سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 13

قلمي نسخي کي پڙهڻ وقت مشڪلاتون

هر ڪنهن تحقيق ۾ عام طور ڪنهن زبان جي تحقيق ۽ تجزئي ڪرڻ وقت هيٺيون مشڪلاتون پيش اينديون آهن - سنڌي زبان ۾ اهي مشڪلاتون ٻين زبانن کان تجزئي وقت وڌيڪ پيش اينديون آهن جي هيٺ ڏجن ٿيون:

1-     سنڌي زبان جي الف - بي جا اکر عربي، فارسي ۽ اڙدو زبان کان وڌيڪ آهن، تنهنڪري ٻين زبانن کان وڌيڪ تحقيق ڪندڙ کي محنت ڪرڻي پوي ٿي.

2-     سنڌي زبان جي الف - بي ۾ نقطن جو گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي - عربي، فارسي ۽ اڙدو ۾ وڌ ۾ وڌ ٽي نقطا آهن، پر سنڌي ۾ چار نقطا ڪم اچن ٿا. جيئن ڀ، ٿ، ڇ، ۽ ڙ وغيره، انهيءَ کان سواءِ ڪي اکر اهڙا آهن جن جو جيڪڏهن هڪ نقطو ڪڍي ڇڏجي ته اکر بدلجيو وڃي. ب ۽ ٻ، ج ۽ ڄ، ذ، د، ر ۽ ذ وغيرهه.

3-     (1) نقطن وارن اکرن جو لاڳيتو اچڻ يا هجڻ به مواد جي تجزئي ۾ وڏي دشواري پئدا ڪندو آهي. (2) سنڌي زبان ۾ نقطا گڏي لکڻ جو رواج آهي جنهن ڪري پڙهندڙن کي لفظن کي سڃاڻڻ تمام مشڪل لڳندو آهي. (3) ڪنهن به اکر کي غلط پڙهي سگھجي ٿو. (4) اهو تحقيق ڪندڙ لاءِ تحقيق دوارن وڏو مسئلو هوندو آهي. (5) اها غلطي عام ڪئي ويندي آهي.

4-     گهڻو ڪري گڏ اکرن ۾ اکرن جون چوٽيون نه هجڻ ڪري اکرن کي پڙهڻ ۾ مشڪل درپيش ايندي آهي. انهن اکرن کي اڳئين ۽ پوئين اکر کي ملائي سڃاتو ويندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ سڃاڻڻ ۾ ڪا غلطي ٿي ويئي ته لفظ غلط پڙهجي ويندو. جنهنڪري لفظ جا اچار غلط نڪرندا ۽ مطلب به غلط نڪرندو.

اهڙيون هي غلطيون ٿينديون آهن:

1-     ساڳي صورتخطي وار اکر جن جي معنيٰ اعرابن ڪري بدلجي وڃي ٿي ، هيئن کنڊ (گھارو)، کنڊ (مٺائي)، ترس (رهڻ)، ترس (رحم)، ڪوهه (جبل)، ڪوهه (فاصلو)، وار (مٿي جا وار)، وار (ڀيرو) وغيرهه.

2-     ڪنهن مخصوص صورت ۾ اکرن جي معنيٰ ڪا اهميت رکندي آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ کي مخصوص انداز ۾ نه ورتو وڃي ته انهيءَ جو مطلب بلڪل اهو معلوم ٿيندو جيئن ”تون ڪو ڀلو مڙس آهين“ هن جون ٻه معنائون ٿي سگھن ٿيون.

هڪ ته واقعي هو ڀلو مڙس آهي يا هن کان ڪا گهٽتائي ٿي آهي جنهن ڪري طنز جي لحاظ کان هن لاءِ اهو جملو چيو ويو آهي. اهڙا جملا تحقيق دوران مسئلو ٿي سگھن ٿا. اهڙي غلطي نقطن جي ڪري به ٿي سگھي ٿي جيئن:-

ايتري انداز ۾ نه ورتو وڃي.   ايتري انداز ۾ نه ورتو وڃي.

{

هن مثال ۾ نه ۽ ته بدلجي سگھن ٿا

3-    صوتي هڪجھڙائي (ساڳي مخرج مان نڪتل آواز يا نڪرندر آواز) ڪري به ڪيترا ڪاتب ڪنهن اچار کي غلط لکي ويندا آهن جنهن ڪري لفظ جو مطلب بدلجي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح لکيت ۾ مصنف جو اصل مقصد ۽ خيال تبديل ٿيو وڃي ۽ غلطي جو ٿيڻ لازمي ٿيو پوي . جيئن نڪتو، نقطو وغيره.

4-     لکڻ وقت ڪڏهن اڳئين لفظ جو ٻيون اکر پوئين لفظ سان ملائي اچاريو وڃي ٿو جنهن ڪري به غلطي ٿي ويندي آهي.

