ڪلام سان مشابهت نه رکندي هجي، قبول نه ڪئي ويندي.

14- روايت جنهن ۾ آئينده واقعن جون پيشنگويون يا باقاعدي تاريخ مذڪور هجي، قبول نه ڪئي ويندي، وغيره.

انهي کان سواءِ تحقيق ڪرڻ وقت هر ڪنهن حديث کي روايت ۽ درايت جي اصولن جي مدد سان اصطلاحي نالو ڏنو ويو ۽ حديث جا جدا جدا قسم به مقرر ڪيا ويا. اهڙي طرح تحقيق ٿيل حديثن جي سند ۽ متن جي لحاظ کان درجيبندي ڪئي ويئي، جنهن ڪري هر حديث جي اهميت انهي نالي سان ظاهر ٿيو پوي. انهيءَ مان مسلمانن جي فن تحقيق جي مهارت ظاهر ٿئي ٿي. درايت جي اصلن جي مدد سان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

رواين جي تعداد جي لحاط کان حديث جا قسم هي آهن.

خبر متواتر، حديث مشهور، حديث عزيز، ۽ حديث غريب، سند جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. حديث متصل. حديث منقطع، حديث معضل، حديث مرسل، ۽ حديث معلق.

حديث جي امتياز کي ظاهر لاءِ هيٺين قسمن ۾ ورهائي ويئي آهي.

مرفوع، موقوف، ۽ قطوع.

رواين جي ڪردار جي ڪري حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

موضوع، متروڪ، المبهم، المبتدع، منڪر، شاذ ۽ معطل.

حافظي جي خامين جي لحاظ کان به حديث جا هي قسم ڪيا ويا آهن.

مدرج الاسناد، مدرج المتن، مزيد في متصل الاسناد، مضطرب، مقلوب مصحب، ۽ محرب.

صحت جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

صحيح، صحيح لذات، صحيح لغيره، حسن ۽ ضعيف.

اختلاف ۽ تائيد جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ورهايو ويو آهي.

محڪم، مختلف الحديث، ۽ ناسخ و منسوخ

آخر ۾ حديث جي رد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي لحاظ کان هنن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

مقبول حديث مردود، ۽ متوقف

مٿي ڏيکاريل حديث جا قسم خود انهي جي گواهي آهن ته مسلمان عالمن جي نظر تحقيق اصولن تي ڪيتري قدر گهري هئي ۽ انهن جي علمي تحقيق ڪيتري بلند ۽ اعليٰ هئي جو ڪنهن به تحقيق مسئلي جي ڪنهن به پهلو ۾ خامي نه ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن انهي ۾ ڪابه خامي رهجي ويندي هئي يا ڪابه اهڙي ڳالهه جيڪا ثابت نه ٿيندي هئي ته انهي کي اهڙو نالو ڏنو ويندو هو جنهن مان پڙهندڙ بنا ڪنهن ڪوشش جي اهو سمجهي ويندو هو ته انهي حديث ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي. اهڙي طرح هر حديث جي تحقيق عقلي ۽ عملي طرح ڪئي ويئي. هر ڪنهن روايت ۽ درايت کي مسلمانن جي تحقيق اصولن يعني روايت ۽ درايت جي اصولن تي پرکڻ مان صداقت ۽ ديانت جو پورو پورو اندازو ٿيو وڃي. هن مان به مسلمانن جي تحقيقي اصولن جي صداقت ۽ ديانت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهي ۾ حديثون رد ڪيون ويون آهن. جيئن حديثون ”لک، لک، ٻه چار لک ٻڌايون ويون آهن جن مان امام بخاري صحيح سند سان جيڪي حديثون مروي ڪيون آهن اُنهن جو تعداد 2602 (ٻه هزار ڇهه سو ٻه) آهي ۽ مسلم بخاري ۾ سوا چار هزار آهن، پر زياده تر ٻنهي جون روايتون ساڳيون آهن؛ ۽ اهڙي طرح صحيح، حسن ۽ ضعيف هر قسم جي سڀني حديثن جو ڪتابن ۾ تعداد پنجاه هزار به نه آهي“ (15). انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي تحقيق جا اصول ڪيتري قدر سخت هئا. جن جي بناء تي ايتريون سندون ۽ روايتون رد ڪيون ويون ڪٿي ڪٿي ته جيڪڏهن ڪنهن متن ۽ سند ۾ تحقيق ڪندڙ کي ڪو شڪ پيو هن ته انهي کي رد ڪري ڇڏيو، ته جيئن حديث ۾ ڪنهن به سڪ جي گنجائش نه رهي. انهي کي صحيح تحقيق چيو وڃي ٿو. انهي تحقيقي اصولن کي ڏسندي با اسمٿ لکي ٿو ته ”ڪوبه شخص هن (سيرت نبوي) متعلق نه خودکي دوکو ڏئي سگهي ٿو، نه ٻين کي دوکو ڏئي سگهي ٿو“ (16). بهرحال علمي تحقيق جا اصول مغربي تحقيق ڪندڙن کان اڳي مسلمانن ايجاد ڪيا جن تي پوءِ مغرب جي تحقيق ڪندڙن عمل ڪيو، تنهن هوندي به مسلمانن جا تحقيقي اصول اڃان به جنهن اعليٰ اهميت جا مالڪ آهن تن جو اندازو هيٺ ڏنل مثالن مان ملي سگهي ٿو.

