سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحقيق جو فن

باب: --

صفحو : 3

تاريخي تحقيق Historical Research

تاريخي تحقيق ۾ خاص طور هميشہ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ڇا ٿيو هو؛ ۽ انهي ۾ اهم ڳالهه جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح هر صحيح ڳالهه کي ڦاهر ڪري محفوظ ڪيو وڃي ٿو. تاريخي تحقيق انهي لاءِ به ڪئي ويندي آهي ته ماضي جي ڳالهين کي مقصد جي لحاظ کان ترتيب وار رکيو وڃي ته جيئن ماضي حال کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي. تاريخي تحقيق ۾ نشانيون، تبدليون، واڌارا، شخصي ترقي، حالتون، تحريڪون، جماعتون، حقيقتون وغيره تحقيق جو مواد هونديون آهن، جن جي تجزئي ڪرڻ سان نتيجو ڪڍيو ويندو آهي.

بياني تحقيق        Descriptive Research

بنيا تحقيق جو مقصد هوندو آهي، ڇا آهي؟ انهي ۾ ڪنهن جون ڪارگذاريون، تجربا ۽ سمجهاڻيون، موجوده حالتون، بناوت ۽ ماحول جو قدرتي نماءُ جو طريقو، بيان ٿيل هوندو آهي. هن تحقيق ۾ تحقيق ڪندڙ جي نظر ڪن حالتن کي روڪڻ يا ترقي ڏيڻ تي به هوندي آهي ته ڪيئن ڪو شخص، جماعت يا ڪا شيءِ موجوده وقت ۾ ڪم ڪري ٿي.

تجرباتي تحقيق       Experimental Research

تجرباتي تحقيق اهو ٻڌائيندي آهي ته آئينده ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪن ڳالهين ۽ خبرن کي روڪيو وڃي ته نتيجو ڇا نڪرندو ۽ جيڪڏهن انهن کي ڇڏيو وڃي ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ هن تحقيق ۾ هر ڳالهه جا سبب ۽ اثر ظاهر ڪيا ويندا آهن جن جو تعلق نتيجي سان واسطو رکندو آهي.

تحقيق کي عملي دائري جي لحاظ کان وري هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

علمي تحقيق       Academies Research

هي تحقيق جو اهو قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن سٺي لئبرري ۾ ويهي تحقيق ڪجي؛ انهيءَ جو واسطو لئبرري ۽ ڪتابن سان هجي. هن تحقيق ۾ نشانيون، حقيقتون ۽ قدرون جيڪي ماضي ۾ انسان جي علمي زندگي ۾ ٿي گذريون آهن، تن کي ڳولڻ هوندو آهي. هن تحقيق ۾ ڪنهن هڪ خاص مسئلي تي به تحقيق ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪيترن مسئلن کي ملائي به تحقيق ڪئي وڃي.

سائنسي تحقيق   Scientific Research

هي تحقيق ليبارٽري ۾ ڪئي ويندي آهي. هي تحقيق ڪيميا، رياصي، دوائن، زميني حالتن، معدنياتي ۽ انساني جسم وغيره تي ڪئي ويندي آهي.

سماجي تحقيق Social Research

هن تحقيق ۾ انسان جي پنهنجي سماجي ماحول ۽ حالتن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي؛ جنهن ۾ ٻين جي سماجي حالتن کي سمجهڻ بابت تمام گهڻي معلومات ملندي آهي، جنهن ۾ جدا جدا تحريڪن، امدادي ادارن وغيره کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

هنري/ٽيڪنڪي تحقيق

Technological Research

ٽيڪنڪي تحقيق اها تحقيق آهي، جيڪا ڪنهن مشينري يا ڪارخاني ۾ ڪئي وڇي ٿي؛ يا اڄ ڪلهه جي اقصادي مسئلن جي تحقيق کي به ٽيڪنڪي تحقيق چيو وڃي ٿو.

تحقيقي اصولن جو استعمال

ڪنهن به مسئلي تي تحقيق ڪرڻ وقت واسطو رکندڙ خاص اصول ڪم آندا ويندا آهن، جيئن جيڪڏهن دوائن بابت تحقيق ڪرڻي هوندي آهي ته خاص طبي اصولن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تعليمي مسئلي تي تحقيق ڪرڻي هوندي آهي! ته خاص تعليمي تحقيق جي اصولن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي. بهرحال هر تحقيق لاءِ واسطو رکندڙ خاص اصول ڪم آندا ويندا آهن. موجوده ترقي پسند دور ۾ هر ڪنهن تحقيق جي ميدان ۾ ڪيترائي اصول ڳولي ڪڍيا ويا آهن؛ تنهن ڪري تحقيق جي ڪنهن به مسئلي کي هر گهربل تحقيق اصول تي پرکيو وڃي ٿو.