5-     لفظن جي زيرن زبرن ۽ پيش نه هئڻ ڪري به لفظن جا اچار بدلجيو وڃن ۽ جملي جو مطلب غلط ٿيو وڃي جيئن پيشُ. پيش، وغيرهه.

مٿين ڳالهين کي ڏسڻ کان پوءِ پوءِ بخوبي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سنڌي زبان جي تحقيق ڪندڙن کي تحقيق دوران صورتخطي هڪ وڏو مسئلو هوندي آهي ۽ اهو مسئلو ڪنهن قديم ڪتاب جي ايڊيٽنگ وقت وڏي دشواري پئدا ڪندو آهي، تنهنڪري ڪنهن قديم يا جديد لکيت جي ايڊيٽنگ وقت تحقيق ڪندڙ کي زبان تي مڪمل عبور ۽ مهارت حاصل هجي ته جيئن هو مٿي ٻڌايل مسئلا آساني سان حل ڪري ڪو صحيح نتيجو ڪڍي پنهنجي تحقيق کي مڪمل ڪري سگھي.

ايڊيٽنگ ۾ خاص ڪري تحقيق ڪندڙن کي متن جي هر غلطي کي هٿ ڪري مواد جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري، انهيءَ جون خاميون خوبيون ظاهر ڪري ۽ لکيت جي اهميت کي اڳي کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻو هوندو آهي. انهيءَ لاءِ نه رڳو هنکي هر قسم جي غلطين کي ڳولي ظاهر ڪرڻو آهي پر هن کي اهو به ڳولڻو آهي ته ڪهڙيون غلطيون مصنف خود ڪيون آهن ڪهڙيون غلطيون ڪاتب ۽ مرتب ڪيون آهن. اهڙين سڀني غلطين کي ظاهر ڪري لکيت جي صحيح ۽ اصل متن کي ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو ئي خاص مقصد ايڊيٽنگ جو هوندو آهي.

ڪاتب، مرتب ۽ اصل مصنف جي غلطين کي ڳولڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري هونديون آهن:

1-     صورتخطي جنهن ۾ وقت به وقت جيڪي تبديليون ڪيون وڃن ٿيون انهن کي ظاهر ڪيو وڃي.

2-                 صورتخطي ۾ لهجن جي استعمال ڪرڻ ڪري جيڪي تبديليون ٿين ٿيون انهن کي ظاهر ڪيو وڃي (سنڌي زبان ۾ هي تبديليون تمام گهڻيون هونديون آهن تنهنڪري تحقيق دوران هن ڳاله هتي وڌيڪ توجھ ڏيڻ گهرجي).

3-     ڪاتب جي غلطين يا اڻڄاڻائي ڪري جيڪي غلطيون ٿين ٿيون تن کي ظاهر ڪيو وڃي. (اها ڳالهه قديم نسخن لاءِ وڌيڪ اهميت واري هوندي آهي).

4-     ڪتاب جي اصلاح جيڪا ڪئي ويئي آهي يعني پراڻن ۽ غير متروڪ لفظن کي ڪڍي جديد ۽ نون لفظن کي ڪم آندو ويو آهي تنهنکي ظاهر ڪرڻ.

5-     هڪجھڙائي ڪري شاعري يا ٻين لکيتن کي شامل ڪيو ويندو آهي (انهيءَ کي ڳولي ڪڍڻ) جڏهن وقت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن لکيت کي خاص ڪري شاعري کي گڏ ڪيو ويندو آهي ته مشابهت رکندڙ شاعري يا لکيتون هڪڙن جون ٻين ڏانهن منسوب ڪيون وينديون آهي).

6-     هڪ تخلص وارن شاعرن جي ڪلام جي ميلاپ کي جدا ڪرڻ.

7-     مضمون يا بين غلطين ڪري جيڪو مواد گڏجي وڃي ٿو تنهن کي جدا ڪيو وڃي يا جيڪو مواد ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ شامل ٿي وڃي ٿو تنهن کي هٿ ڪرڻ.

8-     ڪڏهن ڪڏهن شاگردن جو ڪلام پنهنجي استاد جي نالي يا مرشد جي نالي يا ڪنهن ٻئي شخص جي نالي تي منسوب ٿيو وڃي اهڙي ڪلام کي ڳولي ڪڍڻ.

9-     هڪ ئي مصنف جي ڪنهن صنف تي لکيل جدا جدا ڪتابن جي جدا جدا ڇاپن جي فرق کي ظاهر ڪرڻ ( ڇو ته هر ڪنهن ڇاپي ۾ جدا جدا انداز، گھٽتايون ۽ واڌارو هوندا آهن تن کي ظاهر ڪرڻ).

