باب
اٺون
تاريخي تحقيق
Historical Research
انساني
تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جيڻ شروعاتي تاريخ معلوم ڪرڻ
۾ تحقيق اهم ڪم سرانجام ڏنو آهي. هن وقت اسين جيڪي
به ترقيون ڏسون ٿا يا جن ترقين انسان کي راحتون،
آرام ۽ مسرتون ڏنيون آهن، تن جو تصور تحقيق
کانسواءِ بي معنيٰ آهي. انسان ابتدا کان وٺي
تحقيق جو ڪم جاري رکيو آهي ۽ پنهنجي چوءطرف جي
دنيا کي سڃاڻڻ جو شائق پي رهيو آهي .سندس ابتدائي
زندگي جون ڪوششون ثابت ڪن ٿيون ته هن دنيا ۾ ٿيندڙ
هر عمل جي تشريح ڪئي آهي ۽ اتفاقن آزمائشن ۽ اصلاح
جو علم حاصل ڪندو رهيو آهي، جنهنجو ثبوت ابتدائي
مذهبي خيال آهن؛ جيئن سج، چنڊ، هوا ۽ ٻين شين کي
خدا ڪري مڃڻ ۽ اڳتي هلي اهو ثابت ڪرڻ ته اهي قدرتي
طاقتون خدا نه آهن. اهڙي طرح انسان دنيا جي نظام ۾
ڪا ترتيب محسوس ڪئي ۽ اهو محسوس ڪيو ته ڪنهن سبب
جو نتيجو انهن جو اثر آهي ۽ سبب ڪونه ڪو اثر ظاهر
ڪري ٿو يا ڪن حالتن جي ڪري ڪنهن واقعي جونتيجو
ڪنهن حد تائين ڪڍي سگهجي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ
اهي سمجهاڻيون رد ڪيون ويون، ڇو ته انهن اصولن
ڪري، هڪ ته طاقتور ماڻهن جي اصولن جي خلاف نتيجا
نڪتا ٿي ۽ ٻيو اهي تجرباتي شهادتون، شخصي آزمودا ۽
اعتقاد اهڙن ماڻهن لاءِ للڪار هئا،جن کي وڏا حق
حاصل هئا. انهيءَ اختلاف پئدا ٿيڻ ڪري ڪيترن ذهين
ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويون. ٽيون ته موجوده جديد
تحقيق جي لحاظ کان اهي خارجي اصولن ۽ اڻپورن
شهادتن تي ثابت ٿيل تجربا بي ترتيب هئا، ڇو ته
تحقيق ڪندڙ نه اهڙا علم ۾ برک هئا، نه اهڙا آزمودي
گار هئا. انهيءَ کان سواءِ اهڙين شهادتن ۽ تجربن
کي ڇڏيو ويو هو، جيڪي منجهيل ۽ مشڪل هئا. مٿين
خامين کان سواءِ، وڏي خامي تحقيق ڪندڙ جا جذبا ۽
ڪٽرپڻو هو جيڪو هن جي پرک ۾ شامل هو.
مصرين ۽ يونانين جي تهذيبي ترقين سان گڏوگڏ تحقيق
جي اصولن ۽ طريقي ڪار ۾ به واڌاريو ايندو رهيو ۽
مسلمانن جي روشن علمي جي ڪري تحقيقي ڪارناما ظاهر
ٿيا ۽ علم حديث جي بيمثال تدوين جي ڪري دنيا ۾ علم
۽ فن کي روايت ۽ درايت جهڙا اعليٰ اصول مليا. ساڳي
طرح مسلمانن علم طب ۽ ڪيميا جي ميدان ۾ به تجربا
ڪيا ۽ جديد سائنسي تحقيق جو آغازڪيو.
دنيا ۾ عموماً تاريخي تحقيق جي لحاظ کان ٻن قسمن
جون قومون ملن ٿيون. هڪ اهي قومون جن پنهنجي ماضي
کي نه وساريو ۽ ماضي جي مدد سان حال کي سنوارڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ماضي کي حال کان جدا ڪري تعمير
ڪرڻ ناممڪن سمجهيو ۽ گهڻو ڪري انهيءَ ڳالهه جي
ڪوشش ڪئي ته جيترو ٿي سگهي ته حال جي تعمير ۾ ماضي
جي تجربن، واقعن ۽ مشاهدن مان فائدو ورتو وڃي.
