سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 5

تحقيق ڪندڙ لاءِ اها ڳالهه به ضروري هوندي آهي ته هن کي تحقيق ڪرڻ جي اصولن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي، جنهن سان صحيح عنوان چونڊي، مڪمل مواد گڏ ڪري، انهي کي ترتيب ڏئي سگهي. انهي ڪري چيو ويندو آهي ته تحقيق ڪندڙ تحقيق جو ماهر هئڻ گهرجي، نه ڪي هڪ صحافي.

(The Researcher is a Specialist rather a Journalist)

انهي لاءِ ضروري آهي ته تحقيق ڪندڙ کي مسئلي کان انهي جي مواد ۽ اصولن جي وڌيڪ ڄاڻ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه هوندو ته پوءِ تحقيق ڪندڙ منجهي پوندو ۽ تحقيق مڪمل ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته تحقيق دوران وڏن مسئلن جي ننڍن پهلوئن جو تجربو ڪرڻو پوندو آهي؛ تنهنڪري تحقيق ڪندڙ جو هر ڳالهه کان واقف هئڻ ضروري هوندو آهي، پوءِ چاهي هر ڳالهه هن جي اهميت جي نه به هجي؛ يعني جنهن به مسئلي تي تحقيق ڪئي وڃي، انهي جو اڀياس گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ۽ معلومات وڌ ۾ وڌ حاصل هجي.

ڪنهن به تحقيق جو حل انهي جي نتيجي تي مدار رکندو آهي ۽ نتيجو ننڍن ننڍن پهلوئن جي نتيجن کي ملائي پوءِ ڪڍيو ويندو آهي. ٻين لفطن ۾ ائين چئجي ته تحقيق جي جدا جدا پهلوئن ۽ نتيجن کي ملائي ڪو گڏيل نتيجو ڏنو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح تحقيق جي جدا جدا پهلوئن جي نتيجن گڏ ڪرڻ کان وڌيڪ تحقيق ڪندڙ جي معلومات هوندي آهي، جيڪا هو تحقيق دوران حاصل ڪري ٿو. انهي معلومات جو مدار تحقيقي مسئلي جي منطقي لڳاءُ تي به مدار رکندو آهي، جيڪو هن کي مواد گڏ ڪرڻ جا رستا ڏيندو آهي.

تحقيق ڪندڙ شاگرد لاءِ سڀ کان پهرئين منجهائيندڙ اها ڳالهه هوندي آهي ته انهي کان اڳي به ڪيتريون تحقيقون ٿيل هونديون آهن، جن مان اهو ڳولڻو پوندو آهي ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪنهن موضوع تي رهجي ويون آهن؟ اهو مونجهارو، نه رڳو مٿئين درجي جي تحقيق (Dissertation or Thesis) ۾ ٿيندو آهي، پر ننڍين ننڍين درسي تحقيقن ۽ ٽرم بيرن (Term papars) ۾ به اها مشڪلات پيش ايندي آهي. تحقيق ڪندڙ جيئن جيئن تحقيق ڪندو ويندو آهي تيئن تيئن هن کي نيون نيون تحقيقون نظر اينديون آهن؛ تنهنڪري شاگرد کي انهي مشڪلات کان مايوس ٿيڻ نه گهرجي ۽ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي.

(1) ٿيل تحقيق جي گهٽتائين ۽ خامين کي هٿ ڪرڻ گهرجي.

(2) ٿيل تحقيق ۾ اختلافن کي ڳولي ڪڍجي.

(3) تحقيق ٿيل عنوانن جي ببلوگرافي نظر مان ڪڍڻ گهرجي.

انهن مان شاگردن کي اهو معلوم ٿي سگهندو ته تحقيق هيٺ ڇا اچي چڪو آهي، ۽ باقي ڇا رهيل آهي، جنهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. انهي کان سواءِ تحقيق ٿيل مسئلن کي پڙهجي، انهن کي ٻڌجي، انهن تي بحث ڪجي ۽ انهن تي تنقيدي نظر وجهجي؛ ۽ پوءِ جيڪي خيال ۽ ڳالهيون ذهن ۾ اچن تن کي توري تڪي انهن جي مدد سان ڪو عنوان چونڊجي. اهڙي طرح اڳ ۾ ٿيل تحقيقن ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي ته جيئن انهن جي غلطين مان ڪو نئون عنوان ڳولي سگهجي، يا ڪو اهڙو عنوان ڳولي سگهجي جواڳي کان وڌيڪ اهميت ۽ قدو وارو ثابت ٿي سگهي.  اهو سڀ ٿيل تحقيق ۾ ڏنل راين ۽ نتيجن تي سوچڻ سان به سولائي سان ٿي سگهي ٿو.