ڪارٽر - وي. گڊ (Carter.v. Good) پنهنجي ڪتاب (The Methodology of Education Resesearch) جيڪو 1936ع ۾ لکيو، جنهن ۾ تاريخ جي تحقيقي اصولن بابت لکي ٿو ته:

”ڪنهن واقعي کي پرکڻ جي لاءِ خارجي ۽ داخلي شهادتن جي ضرورت هوندي آهي. مواد ڪٿان حاصل ٿيو؟ وري ڪير آهي؟ انهي جون ذات حالتون يعني مزاج، مذاق، ڪردار ۽ گفتار جي نوعيت ڇا هئي ۽ انهي جو تعلق، انهي واقعي سان ڪهڙو هو؟ واقعي نگاري جي نوعيت ڇا آهي؟ راوي انهي خاص واقعي کي ڪيتري عرصي کان پوءِ نقل ڪيو؟ اها روايت محفض حافظي جي بناء تي بيان ڪئي ويئي آهي يا ڪنهن ٻئي راوي انهي جي تصديق ڪئي آهي. اصل واقعو ڪيترو آهي ۽ تعريف ۽ افسانو ڪيتري قدر اهي“ (17).

Homer Carey Hockett پنهنجي ڪتاب The Critical Method in Historical Research and Writing ۾ تاريخي تحقيق بابت لکي ٿو ته:

”ڪنهن به شخص کي جيڪڏهن ڪنهن شهادت لاءِ موزون نه سمجهيو وڃي يا انهي ۾ ڪو شڪ نظر اچي ته اهڙي شهادت کي ڪنهن سبب کان سواءِ سڪي سمجهيو وڃي. انهي لاءِ تجزئي نگار کي گهرجي ته شهادت ڏيندڙ جي ماضي ۽ حال جي تعلق جو جائزو وٺي، ڇو ته ائين چئي نٿو سگهجي ته هر هڪ شاهد ڪو سچو يا صحيح هجي ۽ هن کي حقيقت جي پوري خبر هجي ۽ ڪنهن سبب ڪري انهي کي ظاهر نه ڪري يا صحيح نموني ۾ انهي کي بيان نه ڪري. انهي لاءِ هن جو قبيلو، قوم، جماعت سماجي فرقو، ڌنڌو ۽ ٻيون حالتون جيڪي شاهدي سان واسطو رکندڙ هجن تن کي پرکيو وڃي.“ (18).