ٻيون اهي قومون آهن جيڪي پنهنجي قوم جي ماضي کي
اهميت لائق نه سمجهي يا بي سمجهي ۾ وسارينديون
رهيون آهن. اهڙين قومن وٽ موجوده جديد دور جون
تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ يا حالتن کي ڀيٽي ڏسڻ
لاءِ يا غور ڪرڻ لاءِ ماضي جي حالتن، واقعن، تجربن
۽ مشاهدن جو ڪوبه سرمايو موجود نه آهي ۽ اهڙيون
قومون موجوده جديد دور ۾ خالي هٿين رهجي ويون آهن.
انهيءَ لاءِ قومن کي اها ضرورت محسوس ٿي ته گذريل
حالتن، واقعن ۽ مشاهدن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ
رکن. قومن جي انهيءَ ماضي جي سرمائي کي گڏ ڪرڻ کي
تاريخ جو علم چيو وڃي ٿو.
ابتدا ۾ ماضي جي واقعن، حالتن ۽ تجربن جي بقا لاءِ
يا انهن حالتن کي محفوظ رکڻ جو شوق تمام گهٽ هو؛
پر ڪن قومن ته انهيءَ ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڏنو.
موجوده دور ۾ هن علم جي تحقيق ۽ بقا ناگزير ٿي پئي
آهي ۽ هر قوم انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي گهڻو
توجهه انهيءَ طرف ڏنو آهي، ته جيئن هو پنهنجي قوم
جي تاريخ، واقعن، ماضي جي حالتن ۽ تجربن کي محفوظ
ڪري، پاڻ کي سڌريل قوم ثابت ڪري ۽ جديد دور جي
ضرورتن ۽ گهرجن کي پورو ڪري عزت ڀري زندگي گذارين.
انهيءَ جدوجهد جو هي ثبوت ڪافي آهي جو جهنگن ۽
پهاڙن ۾ رهندڙ قومون به موجوده دور جي تعميري ڪمن
کي ڏسي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن ۽ تجربن کي
ڳولڻ لاءِ جستجو ۾ مصروف آهن ۽ زمين مان کوٽي ڪڍيل
هڏن، ٺڪر جي ٿانون، سڪن، اوزارن ۽ مورتين وغيره تي
تجربا ڪري ثابتيون پيش ڪري رهيا آهن ۽ انهن تي
لکيل اکرن جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ۽ اهڙي
طرح قديم سرمائي کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش کي نه رڳو
وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي پر انهيءَ کي ناگزير
سمجهيو ويو آهي.
گهڻو ڪري قديم زماني جو جيڪو به ذخيرو علمي تحقيق
لاءِ گڏ ڪيو ويندو هو، انهيءَ جو خاص طريقو هي هو
ته ان بابت هر قسم جي افواهن کي قلمبند ڪيو وڃي؛
پوءِ چاهي انهن جي روايتن جو نالو نشان به تحقيق
ڪندڙ کي معلوم نه هجي. اهڙي طرح جن افواهن کي گڏ
ڪيو ويندو هو، تن مان جن کي رد ڪرڻ چاهيندا هئا تن
کي رد ڪري، باقي کي پنهنجي تحريرن جو محور
بنائيندا هئا. اهڙين تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون
قلمبند هونديون هيون، جن ۾ ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ
درستيون، واڌارو ۽ گهٽ وڌايو ڪرڻيون پونديون هيون،
۽ وقت گذرڻ سان اهي افواهه آئينده جي نسل لاءِ
تاريخي ورثو بنجي ويا.
