لکيت ۾ جيڪي به بيهڪ جون نشانيوون استعمال ڪيون
وڃن ٿيون تن مان ڪي نشانيون هر ڪنهن لکيت ۾
استعمال ٿين ٿيون ۽ ڪي ڪن خاص انداز وارين لکيتن ۾
استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
بيهڪ جون شانيون هي آهن:
پورو
دم [.] THE PERIOD OR FULL STOP
پوري دم لاءِ هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا نالا
آهن. جيئن انگريزي ۾
Period،
فرنچ ۾
Periode،
لاطيني
(Latin)
۾
Periodus،
گريڪ
(Greek)
Periodos،
معنيٰ
Peri
معنيٰ
Arowid
۽
Odos
معنيٰ
Away
پوري لفظ جي معنيٰ ٿي
A
going round
پورو دم بياني جملي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڏنو ويندو
آهي، جنهن کي مڪمل خيال چيو وڃي ٿو. يعني خيال کي
مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ نشاني کي پورو دم چيو وڃي
ٿو. يا ائين چئجي ته پورو دم جو مطلب آهي بياني
جملو پورو ٿيو يا جملي ۾ ڏنل خيال مڪمل ٿيو ۽ ٻيو
خيال يا بيان شروع ٿيندو. اهڙي جملي ۾ ڳالهائڻ وقت
ڪنهن به اکر تي زور نه ڏنو ويندو پر اکر هڪ ساريڪي
آواز ۾ ڳالهايا ويندا.
مثال:
(الف) اڄ سومر جو ڏينهن آهي.
(ب)
ٻهريون در بند ڪر.
(ت)
سنڌ هڪ زرعي ملڪ آهي.
ڪن
حالتن ۾ سوالي يا عجب يا ندا واري جملي جي پٺيان
به پوري دم جي نشاني ڏني ويندي آهي.
(الف) قدم کڻڻ کان اڳي خبردار رهجائين.
(ب)
اچو ته پوري ڳالهه کي وساري ڇڏيون.
(ت)
ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن اسين سڀ اتي هجون ها.
لفظن جي مخفف هجڻ جي نشاني به پورو دم ڏئي ظاهر
ڪئي ويندي آهي.
مثال
ايم. اي.، پي ايڇ. ڊي.،
M. A., Ph. D.,
D.c.,
پورو دم ڊيسيمل لاءِ به ڪم ايندو آهي.
Rs. 120.80,
11.39
*
مخفف هجڻ جي حالت ۾ يا ڊيسيمل واري حالت ۾ پوري دم
جي حيثيت هڪ ٻوڙيءَ جي هوندي آهي جيڪا لفظ جي مخفف
هجڻ ظاهر ڪندي آهي.
پورو دم
۽ ليڪ [-]
Period
& Dash
هيءَ نشاني ڪنهن ڳالهه کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ يا
احتياط خاطر استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ٿورو دم [،]
Comma
ٿورو دم کي انگريزي ۾
Comma
گريڪ زبان ۾
Komma
چيو وڃي ٿو، جنهن جو تعلق لفظ
Koptein
معنيٰ
To cut
سان آهي. ادبي لحاظ کان فقرن کي جدا ڪرڻ يا جملي
جي ننڍن حصن کي جدا ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. ٿورو دم نه
رڳو جملي جا حصا ظاهر ڪري ٿو، پر لفظن، اصطلاحن ۽
پهاڪن وغيره کي به جملي ۾ جدا ڪري ڏيکاري ٿو.
ٿورو دم هيٺين حالتن ۾ ڏنو وڃي ٿو:
(1)
جڏهن هڪ کان وڌيڪ اسم اچن ٿا، تڏهن آخرين اسم جي
اڳيان ۽ باقي اسمن جي پٺيان ٿورو دم اچي ٿو.
مثال
احمد، محمد، علي، ۽ رحيم باغ ۾ گهمڻ ويا.
(2)
جيڪڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ صفتون
(Adjective)
لاڳيتون اچن ته اهڙي حالت ۾ هر صفت کان پوءِ ٿورو
دم ڏيڻ گهرجي، پر آخري صفت جي پٺيان نه ڏجي.
مثال:
مغل
اڪبر بادشاهه، بهادر، سخي، طاقت ور، ۽ انصاف پسند
حاڪم هو.
(3)
جيڪڏهن اسمن يا صفتن جون جوڙيون، جوڙيون ٿي جملي ۾
آيون هجن ته اهڙي حالت ۾ به هر جوڙي کان پوءِ ٿورو
دم ڏنو وڃي.
مثال:
اسمن
جون جوڙيون
احمد ۽ لطيف، محمد ۽ علي، جافر ۽ ڏنو، راند لاءِ
سٺيون جوڙيون آهن.
صفتن
جون جوڙيون
احمد هڪ دلير ۽ بهادر، انصاف پسند ۽ سخي، مڙد آهي.
(4)
جڏهن جملي ۾ ڪنهن به ڳالهه تي زور ڏيڻو هجي ته
انهيءَ کي ٿورو دم ڏئي ۽ جدا ڪري ڏيکاريو وڃي.
مثال:
هي
تمام لائق ۽ محنتي، ماڻهو آهي.
هن
جملي ۾ ڪنهن لائق ۽ تمام محنتي جي پٺيان ٿورو دم
ڏئي، انهن لفظن کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪيو ويو آهي.
(5)
جيڪڏهن فعل هڪ کان وڌيڪ لاڳيتا اچن ته انهيءَ کي
به زوردار ثابت ڪرڻ لاءِ، ۽ جدا رکڻ لاءِ هر هڪ
فعل جي اڳيان ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
هي
جلدي سوچي ٿو، هڪدم قدم کڻي ٿو، ۽ جلدي اثر قبول
ڪري ٿو.
(6)
جيڪڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ ظرف
(Adverb)
اچن ته هر ظرف کان پوءِ ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
هاڻي، جلدي، ٿوري وقت ۾ ڪم پورو ڪرڻ گهرجي.
(2)
جيڪڏهن جملي ۾ حرف جر جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ فقرن ۾
اچن ۽ انهن کي جدا ڪري استعمال ڪرڻو هجي ته حرف جر
کان پوءِ ٿورو دم ڏئي انهن کي جدا ڪيو وڃي.
مثال:
(الف) هن لاءِ، توڙي هن لاءِ، اها رسم ضروري آهي.
(ب)
هي ڪپڙو، نه رڳو ٻين کان ڳرو آهي، پر سٺو به آهي.
(8)
لفظن جي ميڙ جي پٺيان يا نسبتي لفظن جي پٺيان ٿورو
دم ڏنو ويندو آهي.