بهرحال ڪنهن به عنوان کي چونڊڻ لاءِ اهو خيال ڪيو وڃي ته تحقيق جو ڪوبه پهلو، هن کان اڳي تحقيق هيٺ آيل نه هجي، ۽ تحقيق جو ڪو مقصد ۽ قدر هئڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان تحقيق جا سڀ پهلو نوان هوندا ۽ تحقيق دائري جي اندر هوندي.

عنوان چونڊڻ لاءِ رهنما اصول

Guiding Principles in The Selection of Topic

J. Francis Rummel عنوان چونڊڻ لاءِ هيٺيان اصول ٻڌايا آهن:

”تحقيق ڪندڙ جي عنوان سان ذاتي دلچسپي هئڻ گهرجي عنوان ۾ نواڻ هئڻ گهرجي، عنوان اهليت جي دائري ۾ هئڻ گهرجي، ۽ عنوان لاءِ موايد ملي سگهي. (2).

ڪوبه عنوان چونڊڻ تحقيق جو پهريون مرحلو هوندو آهي، تنهنڪري ڪن خاص اصولن تي عمل ڪندي، ڪو صحيح عنوان چونڊيو وڃي. ڪنهن به موضوع تي عنوان چونڊڻ لاءِ ٻن ڳالهين کي ذهن ۾ ضرور رکيو وڃي؛ پهريون ته عنوان اعليٰ اهميت ۽ قدر وارو هجي، ٻيو ته عنوان تحقيق ڪندڙ ۽ مواد جي فراهمي جي لائق هئڻ گهرجي. ڪنهن تحقيق جي اهميت خاص ڪري عنوان جي چونڊ، انهي جي تحقيقي اهميت، انهي جي اعليٰ نتيجن قدرن ۽ تحقيقي دوران هن کي حاصل ٿيندڙ مقبوليت، تي مدار رکي ٿي. تنهن ڪري هر ڪنهن تحقيق جي عنوان چونڊڻ لاءِ، شخصي لڳاءَ ۽ اهليت، عنوان جي اهميت ۽ مواد جو ملي سگهڻ ضروري هوندا آهن. جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضرور آهن:-

1- ڪنهن مسئلي جي تحقيق لاءِ عنوان چونڊڻ وقت پهريائين هن ڳالهه کي نظر ۾ رکيو وڃي ته ڇا تحقيق ڪندڙ کي تحقيق ٿيندڙ مسئلي سان ذاتي دلچسپي آهي يا نه؟ انهيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي خود کان هيٺيان سوال ڪرڻ گهرجن:

(1) ڇا منهنجو انهي عنوان سان ذاتي فائدو رسي سگهي ٿو؟ يعني مستقبل ۾ ترقي جو ملڻ، اهميت وڌڻ، فائدو ملڻ، ڪنهن انعامملڻ جي اميد، وغيره.

(2) ڇا منهنجي تحقيق مان انساني بهبودي ٿي سگهي ٿي؟

(3) انهي تحقيق مان ڪا ذهني چالاڪي يا نئين ڳالهه ثابت ٿي سگهي ٿي؟

(4) ذاتي دلچسپي ڪري مسئلو حل ڪري سگهندس؟

مٿين سوالن مان جيترن وڌيڪ سوالن جا جواب ’ها‘ ۾ هوندا اوتري تحقيق ڪندڙ جي مسئلي جي حل لاءِ وڌيڪ دلچسپي هوندي. انهي کان سواءِ تحقيق ڪندڙ کي تحقيق دوران هميشہ اهو خيال به رکڻ گهرجي ته تحقيق ڪندي مٿي پنهنجي دلچسپي کي ختم نه ڪري ويهي، يا تحقيق ڪندي ڪٿي سندس دلچسپي کي نقصيان نه پهچي.