تحقيق ڪندڙ جي صلاحيت

ڪنهن مواد جي اصلاح لاءِ تجزئي ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندڙ ۾ ڪي صلاحيتون هئڻ ضروري آهن ته جيئن هي تحقيق تجزئي دوران جيڪي به صلاحيتون ۽ خاميون مصنف ۽ لکيت جون ڏسي انهن کي صحيح نموني ۾ ظاهر ڪري سگھي. جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ ايڊيٽنگ وقت هيٺ ڏنل ڳالهين کان عام طور واقف نه هوندو ته پوءِ تحقيق صحيح رخ اختيار ڪري نه سگھندي ۽ ايڊيٽنگ جو مقصد جيڪو مواد جي ترتيب ۽ اصلاح جي ڪري پورو ڪيو ويندو آهي اهو پورو نه ٿيندو ۽ اهڙي تحقيق بي مقصد ۽ بي فائدي ثابت ٿيندي.

تحقيق ڪندڙ کي ايڊيٽنگ وقت هيٺين ڳالهين جي معلومات هئڻ لازمي آهي.

1-     صورت خطي جي تاريخ ۽ لکڻي کان واقفيت هئڻ گهرجي.

2-     صنف جي فني سٽاءَ ۽ اصولن کان واقفيت هئڻ گهرجي.

3-     جدا جدا دورن ۾ زبان جي اچارن ۽ لهجي کان واقفيت هئڻ.

4-     لکڻ ۾ ڪم آيل مواد کان پوري واقفيت هئڻ گهرجي جيئن ڪاغذ مس وغيرهه.

5-     مشهور ڪاتبن جي معلومات يا انهن کان واقفيت هئڻ گهرجي.

1-  صورتخطي جي تاريخ کان واقفيت

يعني هر دور جي لکڻي، اچارن، لفظن جو صحيح استعمال لهجي وغيره کان واقفيت ضروري هوندي آهي، ڪنهن تحقيق ۾ ايڊيٽنگ وقت مواد جي تحقيق ۽ اصلاح لاءِ انهيءَ جي قدامت کي ظاهر ڪرڻ ضروري هوندو آهي، صنف ۽ نسخي جي ترتيب يا ايڊيٽنگ وقت انهيءَ جي قدامت مقرر ڪرڻ- اهو ايڊيٽنگ جو اهم مسئلو هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ضرري آهي ته جنهن وقت اهو نسخو مصنف لکيو ۽ لکايو انهيءَ وقت صورتخطي جي صورت ڪهڙي هئي. انهيءَ کان تحقيق ڪندڙ چڱي طرح ڄاڻ رکندو هجي ته جيئن انهيءَ نسخي جي قدامت صحيح مقرر ڪري سگھي. پر جيڪڏهن انهي صورت خطي جي قدامت ۽ تاريخ جي خبر نه هوندس ته پوءِ هي نسخي جي قدامت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو. اهڙا قديم نسخا جن تي لکيت جي تاريخ لکيل نه هجي، تمام ٿورا هوندا آهن. پر اهڙن قديم قلمي ڪتابن جي لکجڻ تي تاريخ مقرر ڪرڻ تمام مشڪل هوندي آهي جنهن لاءِ تحقيق ڪندڙ کي صورتخطي جي تاريخ کان واقفيت هئڻ گهرجي.

صنف جي فني سٽاءَ

جنهن صنف کي ايڊٽ ڪرڻو آهي انهيءَ جي فني اصولن کان به واقف هجي (جيئن سنڌي زبان جي قديم شاعري ۽ جديد شاعري جن ٻن اصولن تي ٻڌل آهي يعني علم عروض ۽ ڇند وديا، تن ٻنهي شاعري جي اصولن کان واقفيت هئڻ ضروري آهي ته جيئن ڪلام جي فني سٽاءَ جو چڱي طرح جائزو وٺي ڪلام جي قدامت مقررڪري سگھجي.

قديم زبان کان واقفيت

ڪنهن لکيت جي متن جي تحقيق ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته تحقيق ڪندڙ کي هر دور جي زبان جون جيڪي خوبيون ۽ خاميون رهيون آهن تن کان واقفيت هئڻ گهرجي ته جيئن هي مصنف جي زبان ۽ دور کي چڱي طرح سمجھي ۽ سڃاڻي سگھي. اهڙي طرح هن کي اهڙن لفظن کان واقفيت هئڻ گهجي جيڪي لفظ وقت به وقت متروڪ ٿيندا رهيا آهن يا لفظن جو استعمال بدلبو رهيو آهي، ته جيئن صحيح تجزيو پيش ڪري سگھجي.

لکڻ ۾ ايندڙ شين کان واقفيت

لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ مس وغيره ڪم ايندا رهيا آهن انهن جي ڄاڻ رکڻ سان به تحقيق ۾ مدد ملي ٿي- مس ۽ ڪاغذ پنهنجي ابتدائي دور کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن ۽ هر منزل تي منجھن ڪي تبديليون آيون آهن، اهڙين تبديلين ۽ هر دور جي مس ۽ ڪاغذ جي خاصيتن کان واقفيت ڪري به لکيت جي قدامت قائم ڪري سگھجي ٿي.