مثال:
ٻڪرين جي واڙ، ڳئن جو ڌڻ، ماڻهن جو ٽولو
اهڙين نسبتي لفظن کي به جملي ۾ ڌار ڪري بيهارڻ
لاءِ ٿورو دم ڏنو ويندو آهي.
(9)
جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ جملا حرف جملي جي مدد سان
ڳنڍيا ويا هجن، تڏهن به هر جملي جي ميلاپي هنڌ تي
حرف جملي کان اڳي ٿورو دم ڏنو وڃي. اهڙي ٿوري دم
جو مطلب هر جملي جي خيال کي الڳ الڳ ظاهر ڪرڻ
هوندو آهي.
سائين شفي محمد کي سلام ڏيندا.
هن
مان ٻه مطلب نڪرن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالمجيد کي نياپو ضرور ڏيندا.
مثال:
(الف) هن چيو جيتوڻيڪ، اهو جيڪڏهن ڏکيو آهي، پر
تڏهن به هن کي گهرجي ته، گهر ڏسي ڇڏي.
(ب)
هن جي سوچ، ۽ منهنجي خيال ۾، وڏو فرق آهي.
(ت)
مون سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڙي واري جي ريڊيو مون
کي سمهڻ ڪونه ڏنو.
(ث)
هو جيڪي سوچي ٿو، جيڪي ڪري ٿو، تنهن ۾ زمين آسمان
جو فرق آهي.
(10) ندا جي فاعل، اسم ۽ فعل جي پٺيان به ٿورو دم
ڏنو وڃي.
مثال:
ڇوڪر، روئي ٿو.
استاد پنهنجي لٺ سان، شاگرد کي ماري ٿو.
هن
جملي ۾ ٿورو دم نه رڳو هر ڪنهن فقري جي اهميت ظاهر
ڪري ٿو، پر ٻنهي فقرن کي ٿوري دم جي مدد سان الڳ
ڪري بيهاريو ويو آهي، ۽ معنيٰ کي صاف ڪري اثرائتو
ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ وضاحت ڪئي ويئي آهي.
(11) ٿورو دم هر فقري يا مددي يا مدار رکندڙ جملي
کان پوءِ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن فقري ۽ جملي جي مقصد
۽ اهميت کي اڀاري ظاهر ڪري.
مثال:
(الف) هر وقت، هر انسان، خدا جي مخلوق جي دک درد
کي غور سان ڏسي، انهن تي سوچي، ويچاري ۽ نتيجا
ڳولي، ته جيڪر جاندار، پکين، انسانن جي ڀلائي،
همدردي ۽ سک جا سڀ رستا، سبب هن جي اڳيان اچي وڃن.
(ب)
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، جيڪي به لفظ وات مان نڪرن ٿا،
سي ڳالهائڻ جي اٺن لفظن مان، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا
ضرور هوندا آهن.
(ت)
امتحان لاءِ جيڪي ڇوڪرا تيار ٿيا، سي پاس ٿيا.
(ث)
اڄ صبح جو، اسين جهيڙي ۾ ڦٽلين وٽ وياسين، پر هنن
جي خراب حالت ڏسي، دل جهلي نه سگهياسين، تنهنڪري
سگهو ئي موٽياسين.
(12) تعداد يا تاريخ لکڻ کان پوءِ جڏهن ٻيا لفظ
لکيا وڃن، تڏهن به ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
(الف) ماڻهو 3789 ۽ گهوڙا 683، هن شهر ۾، اڄ موجود
آهن.
(ب)
جنوري 1980ع، کان امتحان شروع ٿيندو.
(13) ڪنهن جاءِ، ايڊريس جي حصن کي ٿورو دم ڏئي جدا
ڪيو وڃي.
مثال:
هي
حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو هو.
(14) انگن جي تعداد کي جدا جدا ڪري لکڻ به ٿورو دم
آندو وڃي ٿو.
745، 22، 150، 290.
(15) ڪنهن به حوالي ڏيڻ وقت ورجايل لفظن ۾ چيل
لفظن کي به ٿوري دم جي مدد سان جدا ڪيو ويندو آهي.
مثال:
هن
چيو، ”توکي پورو حق آهي.“
(13) واسطو رکندڙ فقرن کي ٿوري دم جي مدد سان جدا
ڪيو وڃي.
مثال:
جي
تون هي ڪتاب پسند ڪرين ٿو، ته کڻي وڃ.
مٿين حالتن کان سواءِ هيٺين حالتن ۾ به ٿورو دم
ڏنو وڃي ٿو:
1-
جملن ۽ فقرن کي گڏ لکڻ وقت، هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ
وقت.
2-
جملن ۽ فقرن جي معنيٰ صاف ڪري، اثرائتي ثابت ڪرڻ
لاءِ.
3-
جملن جي جدا جدا حصن ۽ فقرن جي اهميت ظاهر ڪرڻ
لاءِ.
4-
جملن ۾ جتي ٿورو ساهه کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي
پر معنيٰ.
5-
جملن ۽ فقرن جي مقصد ۽ خيال کي مختلف ظاهر ڪرڻ
لاءِ.
6-
جملي جي پهرئين خيال کان پوءِ ٻئي خيال کي واضح ۽
نرالو ثابت ڪرڻ لاءِ.
7-
ٻن جدا جدا خيالن وارن جملن کي جدا ڪري ظاهر ڪرڻ
لاءِ.
8-
جملي ۾ ٿورو دم اتي ڏيڻ گهرجي جتي ٻي ڪابه نشاني
نه اچي سگهي.
مثال:
1-
مرد ۽ زالون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون برابر اهميت جي لائق
آهن.
2-
هن باغ ۾ انب، صوف،، ڪيلا، ڄمون ۽ ٻيا ميوا ٿيندا
آهن.
3-
ايماندار، محنتي، سياڻو ۽ ڪارائتو ماڻهو هر هنڌ
عزت حاصل ڪري ٿو.
4-
هي ڇوڪري رڌڻ، پچائڻ، سبڻ ۽ ٻين گهر جي ڪمن ۾
هوشيار آهي.
5-
احمد، نيرن ڪري، اسڪول مان ٿي، راند ڪري، شام جو
گهر موٽيو.
6-
گهوڙو، جو مون توکي ڏنو، سو سٺي نسل جو هو.
7-
ڇا ڏينهن هجي، ڇا رات هجي، صبح هجي يا شام هجي،
گرمي هجي يا سردي هجي، غريب پيٽ لاءِ، محنت ڪندو
رهي ٿو.
8-
فاعل ۽ فعل يا هڪ خيال جي رخ وارن فقرن يا جملن جي
وچ ۾ ٿورو دم نه ڏنو وڃي، نه ڪي ٿورو دم هر هنڌ
بنا ضرورت جي ڏنو وڃي.