J. Francis Rummel پنهنجي ڪتاب An Introduction to Research Porcedures in Education جيڪو هن 1958ع ۾ لکيو تنهن ۾ شهادتن حاصل ڪرڻ بابت لکي ٿو ته:

“Some studies demand comparisons between, what peo;le actually do and sayand their verbal account of what they did and said. Therafore it is convenient at times not only to use the interview method of collecting data, but also to make observations of the persons interviewed as they behave in daily Parctice in order to get at the “true” facts. This is especially pointed up in what is known as the “participation abservation”.

“Out side of the first source mentioned above, the other four are classed, technically as secondary sources. There is no doubt but that the last solurce would not bhe as reliable nor as authentic as the second. In every repetition in reporting the study from one writer to another, there is apt to be a loss in reliability” (19)-

تحقيق جي مغربي عالمن جي مٿي ڏنل راين مان معلوم ٿئي ٿو ته داخلي ۽ خارجي شهادتن جي روايتن جا اصول ڪنهن طرح به مسلمانن جي تحيق اصولن کان وڌيڪ نه آهن. پر اُهي اصول مسلمانن جي تحقيق اصولن تان ورتل آهن.

حوالا

(1)    Manzoor Ahmed Hanifi “A survey of Muslim Institutions and culture”. Sh. Muhammed Ashraf, Lohore, sept: 1964, P. 23.

2-     علامه شبلي نعماني، ”سيرت النبي“ هصه اول طبع ششم، عطيم گڙه، 1332 هه، ص 117.

3-     نياز فتح پوري ”نگار“ رسالو - خدا نمبر، جلد 69 شماره 2، جنوري فيبروري 1907ع، ص 56.

4-     مولانا سيد مناظر حسن گيلاني قدس سره، ”تدوين حديث“ اداره مجلس علمي ڪراچي، 1907ع، ص 56.

5-      علامه شبلي نعماني ”سيرت النبي“ ص 17.

6-     ايضاً          ص 39

7-     ايضاً   ص 39

8-     ايضاً           ص 39

9-     شيخ محمد اقبال ”تعارف قرآن و حديث وفقہ، ڪتاب خانه لاهور، 1963ع، ص 6.

10-    مولانا سيد مناظر حسن گيلاني، ”تدوين حديث“، ص 18

11.     Manzoor Ahmed Hanifi, “A survey of Muslim Institutions and culture”, P. 20.

12-    H.A.R. Gibb. “Shorter Encylopaedia of Islam” The Royal Motherland Academy, 1961, P. 117.

13-    علامه شبلي نعماني ”سيرت النبي“ حصه اول ص 41.

14-    ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ”فن تحقيق“ نقوش جنوري 1966، شماره 104، ص 175.

15.    مولانا سيد مناظر حسن گيلاني، ”تدوين حديث“ ص 63

16-    ايضاً   ص 56

17-    Carter V. Good “The Methodology of Educational Research” Appletion century Crofts Inc. Newyork, 1941, P.P 257-259.

18-    Homer carey Hockett, “The critical Method in Historical Research and writing” The Macmillan company, New York 1955, Pl. 54.

19-    J. Francis Rummel, “An Introduction to Research” P. P. 116, 59, 60.

باب ٽيون

عنوان چوندڻ

Selection of Topic

عنوان ۾ مسئلي جي تحقيق لاءِ دائرو مقرر ڪيو ويندو آهي، انهي ڪري مسئلي جي عنوان کي تحقيق جو بنياد چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح مسئلي جي عنوان تحقيق ڪندڙ لاءِ هڪ آڳاهي جو ڪم ڏيندو آهي؛ جنهن جي مدد سان يا اشارن تي مواد جو تجزيو ۽ پرک ڪئي ويندي آهي، ۽ انهيءَ دائري اندر تحقيق مقرر ڪئي ويندي آهي. تحقيق لاءِ گڏ ڪيل مواد فقط انهن سوالن جا جواب ڏيندو آهي، جن کي تحقيق دوران نتيجي لاءِ گڏ ڪيو ويندو آهي. مختصر ائين چئجي ته مسئلي جي عنوان ۾ اهي اهم ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي اڳتي هلي ترتيب وار سمجهايون وينديونآهن.

