1) عنوان
Title
(2) مقصد
Purpose
(3) خاڪي جو ڍانچو
Structure
پهريون مرحلو
1st stage
عنوان.................................................................Title
تحقيق جو مقصد................................Purpose of Thesis
ٻيو مرحلو
IInd Stage
ڍانچو Structure
(1)
مسئلي جي ڀاڱن جو ورهاڱو Problem;s
Division
(Main-Heading)
مکي ڀاڱن لاءِ نشاني (انگريزي ۾) I- II-III-IV
” ” ” ” سنڌي ۾ (الف - ب- ت -
ث)
(2) مکي ڀاڱن
Main- Heading
کي انگزيري ۾
Chapter
۽ سنڌي ۾ باب چيو وڃي ٿو. مکي ڀاڱن جي حصن کي اکرن
,A, B, C, D
۾ لکيو ويندو آهي (سنڌي ۾ انهن حصن کي عربي الف -
بي جي ترتيب تي لکيو ويندو آهي (الف - ب - ت - ث).
انهيءَ کان وڌيڪ حصن کي وري ننڍي اي - بي - سي-
a, b, c, d, e, f,
۾ لکيو وڃي ٿو. سنڌي ۾ انهن حصن کي وري انگن ۾ 1، 2، 3، 4، 5.
لکيو ويندو آهي.
مثال
عنوان............................................................Title
مقصد........................................................Purpose
..............................................................
باب
پهريون.......................................I
Chapter
الف................................A.................
1....................................
a................
2..............................b.......................
باب ٻيو.............................................Chapter II
الف...............................
A...................
ب..................B...................................
1..................a......................................
2...............b........................................
3................c.......................................
باب ٽيون...........................................Chapter III
الف...................... A..............................
ب.........................B.............................
ت....................................
C.................
1................................... a....................
2...........................
b...........................
3....................
c..................................
4...........................d.............................
ڪنهن به ابتدائي تحقيقي خاڪي جي تيار ٿيڻ کان پوءِ
هيٺين ڳالهين تي خاڪي کي پرکيو وڃي.
(1)
ڇا تحقيقي مسئلي جو مقصد تسلي بخش آهي.
(2) ڇا اهو مقصد منطقي طور صحيح آهي.
(3) مسئلي جا ڀاڱا جيڪي مسئلي جي حل لاءِ ڪيا ويا آهن سي
صحيح آهن. انهن حصن جو هڪ ٻئي ۾ تعلق صحيح آهي.
يعني عنوان
(Titles).
وڏا مسئلا
(Broad problems)
ننڍا مسئلا
(Limited Problems)
خاڪي جي تياري وارو عمل
The process of outline
تحقيق ڪندڙ پنهنجي لاءِ ڪوبه عنوان ڪنهن موضوع تي
چونڊڻ کان پوءِ انهيءَ جو مختصر خاڪو تيار ڪندو
آهي، جنهن ۾ عنوان جو مختصر جامع جائزو، انهيءَ جي
تحقيق جو دائرو ۽ عنوان جي وصف بيان ڪندو آهي.
عنوان جي خاڪي ۾ پهريائين مسئلي کي چڱي انداز ۾
سمجهايو ويندو آهي ۽ مسئلي جي سڀني پهلوئن کي ظاهر
ڪري ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن ۾ مسئلي جو مقصد ۽ جن
سوالن جا جواب مسئلي کي حل ڪندي ڏيڻا هوندا تن کي
سمجهايو ويندو آهي.
مسئلي جي خاڪي کان پوءِ انهيءَ سان واسطو رکندڙ
مواد جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. انهيءَ مطالعي کان
پوءِ پهرئين خاڪي ۾ يا مضمونن جي فهرست ۾ تبديلي
آڻي سگهجي ٿي ڇو ته گهري مطالعي کان پوءِ ڪي نيون
ڳالهيون نڪرنديون آهن ۽ ڪن ڳالهين کي رد ڪرڻو
پوندو آهي. اهڙي طرح مسئلي جي اصل اهميت جي پوري
معلومات ملندي آهي، جيڪا مسئلي جو آخري خاڪو مڪمل
ڪري ٿي.
پهرئين خاڪي ۾ جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويندو آهي، اهو
ٻئي مرحلي ۾ يا ته مختصر ٿي ويندو آهي يا وڌي
ويندي آهي. يعني خاڪي جي پهرئين شڪل ۾ تبديلي اچي
ويندي آهي. اهڙو خاڪو ٽرم پيپر لاءِ ضروري نه
هوندو آهي. اهڙو خاڪو جيڪو ڪنهن مرحلي تي تبديل
نٿو ٿئي ته اهڙي خاڪي جي تيار ڪرڻ سان وقت، مواد
گڏ ڪرڻ، پئسي ۽ تجزئي ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي ٿي.
ابتدائي خاڪو تيار ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ کي پنهنجي
نگران يا تعليمي ڪميٽي کي پيش ڪرڻو پوندو آهي،
جيڪي انهيءَ کي منظور ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ ضروري
آهي ته ابتدائي خاڪو تفصيل سان ۽ مڪمل دائري اندر
پيش ڪيو وڃي ته جيئن ڪاميٽي يا نگران کي مسئلي جي
پس منظر، مسئلي جي حل جي طريقي ڪار جي پوري
معلومات ملي سگهي ۽ مسئلي کي چڱي طرح سمجهي سگهن.
هڪ جامع ۽ مختصر خاڪي ۾ هيٺيون ڳالهيون ضروري هئڻ
گهرجن.
مسئلي جي تعريف (1) Statement of the Problems.
ضروري مواد
(2)
The Necessary data
طريقي ڪار
(3)
The Procedures to be followed
انومان
(4) The expected findings and
hypothetical conclusion
نتيجو
(5)Possible recommendations or
implications of expected result.
خاڪي کي حصن ۾ ورهائڻ وقت اهو به ذهن ۾ واضح هئڻ
گهرجي ته جن به سوالن جا مسئلي جي حل ۾ جواب ڏنا
وڃن، انهن جو مواد مڪمل هئڻ گهرجي ۽ انهن سوالن جا
جواب تلاش ڪرڻ وقت صحيح تحقيق جا اصول استعمال ڪيا
وڃن. مسئلي جي حصن جو ورهاڱو مواد جي فراهمي موجب
ڪيو وڃي. ساڳي طرح نتيجو ۽ سفارشون به ترتيب وار
رکيون وڃن. جيڪڏهن انهيءَ ترتيب ته خاڪي کي تيار
ڪيو ويو ۽ مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ مواد کي سٺي ترتيب
ڏني ويئي ته پوءِ ڪابه اهميت رکندڙ ڳالهه مسئلي جي
حل ۾ رهجي ڪانه ويندي.
حوالا
1.
James M. Mc. Crimmon. Writing with purpose
New york. Hifflin compyany, 1950
P. 413
2.