ٿورو دم ۽ ليڪ [-]
Comma
& Dash
هيءَ نشاني ڪنهن ڳالهه کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ يا
احتياط خاطر استعمال ڪئي وڃي ٿي.
اڌ
دم [؛]
Semicolon
اهڙو جملو جنهن ۾، هڪ کان وڌيڪ جملا شامل هجن، ۽
جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي ۽ حيثيت جي لحاظ کان هر هڪ
جدا ننڍو جملو هجي، جيڪو خود زور ڀريو ۽ الڳ خيال
رکندڙ جملي جي حيثيت جهڙو هجي ۽ جن کي جيڪڏهن جدا
ڪري لکجي ته خود هڪ جملو ٿي پوي ته اهڙن جملن جي
حيثيت ۽ خيال کي الڳ ڪري ڏيکارڻ لاءِ اڌ دم ڏنو
ويندو آهي. اهڙا جملا مداري جملا نه هوندا آهن پر
اهي جملا مکي جملي جي خيال سان واسطو ضرور رکندا
آهن ۽ جملي ۾ اهڙن جملن جي ثانوي حيثيت هوندي آهي.
موجوده وقت لکيتن ۾ اڌ دم تمام گهٽ استعمال ڪيو
وڃي ٿو، ۽ اڌ دم جي بدلي ٿورو دم ڏنو وڃي ٿو يا
مرڳو ننڍا ننڍا جملا ڪري لکيا وڃن ٿا.
هن
نشاني جو خاص مقصد هوندو آهي ته هر ننڍي لاڳاپيل
جملي کان پوءِ ٿورو دم کان وڌيڪ بيهجي، ته جيئن
انهيءَ لاڳاپيل خيال وارو جدا حيثيت رکندڙ آساني
سان سمجهي سگهي ۽ جملو به اثرائتو معلوم ٿي.
مثال:
1-
هي ڇوڪرو تمام ذهين آهي؛ تنهنڪري امتحان ۾ پهريون
نمبر اچي ٿو؛ پر سست آهي؛ تنهنڪري ڪوبه ڪم جلدي
نٿو ڪري.
2-
اڄ ڪلهه، اسانجي سماج جي تباهي جا بنيادي مسئلا
آهن: بي روزگاري جو وڌڻ؛ شين جي قيمتن ۾ واڌارو؛ ۽
اخلاقي خرابين جو پئدا ٿين”
3-
انساني ويس ۾، تون اشرف المخلوقات آهين؛ دنيا جي
ويس ۾، تون شيطان جو پوئلڳ آهين؛ خواهشن جي دائري
۾، تون بيحد لالچي آهين؛ عقل جي لحاظ کان، تون
انصاف پسند، رحم دل، داناءُ، ظالم ۽ بي عقل آهين.
4-
احمد اسڪول ويو آهي؛ محمد اندر ڪمري ۾ آهي.
اڌ
دم ۽ ليڪ [- ؛]
Semicolon & Dash
هي
نشاني پوءِ ايندڙ جملي کي اهميت وارو ۽ زوردار
بنائڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي. انهيءَءَءَ کان سواءِ
ايندڙ جملي کي جدا ڪري ڏيکارڻ لاءِ به ڏني ويندي
آهي.
دم
[:]
Colon
ڪنهن ڳالهه يا خيال کي اثرائتو ڪرڻ لاءِ يا جيڪي
ڪجهه ڳالهه جي اثر وڌائڻ لاءِ چيو وڃي، يا اصل
ڳالهه جي تفصيل يا وضاحت ڏيڻ لاءِ، هي نشاني ڏني
وڃي ٿي.
1-
پاڪستان ۾ هيٺيان صوبا آهن:
سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب
2-
جيڪو محنت ڪندو، پاس ٿيندو: محنت جو ڦل وڃڻ جو نه
آهي.
3-
اها هن جي ڏنل راءِ جيڪا اخبارن ۾ آئي آهي ته:
”مون ڪڏهن به اهڙا خيال ظاهر نه ڪيا آهن؛ نه اهڙن
خيالن کي ظاهر ڪري سگهان ٿو؛ نه اهڙن خيالن کي
مقبول بڻائڻ جو خيال آهي.
دم ۽
ليڪ [:-]
Colon &
Dash
هي
نشاني ايندڙ لفظن کي وڌيڪ اهميت ۽ زوردار بنائڻ يا
احتياط خاطر استعمال ڪئي ويندي آهي.
سوال
جي نشاني [؟]
Question Mark
جڏهن ڪنهن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته انهيءَ سوال
ظاهر ڪرڻ لاءِ لکيت ۾ سوال جي نشاني ۽ ڳالهائڻ وقت
جملي ۾ آخرين لفظن تي زور ڏنو وڃي ٿو.
هي
منهنجو ڪتاب آهي؟
ڇوڪر جو نالو ڇا آهي؟
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟
جملي ۾ سوال جي نشاني نه ڏني ويئي ته جملو بياني
ٿي پوندو ۽ جملي جو مطلب غلط ٿي پوندو.
هي
منهنجو ڪتاب آهي.
هن
جملي مان يقيني حالت جو به اظهار ٿي سگهي ٿو ته
حقيقت ۾ هي ڪتاب منهنجو آهي. پر سوال جي نشاني ڏيڻ
سان اهو ظاهر ٿيندو ته هي ڪتاب منهنجو آهي يا نه.
سوال
جي نشاني ۽ ليڪ Question
Mark & Dash
جملي کي هي نشاني وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ لاءِ يا
احتياط طور ڪم آندي ويندي آهي.
هڪ
کان وڌيڪ سوال جون نشانيون [؟ ؟ ؟]
Plural Queries
ڪنهن سوال کي وڌيڪ معلوماتي يا سوال ۾ وڌيڪ شدت
ظاهر ڪرڻ لاءِ، هڪ کان وڌيڪ سوال جون نشانيون
ڏنيون وينديون آهن. هي نشانيون عام طور افسانوي
ادب ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. پر ادبي تحقيق ۾
ڪم نه اينديون آهن.
ڏنگين ۾ سوال جي نشاني [ (؟) ]
Bracked Question
Mark
هي
نشاني افسانوي توڙي ادبي لکيت ۾ استعمال ڪئي وڃي
ٿي ۽ هن جو مقصد هوندو آهي، ڪنهن ڳالهه کي سوالي
بنائڻ يا ڪنهن سوال کي ڳجهو ڏيکارڻ، يعني ظاهر ۾
اهو سوال نه هجي، پر باطني طور اهو سوال ظاهر ڪيو
وڃي، يا ڪنهن ڳالهه ۾ شڪ هجي ۽ انهيءَ جي مڪمل
معلومات نه هجي ۽ ڪڏهن هي نشاني ٽوڪ طور به ڪم
آندي وڃي ٿي.
ندا
جي نشاني [!]