عام طرح مسئلي جي عنوان يا موضوع کي هڪ ئي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو، پر ائين نه آهي. ”عنوان اهو هوندو آهي جنهن جي دائري اندر تحقيق ۽ لکيت ڪم ڪري ٿي؛ ۽ موضوع اهو مرڪزي بيان هوندو آهي جيڪو اوهان پنهنجي عنوان لاءِ مقرر ڪريو ٿا“ (1).

(The Topic is the field in which your research and writing will be done, the theme is the central statement you mill make about the topic) (1).

اهڙي طرح تحقيق مسئلي جو مطلب آهي، اهو دائرو جيڪو مسئلي جي مدد سان تحقيقي جائزي لاءِ مقرر ڪيو وڃي؛ جنهن ۾ هر ڪنهن سوال جو بلڪل صاف لفظن ۽ خاص انداز سان جواب ڏنو وڃي ۽ مسئلي جي تحقيقي مطالعي جو مڪمل جائزو پيش ڪيو وڃي ۽ اهو ظاهر ڪيو وڃي ته موجوده تحقيق ۾ ڇا ڪرڻو آهي.

ڪنهن مسئلي کي چونڊڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن.

(1) ماضي ۾ ٿيل تحقيق جو مطالعو ڪيو وڃي.

(2) مسئلي جي مرڪزي خيال يا مقصد مڪمل طور ذهن ۾ واضح هئڻ گهرجي.

(3) مسئلي جي تحقيق لاءِ اهميت رکندڙ ڳالهين تي سوچي وڃي.

تحقيق ڪندڙ لاءِ ڪنهن عنوان کي چونڊڻ هڪ مشڪل مرحلو هوندو آهي. عام تحقيق ڪندڙ يا ابتدائي تحقيق ڪندڙ ته ڇڏيو، پر گريجيوئيٽ تحقيق ڪندڙ به ڪو صحيح عنوان مشڪل سان چونڊيندو آهي. گهڻو ڪري نوان تحقيق ڪندڙ اهڙا عنوان چونڊيندا آهن، جيڪي مقصد (Scope) جي لحاظ کان تمام وڏا هوندا آهن. اهو محض انهي ڪري ٿيندو آهي، جو تحقيق ڪندڙ تحقيق جي نوعيت (Nature) کان واقف نه هوندا آهن، ۽ نه وري هو تحقيق جي طريقي ڪار ۽ تحقيقي مسئلي حل ڪرڻ جي اصولن کان واقف هوندا آهن. اهو فقط تحقيق ڪندڙ جي تحقيقي اصولن کان ناوقافيت ۽ ڪنهن اهم مسئلي کي جلدي حل ڪرڻ جي خواهش ڪري ٿيندو آهي. جيڪي تحقيق جو وڌيڪ آزمودو رکن ٿا، تن کي اها خبر آهي ته تحقيق هڪ تمام محنت طلب مشڪل مسئلو آهي. اهو آزمودو رکندڙ تحقيق ڪندڙ ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، ته ڪنهن مسئلي جي صحيح حل جي ڳولا لاءِ يا مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، وقت، قوت، منطقي ۽ فلسفيانه سوچ جي ڪيتري گهرج هوندي آهي. تنهن ڪري ڪنهن به عنوان چونڊڻ کان اڳي ڪنهن صحيح رهنما سان صلاح ڪئي وڃي يا عنوان چونڊڻ لاءِ جيڪي ضروري ڳالهيون ۽ رهنما اصول آهن، تن تي عمل ڪندي، عنوان چونديو وڃي؛ ته جيئن جيئن تحقيق ڪندڙ پنهنجي مسئلي کي چڱي طرح وقت ۽ قوت جي اندر حل ڪري سگهي.