ڪنهن مسئلي جي تحقيق وقت اهو ڏٺو ويندو آهي ته مسئلو ڪهڙين ڳالهين سان واسطو رکي ٿو. ڇو ته سٺي تحقيق اها هوندي آهي جيڪا هر واسطو رکندڙ اصول تي پرکي وڃي يا ثابت ڪئي وڃي. ڪنهن به تحقيق مسئلي کي ڪنهن تحقيق جي هڪ اصول تي نه پرکيو ويندو آهي؛ پر اهو مسئلي جي پس منظر تي مدار رکندو آهي ته هو ڪهڙين ڳالهين سان واسطو رکي ٿو، يا ڪهڙيون ڳالهيون مسئلي جي حل لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن ٿيون، يا ڪهڙين ڳالهين جي مدد سان مسئلو آساني سان حل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته تحقيق ۾ وقت ۽ پئسي کي وڏي اهميت هوندي آهي. تنهن ڪري سٺي تحقيق انهيءَ کي چيو ويندو جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ۾ وڌ تحقيق جا اصول ڪم آندا وڃن.“ (9)

Good Research is very likely to involve some several methods.

هر ڪنهن تحقيق جو ڪو مقصد هوندو آهي، جنهن تي تحقيق ڪئي وڇي ٿي ۽ انهي بابت تمام صحيح معلومات حاصل ڪئي وڃي ٿي.تنهن ڪري تحقيق دوران جنهن به ڳالهه کي پرکڻو هجي، انهي لاءِ اُهي ئي اصول ڪم آڻجن جن تي صحيه نتيجو ظاهر ڪري سگهجي؛ پر ڪن خاص اصولن تي نه پرکيو وڃي، جيڪي حالتن جي ڪري ٺيڪ نه هجن؛ جي ائين ڪيو ويو ته پوءِ نتيجو صحيح نه نڪري سگهندو. ڇو ته، ”تحقيق وڌيڪ صحيح معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل هوندي آهي جيڪا ڪنهن مسئلي جي ڪري پئدا ٿيندي آهي ۽ تحقيق ڪندڙ مسئلي کي حل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪندو آهي“ (10) تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن مسئلي کي حل ڪندي ان کي گهڻن اصولن تي پر کيس وڃي ۽ وڌيڪ وقت لڳي ته اهو تحقيق ڪندڙ کي برداشت ڪرڻ کپي. ائين ڪرڻ سان تحقيق ۾ ڪو شڪ يا گهٽتائي رهجي نه ويندي.

جديد ور ۾ تحقيق تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ ڪيترا طريقا تحقيق ڪرڻ جا ڳولي ڪڍيا ويا آهن. ابتدائي دور ۾ تحقيق گهڻو ڪري منطقي دليلن تي مدار رکندي هئي، پر جيئن وقت گذندو ويو، تئين نوان نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا ۽ اهڙي طرح تحقيق جي اصولن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. موجوده دور ۾ ڪنهن به تحقيقي مسئلي لاءِ نه رڳو منطقي دليل ضروري هوندا آهن، پر سائنسي اصولن تي به نتيجا ڪڍيا ويندا آهن. اهڙي طرح موجوده تحقيقي ۾ جيتري منطقي ۽ فلاسافي دليلن جي هئڻ جي ضرورت هوندي آهي، اوتري سائنسي اصولن جي ضرورت هوندي آهي.