Exclamation
ندا
جي نشاني تڏهن استعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن جملي ۾
خوشي يا غم، ڊپ يا ڪنهن عجب وارن جذبن کي ظاهر ڪيو
ويندو آهي. پر ڳالهائڻ وقت انهن لفظن تي زور ڏنو
ويندو آهي ۽ انهن لفظن ۽ باقي لفظن جي وچ ۾ ڪجهه
وقت دم کڻڻو پوندو آهي. هڪ ڪڏهن ٿوڪ ظاهر ڪرڻ يا
ڪنهن خاص پيدا ڪرڻ لاءِ نشاني ڏني ويندي آهي.
مثال:
مار! ايترو بار هن جانور تي.
واه! تو هي راند نه کٽي ورتي.
ڌڻي
شل توکي وڏي عمر ڏئي!
تو
ايتري دولت ڪمائي آهي!
چپ!
تيار ٿي! هڪدم ڪمري مان نڪري وڃ.
ندا
۽ ليڪ [! -]
Exclamation & Dash
هي
نشاني ندا جي حالت ۾ وڌيڪ زوردار يا احتياط خاطر
استعمال ڪئي ويندي آهي.
هڪ
کان وڌيڪ ندا جون نشانيون [!!
!
]
هنن
نشانين جو مقصد هوندو آهي ته ڪنهن ڳالهه جي لاءِ
وڌيڪ عجب ظاهر ڪرڻ. هيءَ نشاني افسانوي ادب ۾ عام
استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ڏنگين ۾ ندا جي نشاني [ (!) ]
Bracked
Exclamation
هن
نشاني مان لفظن ۾ لڪل عجب ظاهر ڪيو ويندو آهي.
معنيٰ لفظن ۾ ظاهر ۾ ندا جي حالت ڪانه هوندي آهي
پر باطني طور ندا جي حالت ظاهر ڪئي ويندي آهي يا
هن نشاني مان گهري طنز ظاهر ڪئي وڃي ٿي.
ليڪ
[- -]
Dash
ڪنهن مڪمل جملي کان اڳي جيڪڏهن، معنيٰ طور، يا
سمجهاڻي طور ڪجهه لکيو وڃي ۽ پوءِ جملو شروع ڪيو
وڃي ته اهڙي حالت ۾ سمجهاڻي ۽ جملي جي وچ ۾ ليڪ
ڏني وڃي پر جيڪڏهن پهريائين جملو ۽ پوءِ سمجهاڻي
ته اهڙي حالت ۾ دم
(Colon)
جي نشاني ڏني ويندي آهي. يا ائين ته جيڪڏهن ڪنهن
جملي جو پورو مطلب نه نڪري ۽ جملي جي سمجهاڻي لاءِ
ڪي خاص لفظ ڏيڻا هجن ته وڇوٽي يا ليڪ ڏني وڃي.
مثال:
1-
هن کي مار ڏني، برو ڀلو چيو، ۽ هن جو سامان در کان
ٻاهر اڇلايو - احمد تمام خراب رويو اختيار ڪيو.
2-
جنگ، امن، سياست ۽ محبت - اسان ڪيترن ئي موضوعن تي
ڳالهيون ڪيون.
3-
هوڏانهن مير به انگريزن سان ناتي ڳنڍڻ ۾ ناراض
هئا، جيتري قدر انگريز پاڻ - خاص ڪري اهڙي طاقت
سان، جنهن مان کين ڊپ هو.
4-
انگريزن کي هاڻي ميرن سان گهاٽي رستي رکڻ جي ڪا
خاص ضرورت ڪانه هئي - خاص ڪري جڏهن هنن ميرن کي
جاهل قوم ڪري ٿي لکيو.
افسانوي ادب ۾ ليڪ جملي ۾ خيال جي وضاحت، اهميت ۽
سمجهاڻي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري
دم لاءِ به ليڪ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن جو
مطلب لفظن کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ هوندو آهي. يا انهي
لاءِ ليڪ ڏني ويندي آهي ته جذبي جي جهڙي شدت لکندڙ
۾ هجي اهڙي پڙهندڙن ۾ به پئدا ڪئي وڃي. اهڙي طرح
ٽوڪ ۽ طنز طور استعمال ٿيل فقرن جي اڳيان به ليڪ
ڏني ويندي آهي. جيئن تحقيقي لکيتن ۾ ڪنهن لفظ يا
ڳالهه جي سمجهاڻي لاءِ ڏنگيون ڏنيون وينديون آهن
تيئن افسانوي ادب ۾ وري ڏنگين جي بدلي ۾ اڳيان
پٺيان ليڪون ڏنيون وينديون آهن. انهي کان سواءِ
ليڪ جي پٺيان آيل فقري ۾ نئين خيال جي نشاندهي به
ڪئي ويندي آهي.
مثال:
مير
فتح علي خان ملڪي حڪومت ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن - غلام
علي، ڪرم علي، مراد علي، کي به ڀائيوار ڪيو.
ڳنڍيندڙ ليڪ [ــــــــــــــــــ]
Hyphen
هي
ليڪ هيٺين حالتن ۾ استعمال ٿئي ٿي:
1-
مرڪب لفظن کي جدا ڪرڻ. مثال: ماهه - پهريون، جڳ -
مشهور-
Dancing - gril
2-
لفظن کي پدن ۾ ورهائڻ. مشـ ــــــ هو ــــ ر
(Di -
vi - sion)
3-
اچارن جي لحاظ کان لفظن جو ورهائڻ.
4-
افسانوي ادب ۾ ڪنهن ڳالهه ۾ هٻڪ پئدا ڪرڻ.
5-
ٽائيپ ۾ سٽ جي آخر ۾ جڏهن ڪو لفظ نه اچي سگهي ته
جيڪي اکر اچي سگهن، اهي لکجن ۽ پوءِ ڳنڍيندڙ ليڪ
ڏئي باقي اکر ٻئي سٽ ۾ ڏنا وڃن.
6-
هڪ کان وڌيڪ اهڙيون ڳنڍيندڙ ليڪون جيڪڏهن ڏنل هجن
ته انهيءَ جو مطلب هوندو آهي ته انهيءَ جاءِ تان
ڪجهه لفظ نڪتل آهن.
واڪ
جون نشانيون
Quotation Marks
واڪ
جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون ساديون واڪ
جون نشانيون
(Single quotation)،
ٻيون مرڪب واڪ جون نشانيون
(Double quotation).
سادي
واڪ جي نشاني [’ ‘]
Single
Quotation
هي
نشاني جملي ۾ تڏهن ڪم ايندي آهي، جڏهن ڪنهن لفظ کي
اهميت واري يا ڪو خاص لفظ ظاهر ڪيو ويندو آهي.
’ڪاڄ‘ کان ٽي راتيون اڳ سرور جي ڍولڪ هڻائبي آهي.