Ibib
P. 414
3. Ibib
P.414
4. Eugene Ehriich and Daniel Murphy. Writing and Researching
term Papers and reports.
New york: Bantam books, 1984.
P. 31
5. W. F. Bryan. Writers hand book. New york: The
Macmillan company, 1927.
P. 93
6. James M. Mc. Crimmon
P. 98
7. Ibid
P.99
باب ڇهون
مواد گڏ ڪرڻ جا طريقا
شخصي ملاقاتن وارو طريقو
The Interview Method
هن تحقيق جي طريقي ۾ ڪنهن مقرر ڪيل طريقي سان، جدا
جدا واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون وينديون
آهن، انهن کان سوال پڇيا ويندا آهن ۽ سوالن جي
جوابن مان پنهنجي تحقيقي مسئلي جا جواب حاصل ڪري
ڪو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. هن تحقيق جي طريقي سان
واسطو رکندڙ ماڻهن کان هر قسم جي معلومات حاصل ڪري
سگهجي ٿي. اهڙي طرح جدا جدا ماڻهن کان سوالن جا
جواب وٺي، ڪنهن به مسئلي لاءِ صحيح راءِ قائم ڪري
سگهجي ٿي يا صحيح حقيقت معلوم ڪري سگهجي ٿي. پر هن
تحقيق جي طريقي ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو ته جنهن کان
سوال ڪيا وڃن، اهو پنهنجي نقطه نگاه کان سوالن جا
جواب ڏئي، جيڪي سوال پڇندڙ ۽ جواب ڏيندڙ ۾ اختلاف
پئدا ڪري وجهن يا سوال پڇندڙ ۽ جواب ڏيندڙ جي وچ ۾
اختلاف هئڻ ڪري هڪ ٻئي جي نقطه نگاه کي نه سمجهي
سگهن يا تحقيق ڪندڙ جواب ڏيندڙ کي نه سمجهي سگهي.
انهيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي ته سوال ڪندڙ ۽ جواب
ڏيندڙ ساڳي نقطه نگاه کان تحقيقي مسئلي کي سمجهن ۽
سوال جواب ڪن. جيڪڏهن سوال ڪندڙ ۽ جواب ڏيندڙ هڪ
ٻئي جي نقطه نگاه کي سمجهيو ته پوءِ تحقيق ڪندڙ
انهيءَ مسئلي جو حل ۽ تجزيو صحيح نموني ۾ ڪري
سگهندو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ملاقات ڪرڻ کان
اڳي، جانچ پڙتال ڪندڙ کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته هن
کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون هن کي پڇڻيون آهن
۽ ڪهڙيون ڳالهيون هن کي رڪارڊ ڪرڻيون آهن، ڪهڙن
طريقن تي پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي ۽ ڪهڙن پهلوئن جي لاءِ
پڇا ڪرڻي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سوال ڪندڙ
اڳي سوچي ڇڏي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي، ڪهڙيون
ڳالهيون اڳي هٿ ڪيون ويون آهن، ڪهڙيون ڳالهيون اڳي
پڇيون ويون آهن ۽ باقي ڪهڙيون ڳالهيون پڇڻيون آهن،
جيڪي رڪارڊ ڪرڻيون آهن.
سوالن ۽ جواب واري تحقيق جي طريقي ۾ جيڪو مواد گڏ
ڪيو ويندو آهي، تنهن لاءِ سوال ڪندڙ ۽ جواب ڏيندڙ
۾ خيالن جي ڏي وٺ جو صحيح اندازو موجود هجي.
انهيءَ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن.
(1)
هڪ ٻئي جي اڳيان هجن (2) هڪ ٻئي جو آواز ٻڌي سگهن
(3) هڪ ٻئي جي زبان سمجهي سگهن (4) نفسياتي صحيح
اثر وجهي سگهن (5) سوال ڪندڙ ۽ جواب ڏيندڙ جو مقصد
ساڳو هئڻ گهرجي (6) سوالن جو سلسلوس ڪنهن منطقي
سلسلي تي هئڻ گهرجي، جنهن جي ابتدا ۽ خاتمو
سلسليوار هئڻ گهرجي.
تحقيق ۾ سوالن جوابن جا ٽي مکيه مقصد هوندا آهن.
1-
ڪنهن حقيقت کي ڳولڻ.
2-
ڪا معلومات ڏيڻ.
3-
معلومات ڏيڻ لاءِ آماده ڪرڻ.
تحقيق جي هن طريقي ۾ سوالن، جوابن جو ڪو خاص مقصد
هوندو آهي ۽ سوال جواب ڪنهن خاص وقت ۾ ڪيا ويندا
آهن، جن جي بنياد تي نتيجو ڪڍيو ويندو آهي.
سوال جواب ڪيئن ڪيا وڃن تنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون
ذهن ۾ رکيون وڃن.
1-
اهو طئي ڪيو وڃي ته سوال ڪيئن ڪيا وڃن.
2-
سوالن لاءِ ابتدائي تياري ڪئي وڃي.
3-
سوالن لاءِ هڪ خاڪو تيار ڪيو وڃي.
4-
سوالن واري خاڪي کي پهريائين دوستن ۽ ٻين
ماڻهن تي پرکيو وڃي.
5-
سوالن جي جوابن لاءِ حالتون پئدا ڪيون وڃن.
6-
جيڪي جواب مليا هجن انهن جي صحيح هجڻ ۽ قابل
قبول هئڻ کي پرکيو وڃي.
7-
جيڪو مواد ملي انهيءَ کي لکيل صورت ۾ جيترو
جلد ٿي سگهي لکيو وڃي.
سوال ڪرڻ کان اڳي هيٺين ڳالهين تي به سوچيو وڃي
1-
اهو ڏٺو وڃي ته جن کان سوال ڪيا وڃن ٿا اهي انهن
سوالن لاءِ صحيح شخصيتون آهن يا اهي اهڙي حالت ۾
آهن، جو سوالن جا جواب ڏين يا جيڪي انهن کان پڇيو
وڃي انهن جا صحيح جواب ڏين.
2- ڪيترن ماڻهن کان سوال پڇيا وڃن، جو مسئلي جو
صحيح نتيجو نڪري سگهي.
3- سوالن لاءِ ڪو خاص وقت ۽ جاءِ مقرر ڪئي وڃي جتي
سوال ڪيا وڃن، يعني سوال ڪندڙ کي پهرئين جواب
ڏيندڙ کان وقت وٺڻ گهرجي ۽ سوالن ۽ جوابن لاءِ ڪا
جاءِ به مقرر ڪئي وڃي.
4- اهڙي ماحول ۾ سوال ڪيا وڃن، جتي جواب ڏيندڙ
صحيح جواب ڏيئي سگهي. اهڙا سوال ڪيا وڃن، جن جا
جواب هو دلچسپي سان ڏئي.