تحقيق ڪندڙ هميشہ انهي خيال ۾ سوچ سان تحقيق ڪندو آهي ته هو پنهنجي تحقيق ۾ پنهنجن خيالن ۽ سوچ کي شامل ڪندو رهندو. پر ڪنهن به تحقيق ۾ ائين نه هئڻ گهرجي، ۽ جتي به تحقيقي ڪندڙ تحقيق ڪندي تحقيق سان گڏ پنهنجي سوچ ۽ خيالن کي شامل ٿيندو نه ڏسي يا اختلاف معلوم ڪري اتي حقيقت کان ڪم وٺي؛ ۽ کيس حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ۽ انهي مقصد سان ئي عنوان چونڊڻ گهرجي. ڇو ته تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي تحقيق جو نتيجو غيرجانبدارانه ڪڍڻو هوندو آهي ۽ ڪٺن گهرجي؛ جنهن ۾ هن شخصي خيالن، هن جي عقيدن ۽ روين کي ڪوبه دخل نه هئڻ گهرجي. تحقيق ۾ مسئلي جي ڪڍيل نتيجن ۽ انهن جي حقيقت تي نتيجو ڪڍڻو هوندو آهي. تحقيق لاءِ جيڪو به عنوان چونڊيو وڃي تنهن ۾ وقت، علم ۽ عمل جي لحاظ کان ڪنهن نه ڪنهن طرح اهڙي نواڻ هجي، جنهن جو قدر ٿي سگهي. انهي لاءِ عنوان چونڊڻ واري کي هيٺين سوالن تي سوچڻ گهرجي.

(1) چونڊيل عنوان تي تحقيق ڪرڻ سان موجوده معلومات ۾ ڪو وڌارو ٿي سگهي ٿو؟

(2) عنوان ۾ تحقيق دوران ڪا اهڙي ڳالهه ته ڪانه آهي جيڪا وري تحيق هيٺ اچي ويندي؟

(3) جيڪڏهن عنوان تي اڳي تحقيق ٿيل آهي ته، ڇا وري تحقيق ڪرڻ سان ڪنهن نئين ڳالهه يا معلومات ۾ واڌارو ايندو، يا وڌيڪ تحقيق ضروري آهي؟

عنوان جي نئين هجڻ ۽ ان ۾ غير ضروري ڳالهين جي نه هجڻ لاءِ، شاگرد لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته عنوان چونڊڻ وقت، تحقيق سان واسطو رکندڙ دائري ۾ جيڪي موضوع اچن ٿا، تن کي چڱي طرح ڏسي، ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان اهڙيون ڳالهيون شامل ٿي سگهن ٿيون، جيڪي هن کان اڳي تحقيق ٿي چڪيون هونديون، ۽ ڪن ڳالهين جي ڪري ساڳئي تحقيق ٿي چڪيون هونديون، ۽ ڪن ڳالهين جي ڪري ساڳئي موضوع واري عنوان تي تحقيق ٿي سگهي ٿي؛ جيئن حالتن جي تبديل ٿيڻ يا تحقيق جي مواد ۾ تبديلي اچڻ ڪري يا انهي ساڳي موضوع واري عنوان تي ڪنهن سبب ڪري نئين سر تحقيق جي ضرورت ٿيڻ ڪري. اهڙيون تبديليون گهڻو ڪري عملي تحقيق يا سروي وارين تحقيقن ۾ ٿينديون آهن. اهڙي مسئلي تي به تحقيق نه ڪجي، جنهن جو نتيجو ڪنهن ٻئي تحقيق مان ملي اچي. اهڙن نتيجن جي برابري گهڻو ڪري سماجي سائنس وارين تحقيقن ۾ ٿي ويندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن مسئلي جي ٿيل تحقيق تي، نئين مواد سان نون تحقيقي اصولن تي يا ڪن وڌيڪ سٺي اصولن تي، تحقيق ڪئي وڃي ته انهي تحقيق جو قدر ۽ اهيمت وڌيڪ هوندي آهي.