حوالا

(1) J. Francis “Rummel An” Introduction to Research Procedures in Education” Harper and brother, Newyark: 195.8             P. 1

(2) Ibid                                                           P-2

(3) Ibid                                                   P-3

(4) John W. Best “Reserch in Education” Prentice Hall inc: USA 1959                                            P.7

(5) J. Francis Rummel                                         P. 3

(6) J. William Asher, “Educational Research and Evaluation” Bostion little Brown and Company 1976                 P. 4

(7) J. Francis Rummel                                         P-6

(8) John W. Best                                        P. 6

(9) J. Francis Rummel                                         P. 6

(10) Ibid                                                  P- 7

باب ٻيون

مسلمانن جو فن تحقيق ۾ حصو

هر ڪنهن تحقيق جي اصولن لاءِ جيئن مغربي تحقيق جي سڀني اصولن جي ڄاڻ ضروري سمجهندا آهيون، تيئن اسين انهن کي علمي تحقيق جي اصولن جا ايجاد ڪندڙ به مڃون ٿا. جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪجي، ته معلوم ٿيندو ته جيئن ٻين تحقيقن جي ابتدا مسلمانن ڪئي آهي، تئين علمي تحقيق جي اصولن جي ايجاد ڪرڻ ۾ به مسلمانن ئي اڳواڻي ڪئي آهي؛ جن تي ”معربي علمي تحقيق ڪندڙن 16 صديءَ کان پوءِ عمل ڪيو آهي“ (1). مسلمانن نه رڳو تحقيق اصول مقرر ڪيا، پر انهن جي مدد سان علمي تحقيقون به ڪيون.

عام طرح ائين چيو وڃي ٿو ته عرب ۾ لکڻ جو رواج نه هو، انهي ڪري مسلمانن وٽ تدوين ۽ تاليف جو آغاز ٻيءَ صدي ۾ ٿيو ۽ انهي کان اڳي جيڪي تاريخي واقعا، روايتون ۽ سيرت يا ڪجهه ڳالهيون زباني ياد هيون، انهن کي پوءِ لکيل صورت ۾ آندو ويو. ليڪن اهو صحيح نه آهي، جنهن بابت مولانا شبلي لکي ٿو ته ”عرب ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج گهٽ ئي هجي، مدت کان هلندو اچي ٿو. تمام قديم زماني کان حميري ۽ نابتي خط هو، (جنهن جا ڪتاب نهايت ڪثرت سان يورپ ۾ پڙهيا وڃن ٿا) ۽ اسلام کان ڪجهه پهريائين اهو خط ايجاد ٿيو هو، جيڪو عربي خط چيو ويندو هو؛ جنهن ڪيتريون صورتون بدلائي اڄ هيءَ صورت اختيار ڪئي آهي“ (2). انهيءَ جي پٺڀرائي نياز فتحپوري وري هن طرح ڪئي آهي ته ”جيڪي پيغام رسول ڪريم ﷺ تائين پهچندا هئا، اهي پنهنجي اصحابن کي يا حفظ ڪرائي ڇڏيندا هئا يا لکائي ڇڏيندا هئا (هن مقصد لاءِ ڪجهه جليل القدر اصحابي رضه مقرر هئا. جن کي ڪاتبان وحي چيو وڃي ٿو. حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه، حضرت علي رضه، حضرت امير معاويه رضه، حضرت زيد بن ثابت رضه، ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رضه تمام مشهور آهن). انهن ڏينهن ۾ ڪاغذ ڪونه هو، انهي ڪري ماڻهو کجين جي شاخن، سفيد پٿرن ۽ چمڙي جي ٽڪرن تي لکندا هئا“ (3). انهي کان سواءِ ”خود عهد نبوي ۾ قرآن، سنت ۽ سيرت جي سکڻ ۽ سيکارن لاءِ هڪ باضابطه تعليم گاه ’صفه‘ جي نالي سان قائم هئي، جتي شاگردن جو تعداد هڪ هڪ وقت ۾ 80 (اسي) 80 (اسي) تائين هوندو هو. انهي تعليمي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ جو ڪم اصحابه رضه ڪندا هئا.“ (4)

حضور جن کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضه ٻن سالن ۾ قرآن مجيد مرتب ڪرايو؛ ۽ حضرت عثمان رضه، جڏهن ڏٺو ته لغت جي اختلاف جي ڪري لفظن ۾ اختلاف پيدا ٿئي ٿو ته پاڻ سڀني مسلمانن کي هڪ ئي قرآت تي گڏ ڪرڻ لاءِ، لغت قريش ۾ قرآن کي لکي تمام امت کي هڪ مصحف تي جمع ڪري ڇڏيو؛ ۽ اهوئي مصحف آهي جو اڄ به اسان جي سامهون موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت عثمان رضه کي جامع القان چيو ويندو آهي. حضرت عمر احڪام جاري ڪري هر ڪنهن حديث کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ اٺين صدي عيسوي ۾ اسلام سام، عراق، فلسطين، مصر، ايران، افريقا، اسپين، ۽ انڊونيشا ۽ چين تائين پهچي ويو. انهي مان ثابت آهي ته اسلام جي اچڻ کان اڳي عربن وٽ لکڻ لاءِ ڪانه ڪا صورتخطي هئي ۽ وٽن لکڻ جو رواج شروع کان هوندو هو. پر ”ابتدا ۾ صرف خانداني معرڪا (نسب ناما) ۽ لڙاين جا واقعا محفوظ رکندا هئا“ (5).