اسلامي دور ۾ مسلمان بادشاهن جي حڪم سان جڏهن
تاريخ جي تدوين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ تحقيق جي
روايت ۽ درايت جا اصول مقرر ڪيا ويا (ڏسو صفحو 26
کان 43 تائين) ۽ اسماءَ الرجال جو فن ايجاد ٿيو ۽
راوين جي زندگين کي پرکيو ويو، تڏهن صحيح شهادتون
حاصل ٿيون. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تحقيق ڪرڻ جون اُهي
سهولتون حاصل نه هيون، پر تنهن هوندي به هر ڳالهه
جي صحيح تحقيق ڪئي ويئي، پوءِ چاهي انهي لاءِ ڪافي
وقت لڳو. اڄ به مسلمانن جي انهن راهن تي خصوصاً
مغربي قومون نسبتاً وڌيڪ احتياط سان ڪم ڪري رهيون
آهن. قديم تاريخون ۽ ٻيون تحقيقون جيڪڏهن انهن
اصولن تي پرکيون وڃن ته انهن جي شهادتن ۾ ڪافي
اختلاف ملندو. اهو فقط انهيءَ ڪري آهي جو انهن
تاريخن جون شهادتون عيني شاهدن کان ورتل نه آهن،
نه عيني شاهدن انهن تاريخن کي مرتب ڪيو آهي پر
جيڪڏهن ڪنهن تاريخ جو عيني شاهد يا مرتب ڪندڙ ملي
به وڃي ته انهيءَ جي سيرت ۽ ڪردار جي ڪابه خبر نه
پئجي سگهندي ته تاريخ مرتب ڪندڙ ڪيتري قدر معتبر
هو ۽ سندس شهادتون قبول ڪرڻ جوڳيون ٿي سگهن ٿيون
يا نه. ٻيو سبب هي آهي ته جنهن زماني ۾ ڪو واقعو
ٿي چڪو آهي، انهيءَ وقت مرتب ڪندڙ موجود هو يا
انهيءَ زماني جو هو. پر جي موجوده دور ۾ جيڪڏهن
ڪنهن تاريخ جي مرتب ڪندڙ بابت اهڙي شهادت ملي به
وڃي ته اهڙي تاريخ کي به وڏي اهميت ڏيئي سگهجي ٿي.
تحقيق ۾ قلمي ڪتاب جيترا قديم هوندا آهن، اوتري
انهن جي اهيمت وڌيڪ هوندي آهي يا سمجهي وڃي ٿي.
اهڙي طرح تحقيق ۾ ڇپيل ڪتابن کان قلمي ڪتابن تي
وڌيڪ اعتبار ڪيو وڃي ٿو.
اسلامي تحقيق جي اصولن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو
ته جيڪڏهن تحقيق تي احترام ۽ عزت جا مستحق اصول
آهن ته اهي تدوين حديث جا اصول آهن، جن نه رڳو
مسلمانن جي تاريخ جي عظمت کي قائم رکيو آهي، پر
دنيا جي تاريخ کي به صحيح پيش ڪرڻ لاءِ اصول ڏنا
آهن، جن بابت ”اسمٿ“ لکي ٿو: ته ”ڪوبه شخص (سيرت
نبوي) جي متعلق نه خود کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو، ۽ نه
ٻين کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو.“
روايت ۽ درايت جي اصولن مرتب ڪرڻ لاءِ نه فقط ڪن
چند ماڻهن ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪروڙها ماڻهو هن
جدوجهد ۾ شامل هئا، جن سچ کي ڳولڻ ۽ حقيقت جي
حفاظت کي سالم
رکڻ لاءِ تدبيرون ڪيون، انهيءَ جدوجهد ۾ جيڪا
دماغي ۽ عقلي ڪاوش پيش ٿيل آهي، سا احترام جي
مستحق آهي. اڄ تائين تاريخي تحقيق تي جيڪي به ڪتاب
لکيا ويا آهن تن جو بنياد انهن اصولن تي نظر اچي
ٿو.