مشهور ڪاتبين جي لکڻين کان واقفيت

قديم لکندڙ گهڻو ڪري مشهور ڪاتب هوندا هئا انهن کان واقفيت ڪري ڪنهن لکيت جي قدامت معلوم ڪري سگھجي ٿي. اهڙي طرح هر مشهور ڪاتب جي لکڻي کان واقفيت به ڪنهن قديم ڪتاب جي قدامت مقرر ڪرڻ مدد ڪري ٿي.

مواد جي تحقيق لاءِ سند

هر تحقيق لاءِ ڪن اهڙن ڪتابن ۽ لکيتن جي ضرورت هوندي آهي جن جي مدد سان انهيءَ تحقيق کي صحيح ۽ اهميت وارو مڃيو ويندو آهي اهڙا ڪتاب هي آهن:

قديم قلمي نسخا

اهڙا قديم قلمي نسخا جن جي اصليت کي پرکيو ويو هجي، انهن کي ضرورت پوڻ تي تصديق لاءِ ڪم آندو وڃي. يعني جڏهن ڪنهن تحقيق ۾ قديم ۽ قلمي نسخن مان شهادتن جي ضرورت هجي ته پوءِ قلمي نسخن کي تلاش ڪيو وڃي ۽ انهن جي اصل کي پرکڻ کانپوءِ انهن مان شهادتون ورتيون وڃن.

بياض

تحقيق ۾ بياضن جي به اهميت قديم ڪتابن جيتري هوندي آهي ڇو ته بياضن ۾ شاعرن جو مڪمل ڪلام ۽ زندگي جو احوال ڏنل هوندو آهي. اهڙي طرح شاعرن جي ڪلام ۽ حياتي جون شهادتون ملي سگھن ٿيون جنهن سان مواد جي تحقيق ٿي سگھي ٿي.

بياض ۾ غير مشهور شاعرن توڙي مشهور شاعرن جو ڪلام به ڏنل هوندو آهي. اهو ڪلام ڪڏهن تاريخي ترتيب تي مرتب ٿيل هوندو آهي ۽ ڪڏهن  وقت جي لحاظ کان ترتيب ڏنل هوندو آهي ۽ ڪن بياضن ۾ شاعرن جو منتخت ڪلام گڏڪيل هوندو آهي. اهڙي طرح بياضن ۾ ننڍن توڙي وڏن شاعرن جو ڪلام هوندو آهي تنهنڪري بياضن مان ڪنهن تحقيق لاءِ وڌ ۾ وڌ شاعرن جو ڪلام ملي سگھي ٿو. بياض ۾ ڇپيل ڪلام کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪلام ملندو آهي.

تذڪرا

تذڪرن ۾ ڪافي شاعرن جي ڪلام کي پيش ڪيو ويندو آهي جيتوڻيڪ انهن ۾ مڪمل ڪلام ته نه هوندو آهي پر ايترو ضرور هوندو آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن تحقيق ۾ امداد ملي سگھي ٿي. اهڙي طرح تذڪرا به تحقيق دوران ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن.

سماجي ۽ سياسي تاريخون

علم ادب جي ڪتابن کان سواءِ سماجي ۽ سياسي تاريخن ۾ به ڪافي شاعرن ۽ اديبن بابت لکيو ويو آهي ۽ اهڙن ڪتابن مان ڪافي مواد مثالن ۽ حوالن طور ملي سگھندو تنهنڪري اهڙيون تاريخون تحقيق لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿيون.

لغتون

لغتن ۾ به ڪيتريون ڳالهيون ۽ شهادتون تحقيق بابت ملنديون آهن جيڪي شهادتن طور استعمال ڪيون وينديون آهن (جيئن ڪنهن لفظ جي تشريح ڪرڻ ۽ ڪنهن جي پس منظر يا تاريخ بابت معلومات ڏني ويندي آهي).

ملفوظات

ملفوظات ۾ ڪافي منظوم شعر ۽ بزرگن جا قول ۽ نڪتا وغيره بيان ڪيا ويندا آهن جيڪي نصيحت ۽ اصلاح جي لاءِ چيا وڃن ٿا. انهيءَ مان بزرگن جي حالتن انهن جي همعصرن ۽ دوستن جي حالتن، انهن جي ڪلام وغيره بابت مواد ملي ٿو، جنهن کي تحقيق ۾ شهادتن ۽ حوالن جي طور ڏنو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ملفوظات به تحقيق لاءِ مددگار هوندا آهن.

خطن جا مجموعا

اهڙن خطن جي مجموعن يا لکيتن مان به وڏن بزرگن جي زندگين، شاعرن، درويشن ۽ اديبن بابت ڪافي معلومات ملي ٿي جنهن مان انهن جي ادبي خدمتن، ڪارنامن ۽ هڪٻئي سان تعلقات جي معلومات ملي ٿي، جيڪا تحقيق ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.

مواد جي لاءِ سندون وڌيڪ ڏسو - ببلو گرافي تيار ڪرڻ جي مطالعي جا ذريعا، انهن ڪتابن مان به تحقيق بابت مفيد معلومات ملي سگھي ٿي.