5- سوالن پڇڻ کان اڳ سوالن جو سلسلو تيار ڪيو وڃي،
ته ڪهڙا سوال پڇيا وڃن ۽ انهن مان ڪهڙي معلومات
حاصل ٿيندي.
6- سوالن ڪندڙ کي ڪهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، جو
سوالن جا جواب صحيح ملن ۽ گهربل مقصد پورو ڪن.
7- سوال ڪندڙ پنهنجي مسئلي جي دائري کان چڱي طرح
واقف هجي ۽ جيڪي سوال تيار ڪري، اهي هن جي مسئلي
جو حل تلاش ڪري سگهن.
8- جيڪي سوال ڪيا وڃن سي پهريائين پنهنجي دوستن ۽
ڪلاس وارن کان پڇيا وڃن ۽ اهو ڏٺو وڃي ته اهي
ڪيتري قدر مقصد جو پورائو ڪري سگهن ٿا. انهيءَ ڪري
سوال ڪندڙ سوال پڇڻ جي طريقي ڪار کان واقف ٿيندو ۽
وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهندو.
سوالن ڪرڻ جا ٽي مکيه اُصول
1-
دوستاڻو ماحول پئدا ڪيو وڃي.
2- سوال پڇيا وڃن.
3- انهن جا جواب ورتا وڃن.
انهيءَ لاءِ سوال ڪندڙ کي سوال پڇڻ وقت هيٺين
ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
1-
سوال دوستي واري انداز ۾ پڇيا وڃن ۽ تمام آسان
زبان ۾ سوال پڇيا وڃن جيئن جواب ڏيندڙ سوالن کي
چڱي طرح سمجهي سگهي.
2-
سوال تحقيقي مسئلي جي موضوع تي ڪيا وڃن.
3-
جواب ڏيندڙ جي ذهن ۾ اهو خيال پئدا ڪيو وڃي ته هو
به ايتري اهليت رکي ٿو، جيتري سوال پڇندڙ رکي ٿو.
4-
سوالن ۾ مکيه مکيه ڳالهيون پڇيون وڃن، عام ڳالهيون
سوالن ۾ نه آنديون وڃن.
5-
سوالن ڪرڻ وقت اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو جواب
ڏيندڙ سمجهي وڃي ته سوال ڪندڙ ڇا ٿو چاهي.
6-
جواب ڏيندڙ کي جواب ڏيڻ لاءِ بلڪل چڱي طرح وقت ڏيڻ
ضروري آهي ته جيئن هو سوال جا جواب سوچي پوءِ ڏئي.
7-
جيڪڏهن سوال ڪندڙ يا جواب ڏيندڙ کي مقرر وقت کان
وڌيڪ وقت جي ضرورت هجي ته اهو به ڏنو وڃي.
8-
سوالن ڪرڻ وقت سوال پڇندڙ کي جواب تمام ڌيان سان
ٻڌڻ گهرجي ۽ سوالن ڪرڻ وقت ذهني طور بلڪل تيار هئڻ
گهرجي.
9-
سوال پڇندڙ ۽ جواب ڏيندڙ کي جذباتي يا ڪنهن ذاتي
اثر ۽ خيال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ته جيئن حقيقت کي
سوالن جوابن جي مدد سان ڳولي سگهجي، جيڪڏهن جواب
ڏيندڙ جوابن ۾ ڪا لڪ ڪئي ته پوءِ صحيح نتيجو نڪري
نه سگهندو. اهڙي ريت جيڪڏهن سوال پڇندڙ هڪ طرف ٿي
۽ ڪنهن خاص مقصد کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ نتيجو
ڪڍي پوءِ سوال پڇندو ته صحيح نتيجو حاصل ڪري نه
سگهندو، سوالن جوابن ڪرڻ وقت صحيح ڳالهين کي ذهن ۾
رکڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر، يا اسٽونو گرافڪ رڪارڊ جي
مدد سان به سوالن جا جواب وٺي سگهجن ٿا ته جيئن
ڪنهن به وقت انهن کي ٻڌي ۽ نتيجو ڪڍي سگهجي. اهڙي
طرح سوالن جا جواب جيڪي ٻڌڻ کان پوءِ لکي رکيا
ويندا آهن، ۽ انهن ۾ جيڪي غلطيون ٿين ٿيون، اهي نه
ٿينديون.
10-سوالن
جا جيڪي جواب ملن انهن کي پرکيو وڃي ۽ جيڪي صحيح
جواب هجن تن کي چونڊيو وڃي ۽ جيڪي غلط هجن تن کي
الڳ ڪيو وڃي؛ يا جيڪڏهن انهن جوابن ۾ ڪا درستي ڪري
سگهجي ٿي ته ڪئي وڃي. جوابن ۾ جيڪي غير ضروري
ڳالهيون اچي ويون هجن تن کي ڪڍيو وڃي.
11-
سوالن
جي جوابن مان جذباتي ڳالهيون ڪڍيون وڃن ۽ صحيح
حقيقي ڳالهيون رکيون وڃن.
12- سوال ڪرڻ کانپوءِ جيترو جلد ٿي سگهي جوابن کي
لکيل صورت ۾ آندو وڃي ۽ پوري مواد مان ضروري ۽
گهربل مواد الڳ ڪيو وڃي ۽ غير ضروري مواد کي الڳ
ڪيو وڃي.
13-ضروري
۽ گهربل مواد جي ترتيب مقرر ڪئي وڃي.
مشاهدي وارو طريقو Observation Method
ڪنهن به تحقيق جو حقيقت ۾ ڪو مقصد هوندو آهي، جنهن مان اهو ثابت
ڪيو ويندو آهي، ته ماڻهو ڇا ٿا ڪن، ۽ ڇا ٿا چون.
انهيءَ لاءِ فقط اهو ضروري نه هوندو آهي ته ماڻهن
سان ملاقاتون ڪري، انگ اکر گڏ ڪيا وڃن، پر انهن جي
چال چلت بابت به معلومات حاصل ڪئي وڃي، ته هو
روزمره جي زندگي ۾ عملي طور ڪيتريون سچيون حقيقتون
هٿ ڪري ٿو. تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويندو آهي ته
ماڻهون ڇا ٿا چون ۽ ڇا ٿا ڪن ۽ ڇا چيو اٿن. اهڙي
طرح نه رڳو ملاقاتون ڪيون وڃن، پر انهيءَ لاءِ اهو
به معلوم ڪيو وڃي ته جنهن سان ملاقات ڪئي ويئي اهو
ڪهڙي چال چلت جو مالڪ آهي، ته جيئن انهيءَ جو
گفتگو جو صحيح اندازو ڪري سگهجي يا انهيءَ جي
گفتگو مان صحيح نتيجو ڪڍي سگهجي. هي طريقو عام طور
ظاهري ڏيک تي مدار رکندو آهي، جنهن ۾ انسانن يا
ساهوارن جي چال چلت کي پرکيو ويندو آهي، هي طريقو
تحقيق ۾ وڌيڪ فائدي مند ليکيو وڃي ٿو.