انهيءَ کان سواءِ جملي ۾ خاص فقرن کي به سادي واڪ
جي نشاني ۾ رکيو ويندو آهي.
مثال:
لائن کان پوءِ ٻيا هي ساٺ ڪيا ويندا آهن:
’منڊيءَ جو ساٺ‘، ’سونگي جو ساٺ‘، ’وڃڻيءَ جو
ساٺ‘، ’کير جو ساٺ‘، ’مٺ کولائڻ‘، ’ڦل چونڊڻ‘ ۽ تر
مئڻ، وغيره.
ننڍا فقرا ۽ اهڙا لفظ جن جي جملن ۾ اهميت جدا گانه
هوندي آهي، اهڙن لفظن کي به واڪ جي نشانين ۾ رکيو
ويندو آهي.
مرڪب
يا ٻٽيون واڪ جون نشانيون [ـ ـ]
Double
Quotation
جيڪڏهن ڪي لفظ اڳي چيل يا ورجايل آهن يا حوالي طور
ڪم آيل آهن يا اڳي چيل جملا ورجايل آهن يا يابجنسي
چوڻا آهن، تڏهن مرڪب يا ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ رکيا
ويندا.
مثال:
احمد چيو ته ”هو اڄ راند نه ڪندو.“
هي
لفظ ڪيترا نه تنهنجي دوست سان ٺهڪي اچن ٿا، ”چور
جو ڀاءُ ڪنڍي ڇوڙ،“
ڏنگيون ليڪون ۽ برڪيٽ ( ) [ ]
ڏنگيون ليڪون ( )
ڪنهن به جملي ۾ جي ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا نسبتي لفظ
ڏيڻو هوندو آهي ته انهيءَ کي ڏنگين ۾ لکيو ويندو
آهي.
مثال:
داخلي
(Internal)
۽ خارجي
(External)
اثر انسانن جي حالتن جا ذميوار هوندا آهن.
ڪڏهن ڪنهن جملي يا فقري جي سمهجاڻي ۽ وضاحت به
ڏنگين ۾ ڏني ويندي آهي. تحقيق دوران اهڙيون
سمجهاڻيون يا وڌيڪ ڳالهيون هيٺ فٽ نوٽ ۾ ڏنيون
وينديون آهن، پر عام لکيت ۾ انهن ڏنگين ۾ رکيو
ويندو آهي. يعني اهڙي معلومات جيڪا تمام ضروري هجي
ته اهڙين ڏنگين ۾ ڏني ويندي آهي. پر اهڙي معلومات
جيڪا تمام ضروري نه هجي پر انهن جو هجڻ به ڪو مطلب
رکندو هجي ته اهڙي معلومات فٽ نوٽ ۾ ڏني وڃي.
اهڙيون ڳالهيون جيڪي گرامر جي لحاظ کان جملي ۾
ضروري نه هونديون آهن پر انهن جو جملي سان ڪنهن
طرح به واسطو هوندو آهي، تن کي ڏنگين ۾ رکيو وڃي.
مثال:
سڄو
شهر (جنهن جي، 1940ع ۾ مردم شماري 00، 47 هئي
مارشلا جي هيٺ آندو ويو.
جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه لاءِ گول ڏنگيون استعمال ڪيون
ويون هجن ۽ انهن کان وڌيڪ ڪا معومات ڏنگين ۾ ڏيڻي
هجي، جيڪا جدا گانه، مطلب رکندڙ هجي ته انهن کي
برڪيٽ ۾ رکيو وڃي.
سڄو
شهر (جنهن جي 1940ع ۾ [ڏسو مردم شماري پاڪستان
1948ع] مردم شماري 000، 47 هئي) مارشلا هيٺ آندو
ويو.
ڏنگيون ڊرامن ۾ سمجهاڻي لاءِ استعمال ڪيون وينديون
آهن.
برڪيٽ [ ]
Brackets
عام
طور تي هيءَ نشاني استعمال نه ڪئي ويندي آهي پر
جڏهن ڏنگين ليڪن جي استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڪن لفظن
کي خاصيت جي ڪري الگ ڏيکارڻو هجي ته انهن کي ڏنگين
جي بدران برڪيٽ ۾ رکيو وڃي.
جيڪڏهن ڪنهن لکيت ۾ اديب جي لکيت کانسواءِ ايڊيٽر
يا رپورٽر پنهنجي طرف کان لکڻ چاهي ته انهيءَ کي
به برڪيٽ ۾ رکي سگهجي ٿو.
مثال:
”انگريزي زبان ۾ پ
(p)،
ٽ
(t)
۽
(k)
جا آواز ڪن حالتن ۾ وسرگ ٿي پوندا آهن؛ يعني اهي
[ڦ] [ٺ] ۽ [ک] ٿي پوندا آهن.
جڏهن تحقيق ڪندڙ ڪنهن حوالي يا حوالي ۾ ڏنل لفظن
يا اکرن ۽ جملي بابت وڌيڪ سمجهاڻي ڏيڻ چاهيندو آهي
تڏهن اهي لفظ برڪيٽ ۾ لکيا ويندا آهن.
جيڪڏهن هيءَ نشاني ٽائيپ رائٽر ۾ نه هجي ته پوءِ
ڪاري مس سان ڏني وڃي.
ڏنگين اڳيان ۽ پٺيان ليڪ - ( ) -
هن
جو مقصد ڏنگين ۾ ڏنل لفظن کي وڌيڪ زوردار يا
احتياط وارو ظاهر ڪرڻ هوندو آهي.
نسبتي ليڪ Brace or Vincular
Brace
معنيٰ آهي گڏ رکڻ
(together)
يا گڏڪڍڻ
(Draw
together)
۽
Vinculum
معنيٰ ٻڌل رکڻ
(abond)
جڏهن ڪنهن به ٻن، ٽن يا وڌيڪ لفظن يا اکرن جي نسبت
ڪنهن هڪ سان ڏيکارڻي هوندي آهي ته اهڙن لفظن کي
نسبت رکندڙ لفظن جي سامهون رکڻ کانپوءِ وچ ۾ هي
نشاني ڏني ويندي آهي.
Bad
Good
هي انگريزي اکر آهي
Evil
VIRGULE OR
OBLIQUE
هي
نشاني اصل ۾ فرينچ زبان جي لکيت جي آهي؛ هن نشاني
جي معنيٰ آهي: ننڍو رستو. هي نشاني جدا ڪندڙ يا
صاف ڪري ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. هي
نشاني انگريزي لفظن جي مخفف هجڻ کي ظاهر ڪندي آهي.