خلفاءِ راشدين ۽ اڪابر اصحابن زياده تر آنحضرت (ﷺ) جي انهن قولن ۽ فعلن تي وجہ ڏنو، جن کي شريعت سان تعلق هو. بني اميہ جي دور م عالمن کان حڪم ڏئي تصنيفون لکايون ويون ته جيئن جدا جدا پکڙيل حديثون يڪجاءِ ڪيون وڃن. امير معاويه، رضه عبيد بن شريه کان قدماءُ جي تاريخ مرتب ڪرائي. حضرت عمر رضه بن عبدالعزيز مغازي جي فن ڏي توجهه ڏنو ۽ امام زهري حديث تي هڪ مستقل ڪتاب لکيو، جيڪا هن فن تي پهرئين تصينف هئي.

مسلمان عالمن کي حديث کي گڏ ڪرڻ ۾ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي. اهي هر ڪنهن حديث ۽ روايت حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ انصار جي گهر ويا. جوان، پوڙهو، عورت، مرد جيڪو به ملين ، ايتري قدر جو پردي نشين عورت وٽ وڃي، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جا قول ۽ حالتون پڇندا ۽ قلم بند ڪندا رهيا. ”اهڙي طرح تحقيق يعني روايت جي ابتدا خود صحابه رضه جي عهد ۾ ٿي چڪي هئي“(2). انهي عرصي ۾ فن مغازي ۽ سيرت جي فن تي ڪيترائي عالم عبور حاصل ڪري چڪا هئا. امام زهري رضه کان پوءِ يعقوب بن ابراهيم، محمد بن صالح تمار، عبدالرحمان بن عبدالعزيز فن مغازي ۾ شهرت حاصل ڪئي ۽ هن جا آخرين مشهور عالم موسيٰ بن عقيه ۽ محمد بن اسحاق سمجھيا وڃن ٿا. (او الذڪر (141ھ) نبي اڪرم صلعم جي غزاوت جي تاريخ مرتن ڪئي ۽ ثاني الذڪر (151ھ) نبي اڪرم صلعم جي سيرت پاڪ مرتب ڪئي جا سيرت ابن اسحاق جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي.)

سيرت نبوي جا واقعا جڏهن گڏ ڪيا ويا، تڏهن اڪثر روايتون زباني هيون. زباني روايتون گڏ ڪرڻ جو جڏهن به ٻين قومن کي موقعو مليو آهي، ته انهن هر قسم جي بازاري افواهن کي قلمبند ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهن جي راوين جو هنن کي ڪوبه پتو نه هو. هنن جن به واقعن کي قرين قياس سمجھيو، تن کي تاريخ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ اهي واقعا هڪ دلچسپ تاريخ بنجي ويا. اهو مغرب جي تاريخ دانن جو تاريخ لکڻ جو اصول هو. ليڪن مسلمان سيرت جي فن کي معياري بنائڻ لاءِ، انهي کي تمام بلند مقام تي پهچايو ؛ ۽ تاريخيواقعن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پهريون اصول هي ٺاهيو ته جيڪو واقعو بيان ڪيو وڃي اهو انهيءَ واقعي ۾ شريڪ هجي، ۽ جيڪڏهن راوي خود واقعي ۾ شريڪ نه هجي ته واقعي ۾ شريڪ ٿيندڙن تائين راوين جا نالا سلسليوار با ترتيبن بيان ڪيا وڃن. انهي سان گڏ هيءَ به تحقيق ڪئي وڃي ته جيڪي شخص روايتن جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، سي ڪير هئا؟  ڪيئن هئا؟ انهن جو ڪم ڇا هو؟ چال چلت ڪهڙي هين؟ حافظو ڪهڙو هون؟ سمجھ ڪهڙي هئڻ؟ سچا هئا يا ڪوڙا، عالم هئا يا جاهل؟ وغيره. انهن سڀني ڳالهين جي خبر وٺڻ نه رڳو سخت مشڪل هئي بلڪ ناممڪن هئي، انهيءَ ڪم کي ممڪن ڪرن وارين ڪوششن ۾ ته جيئن راوين جي شخصيت جي مڪمل معلومات قلمبند ڪئي وڃي، سون نه پر هزارن محديثن پنهنجي ان ٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجو زندگيون هن ڪم لاءِ صرف ڪيون. اهي هر هڪ شهر ۾ ويا ۽ هر هڪ راوي جي زندگي جي هر قسم جي حالتن جي معلومات حاصل ڪئي؛  ۽ جيڪي ماڻهون انهن جي زماني ۾ موجود نه هئا، انهن جي ڏسندڙن کان معلومات حاصل ڪئي، اهڙي طرح انهي تحقيقات جي ذريعي سان اسماءِ الرجال جو عظيم الشان فن تيار ٿيو. انهيءَ فن جي مدد سان اڄ به لکين جي زندگين جون صحيح حالتون معلوم ٿي سگھن ٿيون.