جديد تاريخي تحقيق
انسان پنهنجي ابتدائي زندگي جي مشڪلاتن کي حل
ڪندي، زندگي جي مسئلن ۽ زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ شين ۽
خود زندگي جي تشريح جي ڳولا ڪندي جيڪي تحقيق جا
طريقا ڳولي اختيار ڪيا، تن مان ڪي اڄ تائين ڪامياب
آهن ۽ ڪي غلط ثابت ڪيا ويا؛ تن کي اڪثر سائنسي
تحقيق جي ڳولا جا ابتدائي طريقا چيو وڃي ٿو.
جديد سائنسي تحقيق جا جدا جدا طريقا جيڪي اختيار
ڪيا ويا آهن تن جو به تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح سان
ابتدائي تحقيق جي اصولن سان رهي ٿو، جيئن چيو
ويندو آهي ته عقليت تائين پهچڻ لاءِ پهريائين
سلسليوار منطقي دليل ضروري آهن ۽ اهو اصول يوناني
تحقيق جي ابتدائي اصول ڏانهن منسوب آهي، جنهن جي
مدد سان منطقي، عقلي دليل ننڍن ۽ وڏن اثرن يا
تحقيقي مسئلن ۽ نتيجن جي وچ ۾ تعلق پيدا ڪن ٿا.
جديد تحقيق جو مقصد آهي ته هر مشاهدي جي فطري
تشريح ۽ جانچ ڪئي وڃي. هي طريقو ٻڌائي ٿو ته نتيجا
صرف انهيءَ وقت درست
(Valid)
آهن، جڏهن شهادتون
(Evidence)
انهيءَ جي توثيق ڪن. انهي لحاظ کان جديد تحقيق ۾
ڪنهن شخص جو قول انهيءَ وقت تائين قابل قبول نه
هوندو آهي، جيسين تائين شاهديون ۽ حقيقتون انهيءَ
جي توثيق نٿيون ڪن. جديد تحقيق ۾ جتي جتي ممڪن
آهي، اتي مشاهدن کي منطق جي جاءِ ملندي وڃي ٿي، پر
حقيقتون ۽ تصور انهيءَ منطق جو سرچشمو هجن يا ڪا
معتبر شخصيت انهيءَ کي جانچي پرکي درست يا غلط
ظاهر ڪري. اهڙي طرح جديد تحقيق جيڪا تاريخ ۾ ٿي
رهي آهي، انهي جي مدنظر ماهرن ۽ معتبر شخصن کي
ڪنهن به ڳالهه لاءِ آخرين نه مڃيو ويو آهي؛ پر
جيڪڏهن ڪنهن مسئلي جي تحقيق لاءِ ماهر يا معتبر
شخصيت کان سواءِ ٻي ڪابه شاهدي نٿي ملي ته پوءِ
انهن کي قبول ڪيو وڃي ٿو.
تاريخي تحقيق لاءِ سيرت جي ضرورت
تحقيق ۾ راوي جي سيرت جي ضرورت انهيءَ ڪري هوندي
آهي ته جيئن هن جي قول کي صحيح تسليم ڪري سگهجي.
سيرت جي پرک لاءِ هن جي نفسي گهرجن، ضرورتن، علمي
۽ عملي حالتن، سچائي، نيڪي ۽ حقيقتن جي ڄاڻ کي ڏٺو
وڃي ٿو. اهو انهيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي ته جيئن
راوي جي اخلاقي پرک، تربيت جي اصلاح ۽ تڪميل جي
ڄاڻ، تحقيق ڪندڙ کي پئجي سگهجي. اهڙي طرح راوي جي
فضيلتن، اخلاق، زهد، تقويٰ، عظمت، احسان، ڪرم،
حلم، ايثار، لطيف ۽ غيرت جو صحيح اندازو ڪيو ويو
ويندو آهي ته جيئن هن جي تعليم کي رائج ڪيو وڃي.
موجوده جديد تحقيق ۾ راوي جي سيرت کي ٽن ڳالهين جي
مدد سان پرکيو وڃي ٿو: پهريون نصيحتون، ٻيو واعظ ۽
ٽيون لکيتون. انهن تنهي طريقن جي مدد سان ڪنهن
مصنف جي اخلاقي اعليٰ معيار کي مقرر ڪيو وڃي ٿو.