تحقيق ڪندڙ لاءِ پهرين ڪاليج جا مسئلا هوندا آهن، جن جو مقصد هوندو آهي ته ڪنهن گهرج کي پورو ڪيو وڃي، نڪي انهن کي تحقيق ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ سان مسئلي جي حل بابت شاگردن کي هڪ قسم جي سکيا به مليو وڃي ۽ هنن کي اهو معلوم ٿيو وڃي ته ڪيئن ڪنهن مسئلي کي سولائي سان حل ڪري سگهجي ٿو. پر اهڙي تحقيق جيڪا شاگردن کي پنهنجي پيشي ۾ وڌيڪ تربيت ڏئي، اهائي شاگردن جي سکيا جو بنياد هوندي آهي. اهڙا شاگرد تمام گهٽ هوندا آهن. جيڪي پنهنجي ڪاليج ۽ ددرسي ادارن جي مسئلن تي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ تحقيق کي اڳتي وڌائين يا پنهنجي تحقيق جاري رکن. انهي جو هڪ سبب هيءَ به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن شاگرد پنهنجي ابتدائي تحقيق يا تعليم پوري ڪن ٿا، تڏهن هو پنهنجي ڪاروباري ڌنڌي ۾ ايتري ته مشغول رهن ٿا جو انهن کي وقت ئي ڪونه ٿو ملي جو وڌيڪ تحقيق جاري رکي سگهن.

اهو حقيقت ۾ هڪ وڏو مسئلو آهي ته صحيح عنوان ڪيئن چونڊجي، جنهن کان تحقيق ڪندڙ چڱي طرح واقف هجي، ۽ هن جي انهي ۾ دلچسپي هجي، ڇو ته تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو به ضروري هوندو آهي ته عنوان جي هر پهلو کي چڱي طرح سڃاڻي انهي جو مواد هٿ ڪري سگهي. انهي ڪري آزمودي گار تحقيق ڪندڙ ئي ٻڌائي سگهندو ته ڪهڙو موضوع ۽ عنوان تحقيق ڪندڙ لاءِ صحيح ٿي سگهي ٿو. جڏهن به ڪو نئون تحقيق ڪندڙ ڪنهن تحقيق لاءِ تيار ٿيندو آهي، تڏهن هو شاگردن ۽ دوستن کي پنهنجي تحقيق لاءِ عنوان چونڊڻ لاءِ چوندو آهي اهو صحيح نه آهي، ڇو ته پهرين ته اُهي تحقيق ڪندڙ جي صلاحيت کي نه ڏسندا آهن، ٻيو ته مواد جي فراهمي ۽ وقت جو اندازو نه ڪري سگهندا آهن. تنهن ڪري ڪنهن نئين تحقيق ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ببلو گرافيون، جيڪي تحقيق ٿيل مسئلن جون هجن، يا جيڪي موضوع تي کيل هجن، تن کي ڏسي ته جيئن تحقيق ٿيل عنوانن کان سواءِ ڪو نئون عنوان چونڊي سگهجي؛ جيڪو مسئلي جي نتيجي لاءِ هن ۾ دلچسپي پ.ئدا ڪري. اهائي دلچسپي هوندي آهي، جيڪا مسئلي جي انومان جي آزمائش لاءِ، نتيجن کي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي آهي.