ڪارٽر. وي. گڊ
Carter .V. Good
مشاهدي واري طريقي جون هي ڇهه خاصيتون ٻڌايون آهن
(5)
1-
مشاهدو ڪنهن خاص قسم جو هجي جنهن ۾ ڪنهن ڳالهه يا
خاصيت بابت تمام چڱي طرح جانچ يا پرک ورتي وڃي.
(Observation is Specific)
2-
مشاهدي ۾ وقت ۽ حالتن جي لحاظ کان ڪابه تبديلي نه
هجي ۽ مشاهدي جو سلسلو سائنسي اصولن تي مقرر ڪيو
وڃي.
(Scientific Observation of behavior is
Systematic).
3-
مشاهدو گهڻي انداز ۾ ڪيو وڃي يا مشاهدي ۾ گهڻا
مثال ورتا وڃن ته جيئن صحيح نتيجو ظاهر ٿئي.
(Observation is Quantitative)
4-
مشاهدي ۾ جيڪي اچي انهيءَ کي يڪدم لکيو وڃي ۽
حافظي ۾ نه رکيو وڃي ته جيئن وسري نه وڃي.
(Observation be recorded immediately).
5-
مشاهدوڪندڙ ماهر هئڻ گهرجي ۽ هن کي هر حقيقت کي
پرکڻ ۽ پرک جي اصولن جي چڱي طرح واقفيت هئڻ گهرجي.
(Observant is expert).
6-
مشاهدي جي نتيجي کي پرکيو وڃي ۽ اهو يقين ڪيو وڃي
ته نڪتل نتيجو مسئلي جي حل لاءِ قبول ڪرڻ جهڙو
آهي.
(Observation result can be checked and
substantiated to ascertain reliabilities and
Validity).
سوال نامو يا خطن وارو طريقو
Letter or Questionnaries Method
مواد گڏ ڪرڻ جي هن طريقي ۾ تحقيقي مسئلي جي حل لاءِ، خطن جي
رستي يا سوال نامن جي رستي مواد گهرايو ويندو آهي.
هن طريقي ۾ به اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته وڌ ۾ وڌ
سوالن جا جواب ملن، ته جيئن نتيجو ڪڍي سگهجي. جيئن
ته پرپٺيرو تحقيق جو رستو آهي. تنهنڪري جواب ڏيندڙ
سوالن جو صحيح مطلب سمجهي نه سگهندا آهن، جنهن ڪري
صحيح نتيجو نڪرڻ مشڪل هوندو آهي.
سوال يا سوالنامو تيار ڪرڻ وقت هيٺين ڳالهين کي
ذهن ۾ رکيو وڃي.
1-
سوال آسان زبان ۾ لکيا وڃن.
2-
سوالن جو مطلب بلڪل آسان هجي، جيئن هر ڪو جواب
ڏيندڙ انهن سوالن کي سمجهي سگهي.
3-
سوال موضوع جي اندر لکيا وڃن.
4-
سوال اهڙا لکيا وڃن، جن
جا جواب مختصر ۽ جامع هجن.
5-
سوال اهڙا لکيا وڃن، جن
جو ڪو خاص مقصد هجي.
6-
سوال سلسليوار لکيا وڃن.
هن تحقيق جي طريقي ۾ وڏي مشڪل هي هوندي
آهي
ته جن کي سوالناما موڪليا ويندا آهن، انهن مان
بلڪل ٿورا انهن جو جواب ڏيندا آهن، جنهن ڪري تحقيق
ڪندڙ کي گهڻو مواد نه ملي سگهندو آهي. ٻيو ته جواب
ڏيندڙ انهيءَ سوال نامي کي پاڻ تي بار سمجهي
بيخيالي سان جواب لکي موڪليندا آهن، جيڪي صحيح
نتيجو نه ڏيندا آهن. انهيءَ کان سواءِ جيئن ته
تحقيق ڪندڙ جن به ماڻهن کي سوالنامو موڪليندو آهي
انهن جو گهڻو حصو جوابن جي موضوع سان واسطو نه
رکندو آهي، انهيءَ ڪري به انهن جا جواب تحقيقي
مسئلي لاءِ مفيد ثابت نه ٿيندا آهن.
بحث مباحثن مان ورتل مواد واري تحقيق
Action Research
هن قسم جي تحقيق ۾ ڪڏهن هڪ مسئلي تي هڪ کان وڌيڪ عالم ويهي
تحقيق ڪندا آهن، جنهن ۾ انهن جا بحث مباحثا شامل
هوندا آهن، جنهن کان پوءِ مسئلي جو نتيجو گڏ ڏنو
ويندو آهي. اهڙي نتيجي کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي
آهي ۽ اهڙيون تحقيقون عالمي شهرت حاصل ڪنديون آهن.
ڪنهن هڪ شخص جي مسئلي جي تحقيق
Case Study Method
هن طريقي ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو جي حالتن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي،
يعني ڪنهن ماڻهو جي شخصي حالتن جو جائزو ورتو
ويندو آهي؛ جنهن ۾ انهيءَ شخص جو سماجي تعليمي
تجزيو هوندو آهي. هن ۾ جيڪي انگ اکر ڪنهن شخص بابت
ورتا ويندا آهن، سي گڏ ڪري پوءِ انهن جو تجربو ڪيو
ويندو آهي، جنهن کانپوءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن شخص جي
حالتن بابت راءِ قائم ڪندو آهي، جنهن کي مسئلي جو
نتيجو چيو وڃي ٿو. هن طريقي جي خاصيت مقصد وارن
خاص انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ هوندي آهي. هن تحقيق لاءِ
نفسيات جو ماهر يا سماجي نفسيات جو ماهر هجڻ ضروري
آهي.
دستاويزي تحقيق جو طريقو
Documentary Method
دستاويزي تحقيق معنيٰ ڪنهن گذريل لکيتن تي تحقيق ڪرڻ. هن تحقيق
جي جاءِ ڪتب خانا، لئبرريون، قديم لکيتون ۽
دستاويز هوندا آهن.هن تحقيق ۾ اهي تحقيقي اصول ڪم
ايندا آهن، جيڪي لئبررين يا ڪتب خانن ۾ تحقيق ڪرڻ
وارن لاءِ ضروري هوندا آهن. هن تحقيق دوران گذريل
لکيتن جي تجزئي کي مختصر ڪري پيش ڪيو ويندو آهي،
ڇو ته هن تحقيق جو مقصد هوندو آهي، گذريل لکيتن جو
قدر ڪرڻ يا ٻين لکيتن سان واسطو ظاهر ڪرڻ، جن جي
ڪري انهن لکيتن کي سڃاتو وڃي. هن قسم جي تحقيق
دوران اهو به ثابت ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن لکيت جون
ڪهڙيون خاصيتون بيان ڪرڻ جهڙيون آهن، ڪهڙيون
خاصيتون تعريف جي لائق آهن. اهڙي طرح انهيءَ لکيت
جون اهي سڀ خاصيتون ۽ خاميون ظاهر ڪيون وينديون
آهن، جيڪي ادبي دنيا ۾ اهميت رکندڙ هونديون آهن.