تاريخي تحقيقن لاءِ ضروري يا علمي طريقو هي آهي ته
زبان سان جيڪي ڪجهه چيو وڃي يا تحرير نقش، جيڪي به
پيش ڪيا وڃن، تن ۾ جبر ۽ زور سان ڪم نه ڪيو وڃي،
پر فضيلتن ۽ اخلاق جو پيڪر ٿي سامهون اچجي ۽ خود
آئينه عمل هجي ۽ سندس خيال ۽ رايا آخرين هجن.
تحقيق ۾ ڪنهن به مصنف جي سيرت بيان ڪرڻ لاءِ اهو
ضروري آهي ته مصنف جو هرهڪ حرف، انهيءَ جون سڀ
حرڪتون ۽ حالتون پيش ڪيون وڃن ته جيئن زندگي جي
مرحلن ۾ جتي به ضرورت پوي ته انهيءَ مان رهنمائي
حاصل ڪري سگهجي. اهڙي طرح شخصيت جو سوال نظر انداز
ٿيو وڃي ۽ فقط اهو ڏسڻ رهجيو وڃي ته حالتون ۽
واقعا جيڪي هٿ اچن ٿا، اهي ڪهڙي وسعت ۽ تفصيل سان
گڏ نظر اچن ٿا. جنهنڪري لکيتن ۾ ڪامل شخصيتون،
حقيقتون ۽ سچائي تي پيش ٿيل واقعا گڏ ملن ٿا ۽
اهائي هن فن جي اعليٰ صلاحيت ۽ خوبي آهي. اهو
طريقو پهريائين مسلمانن فن اسماءِ الرجال جي نالي
سان مشهور ڪيو.
موجوده دور ۾ عام تحقيق ۾ اهو نٿو ڏٺو وڃي ته راوي
صادق آهي يا ڪاذب، هن جا اخلاق ۽ عادتون ڪهڙيون
آهن، هن جو حافظو ڪهڙو آهي؛ ۽ نه اهو ڏٺو ويندو
آهي ته تحقيق ضروري يا ممڪن آهي، پر رڳو اهو ڏٺو
ويندو آهي ته راوي جو بيان خود تحقيق ڪندڙ جي
واقعات سان برابري رکي ٿو يا نه، ٻين لفظن ۾ تحقيق
ڪندڙ جي واقعات جي پٺڀرائي ڪري ٿو يا نه. سمجهو ته
هڪ ڪوڙو واقعو بيان ٿيل آهي، جيڪو موجوده حالتن ۽
واقعن جي لحاظ کان صحيح معلوم ٿئي ٿو ۽ واقعي جو
بيان بلڪل سلسليوار آهي ته اهڙي واقعي کي صحت جي
لحاظ کان موجود عام تحقيق ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو جيڪو
صحيح نه آهي.
تحقيق ۾ سياحن جي اهميت
تحقيق ۾ سياحن جي اهميت انهيءَ ڪري هوندي آهي ته
هو ڏوراهن ڏيهن ۾ وڃي، اتي جي حقيقتن کي پرکين
پروڙين ٿا ۽ شخصي آزمودا حاصل ڪن ٿا. انهيءَ ڪري
سياحن کي ٻين کان وڌيڪ آزمودي گار سمجهي، سندن
لکيتن کي ٻين تاريخ لکندڙن کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي
ٿي.
سياحن جي بيان ڪيل تاريخي ثابتين کي اهميت انهيءَ
ڪري به ڏني وڃي ٿي جو هنن کي ٻين قومن جي حالتن کي
بيان ڪرڻ ۾ غير جانبدار سمجهيو وڃي ٿو، پر انهيءَ
۾ اهو نه ڏٺو وڃي ٿو ته خود سياح پنهنجي لکيتن يا
بيانن ۾ ڪيتري قدر ذاتي رجحان، سمجهه ٻوجهه، سچائي
۽ راستباري ڪري صحيح آهي.