هر تحقيق ڪرڻ وقت وڌيڪ ڪم مواد جي ترتيب ۽ تجزئي جو هوندو آهي؛ جنهن جو واسطو وري منطق سان هوندو آهي، جيڪا تحقيق ڪندڙ کي مواد گڏ ڪرڻ، انومان ۽ انهي جي ترتيب جي لاءِ اشارا ڏيندي آهي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ مواد جو تجزيو ڪري ٿو ۽ انومان کي صحيح يا غلط ثابت ڪري ٿو. انومان جي صحيح ثابت ٿيڻ تي هو مواد جي هر پهلو جي نتيجي جي مدد سان تحقيق سان مسئلي لاءِ آخري نتيجو ڪڍي ٿو. پر جيڪڏهن پهريون انومان غلط ٿابت ٿئي ٿيو ته تحقيق ڪندڙ وري ٻيو انومان تحقيق لاءِ چونڊيندو آهي ۽ انهي تي تحقيق شروع ڪندو آهي.

ڪنهن عنوان چونڊڻ لاءِ اهو به ڏسڻ ضروري هوندو آهي ته شاگرد کي ڪهڙي درجي جو عنوان ڏنو وڃي، ۽ انهيءَ تحقيق لاءِ ڪهڙي جاءِ مقرر ڪئي وڃي، جتي تحقيق ڪندڙ کي ڏنو وڃي، اهو عنوان مٿين درجي جي تحقيق ڪندڙ کي نه ڏنو وڃي؛ يا ائين کڻي چئجي ته تحقيق ڪندڙ جي معلومات جي دائري کي نظر ۾ ضرور رکيو وڃي، ته جيئن تحقيق ڪندڙ ڪرڻ دوران ڪا تڪيلف درپيش نه اچي.

ڪنهن مسئلي جي عنوان ۾ نواڻ (Nowelty) يا اصليت (Originality) جو هئڻ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. جيڪي حقيقتون ڪنهن مسئلي ۾ تحقيق ڪيون وڃن ٿيون، سي جيڪڏهن ماضيءَ ۾ ڪابه اهميت يا مقصد نٿيون رکن، ته انهي تي تحقيق ڪرڻ بيڪار آهي. انهي لاءِ تحقيق ڪندڙ کي گهرجي ته تحقيق ٿيل مسئلن کي پڙهي. انهيءَ لاءِ تحقيق ٿيل مسئلن جي ڄاڻ ضروري آهي ته جيئن ڪو نئون عنوان چونڊي سگهجي.

انهي کان سواءِ تحقيق ۾ انهيءَ ڳالهه جي به اهميت هوندي اهي ته تحقيق ڪندڙ وٽ ايترو پئسو موجود هجي جو مسئلي جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ، نقشن، چارٽن، سفر تي خرچ ، ڪلارڪ جي خرچ يا ٻئي سامان جي خرچ کي برداشت ڪري سگهي يا انهي لاءِ هن کي مدد ملي سگهي.

تحقيق ڪندڙ لاءِ وقت به هڪ مسئلو هوندو آهي، يعني تحقيق ڪندڙ کي جيترو وقت تحقيقي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي انهي وقت اندر مسئلو حل ٿي وڃي. ڇو ته ڪجهه مسئلا وقت جي اندر حل ڪرڻا پوندا آهن. پر جيڪڏهن ڪو تحقيق ڪندڙ ايترو وقت رکي ٿو، جو هر ڪنهن ڳالهه کي منهن ڏئي سگهي ٿو، ته پوءِ اهڙو مسئلو جنهن ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو، سو اهڙن شاگردن کي ڏنو وڃي. پر وري به اهو سوال ٿو پئدا ٿئي ته ڇا شاگرد اهڙو مسئلو کڻڻ لاءِ تيار آهي؛ يا اهڙو مسئلو جنهن لاءِ کڻي سگهندو ۽ انهي مسئلي تي ٻين جي اختلافي راين کي برداشت ڪري سگهندو ۽ انهن کي منهن ڏئي سگهندو؟

تحقيق انساني بهبودي جو وڏو ڪردار سرانجام ڏئي ٿي ۽ معلومات ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا واڌرا ڪري ٿي. جهڙي طرح ڪيولي ٿورو ٿورو ڪري پنهنجي لاءِ گدام گڏ ڪري ٿي؛ تيئن تحقيق ڪندڙ به ٿوري ٿوري معلومات گڏ ڪري هڪ گدام جي صورت ۾ گڏ ڪري، انساني ذهن تائين پهچائي ٿو. تنهنڪري هر تحقيق هڪ معلومات جو گدام هئڻ گھرجي.