 

حوالا

1-           شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو. ڪلام گرهوڙي - سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي: 1956، ص 3 ۽ 4

2-          ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خليفي صاحب جو رسالو-سنڏي ادبي بورد، حيدرآباد: 1966. ص 1 ۽ 2

3-          شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو. ص - 66

4-          ايضاً             ص - 76

5-           ايضاً

6-          غلام محمد شهواڻي، شاهه جو رسالو: آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد 1961 ص الف

7-          شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ص - 70

8-          ايضاً             ص -76

9-          علامه امداد علي امام علي قاضي، شاهه جو رسالو (مهاڳ) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1961ع مهاڳ ص -ب

10-      غلام محمد شهواڻي - مهاڳ ص - ب

باب ڏهون

تحقيق لاءِ انگ اکر Statistical Data for research

تحقيق ۾ انگن اکرن جي معنيٰ ۽ مقصد

انگن اکرن (statistics) جي ابتدا ۾ معنيٰ، ”اهو علم هو، جنهن جي مدد سان سماج، حڪومت يا فضا جي حالتن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن يا ڪنهن ٻئي نموني انهن جي پرک ورتي وڃي.“

Chamber’s Twentieth Century Dictionary ۾ لفظ statistics جي معنيٰ آهي ته: ”ڪنهن طبقي جي ماڻهن جي حالتن بابت حقيقتن ۽ انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ  يا اهو سائنسي علم جيڪو ماڻهن جي سماجي، اخلاقي ۽ جسماني حالتن جي حقيقتن گڏ ڪرڻ جي ترتيب لاءِ ڪم اچي.“

ڊاڪٽر احسان الله خان پنهنجي ڪتاب تعليمي تحقيق ۾ انگن اکرن واري علم جي وصف هي ڏني آهي: ”مختلف قسمن جي معلوماتن ۽ حقيقتن کي انگن اکرن جي صورت ۾ گڏ ڪرڻ تان ته ان جي سائنسي تجزئي کان پوءِ ڪو نتيجو ڪڍيو وڃي.“

هن وقت سائنسي دور ۾ انگن اکرن واري علم جي اهميت ۽ دائرو تمام وسيع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هن علم جي مدد سان سماج جي هر ڪنهن پهلوءَ جي خاصيتن، حقيقتن، مادي حالتن، ڳڻپ وارين حقيقتن کي شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح 19 صدي جي آخرين حصي ۾ هن علم جو مقصد، اصولن ۽ فن جي لحاظ کان حقيقتن جي انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ، مختصر ڪرڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ آهي.

انهيءَ مقصد کي نظر ۾ رکندي جانسن (johnson) پنهنجي ڪتاب Statistical Method in Research ۾ لکي ٿو ته: ”دنيا ۾ اچڻ کان وٺي مرڻ تائين اسانجي زندگي جي هر حالت کي هن علم جي مدد سان محفوظ ڪيو وڃي ٿو: ڄم، موت، شادي، جدائي، اسانجي ٻارن جي روزاني حاضري، هاريءَ جي پنهنجي زمين مان پيداوار، اسانجي محنت جا ڪلاڪ، هوائي جهازن جي سفر جا فاصلا، سج جو اڀرڻ کان لهڻ تائين وقت، طرف جي ڪرڻ جي ماپ وغيرهه، اهي سڀ عمل ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ رکيا وڃن ٿا.

بيشمار اهڙا ۽ ٻيا عمل ۽ آزمودا روزاني زندگي ۾ دنيا جي سڀني ماڻهن کي پيش ايندا رهن ٿا.، جن کي انگن اکرن جي مدد سان ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي ٿو.“

مجموعي طور ائين چئجي ته اهو علم جنهن جي مدد سان دنيا جي هر ڪنهن شيءَ، فضا ۽ جنس جي حالتن ۽ حقيقتن جي خاصيتن ۽ خامين جي قدر ۽ عدد لاءِ گڏ ڪيل انگن اکرن کي مختصر ڪري ، انهن جي سراسري (Average) فاصلي (Range) ۽ سيڪڙي (percentage) جي ڀيٽ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو.

انهيءَ لحاظ کان انگن اکرن واري علم جون خاصيتون ٿيون:

1-     انگ اکر ڳڻپ ۾ بيان ٿيل هجن.

2-    مواد جي درجا بندي هئڻ گهرجي.

3-    انگن اکرن ۾ برابري هئڻ گهرجي.

4-    انگ اکر ساڳي گروهه يا درجي جا هئڻ گهرجن.

5-     انگن اکرن وارو مواد سلسلي وار هئڻ گهرجي.

6-    انگ اکر صحيح ۽ برابر هئڻ گھرجن.