سياحن جي سمجهه ٻوجهه جو مثال هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو
سيد مناظر حسن گيلاني پنهنجي ڪتاب ”تدوين حديث ۾
هن طرح بيان ڪيو آهي: انگريز سياحن جي سمجه ٻوجهه
جي خبر مير شعبه دنيات (ثواب ناظريا (جنگ) جسٽس
حيدرآباد هاءِ ڪورٽ) جي ڊرائنگ روم جي هڪ تصوير
مان پوي ٿي، جيڪا انگلستان جي هڪ معتبر اخبار مان
ڪڍي الڳ ڪري، محفوظ ڪئي ويئي هئي. هي هندستان جي
ڪنهن هنڌ تان، ڪنهن موقعي تي ورتل تصوير هئي ۽
انهيءَ جي هيٺيان چوب خط حرفن ۾ لکيل هو ته ٻڌ
مذهب جا ماڻهو پنهنجي هڪ مشهور مذهبي رسم ادا ڪري
رهيا آهن. مون جڏهن انهي تصوير جي هيٺان انهيءَ
فقري کي پڙهيو ته مون کي حيرت ٿي ته آخر هي ڇا؟
تصوير مان صاف ظاهر هو ته هندستان جي مسلمانن جي
هڪ جماعت نماز پڙهي رهي آهي؛ انهيءَ تصوير ۾ جيڪي
ماڻهو آهن، انهن جي شڪل، صورت، لباس ۽ هر چيز هندي
مسلمانن جي هئي. ليڪن معتبر سياح، جنهن هي فوٽو
ورتو ته انهيءَ وقت هن جي هيٺيان اُها عبارت لکي
ڇڏي هئي. آخر جڏهن مير شعبه صاحب کان ٻاهر اچڻ کان
پوءِ انهيءَ بابت پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته اها
تصور قصد انهيءَ لاءِ لڳائي وئي ته پورپين سياحن
جي تاريخ جي شهادتن جي هڪ گواهي مهيا ٿي سگهي. پاڻ
چيائون ته هيءَ دهلي ۾ نماز عيد جي موقعي جي تصوير
آهي ۽ هڪ مغربي سياح انهيءَ عيد جي نماز کي ٻڌ
مذهب وارن جي رسم قرار ڏيئي، اخبار ۾ پنهنجي جديد
انڪشاف جو اعلان ڪيو آهي.“
باب نائون
ايڊيٽنگ
سنڌي ۾ ڪتاب جي ايڊٽ ڪندڙ لاءِ ڪيترائي لفظ
استعمال ڪيا ويا آهن؛ جيئن ديوان بيدل، ديوان
بيڪس، ڪليات ڪمال، ڪليات گدا، ڪليات نورل، ڪليات
امين، ڪليات خادم ۽ رسالي سچل ۾، مرتب ۽ ميين شاهه
عنايت جي ڪلام ۽ خليفي صاحب جي رسالي ۾ تحقيق ۽
تصحيح ڪندڙ؛ ڪليات حمل، ڪليات حسين بخش ’ديدڙ‘ جي
ڪلام ۾ سهيڙيندڙ، سموهيندڙن ۽ سلجهائيندڙ. عام طور
سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ايڊيٽر جو لفظ ڪم آندو وڃي
ٿو. جيئن ته ايڊيٽر لفظ عام مروج آهي، تنهنڪري هتي
ايڊيٽر ۽ ايڊيٽنگ
(Editing)
لفظ ڪم آندو ويو آهي.
هر ڪنهن زبان جي علم ادب جي تحقيق ۾ قديم لکيتن
کي، نئين طريقي تي ترتيب ڏيڻ کي وڏي اهميت هوندي
آهي. قديم لکيتن کي نئين طريقي تي ترتيب انهيءَ
ڪري به ڏني ويندي آهي ته جيئن انهيءَ لکت جي اهميت
کي اڳي کان وڌيڪ اهميت وارو بنائي پيش ڪيو وڃي.