عنوان چونڊڻ وقت تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي اهليت ۽ قوت بابت هيٺيان سوال ڪرڻ گهرجن:

(1) ڇا، چونڊيل عنوان لاءِ ايتري قابليت، علمي معلومات ۽ ذهني قوت رکان ٿو؟

(2) ڇا چونڊيل عنوان تي ٿيندڙ خرچ ڀري سگهندس؟

(3) ڇا چونديل عنوان مڪمل ٿي سگهندو، يا وقت جي اندر مڪمل ٿي سگهندو؟

(4) ڇا چونڊيل عنوان جي لاءِ گهربل مواد گڏ ڪري سگهندس؟

(5) انتظامي مدد، جيڪا چونڊيل عنوان لاءِ گهربل آهي، وقت تي ملي سگهندي؟

ڪي تحقيق ڪندڙ ڪن خاص انگن اکرن تي تحقيق ڪندا آهن، جيڪي ڪن خاص حالتن ۾ گڏ ٿي سگهندا آهن، تن لاءِ مقرر وقت گهربل هوندو اهي ته جيئن انهي وقت اندر ڪنهن خاص عنوان تي ڪا خاص معلومات حاصل ڪري سگهجي. انهي ڪري تحقيق ڪندڙ کي اهڙا عنوان وٺڻ گهرجن يا چونڊڻ گهرجن، جنهن لاءِ هنن کي ضروري مواد ملي سگهي. پر جيڪڏهن انهي وقت اندر تحقيق ڪندڙ ڪنهن طرح يا سبب ڪري مواد مڪمل ڪري نه سگهيو، يا ڪا نئين معلومات حاصل ڪري نه سگهيو، يا وڌيڪ معلومات ۾ واڌارو آڻي نه سگهيو، ته پوءِ هن کي عنوان بدلائي ٻيو چونڊڻو پوندو جنهن تي وري کيس شروع کان محنت ڪرڻي پوندي.

ڪي تحقيق ڪندڙ ڪن ادارن ۾ اهڙا عنوان چونڊيندا آهن جن جا ڪي خاص نگران (گائيڊ) نه هوندا آهن، تنهنڪري اهڙو عنوان ڪڏهن به نه چونڊ جي جنهن جو ڪو خاص نگران نه هجي. ٻيءَ حالت ۾ نگران نه هئڻ ڪري تحقيق ڪندڙ جو وقت خراب ٿيندو ۽ هن کي پنهنجي تحقيق مان ڪو لاڀ نه ملندو. تنهن ڪري ڪنهن به عنوان چونڊڻ کان اڳي، انهي شعبي جي سربراهه ۽ خاص عنوان جي نگران سان ملي ته جيئن لاءِ ڪو صحيح نگران چوندي سگهجي، جيڪو تحقيق ڪرڻ وقت چڱي طرح رهنمائي ڪري سگهي.

ڪنهن عنوان کي چونڊڻ کان اڳي هن ڳالهه کي به ڏٺو وڃي ته انهي عنوان تي گهربل مواد ملي سگهندو؟ يا جنهن زبان ۾ يا زبان وارن تي تحقيق ڪئي ويندي تنهن زبان جي ڄاڻ آهي؟ سمجهو ته تحقيق جي ڪنهن پهلو تي ماڻهن کان انٽرويو وٺڻو آهي، پر تحقيق ڪندڙ انٽرويو ڏيندڙن جي زبان کان واقف نه آهي، ته اهڙي حالت ۾ هريائين انهن جي زبان سکڻ گهرجي، پوءِ انهن انٽرويو ڏيندڙ ماڻهن جي سماجي، اخلاقي ۽ اختلافي ڳالهين کان واقف ٿيڻ گهرجي، ته جيئن انهن جي سماجي قدامت کان واقفيت حاصل ٿئي، جيڪا انٽرويو وٺڻ ۽ تجزئي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي؛ ڇو ته تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪنهن مسئلي جي هر پهلو جي مڪمل معلومات نه هوندي ته تحقيق ڪندڙ ڪڏهن به صحيح تجزيو ڪري نه سگهندو، نه وري مسئلي جي ح: لاءِ گهربل مڪمل مواد هٿ ڪري سگهندو. تنهنڪري عنوان چونڊڻ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن عنوان صحيح چوندي سگهجي.

Eugene Ehrlich وري عنوان چونڊڻ لاءِ ٽي اصول ٻڌائي ٿو.