يا ائين چئجي ته هن تحقيق جو مقصد هوندو آهي قديم
ماضي جي لکيتن ۽ دستاويزن کي حال ۾ اها اهميت
ڏيارڻ جيڪا انهن کي ملڻ گهرجي.
دستاويزي تحقيق جا ٽي ذريعا هوندا آهن:
1-
مضمون، مقالا، روايتون، گڏجاڻيون، لکيل رڪارڊ ۽
سرڪاري لکيتون وغيره.
2-
ٽيڪسٽ بڪ ۽ مينوئل وغيره.
3-
رپورٽون، جيڪي ڪيون وڃن ٿيون.
دستاويزي تحقيق ۾ ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ لکيل دستاويز وغيره
تحقيق هيٺ ايندا آهن. هن قسم جي تحقيق
جو طريقو هر
ڪنهن موضوع جي تحقيق ۾ ڪم ايندو آهي، پر عام طرح
علم ادب ۾ هي طريقو عام هوندو آهي، جهڙوڪ ڪتابن جو
تجزيو ڪرڻ، ڪهاڻين جو تجربو ڪرڻ، رسالن جو تجزيو
ڪرڻ، اخبارن، قديم لکيتن جو تجزيو ڪرڻ وغيره.
هن قسم جي تحقيق ڪرڻ وقت، تحقيق ڪندڙ کي خيالن جي آزادي هوندي
آهي ته هو ڪنهن به لکيت تي پنهنجا خيال ظاهر ڪري ۽
انهيءَ لکيت جي خامين ۽ خوبين کي ظاهر ڪري عام
پڙهندڙ جي اڳيان آڻي. انهي کان سواءِ تحقيق جي هن
طريقي ۾ تاريخي روايتن جي ڳولا، گذريل دورن جو
اڀياس، گذريل قومن جي علمي، ادبي، تهذيبي ۽
معاشرتي حالتن جو اڀياس، قديم دور جي چڱاين ۽
غلطين جو اڀياس، ماضي جي لکيتن جون غلطيون، ماضي
جي ڪتابن جو جائزو، تاريخي پس منظر، ۽ ڪردارن جو
عمل جيڪو لکيتن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهنجو جائزو
ورتو ويندو آهي. اهڙي طرح قديم لکيتن يا ماضي جي
لکيتن جو قدر ۽ اهميت ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي سڀ
ڳالهيون تحقيق جي هن طريقي جي دائري ۾ اچي وڃن
ٿيون. تحقيق جي هن طريقي ۾ اخبارن کي به وڏي اهميت
هوندي آهي. ۽ تحقيق ڪندڙ اخبارن جو اڀياس ڪندڙ
اهڙين عام ڳالهين جو مطالعو پيش ڪندو آهي، جيڪي
عام ماڻهو روزانو پڙهندو رهي ٿو. جيئن امريڪا،
اقوام متحده، ماڻهن جي حالت، جمهوريت، روس،
انگلنڊ، جپان، چين جون حالتون وغيره. هن قسم جي
تحقيق دوران اخبارن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته جيڪي
خبرون اخبارن ۾ انهن ملڪن لاءِ اچن ٿيون، سي ڪيتري
قدر عوام جي فائدي ۾ آهن، يا اهي فطري طور هتي جي
عوام جي فائدي ۾ آهن يا نه؟ يا اهي غير فطري آهن،
جيڪي سماج لاءِ مسئلو بنجي سگهن ٿيون؟ اهڙيون
تحقيقون سماجي مسئلن جو بنيادي مقصد هونديون آهن.
سماجي ڀلائي هن تحقيق جو مقصد هوندو آهي.
گڏيل طريقن سان مواد گڏ ڪرڻ جو طريقو
Combination of Methods
ڪنهن به تحقيق جي مواد گڏ ڪرڻ وقت مواد گڏ ڪرڻ جا وڌ ۾ وڌ اصول
استعمال ڪيا وڃن ته جيئن مسئلي جي حل لاءِ وڌ ۾ وڌ
مواد حاصل ڪري سگهجي ، ۽ انهيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ
مواد حاصل ڪرڻ جي سڀني اصولن ۽ طريقن کان واقف هئڻ
گهرجي جيئن سولائي سان، هر طريقي سان مواد حاصل
ڪري سگهجي. اهڙي هر مواد کي به مواد گڏ ڪرڻ جي هر
اصول تي پرکي ڏسجي، ته جيئن ملاقاتن وسيلي، لک
پڙهڻ جي رستي، دستاويزن جي ثابتين جي مدد سان
وغيره. اهڙي طرح حقيقتن کي ڳولڻ لاءِ هر ڪنهن
طريقي کي استعمال ڪيو وڃي، پر جڏهن مسئلي جي نتيجي
کي پرکيو وڃي ته انهيءَ وقت ڪنهن هڪ اصول کي
استعمال ڪيو وڃي يا هڪ اصول تي نتيجو ڪڍيو وڃي.
تاريخي تحقيق جو اصول
Historical Research Method
هن تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ماضي ۾ ڇا ٿي رهيو هو؟ ۽ حالتن
۽ واقعن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق هو؟ تحقيق جي هن طريقي
۾ تحقيق ڪندڙ کي گڏ ڪيل مواد جي تمام گهڻي مطالعي
کان پوءِ اها خبر پوندي آهي. ٻيو ته انهيءَ وقت جي
حالتن کي سمجهڻ تحقيق ڪندڙ لاءِ مسئلو هوندو آهي.
انهيءَ لاءِ تحقيق جي هن طريقي ۾ تحقيق ڪندڙ لاءِ
هي ڳالهيون ضروري هونديون آهن:
1-
صحيح حقيقتون هٿ ڪيون وڃن.
2-
تاريخ جون غلطيون جاچيون وڃن.