انهيءَ جا ٻه قسم آهن؛ هڪ ڪنهن هڪ شخص جي ڪلام يا
لکيتن کي گڏ ڪري، ٻيو انهيءَ جي جدا جدا ترتيبن تي
پيش ٿيل لکيتن کي گڏ ڪري، ڪنهن هڪ خاص ترتيب تي
سهيڙي پيش ڪيو وڃي. اڄ تائين ايڊيٽنگ جي لاءِ ڪي
خاص اصول مرتب نه ڪيا ويا آهن، پر هر ڪنهن ايڊيٽر
مواد کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي آزمودن، علمي ۽ عملي
لياقت جي مدد سان لکيتن کي ترتيب پئي ڏنو آهي. هر
ڪنهن ايڊٽ ٿيل ڪتاب ۾ تحقيق ڪندڙ جي ڪانه ڪا خاصيت
مختلف ضرور نظر ايندي، جيڪا هن جي اهليت ۽ علميت
کي ظاهر ڪري ٿي.
ايڊيٽنگ هڪ تمام مشڪل فن آهي. هن لاءِ ڪوبه خاص
دائرو مقرر ڪري نٿو سگهجي ڇو ته وقت جي رفتار سان
هن جي تحقيق جو دائرو ۽ اصول به ترقي ڪندا رهن ٿا.
هي هڪ عملي فن آهي تنهنڪري هن تي عمل ڪرڻ لاءِ
اهڙي نظر ۽ ذهن جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ وسعت
هجي، جو وقت جي رفتار سان جيڪي به صلاحيتون پئدا
ٿينديون اچن، تن جو عملي جائزو وٺڻ کان پوءِ انهن
تي عمل ڪري، ته جيئن نون تجربن سان ڪا نئين تبديل
آڻي سگهجي. عمل ۽ بيان ۾ جيڪو فرق ٿي سگهي ٿو، اهو
ئي ايڊيٽنگ ۽ تحقيق يا ايڊيٽنگ ۽ تنقيد ۾ آهي. عمل
جي لاءِ يقين طور تي بيان کان مختلف صلاحيتن جي
ضرورت هوندي آهي. اهري طرح ايڊيٽنگ ۽ تنقيد ۾
آهي.عمل جي لاءِ يقين طور تي بيان کان مختلف
صلاحيتن جي ضرورت هوندي آهي. اهڙي طرح ايڊيٽنگ جي
اهميت ٻين تحقيقي ڪمن کان بلڪل جداگانه هوندي آهي.
ايڊيٽنگ ۾ تحقيق ڪندڙ نه صرف هڪ نقاد هوندو آهي،
پر هڪ محقق؛ شارح ۽ مفسر به هوندو آهي. تنهنڪري هن
لاءِ نه فقط عملي لياقت ضروري هوندي آهي، پر ذهني
شائستگي ۽ ڪشادهه دلي جي به ضرورت هوندي آهي ته
جيئن هو هر ڳالهه کي آزادانه انداز ۾ ڏسي ۽ پرکي
سگهي. تحقيق ڪندڙ جيستائين گڏ ڪيل مواد کي چڱي طرح
نه سمجهندو تيستائين پنهنجي تحقيق کي مڪمل طور ادا
ڪري نه سگهندو. ايڊيٽنگ ۾ اهو ضروري نه آهي ته هر
ڪنهن ڳالهه کي ويهي تفصيل سان سمجهائي، پر هن لاءِ
ضروري هوندو آهي ته جيڪو مواد گڏ ڪري انهيءَ کي ڪا
سٺي ترتيب ڏئي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته گڏ ڪيل
مواد کان هن کي چڱي طرح واقفيت هجي ۽ هن مواد کي
چڱي طرح سمجهيو هجي. جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن ڳالهه
کي نه سمجهيو هوندو ته انهيءَ کي پڙهندڙن جي اڳيان
صحيح انداز ۾ پيش ڪري نه سگهندو.