”پهريون ته تحقيق ڪندڙ انهي تحقيقي ڪم کي نڀائي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هجي. ٻيو ته تحقيق ڪندڙ انهي مقالي جي تحقيق ۾ دلچسپي رکندو هجي. ٽيو ته تحقيق ڪندڙ پنهنجي تحقيقي ڪم جي نگران کي راضي ڪري سگهي“ (3)

پهرين ٻن ڳالهين کي هن کان اڳي پيش ڪيو ويو آهي، باقي تحقيقي ڪندڙ جو پنهنجي نگران کي راضي ڪري سگهڻ واري ڳالهه، ته ان جو مطلب آهي ته تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي نگران سان هم خيال ٿيڻ گهرجي، ته جيئن نگران جي هر سمجهاڻي درستي ۽ راءِ کي سمجهي ۽انهي تي عمل ڪري سگهجي. پر جيڪڏهن ڪو اختلاف به هجي ته تحقيق ڪندر پنهنجي نگران کي پنهنجي راءِ ۽ خيال بابت مڃائي سگهي. انهي لاءِ تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي نگران کي تحقيق بابت راضي رکي سگهي.

عنوان چونڊڻ لاءِ جيڪي ضروري ڳالهيون مٿي بيان ڪيون ويون آهن، اهي مختصر طفور هي آهن:

(1) عنوان جي منطقي طور دائرو مقرر هئڻ گهرجي.

(2) عنوان اهڙو هجي، جنهن ۾ ڪي نيون تبدليون، سماجي سڌارا، نئون مسئلا ۽ تحقيق لاءِ ڪي نوان موقعا هجن.

(3) عنوان ۾ خاص ڪري موجوده پئدا ٿيل ڪي مسئلا تحقيق هيٺ هجن، جيڪي باهي يا بگاڙ جو سبب نه هجن.

(4) عنوان جو مسئلو تحقيق رستي حل ٿيڻ جهڙو هجي.

(5) عنوان جو مسئلو صحيح هجي، تحقيق جوڳو هجي، ۽ تحقيق دوران يا تحقيق مان مسئلن جا ڪي تفاوت ظاهر ڪري.

(6) عنوان اهڙو چونڊڻ گهرجي جنهن کي تحقيق ڪندر نڀائي سگهي.

(7) عنوان اهڙو چوڊڻ گهرجي جيڪو عمل ڪرڻ جهڙو هجي.

(8) جيڪڏهن عنوان اهڙو چونڊيو ويو آهي جيڪو اڳي تحقيق ٿي چڪو آهي، ته پوءِ اهو ڏسڻ گهرجي ته وري تحقيق ٿيڻ جهڙو آهي؟ يا وقت گذرڻ ڪري ساڳي عنوان تي تحقيق ضروري آهي؟ يا وقت جي تبديلي ڪري انهي ۾ ڪا تحقيقي تبديلي ضروري آهي؟ يا گذريل تحقيق ۾ ڪا گهٽائي رهجي ويئي آهي،جنهن کي پورو ڪرڻو آهي؟

عنوان چونڊڻ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي پاڻ بابت هيٺين ڳالهين تي سوچڻ ضروري آهي:

(1) عنوان جي مسئلي ۾ کيس ڪا دلچسپي آهي؟

(2) عنوان جو مسئلو تحقيق ٿيڻ کان پوءِ ڪو انعام، ڪا ترقي يا ڪنهن عهدي ملڻ جي اميد آهي؟

(3) عنوان جو مسئلو جيڪو تحقيق ڪيو وڃي اهو ڪنهن ڌنڌي ۾ ڪم ايندو؟

(4) تحقيق وارو مسئلو ڪنهن سماجي ڀلائي، حڪومت جي ڀلائي يا ٻيءَ ڀلائي لاءِ ڪم اچي سگهندو؟

(5) مسئلي جي تحقيق جو عملي طور ڪو قدر ٿيندو؟

(6) عنوان جي تحقيق ڪرڻ لاءِ هو خاص صلاحيت رکي ٿو؟

(7) عنوان جي تحقيق لاءِ مواد فراهم ٿي سگهندو؟

(8) عنوان جي تحقيق دوران جيڪو خرچ ايندو اهو (تحقيق ڪندڙ) ڀري سگهندو؟

(9) عنوان جي تحقيق تي مقرر ڪيل وقت، يا جيڪو وقت تحقيق ڪندڙ وٽ آهي، انهيءَ کان مٿي وقت ته نه لڳندو؟