3-
حالتن کي خبرداري سان ڳولجي ته اهي ڇا هيون ۽ ڇا
ٿينديون؟
ڪوبه تاريخ دان پوري ماضي کي نٿو ڄاڻي ۽ نڪي ماڻهن جي پوري
تاريخ کان واقف آهي، يا ائين چئجي ته قديم تاريخ
جي هڪ سال ته ٺهيو پر هڪ ڏينهن کان به واقف نه
آهي. انهيءَ ڪري تاريخي تحقيق ڪندڙ کي تاريخي
تحقيق جو جائزو ڪنهن محدود دائري ۾ رهندي ڪرڻ
گهرجي. جي ائين ڪندو ته هو انهيءَ دائري اندر
رهندي مواد هٿ ڪري سگهندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڪوشش
۽ خيالن جي مدد سان ثابت ڪري سگهندو. تاريخي تحقيق
جو اهم اصول هي آهي ته ڪنهن به تاريخي تحقيق کي هڪ
طرفو ٿي، يا ڪن خاص اصولن تي نه پرکيو وڃي؛ پر
تاريخي تحقيق جو تجزيو ڪرڻ وقت حالتن کي دنيا جي
پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي، جيڪو تاريخ جو مقصد آهي. ڇو
ته تاريخ هر دور ۾ ورجائي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي جديد
سڌريل طريقن تي پرکڻ کان پوءِ سڌاريو وڃي ٿو ۽ اهو
سڌارو جديد سڌريل خيالن سان ڪيو ويندو آهي.
ڪتابن مان مواد ڪيئن چونڊيو وڃي
Matter Collecting
هر تحقيق ڪندڙ کي تحقيق ڪرڻ وقت ٻه ڳالهيون مشڪل لڳنديون آهن:
هڪ ته ڪهڙيون ڳالهيون ڳوليون وڃن ۽ ٻيو ته ڪهڙي
نموني تي اهي ڳالهيون حاصل ٿي سگهن ٿيون، يعني
مواد ڪهڙو ۽ ڪيئن حاصل ڪيو وڃي. مسئلي لاءِ جيڪي
شهادتون حاصل ڪرڻيون هونديون آهن
تن جو واسطو
پهرئين سوال سان هوندو آهي ۽ ٻئي سوال سان اهو
طريقو ۽ رستو تعلق رکي ٿو جنهن جي مدد سان شهادتون
يا مواد گڏ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو تجزيو ڪري ۽ نتيجو
ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ هي ڳالهيون ضروري
آهن:
اول ته ڪهڙي طرح مواد يا شهادتون چونڊيون وڃن، جيڪي ڪٿان به ملي
سگهن ٿيون، جن جي مدد سان مسئلي جي ڪنهن سوال جو
جواب ڪڍي سگهجي. ٻيو ته تحقيق ٿيندڙ مسئلي جي مواد
گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙي خاص ٽيڪنڪ اختيار ڪئي وڃي جو
صحيح مواد حاصل ڪري سگهجي. ٽيون ته ڪهڙي طرح مواد
کي گڏ ڪري ترتيب ڏيئي، انهيءَ کي سهيڙي جيئن انهن
جو صحيح تجزيو ڪيو وڃي. چوٿون ته ڪهڙي طرح سان
مواد جو تجزيو يا بيان ڪيو وڃي جو شهادتون تحقيق
ٿيندڙ مسئلي لاءِ ڪو صحيح نتيجو ڏئي سگهن.
تحقيق جي لاءِ هر ڪنهن چونڊيل اصول جو مدار تحقيق ڪندڙ جي شخصي
آزمودي تي آهي ته تحقيق ڪندڙ ڪهڙي اصول کي پنهنجي
لاءِ صحيح سمجهي ٿو ۽ ڪهڙي اصول تي هو ڪنهن تحقيق
کي نڀائي سگهندو. ڇو ته اها تحقيق ڪندڙ جي ذهني
قابليت هوندي آهي، جيڪا ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ
طريقا تلاش ڪندي آهي. اهڙي طرح ڪنهن مسئلي جي مواد
گڏ ڪرڻ لاءِ جدا جدا اصول، طريقا ۽ ٽيڪنڪس استعمال
ڪري سگهجن ٿيون جيڪي جدا جدا موضوعن تي تحقيق ڪرڻ
لاءِ ڪم اچن ٿيون. تنهنڪري ڪنهن تحقيقي مسئلي لاءِ
ڪيترائي اصول ۽ طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا.
مواد جي ڳولا لاءِ تحقيق ڪندڙ جي اڳيان ڪو مقصد اڳي مقرر هوندو
آهي، جنهن کي هو ٻين کان وڌيڪ سمجهندو آهي،
تنهنڪري هو پنهنجي چونڊيل مسئلي جي حل لاءِ جيڪي
اصول تلاش ڪري ٿو سي صحيح هوندا آهن.
مواد حاصل ڪرڻ جا مکيه چار طريقا آهن
1-
شخصي تجربن ۾ آيل قدرتي ڳالهيون، جيڪي اصل ۽ صحيح
حالتن ۾ اڳيان اچن ٿيون.
2-
شخصي تجربي ۾ آيل حالتن کي قدرتي ڳالهين سان ڀيٽي
پرکڻ.
3-
شخصي ڳالهه ٻولهه جي رستي مواد هٿ ڪرڻ.
4-
شخصي لکپڙهه جي مدد سان مواد هٿ ڪرڻ يعني خطن،
سوالنامن ۽ لکيتن جي رستي (آخري طريقي کي دستاويزي
تحقيق جو طريقو چيو وڃي ٿو.)
دستاويزي تحقيق جو هي به اصول آهي ته هڪ ئي موضوع تي لکيل هڪ يا
وڌيڪ ڪتابن کي گڏ ڪري، انهن تان شهادتون ورتيون
وڃن. اهي لکيتون ڪن مڃيل شخصيتن جون لکيل هجن، جن
کي تحقيقي دنيا ۾ قبول ڪيو ويو هجي. يعني شهادتن
يا مواد گڏ ڪرڻ لاءِ پهريائين جنهن ڳالهه کي ذهن ۾
رکيو وڃي سا آهي استعمال ٿيندڙ شهادت يا مواد جو
اعتبار ۽ قابليت
(Reliability and Authenticity)
مواد ٻن قسمن جو هوندو آهي:
1-
ابتدائي
(Primary source)-
ثانوي
(Secondary source)
ابتدائي مواد انهيءَ کي چيو وڃي ٿو جيڪو ”ابتدائي لکيل هجي
(Place of beginging)،
يا حقيقي
(Original)
صورت ۾ هجي يا اهو مواد جيڪو نئون حاصل ڪيو ويو
هجي ۽ اهو اڳي نه ڪيو ويو هجي“ (1). ابتدائي مواد
جو مقصد آهي اهو مواد جيڪو اصل دستاويز تان يا اصل
ڪتاب تان ورتو وڃي، جنهن ۾ مصنف جو اصل خيال، راءِ
يا حقيقت ڏني ويئي هجي. ثانوي مواد انهيءَ کي چيو
وڃي ٿو. ”جيڪو اڳي چونڊيل هجي (ڪنهن مسئلي لاءِ
استعمال ٿيل هجي) يا موجوده تحقيق کان اڳي انهيءَ
جو بيان ڪنهن تحقيق ۾ ڪيل هجي، جتان موجوده تحقيق
لاءِ مواد ورتو ويو هجي“ (2)
ابتدائي مواد انهيءَ مواد کي چيو وڃي ٿو جيڪو اصل صورت ۾ ورتو
وڃي ٿو ۽ ثانوي مواد انهيءَ کي چيو وڃي ٿو جيڪو
اصل صورت ۾ اصل ڪتاب تان نه ورتو وڃي پر انهيءَ
مواد کي اصل ڪتاب تان ڪنهن ٻئي ورتو هجي ۽ موجوده
تحقيق ۾ انهيءَ ٻئي ڪتابن تان ورتو ويو هجي، يعني
الف جيڪي ڪنهن لکيو آهي ب انهيءَ تان ورتو ۽ ت وري
الف يعني اصل تان نه ورتو پر ب تان مواد ورتو.