رواين جي حالتن جي معلومات حاصل ڪندي ڪنهن به شخص جي مرتبي ۽ حيثيت جي پرواهه نه ڪئي ويئي، ۽ بادشاهن کان وٺي وڏن پڏن شخصن جي اخلاقي رازن کي ڳوليو ويو. سڀ کان پهريائين ” هن فن يعني راوين جي جرح ۽ تعليل ۾ يحيٰ بن سعيد القطان هڪ ڪتاب لکيو. انهي کانپوءِ هن فن جو رواج پيو ۽ هن فن تي ڪامل ابن عدي سڀ اکن مشهور ڪتان آهي“ (7).

مسلمانن جي فن سيرت نگاري جي اعليٰ فني خوبين کي ڏسندي جڳ مشهور عربي دان جرمن ڊاڪٽر اسپرنگ لکي ٿو ته ”نه دنيا ۾ڪا اهڙي قوم گذري آهي، اڄ موجود آهي؛ جنهن مسلمانن وانگر اسماعالرجال، جهڙو عظيم فن ايجاد ڪيو هجي“ (8). اهڙي طرح عروه بن زبير کان وٺي حضرت ابوبڪر احمد بن ابن حثيمته البغدادي سيرت جي جليل القدر عالم تائين (94ھ کان 299ھ تائين) ڪيترائي سيرت جي فن تي لکندڙ عالم ٿي گذريا آهن، جن فن تي اعليٰ تصنيفون لکيو آهن، اهڙي طرح هن فن جي مدد سان راوي جي سيرت کي لکيل صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو ته جيئن حديث جي تحقيق ۾ ڪابه گهٽتائي نه رهي.

حديث جي لفظي معنيٰ خبر ، ڳالهه، يا گفتگو آهي، اصطلاحي معنيٰ اٿس اها خبر جنهن ۾ فعل، تقرير يا صنف بيان ڪيل هجي. اهڙي طرح جنهن ۾ فعل بيان ٿيل هوندو آهي، تنهن کي حديث قولي (Qaul) ۽ جنهن ۾ فعل بيان ٿيل هوندو آيه، تنهن کي فعلي (Fi,l) ۽ جنهن ۾ تقرير جو ذڪر هوندو آهي، انهي کي حديث تقريري (Tiger) چيو ويندو آهي،”حديث لاءِ خبر جو لفظ نه ڪم اچي ٿو، ليڪن خبر وسيع تر لفظ آهي ۽ حديث کان سواءِ تاريخ لاءِ به ڪم اچي ٿو“(9).

مولانا سيد مناظر حسن گيلاني”تدوين هديث“ ۾ تاريخ ۽ هديث جو فرق هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