انگن اکرن واري علم جون مٿيون خاصيتون ڏسڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ هن علم (Statistics) جي لاءِ ”انگ اکر“ اصطلاح ئي صحيح ٿي سگھي ٿو. ڇو ته هن ۾ ڪنهن شيءَ، جنس ۽ فضا جي حالتن ۽ حقيقتن، خاصيتن، قدر ۽ عددن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انگن اکرن کي شمار ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ لاِ سنڌيءَ ۾ ”شماريات“ جي بدران ”انگ اکر“ اصطلاح بهتر ٿيندو.

تحقيق ۾ موجود وقت انگن اکرن واري علم جي ايتري ته اهميت وڌي ويئي آهي جو ڪارگر تحقيق انهيءَ کي سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ تجزئي لاءِ گڏ ڪيل انگن وارن عددن کي مختصر ڪري انهن جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي. اهو نتيجو گروهن ۾ جيڪا نسبتي تبديلي هوندي آهي، انهن جي تفاوت يا تعلق معلوم ڪرڻ سان واسطو رکندو آهي. اهي تبديليون ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪ وصفي (Nominal)۽ ٻيون وقفي (Interval). اهڙي تبديلي کي انگن اکرن واري علم جي خاص اصولن تي پرکيو وڃي ٿو.

انگن اکرن واري علم جون ٻه شاخون آهن: پهرئين شاخ عام طور اصول تيار ڪرڻ ۽ جدا جدا مواد کي اصولن تي استعمال ڪرڻ، مواد گڏ ڪرڻ جا طريقا ڏسڻ، انهن جي ترتيب ، فهرستون ، خاڪا، نقشا ۽ انهن جي وسيلي سراسري جي ڀيٽ ڪرڻ ۽ تعلق ڏيکارڻ هوندو آهي.

ٻئي شاخ ۾ انهن طريقن کي روزاني زندگي ۾ عملي طور آزمائڻ لاءِ مزدورن ، قيمتن، مردم شماري وغيره تي استعمال ڪرڻ هوندو آهي. اهي طريقا نفسيات ۽ سماجي علمن جي تحقيق جي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا.

انگن اکرن واري علم کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:

1- حقيقي يا بياني انگ اکر Descriptive statistics

2- تخميني، اڳڪٿي يا قياسي انگ اکرInferential statistics

بياني انگ اکرن مان مطلب آهي ته ڪنهن حقيقي ڳالهه يا حالت يا ڪنهن جنس بابت يا انهيءَ جي صورت حال جي مختلف خاصيتن بابت معلومات حاصل ڪرڻ. تخميني يا قياسي انگ اکرن مان مطلب آهي ته ڪنهن ڳالهه بابت پيشن گوئي ڪرڻ، اندازو لڳائڻ، يا آئينده لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ، ليڪن اها پيشن گوئي، اندازو قياس، تخمينو يا ڪا راءِ به ورتل انگ اکرن مان نڪتل نتيجي تي مدار رکندي آهي.

حقيقي انگن اکرن لاءِ هيٺيان چار پيمائش جا قسم ڪم ايندا آهن:

(1) وصفي پيمانو              Nominal scale

هن پيماني جو مقصد آهي ته جن ماڻهن کي سندن خاصيتن جي لحاظ کان پرکيو وڃي تن کي ڪنهن خاص ترتيب تي سلسلي وار رکيو وڃي. جيئن پڙهيل ۽ اڻپڙهيل، زالون ۽ مرد وغيره. ۽ اهڙي هر گروهه جي سندن خاصيتن جي ڪري ڪا وصف قائم ڪئي ويندي آهي؛ جنهن جي مدد سان انهن جي پرک ورتي وڃي ٿي. يا ائين چئجي ته جاگرفيائي تاريخي ثقافتي ۽ تهذيبي لحاظ کان ماڻهن جي ڪا وصف قائم ڪئي وڃي ٿي جنهن کي وصفي پيمانو چيو وڃي ٿو.

2- درجاتي پيمانو             ordinal scale

هن پيماني ۾ ماڻهن کي سندن درجي يا گروهه جي خاصيتن جي مدد سان ترتيب وار يا قطار ۾ رکيو وڃي يا درجا بندي ڪئي وڃي ٿي. مثلن معصوم ٻار، ٻار، جوان، پوڙها. پهرين درجي وار، ٻئي درجي وار، ٽئين درجي وار، وغيره ته جيئن انهن جي پرک کي آساني سان نتيجي لاءِ گڏ ڪيو وڃي.

3- وقفي پيمانو                 Interval scale

هن پيماني ۾ انگن اکرن حاصل ڪرڻ لاءِ هر درجي لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو آهي يعني هر درجي لاءِ عمر يا وقت مقرر هوندو آهي. جيئن 1 کان 5 سالن جي عمر وار، 6 کان 20 سالن جي عمر وار، 21 کان 50 سالن جي عمر وار وغيره.

4- نسبتي پيمانو                  Ratio scale

هن پيماني کي تڏهن استعمال ڪيو وڃي ٿو جڏهن ڪنهن شيءَ جي پيمائش ٻڙي کان ڪئي وڃي ٿي جيئن گرام، انچ، ليٽر وغيره.