جيئن:
W/o,
s/o, c/o
مثال:
انگريزي زبان ۾ [ڦ]؛ [ن]، ۽ [ک] آواز موجود آهن
جهڙوڪ /ڦل/،
(Pule)،
/ٺل/
(Tills)،
۽ /کٽ/
(kit)،
لفظن مان ظاهر آهي.
/غير/۽/غير/ ۾ هڪ صوتي جا ٻه آواز آهن.
ليڪون------
DASHES
هڪ
کان وڌيڪ ليڪون انهيءَ لاءِ ڏنيون وينديون آهن.
جتي ڪي لفظ يا فقرا يا ڪي جملا ڇڏيا ويندا آهن.
اهڙن ڇڏيل لفظن ۽ فقرن يا جملن جي نشاندهي هڪ کان
وڌيڪ ليڪن جي مدد سان ڪئي وڃي ٿي.
ٻوڙيون
DOTS
هڪ
کان وڌيڪ ٻوڙيون تڏهن ڏنيون وينديون آهن جڏهن ڪنهن
حوالي يا لکيت ۾ ڪي لفظ يا ڪي جملا ضروري نه سمجهي
ڇڏيا ويندا آهن ۽ انهن جي نشاندهي لاءِ ٻوڙيون
ڏنيون وينديون آهن ته جيئن پڙهندڙ کي معلوم ٿئي ته
انهيءَ ٻوڙين واري جاءِ تي ڪجهه مواد ڇڏيل آهي
جيڪو ليکڪ ضروري نه سمجهي ڇڏي ڏنو آهي.
افسانوي ادب ۾ ڪي جملا يا لفظ مصنف ضروري نه سمجهي
يا انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ خود اهي لفظ سمجهي
ويندو، ڪجهه ٻوڙيون وچ ۾ يا آخر ۾ ڏئي ڇڏيندو آهي
يا اهڙا لفظ جيڪي هو لکڻ مناسب نه سمجهندو آهي تن
لاءِ ٻوڙيون ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ پڙهندڙ اهي ٻوڙيون
ڏسي خود سمجهي ويندو آهي ته مصنف ڪهڙا لفظ چوڻ
چاهي ٿو جيڪي ورجائڻ نٿو چاهي.
اهڙي طرح ٽي (...) ٻوڙيون اکرن جي کوٽ ڏيکارينديون
آهن ۽ ڇهه ٻوڙيون (......) جملي جي کوٽ
ڏيکارينديون آهن ۽ ڇهن کان مٿي ٻوڙيون ڏيڻ جو مقصد
هوندو آهي ته پوري پئرا کٽل آهي.
ٻوڙين جي ليڪ
LEADERS
ٻوڙين جي پوري ليڪ اڳين ۽ پوين لفظن جو تعلق ظاهر
ڪن ٿيون.
هن
قسم جون ٻوڙيون مضمونن جي فهرستن
(Content)
يا ڏسڻي
(Index)
۾ عام طور ڪم اينديون آهن.
باب
پهريون..............................................
1 کان 25
باب
ٻيو.................................................
26 کان 50
سنها
اکر
ITALIES
هي
طريقو انگريزي لکيت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن
اکرن ۾ لکڻ جو به مقصد لفظن يا اکرن جي اهميت کي
ظاهر ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن ٻي لکيت کان جدا نظر
اچن. سنڌي لکيت ۾ هن نشاني جي بدلي اکرن هيٺان ليڪ
ڏني ويندي يا انهن اکرن جي ليڪ ڏئي نشاندهي ڪئي
وڃي ٿي.
بيهڪ جي نشانين جو مقصد هوندو آهي لفظن، فقرن ۽
جملي جي معنيٰ جو صحيح مفهوم پڙهندڙن تائين پهچائڻ
اهڙي طرح هر هڪ نشاني کي ڪا هڪ خاص معنيٰ آهي جيڪا
هوءَ جملي ۾ ادا ڪري ٿي. پر جيڪڏهن لکندڙ پنهنجي
خيالن جو مڪمل ۽ صحيح نموني مفهوم سمجهائڻ ۾
ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ سندس لکيت مان ڪوبه فائدو
نه ٿيندو تنهنڪري اهو ضروري آهي ته بيهڪ جون
نشانيون صحيح نموني ۾ ادا ڪيون وڃن ته جيئن لکندڙ
پنهنجو صحيح مقصد پڙهندڙن کي پهچائي ۽ پنهنجي جذبن
۽ احساسن ۾ پڙهندڙن کي شامل ڪري سگهي، جيڪو سندس
اولين مقصد هوندو آهي ۽ بنا بيهڪ جي نشانين جي
لکيت منجهيل ۽ بي مقصد ٿي سگهي ٿي.
تاري واري نشاني (*)
ASTERISKS
هي
لفظ اصل گريڪ زبان جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو
تارو. هي نشاني پهرئين ته انهيءَ جاءِ تي ڪم ايندي
آهي جتي هن وقت ٻوڙي
(Dot)
ڏني وڃي ٿي يا جتي ڪجهه لفظ يا اکرن يا جملن کي
ڇڏي ڏبو آهي، اتي اهي نشانيون هڪ کان وڌيڪ ڏنيون
وينديون هيون. ابتدا ۾ اهڙي نشاني پوري دم ۽
پئراگراف جي پوري ٿيڻ تي ڏني ويندي هئي يا ڪنهن
لفظ يا اکر جي اصلاح بابت نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڏني
ويندي هئي جنهن بابت وڌيڪ حاشي ۾ لکيو ويندو هو
يعني موجوده فٽ نوٽ لاءِ جيڪا نشاني ڏني وڃي ٿي.
مثال:
گهڻو
وقت بيمار رهڻ کان پوءِ شهنشاه گذاري
ويو دفنائڻ جي رسم ادا
ڪرڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون ٻين کي سنڀالڻ لاءِ
ڏنيون ويون.
موجوده ادبي تحقيق ۾ هي نشاني حاشي ۾ ڏنل مواد جي
لاءِ ڪم ايندي آهي.
مددگار نشانيون
ALLIES
AND ACCESSORIES
انگريزي ۾ جملي جو پهريون اکر يا نالي جو پهريون
اکر وڏن اکرن ۾ لکيو ويندو آهي، جنهن جو رواج سنڌي
لکيت ۾ نه آهي. سنڌي لکيت ۾ ٿلها اکر اهڙن لفظن جي
لاءِ ڏنا ويندا آهن جن جي اهميت ظاهر ڪرڻي هوندي
آهي جيئن ڪنهن مصنف يا ڪتاب جو نالو جيڪڏهن لکيت ۾
اچي ٿو ته انهيءَ ظاهر ڪرڻ لاءِ اکر ٿلها لکيا
ويندا آهن يا انهن اکرن جي هيٺان ليڪ ڏئي انهن
اکرن کي ظاهر ڪيو ويندو آهي.
حوالا
(1)
جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان.