ڪي تحقيقون ڪنهن گروه يا هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي مدد سان مڪمل ٿي سگھنديون آهن، ته ڪي ڪنهن هڪ تحقيق ڪندڙ جي ڪوشش سان گڏيل تحقيق ۾ وڌ ۾ وڌ معلوماتي مواد هوندو آهي، ڇو ته ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ جڏهن وڌيڪ تحقيق ڪندڙ جدا جدا طرفن ۽ جدا جدا طريقن سان يا جدا جدا  حالتن جي مدد سان مسئلي کي پرکي، معلومات گڏ ڪري نتيجا ڪڍندا آهن، تڏهن تحقيق صحيح روپ اختيار ڪري سگھندي آهي. اهڙي طرح اڄ تائين جيڪي به عالمگير تحقيقون ٿيون آهن، تن ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جون ڪوششون شامل آهن، جن گڏجي ڪنهن مسئلي جي تحقيق ڪئي. اهڙين ڪا ورلي عالمگير شهرت ڪندر تحقيق ڪئي هوندي.

       ڪابه تحقيقون ڪنهن گروه يا هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي مدد سان مڪمل ٿي سگهنديون آهن، ته ڪي ڪنهن هڪ تحقيق ڪندڙ جي ڪوشش سان، ته ڪي ڪنهن هڪ تحقيق ڪندڙ جي ڪوشش سان. گڏيل تحقيق ۾ وڌ ۾ وڌ معلوماتي مواد هوندو آهي، ڇو ته ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ جڏهن وڌيڪ تحقيق ڪندڙ جدا جدا طرفن ۽ جدا جدا طريقن سان يا جدا جدا حالتن جي مدد سان مسئلي کي پرکي،معلومات گڏ ڪري نتيجا ڪڍندا آهن، تڏهن تحقيق صحيح روپ اختيار ڪري سگهندي آهي. اهڙي طرح اڄ تائينجيڪي به عالمگير تحقيقون ٿيون آهن، تن ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جون ڪوششون شامل آهن، جن گڏجي ڪنهن مسئلي جي تحقيق ڪئي. اهڙين تحقيقن ۾ تمام گهٽ وقت لڳي ٿو، ۽ انهن کي عالمگير شهرت حاصل ٿئي ٿي. اهڙي ڪا ورلي عالمگير شهرت واري تحقيق هوندي جيڪا ڪنهن هڪ تحقيق ڪندڙ تحقيق ڪئي هوندي.

ڪابه تحقيق تڏهن مڪمل ٿي سگهي ٿي، جڏهن تحقيق ڪندڙ کي تحقيق ڪرڻ لاءِ مواد جي فراهمي ۽ ٻيون سهولتون گڏ ڪري ڏنيون وينديون؛ يعني تحقيق هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو هوندو آهي، جيڪو تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهيءَ لاءِ هر ڳالهه موجود هوندي. جڏهن هر ڳالهه تحقيق ڪندڙ اڳيان موجود هوندي تڏهن بنا ڪنهن مونجهاري جي تحقيق ڪندڙ جو ذهن خود به خود انهي تحقيق ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، يا ائين چئجي ته ذهني ڪوشش تڏهن شروع ڪري سگهجي ٿي، جڏهن هر ڳالهه موجود ٿي وڃي. تنهنڪري عنوان اهڙو چونڊجي جنهن لاءِ واد جي فراهمي آساني سان ٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org