”اسان وٽ هن وقت تاريخ جو جيڪو عام ذخيرو آهي عموماً انهي جو تعلق ڪنهن قوم جي حڪومت، ڪنهن عظيم الشان جنگ، الغرض ته انهي قسم جي منتشر ۽ گوناگون چيزن سان آهي جن جو ، احاطه (Surrounding) آسان نه آهي. برخلاف انهيءَ جي حديث انهي تاريخ جو نالو آهي، جنهن جو تعلق براه راست هڪ خاص شخصي وجود يعني سرور ڪائنات ﷺ جي ذات اقاس سان آهي، هن ۾ هڪ قوم، هڪ ملڪ، هڪ حڪومت، هڪ جنگ جي تمام اطرافن ۽ طرن کي صحيح طور تي سميٽي بيان ڪرڻ هڪ طرف آهي، ته بئي طرف ملڪ نه، ملڪ جي ڪا خاص قوم نه، ڪنهن قوم جو ڪو قبيلونه، ڪنهن قبيلي جو ڪو رهندڙ نه، بلڪ صرف هڪواحد بسيط شخص جي زندگي جا وقاعا بيان ڪرڻ آهي. انهي جو خود اندازو ڪجي ته انهي جي حد ۽ تدوين جي اعتبار کان ٻنهي جي ڏکاين ۽ سولاين ۾ نسبت آهي؟ پهرئين صورت ۾ ڪوتاهين، غلط فهميز، غلطين جو جيترو قوي انديشو آهي، يقينن انهي نسبت سان ٻيءَ صورت ۾ صحت ۽ واقعيت جي ايتري قدر عقلا توقع ڪري سگهجي ٿي؟“

”ٻيو امتياز جو پهرئين کان تمام وڌيڪ آهي، سو آهي محمد ﷺ ۽ سندس مورخن يعني صحابه ڪرام جو باهمي تعلق. بلاشبه هن وقت اسان جي اڳيان مختلف قومن ۽ ملڪن، سلاطين ۽ حڪومتن جون تاريخون آهن. ليڪن جن مورخن جي رستي اهي تاريخون اسان تائين پهتيون آهن، ڇا انهن مان ڪنهن تاريخ جو پنهنجي مورخ يا مورخن سان اهوئي تعلق هو جو حضور ﷺ کي اصحابه ڪرام سان هو. سڀ کان پهرين ته اهو مشڪل آهي ته اڄ ڪنهن اهڙي تاريخ جو ڪو حصو هجي، جنهن جو مورخ خود انهي واقعي جو عيني شاهد هجي“ (10).

مسلمانن حديث جي صحيح تحقيق لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي تنهنجو پتو حديث جي گڏ ڪرڻ ۽ روايت ۽ درايت جي اصولن مان پوي ٿو، ته انهن عالمن ڪيتري نه جانفشاني سان حديث سان گڏ ڪرڻ ۾ جدوجهد ڪئي. ”رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ مڪمل طرح سان حديث گڏ نه ڪئي ويئي هئي“ (11). پر سندن وفات کان پوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته وقت گذرڻ سان متان حديث ۾ ڪي غلط ڳالهيون شامل ته ٿي وڃن؛ تنهن ڪري حديث جي گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ”ٻيءَ ۽ ٽينءَ صدي ۾ ڪيترائي اهڙا سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ٿي چڪا، جن حديث تي تحقيق جو ڪم ڪيو (12). جن انهيءَ تحقيق سان اسلامي تاريخ جي تدوين جو بنياد پيو ۽ حديث جي روايتن جي تنقيدي پرک مسلمان عالمن جي لاءِ تحقيق جو سبب بنيئ مسلمان عالمن حديث جي تحقيق لاءِ جيڪي روايت ۽ درابت جا اصول تيار ڪيا آهن، انهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. انهن اصولن مان ڪيترا روايت جا اصول رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ مقرر ٿي چڪا هئا. ڪجهه اصول قرآن شريف ۾ به ٻڌايا ويا آهن. جيئن قرآن مجيد ۾ آهي ته:

”مسلمانو! اگر توهان وٽ ڪوبه فاسق خبر کڻي اچي ته توهين چڱي طرح انهي جي تحقيق ڪري وٺو“ (13)

”ماڻهو جي ڪوڙي هجڻ جو هيءَ دليل ڪافي آهي ته جيڪي ڪجهه ٻڌي، روايت ڪري ڇڏي“ (13)