انگن اکرن جي مدد سان نتيجو ڪڍڻ جي ضرورت

Necessity of Statistical Data

انگن اکرن جي مدد سان نتيجو ڪڍڻ هيٺين ڳالهين جي ڪري ضرور هوندو آهي:

(1)  حقيقتن کي انگن اکرن ۾ ورهائڻ، ترتيب ڏيڻ، مختص ڪري نتيجو ڪڍڻ آسان ٿئي ٿو.

(2) انگن اکرن کي آساني سان پڙهي، سمجھي ۽ سمجھائي سگھجي ٿو.

(3) انگن اکرن جي مدد سان جنسن مان هٿ ڪيل مواد مختصر ڪري، ڀيٽي انهيءَ جو قدر ۽ نتيجو آساني سان ڪڍي سگھجي ٿو.

انگن اکرن ۾ مواد مختصر ٿئي ٿو، ڀيٽ آسان ٿئي ٿي، وقت جي بچت ٿئي ٿي، مواد هڪ ئي نظر ۾ اڳيان اچي ٿو ۽ تحقيق اثرائتي ٿئي ٿي.

ڇاڪاڻ ته جيڪو مواد اسين حاصل ڪريون ٿا اهو تمام گهڻو هوندو آهي تنهن ڪري انهيءَ مواد کي انگن اکرن ۾ مختصر ڪري، ڀيٽي نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. انگن اکرن مختصر ڪرڻ لاءِ فهرستون (Tables) نقشن (Graphes ) سراسري (Average) ڦير گهير (Variabilities) ۽ ڪثرت (Frequency) وغيره کي ڀيٽي تعلق ظاهر ڪري نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو، مختصر طور ائين چئجي ته تحقيق ۾ انگن اکرن واري جي مدد سان تحقيق لاءِ گڏ ڪيل مواد کي انگن اکرن ۾ آڻي، مختصر ڪري ، انهيءَ جي سراسري (Average)، قدر (value) فاصلو (Range) تعداد ۽ سيڪڙي (Percentage) کي فهرستن (Tables) نقشو (Graphes) وغيره جي مدد سان انهن جي حالتن جي ڦير گھير (Variabilities) ۽ ڪثرت (Frequencies) کي معلوم ڪيو وپي ٿو؛ جنهن ڪري نتيجو ڪڍڻ، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ آسان ٿيو پوي.

هي تحقيق جو طريقو ڪنهن هڪ شخص سان واسطو نه رکندو آهي؛ پر اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪنهن هڪ شخص بابت وري وري ڪنهن ڳالهه جو اندازو ڪرڻو هوندو يا حساب يا ڳڻپ (Score) ڪرڻي هوندي ته پوءِ ڪم ايندو آهي.

اڳڪٿي يا تخمينو لڳائڻ لاءِ انگن اکرن جي ضرورت

Necessity of Statistical Inference

انکن اکرن جي علم جي استعمال مان ٻيو مکي مقصد آهي گڏ ڪيل مواد جي مدد سان نتيجي بابت تخمينو لڳائڻ (Infernce). اهڙي نتيجي لاءِ به مواد نقش فهرستن، خاڪن جي مدد سان گڏ ڪيو ويندو آهي. هن قسم جي تحقيق ۾ جيترو مواد گهڻو هوندو آهي يا جيترا گهڻا مثال هوندا آهن اوترو تحقيق صحيح ۽ نتيجو برابر ايندو آهي. اهڙي طرح مثالي عددن کي تخمينو دوران مختصر ڪرڻ ۾ به انگن اکرن (Statistics) جي ضرورت  هوندي آهي. هن قسم جي تحقيق  تجربي گاهن ۾ گڏ ڪيل معلومات جهڙوڪ ڪنهن پيمائشي معلومات، نفسيات جي ماهرن جي گڏ ڪيل ڪنهن انساني مسئلي بابت معلومات، مشاهدي ۾ آيل  معلومات  يا قدرتي  نظارن بابت گڏ ڪيل معلومات بابت هوندي آهي، جنهن جو نتيجو انهن ڳالهين بابت اڳڪٿي يا تخمينو (Inference) هوندو آهي. اهڙي نتيجي لاءِ انگن اکرن وارو تحقيق جو طريقو ضروري هوندو آهي، جنهن ڪري نتيجو صحيح ۽ ٿوري محنت سان نڪري اچي ٿو.

هن قسم جي تحقيق مان هيٺيان فائدا ٿين ٿا:

1-                 نتيجي يا مواد بابت مليل معلومات صحيح ۽ برابر هوندي آهي جنهن ڪري تحقيق ۾ پيش ايندڙ مونجھارا ختم ٿيو وڃن.

2-                هي طريقو تمام آسان ۽ ٿوري محنت وٺي ٿو ۽ تحقيق کي صحيح رخ تي آڻي ٿو.