(10) مسئلو تحقيق ڪرڻ يا عمل ڪرڻ جهڙو آهي؟

(11) مسئلو تحقيق ڪندڙ لاءِ سٺو آهي، يا مسئلو خود سٺي تحقيق جهڙو آهي؟

(12) چونديل مسئلو آخر تائين تحقيقي طور نڀائي سگهبو؟

(13) تحقيق ڪندڙ چونديل عنوان کي چڱي طرح سمجهيو به آهي يا نه؟

(14) چونڊيل عنوان بابت هو پوري ڄاڻ رکي ٿو يا نه؟

(15) چونڊيل عنوان جي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ سڀ سهولتون ملي سگهنديون يا نه؟

ڪنهن عنوان کي تحقيق لاءِ چونڊڻ وقت اهو خيال رکڻ گهرجي ته عنوان اهو چونڊجي جنهن بابت تحقيق ڪندر وٽ اڳي مواد موجود هجي ۽ ذهن ۾ انهي لاءِ پوري ترتيب موجود هجي. جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ وٽ اهڙي معلومات اڳي ئي موجود هوندي ته پوءِ تحقيق ڪندڙ جي لياقت وڌائيندي، وقت بچائيندي ۽ تحقيق کي نڀائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

حوالا

1-      Eugene Ehrlich and Daniel Murphy, “writing and researching Term Papers and Reports” A Bantam Book 1964, Newyork, P. 15.

باب چوٿون

ڪتب خانن جو استعمال

Using Libraries

هر ڪنهن تحقيق ڪندڙ لاءِ، ڪتب خانن جو استعمال ضروري هوندو آهي، تنهن ڪري هر تحقيق ڪندڙ لاءِ پهريائين ضروري آهي ته هو ڪتب خانن بابت پوري ڄاڻ رکندڙ هجي؛ ڇو ته تحقيق ڪندڙ جو وقت تمام قيمتي هوندو آهي، انهيءَ لاءِ اهو ضڙوري هوندو آهي، ته جيرو ٿورو وقت ڪتابن جي ڳولڻ ۾ لڳي، اوترو، بهتر. تحقيقي مواد جيترو جلد گڏ ٿي سگهندو اوترو وقت جي بچت ٿي سگهندي. انهي ڪري تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو ضڙوري هوندو آهي ته هو ڪتب خانن ۾ ڪتابن ڳولڻ جي طريقي ڪار کان چڱي طرح واقفيت رکندڙ هجي.

ترقي يافته ملڪن ۾ سڪول واري دور ۾ شاگردن کي ڪتب خانن بابت سکيا ڏني ويندي آهي؛ ته جيئن هو گهربل ڪتاب ڪتب خانن مان بنا ڪنهن هٻڪ ۽ مونجهاري جي ڳولي سگهن. علمي تحقيق ڪندڙن کي ڪتب خانن جي مطالعي ولارو وقت هڪ طرف خفي ڪندڙ ۽ ٻئي طرف لطف وارو هوندو آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته تحقيق ڪندڙ جيڪو وقت ڪتب خانن ۾ گذارڻ لاءِ مقرر ڪندو آهي تنهن کان تمام وڌيڪ وقت، هن کي لڳائڻو پوندو آهي. تحقيق ڪندڙ شروعات ۾ پنهنجي تحقيق لاءِ جيڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ سوچيندو آهي، تنهن کان تمام گهڻا ڪتاب پڙهندو آهي، ڇاڪاڻ ته تحقيق دوران تحقيق ڪندڙ لاءِ نه فقط سندس عنوان جي تحقيق لاءِ خاص ڪتابن جو مطالعو ضروري هوندو آهي، پر هن کي سندس چونڊيل عنوان سان واسطو رکندڙ هر پهلو جي لاءِ تحقيق ڪرڻي پوندي آهي؛ ته جيئن هو پنهنجي عنوان لاءِ صحيح راءِ قائم ڪري سگهي. تحقيق ڪندڙ جي مطالعي جو طريقو  ائين هوندو آهي، جيئن قصه گوئي ۾ قصو بيان ڪندڙ ڳالهه مان ڳالهه پئدا ڪندو اهي ۽ هر ڳالهه کي آخر۾ اچي وري مرڪزي ڳالهه سان ڳنڍيندو اهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون مرڪزي ڳالهه جي مقصد کي واضح ڪنديون آهن. تيئن تحقيق ۾ تحقيق ڪندڙ به عنوان جي هر پهلو کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، هر پهلوءَ جي جانچ پڙتال هو ڪندو آهي، ته جيئن مرڪزي مقصد کي صحيح جاءِ تي آڻي ڪا راءِ قائم ڪري سگهي. تحقيق ڪندڙ کي تحقيق دوران پنهنيج گه رکان وڌيڪ ڪتب خانن کي اهيمت ڏيڻي پوندي آهي.