حديث جي تحقيق لاءِ عالمن وٽ ٻه ڳالهيون هونديون هيون: هڪ سند (Sanad) ٻيو متن (Matan). سند معنيٰ حوالو، تائيد يا سهارو؛ ۽ ٻيو متن معنيٰ مواد يا اهي لفظ جيڪي مطلب يان ڪن. سند روايت ڪرڻ وارن جي نالن جي سلسلي کي چيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته حديث جوي روبرو ٻڌڻ واري کان روايت ڪندڙ تائين راوين جي نالن جو سلسلو بيان ڪرڻ. انهي کي روايت چيو وڃي ٿو. متن يعني اهي لفظ جيڪي حديث جي بيان ۾ چيا ويا آهن انهي کي درايت چيو وڃي ٿو. روايت حديث بيان ڪرڻ سان واسطو رکي ٿي ۽ هن جو مقصد آهي ته جيڪي بيان ڪيو وڃي، انهي جي تصديق ٿئي. هر ڪنهن حديث جي سچائي کي راوي جي ڪردار، دروغ گوئي، ڪمزور حافظي وغيره جي مدد سان پرکيو ويندو هو، ۽ اهائي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته روايت رسول ڪريم جن کان جدا جدا مرحلن کان بيان ڪئي وڃي. روايت جي احتياط جو هي حال هو جو عالم ماڻهو ته ٺهيو پر خليفن ۽ سلاطين جون حالتون ايستائين بيان نه ڪندا هئا، جيستائين هنن وٽ آخرين راوي کان اکين ڏٺل شاهد تائين، روايت جو سلسلو موجود نه هجي؛ يعني جيڪو واقعو ورتو وڃي، اهو انهي شخص جي زباني هجي جو خود واقعي جو شريڪ رهيو هجي؛ ۽ جيڪڏهن هو خود شريڪ نه رهيو هجي، ته انهي واقعي تائين سڀني وچ وارن راوين جا نالا ترتيب وار بيان ڪيا وڃن ۽ اها به تحقيق ڪئي وڃي ته اهي ماڻهو ڪير هئا، ڪيئن هئا؟ انهن جون مشغوليون ڇا هيون؟ انهن جو ڪردار ڪهڙو هو؟ انهن جي سمجهه ڪهڙي هئي؟ نڪته رس هئا، عالم هئا يا جاهل هئا وغيره. سڀني رواين جي هر ڳالهه جو پتو لڳائڻ بيحد دشوار ۽ مشڪل هو ليڪن مسلمان عالمن ۽ محدثين پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوشش سان هر ڳالهه جو پتو لڳايو ۽ هر ڪنهن راوي جي زندگي جي حالتن جي معلومات حاصل ڪئي. ”انهي تحقيق مان اسماءِ الرجال جو هڪ بي مثل فن ايجاد ڪيو ويو. جنهن جي بدولت اٽڪل پنج لک شخصيتن جي صحيح حالتن جو پتو لڳايو ويو. جيڪڏهن ڪنهن راوي تي ڪذب، تهمت، بدعت، غفلت، مخالفت يا حافظي جي ڪمزوري جو الزام هو، ته محدثين بنا ڪنهن تڪليف جي مجروح ۽ انهي روايت کي مردود قرار ڏنو آهي“ (14). بهرحال حديث جي تحقيق ۾ سند ۽ متن ٻنهي جي پرک کي وڏي اهميت حاصل آهي.

يورپ جا تحقيق ڪندڙ اڪثر واقعن جا سبب عليل هجڻ تي بحث نه ڪندا آهن، نه وري انهن جي تلاش ۽ تحقيق جي طرف متوجهه هوندا آهن. اگرچه انهي ۾ شڪ نه آهي ته انهي باب ۾ يورپ جو طريقو نهايت غير معتدل آهي. انهي نهايت دور دراز قياس ۽ احتمال سان معلومات جو سلسلو پيدا ڪندا آهن. انهي ۾ هنن جي تمام گهڻي خود غرضي ۽ خاص مطمع نظر کي دخل هوندو آهي، ۽ پنهنجي محور کي هڪ محور بنايو وٺن؛ ۽ سڀ واقعا انهي جي چوگرد گردش ڪندا آهن. برخلاف انهي جي اسلامي مورخ نهايت سچائي، انصاف ۽ خاص بي طرفداري سان واقعن کي ڳوليندا هئا. هنن کي انهي سان ڪوبه غرض نه هوندو هو ته انهن واقعن جو اثر هنن جي مذهب تي، معتقدن تي ۽ تاريخ تي ڪهڙو پوندو. هنن جو مرڪزي مقصد صرف واقعيات هوندو هو، انهي لاءِ هو پنهنجي معتقدن ۽ قوميت کي به قربان ڪري ڇڏيندا هئا. سچ ۽ حقيقت کي ڳولڻ لاءِ انصاف جي گهرج اهائي هوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org