اهڙي طرف الف وارو لکيل مواد اصل هوندو ۽ ب وارو
ورتل مواد ابتدائي مواد هوندو ۽ ت وارو ورتل مواد
جيڪو هي ب واري لکيت تان وٺندو اهو ثانوي مواد چيو
ويندو، پر جيڪڏهن ت به الف جي لکيت تان مواد وٺندو
ته اهو ابتدائي مواد چيو ويندو.
ابتدائي مواد جي اصليت جي ڪري تحقيق ۾ وڌيڪ اهميت هوندي آهي ۽
تحقيق ۾ ثانوي مواد کي ابتدائي مواد کان گهٽ اهميت
هوندي آهي، ڇو ته اهو مواد اصل ليکڪ جو بيان ٿيل
نه هوندو آهي پر اصل تان ورتل هوندو آهي، جنهن ڪري
انهيءَ جي اصليت جو يقين نه هوندو آهي. اهو يقين
انهيءَ ڪري نه هوندو آهي، جو جهڙي انداز ۽ نموني ۾
اصل ليکڪ انهيءَ تحقيق لاءِ مواد کي سمجهيو ۽
سمجهايو آهي، اهڙي نموني ۽ انداز ۾ مواد پڙهندڙ کي
سمجهه ۾ آيو هو يا نه. ڇاڪاڻ ته اصل ليکڪ پنهنجي
مواد کي چڱي طرح سمجهندو آهي، پر ٻيو انهيءَ کي
پنهنجي سوچ ۽ سمجهه موجب استعمال ڪندو آهي.
تنهنڪري انهن جي اصليت ۾ لڪ هوندي آهي. يعني ليکڪ
جو شخصي بيان ابتدائي يا اصل بيان لکيو وڃي ٿو ۽
تحقيق ۾ آيل شهادتن تان ورتل مواد يا استعمال ٿيل
مواد کي ثانوي مواد چيو وڃي ٿو. پر خاص ڪري تحقيق
دوران اصل مواد جو حاصل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، جنهن
لاءِ
J. F. Rummel
لکي ٿو ته:
“A basic principle of data collection is to
obtain that data which is the closed to the
primary data humanly possible to obtain”. (3)
تنهنڪري اهو ضروري هوندو آهي ته جيترو اصل مواد کي ويجهو لکيل
مواد حاصل ٿئي، انهيءَ کي حاصل ڪيو وڃي ته جيئن
انهيءَ ۾ شڪ جي گنجائش گهٽ رهي ۽ صحيح حقيقتون
حاصل ڪري سگهجن، جن تي صحيح نتيجو ڪڍي سگهجي.
ثانوي مواد کي وري ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.
1-
مواد حاصل ڪرڻ جو ٽيون ذريعو
Third Source of data
ڪنهن ڇپيل بليٽن ۾ ماضي جي تحقيقن جي رپورٽ ڏني ويندي آهي. جنهن
۾ تحقيق جو اختصار، تحقيق جو طريقي ڪار، تحقيق ۾
مواد حاصل ڪرڻ جا طريقا ۽ نتيجو هوندو آهي. انهيءَ
۾ بيان غلط هئڻ جو امڪان هوندو آهي. ڇو ته رپورٽ
لکندڙ انهيءَ تحقيق جي مقصد کان پوري طرح واقف نه
هوندو آهي. اهڙين بليٽن وارين تحقيقن جي رپورٽن
مان مواد ورتو ويو ته انهيءَ کي مواد حاصل ڪرڻ جو
ٽيون ذريعو چيو ويندو.
2-
مواد حاصل ڪرڻ جو چوٿون ذريعو
Fourth Source of data
ماضي جي ٿيل تحقيقن جو بيان نصابي ڪتابن ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن
۾ انهن تحقيقن جو اختصار، يا انهن جو مختصر بيان
هوندو آهي. هن قسم جي بيانن ۾ به غلطي جو امڪان
هوندو آهي. جيڪڏهن اهڙن ڪتابن مان ماضي جي تحقيقن
جا حوالا ورتا ويا ته انهن کي مواد حاصل ڪرڻ جو
چوٿون ذريعو چيو ويندو.
3-
مواد حاصل ڪرڻ جو پنجون ذريعو
Fifth Source of data
ڪتابن ۾ ماضي جي تحقيقن ۽ تجربن جي رپورٽن تي راءِ ڏني ويندي
آهي. هنن ۾ به غلط بياني جو امڪان هوندو آهي.
جيڪڏهن اهڙن ڪتابن تان تحقيقن بابت حوالو ورتو ويو
ته اهڙي حوالي کي مواد حاصل ڪرڻ جو پنجون ذريعو
چيو ويندو.
مٿي ٻڌايل پنجن قسمن جي حوالن جي اهميت کيJ.
Francis Rummel
هن طرح بيان ڪيو آهي:
“Out side of the first source mentioned above
the other four are closed technically as
secondary source. There is no doubt but that the
last source would not be as reliable nor
authentic as the second. In every repetition in
reporting the study from one writer to another
is apt to be a loss in reliability.
تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ وقت نوٽ ڪيئن وٺجن
هر تحقيق ڪندڙ شاگرد کي ابتدائي ببلوگرافي کان پوءِ هر ڪنهن
ضروري مواد جا نوٽ وٺڻا پوندا آهن. نوٽ وٺڻ لاءِ
هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
1-
نوٽ وٺڻ لاءِ ڪارڊ 6 انچ ڊگهو ۽ 4 انچ ويڪرو هئڻ
گهرجي.
2-
پهريائين اهو مواد لکڻ گهرجي جيڪو نوٽ جي صورت ۾
ورتو وڃي.
3-
اها معلومات جيڪا مواد ورتل ڪتاب بابت هجي.
4-
اها ضروري معلومات جنهن سان مواد کي سڃاتو وڃي. پر
جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڪتاب تان وڌيڪ نوٽ ورتا وڃن ته
پوءِ اهڙن ڪارڊن تي ڪا مقرر نشاني ڪئي وڃي، جنهن
جي مدد سان اهو مواد سڃاڻي سگهجي.