3-                مواد مان مليل معلومات بلڪل مختصر هوندي آهي جنهن ڪري نتيجو ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

4-                هن طريقي جي مدد سان ڪوبه تخمينو آساني سان لڳائي سگھجي ٿو ۽ ڪابه پيشن گوئي ڪري سگھجي ٿي.

5-                 ڪنهن مشڪل کان مشڪل مسئلي کي حل ڪري نتيجو صحيح ڪڍي سگھجي ٿو.

6-                هن قسم جي تحقيق ۾ شخصي آزمودن کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.

7-     ڪنهن رٿا کي تيار ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڳالهه جي حقيقت کي ظاهر ڪري سگھجي ٿو.

انگن اکرن وارو تحقيق جو طريقو:

Statistical Research Method

ڪنهن مسئلي جي نتيجي جي ڳولا کي عام طور تحقيق چيو وڃي ٿو. علمي تحقيق ڪنهن به خاص مسئلي لاءِ سلسليوار مواد گڏ ڪرڻ، انهيءَ تي تجربا ڪرڻ، حقيقتن کي سمجھائڻ، انهن کي ترتيب ڏيڻ ۽ انهن مان نتيجو ڪڍڻ کي چيو وڃي ٿو. پر تحقيق دوران انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ يعني معلومات کي انگن اکرن ۾ آڻي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي ڀيٽ مان نتيجو ڪڍڻ کي انگن اکرن وارو تحقيق جو طريقو چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح تحقيق ۾ انگ اکر هڪ خاص هٿيار هوندا آهن جنهن جي مدد سان گھرج وقت ڪنهن ڳالهه جو صحيح نتيجو ۽ تخمينو لڳايو وڃي ٿو.

انگن اکرن وارو مواد

Statistical Data

انگ اکر حسابي علم جي شاخ آهي جنهن جو ڪم آهي ڳڻپ. ڳڻپ وري ٻن قسمن جي هوندي آهي: هڪ سڄن انگن جي  ڳڻپ ۽ ٻي ڏهائي واري انگن جي ڳڻپ انگن اکرن واري علم ۾ ٻنهي قسمن جي ڳڻپ ڪم اچي ٿي؛ ۽ ڳڻپ جي مدد سان ڪنهن حقيقت، حالت ۽ ڳالھ جي قدر ۽ مقدار وغيره جي ڪٿ ڪئي وڃي ٿي.

انگن اکرن واري علم ۾ حقيقتون (Facts) انگن يا عددن جي صورت ۾ورتيون وڃن ٿيون. جن جي مدد سان نتيجو (Conclusion) ڪڍيو وڃي ٿو جنهن کي اڳڪٿي يا تخمينو چيو وڃي ٿو.

انگن اکرن وارو مواد (Data) هيٺين عنوانن سان ورتو وڃي ٿو:-

ماپ، تور، ڳڻپ جيڪا ڪنهن جي پرک، قيمت، قدر، پيداوار، پگھار، داخلا، مردم شماري وغيره بابت گڏ ڪيل هجي يا گڏ ڪئي وڃي. اهڙي طرح ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ جيڪا عددن ۽ انگن ۾ ماپ، تور ۽ ڳڻپ ڪئي وڃي تنهن کي انگن اکرن وارو مواد (Statistical Data) چيو وڃي ٿو. انگن اکرن وارو مواد (Statistical Data) ڪنهن خاص ڳالهه کي محفوظ رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جيئن ڄم ۽ موت جي داخلا، گذريل وقت جي مردم شماري جا انگ اکر، جڪڏهن اها داخلا انگن يا عددن ۾ هوندي ته پوءِ انهن کي انگن اکرن وارو مواد (Statustical Data) چيو ويندو.

انگن اکرن وارو مواد جيڪو ڳڻپ جي مدد سان حاصل ڪيو ويو هجي يا جنهن ۾ ڪنهن خاص ڳالھ جي ڪثرت (Frequency) ۽ ڪمي ڏيکاريل هجي؛ سو ٻن قسمن جو آهي:

(1)        ڪنهن ڳالھ يا شيءَ جو ڏهائي وارو قدر (Matric Values).

(2)       ڪنهن ڳالھ يا شيءَ جو ماپ وارو قدر (Scale valves).

هڪ قسم کي ڳڻپ وارو مواد (Enumeration Data) ۽ ٻئي قسم کي ڏهائي وارو مواد (Metric Data) چيو وڃي ٿو:

ٻيو اهو مواد وري ٻن طريقن سان ورتو وڃي ٿو: پهريون اهو مواد (Data) جيڪو تحقيق ڪندڙن جي ذهن ۾ مسئلي جي حل کان اڳي هوندو آهي. (Data)جيڪو هڪ کان وڌيڪ حقيقتن کي رڪارڊ سببان لکيل صورت ۾ آندو وڃي ٿو؛ جيڪو ڪنهن خاص گروهه بابت استعمال ٿيل هجي يا مان ورتل هجي ۽ انهيءَ جو ڪو خاص مقصد هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org