حيدرآباد، احمد نبي بخش شيخ: 1968ع ص - 9
(2)
Edgar
H. Sturtevent. An Introduction to Linguistic
Science.
New Haven! Yale University Press, 1947- P-2.
(3)
جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان. ص
- 29
(4)
ايضاً.
(5)
ايضاً.
(6)
R. H.
Robins. General Linguistic- London: Longmans:
1964, P- 151
(7)
جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان. ص
- 91
(8)
The
New Encyclopeadia Britinica, Macropaedia,
William Benton 73-1974, Vol 15- P. 274
(9)
Eric
Partidge & John W. Clerk. You have a point there
. London:
The English Language Book Society- 1963. P.1
(10)
Robert
Brittain. Punctuation.
New York:
Barne’s & Noble,
Inc. 1957- PP 123, 124
باب
تيرهون
مواد
جو ابتدائي جائزو
تحقيق لاءِ گڏ ڪيل مواد جو پهريائين ابتدائي جائزو
ورتو وڃي ۽ پوءِ جڏهن يقين ٿي وڃي ته مواد ۽ ان جو
جائزو صحيح رخ تي آهي، تڏهن انهيءَ کي آخرين تياري
لاءِ صحيح سمجهيو وڃي.
ابتدائي جائزي وقت هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
1-
مواد بابت مڪمل معلومات هئڻ گهرجي.
2-
پيش ٿيل مواد ۾ ماضي جي تحقيق جو جائزو هئڻ گهرجي.
3-
مواد تي ڪنهن ٻي تحقيق جو اثر قبول ڪيل نه هجي.
4-
مواد جي ترتيب تحقيق جي اصولن تي هئڻ گهرجي.
مواد
بابت مڪمل ڄاڻ
تحقيق ڪندڙ کي مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ اهو ڏسڻ گهرجي
ته گڏ ڪيل مواد بابت هن کي معلومات مڪمل ٿي سگهي
آهي يا نه. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن مواد بابت مڪمل
معلومات ملڻ مشڪل ڪم هوندو آهي جيڪو تحقيق ڪندڙ
لاءِ لازمي هوندو آهي.تنهنڪري تحقيق ڪندڙ لاءِ اهو
ضروري هوندو آهي ته هي تحقيق ڪندي مسئلي جي هر
پهلوءَ کي سمجهي ۽ انهيءَ جي جائزي کي پيش ڪرڻ يا
تجزئي ڪرڻ لاءِ مواد بابت معلومات حاصل ڪري ته
جيئن تجزئي ڪندي ڪنهن پهلوءَ کي نظرانداز نه ڪري
وڃي يا مسئلي جو تجزيو سٺي نموني پيش نه ڪري سگهي.
ٻيو جيئن ته تحقيق ڪندڙ هرڪنهن ڳالهه جو ماهر نه
هوندو آهي تنهنڪري جتي هن کي ڪنهن ماهر جي مدد جي
ضرورت هجي اتي انهيءَ کان مدد وٺي. سمجهو ته ڪا
معلومات لسانيات سان واسطو رکي ٿي ته معلومات
لسانيات جي ماهر کان ورتي وڃي.
اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ کي مسئلي جي حل بابت جيڪا
معلومات دستاويزن ۽ روايتن سان نٿي ملي سگهي، اها
ملي سگهندي ۽ مسئلي جو حل ۽ تحقيق جو جائزو صحيح
رخ اختيار ڪري سگهندو.
مواد جي ابتدائي جائزي ۾ اهو به ڏٺو وڃي ته ٻين
انهيءَ موضوع تي ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي، انهيءَ جو
جائزو ڪهڙي انداز سان ورتو آهي، ڪهڙو نتيجو ڪڍيو
آهي، اهو طريقو هن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو يا نه، ۽
اهڙي مواد مان جيڪڏهن شهادتون ورتيون وڃن ته اهي
هن جي تحقيق لاءِ ڪيتري قدر مفيد ثابت ٿي سگهين
ٿيون. انهيءَ لاءِ مثال هي ٿي سگهجي ٿي سگهي ٿو ته
ڪورٽ ۾ وڪيل پنهنجي ڪيس جي ثابتن لاءِ هميشہ گذريل
ڪورٽ جا ڏنل فيصلا هٿ ڪري ۽ انهن کي حوالي طور
ڏيندا آهن ته جيئن انهن مثالن جي مدد سان پنهنجي
راءِ کي اهميت ڏياري سگهن يا پنهنجي راءِ کي صحيح
ثابت ڪري سگهن. اهڙا حوالا ڪنهن مسئلي جي ثابتن
لاءِ وڏي اهمت رکندا آهن. اهي حوالا جيئن وڏين
ڪورٽن جا هوندا آهن تيئن وڌيڪ اهميت وارا هوندا
آهن. ساڳي طرح تحقيق ۾ به جيئن ڪنهن وڌيڪ ڄاڻو
اديب جو حوالو هوندو تيئن مسئلي جي نتيجي جي اهميت
وڌيڪ ٿيندي آهي. انهيءَ کان سواءِ تحقيق دوران اهو
به ڏٺو وڃي ته ٻين انهيءَ مسئلي تي ڪهڙي تحقيق ڪئي
آهي ۽ انهيءَ کان اڳتي پنهنجي تحقيق جو ڪم شروع
ڪري. انهيءَ ڪري ڪنهن موضوع تي نئين تحقيق لاءِ
گذريل تحقيق بابت علمي ڄاڻ ضروري هوندي آهي ته
جيئن تحقيق کي وڌيڪ ڪامياب بنائي، ڪا صحيح راءِ
قائم ڪري سگهجي، جيڪا اڳي کان وڌيڪ مفيد ثابت ٿي
سگهي.
مواد
۾ ماضي جي تحقيق جو جائزو هئڻ گهرجي
موجوده وقت ادبي تحقيق ايتري آسان ٿي وئي آهي
جيتري هن کان اڳي گھٽ ۽ مشڪل هوندي هئي. ماضي ۾
اهو مشڪل هوندو هو ته تحقيق ۾ ماضي جي تحقيقن جو
اثر ظاهر ڪري سگھجي ڇو ته ماضي ۾ ٿيل تحقيق جو ملڻ
مشڪل هوندو هو. پر موجوده دور ۾ ماضي جي هر تحقيق
ملي سگھي ٿي، جنهن ڪري هر تحقيق لاءِ ماضي جي
تحقيق مان مدد وٺي سگھجي ٿي.
جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ ماضي جي تحقيق کي نطر انداز ڪيو
۽ بي پرواهه رهيو ته تحقيق جو صحيح حق ادا ڪري نه
سگھندو. تنهن ڪري هر تحقيق لاءِ ماضي جي تحقيقن جو
جائزو ضروري هوندو آهي ته جيئن نه رڳو انهن تحقيقن
مان مدد ورتي وڃي پر اهو به ڏٺو وڃي ته ساڳي موضوع
تي تحقيق ته نه ڪري رهيو آهي جنهن ڪري ساڳيو ماضي
جي تحقيقن وارو نتيجو نڪري اچي، جيڪو اڳي نڪتل
آهي.
گڏ
ڪيل مواد مان غير ضروري مواد ڪڍڻ
غير
ضروري مواد ڏيڻ کان پاسو ڪجي:
انهيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته
مقرر ڪيل عنوان ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جيڪو ضروري
سمجھي تنهن کي فقط هڪ دفعو استعمال ڪري پر وري وري
استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، ۽ اهو مواد جيڪو مسئلي
جي حل سان سڌي طرح واسطو رکي ٿو انهيءَ کي ڏي باقي
کي ڪڍي ڇڏي، پر جي انهيءَ کي ضروري سمجھي ته حاشي
۾ ڏئي ڇڏي.
غير
ضروري مسئلو يا مسئلي جو پهلو:
ڪنهن مسئلي جي چونڊڻ وقت يا تحقيق ڪرڻ کان اڳي
مسئلي ۾ ڪنهن قسم جي طرفداري نه ڪرڻ گهرجي. تحقيق
ڪرڻ کان اڳي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي يا اهو يقين هئڻ
گهرجي ته چونڊيل مسئو يا انهيءَ جو ڪوبه پهلو اڳي
تحقيق هيٺ آيل ته نه آهي؟ انهي ڇندڇاڻ لاءِ اهڙن
سڀني ڪتابن جي جانچ ڪرڻي پوندي آهي جيڪي انهيءَ
مسئلي سان واسطو رکندڙ هوندا آهن يا اڳي تحقيق ٿيل
هوندا آهن. جيڪڏهن انهيءَ ابتدائي قدم کي نظرانداز
ڪيو ويو ته ائين ٿي سگھي ٿو ته چونڊيل مسئلي تي
اڳي وڌيڪ سٺي تحقيق ٿي چڪي هجي ۽ تحقيق ڪندڙ جي
مسئلي جي اهميت ئي نه رهي.
مواد
تي ڪنهن ٻئي تحقيق جو اثر نه هئڻ گهرجي
ڪنهن به تحقيق جي رٿا ڪنهن ماضي جي تحقيق جي اثر
هيٺ تيار نه ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته
ماضي جي تحقيقن پڙهڻ کان اڳي پنهنجي رٿا کي مڪمل
ڪيو وڃي. هن مان شاگرد هميشه غلط مطلب سمجھندا آهن
ته واسطو رکندر تحقيق جي اڀياس کان اڳي پنهنجي
تحقيق جي رٿا تيار ڪئي وڃي. انهيءَ جو مقصد آهي ته
ڪنهن تحقيق جو اثر قبول ڪرڻ کان اڳي پنهنجي تحقيق
جي رٿا تيار ڪئي وڃي، ته جيئن ڪنهن ٻئي تحقيق جو
اثر توهان جي تحقيق تي نظر نه اچي يا توهان جي
تحقيق جي شخصي راين ۽ خيالن تي ٻين جي تحقيق جو
رنگ نظر نه اچي يا ٻين تحقيقن کي قبول ڪري پنهنجي
تحقيق کي اڳتي وڌائي نه سگھجي- ڇو ته هر نئين
تحقيق لاءِ نون خيالن ۽ راين جي ضرورت هوندي آهي.
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪي ٻه شاگرد هڪ ئي
مسئلي تي بيخبري ۾ تحقيق ڪندا آهن ۽ آخر ۾ ٻئي
شاگرد نتيجو به ساڳيو ڪڍندا آهن. ڪڏهن شاگرد
انهيءَ ڪري به نااميد ٿي پوندا آهن ته ساڳي مسئلي
تي اڳي تحقيق ٿيل آهي. پر ائين نه سمجھڻ گهرجي ڇو
ته هر مسئلي جي تحقيق ۾ سڀ پهلو تحقيق هيٺ آيل نه
هوندا آهن ڪو نه ڪو پهلو رهيل هوندو آهي جنهن تي
تحقيق ڪرڻ ضروري هوندي آهي. يا انهيءَ مسئلي تي
نئين حالتن ۽ سببن ڪري وري تحقيق ڪرڻ ضروري هوندي
آهي يا وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ضروري هوندي آهي. تنهن ڪري
مسئلي جي رٿا تيار ڪرڻ کان اڳي انهيءَ موضوع تي
ٿيل تحقيق جو مڪمل مطالعو ڪرڻ گهرجي ته جيئن نئين
تحقيق صحيح رخ اختيار ڪري، تحقيق ڪندڙ مونجهاري ۾
نه پوي.
مواد
جي تحقيق، تحقيق جي اصولن تي ڪئي وڃي
هر
ڪنهن مسئلي جي تحقيق لاءِ ضروري هوندو آهي ته
تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ مواد جي ترتيب جي پوري ڄاڻ
هئڻ گهرجي ته ڪهڙو مواد ڪٿي ۽ ڪيئن گهربل آهي،
جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ انهيءَ ڄاڻ کان واقف نه هوندو
ته هڪ ته ترتيب ڏيڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺندو، ٻيو ترتيب
صحيح نه ڏئي سگھندو. تنهن ڪري تحقيق ڪرڻ کان اڳ
تحقيقي اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪجي ته جيئن تحقيق ڪرڻ
وقت مواد جي ترتيب صحيح رستي تي ڪري سگھجي.
مٿين ڇنڊڇاڻ کان پوءِ مواد کي هيٺين ڳالهين تي
پرکيو وڃي.
1-
جيڪي شهادتون مليون آهن سي مسئلي کي مڪمل طور حل
ڪن ٿيون، يا انهيءَ لاءِ وڌيڪ شهادتن جي ڳولا جي
ضرورت ته نه آهي.
2-
جيڪي خيال پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي اصول ڏنا ويا
آهن، جيڪي سمجھاڻيون ڏنيون ويون آهن يا جيڪي
انومان ڪڍي ويا آهن اهي مسئلي جي حل لاءِ ڪارگر
آهن؟
3-
ٻڌايل تحقيق جا اصول مسئلي جي حل لاءِ صحيح آهن؟
4-
گڏ ڪيل يا ڀيٽيل معلومات مسئلي جي نتيجي لاءِ
ڪارگر آهي؟
5-
تحقيق ڪندڙ جي پنهنجي عام لياقت جو حصو انهيءِ ۾
آهي؟
مٿين ڳالهين تي مواد کي پرکڻ کان پوءِ آخرين تياري
لاءِ مواد کي صحيح سمجھيو وڃي. |