وڏن ملڪن ۾ هر مضمون جي تحقيق ڪندر لاءِ جدا جدا ڪتب خانا هوندا آهن، جيئن ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن لاءِ سندن اسپتالن ۾ سکيا جا مرڪز ۽ ڪتب خانا هوندا آهن، ۽ انهن کي ڪتاب اتي ئي ملي سگهندا آهن، انجنيئرن جي لاءِ وري سندن خاص ادارن ۾ ڪتب خانا هوندا آهن. اهڙي طرح هر ڪنهن خاص مضمون لاءِ جدا جدا مقرر ڪيل ڪتب خانا هوندا آهن. پاڪستان ۾ سماجي علمن (Social Sciences) ۽ علم ادب جي لاءِ خاص ڪري ساڳيا ڪتب خانا مقرر آهن. پر وڏن ملڪن ۾ سماجي علمن لاءِ به جدا جدا ڪتب خانا مقرر ڪيل  آهن، جتي جدا جدا سماجي علمن جا شاگرد تحقيق ڪندا آهن.

انهن ڪتب خانن کان سواءِ عام ڪتب خانا (General Reference) به هوندا آهن ته ٻيا ڪتاب ڏيندڙ ڪتب خانه (Circulating Libraries) به هوندا آهن. جيڪي شاگردن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهن. تحقيق ڪندڙن لاءِ خاص ڪري عام ڪتب خانا تحقيق ڪرڻ جا جاءِ هوندا آهن. جتي شاگرد پڙهندا ۽ مطالعو ڪندا آهن. اهڙن ڪتب خانن جو مقصد تڏهن پورو ٿيندو آهي، جڏهن حوالو ڏيندڙ ڪتاب جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪاپي ڪتب خاني ۾ ضرور موجود هوندي آهي، ته جيئن تحقيق ڪندڙ کي تحقيق لاءِ گهربل ڪتاب ملي سگهي. پر جيڪڏهن تحقيق ڪندي، تحقيق ڪندڙ کي گهربل ڪتاب اتي نه ملي سگهيو، ته پوءِ تحقيق ڪندڙکي مواد گڏ ڪرڻ ۽ نتيجي ڪڍڻ ۾ مونجهارو پئدا ٿيندو، انهي لاءِ تحقيق ڪندڙ کي پهريائين اها چاڻ ضروري هئڻ گهرجي ته هن کي ڪهڙن ڪتابن ۽ ڪهڙن ڪتب خانن جي ضرورت پوندي، يا ڪهڙا ڪتاب تحقيق ڪندڙ کي ڪتب خانن ۾ پڙهڻا آهن، ۽ انهن ڪتابن کي تحقيق دوران ڪهڙي ڪتب خاني مان، ۽ ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؛ ان بابت مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو.

هر ڪنهن ڪتب خاني جو پهريون حصو (First section) علم معلومات حاصل ڪرڻ واري جاءِ هوندي آهي، جتان پوري ڪتب خاني بابت معلومات حاصل ڪري سگهبي آهي. اهو هڪ خاص ڪمرو يا ڪنهن ڪمري جو حصو هوندو آهي، جنهن کي معلومات حاصل ڪرڻ وارو ڪمرو  (Main reference Room) چيو ويندو آهي. هن حصي ۾ ڪارڊ ڪئٽلاگ بابت خاص معومات حاصل ڪري سگهبي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org