هر ڪنهن ايڊيٽر لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو جنهن
به مصنف جي لکيت جو جائزو وٺڻ چاهي، انهيءَ جي
اچارن، لکڻي کان چڱي طرح واقف هجي، جنهن ۾ لهجو ۽
اچار اچي وڃن ٿا. اهو انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته
جيئن خبر پوي ته جيڪڏهن مصنف جون لکيتون سندس هٿ
اکرن ۾ لکيل نه آهن ته پوءِ ڪاتب انهيءَ ۾ ڪهڙي
تبديلي ڪئي آهي - يعني ڪنهن ڳالهه کي وڌائي نه
لکيو آهي، ڪنهن ڳالهه جي وصف ته نه بيان ڪئي آهي،
ڪنهن هنڌ تي مصنف جي اچارن کي صحيح ته نه ڪيو اٿس؟
تحقيق ڪندڙ لاءِ ايڊيٽنگ وقت اهو به ضروري هوندو
آهي ته جنهن لکيت جو تجزيو ڪري، انهيءَ بابت پوري
معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ پيش ڪري ته جيئن لکيت
جي پوري افاديت ۽ اهميت پڙهندڙن جي اڳيان نمايان
ٿئي؛ انهيءَ ڪري قديم متن جي ايڊيٽنگ ۾ صورتخطي ۽
اچارن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي. اهو انهيءَ ڪري
به ڪيو ويندو آهي ته جيئن پوءِ تيئن صورتخطي ۽
اچارن ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن، تنهنڪري جديد
دور جي ضرورتن موجب، انهيءَ لکيت کي پيش ڪيو وڃي.
عام طور ائين سمجهيو ويندو آهي ته ڪنهن ڪتاب جي
ايڊيٽنگ تحقيق ڪندڙ لاءِ تمام آسان ڪم هوندو آهي؛
پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ڪتاب جي
ايڊيٽنگ کي صحيح طريقي تي تحقيق هيٺ آندو وڃي ته
انهيءَ کان مشڪل ٻي تحقيق نه هوندي آهي.
ڪنهن قديم نادر لکيت جو هٿ اچڻ هڪ مشڪل ڪم هوندو
آهي، پر وڏو مشڪل ڪم اهو هوندو آهي جو انهيءَکي
نئين سري سان ترتيب ڏئي، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جي
لاءِ بنيادي مواد موجود ڪري ۽ اهڙيون ڳالهيون ۽
راز ظاهر ڪري جيڪي انهيءَ کان اڳي ڪنهن به معلوم
نه ڪيا هجن ۽ اهڙي طرح نئين ترتيب جي اهميت کي
پڙهندڙ جي اڳيان آڻي. جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون آهن
جن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ جرئت گهربل هجي ته
اهڙي جرئت پاڻ ۾ پئدا ڪري.
ڪنهن به لکيت کي ايڊٽ ڪرڻ وقت هيٺين مرحلن تي عمل
ڪرڻو پوندو آهي.
مواد گڏ ڪرڻ
Matter Collecting
ڪنهن لکيت کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ پهريائين انهيءَ لکيت
جا جيترا به اڻڇپيل نسخا موجود هجن تن کي هٿ ڪيو
وڃي، ٻيو انهن نسخن جي سمجهڻ ۽ مصنف جي پرک لاءِ
مصنف جون سڀ تصنيفون ۽ سندس لکيتن تي جيڪي ڪجهه
ٻين ڪتابن، تذڪرن، اخبارن، رسالن ۽ ٻين لکيل مقالن
۾ مواد موجود هجي، تنهن کي گڏ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪن
معتبر ماڻهن کان مصنف بابت روايتون ملي سگهن ٿيون
ته انهن کي به گڏ ڪيو وڃي. انهيءَ کان پوءِ مصنف
جي همعصرن جون لکيتون هٿ ڪيون وڃن ته جيئن انهيءَ
لکيت کي ڀيٽي ۽ انهيءَ جي اهميت کي ظاهر ڪري
سگهجي. مصنف کان پوءِ وارين لکيتن جو به جائزو
ورتو وڃي ته جيئن سندس اثر پوءِ وارن اديبن تي
ثابت ڪري سگهجي. اهڙي طرح تحقيق لاءِ مواد گڏ ڪيو
وڃي ٿو ته جيئن نئين ترتيب کي اڳين ترتيبن کان
وڌيڪ اهميت وارو ثابت ڪري سگهجي. |