مواد جي لاءِ ورتل نوٽن ۾ ٻن ڳالهين جو ذڪر هئڻ ضروري آهي.
(1) حقيقن جو بيان
Statement of Facts
(2) ڪن راين جو بيان
Statement
of opinions
نوٽ ۾ ڏنل حقيقتن کي پنهنجي صحيح شڪل ۾ رکيو وڃي، پر راين کي
تحقيق ڪندڙ پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري سگهي ٿو. پر
ائين نه ٿئي جو انهيءَ جو مطلب غلط نڪري اچي.
مواد جي نوٽ وٺڻ جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو
Note Actual Wrciting
Danzig, P. 35
Discovery of zero are
greatest Cultural
accomplishment
|
Danzig, P. 35
“In the History of Culture
the discovery of zero
will always stand as one
of the greatest single
achievements of the
human race” |
مواد جي لاءِ نوٽ ٽن طريقن جا ورتا ويندا آهن:
1-سڌو
حوالو
(Direct Qotation)
هن ۾ ڪتاب تان ورتل حوالو لفظ به لفظ ورتو ويندو
آهي، هن ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻي ناهي.
2-
مختصر
بيان
(Summary)
هن ۾ ڪتاب جي بيان کي مختصر ڪري پيش ڪيو ويندو
آهي، پر هن ۾ اهو خيال رکڻ گهرجي ته مطلب ۾ ڪابه
تبديلي نه اچي. جي ائين ٿيو ته حوالي جو مطلب غلط
نڪري سگهي ٿو.
3-
حوالي جو خاڪو ڏيڻ
(Out line)
هن ۾ حوالي جي مکيه يا ضروري ڳالهه کي حوالي طور
ورتو ويندو آهي. هن ۾ غلط ملب نڪرڻ جو گهڻو انديشو
هوندو آهي، تنهنڪري تحقيق ڪندڙ کي ڪنهن حوالي جو
خاڪو ڏيڻ وقت تمام گهڻو خيال ڪرڻ گهرجي.
جيڪو به مواد نوٽ جي صورت ۾ ورتو وڃي، انهيءَ کي ڏنگين ۾ رکيو
وڃي ته خبر پوي ته ڪهڙو مواد ٻين جو آهي ۽ ڪهڙو
مواد تحقيق ڪندڙ پنهنجي لفظن ۾ لکيو آهي؛ ۽ جيڪي
تحقيق ڪندڙ پنهنجي لفظن ۾ لکي، انهيءَ لاءِ ڪتاب
۾ لکيل رايا به ٻئي ڪارڊ تي نوٽ جي صورت ۾ لکي
انهيءَ سان گڏ رکي ته جيئن سمجهڻ ۾ سولائي ٿي
سگهي.
اهڙو حوالو جيڪو پنهنجي لفظن ۾ لکيو وڃي ٿو انهيءَ کي سڌو حوالو
نه چيو ويندو.
هر ڪنهن نوٽ لاءِ ٻه رڪارڊ لکيا ويندا پهرئين ڪارڊ تي ڪتاب بابت
معلومات ڏني ويندي جنهن ۾ ڪتاب ملڻ جو هنڌ ڪارڊ
نمبر، مصنف، ڪتاب جو نالو ۽ ٻي معلومات ڏني ويندي
آهي.
مثال:
75-20262 50
M. 35
Congress Catalague
J. William Asher. Educational
Research and Evaluation Methods
Boston: Little Brown and
Company
First: ed. |
هي ڪارڊ انهيءَ ڪري لکيو ويندو آهي ته جيڪو مواد نوٽ جي صورت ۾
ورتو وڃي انهيءَ ڪتاب کي ببلوگرافي ۾ داخل ڪيو وڃي
يا ڪتاب کي ڳولڻ وقت آساني سان وري هٿ ڪري ڏسي
سگهجي. انهيءَ لاءِ اهو به ضروري هوندو آهي ته اهي
ڪارڊ الف - بي جي ترتيب تي رکيا وڃن ته جيئن ڪارڊ
ڳولڻ ۾ آساني ٿي سگهي ۽ نوٽ جي حوالي ڏيڻ وقت ڪتاب
جي معلومات آساني سان حوالن ۾ ڏئي سگهجي.
ڪنهن به مسئلي جي لاءِ حوالو هيٺين حالتن ۾ ورتو وڃي
(1) جڏهن ڪابه ڳالهه مسئلي جي حل لاءِ تمام ضروري اهميت واري
هجي.
(when the Point is extremely important)
(2) جڏهن ڪنهن ڳالهه کي رد ڪيو وڃي.
(when the point is one to be refuted)
(3) جڏهن ڪنهن خيال کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو
ويو هجي جيڪو غلط نتيجو ڪڍندڙ هجي.
(When the idea is stated in such a way that
misrepresentation would be Possible)
(4) جڏهن ڳالهه ڪنهن طرح مشڪل نظر اچي ۽ اهو يقين
نه هجي ته ڪو اها ڳالهه حالتن کي صحيح انداز سان
پيش ڪري سگهندي.
(5) جڏهن ڪا ڳالهه اهڙي اثر ۽ اهميت واري مختصر بيان ڪئي ويئي
هجي جيڪا تحقيق ڪندڙ جي موضوع کي اهميت واري ظاهر
ڪري.
(When a point is stated so effectively (and
still briefly) that the quotation would add
interest to your paper)
حاشيه/ فٽ نوٽ
Foot note
فٽ نوٽ جو مطلب هوندو آهي ته تحقيق ۾ ڏنل مواد تي ڪابه تنقيدي
راءِ يا انهيءَ بابت وڌيڪ سمجهاڻي يا باقي بچيل
مواد جيڪو تحقيق دوران ضروري نه هجي ڏنو وڃي.
پرمواد کي سمجهڻ يا مواد جي لاءِ وڌيڪ معلومات ڏيڻ
لاءِ ضروري ڏيڻو هجي. فوٽ نوٽ کي سمجهاڻي وارو نوٽ
به چيو وڃي ٿو. فوٽ نوٽ هيٺ ليڪ ڏئي لکيو ويندو
آهي. پر موجوده جديد تحقيق ۾ فوٽ نوٽ حوالن ۾ ڏنو
وڃي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ جدا نشاني مقرر ڪئي ويندي
آهي جيڪا تحقيق ٿيل مواد ۾ گهربل هنڌ تي ڏني ويندي
آهي ۽ اها نشاني سلسليوار حوالن ۾ به جتي ايندي
آهي، اتي ڏني ويندي آهي. يعني جيڪڏهن حوالو 1، 2
کان پوءِ فوٽ نوٽ جي نشان اچي ٿو ته اهو نشان ڏئي
۽ فوٽ نوٽ لکيو ويندو ۽ پوءِ حوالو نمبر 3 ڏنو
ويندو آهي. |